سيڪشن: شاعري

ڪتاب: گل جو ڪلام

باب:

صفحو:4 

آڙاهه اُجهائين ته به چڱو

 

باهه ٻاري وئين بدن تي، وري وِسائين ته به چڱو.

هيءَ عشق جو آڙاهه، عاشق تان اُجهائين ته به چڱو.

 

تنهنجي لٽڪي جا لونهان، لونءَ لونءَ اندر ويئڙا لڳي،

پرت جي پاڻي سندا ڇنڊڙا ڇندائين ته به چڱو.

 

مرض محبت جو ڏيئي وئين جيء مٿي جانب ججهو،

ان درد جي دلبر دوا، پريم پڇائين ته به چڱو.

 

منهن سٽي وئين يار مون کان، خيال پنهنجا سڀ کڻي،

هن ويچاري کي ونهيان، ڪامل ڪڇائين ته به چڱو.

 

حجت منهنجي هوت توسان، ڪين ٿي هرگز هلي،

گل“ گهرائي ٻيلهه ٻانهون، گڏ گهمائين ته به چڱو.

 

محبوبي وصف

 

ڇو چَڪَن ٿين ٿا، ڇا ڏسي، چؤ وصف  تو ڪهڙي وڻي،

سا سڻائي سڀ سچي، جا تو منجهان دلبر ڌُڻي.

 

ڪامل قدم کنيو ڪوڏ مان، ڏاڍي لاڏ مان لٽڪو ڪري،

تنهن جي ٽنڊ ٽمڻ ٽور ٽمڪي، خاص خادم  ڪيو کڻي.

 

پير پرين جا ڏسي، هوش حورن جا ويا،

بي صبر ٿيون بهشت ۾، سي ڇت مٿان پيئڙيون ڇڻي.

 

منهن پسي محبوب جو، سورج سڙي سارو ويو،

ٿيو لڄي لالن اڳيان ڇپيو ڇمر ۾ ڇان هڻي.

 

کسيو عقل کنوڻين سندو، هڪدم حبيبن کي ڏسي،

وڄڙين وسڻ وسري ويو، ڪا ”گل“ لڳي تن کي گهڻي.

حيران ٿي پيس

 

سڄڻ سهڻا تنهنجي صورت ڏسي حيران ٿي پيس،

تنهنجي تابع ڪيس تجلي تڏهن تعبان ٿي پيس.

 

مون کي محب تو مرڪي،سڄڻ پياري صحبت سرڪي،

چکڻ سان تنهن چٽڪي جي، مٺا! مستان ٿي پيس.

 

نهاري نيڻ کڻي نازڪ، هڻين وئين  هينئڙو منهنجو حاذق،

نگهه سان يار نيڻن جي،ڪُسي قربان ٿي پيس.

 

مان سڄڻ آهيان تنهنجي گهوري، جانب جيء تي اٿم جهوري،

جهڄڻ منجهه تنهن جهوري جي، بيحد بيران ٿي پيس.

 

عمر ساري ويئي گذري ”گل“، ترس توکي نه پيو هڪ تل،

سبب ارمان انهيء جي، ونهيان ويران ٿي پيس.

محبوبي لقاء

 

محبوبن جو منهڙو، مون ڏوري ڏٺو آهه،

مثل چنڊ چوڏهين جي، چوڏس چٽو آهه.

 

اکيون کڻيو آهو، سڃي بيٺو ساهو،

پري کان پرين جي ڪٽورين ڪٺو آهه.

 

سامهان سيل سين، پڇيا ناز نيڻن،

چشم چوٽ چاڙهي مونکي مرگهن مُٺو آهه.

 

حبيبن جي هوري، وڌو جيءُ جهوري،

ايڏو سور سرتيون، مون سِر تي سٺو آهه.

 

سدا ”گل“ چئي سڪ ۾، منهن لالن جو لڪ ۾،

پڇي ڏٺم پاڙو، ته ملڻو مٺو آهه.

عجيبن جي آمد

 

عجيبن جي اکڙين اُچائي ڇڏيو آهه،

تنهن جي ناز نيڻن، نچائي ڇڏيو آهه.

 

تنهن نرمل نهاري، ڪيو ٻانهون ٻهاري،

مون کي محب ماري، مڃائي ڇڏيو آهه،

 

اکين جي، اشاري ڇڏي جان ڳاري،

مٺي مچ ٻاري، مچائي ڇڏيو آهه.

 

اڄ قربئون ڪٽاري، ٿي ارڏي اُلاري،

ڏيئي پوءِ بهاري، بچائي ڇڏيو آهه.

 

سدا ”گل“ جي صحبت، مٺي ساڻ محبت،

تنهن جي راهه رغبت،  رچائي ڇڏيو آهه.

انگ اڙيل

 

عجيبن سان اديون، اڙيو انگ آهي،

زوراور جي زلفن وڌو ونگ آهي.

 

منهنجو محب ملڻو، آهي خاصو ٻيو کلڻو،

چڱي ٽور، ٽلڻو عجب رنگ آهي.

 

منهنجو يار جاني، جنهن جو ڪو ناهي ثاني،

آئون ته تنهنجي ٻانهي، لڳو انگ  آهي.

 

اندر قلب ڪاڍو، وڍي جيئن واڍو،

لڳو مون کي ڏاڍو، ڏکيو ڏنگ آهي.

 

سدا ”گل“ کي سرندو، مدينھ ۾ مَرندو،

واريو ڪين ورندو، چڙهيو چنگ آهي.

توکي ساريان

 

توکي ساريان سپرين، پهر پل، پل ۾،

ڪڏهن مان کي ملندين ڏيئي ڳل، ڳل ۾.

 

جدائي ۾ جاني ٿيس يار فاني،

جگر جان جيرو جلي جل، جل ۾.

 

وڇوڙي ۾ ويئي منهنجي مَت سَڀيئي،

عقل هوش ساري، ويو هل، هل ۾،

 

لڳيم تات تاري ويم سمجهه ساري،

مثل مست مجني، آهيان چل، چل ۾.

 

سدا ”گل“ کان سهڻا، مٺا محب مهڻا،

ٿي کنڊ- کير جاني، ويهه کل کل ۾.

وڇو ڙو

 

سوال  منهنجو تون سڻي، وائي وهڻ وارين نٿو!

سمجهي سڻي تون اي سياڻا، پرت ڇو پارين نٿو!

 

ڇو  نٿو ويجهو وهين، اوڏو  اچي مون سان عجيب

ڏيئي گوڏي ساڻ گوڏو، ڪا گهڙي گهارين نٿو!

 

عقل توکي ايترو، آگي ڏنون آهي عجيب،

پيو بنائين پاڻ ڀورو، ڏاهپ ڏيکارين نٿو!

 

مل اچي مون ساڻ مٺڙا، ڇو ٿو ڪرين هيڏو حجاب،

لب لبن سان يار لائي، چپڙا سڄڻ چورين نٿو!

 

آئون سڏ ڪريان توکي سوين، تون ٿو نٽائين ناز سان

حال مون سان تون هلي ڇو، اندر جو اورين نٿو!

 

محبوب منهڙو ڪيئن ڏسان، ٿون گهمين گونگهٽ ڪريو،

پانڌ پاسيرو ڪري، ڇو سينڌ سينگارين نٿو!

 

اي ڪڪوريل ڪجل ڪارا، نرگس کڻي مون ڏي نهار،

غم سدا ”گل“ تان سڀئي ٽهڪ ڏيئي ٽارين نٿو!

 نهار يندين ڇاٿيند ءِ؟

 

کڻي اکيون اهي ارڏيون، اڙائيندين ته ڇا ٿيندو؟

ڪري لائق لياقت سان، لڙائيندين ته ڇا ٿيندو؟

 

نرم دل سان نهاري تون، کڻي اي ناز سان نوري،

ڪري ڪو منهن تون مون ڏي، موڙائيندين ته ڇا ٿيندو؟

 

مٺا اي ماڻڪيون تنهنجون جائي، مزي واريون اٿئي منهن ۾

جهلي مون ڏي جهجهيون جاني، جڙائيندين ته ڇا ٿيندو ؟

 

سبق سڪ جو سڪايل کي، وهي وارث ورق واري،

پرت وارو پنون پيارا، پڙهائيندين ته ڇا ٿيندءِ؟

 

تنهنجي دل ۾ جيڪي دلبر، آهين ڪــــــي ڳالهيون ڳهڻا،

اڀي ســــــامهون سدا ”گل“ کي، سڻائينديــــــن ته ڇــــــا ٿيندءِ؟

 

سڪائي ڇڏءِ

 

ڪري سينڌ سرمون، سڪائي ڇڏيو اٿئي،

مٺا محب منهڙو لڪائي ڇڏيو اٿئي.

 

پاءِ سون سريون، ڪري زيب زريون،

پوءِ ڏيئي دوست دريون ڌڪائي ڇڏيو اٿئي.

 

تو سهڻا سينگاري، ونگا وار واري،

پوءِ ڏورئون ڏيکاري، ڏڪائي ڇڏيو اٿئي.

 

واسينگ وار ويڙهي، کٽڻهار کيڙي،

منهنجي دل کي ڇيڙي، ڇڪائي ڇڏيو اٿئي.

 

سدا ”گل“ تي ساڄن، ڪندو رحــــــم رانجهن،

ڪمن مون  کي ڪو جهن، لڪائي ڇڏيو آهه.

 

سوال نه سڻڻ

 

منهنجا سوال سهڻان سڻي ڇو نٿو؟

مٿي پنهنجو منهڙو کڻي ڇو نٿو؟

 

ڪريو ڪنڌ قابل هلين هيٺ ٿو،

چڱي پائي چادر ڪرين چيٺ ٿو،

نه تون منٿ منهنجي مڃين ميٺ ٿو،

ڏيکارين تون اک جي اڻي ڇو نٿو .

 

اٿئي ڪهڙي ڪاوڙ قريبن مٿي،

غصي جو گفتو غريبن مٿي،

اهڙا حرف رکجن حريفن مٿي،

چرئين جا تون چٽڪا چڻي ڇو نٿو؟

 

اکيون ساڻ اکين اڙائي اچي،

ليو پائي لائق لڙائي اچي،

ڪري ويس وڳڙا وڻائي اچي،

بدن کي بڻائي بڻي ڇو نٿو؟

 

سدا ”گل“ کي سامهون تون سينگار سان،

اڀي يار جاني تون جنسار سان،

سڌا سيف سيني ۾، سٽڪار سان،

هينئين ۾ تون هر هر هڻي ڇو نٿو.

 

تنهنجو حسن

 

حسن تنهنجي حاڪم هلائي ڇڏيو آهه،

تنهنجي روپ راڻا رُلائي ڇڏيو آهه.

 

عشق ۾ اوهان جي رڳا سور سَهڻا،

سورن منهنجو سينون، سلائي ڇڏيو آهه.

 

نه مون رات ڏينهان ڪو آرام آهي،

اکين کي اوجاڳي، اُلائي ڇڏيو آهه.

 

نڪو عيش عشرت، مزو ماڻيو مون،

آڙاهه عشق جو آگ، لائي ڇڏيو آهه.

 

سدا ”گل“ جــــــو ســــــارو، بــــــدن بــــــرهه وارو،

تُنهن جي جوش جاني، جلائي ڇــــــڏيــــــو آهه،

پرور پناهه ڏيندو

 

پرين توکي پرور پناهه پاڻ ڏيندو،

رقيبن کي روڪي ڏکي ڏاڻ ڏيندو.

 

حفاظت ۾ هادي، توکي رحمان رکندو،

امانت سلامت صبوح ساڻ ڏيندو.

 

جيڪي ڪندا گهُوري ناحق نسوري،

سائين تنهن کي سوري وڍي واڻ ڏيندو.

 

وڏو تُنهنجو وارث، آهي واحد وسيلو،

نه ڪر هوت هيلو، امن آڻ ڏيندو.

 

سدا ”گل“ سوالي، ڪندو ڇا ڪمالي،

باري بــــــي مثالي، ڀري ڀــــــاڻ ڏيندو.

 

 مالڪ مهربان آهي

 

مٺا توتي مالڪ مهر بان آهي،

رب توتي راضي سو رحمان آهي.

 

پرت پڙهڻ سان، پڙهي تون پارج،

وعدو وفا جو تو وهي وسارج،

ڪرم تنهنجو ڪامل، هي قرآن آهي.

 

ويري تنهنجا واحد والي وڃايا،

رولي رڻن ۾ تنهن ماري مڃايا،

ڏس قادر ڪنن کي، هنيو ڪان آهي.

 

لکيو تنهنجو لالن الله ڪهڙو آگي،

خبر آ خدا کي، ڪا ڪل ناهي ڪانگي،

مشڪل تنهنجو مولا، ڪيو آسان آهي.

 

ساريان سدا ”گل“ ستار صاحب،

نبي تنهنجا سڀئي نوري ۽ نائب،

سختيءَ ۾، ساڻي سو سجان آهي.

 

گل  مارئي جي ويس ۾

سر مارئي

 

الله شال مارن جو منهڙو ڏيکاري،

هيء ماندي مري ٿي، سنگهارن کي ساري.

 

ڪڍ تون قيدياڻي، جهٽ پٽ جهانگياڻي،

نه ساعت سهي ٿي، هيءَ صبر سانگياڻي.

عمر اباڻي وڃان شل، پت پنهنجي پاري.

 

وطن وڃڻ لئي، مارن ملڻ لئي.

نيڻ نهارو ڪن، ڏوٿين ڏسڻ لئي،

پرين پسڻ لئي، ٿي پلپل پو ڪاري.

 

دم دم دراڙيون، سونهن سنگهاريون،

گجريون گهٽين ۾، اهو لڏڻيون لوياريون.

منهنجيون موچاريون، ويو دلڙي ڌتاري.

 

هو سرتيون سکن ۾ کير کٽن ۾،

ويٺيون ولوڙن پريون  پکن ۾،

ڪٺڙي قيدن ۾، هي ”گل“ ٿي گذاري.

 

 کٿيرين جي کٿي

 

کٿيرين جي کٿي خاصي، لڱن تان ڪين لاهينديس،

اٿم اوڍي جا انگ تي، سا لاشي سان لٽائينديس.

 

ڪٿي جا ڪالهه مون ڪئي، ويڙهيچن جي وچ وهي،

ويندي سانيٺ ڏهيون ڏيئي، نه وطن جو ويس وڃائينديس.

 

رسم ريشم سندي راجا، ناهي پاڙي پنوهارن جي،

ڪري آئون آئون ريت راڻين جي،  نه لوئي کي لڄا ئينديس.

 

لڳي لهري تي لاهيان لاکي، ته ٿيا ڀا ڳين ۾ بيساکي،

پسي ان جي پٽي پانکين نه ڀورا خود ڀلائيندس.

 

ڏسي ”گل“ چئي هي گل ڪاريون، تنهنجا فيشن هي ڦل ڪاريون.

حويليون هنڌ هٻڪاريون، هرکي هي نه هنڊائينديس.

 

رب راضي ٿيو مٿي ماروئن

 

راضي ٿيڙو رب رحمان، مارن تي ڪيا مينهن مانداڻا.

 

قادر ڪڪر مُڪا اڄ ڪارا ڪرماً پنهنجي قدرت وارا،

ساري ساڙيهه تي سبحان، وڄون وسايون پرور پاڻا.

 

رم جهم ريجن ريلون ڇيلون، ٻاٻاڻن تي ٻيلون ٽيلون،

بوند بهاريون ڪيون بُرهان، ڏيهه وسي پئا سڀ ڏاڏاڻا.

 

بادل پرسي، بر ٿر ڀريا، ويڙهيچن جا وارا وريا.

ان تي آگي ڪيا احسان ملڪان ملڪ ٿيا مانڌاڻا.

 

سر ها ٿيا سدا ”گل“ سانگي جهر جهنگ جام گهمن ٿا جهانگي،

مولى ٿيڙو مهربان سو سو رنگن ساڻ ساماڻا.

 

سارنگ جا سينگار

 

سارنگ سئو سئو ڪيا سينگار، ساوا سبزا، سر سر ۾.

 

مولي ڪيا مينهن ملهاريون وسي ڀريا ويء ولهاريون،

سائين سانوڻ ڪيا سڪار، ويڙهه وطن جي ور ور ۾.

 

ڇڇر ڇنن ۾ ڪئي ڇانڇر، ويڙهيچن تي وٺڙي واڇر،

ڪنڍيون ڪڏيو ڪن ڪُڏ ڪار ڪڪيون ڪاريون ڪرڪر ۾.

 

بادل ڪيئون بوندون بهاريون ڪڪر ڏسيو ڪن ڪوڏ ڪنواريون،

جيڏين جام ڪيا جنسار، گل ڦل چونڊي، گهر، گهر ۾.

 

سينگارين ۾ سونهن سدا ”گل“، ڳاڙهيو ڳوڙهيون آهن ڳلا ڳل،

ويس وڳا ڪيو ويڙهين وار ٿاريليون سي ٿر ٿر ۾.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org