خاڪ آهين خاڪ
ٿيندين
خاڪ آهين خاڪ ٿيندين، ڪر نظر تون خاڪ تي،
ڇو وتين ٿيو مست موڳا مورئون هن ماڪ تي.
عيسيٰ ڪٿي، موسيٰ ڪٿي، يعقوب ويو يحيٰ ڪٿي،
سي اڪابر سڀ اُٿي ويا، انبيا افلاڪ تي.
ويا
سڙي
ڪئين
سڪندر
ٿي
دفن
هن
ڌوڙ
۾،
جن حڪومت ٿي هلائي عرب ۽ عراق تي.
هي ٺڳيون دولاب تنهنجا نيٺ ويندا ناس ٿي.
ڦيريون گهيريون سڀ ڦٽيون ڪر، انت ڪر املاڪ تي.
هي سدا ”گل“
جون صدائون من سڻي صاحب ستار،
ڀروسا سڀ بار منهنجا، مون رکيا رب پاڪ تي.
الڙ سان عشق
عشق لڳو منهنجو يار الڙ سان،
ڍنگ هلي نٿو، يار ڍولڻ سان.
سڪ نه ڄاڻي ٿو، صحبت سهڻو،
مطلب محبت مور مهڻو،
قرب ڪري ڪيئن ڪامل ڪهڻو،
خبر پوي ايء، يار کيلڻ سان.
سمهي
سنجهي
کان،
رات
سويلو،
ارڏو هلي، سڄو ڏينهن اڪيلو،
عالم ساري ۾، البيلو،
سمجهه پوي اي يار سلهڙ سان.
ياراني نڪا ڄاڻي ياري
بوند بره جي نڪائي بهاري،
نيڪ بدي، نڪو نيڪوڪاري،
ڳالهه سڃاپي يار ڳولهڻ سان.
سخت سدا ”گل“،
تکو طبيعت،
هيڏي حسن تي، ٿو ڪري حڪومت،
غور ڪرڻ کي، نه ڄاڻي غنيمت،
بخت اڙايو، مون کي آهي ڀلڙ سان.
قلندرانه
ڪلام-1
آهه ملڪ سڄو مهمان هتي،
رهندو نام نڪو نيشان هتي.
سڪندر، دارا، بخت نصر،
نيا موت نهوڙي نادر نر،
ڪئين اجل اڪابر نيا اڪبر،
ڇڏي تخت ويا طولان هتي.
ويا رات ڏيئي ڪئين راجا نند،
جن حڪم هلايا ٿي هند سنڌ،
ويئي جان مٽيءَ ۾ جوانن جند
ڇڏي سون ويا سامان هتي.
رستم راڻا راهي رنگ،
هتان اڙد اٿي ويا اُتم ٻڙنگ،
لک چارڻ چوري ويئڙا چنگ،
ڇڏي طبلا ويا هڻي تان هتي.
ويا ڌوڙ
اندر
ڌڙ
دودن
جا،
ڳچ ڳاريا ڳُجَهه! تن ڳوڌن جا،
ويا جوڙ سدا ”گل“
جوڌن جا،
ڪٿي سومرا سمان سلطان هتي.
قلندرانه
ڪلام-2
ڇا تي دم رکين، دهمانه هتي،
آهين ڏينهن ٻه ٽي مهمان هتي.
توکان وير وڏا، ويا هي وطن ڇڏي،
هتان لک لکوتر، ويئڙا لڏي،
ڏس موت سڀنن کي ويو سهڻا سڏي،
هيءَ موج ڇڏي ويا مستان هتي.
تون کان تونگر ويا ڪئين تخت ڇڏي،
ڀورا ڀيڻيون ويا هي بخت ڇڏي،
راڻا روئندي ويا رڌل، رخت ڇڏي،
نيرانان ويا ڇڏي نان هتي.
توکان
دلبر
وڏا،
ڪئين
دولتمند،
قابو قيد ڪيا، وجهي موت ڪمند،
ڏس ڏيل تنيجو، ويا کائي ڏمند،
کامي خاڪ ٿيا ڪئين خان هتي.
سمجهه سدا، ”گل“
چئي سرت ڪر،
وڃي توبهه توبهه ترت ڪر،
اُٿي ڪيما جهڙي ڪا ڪرت ڪر،
آهي هند کٽي، جو حيوان هتي.
عشق ٻي چيز
عالم چئي ٿو: ”آدم آهه،“
عاشق چئي ٿو: ”آمين اجايو،“
محبت آهي يار مجازي،
عشق اڃان ڪا ٻي شي آهي.
محب منهنجو آهي مثالي،
خلق چوي ٿي: خالي خالي،
قطرو
تنهن
۾
آهي
ڪمالي،
جُهريا ڏس تون جهاتي پائي.
اسم تنهنجو آهي انساني،
جسم تنهنجو آه جسماني،
پر نقطو تنهن ۾ آهه نوراني،
انڌا ڏس تون عينڪ پائي.
سمجهه رکين ٿو، تو ڪين سياڻا؟
ڪيئن وڃائي نيهن تي ناڻا،
ڪي ته رچي ويا رت مان راڻا!
ڪن ته ڏٺو وڃي ڪيچي ڪاهي.
”گل“
ڪرين ٿو ڪهڙا گفتا،
پير رکج تون پنهنجا پختا،
اڳيان ته تنهنجا آهين اُستا،
متان وجهنئي يار منجهائي.
عاشقانون
ڪلام
مون کي ته ماري وڌئي مٺڙا، نه ڪئي ڪو قياس
ڪُٺڙيءَ جو،
قرب ڏيئي ڪيئي قابو، جيئڻ ناهي مون جڏڙيءَ جو.
اکيون اڪمل تنهنجون اڙيون، منهنجي جان ۾ جڙيون،
خوشيءَ مان ٿو کڻي کڙيون، موهي منڙو مون مٺڙي جو.
اکيون ڪاريون ناز واريون، مٺا منهن ۾ اٿئي
ماريون،
تو به دوکي لئي ڌاريون، هڻن ڌاڙو ٿيون دلڙي جو.
اکيون تنهنجون آهن اهڙيون، وتن واسينگ جيئن وهڙيون
سوين ماري اچي سهڙيون، بچڻ ناهي مون بندڙي جو.
کڻي تون چاهه مان چهريون، اچي ”گل“
سان ڪئي گهريون،
تنهن کي لائي ڇڏيئي لهريون، نه ڪيئي ويچار وڇڙي
جو.
روبروٿي
روبرو ٿي منهن مقابل، ڪرم پنهنجو تون ڪري،
ڇو سخت دل ٿيو آهين، سهڻا پيو ڀڄين پارس پري.
منهن نٿو منهنجي چڙهين، اي بخت جو ڀولو چوان،
ڪو ڪمينيء جو ڪڏهن، وصل جو وارو وري.
جي ڏسان توکي ڏهاڙي، وس ڪريان ڏاڍا وڏا،
ميڙ منٿون پانڌ پٽڪا، ڳل لڳا تنهنجي ڳري.
هند سنڌ ساراهه تنهنجي، سو نهن جي ڪن ٿا سوين،
طور سينا تي به تجلو، تو ڪيو برڪت ڀري.
دم جيئڻ جو آهي جيسين، هڪ دفعو تون آ! هلي،
گفتگوئي ڪرتون ”گل“
سان، ته تار مان ترهو تري.
محبوب ڏٺم
اڄ ڏٺم محبوب مهڻون نازئون نهاريندو وڃي،
خُلق سان خَلقت سڄي کي سو سنواريندو وڃي.
محب پرور محب مانجهي، ٻيو فضيلت فيض ور،
درد وارن جي دلين جا، ڌڪ ڌئاريندو وڃي.
ناهي جهڙس ڪو جڳت ۾، ڏيهه ٻيا ڏوري ڏٺا،
اُتم سڀنن ۾ اُچو، جڏڙا جياريندو وڃي.
رحم دل راحم گهڻو، ٻيو قرب ڪامل جو ڪثر،
طالبن ۽ طلبگارن، ترت تاريندو وڃي.
مرڪي مليو منٺار مون سان، کل خوشيءَ مان خوب تر،
غمزه گهورن ساڻ ”گل“
جا، نيڻ ٺاريندو وڃي.
توجيءُ
جلايو
اسان جو جيءُ جلايو تو، جلائڻ مان ملئي ڇا ڇا؟
اسان کي ڦنڌ ڦاسايو تو، ڦاسائڻ مان ملئي ڇا ڇا؟
اسان جي بخت جي بازي، پڇئون ڪهڙا ملا قاضي،
ڪيئي مون رنج، ٿئين راضي، رنجائڻ مان ملئي ڇا ڇا؟
اسان جي ڪمن جا ڪرتا، پيا سون پانڌ سي پرتا،
اوهين ڇا کان وتو ورتا، وڃائڻ مان ملئي ڇا ڇا؟؟
اسان جي ڪمن جون ڪاريون، ڪريون زر زر تڏهن زاريون،
ڦٽي هينئڙو ڪيئي ڦاريون، ڦٽائڻ مان ملئي ڇا ڇا؟
برهه واريون مثل بلبل ان جي رفتار ۾
’گل گل‘،
محبت جو ناهي ناهه مل مل، مٽائڻ مان ملئي ڇا ڇا؟
ايندين ته ڇا ٿيندو
ڀلائي پاڻ تون پنهنجو، هلي ايندين ته ڇا ٿيندو؟
پيالو پرت جو پيارا، پياريندين ته ڇا ٿيندو؟
نه ڪر ناحق نماڻن سان، نه ٿي ڪوڙو قريبن سان،
ڪري زورو ضعيفن کان، نٽائيندين ته ڇا ٿيندو.
بدن بلبل بستاني، پسائج جلد مون جاني،
اها سڌ يار سائل جي، پڄائيندين ته ڇا ٿيندو؟
سڄڻ سيني کي سينگاري وڌيئي ڏيل مون ڏاري،
مٺا مسڪين کي ماري پڏائيندين ته ڇا ٿيندو؟
نهوڙي يار نيڻن سان، مون کي موهيو تو ماڻن سان،
خوشيءَ جي ڪا گهڙي ”گل“
سان، جي گهاريندين ته ٿا ٿيندو؟
ڏاڍايون
نه
ڪر
ڪيم ڏاڍا ڪر ڏنگايون، تون پرين پينار سان،
ساهه سر صدقو ڪري، ياري رکيم تو يار سان.
دمبدم دانهون ڪريان ٿو،
عشق ۾ تنهنجي عجيب،
آءٌ اڱڻ هيڪر حبيب.
اڄ جــــــوت ۽ جنسار سان.
بــــــرهــــــه بيحد باهه باري،
جگر ويــــــو ســــــارو جلي،
يــــــا الهى! هي مــــــون کــــــي ميلئين،
ماهه رو منٺار سان.
يادگيريء يــــــار جــــــيءَ ۾،
رات ڏينهن راڙهــــــو ڪريان،
مــــــون کي مــــــلائيــــــن مصــــــطفٰي
ؐ،
دل گهرئــــــي دلــــــدار ســــــان.
عرض
’گل‘
جو يا الٰهي،
ڪر قادر هيءُ قبول،
هجان همدم، هــــــم قــــــدم مان،
هــــــوت هينئڙي ٺــــــار ســــــان.
موڪلايو
ٿو
وڃان
ملڪ تنهنجي مان مٺا اڄ، موڪلايو ٿو وڃان.
جان، جند، جيرو، جگر، جاني جلايو ٿو وڃان.
گهر گهر جي ڪئي غلامي، ڳڻ ڀريا تنهنجي ڳوٺ ۾.
ڪورين ڪمين جو ٿي ڪنيزڪ، کر کلايو ٿو وڃان.
سبب تنهنجي يار سهڻا، هٿ ٻڌم هر ڪنهن اڳيان.
نام ’نوڪر‘ پنهنجو ساڄن، هت سڏايو ٿو و ڃان.
آءُ! الله لڳ اي عجيبا، اڄ اچڻ جو ڏينهن آهه،
دانا تنهنجي ديس مان، لائق ليلايو ٿو وڃان.
اڄ پڇاڙي ۾ پرين، صحبت سدا ”گل“
ساڻ ڪر،
موٽي اچڻ جو آسرو، اميد لاهيو ٿو وڃان.
خواب
۾ ياري
خواب ۾ مون خوب روء سان، يارسان، ياري رکي،
تو ملڻ جي محب مون سان، هوت همواري رکي.
ننڊ ۾ توساڻ نازڪ، نينهن جو ناتو رکيم،
آ! الله لڳ اڱڻ منهنجي، حب هڪ واري رکي.
حُسن هينئڙي کي هڻي، حيران ڪيو آهي حبيب،
دم بدم تون ڏي دلا سو، دوست دلداري رکي.
ياد ڪر تون يار پنهنجا، قول ڪنعاني قسم
ٻول ٻاجهئون پار پيارا، وير وهنواري رکي.
سڪ ۾ ”گل“
تنهنجي سدا، روئيو رب کي چوي،
ميل مون محبوب سان، مهر مو چاري رکي.
عطر
جي
بوءِ
مغز منهنجي ۾ هُئي ڪا، هوا تنهنجي هار جي،
خوش گهڻي خوشبوءِ خود، سا خاص هئي خمار جي.
مغز منهِنجي کي مٺا، هو جلد تو جاڳائيو،
هڪدم تنهنجي هشيار ڪيو جا بوءِ هُئي بهار جي.
وار هڪڙو وصف تنهنجي، وات ڇا ورندي چوي،
بهشت ۾ هئي بوءِ، سا انهي هٻڪار جي.
مون ته ڏينهن ميثاق جي، اي روء ڏٺي هئي روبرو،
واصل سڄي واري هئي، برهه جي بازار جي.
”لولاڪلما خلقتل افلاڪ“ جو آواز هو،
واکاڻ وائي وات ۾، هُئي هار ۽ سينگار جي.
عرش ڪرسي آسمان ۽ سندس ساڪن سڀئي،
حيران حيرت ۾ هئا، عبرت ٿين اسرار جي.
ماڻهو
ملڪ،
جن
و
بشر
جيڪا
خلق
هئي
جهان ۾،
تن سڀن کان ٿي هئم، ساراهه صفت سردار جي.
وڻ ٽڻ، واديون، واهه وهندڙ، جانور، جيتام جي،
تن ۾ سُر پر رات ساري هُئي پرين جي پار جي.
ڪئين دفعا مون سؤ ڪنن سان، پئي پکين ڪئي پچار،
لاهيو ويٺا لولي هُئا، جانب سندي جنسار جي.
اي ادا عاجز نه آهي من منهنجي جي مجال،
جو ڪري ظاهر ذري، ڪا دوست جي درٻار جي.
اي سدا ”گل“
هي صدا، من سوز واري سا سڻي،
درد واري دانهن در تي، پيش ٿئي پينار جي. |