سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2022ع

باب:

صفحو:9 

عنايت بلوچ

حيدرآباد

 

 

 

غزل

دُکيل چِڻنگ ڇو اڄ اُجهامڻ لڳي،

ٻريل لاٽ ڇو يَر وسامڻ لڳي.

وَسيل آشيانا به اُجڙي ويا،

اُتان ڌوڙ ڇائي اُڏامڻ لڳي.

اندر ۾ سوين سور نِسري پيا،

سڄي دل جي ڌرتي به کامڻ لڳي.

ملاقات جي رات گذري نه شل،

نه ويرم لڳي، سا وهامڻ لڳي.

چڱايون ۽ نيڪيون لڏي ڄڻ ويون،

بُرائي ته ويتر ويامڻ لڳي.

’عنايت‘ وري ڪي بهارون وَرن،

اها آس اندر اُڀامڻ لڳي.

غزل

مٺڙا مون کان ٿيندو وڃجان،

روح کي راحت ڏيندو وڃجان.

تنهنجي راهَه ۾ نيڻ وڇايم،

پيارا پير ڌريندو وڃجان.

مان به اُڃايل، تون به اُڃايل،

پيئندو ۽ پياريندو وڃجان.

رستي ويندي جاني مون وٽ،

چار گهڙيون گهاريندو وڃجان.

لمحن لاءِ جياري ڇڏجان،

پوءِ ڀلي ماريندو وڃجان.

حسن جوانيءَ جا ڪي موتي،

مون وٽ ڀي هاريندو وڃجان.

آهي ’عنايت‘ اوسيئڙي ۾،

وسريل کي ساريندو وڃجان.

 

دين محمد ’سُجاڳ‘ پلي

لطيف نگر، عمرڪوٽ

 

 

 

 

غزل

اهليانِ شهر جي اقدار جي پارت اٿؤ،

مخلصن جي محبتن  جي پيار جي پارت اٿؤ.

رند کي ڇا لئه ڏيو ٿا انتظاري جو عذاب،

ساقيو جلدي ڪريو مئخوار جي پارت اٿؤ.

ٽي طلاقون شهر ۾ پنهنجي نه ٻولي کي ڏيو،

شهر جي هر شور ۾ جهونگار جي پارت اٿؤ.

رهزنو سڀ ڪجهه کڻو سڀڪجهه لُٽيو پر هي ڏيو،

هٿ ٻڌان ٿو هن ڳچيءَ جي هار جي پارت اٿؤ.

بند ۾ دريا نه ڪريو قيد اي اهلِ ستم،

شور ترنم بهر جي للڪار جي پارت اٿؤ.

باغ منهنجي ۾ گهمڻ جي سير جي ناهي منع،

باغ منهنجي جي مگر گل خار جي پارت اٿؤ.

برپٽن جي شام ۾ هن کي نه ڇڏيو هيڪلو،

دوستو هن رنج سان دوچار جي پارت اٿؤ.

ٿي مسيحا ايتريون مايوسيون ڇو ٿا ڏيو،

دل وڌايو حاذقو بيمار جي پارت اٿؤ.

چپ ته چوريو هيڪلائي هانوَ کي جهوري پئي،

ماٺ جي هن جهنگ ۾ گفتار جي پارت اٿؤ.

ٿورڙو توجهه ڪريو اسٽيج تي آهي ’سجاڳ‘،

جگر جي رت سان لکيل اشعار جي پارت اٿؤ.

 

نياز پنهور

ڄام شورو

 

 

 

 

غزل

نيري اُڀ ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ سڏڪي پيو آهي،

ڌرتيءَ تي هڪ نئون ستارو رات ٻڏو آهي.

پري پري تائين اڏريا سڀ ڳيرا زخمي ٿي،

ٻوٽو ڪنهن زيتون جو پورو پاڙ پٽيو آهي.

گهرن گهٽين ۾ ڳاڙهي رت جي بوءِ اٿي پئي،

چوڙيون ٽٽيون ڪنهن جون، ڪنهن جو ڀاءُ مئو آهي.

ڏيهه سڄي ۾ ڏک وکريل آ، هر اک آلي آ،

پوءِ ڀي انگ انگ ڄڀيءَ وانگي ڀڙڪي پيو آهي.

سڀ خوش آهن، شهر شهر ۾ ٽهڪ ٻُرن ٿا پيا،

هڪڙي ڪوڙي، ٻيو ڪوڙو بيان ٿڦيو آهي.

’نياز‘ وري مايوس نه ٿيندي، توکان ڌرتي ماءُ،

تنهنجي منهنجي ڀاءُ ٻيو هڪڙو باب لکيو آهي.

غزل

ديس جون ڳالهيون ڪجن ۽ محبتن کي پائجي،

چاهتن جي گيت سان گڏ گيت ٻيو به ڳائجي.

نفرتن جي سلسلن کي سوچ مان ڪڍجي وڌِي،

پريت پل پل پوکجي ۽ پيار پيو ورهائجي،

جيڪو پنهنجي دل کان آهي دور تنهن کي ڪوٺجي،

جو نٿو ڳالهائي، تنهن سان يَر وڃي ڳالهائجي.

زندگي جي رمز آخر ڇا رکي آهي رحيم،

ڪجهه گهڙيون هي سوچجي، ٻڌجي ۽ ڪجهه سمجهائجي.

خاڪ مان آيا هئاسين خاڪ ٿي ويندا ڪڏهن،

ڇا رکيو آهي رُسامي ۾، پرين پرچائجي.

راحتن جي آ ضرورت هي سڄڻ سمجهون ته ٿا،

ديس کي گهرجي ٿو ڇا، ان تي به ڪجهه فرمائجي.

ڪوڙ جا سڀ محل ديوارون ڀُري ويندا ڪڏهن،

سچ سدا آهي امر، دلبر نه ڪي گهٻرائجي.

 

محمد علي پٺاڻ

 لاڙڪاڻو

 

 

 

 

غزل

پيارُ ڪرڻ ٿو چاهيان مان،

ساھُ کڻڻ ٿو چاهيان مان.

روڪَ نه جاتي جذبن جِي،

ماڳُ پَسَڻُ ٿو چاهيان مان.

قَلَمَ عِلِمَ جي پيرَن سان،

پنڌُ ڪرڻ ٿو چاهيان مان.

اوندھِ ماڻهن ۾ ڪيڏي،

سَجُ ڏِسڻ ٿو چاهيان مان.

ڪنڌُ ته کَڻُ ۽ ڏِسُ مون ڏي،

ڪجهه ته چَوَڻُ ٿو چاهيان مان.

 

وائي

 

اَڄُ به دَرُ آ کُليل، تون اچي ٿي سگهين،

وقت ناهي ويو...

گهُگهَه ۾ روشنيءَ، جيان رَچِي ٿي سگهين،

وقت ناهي ويو...

عشقَ جيان روحَ ۾، ٿي سَچِي ٿي سگهين،

وقت ناهي ويو...

دل مُھين جي مٿان، تون نچِي ٿي سگهين،

وقت ناهي ويو...

چڻنگ مان مَچُ ٿي، سَچُ، مَچِي ٿي سگهين،

وقت ناهي ويو...

 

الله بچايو ’مشتاق‘ آريسر

 ميرپورخاص

 

 

 

 

غزل

دؤر مشڪل کي مٽائي دؤر ڪنهن آسان ڪيو؟

آدمي جي عظمتن لاءِ ڪنهن سڄو سامان ڪيو؟

ڪير هو جنهنکي خداءِ ڪل جهان، محبوب چئي،

آسمانن تي گهرائي پاڻ وٽ مهمان ڪيو.

جِن ملڪ حورن پرين ۾ چوطرف چوٻول ٿيو،

ڪنهنجي در جبريل کي الله اڄ دربان ڪيو؟

ظلمتون سڀ دور ٿيون، روشن ٿيو سارو جهان،

محسنِ انسانيت بيشڪ وڏو احسان ڪيو.

دورِ وحشت کي مٽائي حقّ جو نعرو هڻي،

آ محمّد مصطفيٰصه انصاف کي ارزان ڪيو.

سڀ نبي ٿيا مقتدي ۽ پيشوا محبوب ٿيو،

انبيا جي ساٿ جو موليٰ سچو سلطان ڪيو.

قول هرڪو سيّدالڪونين جو آهي حديث،

خاتم النبين جو الله، اعليٰ شان ڪيو.

”انت محبوبي“ چئي، موليٰ پڪاريو محب کي،

ذڪر محبوبِ خدا جو باصفا قرآن ڪيو.

شرف انساني ڇڏي، حيوان مثل ماڻهو ٿيا،

رحمت اللعالمين انسان کي انسان ڪيو.

جامِ ڪوثر ٿيو عطا الله جي محبوب کي،

ڪيترن کي جام ڪوثر جي نشي مستان ڪيو.

جام پيئڻ کان اڳي ٿي ويو نشو هن جام جو،

ساقئ ڪوثر جڏهن پيمان جو پيمان ڪيو.

باغبان اهڙو مليو ساري جهان کي بي مثال،

پنهنجي رحمت ساڻ جنهن ويران جهان بستان ڪيو.

مذنبين ’مشتاق‘ هوندا جت نبي نفسي ڪندا،

اُت مٺي وعدو شفا جو پنهنجي اُمت سان ڪيو.

 

فضل الله ’فدا‘ چانڊيو

ڪُنري

 

 

 

 

چئي ويو سيف الله سائين، مٺا يارو خدا حافظ،

اچي ويو آ، اوهان کان، وڃڻ وارو خدا حافظ.

 

اسان جي محفلن جو مور، سو مهندار هوندو هو،

اديبن، شاعرن، سگهڙن سندو سالار هوندو هو،

وڏن سان هو وڏو هو، ۽ ٻالڪن سان ٻار هوندو هو،

غزل گو سو نهايت نامور، نروار هوندو هو،

سڀيئي ڀائرئو ۽ ڀينرئو، ٻارو خدا حافظ.

 

نه ڀرجي خال سگهندو تنهنجو سالها سيف الله سائين،

نه چوندو ڪو غزل اهڙا نرالا سيف الله سائين،

سڀن جا نيڻ تنهنجي لاءِ آلا سيف الله سائين،

لکان هت ڪهڙا ڪهڙا، تن جا نالا سيف الله سائين،

نه آهي موت کان ڪو بچڻ جو چارو خدا حافظ.

 

خدا حافظ ڪري، سنگت سموري کي ڇڏي وئين تون،

سائين معمور، عابد ۽ لڪياري ڏي لڏي وئين تون،

اديبن، شاعرن، جي گوندرن ۾ دل گڏي وئين تون،

لڏي اڄ عالمِ برزخ جي تنئري ۽ تڏي وئين تون،

’فدا‘ هن موت ڪيڏو آ ڪيو مارو خدا حافظ.

 

خدايا سيف کي ڏي جنت الفردوس ۾ جايون،

دعاڳو دست بسته دوست سڀئي سيف جا آهيون،

انهيءَ جي يادگيري ۾ انهيءَ جا گُڻ پيا ڳايون،

شريڪ غمّ حزب الله ڪرم الله سان آهيون،

لڏي ويو مڙس مڻيادار موچارو خدا حافظ.

 

جمال‘ مراد گبول

ميرپور- ساڪرو

 

 

 

 

غزل

هي چڪر جنهن آ هَلايو، دل اهو ڏي تون جَواب،

ڪنهن بنايو مست مونکي، عشق هو يا اِنقلاب.

لفظ هي هڪڙو ئي آهي، يا لکڻ ۾ ڌارَ ڌارَ،

ساڳيو مفهوم معنيٰ، يا بَنيل ٻيو آهي باب.

اَک ڏسي ٿي عقل سوچيو، فيصلو دل تي ڇَڏي،

تنهنڪري توکان پُڇان پيو، ڪنهن ڏنو هي آ عَذاب.

سِجّ کي جيئن سِتارا، چوطرف ڦِرندا وَتن،

حُڪم تيئن تنهنجو هَلي ٿو، عُضوي هر تي هَم رِڪاب.

مان پُڇڻ توکان ٿو چاهيان، سڀ سَبب ڦاسڻ سندام،

ايترو مونکي ٻُڌا تون، ڏوهه ڪيائين يا ثواب.

جيئن چڙهي ’درياءَ‘ لهي ٿو، تيئن اٿئي دل جو مِثال،

’سنڌو‘،’ستلج‘،’راوي‘،’جهلم“، يا چوان تنهن کي’چناب‘،

ماس ’بروي‘ هو ڏنو ۽ سر وَڍي راءِ ’ڏياچ‘،

ڪيئن پچن کامن پتنگ ٿا، نينهن ۾ نازِڪ نَواب.

ڇَٽَ ڪري پَٽَ تي پيا، بي تاج بَنيا بادشاهَه،

بس جهَلي جنهن کي به ٿو، اُن کان وٺي پُورو حِساب.

’عين‘ مقصد تي پُڳا جي، ’شانُ‘ وڌيو ’قُرب‘ جو،

جملي اِن ۾ عشق ڏس تون، ڪيئن اَچي ويو لاجَواب.

تون ئي ”ڪعبو“ پاڻ آهين، تون ئي قاضي قلب جو،

فيصلو هي توتي آهي، ڪين ڪج ڪنهن جو حِجاب.

ٿو ڏيان درخواست توکي، قُرب جي ڪورٽ اَندر،

ڏئي سمن ان کي گهُرائي، فيصلو ڪر فيضياب.

مَس مُحّبت جي بنائي، ٺاهي لِک تون ڪاغذات،

پيش پو ڪر تون قصو، هي قُرب جو کولي ڪتاب.

عشق اُونهو آ اِلاهي، پيڙهه آ تنهنجي پَڪي،

سوچي سمجهي هٿ لڳائج، جَجّ صاحب اي جَناب.

ڏي سزا يا ڪر بري بَس، تنهنجي وَس ۾ آ ’جمال‘،

ڪر نبيرو نينَهن جو، ناڪام کي ڪر ڪامياب.

 

قادربخش ’مخلص‘ چانڊيو

دڙيلو

 

 

 

 

غزل

اڳ ته ايندو هئين اسان وٽ، اڄ نه آئين ڇو عجيب،

برغلايو غير توکي، يا ڦٽا منهنجا نصيب.

توري دارون، ڪونه ٻيو ڪو، ويڄ سڀ ورچي ويا،

ديد پنهنجي جي دوا، ڏي تون اچي تَن جا طبيب.

جن وڇوڙو هي وجهي، آهي ڪيو ڪيڏو ڪَلور!

سي رُلي رهزن رندن تي، شل مرن رولو رقيب.

ته به لکين ٿورا سَندئي، جيڪر لڙي تون لاش سان،

دم گهڙي ترسي دفن، جي تون ڪرين هٿ سان حبيب.

ڪونه ’مخلص‘ کان سوا، تُنهنجو نه هِت ’مخلص‘ مٺا.

ڀوڳ ناهي تون ڪجان، هيءَ ڳالهه مُنهنجي ڪَنِ قريب.

 

غزل

مل اچي جلدي مٺا تون، رات ڪاريءَ ’ٻاٽ‘ ۾،

توکان ڌاران ٿو گُذاريان، هاءِ هِت ’ٻوساٽ‘ ۾.

تنهنجون هر ڪنهن کان پُڇائون پيو ڪريان پيارا پرين،

توکي ڳوليندو وتان ٿو، هرڪنهين ’گهر گهاٽ‘ ۾.

زلف جي زنجير ۾ ائين اوچتو قابو ڪَيئه!

جيئن ڪٿان ٻَڌجي وڃي ڪنهن جي ’کاٽ‘ ۾.

تو عشاقن جا ڇڏيا آهن جُهڳا سڀ جهڻ ڪري،

رمز اهڙي ڪا رکيل آهي سَندئي هٿ ’ناٽ‘ ۾.

توسان جي واعدا ڪيم، سي هر طرح پورا ڪيم،

مون نه گهٻرايو ڪڏهين هو سيءَ جي ’سوساٽ‘ ۾.

توکي ’مخلص‘ سان گلي لڳندي ڏسي اي ماهرو،

وئي رقيبن کي لڳي سر سان پيا ’گهوماٽ‘ ۾.

 

امر اقبال

خيرپورميرس

 

 

 

 

ننڍڙو نظم

تو لکيو آھي:

”ٽمندڙ ڇت ھيٺان

سامان کي بچائيندي

منھنجو ھٿ

سڀ کان پھريان

تنهنجي شاعريءَ جي ڪتاب ڏي وڌيو.“

تنھنجو، اھو جملو پڙھي

منھنجيون اکيون

ھڪ دفعو ٻيھر

ٽمندڙ ڇتين سان

مقابلي ۾ لھي آيون آھن.

 

غزل

ھي سڀ تُنھنجا گهايَلَ ٿِي! وِڄُ جـــــا پـاڻي آيَــــلَ ٿي!

مَــــنَ اســـان جـا مُرجهايَلَ، تَنَ اســـان جــــا تايَــلَ ٿِي!

راڻي! تنھنجيـــون اکيون ۽ ، ڳَلَ اســــان جـــا ڳايَلَ ٿي!

ماڻھــــو اوندھه- خيمن ۾، چؤمــــاسي جـا چايَلَ ٿي!

نظم

ڇتين سان گڏ ھانءَ ڇڄي پيا

ڀت جي ھيٺان نياڻي ڦٿڪي

گرچڻ ۾ ھو پوڙھو ڦاٿل

روڊ ڪناري اڀ جي هيٺان

ٻالڪ بک سان بَھِلايا وِيا

ماءُ جا ڳوڙها ڪير ڳڻي؟

لڙھيل لوڙھا ڪير ڳڻي؟

پاڻي آھي ڳوٺَ ڳھي ويو

نقشي ۾ ئي ڪين رھيا

ھي ٿئي سنڌ جا سورَ نوان!

ھي ٿئي سنڌ جا سور نوان!

 

قمر مورائي

مورو

 

 

 

 

غزل

 

دعا رب پنهنجي کان ايءَ ٿو گهران،

اچي موت پوءِ، پهرين دلبر ڏسان!

 

لاهه ڪشتي اکين جي درياه ۾،

کٽي منهنجي قسمت ٻڏان يا تران!

 

گهٽيا فاصلا ڪين ڪي درميان،

غمن جي جهان کان مان ڪيڏي چُران.

 

ڏيئو دل جو ٻاري، تون ڪج روشنائي،

درد مون ڏي سڃجان اجهو ٿو وران.

 

گيت

هي گيت جيڪي جهونگاريان ٿو!

انهن ۾ ڪو ته پڪاريان ٿو!

 

هيءُ شهر امن جو گهر پر،

آثار  هاڻي ڏيکاريان ٿو!

 

ڇا ويڙهو هئو ته قبيلي جو،

هاڻ هر در بند ڪرايان ٿو!

 

ڀائرن مان ڀائپي ختم وئي،

ڪري ياد هنجون هت هاريان پيو.

 

غلام حسين’مشتاق‘سچاروي

حيدرآباد

 

 

 

 

نظم

بختاور نياڻي!

مرڪ منهن تي ڏسي نه ڀلجي وڃ،

هن جي اندر ۾ جهاتي پائي ڏس.

خواهشن جي قتل گاهه جي ويجهو،

حسرتن جا پهاڙ ٿا ڏسجن.

هُن جو جوڀن بهار جي مُند ۾،

پيش منظر ڪري خزان جو ٿو.

جنهن ۾ جهولا جهڪون لُڪون آهن،

هن جا هٿ پير سڀ لفون آهن.

هن جي غربت سندس جواني کي،

درد و غم جو نئون پيام ڏنو.

هو ٿڌا ساهه ٿي کڻي ڄڻ ڪنهن،

گرم کوري مان باهه ٿي ڀڙڪي.

گهر ٻُهاري وٿاڻ صاف ڪري،

کير ڀي ڏهي ولوڙي ڀي.

رڌ پچاءَ بعد کيت تي پهچي،

ٿي ڪري رونبو توڙي لابارو.

ڳاهه ڳاهي ۽ وائري ڀي هو،

مال جو گاهه مٿي تي ڍوئي هو.

هن کي ڪرڻو پوي ٿو ڪم سارو،

ڀل هجي سيارو توڙي اونهارو.

هي سدا سدوري سونهاري،

پوءِ به ٿي سڏائجي ڪاري.

ماءُ پيءُ نانءُ رکيو هو بختاور،

بخت هن جو ڪڏهن نه ٿيو ياور.

هو به معصوم خواهشون ٿي رکي،

هن جا جذبا به موجزن آهن.

هُن جا سپنا به چور چُور آهن،

خواب سارا مٿي جو سُور آهن.

بي بسي بي ڪسي جي حالت ۾،

خوبصورت شباب عذاب آهي.

گهر کان ٻاهر جي پير پائي ٿي،

بدنگاهن جو ٿي ڏسي طوفان.

ڏک ونڊڻ وارا آهن گهٽ،

ڏک ڏيڻ وارا بي شمار مگر.

خواهشن عيش عشرت جو،

هرڪو سمجهي ٿو هن کي رانديڪو.

هن جي عظمت جي ڇو خبر ناهي،

هن جي حالت تي ڇو نظر ناهي.

هو به هِن قوم جي ئي نياڻي آ،

تنهن جي منهن جي اسان جي نياڻي آ.

 

عابد مظهر

ڪراچي

 

 

غزل

مان مري ويندس ته توتي مرندو ڪير،

تنهنجي نالي جي پٺيان پوءِ جيئندو ڪير.

روز اڀرندڙ سج جو جي ٿيندي يار،

چنڊ جي پو روشني کي وڻندو ڪير.

ها پروڪي مند آهي مٽ ۾،

ڀاڳ وارو اڄ اسان وت ايندو ڪير.

ٿي متارن کي پيارين پيار مان،

تنهنجي چرنن مان چريو ئي اٿندو ڪير.

تنهنجي راتاهو هڻڻ وارن سان دوستي،

ڪوڙ کي پوءِ سچ چوڻ لاءِ لکندو ڪير.

تون ملين ئي ڪونه ٿي وعدو ڪري،

ڀروسو توتي ڀلا پوءِ ڪندو ڪير.

نظم

مان تنهنجا نظم توکان

ٻڌڻ ٿو چاهيان

پر شاعري ۾ نه

بلڪل تنهائي ۾

ها سچ به تنهنجي نظمن

جي مڌ جو نشو مون کي،

موکيءَ جي پياريل متارن واري مڌ جي

سرور

وارو لڳندو آهي

ها مان ان متارن جي

قبرن مان تنهنجي

ڏنل سرور جي يادگار

قبر بڻجڻ ٿو چاهيان.

ڇا تون مون کي پنهنجي

نظمن سان ..... محبت واري

قبر بنجڻ .................

 

عباس ساٿي ڀنڀرو

پٿورو

ڪافي

تنهنجي درد ڪيا دلگير لکين،

ڪئين پير فقير امير لکين.

 

جن تنهنجي نظر جا تير لڳا،

سي دنيا جي هر ڪم کان ويا،

ڪئين شاه ٿيا تنهنجي در جا گدا،

مجبور ڪيا تو مير لکين.

تو موهي ڇڏيا مخدوم ڪئين،

تو دليون لٽيون معصوم ڪئين،

تنهنجي محبت ڪيا مغموم ڪئين،

تنهنجي وره وڪوڙيا وير لکين.

تنهنجي حسن ڪئين حيران ڪيا،

مجبور ڪئين مستان ڪيا.

تو سوگها ڪئين سلطان ڪيا،

پيا نيڻين وهائن نير لکين.

تنهنجي ناز جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان،

تنهنجا روز عجب انداز نوان،

تنهنجا نيڻ اچن ٿا اهڙا سنوان،

ٿين زخم بي تقصير لکين.

تنهنجي زلف جا جن کي پيچ پيا،

سي عمر لئه اهڙا قيد ٿيا،

تنهنجي در کي ڇڏي ڪنهن در نه ويا،

ڪيئي اهڙا عجيب، اسير لکين.

تو در در تي ڪئين رلائي ڇڏيا،

تو گهورن سان ڪئين گهائي ڇڏيا،

تو خاڪ ۾ ڪوڙين ملائي ڇڏيا،

ڪُٺئي ڪامل بي تڪبير لکين.

ڪئين ساٿي تو لاچار ڪيا،

ڪئين بيوس تو بيمار ڪيا،

ڪئين دليون کسي تو ڌار ڪيا،

تو ماري وڏا مهمير لکين.

 

اَمر پيرزادو

ڪراچي

 

 

 

 

غربت کي ڪو ڪٽ ڏيو هان

غربت کي ڪو ڪٽ ڏيو هان

ڪچڙا ڪچڙا گهر اسان جا

تن جا ٿوڻيون ٿنڀا ٿيو هان

مينهن بڻيو آ ڇت اسان جي پيرن هيٺان آھي پاڻي

پير رکڻ لئه پٽ ڏيو هان

غربت کي ڪو ڪٽ ڏيو هان

گهرڙا وڏڙن جون هون يادون سي ئي گهرڙا يادون

ٿي ويا قبرون وڏڙن جون نيشانيون پاڻي اندر پوريل آھن

ڪيڏا ڏکيل منظر آھن جيڪو ڀرجڻ ممڪن ٿي هان

اهڙو ڪوئي ڦٽ ڏيو هان غربت کي ڪو ڪٽ ڏيو هان

هڙ اسان جي

پاڻي ۾ ھي جڙ اسان جي پاڻي ۾ هي

دير اوهان جي پهچڻ ۾ هي ڪو ته پيئڻ جو مٽ ڏيو هان

غربت کي ڪو ڪٽ ڏيو هان

امدادن جون ٿيلهيون سکڻيون

ڪيسين تائين پيٽ ڀرينديون

 ڏور نظر ڪا ڦيرايو هان ڪوئي کولي هٽ ڏيو هان

غربت کي ڪو ڪٽ ڏيو هان

دريا جو ٿا رستو روڪيو ٻوڏ اچڻ تي سڀ ٿا ٻوڙيو

يا ٿا صحرا بنجر بڻجو يا ٿا مسڪينن کي ٻوڙيو

پاڻي جو شل رستو جوڙيو صدما جيڪر گهٽ ڏيو هان

غربت کي ڪو ڪٽ ڏيو هان

غربت کي ڪو ڪٽ ڏيو هان

 

گلبدن جاويد   

حيدرآباد

 

 

 

 

سنڌ جي نقشي جهڙي مُنڌ

 

ڏينهن جو سفرناما پڙهي

ڏورانهين ڏيهن بابت ڄاڻ

پلئه ۾ ٻڌي

وقت گذاريندي آهي

۽ رات جو اکين ۾

هزارين خواب سجائي

ننڊ جي ديس هلي ويندي آهي

پر هن جي ننڊ ۾

به جاڳ هوندي آهي

هُوءَ چاهيندي آهي

ته ڪا طلسماتي يا

ڪرشماتي طاقت هجي

جو هن زمين تي رهندڙ انسانن

جون زندگيون

سُکيون سهنجيون ۽ آجيون ٿي پون

۽ دنيا جا ريگستان ۽ بيابان

پل ۾ گلستان ٿي پون

سمنڊ جي کاراڻ

مٺي پاڻيءَ ۾ بدلجي وڃي

درياهه سدا تارو تار وهن

هر گهر ۾ اَن جا انبار هجن

سج ڪا ڪِرڻا جُون جي سج جيان ساڙڻ بجاءِ

ڊسمبر جي سرديءَ جي اُس جهڙا هجن

خزان کي ته اچڻ ئي نه ڏجي

جي هن جي وس ۾ هجي ته

 

بهار کي محبت جي ڏهاڙي کان ويندي

هر عام ۽ خاص ڏَڻ تائين

ترسائي ڇڏي

سُرهي هوا ڪڏهن به نه رڪجي

کيت سمورا سرسبز هجن

جبلن تان نَئيون آبشار ٿي وهن

ڍنڍون ڍورا واهڙ وڪڙا

سڀ آباد هجن

برف باري ۽ بوندون برسائڻ

۽ مِهر جا مينهن وسائڻ لئه

ڪڪر مهربان هجن

وڻ سمورا گهاٽي ڇانوَ ڏين

دنياوي هر وهنوار ۾

هر نسل جي هٿ لڪيرن ۾

رزق ۽ روزگار لکيل هجي

محبت ماڻڻ هر ڪنهن جو حق هجي

۽ ڪنهن جي محبت نه وڇڙي

ائين سنڌ جي نقشي

جهڙي مُنڌ

هميشه سنڌ ٿي رهڻ چاهي ٿي

اهڙي سنڌ

جيڪا دنيا جي نقشي ۾

درياهن جي ڌڌڪار سان

پهاڙن جي اوٽ ۾

ڪئين خزانا سانڍيل

هر رنج و غم کان آزاد

سرسبز شاداب ۽ خوشحال هجي.

 

روبينه ابڙو

لاڙڪاڻو

 

 

 

 

غزل

مون ۾ مند لٿي هئي رات انڌاريءَ ۾،

سهسين گل ٽڙي پيا منهنجي ٽاريءَ ۾.

آرائينءَ جي ساروڻين تي سوچيندي،

مالهڻ جا سڀ گل سُڪي ويا کاريءَ ۾.

ٻُوڙي ۾ ها ماڪ ڦُڙا هن جي مُک تي،

رنگ سوين ڄڻ جرڪي پيا ها ڪاريءَ ۾.

جوت اکين ۾ جرڪِي جگنو جاڳي پيا،

ٻارن چنڊ ڏٺو ٿي رات تغاريءَ ۾.

عشق جو سارو تاڪيو ٿي ويو بي ڪارج،

تنهنجي بي ڌيانيءَ جي هڪڙي گهاريءَ ۾.

پيار سدائين دوکي جي آ دار چڙهيو،

ٻاجهارو مون روپ ڏٺو هو ماريءَ ۾.

نينهن جي مينهن ڀِڄائي آ هيءَ ڀونءِ وري،

ڦول ڦٽي پيا اوسيئڙي جي ٻاريءَ ۾.

غزل

توکي، مون کي، سڀ کي جيءَ ۾ جهوري آ،

عشق اڻي ٿو درد، اندر جو ڪوري آ.

مان ته گگن تائين ٿي اڏرڻ چاهيان پر،

ساهن جي پرواز الئه ڇو ٿوري آ.

اڄ ڀي  منهنجي پيرن جا نيشان اتي،

منهنجي ڳوٺ جي ڀرسان جيڪا موري آ.

ڪُن فَيَڪُون کان ايئن جڙيل هڪ ٻئي سان ڄڻ،

ڌرتي ۽ آڪاس جي وچ ۾ ڏوري آ.

مون وٽ عشق جي ڪٿ ڪڏهن ڀي ڪا نه رهي،

تو وک وک تي چاهت منهنجي توري آ.

پنهنجي در تي ٿڦڪي ڪين ٻُڌي ڪڏهين،

منهنجي گهر جي واٽ لڳي ٿو پوري آ.

تنهنجي موج جي اوج سدا آباد رهي،

سهڻي ساڻ گهڙوليءَ توتان گهوري آ.

 

سيما عباسي

ڪراچي

 

 

 

 

غزل

درد دل جي دوا ڪيو نه ڪيو،

منهنجي حق ۾ دعا ڪيو نه ڪيو.

تنهنجي در تي رڪيو هي سائل آ،

آس جو حق ادا ڪيو نه ڪيو.

عشق نالو ته دان جو آ،

اوهان پيار ۾ ڪجهه عطا ڪيو نه ڪيو.

فيصلو هٿ ۾ اوهان جي آ ڏنو،

پٿرن کي خدا  ڪيو نه ڪيو.

ڪونه تياڳڻ جو هو اثر ٿا وٺن،

سر انهن تي فدا ڪيو نه ڪيو.

هي سماعت به انتظار ۾ آ،

سڏ اچي بي صدا ڪيو نه ڪيو.

طنز تهمت جا تازيانا ڏيئي،

منهنجو سر بي ردا  ڪيو نه ڪيو.

پيئي ٿي اميد موٽ واجهائي،

خواهشن کي خفا ڪيو نه ڪيو.

غزل

اسان جي عبادت روحاني امانت،

سدائين عنايت تصوف جي طاقت.

ظرف ۾ نفس جي يلغار يارب،

دفاعي حفاظت تصوف جي طاقت.

ڏنو آ ڏني مان جو ڪجهه به مالڪ،

ڪئي گر سخاوت تصوف جي طاقت.

خودي ۽ خرد خساري ۾ ناهيون،

سدائين مروت تصوف جي طاقت.

اسان کي ٻڌايو آهي آگهي هي،

حقيقتي محبت تصوف جي طاقت.

سدا پيروي پنهنجي رب جي ڪجي پر،

نبي جي رفاقت تصوف جي طاقت.

علي مولا سان پڻ نگاهي لطف پر،

پنجتن جي فرقت تصوف جي طاقت.

شفاعت نبيءَ جي وٺي ڏيندي جنت،

انهن جي وڪالت تصوف جي طاقت.

ڏکن جي سمي مان وٺي آئي ’سيما‘،

سدائين صداقت تصوف جي طاقت.

 

گل ٽکڙائي

ٽکڙ

 

 

 

 

نظم

جسم ڪاهل کي پيو لوڏي اٿي

شوق جاڳي پير ٿو پنهنجا کڻي

شل پگهر ۾ ننڊ کان آزاد ٿي

مهٽي اکين خوب ٿو خوشبو هڻي.

خواب گهوگهٽ هاڻ ٿي آهن پيا

جاڳ ۾ پڻ ڇرڪ ڏيندا ئي رهن

چند ڏينهڙا دورسي ناهن ٿيا

ٿا دليريءَ ساڻ نيڻن ۾ لهن.

سنڌڙيءَ جي پيٽ ۾ احساس جا

گهر اهي ئي صاف سٿرا ۽ سڌا

ڊوڙون پائي جنهن ۾ کيڏن ٻار ٿا

جنهن سان جوڙي مون سڀئي رشتا وڌا.

جيت ۾ ڪهڙو مزو آهي ڀلا

آئون سمجهان ٿو ته آهي هار

چاهتن جي مک تي رهڙون ڏسي

عشق کي ايندو مزو آ دار ۾.

منهنجو جيون ڄڻ ته ڪو پٿر ٿيو

جنهن کي تيشيءَ سان تڪيندو ٿو رهان

دوستن سوچيو ته پاڳل پن اٿم

ڇا ڪريان پر، پاڻ کي ائين ٿو ڏسان.

راتيون احساس جون آهن ستل

گيت آهن سي به ڄڻ آهن رٺل

نظم ويچارا ٿا ڦاهيءَ تي چڙهن

سورٺا راهن ۾ ڏسجن ٿا ڪٺل.

آئون آڌرڀاءُ خوش ٿي ٿو ڪريان

درد تون منهنجي ڀلي نزديڪ ٿي

خوف مون کي ڪونه تڙپڻ جو ٿئي

مون به پيتا لڙڪ آهن تون به پي.

مون کي ڪنهن سان ڪا شڪايت ڪانه آ

جيڪڏهن آهي به پنهنجي پاڻ سان

ڏات مون کي ڇو ڏکن جي آ ملي

ڳالهيون اهڙيون ڪيم مهراڻ1 سان.

سنڌڙيءَ جي هنج ۾ جيڪي ڄمي

ٺاهي کيڏوڻا وڏا آهن ٿيا

۽ انهن جا پيءَ مائون ڀينرون

پورڀي سڀ پاڻ کي سمجهن پيا.

آئون ننڍپڻ منجهه شهزادو هئس

ڳالهه منهنجي ماءُ ٿي مرڪي ڪري

ڳوٺ جي هيءَ عورتن سان گهر ۾

اينديون آهن پير جي هن وٽ ڀري.

منهنجي چاليهه سال آهي عمر ٿي

پوءِ به مون کي ٻار ڪوٺي ٿي امان

زال منهنجي کي ويهاري ڀر ۾

ڪنوار تون ٻڌ آئون هي سچ ٿي چوان.

يا وري هيئن مون کي سا چوندي هئي

ننڍپڻ ۾، تون وڏو پريو ٿين

ست پٽن جو پيءُ ٿيندين تون ابا

شل سکيو ۽ ستابو ٿي جيئن.

ياد مون کي آهي چاچي جو اڱڻ

ليار جي وڻ هيٺان ويهي ٻار سڀ

خشڪو ڀت ۽ کير کائي رات جو

ٻڌندا آکاڻيون هئاسين يار سڀ.

صاف مون کي ياد آهي ننڍپڻ

تر بورينڊا ۽ ٻيا لولا کڻي

يا چڻن جو ٿال وڪڻڻ ٿي ويس

تن ڏينهن ۾ لُڪ لڳندي هئي گهڻي.

جهول پيرن ۽ ليارن سان ڀري

ڪئين ڀنڀوريون ۽ ٻيا پوپٽ جهلي

گرگالن دور ڦلڙن کي پٽي

ٿي لکياسين راز يارن سان سلي.

عمر جو هي موڙ ڏسجي ٿو عجيب

سوچ ئي سوچ ويجهو ٿي رهي

چؤطرف ٿيا درد جا رستا رڳو

عاشقي ٿي چوٽ سيني تي سهي.

نيڻ سپنا آس جا تو سندا رهن

پيار جا گلڙا ڦٽي رستن پون

دور پڇندو درد هاڻي دوستو

پيار وارا پيار ماڻيندا رهن.

 

1- مهراڻ 2- منهنجو پٽ 3- چاچو 4- چاچو اسحٰق 5- امداد=امداد حسيني

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org