ڇپائيندڙ پاران
سنڌ ڌرتيءَ کي اِها عظمت حاصل رهي آهي ته، هِن
سرزمين تي
ڪيترائي اعليٰ پائي جا شاعر ۽ بزرگ ٿي گذريا آهن،
جن پنهنجي سوچ
۽
فڪر ذريعي وحدت الوجود جي فلسفي کي عام ڪيو آهي ۽
جن جو معرفت سان سَرجيل اساسي سرمايو سنڌ واسين
لاءِ ڪنهن اڻکٽ خزاني کان گھٽ نه آهي. اِهو سنڌ جي
ڪلاسيڪل شاعرن جي ئي شخصيت ۽ سندن سوچ ۽ فڪر جي
بلنديءَ جو فيض آهي، جن سنڌي ٻوليءَ جي جھولي کي
سائو ڪري امر بڻايو آهي.
اهڙن بزرگن ۽ قادرالڪلام شاعرن مان بدين جو لوڪ
شاعر گل محمد سومرو به پنهنجي دؤر جو سٺو ۽ پختو
شاعر ٿي گذريو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ جي اهڙي علمي ۽ ادبي خزاني کي
شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ شروع کان ڪوشان
رهندو پيو اچي.
سنڌ جي هِن عظيم سخنور جي ڪلام کي بورڊ طرفان شايع
ڪري منظرعام تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن جو
پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب
مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي رهنمائي ۽
ايامڪاريءَ ۾ شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو
آهيان.
اُميد آهي ته، بورڊ جي هيءَ ڪاوش شاعريءَ سان ذوق
رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.
15- ربيع الاول 1442هه
سيد سڪندر علي شاهه
02- نومبر 2020ع
سيڪريٽري
ڊاڪٽر اسد جمال پلي
عمرڪوٽ
شيخ محمد سومار
بدينوي
خانداني پس منظر:
شيخ محمد سومار جا وڏا ”مانجهي بندر“ جا رهواسي
هئا. هيءَ بندرگاهه ”ريڻ درياهه“ تي سمنڊ ۾ ڇوڙ
واري جڳهه تي هو. سندن جد اعليٰ جو نالو ”راڌڻ
فقير، هو، هو ذات جو ”چاوڙو“ هو. سندس گهر واريءَ
جو نالو ”مائي مرکان“ هو. مائي مرکان ذات جي ”پڻي“
هئي(1). مرکان جو پڊ هن وقت به 10-12 ايڪڙن جي
ايراضيءَ ۾ ”درگاهه پير قرهيي ڀانڊاري“ جي اوڀر ۾
واقع آهي.
پير قرهيو ڀانڊاري، چشتي طريقي جو بزرگ هو.(2)
ستين صدي هجريءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ وفات ڪيائين.
سندس شجره نسب جميل شاهه گرناري عرف ”ڏاتار پير“
سان ملي ٿو. سندس مقبرو روپا ماڙي کان ٽي ميل ڏکڻ-
اولهه ۾ آهي. جيڪو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي تعمير
ڪرايو هو. جنهن جو قبو هاڻي ڊهي ويو آهي.(3) قرهيي
ڀانڊاري جا لاڙ ۽ ڪڇ ۾ ڪافي مريد آهن، جن جا مرشد
هاڻي ”شيخ“ آهن.
راڌڻ فقير ۽ مائي مرکان حضرت پير قرهيي ڀانڊاري جي
هٿ تي مسلمان ٿيا. ان بعد ان درگاهه سان واڳجي ويا
۽ ”شيخ“ سڏجڻ ۾ آيا.
مرکان شيخڻ ته پير قرهيي ڀانڊاري جي شان ۾ ڪافي
ڌناسري شاعري ڪئي آهي، جيڪا اوائلي سنڌي شاعري جو
بهترين نمونو پڻ آهي. مرکان شيخڻ سنڌي دستاويزي
ادب جي پهرين شاعره آهي.
شيخ صاحب جي خاندان ۾ ڪيترائي اهل الله، درويش،
بزرگ، شاعر ۽ مشهور پهلوان ٿي گذريا آهن. راڌڻ
فقير (ثاني) ابدال قسم جو شخص هو ۽ سندس ڪم وتائي
فقير جهڙا هئا، جنهن سبب سندس پويان ”وتالاڻي شيخ“
سڏبا هئا. راڌڻ فقير ثاني جو ڏاڏو ”رمضان“ هو،
جنهنڪري سندس پاڙو ”رمضاناڻي“ سڏبو آهي. ان کان
علاوه اسماعيل فقير کي سندس بزرگيءَ سبب ”جادوگر“
پڻ سڏيندا هئا. شيخ محمد سومار، شيخ الله بچايو جو
والد هو، ۽ کيس سندس طاقت ۽ پهلواني سبب ”پنجاهيو“
سڏيندا هئا. مرکان (هفتم) پن شاعره هئي ۽ سندس
ڪلام محفوظ آهي. سال 1959ع ۾ وفات ڪيائين.
شيخ الله بچايو مرحوم، حضرت شيخ محمد سومار بدينوي
جو والد هو، سندس تخلص ”بچايو“ هو. سندس ولادت
1878ع ۾ ٿي. 1942ع ۾ ”ڪوري نار“ جي اٿل سبب سندس
ڳوٺ پير قرهيو ڀانڊاري ٻوڏ هيٺ اچي ويو. جنهن سبب
پاڻ سيراڻي لڳ مانڌر (ضلعي بدين) ۾ لڏي آيو. ان
بعد ”گولو منڌرو“ ڳوٺ ۾ رهيو ۽ ڪجهه وقت سامارو
(ضلع ٿرپارڪر) جي ڀرسان رهيو. 1951ع ڌاري مستقل
بدين منتقل ٿيو. بدين ۾ واپار ڪري گذر سفر ڪندو
هو. 20 ڊسمبر 1962ع تي وفات ڪيائين.
شيخ الله بچايو مرحوم وڏو متوڪل، متقي ۽ پرهيزگار
بزرگ هو. ڪيترائي ڀيرا پنهنجي مرشد حضرت قرهيي
ڀانڊاري کي خواب ۾ ڏٺائين. هڪ ڀيري خواب ۾ ”رسول
الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم“ جي پڻ زيارت نصيب
ٿيس پر جلوه طور جي مصداق حجت ساري نه سگهيو ۽ اک
کلي پيس ۽ ”سبحان الله- سبحان الله“ جو ورد ڪندو
رهيو. جوانيءَ ۾ ڏڙهي جي راند جو ڪاريگر هو. پير
عالي شاهه جيلاني ڏانهن عقيدت جي نظر هوندي هئس.
نڙ بيت جو مشهور شاعر سانوڻ فقير، ڦتو پاٿري ۽
اسحاق پاٿري سندس همعصر ۽ گهرا دوست هئا. پاڻ سنڌي
ڪلاسيڪي شاعري ۾ ڀڙ هو. سندس ڪليات ڇپيل آهي. ان
کان سواءِ سندس ٽي ٻيا ڪتاب به ڇپيل آهن: (1)
رتيءَ جي رهاڻ، (2) روحاني ابيات، (3) قصو قرهيي
پير جو.
کيس ٽي نياڻيون ۽ هڪ فرزند، حضرت شيخ محمد سومار
بدينوي ٿيا.(4)
سوانح:
شيخ محمد سومار ولد شيخ الله بچايو 1935ع ۾ پنهنجي
اباڻي ڳوٺ پير قرهيل ڀانڊاري تعلقي بدين ۾ ڄائو.
بنيادي عربي ۽ فارسي تعليم ڳوٺ ”گولي منڌري“ ۾
ميان جي حاجي هاشم، ميان جي عارف ۽ ميان يعقوب وٽ
پڙهيو. پنهنجي بزرگن جي لاڳيتي لڏپلاڻ سبب سنڌي
پرائمري تعليم دير سان شروع ڪيائين. 1949ع ڌاري
ڳوٺ دينار خان ٽالپر ۾ پرائمري پڙهڻ به شروع
ڪيائين ته ساڳي ڳوٺ جي مڪتب ۾ ”مدرس“ طور پڙهائڻ
به لڳو. 1952ع ۾ ”ڊبل پروموشن“ تحت ڳوٺ غلام علي
جمالي (لڳ تلهار) مان استاد غلام محمد جمالي جي
رهبري ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين.(5)
1952ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽ ساڳي کاتي ۾
ساڳي عهدي تان رٽائر ڪيائين. 1967ع ۾ اديب فاضل
سنڌي فرسٽ ڪلاس ۾ ٻئي نمبر سان پاس ڪيائين.(6)
1948ع ۾ پنهنجي چاچي راڌڻ جي گهران سندن پهرين
شادي ٿي، جنهن مان کين اولاد ڪونه ٿيو.(7) کين ٻي
شادي مان ٽي ٻارڙا: ٻه پٽ ”راڌڻ ۽ شوڪت“ ۽ هڪ
نياڻي ”جنت“ ٿيا، جيڪي حال حيات ۽ سندس نشاني
آهن.(8)
ادبي پس منظر:
شيخ صاحب جو گهراڻو علمي ۽ ادبي شخصيتن جو گهراڻو
هو، جنهن جو اسين مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، تنهنڪري
ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته پاڻ پشت به پشت اديب ۽
شاعر هئا. ٻئي طرف پاڻ جنهن روحاني درگاهه سان
لاڳاپيل هئا، ان جو به مٿن اثر هو. ٽئين طرف
مولانا احمد ملاح جي سرزمين لاڙ جو خمير؛ اهي سڀ
شيون منجهن ادبي ذوق پيدا ڪرڻ لاءِ ڪافي هيون.
بدين ۾ رهڻ سبب سندن ادبي شخصيتن سان ڏيٺ ويٺ رهي
۽ سندن جيڪي اوائلي ادبي دوست رهيا انهن ۾ نذير
حسين حيدري، شمشيرالحيدري ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو خاص هئا. ان بعد کين ڊاڪٽر غلام علي الانا
صاحب ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي رهنمائي نصيب
ٿي. ان کان پوءِ پنهنجي همعصرن ۾ قلندر شاهه
لڪياري، عزيز جعفراڻي، معمور يوسفاڻي ۽ ڊاڪٽر عابد
لغاري سندس ويجها دوست رهيا، نه رڳو ادبي دوست پر
سندس ذاتي ۽ نِجي زندگي جا دوست ۽ شريڪ پڻ رهيا.
اهڙن ڪن ٻين دوستن ۾ درمحمد ڪمال، ولي سروري، محمد
صديق ’مرهم‘، الله بچايو مشتاق آريسر ۽ راقم
الحروف جا نالا قابل ذڪر آهن.
مٿين سڀني سببن ۽ دوستن جي ساٿ ۾ شيخ صاحب هڪ
نوجوان ۽ نو آموز ملهه جيئن ادبي ميدان ۾ لٿو ۽
پوءِ وقت ڏٺو ته ڪيئن نه هي نو آموز ملهه پنهنجي
ادبي سگهه ۽ فن سان مذڪوره ميدان کي ملهائي ويو.
بلڪ پنهنجي همعصرن ۾ هي ملهه ڪيترائي پنهنجا
انفرادي انگ ڏيکاري ويو جيڪي کانئس پوين کيس
”استاد“ ڪري وٽانئس حاصل ڪيا ۽ سکيا.
ادبي سرگرميون:
نج ادبي روايتن موجب، هڪ وڏي اديب جيان پاڻ ڪيترين
ئي فعال ادبي تنظيمن جو بنياد وڌائون، جن طرفان
تمام گهڻا ڪتاب شايع ڪيا ويا. اهي تنظيمون هيٺيون
هيون:
1.
لاڙ ادبي سوسائٽي، 2. جيلاني پبليڪيشن، 3. لطيف
پبليڪيشن، 4. بدين پبليڪيشن، 5. ساگر پبليڪيشن.
ان کان علاوه پاڻ جن ادبي تنظيمن جا ميمبر،
سربراهه، همدرد ۽ هم خيال رهيا، انهن ۾ هيٺيون
تنظيمون خاص آهن:
1.
سنڌ لطيف ادبي مجلس، حيدرآباد
2.
رهبر ادبي سوسائٽي حيدرآباد
3.
محمد بن قاسم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد
4.
تنظيم فڪر و نظر سنڌ، سکر
5.
ٿرپارڪر ڪلچرل سوسائٽي، ميرپورخاص
6.
ٻارڙا پبليڪيشن، عمرڪوٽ
7.
مهراڻو اڪيڊمي، صوفي فقير.
انهيءَ کان علاوه هر ادبي اداري ۽ ادبي ڪم جا
معترف ۽ خيرخواه رهيا.
ادبي ڪانفرنسون ۽ ميلا:
پاڻ پنهنجي دور ۾ نه رڳو سنڌ پر پاڪستان سطح تي
ٿيندڙ ادبي ۽ علمي ڪانفرنسن ۾ مقرر ۽ محقق طور
شريڪ ٿيندا هئا. خاص طور سيرت ڪانفرنس (اسلام
آباد)، اهل قلم ڪانفرنس (لاهور)،
بين الاقوامي سنڌي ادبي ۽ ثقافتي ميلو (ڪراچي
1984ع)، سنڌ هجري ڪانفرنس (حيدرآباد)، سنڌ هجري
ڪانفرنس (ميرپورخاص)، سنڌ صدين کان ٿرپارڪر، رهبر
ڪانفرنس، حيدرآباد، سنڌي هنرن جي نمائش ۽ ڪانفرنس
(حيدرآباد)، لطيف ڪانفرنس (سکر) ۽ هارس ۽ ڪئٽل شو
(جيڪب آباد) وغيره.
ان کان علاوه سنڌ ۾ ٿيندر ڪيترن ئي تاريخي ماڳن جي
سيمينارن ۾ پڻ پاڻ شرڪت ڪيائون ۽ پنهنجي علم جا
گوهر افشان ڪيائون. شيخ قرهيي ڀانڊاري جي ميلي جا
ته پاڻ روح روان هئا. پر ٻين به سنڌ ۾ ٿيندڙ
روحاني درگاهن جي ڏيهاڙن تي اڪثر حاضري ڀريندا
هئا. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان هر سال منعقد
ٿيندڙ سالياني عرس جي موقعي تي، ادبي ڪانفرنس ۾
وڏي اهتمام سان شريڪ ٿيندا هئا. انهي ڪانفرنس ۾
ڪافي ڀيرا مقالا پڻ پيش ڪيائون.
شيخ صاحب جي ذوق سليم هڻي وڃي هنڌ ڪيو جڏهن پاڻ
1976ع ۽ 1980ع ۾ بدين ۾ ٻه وڏا ادبي ۽ ثقافتي ميلا
مچايائون. هن ادبي ميڙاڪي ۽ مانڊاڻ ۾ شيخ صاحب ڄڻ
”گهوٽ“ هو. پاڻ ضلع ڪائونسل بدين ۽ بدين ضلعي جي
باذوق عملدارن جي تعاون سان هن ضلعي کي جهڙوڪر نج
ادبي ادارن جو ضلعو بنائي ڇڏيائون. هنن ٻن وڏن
تاريخي، ادبي ۽ ثقافتي ميلن اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته
شيخ صاحب پنهنجي سڄي ساري ادبي زندگي جو جشن هنن
ميلن جي شڪل ۾ ڪيو. سندس رچايل اهي ٻئي ادبي
مانڊاڻ سنڌي ادب جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهن.
لئبرري:
شيخ صاحب جي ذاتي لئبرري ”پير قرهيل ڀانڊاري“ جي
نالي سان سندن گهر ۾ قائم ٿيل هئي، (1) جنهن ۾
ڪيترن ئي تاريخي ۽ ادبي ڪتابن کان علاوه قلمي نسخا
پڻ موجود هئا جن جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ
ڪيو آهي.(11)
سندن هيءَ لئبرري وري ”حاجي احمد ملاح لئبرري،
بدين“ ۾ منتقل ٿي، جنهن جي پيڙهه جو پٿر پاڻ 3-
فيبروري 1980ع تي بدين ۾ رکيائون.(12)
بدين پريس:
پاڻ رٽائر ٿيڻ بعد روزگار خاطر بدين ۾ پريس
هنيائون ۽ ڪيترائي بهترين ڪتاب پڻ شايع ڪيائون،
حياتي جي آخري ايامن ۾ پريس وڪرو ڪري ڇڏيائون.(13)
لاڙ ميوزم:
شيخ صاحب مرحوم جي ثقافتي سفر جي حاصل منزل لاڙ
ميوزم بدين آهي جيڪو سندن انفرادي جدوجهد ۽ سنڌ
سان ثقافتي عشق جو ساکي آهي. لاڙ ميوزم جي بنيادي
ميمبرن جي پهرين گڏجاڻي، سنڌ پراونشل ميوزم ۾ جناب
ظفر ڪاظمي صاحب جي ميزباني ۾ ٿي. هن گڏجاڻي ۾ راقم
پڻ موجود هو. جن صاحبن شرڪت ڪئي انهن ۾ خليفو حاجي
عبدالله ميمڻ، جي.الانا ۽ سندس مسز، عبدالرزاق
چانڊيو، حميد آخوند ۽ درمحمد ڪمال خاص هئا. ميٽنگ
۾ هن ميوزم جو سڄو بنيادي ڍانچو ۽ ڪم ڪار جو طريقو
طئي ڪيو ويو. هن سڄي ڪم ڪار جو محور، مرڪز ۽ محرڪ
شيخ صاحب جي شخصيت هئي، هي ميوزم ضلع ڪائونسل بدين
جي هڪ ڪمري ۾ قائم ٿيو ۽ بعد ۾ نئين عمارت ۾ منتقل
ٿيو، جيستائين لاڙ ميوزم جو وجود قائم آهي. شيخ
صاحب جي شخصيت جوهڪ اهم پهلو زنده رهندو. نه فقط
لاڙ ميوزم، پر ”سنڌ پراونشل ميوزم، لاءِ به پاڻ
وڏي جاکوڙ ڪيائون.(14)
لاڙ جو لال ايوارڊ:
بدين ثقافتي ميلو 1980ع ۾، شيخ صاحب ”لاڙ جو لال
ايوارڊ“ عملي طور جاري ڪرايو ۽ اهو انهيءَ صاحب کي
ڏنو ويندو جنهن ”لاڙ پَٽ“ لاءِ ادبي جاکوڙ ۽ ڪم
ڪيو هوندو. سال 1979ع جو اهو ايوارڊ 1980ع ۾ جناب
درمحمد ڪمال کي مليو ۽ اهڙي طرح ”درمحمد ڪمال لاڙ
جو لال“ جو نعرو شيخ صاحب ايجاد ڪيو.(15)
شيخ صاحب غريب ماڻهو ٿي ڪري به دل جو درياهه هو.
هن شخص جي جستجو ۽ محنت جو مثال ئي ڪونه ٿو ملي.
پاڻ بدين جي مسڪين فنڪارن ۽ نادار اديبن لاءِ وڏي
ڪوشش وٺي ضلع ڪائونسل بدين مان فنڊ مقرر ڪرايا ۽
اهي مختلف موقعن تي تقسيم ڪيا. سندن درياهه دلي
اهڙي هئي جو ڄڻ ته ڪينجهر جي ڪناري ڄام تماچي ويٺو
هجي. ادبي ۽ ثقافتي ميلن ۾ جن اديب دوستن ساڻس
قلمي ۽ عملي سهڪار ڪيو انهن کي به تحسين ناما
ڏنائون. مون سندن حڪم تي مقالو لکيو ته نه رڳو
مقالي جي مُنڍ ۾ ادبي نوٽ هنيائون پر گهر ويٺي
تحسين نامو پڻ موڪلي ڏنائون. اهو مقالو بعنوان
بدين جا بزرگ ڪتاب ’بدين ضلعي جو مطالعو‘ ۾ شايع
ڪيائون. اها سندن ادبي سخا ۽ وضعداري هئي.(16)
لوڪ ادب جي سهيڙ:
سنڌي ادبي بورڊ جي لوڪ ادب اسڪيم تحت جڏهن ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، سهيڙ جو ڪم شروع ڪيو ته شيخ
صاحب بدين ضلعي مان سڀ کان وڏي راوي جي حيثيت ۾
سامهون آيو، جنهن جو ذڪر بلوچ صاحب جي ترتيب ڏنل
لوڪ ادب جي ڪتابن ۾ نمايان آهي.
ان بعد به ڪيترائي تاريخي ۽ نيم تاريخي داستان
سندن قلم جي نوڪ مان زيبور ٿيندا رهيا. پاڻ بدين
جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ تي حرف آخر جي حيثيت حاصل
ڪيائون. 1993ع ۾ ”حضرت مغلڀين رحه“ (جاتي) جي
سالياني عرس تان واپسي وقت جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ سان ساڳي ڪار ۾ حيدرآباد تائين رفاقت رهي.
پروفيسر قلندر شاهه لڪياري ۽ ڊاڪٽر عابد لغاري به
گڏ هئا. مختلف ڳالهيون ڪندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب
فرمايو ته آئون ٿرپارڪر ضلعي جي حوالي سان معمور
يوسفاڻي ۽ بدين ضلعي جي حوالي سان شيخ محمد سومار
جي راءِ سدائين وزنائتي سمجهندو آهيان. هيءَ ته
هئي بلوچ صاحب جي ادبي وضعداري ۽ سخاوت واري راءِ.
پر مون پنهنجي مختصر ادبي مطالعي ۾ هن وقت تائين
مذڪوره ٻنهي محققن جي ڪنهن به ادبي دعويٰ يا راءِ
جو ڪوبه مدلل رَدُ هن وقت تائين ناهي پڙهيو.
شيخ صاحب مرحوم سنڌ جي قديم آثار، کنڊرن، ڀڙن ۽
وهڪرن جو وڏو مشاهداتي عالم هو. خاص طور لاڙ جي
حوالي سان پاڻ هزارين ميل پنڌ ڪيائون. ڪيترن ئي
پراڻن ڀڙن تان ڪيئي نادر تواريخي شيون پڻ هٿ
ڪيائون. سندن اهڙو مطالعو ۽ مشاهدو سنڌ کان ٻاهر
ڪڇ جي سرزمين تي پڻ رهيو آهي. جڏهن عابد لغاري
صاحب ڪئمرا ڪڇ ۾ کڻي سڄي سنڌ جي ثقافتي ۽ تاريخي
فوٽوگرافي ۽ احوال لاءِ ”سنڌ تاريخ ۽ ثقافت جي
آئيني ۾“ جي سلسلي ۾ نڪتو ته لاڙ جي تاريخ جي حافظ
شيخ محمد سومار کيس بدين ضلعي جو تاريخي ۽
مشاهداتي سڄو احوال ڪنهن ڪتاب کولڻ بنا ميسر ڪيو ۽
سڄو لاڙ کيس گهمايائين. عابد لغاري، شيخ صاحب جي
ان ادبي ۽ علمي تعاون جو ذڪر پنهنجي مذڪوره قسطوار
مضمون ۾ جيڪو ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيو آهي، مختلف
جاين تي وڏي ڪشاده دلي سان ڪيو آهي.(17)
ادب:
شيخ صاحب 1952ع کان باقاعده لکڻ شروع ڪيو. سندس
تصنيفن جو انگ 300 آهي، جن مان 75 ڇپيل ڪتاب
آهن.(18) سندس پهريون ڪتاب ”آڌي رات“ (افسانا)
1955ع ۾ ڇپيو. ان بعد تصنيف ۽ اشاعت جو سلسلو
ڇوليون هڻندڙ سمنڊ جيان وهي هليو. سندس اڪثر
تصنيفن جو ذڪر سندس شايع ڪيل ڪتاب ”قلم وهي ويو
ڪانهن“ ۾ آيل آهي.
شيخ صاحب جي ادبي شخصيت گهڻ پاسائتي هئي. پاڻ
شاعر، محقق، مرتب، سگهڙ، سهيڙيندڙ، ناشر، مهتمم،
منتظم، راوي ۽ مضمون نگار هو.
منهنجو ذاتي خيال آهي ته شيخ صاحب سنڌ جو واحد
اديب آهي، جنهن گهڻي کان گهڻي شاعرن جي ڪلام کي
ترتيب ڏئي شايع ڪيو. سندن اهڙن شايع ڪيل ڪتابن جو
ڪجهه وچور هن ريت آهي:
(1) روحاني ابيات، (2) قصو قرهيي پير جو، (3) پير
قرهيو ڀانڊاري، (4) ڪليات شيخ الله بچايو، (5)
بياض ڪربلائي، (6) ديوانِ ڦل ڪوراڙ، (7) جذبات
فاروقي، (8) پير بخش فاروقي جو ڪلام، (9) سانوڻ
فقير، (10) حيات دلريش فاروقي، (11) جذبات گل
عباسي، (12) رسول بخش فراقي، (13) ڪليات الله
بچايو بڙو، (14) علي محمد رنگريز، (15) حاجي مراد
چانڊيو، (16) مناجات ساقي، (17) ڪليات فاروقي،
(18) ڪلام جوڻيجو، (19) ڪلام جڙيل عباسي، (20)
ڪلام مرکان شيخڻ، (21) ڪلام ساقي، (22) ڪلام حيات
جمالي، (23) پيروز فقير جو ڪلام، (24) سومري جو
ڪلام.
ٻاراڻو ادب:
شيخ صاحب تمام گهڻو ٻاراڻو ادب سرجيو آهي، جيڪا پڻ
هڪ محقق جي حيثيت سان نرالي ريت آهي. سندس هيٺيون
تصنيفون ٻاراڻي ادب ۾ خاص اضافو آهن:
(1) ٻارن جي تربيت (صحت ۽ جنرل سائنس)، (2) کِل
ڀوڳ، (3) ڀوڳ چوڳ، (4) نئون نوڪر، (5) سخي پير،
(6) کپريو چور، (7) چڱو ۽ مدو، (8) پاڻيءَ جا ٻار،
(9) ٻهڪندڙ گلڙا، (10) ڀڃ پرولي.
سيرت طيبھ ۽ اسلامي تاريخ:
سيرت طيبه، اسلاميات ۽ اسلامي تاريخ تي شيخ صاحب
جون تمام گهڻيون ۽ معتبر ۽ مستند لکڻيون آهن، جن ۾
سندس عقيدت ۽ عشقِ رسول سان ٽمٽار دل جلوه گر آهي.
سندن اهڙيون ڪجهه تحريرون هي آهن: (1) رحمت
اللعالمين (حصو 1-2)، (2) خليفة المسلمين، (3)
اصحاب اهل صفا، (4) اسلام ۽ غلام، (5) جمعي جو
ڏينهن، (6) مسيلمه ڪذاب، (7) مولا جا متوالا 1-2،
(8) مذهب ڇا آهي؟ (9) ماه ذوالحج، (10) سلمان
فارسي، (11) عمار بن ياسر.
لسانيات:
شيخ صاحب سنڌ جي انهن چند عالمن ۽ وڏن محققن ۾
شامل آهي جن ادب ۽ تاريخ ۾ تحقيق سان گڏ لسانيات
جي علم ۾ به پنهنجو ڌاڪو ڄمايو. لسانيات جي موضوع
تي سندس هيٺيون تصنيفون پنهنجو منفرد مقام رکن
ٿيون:
(1) سنڌي اکرن جا تبادلا، (2) برج باکا جو گرامر،
(3) سنڌي ۽ سنسڪرت (ٽي جلد)، (4) سنڌي ۽ پراڪرت،
(5) سنڌي اور پراڪرت (اردو)، (6) آريائي زبانون،
(7) سنڌي آوازن جا تبادلا.
سندن آخري ڪتاب لسانيات جي موضوع تي قلمي صورت ۾
آهي، جيڪو پاڻ معمور يوسفاڻي سان گڏ لکيو هئائون ۽
معمور يوسفاڻي جي لئبرري ۾ قلمي صورت ۾ موجود آهي.
ڪڇ جو علم و ادب:
سنڌ جي علمي ۽ ادبي تاريخ سان گڏ ڪڇ جوذڪر لازم و
ملزوم ٿيو پوي. تواريخي طور به ڪڇ جو علائقو ڪڏهن،
سنڌ جو حصو ته، ڪڏهن ڏن ڀرو، ته ڪڏهن خودمختيار
علائقو رهيو آهي. سڀني حالتن ۾ سنڌ جي ماڻهن جي ڪڇ
ڏانهن لڏپلاڻ، ڪڇ جي قبيلن جو عارضي خواه مستقل
سنڌ ۾ رهڻ، سير و تفريح خواه علمي درسگاهن ۽ وڻج
واپار وغيره جي سببن ٻنهي سڀيتائن کي هڪ ٻئي سان
مانوس رکيو آهي. انهن حقيقتن جي باوجود سنڌي ادب ۾
ڪڇ متعلق تمام ٿورو ۽ اڻپورو لکيو ويو آهي. انهي
مان به جيڪڏهن شيخ صاحب جي ادبي ڪاوشن کي عليحده
ڪجي ته سواءِ هڪ انگريزي تعارفي تاريخ جي ٻيو ڪجهه
به ڪونه بچندو.
مٿين حقيقت جي مدِنظر چئي سگهجي ٿو ته شيخ صاحب ئي
واحد محقق آهي جنهن سنڌي ادب کي ڪڇ جي ادب سان
مالامال ڪيو آهي. اسان جي دور جو ڪوبه تاريخدان
جڏهن ڪڇ متعلق قلم کڻندو ته شيخ صاحب جي هنن
تصنيفن کان صرفِ نگاه نه ڪري سگهندو: (1) ڪڇين جا
قول، (2) ڪڇ جا شاعر ۽ اولياء، (3) ڪڇ جا ڪي سنڌي
شاعر، (4) ڪڇ جو رڻ، (5) ديوانِ ڦل ڪوراڙ.
سنڌي لوڪ ادب جي ڪيترين ئي تاريخي ۽ نيم تاريخي
ڪهاڻين جو تعلق ڪڇ جي سرزمين سان رهيو آهي، جنهن
جو ذڪر پڻ شيخ صاحب مختلف موقعن تي ڪندو هو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي سنڌ ۾ جيڪي چند وڏا محقق
چيا وڃن ٿا، شيخ محمد سومار انهن ۾ شامل آهي. بلڪه
ڪجهه انفرادي ادبي ڪارناما کيس انهن محققن ۾ نرالو
مقام ڏيارين ٿا.
سندن پهريون ڪارنامو ”شاهه جا گُم ٿيل بيت“ منظرِ
عام تي آڻڻ آهي. پاڻ ڪجهه راوين جي مدد سان ۽ ڪجهه
بيت هڪ پراڻي قلمي نسخي تان جيڪو شاهه صاحب جي
وفات کان هڪ سؤ سال بعد لکيو ويو هو نقل ڪري ٻن
ڪتابن جي صورت ۾ ترتيب ڏنا ۽ ڪجهه بيت ”انسان“
رسالي ۾ مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي شايع ڪيا.(20)
هنن بيتن جي اشاعت مان شيخ صاحب جو مطلب هو هڪ
قلمي نسخي جا وڌيڪ بيت سنڌي محققن وٽ ڇنڊڇاڻ ۽
ايندڙ رسالن جي ترتيب لاءِ ميسر ڪرڻ. سندس هن
تحقيق تي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ”نئين
زندگي، ۾ سخت تنقيد ڪئي.(21) تازو جڏهن هڪ سنڌي
اديب شاهه جو ڪلام پنهنجي جاکوڙ سان آندو ۽ ”املهه
اڻ توريا“ نالي ڇپايو ته تقريباً اهي سڀ بيت اڳ ۾
ئي شيخ صاحب جي اڳ ڇپايل ڪلام ۾ موجود هئا. ”املهه
اڻ توريا“ جي مرتب امداد علي سرائي جي جاکوڙ جي پت
تڏهن وائکي ٿي جڏهن مرحوم رمضان فقير جت جيڪو سندس
همسفر هو، هن جي جاکوڙ جا پول پڌرا ڪيا ۽ وري علمي
تحقيق طور معمور يوسفاڻي اهو ذمو کنيو ۽ هڪ هڪ بيت
ثابتين سان پيش ڪيو ته اهو سڄو ڪلام اڳ ۾ ڇپيل آهي
جنهن ۾ سڀ کان اهم ڪم شيخ صاحب جو ڪيل آهي، باقي
امداد علي سرائي سنڌ مان شاهه جا بيت کڻي، هندستان
مان گهمائي آيو نه ته اهو سرمايو اڳ ۾ هتي موجود
هئو.(22)
شيخ صاحب ”شاهه صاحب جو رسالو“ الف- ب وار ترتيب
ڏنو جيڪو ڇپجي نه سگهيو. ان کان علاوه پاڻ ”ڇند
وديا“ موجب پڻ رسالي کي ترتيب ڏنائون. ان سان اهو
پڻ لکيائون ته مخدوم ابوالحسن جي سنڌي جا بيت به
”للت ڇند“ يا ”سار ڇند“ تي لکيل آهن.(23)
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي رسالي ۾ ڪن
متضاد پڙهڻين ۽ ڪن لفظن جي صحيح شڪل ۽ پڙهڻي مقرر
ڪرڻ لاءِ شاهه جي غير سرڪاري عالمن هڪ خاص طريقو
ڪڍيو. هنن عالمن شاهه جي مختلف ”سُرن، سان لاڳاپيل
علائقن ۾ وڃي ”سُر وار“ لطيفي ڪچهريون منعقد ڪيون.
اهڙين ڪچهرين ۾ سر مارئي تي لطيفي ڪچهري عمرڪوٽ ۾
معمور يوسفاڻي وٽ، سر سهڻي تي رائلي مياڻ ( ڄام
شورو) ۾ سيد قلندر شاهه وٽ، اهڙي طرح کاهي، ٺٽو،
بدين ۽ ٻين علائقن ۾ اهي ڪچهريون رکي رسالي جي
صحيح پڙهڻي تي وڏا بحث مباحثا ٿيا. انهن علائقن ۾
علائقائي ٻولين (لهجن) جي ماهرن ۽ مختلف هنرن
(جهڙوڪر مير بحر) جي ماهرن ۽ لطيفي راڳ آلاپيندڙن
کي پڻ شامل ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت جيڪو رسالو ترتيب
۾ آيو ان جو قلمي نسخو کاهي (تعلقو کپرو) جي محترم
امير دوست خان مري وٽ موجود آهي ۽ راقم وٽ ان جو
نقل آهي. هنن شاهه جي غير سرڪاري عالمن جي سٿ ۾
جيڪي اديب ۽ عالم شامل هئا. انهن ۾ معمور يوسفاڻي،
نورل فقير مري، حاجي ماڱيڻو مري، پروفيسر قلندر
شاهه لڪياري، پروفيسر عبدالرحيم ڏيٿو، ولي سروري،
حاجي الله بخش مري، عبدالله گندرو (سونڊا)، عزيز
جعفراڻي (ٺٽو)، امير دوست مري، سومار خان مري،
محمد خان مري، عبدالواحد عاصي هڪڙو، محمد قاسم پلي
(عمرڪوٽ) ۽ شيخ محمد سومار خاص هئا. مختلف ڪچهرين
۾ احسن الهاشمي، عبدالغفار صديقي، عابد لغاري ۽
رمضان فقير جت ۽ راقم پڻ شريڪ رهيا. هنن ڪچهرين
جون آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽون راقم وٽ موجود آهن.
هن لطيفي ڪم ۾ سڀ شرڪاء پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪندا
هئا. هن ڪم جي تڪميل ۾ شيخ صاحب مرحوم تمام گهڻي
ذوق شوق سان بهرو ورتو ۽ رسالي جي تڪميل جو اتساهه
ڏيکاريو ۽ هن ڪم جو خاص محرڪ رهيو.
ان کان علاوه سندن تصنيف ”لطيف سائين جا لاڙ تان
ڀيرا“(24) لطيفي ادب ۾ نهايت اهم مقام حاصل ڪيو.
هن ڪتاب ۾ پاڻ معمور يوسفاڻي سان صلاح مصلحت بعد
طئه ڪيائين ته لطيف جي دور جي تاريخ، جاگرافي ۽
ثقافتي آثارن کي، رسالي جي روشني ۾ موجوده قديم
آثارن مان نروار ڪجي. معمور يوسفاڻي ” لطيف جا ٿر
تان ڀيرا“ لکيو جيڪو ”نئين زندگي“ جي مختلف پرچن ۾
ڇپيو ۽ بعد ڪتاب شڪل پڻ شايع ٿيو.(25) شيخ صاحب
مذڪوره تصنيف لکي سنڌي اديبن ۽ محققن کي تحقيق جو
هڪ خاص ڏانءُ ڏنو. شيخ صاحب جي هيءَ هڪ تصنيف،
تاريخ، تحقيق، جاگرافي ۽ علم و ادب جي ڪيترن ئي
علمن جو ڀنڊار آهي. سندن لطيفي خدمتن جي مڃتا طور
هن سال (2020ع) شاهه لطيف جي ميلي جي موقعي تي سنڌ
ثقافت کاتي طرفان کين ”شاهه لطيف ادبي ايوارڊ“
طرفان نوازيو ويو آهي.
شاهه لطف الله قادري جو رسالو:
شاهه لطيف سان گڏوگڏ شيخ صاحب سنڌ جي ٻين صوفي
بزرگن جي ڪلام سان به ساڳيو عشق رکيو. پاڻ جاکوڙ
ڪري شاهه لطف الله قادري جي ڪلام جو نسخو پڻ هٿ
ڪيائين. جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي حوالي
ڪيائين. ڊاڪٽر بلوچ ان نسخي تي عالمانه ۽ محققانه
ڇنڊڇاڻ ڪري بورڊ طرفان ڇاپرايو. انهيءَ ۾ پڻ شيخ
صاحب جو ذڪر ڪيو اٿن.(26) ساڳيو حوالو شيخ صاحب جي
تصنيف ”لطيف جا لاڙ تان ڀيرا“ ۾ پڻ موجود آهي.(27)
ان ريت سنڌي جي اوائلي شاعري ۾ پيروز فقير ۽ مرکان
شيخڻ جي ڪلام بعد شاهه لطف الله قادري جي ڪلام جو
نسخو هٿ ڪرڻ ۽ ان تي ڊاڪٽر بلوچ جا ڪيمياگر هٿ
نصيب ٿيڻ، شيخ صاحب جا سنڌي ادب تي اپر احسان آهن.
لاڙ (بدين) لاءِ شيخ صاحب جون خدمتون:
شيخ صاحب پنهنجن دوستن سان گڏ ويهي اها رٿا جوڙي
ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ تعلقن تي تاريخي ڪم ڪجي ۽
اهڙيون تاريخون علائقي وار لکجن. بعد ۾ انهن ماخذن
تان سنڌ جي جامع تواريخ جوڙجي. سندس اهڙي رٿا تي
عمل ڪندي محترم عزيز جعفراڻي ”تاريخ سجاول“ جوڙي
ڇپائي پڌري ڪئي.(28) معمور يوسفاڻي ”ٿرپارڪر جي
تاريخ“ مڪمل ڪئي جيڪا قلمي صورت ۾ آهي. رسول بخش
تميمي ”جاتي جي تاريخ“ مڪمل ڪئي ۽ حافظ حبيب سنڌي
”چوهڙ جمالي“ جي تواريخ مڪمل ڪئي. پر ان سلسلي ۾
شيخ صاحب سڀن کان گوءِ کڻي ويو. پاڻ عموماً لاڙ ۽
خصوصاً بدين ضلعي تي ڪيئي تواريخون لکي ورتائين.
سنڌ جي نئين ۽ ننڍڙي ضلعي ”بدين“ جي ادب ۽ ادبي
تاريخ تي شيخ صاحب تاريخ ساز ڪم ڪيو آهي. سندس
اهڙين ڪاوشن جا احسان بدين ضلعي وارا ڪڏهن به لاهي
نه سگهندا.(29)
ٿلهي ليکي سندس هيٺيان ڪتاب بدين ضلعي جي سڀن ادبي
ثقافتي ۽ تواريخي موضوعن تي مستند تحريرون آهن:
(1) بدين ضلعي جو تعارف، (2) بدين ضلعي جو مطالعو،
(3) بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ، (4) بدين، (5)
بدين ثقافتي ميلو 1976ع، (6) لطيف سائين جا لاڙ
تان ڀيرا، (7) بدين ضلعي جي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن
کي تحسين، (8) تاريخ شعراءِ لاڙ، (9) بدين ضلعي جا
آثار قديمه، (10) بدين ضلعي جا اولياء، (11) بدين
ضلعي جون لوڪ ڪهاڻيون، (12) بدين ضلعو تصويرن جي
آئيني ۾، (13) تلهار جون لوڪ ڪهاڻيون، (14) ٽنڊي
باگي جي ثقافتي تاريخ، (15) بدين جي قديم ياد،
(16) بدين ضلعي کي ڳائيندڙ شاعر.
شيخ صاحب جي تقليد ڪندي سانگهڙ، نواب شاهه ۽ سکر
جي اديبن پڻ پنهنجن علائقن لاءِ قلم چوريو. سنڌي
ادب جي تاريخ جا ورق انهيءَ ڳالهه جا شاهد بنيا
بيٺا آهن ته جيترو تحقيقي ڪم شيخ صاحب بدين (لاڙ)
لاءِ ڪيو ۽ ان کي منظرِعام تي آندو اوترو ڪم اڃا
تائين سنڌ جو ٻيو ڪوبه فرزند نه ڪري سگهيو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن کي دعويٰ هجي ته آئون اها هنن لفظن ۾
قبول ڪندس ته:
”ڪا هڻندي هوڏَ، آئون ٿي ڪانڌ ڪسوٽيءَ چاڙهيان.“
شاعري:
شاعري جي شروعات جي عين عام مروجه روايتن موجب شيخ
صاحب کي به پور جواني ۾ مجازن جون مهميزون آيون،
غم جانان سندس دردمند دل تي خوب نشتر هلايا. اهي
عشق جا اڌما ۽ اظهار شاعري جي روپ ۾ ظاهر ٿيا جنهن
جو نمونو سندس هيٺين شعر ۾ موجود آهي:
مصري تنهنجي ملڪ مٺي ۾، لوڻ نه آهي کارو،
ڇا تو پيار جي پِڪ ڏئي، ان کي آهه ڪيو ميٺارو.(30)
مگر تمام جلد مجازي جو مام پروڙي، حقيقي جون
لاتيون لنوڻ لڳو:
بندو بديڻن ۾ ٿو نهاري، سومر شيخ فقير،
منهنجا قرهيل پير، دل کي ڏيو ڪا ڌير.(31)
شيخ صاحب، بيت، دوهي ۽ سورٺي جو شاعر آهي. سندس
لهجو ۽ زبان عام ۽ روزمره جي استعمال واري آهي.
سندس شاعري فن جي سمورن تقاضائن تي پوري ۽ شريعت
جي مڙني عنصرن سان ٽمٽار آهي. سندس شاعري سنڌي ادب
جي ڪئين روزنامن ۽ ماهنامن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي.
ان کان علاوه سندن هيٺيون تصنيفون نظم ۾ موجود
آهن:
(1) دوها ۽ دونهان (2) سر پرڀاتي (3) سر ڪارايل
(4) سر بلاول (5) سر ڪيڏارو (6) پنهوارن پچار (7)
مصري نامو.
سنڌي نثر خواهه نظم ۾ شيخ صاحب مجموعي طور جن
موضوعن تي لکيو آهي اهي هيٺين طرح آهن:
سيرت طيبه، سوانح نگاري، سنڌ جي تاريخ، سنڌي ادب
جي تاريخ، آثار قديمه، لطيفيات، جاگرافي، لسانيات،
صوتيات، گرامر، سنڌي لغت، ٻاراڻو ادب، لوڪ ادب،
ناول، ڊراما، افسانا، مزاح نگاري، تنقيد، حڪمت،
جنرل سائنس، ثقافت، تاريخ پاڪستان، تواريخ عالم،
روحانيت، ناصحانه مضمون، مختلف شاعرن جي ڪلام جون
ترتيبون ۽ آتم ڪهاڻي.
ان کان علاوه سندن افسانن، ڊرامن ۽ ناولن ۾ معاشري
جي اڪثر موضوعن سان نباهه ٿيل آهي، جن ۾ عشق و
محبت جي راز و نياز کان وٺي غم دوران جي سڀني
لوازمات تي قلم جنبش ۾ آهي. هتي شيخ صاحب جي لکيل
۽ ڇپيل چند ٻين ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا:
(1) سنڌي ادب جي تاريخ (ڀاڱو 1-2) (2) تاريخ عراق
(3) سنڌ جا زيور (4) منهنجو افسانو (12 ڀاڱا) (5)
رول (6) هاري (7) پيغام اقبال (8) آڌي رات (9) سيد
جمال الدين افغاني (10) ظالم (11) تقدير (12)
ماروئن جون محفلون (13) افسانا ٺهي سگهن ٿا (14)
ادبي واڌارو (15) پرڏيهين ڏانهن پيغام (16) وينهان
جو راڳ (17) تيرهن تالي (18) مدد خان پٺاڻ (19) هن
دنيا ۾ (20) ريلوي جا فقير (21) قديم هنر (22) لوڪ
شاعري (23) سپڙ سخي (24) رنن جا تال (25) ديواني
مدينه (26) نوراني جاسوس (27) مورڙو ميربحر (28)
سنڌي ٻاهريان شاعر (29) مقالات الشيخ (30) ڳٺو
ڍورو (31) چند همعصر.
وفات- حسرت آيات:
سنڌ جي هن دادلي ادبي فرزند تمام ٿورو عرصو علالت
۾ گذاريو. جگر جي ڪينسر جهڙي موذي مرض کي پاڻ
پنهنجي پيٽ ۾ نپائي وڏو ڪيائين، پر تعجب آهي ته
بيماري جي تقاضائن جي بالڪل ابتڙ هن سدا ملوڪ
ماڻهوءَ کي نشانيون ظاهر ٿيندي جلدي موذي مرض وٺي
ويو ۽ پاڻ ڄام شورو اسپتال ۾ زير علاج رهي 24
آڪٽوبر 1986ع تي واصل بالله ٿيا. انا لله وانا
اليـﮧ راجعون! سندن قطع تاريخ سنڌ جي ڪهنه مشق
شاعر مرحوم احمد خان آصف هن طرح ڪڍي آهي:
نيڪ دل هو نامور – معصوم شيخ،
”جنتي سومار واهه – مرحوم شيخ.“
1986
هن جي لاڏاڻي – وڏو صدمو ڏنو،
ويو ڪري آصف، گهڻو مغموم شيخ.(32)
شيخ صاحب جي زندگي ۽ شخصيت تي تاثرات هڪ ڪتابي شڪل
۾ به ڇپيل آهن(33)
ته مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ به آيل آهن. پر سندن
علمي ادبي ڪاوشن ۽ فن تي اڃا تمام گهٽ لکيو ويو
آهي. ضرورت آهي ته سندن محنتن جي مڃتا طور اڃا
گهڻو ڪجهه لکيو وڃي. سندن محنت جو اجورو رب العزت
کيس جنت الفردوس ۾ ڏيندو پر دنياوي معاملن طور
ڏاڍو چڱو ٿئي جو کيس اسان جي ملڪي اعزازن مان ڪنهن
تمغي يا اعزاز سان نوازيو ۽ ياد ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته
هن بيقدر ۽ نفسانفسي جي جهان ۾ اهڙا املهه ماڻڪ
وسارڻ بالڪل نه گهرجن بلڪه سندن حياتي مان سبق وٺڻ
گهرجي.
ذاتي طور شيخ صاحب منهنجو مربي ۽ محسن هو. آئون
ڪيترو به لکان سندس ڳڻ ڳائي ۽ ٿورا لاهي ڪونه
سگهندس. سندس بيماري وقت خواهه ادبي مجلسن ۽
ڪچهرين ۾ آئون کين ڪافي ويجهو رهيس. پاڻ سدائين کل
مک ۽ لطيفا سڻائيندڙ بنيادي طور مسڪين پر دل جو
بادشاهه ۽ سخي، علم ۽ حلم جو عملي نمونو، سادو
کائڻ، سادو پهرڻ ۽ اهڙي ئي سندس سادي ۽ سليس زبان،
بغض، ڪيني ۽ ڪوڙ کان پري، شاهه صاحب جي بيت، ”تتي
ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي“ جي مڪمل تصوير هو.
مون ساڻس گڏ پنڌ سفر به ڪيو ته اعليٰ اسٽينڊرڊ جي
هوٽلن ۾ ادبي رهاڻيون پڻ ڪيون، پر سندن مزاج ۾
ڪابه تبديلي ۽ هٺ – وڏائي بنهه نه ڏٺم جڏهن ڄام
شورو اسپتال ۾ آخري علالت وقت مون کين رَت جي بوتل
ڏني ته منهنجو نراڙ چُمندي چيائون ته اڳ پاڻ ڀت
ڀائي هئاسون هاڻ ٿياسون رت ڀائي. مون کي سدائين
پيار ۽ پاٻوهه سان نوازيائين، علم سيکاريائين ۽
تاريخ ۽ ثقافت سان چاهه جو سبق ڏنائين. هميشه
کلندي کلندي ڳالهه ڪندو هو ته سندن ڪيترا ڪتاب سنڌ
جا ناليوارا اديب ڦٻائي ويا. هڪ ٻن ته سندس ڪتاب
پنهنجن نالن سان ڇپائي به ڇڏيا، پر شيخ صاحب مرحوم
ڪنهن سان به شڪوه شڪايت ڪونه هئي. ڄام شوري اسپتال
۾ بيماري جي جنگ به کلندي کلندي ٽهڪ ڏيندي لڙيو.
سڀ کان وڏي ڳالهه ته مون ڪڏهن به سندس زبان تي
تنگدستي ۽ مفلسي جون شڪايتون نه ٻڌيون. بيشڪ معمور
يوسفاڻي ”بديڻن“ تي لکيل چاليهن صفحن جي مثنوي ۾
(جيڪا پاڻ شيخ صاحب جي فرمائش تي لکيائون) ڪيترو
نه ڀلو چيو آهي:
دور هن جي سونهن آ، ”سومار شيخ“،
آهي سڀني جو پيارو، يار شيخ.
جنهن لکيا آهن سٺا ڪيئي ڪتاب،
جنهن جون تصنيفون سڀئي لاجواب.
ڀونءِ جنهن تي ٿا رهن، ههڙا اديب،
ڀونءِ ان جو آ ٿيو اعليٰ نصيب.
(بدين ضلعي جو مطالعو)
حوالا:
1.
ڪلام مرکان شيخڻ، شيخ محمد سومار، ص: 20، جيلاني
پبليڪيشن بدين، 1971ع.
2.
شيخ قرهيي ڀانڊاري کي ڳائيندڙ شاعر، شيخ محمد
سومار، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، 1978ع.
3.
قلم وهي ويو ڪانهن، شيخ محمد سومار، مير محمد بخش
ٽالپر جو تاثراتي نوٽ.
4.
ڪليات شيخ الله بچايو، مرتب: شيخ محمد سومار،
جيلاني پبليڪيشن، بدين 1970ع.
5.
ٽماهي ”مهراڻ“ (شاعر نمبر، ص: 714، ايڊيٽر: غلام
محمد گرامي.
6.
در ناياب عرف يادرفتگان (ٻيو ايڊيشن)، مرتب: مخدوم
محمد زمان طالب الموليٰ.
7.
ڪليات الله بچايو، شيخ محمد سومار.
8.
محمد سومار شيخ (شخصيت ۽ فن)، ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد.
9.
بدين ضلعي جو مطالعو، مرتب: محمد سومار شيخ، محمد
موسيٰ جوکيو جو مضمون، ص: 333.
10.
مهراڻ (شاعر نمبر)، غلام محمد گرامي.
11.
سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ص: 400، مرتب: ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر 1990ع.
12.
بدين ضلعي جو تعارف، ص: 21، مرتب: شيخ محمد سومار.
13.
محمد سومار شيخ (شخصيت ۽ فن)، ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو
14.
ماهانه ”نئين زندگي“ ڊسمبر 1986ع، ايڊيٽر عابد
لغاري، ظفر ڪاظمي جو تاثراتي مضمون.
15.
”بدين ضلعي جو اديبن شاعرن ۽ فنڪارن کي تحسين
نامه“، مرتب: شيخ محمد سومار، 1983ع. ضلع ڪائونسل
بدين.
16.
بدين ضلعي جو مطالعو، مرتب: شيخ محمد سومار، ڊاڪٽر
اسد جمال پلي جو مضمون: بدين ضلعي جا بزرگ.
17.
ماهوار ”نئين زندگي“، 1980ع کان 1982ع جا مختلف
پرچا، جن ۾ عابد لغاري جو مضمون ”سنڌ تاريخ ۽
ثقافت جي آئيني ۾“ قسطوار ڇپيل آهي.
18.
در ناياب، (ٻيو ايڊيشن)، مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ.
19.
لاڙ جو مطالعو، مرتب: ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو،
هدايت پريم جو مضمون: سنڌي لسانيات ۾ محمد سومار
شيخ جون خدمتون.
20.
(الف) شاهه جا گم ٿيل بيت (سر مارئي)، شيخ محمد
سومار قرهيي پوٽو. (ب) شاهه جا گم ٿيل بيت (9
سُر)، شيخ محمد سومار بدينوي، اسلاميه دارالاشاعت،
حيدرآباد 1957ع. (ج) ماهوار ”انسان“، ايڊيٽر م.ع.
ڏيپلائي.
21.
ماهوار ”نئين زندگي“، آڪٽوبر 1956ع، ڊاڪٽر
دائودپوٽه جو مضمون.
22.
(الف) املهه اڻ توريا، فقير امداد علي سرائي. (ب)
قدم ڪاپڙين جا، فقير امداد علي سرائي.
23.
ڪڇين جا قول (ص: 140)، شيخ محمد سومار.
24.
لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا، (1986ع)، شيخ محمد
سومار، تنظيم فڪر و نظر سنڌ، سکر.
25.
(الف) ماهوار نئين زندگي، ڊسمبر 1981ع، مارچ، جون،
جولاءِ ۽ آگسٽ 1982ع- مارچ 1983ع جا پرچا ڏسو:
معمور يوسفاڻي جو مضمون: ”لطيف جو ٿرپارڪر جي
ايراضي ۾ سير سفر“. (ب) سنڌ باب الاسلام، پروفيسر
اسد الله ڀٽو، ڏسو: معمور يوسفاڻي جو مضمون:
”ٿرپارڪر ۽ شاهه لطيف.“
26.
شاهه لطف الله قادري جو ڪلام، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
27.
”لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا“، شيخ محمد سومار،
ڏسو: شاهه لطف الله قادري جو احوال، ص: 114.
28.
تاريخ سجاول- عزيز جعفراڻي، ڏسو: محمد سومار شيخ
جي تحرير ”ورکا“، ص: 30
29.
لاڙ جو مطالعو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڏسو:
مضمون: لاڙ ۾ ثقافتي سرمايو، ص: 104.
30.
ٽماهي ”مهراڻ“ (شاعر نمبر)، ايڊيٽر: غلام محمد
گرامي
31.
شيخ قرهيي ڀانڊاري کي ڳائيندڙ شاعر، شيخ محمد
سومار، لاڙ ادبي سوسائٽي.
32.
ماهنامه ”نئين زندگي“ (ڊسمبر 1986ع)، ص: 40
محمد سومار شيخ جي وفات تي لکيل تعزيتي نوٽ، مرتب:
ابوبڪر شيخ- (لاڙ ادبي سوسائٽي 1986ع). |