ٻه اکر
جيڪو ڪو ٿورو ڪلام اڄ اسان جي هٿن ۾ آهي اهو هڪ
بدين جي لوڪ شاعر جو ڪلام آهي. جيڪو ماڻهو کان ۽
ڪن بندين مان حاصل ڪيو ويو آهي. جيئن گل سومرو هڪ
لوڪ شاعر هو انهي ڪري لوڪ شاعر جي باري ۾ هتي اسان
کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور لکڻو پوندو.
لوڪ شاعر
جيئن ته هينئر عام رواج آهي ته اسان جا شاعر هڪ سٽ
شعر جي ٺاهڻ تي هڪ پنون ته لازمي طرح خراب ڪندا
آهن. هڪ اکر ڊاهي پيو لکڻ، اهو پسند نه اچڻ وري
ٽيون لکڻ. اهڙي طرح لکندا رهندا آهن پوءِ جڏهن وڃي
ڪا سٽ ٺاهيندا آهن ته به ان سٽ ۾ نڪو ساهه نڪو
ماهه هوندو. پڙهندڙ جي دل نه چوندي ته ڪو شعر
پڙهان. انهي جو فقط اهو سبب اهي جو اسان جي قلمي
شاعرن جي نڪو اندر ۾، نڪو قلم ۾ جذبو هوندو آهي،
نڪي وري سندن لکڻي کين وڻندي آهي. پوءِ ڀلا ڪيئن
ٿي اهڙي چيز عام مقبول پوي؟
انهي جي برخلاف لوڪ شاعر بنهه اڪيلو يا ماڻهو جي
هُل ۾ هجي، پر جي هلندي آيس پور: ته ڪلام سواءِ
ڪنهن قلم کڻڻ جي سڄو سارو تيار ڪري ويندو. ۽ اهو
ڪلام ائين چوندو ويندو، جو ڄڻڪ هڪ سٺو شعر ٻي ڪنهن
جو ياد اٿس. پر ائين اصل نه هوندو آهي. اهو وات
مان نڪرندڙ شعر انهيءَ لوڪ شاعر جو پنهنجو شعر
هوندو آهي.
انهي شعر ۾ جذبو هوندو آهي، روح هوندو آهي. اهو
شعر حياتي هوندو آهي. ڀلا ڇو نه جذباتي شعر هجي جو
اهو سچي پچي شاعر جي واتان نڪتو آهي جو. لوڪ شعر
لوڪ سمنڊ آهي.
هر ڪنهن شاعر جو پنهنجو سمنڊ، هر ڪنهن سمنڊ جي
پنهنجي اونهائي. جيترو وڏو سمنڊ هوندو، اوترا
منجهس سِپ گهڻا ۽ موتي ججها. موتين جي چڳڻ لاءِ
هنج ولاتيون واسي ايندا آهن، ۽ انهي سمنڊ مان موتي
ڪڍي چڳندا آهن.
شعر آهي سمنڊ ان جي نازڪ خيالي آهي، اونهائي، سپ
آهي ڳوڙهي نازڪ خيالي. جيئن سپ ۾ موتي سمائبا آهن،
اهڙي طرح ڳوڙهي شعر ۾ موتي پوتل هوندا آهن. انهن
موتين کي هنج يعني پارکو اچي کائيندا آهن. يعني
انهن کي پروڙ يندا آهن.
موتي کائڻ ته هنج جو ئي ڪم آهي ويچارو ٻگهه (اسان
جو قلمي شاعر) جنهن جي من ۾ اهي ڍينڊ ۽ ڍنڍ سو ڇا
ڄاڻي سمنڊ مان ۽ ڇا ڄاڻي موتين کي چڳڻ مان.
ٻگهن مڇي من، پارس پسن ڪينڪي. (شاهه)
اهو ئي ساڳيون مثال لوڪ شاعر ۽ قلمي شاعر جو آهي.
گل محمد سومرو به هڪ لوڪ شاعر آهي.
پاڻ ويچارو بنهه ٿو رو پڙهيل هو. ٽپال جو ڪم ڪندو
هو. ڄائو نپيو ڳوٺ پير فتح شاهه ۾ (51 ورهيه عمر،
وفات 1946ع)، سندس عشق پارس جهڙي پرين ڏانهن هو.
جنهن جي حب جو سڄو ڪلام ظاهر آهي. اهو پارس حضور
جن آهن. ويچاري گل جو ٿورو ڪلام هٿ پيو آهي نه ته
سندس ڪلام ڪافي آهي.
في الحال جو رُلي پِني حاصل ڪيو ويو آهي. اهو
حاضر ڪجي ٿو:
جهرمر پس جوان، اندر موتين جي مٺا،
ساراهي سبحان، موتي ڏسي ملڪ جا
فقط
محمد سومارالله بچايو شيخ
بدين
30 ربيع الثاني 1376هه
گل جو ڪلام
(گل محمد گل سومرو)
صفت باري تعالى جلشانه
هڪ ڌڻي
آهين رب ڌڻي تون، رحمان منهنجو،
ڪر مشڪل هي آسان منهنجو.
مون کي روز رزق ڏين رازق تون،
منهنجو خلقيندڙ هڪ خالق تون،
سڀ مطلب ڪر، منهنجا مالڪ تون،
ڪر محب مٺي وٺ مان منهنجو.
سڀ آدم رب اُپايا تو،
ڪئين نوري ناري، نپايا تو،
پنهنجي حڪمت ساڻ هلايا تو،
ڪر سوال سچو، تون سبحان منهنجو،
توکي
معلم
منهنجي
من سندي،
جيڪا تار طلب آهي تن سندي،
مون کي آهي اُميد امن سندي،
ڪر ڀيڙو سنگت برهان منهنجو.
سڻي ’سومري‘ ”گل“
جي تون صدا،
ڪر پوري تون، خاوند خاص خدا،
نه ڪر جيئري تون، جانب يار جدا،
هنيون هوت ڪيو، جنهن حيران منهنجو.
سچو ربّ
آهين رب سچو تون ستار منهنجو،
ڪر غرض کڻي تون غفار منهنجو.
مون ته
سوال
ڪيو
هڪ
سالڪ
کي،
تنهن موٽي چيو ته: چئو مالڪ کي.
تنهنجي سڻندو خدا چئو خالق کي،
آئون ته ڪين مڃيان ٿو انڪار منهنجو.
ڪنهن غريب کي، ٿيندو غم جڏهن،
رکي دوست حسن تي ٿو دم تڏهن،
بندو ڪين ڪندو، ڪنهن جو ڪم ڪڏهن،
ڪر جلدي ڪم، جبار منهنجو.
منهنجا عرض سڻي، تون آگا اڄ،
ڪا رمز رکي ڇڏ رحمي رڄ،
وجهه ڇائي جي، تون منهنجي ڇڄ،
ڪر باغ سڄو تون بهار منهنجو.
ڪر غور سدا ”گل“
جو تون غني،
اڃان ور لئي ويٺي آهه وني،
ڇڏ ڇوري کي تون ڪيم ڇني،
تنهن کي پرور ڏي ڪو پيار منهنجو.
الله سان
عشق
رک
عشق رک الله سان، تون ٻي نه وائي وات ڪر،
ڪر عاجزي آگي اڳيان، ڀورا نه ٻي تون بات ڪر.
بي بقا تون ڇو بندي تي، ٿو ٿئين عاشق ادا،
بي وفا آهي بندو، تنهنجي نه ڪا تون تات ڪر.
بي وفائي ڏس بندي جي، خود خدا سان ٿو ڪري،
توسان وفائي ڪيئن، سمجهي سڻي تون سانت ڪر.
منت ڪر مولى اڳيان، جو ملڪ جو مالڪ آهه.
سو مڃيندو منت تنهنجي، ٻيو نه ڪو خيالات ڪر.
ڇو نٿو سمجهي سدا ”گل“
حرف هڪڙي مان هنيا،
لا اِلٰھ الا الله پڙهي، زير پنهنجي ذات ڪر.
صفت
رسولي
ڪانگ
قاصد
آيو ڪانگ ڪري، ڪم ڪار منهنجو،
لاٿئين لِکَ ۾ اچي، انتظار منهنجو.
ڪيڏو ڪانگ ڪيو مون تي ٿورو ٿڌو،
آيو خاص کڻي سنيهو سڄڻ سندو،
ڇا بدلو ڏيئي، لاهي بار بندو،
ڪڍي ڪوري ڏيان، هي ڪپار منهنجو،
آيو عرب سندو سو ته ڏيهه ڏسي،
پکي پرين کي، آيو پاڻ پسي،
ڪريان ڪانگ مٿان، صدقو ساهه سسي،
گهوري گهوري ڏيان، هي گهر ٻار منهنجو.
ويجهو وڻ مٿان آيو چوٽ چڙهي،
اوڏو اڱڻ اڳيان، ويٺو لام لڙي.
کولي خوشي منجهان ڏنئين پرزو پڙهي،
وٺندي وهسي ويو، وار وار منهنجو.
چڱي چهنب سدا ”گل“
چوري چيئون،
ڳالهيون ڳارا ڏيئي، قرب واريون ڪيون،
سڻي سرهي ٿيس، اديون اچڻ سنڌيون،
اڄ ايندو سيد سردار منهنجو.
ملايو يا رسول الله صه
ملڻ وس ناهي، محب منهنجي ملايو يا رسول الله،
مون تان مشڪل سندو مهڙو، مٽايو يا رسول الله،
مون وٽ ڪا مڏي مايا، دنيا دولت نه آهه دايا
ڇا تي ڪريان سڄڻ سعيا، سڏايو يا رسول الله.
نڪا ياري، نڪا ڀاري، سڄڻ توکي آهه سڌ ساري
قرب تنهنجي ڪيس ڪاري، ڪوٺايو يا رسول الله.
مون
تي
دشمن
پيو
ڌڌڪي،
ڏيکاري
ڀو پيو
سڀ
کي،
تنهن کي تڙ تئون ڪڍو تڙڪي، تڙايو يا رسول الله.
سدا ”گل“
يار تنهنجو گولو، اجهو تنهنجو ٿي تون اولو،
ڪڍي روح مان تون رنج رولو، رچايو يا رسول الله.
ڏک ڏوٿين تان لاهيندو احمد ڄام اچي
ڏک لاهيندو ڏوٿين تان، احمد ڄام اچي،
سک ڪندو تن سانگين تي، محمد ڄام اچي.
تو گهر خان خوشي ٿي، هتي پيئڙو ماتام مچي،
حشر اني جي حال سين، تو وٽ پئا ناچ نچي.
هلان ڪئي تو هيڻن تي، عمر ڄام اچي،
روڄ اُنيجي راڄ ۾، تو در پئا رنگ رچي.
هت ميوا کاڌا موجون ٿيون، انب، انجير، ايلاچي،
هت لانگهو پيو لويارن ۾، تو وٽ پئا پڪوان پچي.
گوندر لاهيندو ”گل“
چئي، عربي سو اچي،
ملڪ پاڻ تنهن محمد جو، جنهن جي آهيم سڪ سچي.
ڀلي
پئ
ڏيهه پئا ڏورن
متان ڪي ڏيهه ٻئا ڏورين،
انهيء هند ڳول تون ڳڻ کي،
وهي ڏس وجود ۾ ووڙي تون ور کي.
اسم الله جو، گهوري ڏس گهر کي،
متان ڪي ڌيان ٻئا ڌارئين.
جائي جانب يار جي، جاچي ڏس جيء ۾،
آڌي ڏي اُٿي تون، صبح جو مٽي ۾،
متان تون ننڊ کي نهارين.
سوچي ڏس سرير ۾، تون بدن کي ڀورا،
مڪو مدينو من ۾، ڏسي تون ڏُورا،
متان ڪا هڙ وڃين هارئين.
سدا ”گل“
سجود ۾، راتا ڏينهن رهُه،
سختيون سڀئي سر مٿي تون سارو ڏينهن سُهه،
متان ڪي ٻئا سَر سارين.
ڏس
جيئڻ
کي
جوڙ ڏيئي ڏس جيئڻ کي، ڏيل ۾ ٻاري ڏيا،
باقي بقايا ڇا بچي ٿي، پهر پاڇي ڪي پئا.
مست ٿيو مُڇ مير موڙئين، ماڪ تي موريو ميان.
پهر پل کان پوءِ نه پسندين، ماڪ لهي ويندي ميان.
اڄ اڄوڪي ڏينهن ۾، تو لوڙهه لاشن جا ڏٺا،
ڪين عبرت وير ورتئي، هن حياتيء جي هنيا.
رٿون رٿئين روز راڻا، سال ايندئي جو اڃان،
ساهه تي ويساهه ڪهڙو، ڀروسو ڪرئين ڀَيا.
سوٽ
سالا،
چڱيء
چالا، مائٽ تنهنجا هئا مٺا،
”گل“
ڪٿي او گهوٽ گهر ۾، سي وڃي رڃ ۾ رهيا.
مرد
هئا
مور
مڙد هئا ڏس هت ڪي مور، |
ٽنڊ ڪيڏانهن ويئي تن جي ٽور... |
لوڪ ڪنان، هُئا سي لاثاني، |
شوق ڇڏي ويا هت سي شور... |
|
|
نينگر ويا سڀ ننڍڙا ننڍڙا، |
ڏس ته جيئن پيا، جڏڙا جڏڙا، |
ڪونڌر ويا ٿي قيد قبر ۾، |
اُت ويٺا آهن وڏڙا وڏڙا. |
|
|
صورت جن جي هئي سبحاني، |
سي بُوئرن ۾ ڇڏي ويا ڀور... |
حسن جنين جا هئا هن هنڌ تي، |
سي پڻ هليا پرئين پنڌ تي. |
|
|
ڪلا ڇڏي ويا يار ڪلر ۾، |
آڊر جن جا هئا انڌ تي، |
نالو تن جو ناهي نشاني. |
ضايع ٿي ويا تن جا زور... |
|
|
پٽ
پٽيهر
جن
تي
پايا، |
سج چنڊ تن وٽ ٿي شرمايا، |
سي ته بهادر ويا بر ۾، |
گهوٽ ازل جي گهيري گهايا، |
|
|
لاکيڻا ويا ڏس لقماني، |
عاشق هئا يار اتور. |
غفلت ۾ تو ”گل“
گذارئين، |
نيڪيء ڏي تان ڪين نهارين، |
|
|
آرس ڪرئين تون به اندر ۾، |
صاحب رب کي ڪين سنڀارين، |
نڌر نه ٿي تون ڇڏ ناداني، |
ڏاتر کي تون ڏهاڻي ڏور... |
|