مير سجاد اختر ٽالپر
ٽنڊو جان محمد
بادشاهه
مڇي
ارباب جو ڄم، سمنڊ جي لڏندڙ لهرن جي ٻيڙين ۾ ٿيو
هو، هُو ننڍپڻ کان ئي سمنڊ جي ڇولين سان راند ڪندي
ڪندي اچي جانٺو مڙس ٿيو هو، سمنڊ جا ناکئا ٻيا به
هئا، پر ارباب ته پنهنجو مٽ پاڻ هو. وڏن طوفانن جي
ڪاوڙيل ڇولين کي شڪست ڏيئي، پار وڃي پوندو هو.
گهڻا ناکئا توڙي ٺيڪيدار هن کي شينهن ڪري ڪوٺيندا
هئا تنهنڪري هر ٺيڪيدار هن کي پاڻ سان کڻڻ لاءِ
آتو هوندو هو. هر ناکئي جيان هن جي به خواهش هئي
ته ڪا بادشاهه مڇي هٿ چڙهي وڃي ته پئون ٻارنهن ٿي
پون. انهيءَ لاءِ هُو ڪيترائي ڀيرا سمرين جي اندر
وڃي چڪو هو، جتي ڀارت جي سرحد به تقريباً لڳولڳ
هئي. ڪنهن وقت به جهلجي جيل ۾ واڙجي سگهيو ٿي.
گهڻا ناکئا هن کي اوڏانهن وڃڻ کان منع به ڪندا
هئا، پر بادشاهه مڇيءَ جي مارڻ جي خواهش هن کي
سمرين ڏانهن ڇڪي ويندي هئي، پر نصيب ئي ڪو اهڙو
هئس. هن جو ڄار بادشاهه مڇيءَ کان هميشه خالي
ايندو هو. هفتو کن اڳ جي ڳالهه آهي جو غلام محمد
وارن ساڳي پاڻيءَ مان بادشاهه مڇي ماري هئي. ارباب
کي ڏاڍو ارمان ٿيو هو، پر ڪنهنجي ڀاڳ سان ڪهڙي
ريس؟ هونئن به هر ٻيڙياتيءَ جي اها خواهش هوندي
هئي ته ڪا بادشاهه مڇي ڦاسائي گهر موٽن تنهنڪري
لانچ کولي اندر ڪاهڻ کان اڳ ۾ الله پاڪ کان دعا
گهُري پوءِ سمنڊ ۾ گهڙندا هئا ته ”رب پاڪ، اڄ ڪا
بادشاهه مڇي ڏيار........“ پر هُو ٻين مڇين سان
ڀرجي اچي ڪناري تي لهندا هئا، پر بادشاهه مڇي ور
ته ڪانه چڙهندي هئن سوها مڇي (جنهن کي ميربحر
بادشاهه مڇي ڪري ڪوٺيندا هئا ڇو ته اها انتهائي
مهنگي ويندي هئي سوها مڇيءَ جي چرٻي يا گوشت
منجهان آپريشن کان پوءِ ٽانڪا ڏيڻ وارا ڌاڳا ٺهندا
آهن) سمرين جي گهري پاڻيءَ جي تر ۾ رهندي هئي.
سياري جي مند، سوها مڇي مارڻ جي آئيڊيل موسم هوندي
آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن برسات ۽ سامونڊي طوفان ۾ به مٿي
سمنڊ جي سطح تي چڙهي ايندي آهي. گهڻي برسات يا
طوفان ۾ لانچن ۽ غورابن کي سمنڊ ۾ وڃڻ تي پابندي
هوندي هئي تنهنڪري گهڻن ٻيڙياتن جو ارمان، ارمان
ئي رهجي ويندو هو. ارباب نئون لانئون لهي، گهوٽ
بڻيو هو. سندس پيءُ وراڻيو هئس ته ”پٽ، اولاد آهي
گهوٽ جي ڀاڳ جو ۽ رزق آهي ڪنوار جي ڀاڳ جو، سو تون
لانئون لهي پئو ته من ڪنوار جي ڀاڳ جي بادشاهه مڇي
اچي تنهنجي ڄار ۾ ڦاسي......“ انهي ڪري هي لانئون
به لهي پيو هو، هاڻ ڪنوار جي ڀاڳ جي بادشاهه مڇي
هئي يا نه، سو خدا ئي ڄاڻي، پر شاديءَ کانپوءِ به
ارباب جو ڄار اڳ جيان بادشاهه مڇيءَ کان خالي ئي
موٽندو هو. وقت ٻرانگهون ڀريندو ويو پئي ارباب جي
گهر ۾ هاڻ ٻه مان گهر جا چار ڀاتي ٿي پيا هئا،
ننڍڙو بهادر ۽ ننڍڙي سهڻي گهر ۾ واڌاري جو سببب
بڻيا هئا. ٻچن جي اچڻ سان گڏ ايترو سو ضرور ٿيو هو
جو ٽڪو ٽڪو گڏ ڪري، پنهنجي لانچ ورتي هئائين سو
هاڻي روزيءَ ۾ مڙئي ڪشادو ٿي پيو هو. بادشاهه مڇي
مارڻ واري خواهش گهٽجڻ بجائي ويتر وڌي وڻ ٿي ويئي
هئس، جڏهن ته هاڻي جواني به ٻرانگهون ڀري، هن کان
ڄڻ ڪي موڪلاڻيءَ تي هجي. ڪارن وارن ۾ اڇن وارن اچي
ڀيرو ڀڳو هو، بت ۾ به اها جانٺائي نه رهي هئس، پر
هن جي نسبت سمنڊ پنهنجو جوڀن اهڙي ئي آب و تاب سان
قائم رکيو پئي آيو ڄڻ ڪٿان آبِ حيات پي آيو هجي
جنهن کي ڪڏهن به، نه پوڙهپ ايندي نه ئي ڪڏهن
مرندو، اهي ئي اڇي گج سان ڀريل ڇوليون، اهي ئي
ڪناري تي اڇلايل ڪوڏ، سپون ۽ گهونگها، اها ئي
واريءَ جي لٽ، ڪنهن وقت کڻي وڃي تري ۾ اڇلائي ته
ڪنهن وقت اچي ڪناري تي ڦٽو ڪري پنهنجو نشان ڇڏيو
وڃي. اڙٻنگ ڇوليون ساڪت ٿيل ڦڪن ٽڪرين ۽ پٿرن سان
ٽڪرائي عجيب شور پيدا ڪري رهيون هيون. ارباب انهي
مادرِ سمنڊ مان الائي ڪيتريون مڇيون جهلي پنهنجو ۽
پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذران ڪندو رهيو هو. اهو سمنڊ
اڄ به هن جو محبوب هو، هن جا آر ۽ انگل ڪنهن محبوب
جي پرچڻ ۽ روسامي جيان ٿي لڳا. ڀل هن کي سمنڊ
بادشاهه مڇي نه ڏني هئي، پر سمنڊ جي پيٽ تي هن
ننڍڙي ٻار جي معصوم ادائن جيان ليٿڙيون پاتيون
آهن. هن جي ڇولين مان جهولن جهڙو لطف ورتو هو، پر
انهيءَ محبوب مان جوڙي ڪين نه سگهيو هو، هن جي
ڪونج جهڙي سهڻي ڌيءَ به اچي جوان ٿي هئي. سندس
لاءِ رشتا به اچڻ شروع ٿي ويا هئا. هي ته آڻين ۽
چاڙهين واري ڪرت ۾ مس پورو هو. نياڻيءَ لاءِ چار
ڪپڙن جا جوڙا به ڪين نه ٺهرائي سگهيو هو، هن کي
ڌيءَ جي ڳاراڻي، ڳارڻ شروع ڪري ڏنو هو. اهڙو ڪنڌار
مڙس جهڪو ٿيندو پئي ويو. سهڻيءَ کي به خبر هئي ته
هن جو پيءُ، هن لاءِ پريشان آهي سو هڪ صبح قرآن
پاڪ جي تلاوت پوري ڪري، پنهنجي پيءُ کي وراڻي،
جيڪو هميشه جيان پنهنجا ڄار سنڀاري، دادلي سمنڊ
ڏانهن اسهڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته ”بابا، اڄ
بادشاهه مڇي کڻي پوءِ ڪناري تي ورندين.....“
ارباب، اميد ڀرين نظرن سان پنهنجي نياڻيءَ ڏانهن
نهاريو ۽ وڏي آواز چيائين ”آمين الله“ ۽ سمنڊ
ڏانهن اسهي ويو، جئين لانچ ۾ سڀ ٻيڙياتا ويٺا،
جئين ناتاري ڇڪڻ لڳا ته ارباب وراڻيو ته ”اڄ سمرين
۾ هلنداسين“ ارباب کي سُهڻيءَ جا لفظ بار بار ڪنن
۾ گونجي رهيا هئا ته ”........بابا، اڄ بادشاهه
مڇي کڻي پوءِ ڪناري تي ورندين........“ بس هن کي
اها ڳالهه دل ۾ ويهي ويئي سو اچڻ شرط هن پنهنجن
ٻيڙياتن کي گهَري پاڻي سمرين ڏانهن هلڻ لاءِ چيو،
ٻيڙياتا به ٻيڙين هاڪاري ٿيا روانا، جڏهن ته سمنڊ
۾ طوفان اچڻ جي مدِنظر گهري سمنڊ ۾ نه وڃڻ جون
هدايتون ڏنل هيون، پر ارباب سڀ ڳالهيون نظرانداز
ڪري نڪري پيو گهري پاڻي سمرين ڏانهن، ڳچ پنڌ ڪرڻ
کانپوءِ سمنڊ ڄڻ ڀنڀرجڻ لڳو هو. ڇولين جي اڏام به
وڌڻ لڳي هئي. ارباب جي لانچ جي ٻيڙياتن ۾ ڀئو اچي
پيو، پر ارباب بضد هو ته سمرين هلو، هُو اڳ به
اهڙن ڪيترن طوفانن مان پار پيل هو، پر تڏهن جواني
هئي، هينئر عمرڪي موٽ هئي. سمنڊ ۾ ڪُنن جا ڄڻ
ڪڙڪاٽ پوڻ لڳا هئا. طوفان اچڻ جا آثار چٽا پئي نظر
آيا، پر موٽڻ ارباب لاءِ ڄڻ ميهڻو هو، هاڻي يا ته
بادشاهه، مڇي مارڻي هئي يا موت کي گلي لڳائڻو هو
وچ ۾ ٽيون ڪو رستو نه هو، سمنڊ به چوي اڄ نه ڇُلان
ته ڪڏهن به نه ڇلان، هن واري لانچ به وڏن لوڏن ۽
لمن ۾ هئي. ٻيڙياتن کي ته هاڻ پنهنجي موٽ يقينن
پئي نظر آئي. ڪناري تي ويٺل ميربحرن ۾ به رڙيون
پئجي ويون هيون ته ارباب ڪونه موٽيو آهي. طوفان به
پنهنجي آمد جا نياپا ڄڻ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا،
سمنڊ جي صورتحال کي ڏسي، ڪناري تي ويٺل سڀ تقريبن
مايوس ٿي چڪا هئا. ارباب جي گهر به اطلاع ڏيئي
ڇڏيائون ته ارباب وارا طوفان جي ورچڙهي ويا آهن.
ارباب جي گهر مصلا وڇائجي ويا، کجين جي کيکڙين تي
آيته ڪريما ”لاالله الا انتِ سبحانڪ اني ڪنتم من
الظامين“ جو ورد شروع ٿي چڪو هو، شام ڌاري طوفان
جو پيٽ چيريندو، ارباب اچي ڪناري لڳو. سڀئي
ٻيڙياتا ساڻا هئا، پر چهري ۾ سرها پئي لڳا، سرها
لڳن به ڇو نه، ڇو ته هڪ به نه پر ٻه بادشاهه مڇيون
جهلي اچي ڪناري لٿا هئا.
يارمحمد چانڊيو
شڪارپور
سج اسان
جي ڳوٺ مان ٿو اُڀري!
سنڌ وطن ۾ شايد اسان جو ئي ٻن سؤ
گهرن تي مشتمل ڳوٺ آھي ، جتي ڪوبه هٿيارن جو شوق
نه ٿو رکي، جتي ڪوبه جوئا نٿو کيڏي ۽ کيڏائي، جتي
منشيات ۽ ڪنھن نشي آور شئي جو ڪو تصور به نه آھي. مطلب ته سڀ رشتا هڪ ٻئي جي عزت ۽ احترام
جي ڀرم رکڻ ۾ بي تحاشا خوشي محسوس ڪندا آھن!!
ڌڻي! بابي کي جنت ۾ جايون ڏئي،
جنھن ھن ڳوٺ کي مثالي ڳوٺ بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا
ڪيو...
نفرتون پاليندڙ ماڻھن کان پاڪ هڪ نگري جو قيام هن جو خواب
هو...
۽ خواب جي ان پورڻتا ۾ ھن ڪاميابي ماڻي هئي!
اڄ ٻن اڍائي سؤ
گهرن تي مشتمل هن ڳوٺ کي سنڀالڻ جي ذميواري منھنجي
مٿان آھي...
سچ ته مان به وسان ناهيان گهٽائيندو، چاهيندو آھيان، بابي
سائينءَ جو هيءُ اڏيل ڳوٺ
’پريت
نگر‘
قيامت تائين سلامت رهي ۽ خوش و خرم رهن سڀ ڳوٺ
واسي، جن جي بهتر ڪردار سان سموري ڳوٺ ۾ نفرت ۽
نفاق جو ڪو نانءُ
نشان ڪونهي !!
خوش نصيب آھيان مان، جو هن پيار ڪندڙ ماڻھن جي ڳوٺ ۾ جنم ٿيو...
اسان جي ڳوٺ ۾ ٻه چار گهر اسان جي سئوٽاڻن جا ۽
پنج ست گهر منھنجي پٽن جا، باقي سمورا گهراڻا اسان
جي عزيزن ۽ رشتيدارن جا آھن.
مولا منهنجي لکيي ۾ ٽي زالون ۽ يارنھن پٽ عطا ڪري وڏي ڪرم نوازي ڪئي آھي !!
منهنجا پٽ ڇٽيھ لڇڻا...!
فرمانبردار.......
سندن مائرن جي تربيت کين هر وصفين سلڇڻو
بڻايو آھي...
رات هجي يا ڏينهن، کين منهنجو سڏ ٿيندو ته جيءُ
جيءُ ڪندا ڊوڙندا پھچندا...
اهڙو نيڪ صالح اولاد سڀني کي نصيب ٿئي!!!
خوشنصيب آھيان مان....!
سياري جي هن ماھ پاري ۾ باھ جو مچ ٻاري
اوطاق تي ويٺل آھيان...
ڳوٺ جا ڪافي نوجوان ۽ پوڙها مچ جي چوڌاري ويٺل
آھن...
جنوري جو سکڻو نالو آھي. باقي سيءُ
ته ڊسمبر جا!...هوا جو زور...
چؤماسي برسات ۽ ڪوھيڙي جي ڌُنڌ
سان ڊسمبر جا ست پارا گهر تائين محدود ڪريو ڇڏين،
پر ڳوٺاڻو ماحول آھي، ڳوٺاڻن سان عليڪ. سليڪ هجڻ سبب گهر کان سري اوطاق تي اچڻو پوي ٿو...
ڳوٺن ۾ جيتوڻيڪ اهي پراڻيون ريتون ۽ رسمون ناهن
رهيون، پر پوءِ به اڃا اوندھ ناهي ٿي ۔ ھر طرف کان سڏ ۾ سڏ ملي ٿو....!!
رشتن جا قدر اڃا ڪي باقي آھن!
منھنجا يارنھن فرزند وصفين ۽ مهانڊن پنھنجي مائرن ۽ مامن تي ويا آھن، باقي
ٽي شھزادا سرفراز...
شھباز...
سرتاج هوبهو تيلي ٻه ٽڪر بابي جي مھانڊي
آھن، سندن اٿڻي ويھڻي ۽ مھمانن جي آڌرڀاءُ ۾ هميشه اڳرا ۽ عاجز هوندا آھن، چوندا ”مهمان خدا جي رحمت
هوندا آھن...
هرڪو پنھنجو نصيب پاڻ سان کڻيو اچي ٿو...!!!“
ھن سال ڊسمبر جي ٿڌ مڙيو ئي سرس آھي، ڪيترائي ڳوٺ واسي اسان جي اوطاق تي ڪھي
آيل آھن ۽ هُو
باھ جي وڏي مچ تي پاڻ کي گرم ڪندي دنيا جھان جي
خبرن تي تبصرو ڪري رهيا آھن، شابس هئي، مرحوم بابي
کي، جنهن ڳوٺ ۾ پهريان پرائمري ۽ پوءِ
مڊل اسڪول ۽ ٻن ڪمرن تي ھڪ سرڪاري ڊسپينسري جو
بنياد وجهرايو هو، جنھن جي نتيجي ۾ اڄ ڳوٺ جا
سمورا نوجوان پڙھيا لکيا ٿي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾
روزگار سانگي نوڪرين تي لڳل آھن !!
سنڌ وطن جو هيءُ
واحد ڳوٺ آھي، جتي سڀ جا سڀ ماڻھو امن جا پرچارڪ،
سوشل مائينڊ ۽ هڪ ٻئي جو احترام رکندڙ آھن...
هتي پنھنجين ملڪيتن زمينن هوندي ڪوئي
وڏيرو ۽ ننڍيرو ناهي ھوندو...
سڀ انسانيت ۾ ويساھ رکندڙ...!!!
سومھڻيءَ
جو آذان مليو ۽ ڳوٺاڻا جيئن ئي مسجد ڏي نماز پڙھڻ
لاءِ
روانا ٿي ويا ته منهنجي ڌيءُ
بتول ڊوڙندي اوطاق طرف آئي، چيائين ”بابا امان کي
اوچتو الائي ڇا ٿي ويو آ!“
شھباز جي ماءُ
جي تڪليف جو ٻڌي مان پريشان ٿي گهر آيس، جتي
شھربانوءَ
جي حالت واقعي ڏسڻ جھڙي نه هئي.
”هن کي اوچتو
ڇا ٿيو؟“
”الائي ابو!“ منھنجي نياڻي بتول جون اکيون ڳوڙھن ۾ لال هيون، سڏڪندي چيائين
”ادا شھباز گهر آيو ۽ نه ڄاڻ ته ڪھڙي ڳالھ تي اچي
امان سان ضد ڪيائين ۽ پوءِ ....“
”ماءُ
سان ضد ڪيائين!“ منھنجي
ڪاوڙ
بي قابو ٿيڻ لڳي
”پر ڪھڙي ڳالھ تي؟“
”الائي ابو!...“ مون سمجھيو ، بتول ڪجھ نٽايو پئي. هن جي آواز ۾ ڪجھ گهٻراھٽ هئي.
مون شھباز جي ماءُ
شھربانوءَ
کي اسپتال پهچائڻ ۾ دير نه ڪئي ۔ ڊاڪٽرن هن کي
هارٽ اٽيڪ اچڻ جي تصديق ڪئي ته ڄڻ منھنجو هانءُ ڇڄي پيو. سوچيم ”آخر اھڙي ڪهڙي ڳالھ هوندي، جنھن جي دٻاءُ ۾ شھربانو جي حالت ٿي!...“
مان خود انتھائي ڳنڀير حالتن مان گذريس۔ پريشاني، تڏهن وڃي ڪجھ گهٽ ٿي، جڏھن
هن اکيون کولي مونڏي سواليه نظرن
سان ڏٺو.
”سدا بهار!“ شھربانو اکيون کوليندي ئي مون کي آواز ڏنو ۔
”جي شھربانو!“ وراڻيم
”ڇو پريشان آھين؟...
مان جو آھيان ...پنھنجا ڏک مون سان ونڊين ھان...
ٽينشن کڻڻ جي ڪهڙي ڳالھ هئي... !! “
شھربانو منھنجي ننڍي ۽ دل پسند شادي هجڻ
ڪري سڀني کان وڌيڪ پياري ۽ سگهڙ زال لڳندي
آھي،
پر زماني جي حساب سان سڀني زالن کي هڪ جيترو
ڀانئڻو پوندو آھي ...
”سدا بھار!..“
”جي راڻي! “
”سرتاج ڪيئن آھي؟“
”سرتاج!...ڇا ٿيو آ سرتاج کي؟“ مان دل ئي
دل ۾ سوچڻ لڳس سرتاج شھربانوءَ جو پٽ ته ناھي!...هُو ته منھجي ٻيءَ گهرواريءَ
دلاويز جو پٽ ھو...
مگر شھربانو
جو
سرتاج
لاءِ
اونو ڇا معنيٰ
رکي ٿو؟...
هن کي ته پنھنجي پٽ شھباز جو پڇڻ گهربو هو!...“
”سرتاج جو ڇو ٿي پڇين شھربانو!“ جهٽ رکي مون کانئس پڇڻ ضروري سمجهيو.
”شھباز جو اڄ مٿو خراب هو!“
”ڇو؟“
”چيائين پئي بابي زرتاج سان منهنجو مڱڻو ڇو نه ڪرايو ... !!“
”ڇا؟“
”مون
کي ڊپ ٿو ٿئي سدا بھار!... “
”ڇا
جو ڊپ ؟“
” شھباز ڪجھ ڪري نه وجهي !...“
”اڙي شھربانو هُو
سياڻو پٽ آھي...
هن کي سمجهائبو ته زرتاج جي ماءُ
پيءُ ڌيءَ جي رضا خوشي کي نظر ۾ رکي سندس رشتو سرتاج کي ڏنو....
ڇوڪريون کٽيون آھن ڇا ؟...
شھباز لاءِ کوڙ سندر ڇوڪريون ملنديون ...تون هن کي سمجهائي نه سگهينءَ ته مان ئي کڻي سمجهائي وٺانس ها...
هروڀرو پنهنجي سِر تي پريشاني کنيئي !!..“
” مون ھن کي سمجهائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي ...نئين رت کي جوش آھي !..“
”چڱو تون ڳالھ دماغ تي نه وٺ...
مان پاڻھي
کيس سمجهائي سنئين دڳ لائيندس!!!...“
شھربانو مطمئن ٿي ته مون به سُڪون
جو ساھ کنيو ۽ صبح صادق جو آذان ملندي مان اسپتال
جي ڀرسان واري مسجد ۾ نماز پڙھڻ لاءِ نڪري آيس، جتي پنهنجي ٻچڙن، ڳوٺ وارن،
سنڌ وطن ۽ پوري عالم جي امن لاءِ
دعائون گهريم ...!!!
نماز پڙھي جيئن ئي اسپتال پهتس ته ڳوٺ جي ڪيترن ئي ماڻھن کي ڏسي گهٻرائجي
وکون وڌائي سندن ڀرسان اچي بيٺس...ڇا ڏسان سامهون
کٽ تي پنهنجي نوجوان پٽ سرتاج جو ڇُرا لڳل لاش پيل هو !!
مون کان دانھون نڪري ويون، محسوس ڪيم ” شايد هاڻي
اسان جي پريت نگر ۾ امن ۽ سک جو سج وري نه
اڀري!.... فقط درد جو سج اڀرندو!!...“
نسرين الطاف
حيدرآباد
اکين
۾ ٿي ويهه....
ڊگهين ڊگهين ۽ اونچائين تي ٻڌل ڀتين سان سندس
شناسائي ورهين جي هئي، اهي مهرابن سان مزئين
ڊگهيون ڀتيون ئي سندس
سرتيون هيون، جن سان هوءَ ڳالهيون ڪندي
هئي. ٽهڪ ڏئي کلندي هئي ۽ ڳراٺڙيون پائي روئيندي
هئي.
جڏهن کان هوءَ ان چوديواري ۾ آئي هئي اهي
ديوارون ئي سندس سرتيون سهيليون هيون. جيڪي سندس
ٽهڪ رڙيون رانڀاٽ پنهنجي بلندين ۾ جذب ڪري
ڇڏينديون هيون. ڪنهن کي به ته خبر ڪونه هئي ته
هوءَ هيڏي ساري ماڙي ۽ حويليءَ
۾ ڪيڏي اڪيلي آهي. جنهن جي چاهت واري ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي
هوءَ حويلي ۾ آئي هئي سو ته بنهه ڪٺور ۽ سنگدل شخص
هو. جنهن لاءِ هُو
سڀ رشتا ناتا ڇڏي آئي هئي تنهن ته هڪ پل لاءِ به
کيس مُرڪي نه نهاريو هو.
پنهنجي ويڙهي ۽ ڪهول ۾ هوءَ جڏهن کان
سامائي هئي ته کيس ئي اکين ۽ دل ۾ سمايو هئائين،
پر هُو بي چيو شخص ته صرف بازاري محبتن جو قائل
هو، سندس دل ۽ هردي ۾ ته ڪي اسٽون ڪريشر پيوست ٿيل
هئا جن کي ريشمي جذبا ۽ شيشي جهڙيون دليون بس ٽوڙڻ
ئي اينديون هيون. سندس چري چاهت کي هُو ڪڏهن به سمجهي نه سگهيو. هوءَ ڪنهن
اڃايل هرڻيءَ
جيان سندس پويان ڊوڙندي ۽ ڀڄندي رهندي هئي،
پر موٽ ۾ کيس رڳو سراب ئي پلئه پوندا هئا. هوءَ
ڪيڏي بي وس ۽ لاچار هئي، جو پنهنجي ڪرب جو حساب ڪري به کيس ٻڌائي
نه سگهندي هئي،
جيڪو پنهنجو هوندي به پرايو هوندو هو. هوءَ لمحن
جا لمحا سوچيندي هئي ته مرد وٽ ايڏي ڪٺور دل ڇو
هوندي آهي، سندس لطافتن جا معيار ايڏا هلڪا،
معمولي ۽ عارضي ڇو هوندا آهن؟ اهي عورت کي بازار
جو سودو ڇو سمجهندا آهن؟ وٽس سوين هزارين سوال
هوندا هئا، پر ڪٿان به ڪو جواب نه ملندو هوس.
سماجي ۽ معاشرتي ٻنڌڻ کين هڪ تند ۾ ته ٻڌو
هو،
پر ڪڏهن به اها تند ڪو ساز بنجي وڄي نه سگهي هئي،
نه وري ڪو زندگيءَ جو سُر آلاپي سگهي هئي. بس هوءَ هڪ پاسي تي رکيل بانسريءَ جيان هئي،
جنهن کي کڻي هن ڪڏهن به پنهنجي چپن تي نه آندو هو
نه ئي وري وڄايو هو. هوءَ
هر دفعي اهو سوچيندي هئي ته اها ڪچي تند ڪوڙو
رشتو هميشه لاءِ ٽوڙي ڇڏي، جنهن محبت ۾ ڪا موٽ
ناهي رڳو ٽوٽ ئي ٽوٽ آهي سا ڀلا ڪيترو سانڍي يا
سنڀالي سگهبي؟
هڪ ڀيرو هُن ويڙهي جي ڪنهن وڏي سڏي کي
پنهنجي وارتا ٻڌائي هئي، جنهن سندس مٿي تي هٿ رکي
چيو هو:
”بس نڀاءِ ، اسين نڀائڻ لاءِ ئي پيدا
ٿينديون آهيون“ ان ڏينهن کانپوءِ وري هُن ڪنهن کي
به ڪا دانهن ڪونه ڏني. سمجهي ۽ سهي ڪري وئي ته
سندس زندگيءَ ۽ پرڻو پور
وڇوٽ پٽڙيءَ
جيان آهي، جنهن تي ڏور ڏور هوندي به گڏ گڏ سموري
عمر هلڻو پوندو آهي. زندگيءَ جي آخري اسٽيشن تائين. هوءَ هاڻي روح جي گهرائين تائين
ٿڪجي پئي هئي، ڪجهه ورهيه اڳ ڪٺور دل انسان کي هن
ٻانهن مان جهلي روڪيو هو ۽ پڇيو
هئائين ته آخر سندس ڪهڙو ڏوهه آهي
۽ ڪهڙو قصور آهي جو سندس سُهاڳ کي ڏهاڳ مليو آهي؟
کيس جواب مليو هو ته ’تو هڪ ڀيرو شاديءَ کان اڳ پنهنجي سؤٽ سان کِلي ڇو ڳالهايو
هو؟‘ هوءَ ان لمحي صفا سراپجي وئي هئي.
سامائجڻ واري دؤر جي سموري ياد سندس اکين ۾ تري
آئي هئي. دل ۾ سوچيو هئائين
’سوٽ ته منهنجي ڀائرن جهڙو هو، مون ته پنهنجي اکين
۾ صرف تنهنجا خواب سجايا ۽ سانگ رچايا هئا‘
هوءَ اُن ڏينهن کان سراپجي وئي هئي، ڄڻ
سڪتي ۾ وٺجي وئي هئي. هوءَ اهو سوچي حيرت ۾ هئي ته
مرد جي دل ۽ ذهن ايڏو سوڙهو ڇو هوندو آهي؟ پر کيس
ڪڏهن به ڪو مطمئن ڪندڙ جواب ملي نه سگهيو هو. هوءَ
بس اهو سوچي دل ئي دل ۾ کِلندي
هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن رانڀاٽ ڪري روئيندي هئي
ته۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!
’عورت جي دل ڪيڏي وسيع آهي جيڪا پل پل ۾
مرد کي ورهائجندي ڏسندي آهي، پنهنجي مستيءَ سميت
بازار ۾ نيلام ٿيندي ڏسندي آهي پوءِ به پنهنجي
جيءَ ۾ جايون ڏيندي آهي ۽ مرد ايڏو مئل ۽ بي دليو
آهي جو جيڪڏهن
عورت ڪنهن پنهنجي سان ئي بي خبريءَ
۾ کِلي ڳالهائي ٿي نهاري ٿي ته سموري عمر سوريءَ
تي چاڙهي وڃي ٿي، پل صراط وارو عذاب کيس ڀوڳڻو پوي
ٿو. هُن جو مقدر بس بي جان ديوارون ئي بنجن ٿيون، جيڪي مصنوعي ئي سهي ڀاڪر پائي کيس ڪو آٿت
ڏئي سگهن.
محمد قاسم ڪلوئي
ٽنڊو جان محمد
اندر
ڪارو ڪانءُ
”مئو بڇڙو، سڄو ڏينهن ڪُتي وانگيان تڪيو بيٺو آهي،
وڏيرو نه هجي ها ته هوند آئون به بُڇڙي رن آهيان،
جو اصل وڃي مُنهن تي ڀونڊو رکانس ها.“
ڪونج جي ماءُ تماڪ جي ڀونگري مان ڪاري دونهين جا
سُوٽن مٿان سُوٽا ڪڍندي، ڪاوڙ مان اهي لفظ وڏيري
سانوڻ خان کي گهر اندر نِم جي ڇانوَ هيٺ کٽ تي
ويٺي چيائين پئي.
ڪونج لوڙهي مان جهاتي پائيندي آڏي اک سان وڏيري کي
ڏسندي، ماءُ کي وراڻي:
”ائي، امان ڇو ٿي وڏيري تي جُلهون ڪرين، هُو ته
ويچارو پنهنجي ٻنيءَ ۾ بيٺو آهي.“
”ائي ڇوري، چُپ ڪر، نه ته ڏيئين نه ڪاڪڙي کي ڏنڀ!“
ڪونج ماءُ، ڪونج جي اشارن کي سمجهندي، ڪونج کي ڇڙٻ
ڏني.
ڪونج جي ماءُ ڦتِي به ڪنهن زماني ۾ حُسن جو پيڪر
هئي. تڏهن ته رئيس گلڻ خان پاڻي مان نڪتل مَڇيءَ
جيان، ڦتِيءَ لاءِ ڦٿڪيو هو ۽ نيٺ وڃي، نينهن
اٽڪائي، پنهنجي گهر وٺي آيس.
ڦتِي، رئيس گلڻ جي ڄار ۾ اهڙي ڦاٿِي ڪي بي نڪاحي،
رئيس وٽ وڃي رهي، ڪيئي راڄ سمجهائڻ وارا، پر ڦتيءَ
کي گلڻ خان تي ايترو اعتماد هو ڪي، هو هُن کي ڪو
نه ڇڏيندو، پر ٻه ٽي سال رکي، جڏهن ڪونج هنج ۾ اچڻ
جو سعيو ڪيو ته رئيس گلڻ خان، هن کي ڪڍي، ڪنهن ٻي
پوپٽيءَ کي ساڻ وٺي آيو ۽ ڦتِي ويچاري رُلي ويئي.
نيٺ وڃي پاڻ کان 40 سال وڏي مُڙس سان شادي ڪيائين،
جتي ڦتَيءَ کي ڪونج ٿي. ڦتيءَ کي پنهنجا ڦٽ ساريا
پيا هُئا، ٻيو ڪونج به ته حُسن جو هڪ بي مثال ۽
تابندا ستارو هو.
”ٺهيو امان، تُنهنجي ڪري ڪو پنهنجو ٻني ٻارو ڇڏي
ڏيندو ڪي!“
ڪونج، لوڙهي وٽ پيل مَٽ مان پاڻي جو گِلاس ڀريندي
وراڻي.
”ڇوري، ڇو اچي مٿو خراب ٿيو اٿئي. ڪُجهه حيا ڪر
حيا! اهي ته ڪارا نانگ آهن، اهڙو ٿا ڏنگين ڪي وري
ماڻهو سامت ۾ ورلي ٿو اچي.“
”پر امان، هيءُ وڏيرو ته سُٺو ماڻهو آهي، ڪنهن کي
ڪٿي ٿو تنگ ڪري؟“
ڪونج وري به وڏيري ڏانهن جهاتي پائي، ماءُ کي
وراڻي.
”ڌوڙ آهيس مُنهن ۾، سڄو ڏينهن وتي هلندو ڪولهين ۽
ڀيلن جي گهرن ۾، نه ڪا نياڻي جي ساڃاهه اٿس نه ئي
وري ڪو نڪ به اٿس.......“
ڪونج ماءُ وڏيري کي اڃا به ڪي ست سُريون سُڻائي
ها، پر ڪونج جو پيءُ عُمر گهر اندر گهڙيو. ”ڪٿي
هُئين.....؟ قبر ۾ پير پيا لٽڪن، مُڙس سير سپاٽي
تي، يکا سارا ٽي هفتا گائب ٿي وئين. هيڏانهن جوان
ڇوري سامائي ويٺي آهي، سو هڪڙي ڏينهن به گهر جي
سار نه لڌئي.....“
ڪونج ماءُ ڪاوڙ وچان ڀونگري جو زور سان سُوٽو
هڻندي، عُمر ڏانهن ڪرڙين اکين سان نهاريندي چيو.
”ڪٿي وري ڪٿي هُئس؟ پنهنجي مُرشد وٽ ويو هئس اُتي
مُرشد ويهاري ڇڏيو....... (کوکو کو کو کو)، مُرشد
جي پُٽَ، ڪا ڀيلڻ زوري کنئي، سو ڀيلن کي پئي خبر
سو ابا راڄن جا راڄ (کوکو کو کوکو)، وڃي شهر ۾ گڏ
ٿيا. اي ڪو، ميڙاڪو ۽ جلوس ڪڍيون، توبهن ڀلي ڪونج
جي ماءُ، توبهن ڀلي، نڀاڳن کي مرشد جهڙو سونهارو
مليو. دوزخ کان آجو ڪري ها، ۽ ڇوري به شينهن ڪلهي
چڙهي ها، اهي ته ازلي جهنمي (کوکو کو کو کو) اصل
ڪونج جي ماءُ، جهنمي آهن، سو مَت وين مارجي، اهڙو
جو ميڙاڪو ڪين ته پوليس به مُرشد کي چيو ته ڇوري
ڀرائي ڏي نه ته ڳالهه خراب ٿيندي، نيٺ ڊوڙائي
نڀاڳيءَ کي هٿ ڪري، ڪيائون جهنمين جي حوالي،
تنهنڪري مرشد وٽ ماڻهو آيا ويا پئي...... ۽ مون
پئي خدمت ڪئي.“ (کوکو کو کوکو).“ ڦتِي اڳئي، وڏيري
جي ڪري باهه ٿي ويٺي هئي، اها ڳالهه ٻُڌي وراڻي:
”توبهن توبهن، سيدن جو اولاد ٿي ڪري، پرايون
نياڻيون پيا کڻن، پاڻ کان پهرين ته هنن مئن جي
قيامت ڪاري ٿيندي.“
عمر جو مرشد جي گلا ٻڌي ته پنهنجي مُنهن ڀڻڪيو،
”هونء...! مٿو اچي خراب ٿيو آهيس، آخر ۾ اچي،
پنهنجي آخرت ٿي خراب ڪري، مرشد ته اصل ڪونه
ڇڏائيندس، اهڙي بي دينيءَ کي ڪٿي ٿو بخش
ڪرائي.....“
”نه ڪرائي، باهه ۾ ته اڇلائيندو. اهو به گهڻي ئي
آهي، پر پنهنجي ته جان آجي ڪرائين..... هونءَ.....
ڌنڌا رنون کڻڻ ۽ قيامت ٿا ڇڏائين.“
ڦتِي اڄ چڙيو ويٺي هئي.
”ڌوڙ اٿئي مُنهن ۾، ائي امان ڪونج، ڪا سيلماني
چانهه جو ڪوپ چلهه تي چاڙهي وٺ، چانهه ڍُڪ پيان،
ڪو مٿي جو سور لاهيان.“ عمر بيزاريءَ مان وراڻيو.
ڪونج رڌڻي ۾ پيءُ لاءِ چانهه ٺاهڻ ويئي ته ماءُ جي
کُسر ڦسر ٻُڌائين ته هڪدم در تي ڪن لائي ٻڌڻ لڳي.
”ڪونج جا پيءُ، هاڻي گهر ۾ ويههءُ، هيءُ مئو
وڏيرو، نڪي ڏسي رات، نڪي ڏسي ڏينهن، سڄو ڏينهن پيو
باز وارا لامارا ڏي. ٻيلي منهنجو ته هانءُ ٿو
ڦاٽي، ڪٿي وڏيرو گهر ۾ زوري نه گهڙي اچي ته پاڻ ڇا
ڪنداسين؟ ڇوري جواڻ جماڻ آهي جلدي ڪو بلو ڪرينس نه
ته هوندئي مٿي تي خواري جو ٺِڪر!!!!“
ڳالهه سچي ٿي ڪرين، ملڪ ۾ رهيو ئي ڪٿي آهي؟ اڄ شام
جو ئي ادي پُنهل وٽ وڃي ڳالهه ٿو پڪي ڪريان.“
ڦتِيءَ اها ڳالهه ٻُڌي سک جو ساهه کنيو. ڪونج،
ماءُ ۽ پيءُ لاءِ چانهه جا ڪوپ کڻي آئي، چانهه ڏئي
کٽ تي ٻئي ٻانهون ڏيئي سڌي سمهي رهي، ڦتي ڳالهه کي
اڳئي پروڙي ورتو هو، سو آڏي اک سان ڌيءَ جي پرڪارن
کي پئي ڏٺائين.
شام جو ته عمر ته ويو ادي پُنهل ڏانهن، ڪونج پاڙي
۾ وڃڻ جو بهانو ڪري وڏيري ڏانهن نياپو اُماڻيو ۽
پاڻ ڪمند ڏانهن هلي ويئي. وڏيرو به واءُ مينهن
جيان ڪمند ۾ اچي پهتو.
”سائين وارو ڪر، نه ته هيءَ ڪونج تو سوا مري
ويندي!“
”ڇا ٿيو آهي؟“
”امان، بابا منهنجي شادي پيا ڪرائين!“
وڏيرو مُرڪيو.
”شادي!..... آئون مئو آهيان جو تنهنجي شادي ٻئي
هنڌ ٿا ڪرائين.“
”سائين....... ڪو بلو ڪر نه!!!!“
”اها به راڻي ڪا ڳالهه آهي؟.......... تون مِٺي
پريشان نه ٿيءُ.“
ائين چئي وڏيري ڪونج کي کڻي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ وڏيري
کي نينهن جا نشا چڙهي ويا.
جڏهن اهو نشو لٿو، تڏهن وڏيري پنهنجي نِرڙ تان
پگهر اُگهندي، ٻاهر نڪتو ته ڪمدار بندوق ساڻ پهري
تي بيٺو هو.
”ڏي خبر رئيس، ڪم ٿيو!؟“
ڪمدار وڏيري جي پويان هلندي هلندي پڇيو.
”هائو ڪمدار ڪم ٿي ويو.“
”واهه سائين واهه، مَڇي ڄار ۾ ڦاٿي مس ته جهٽ ڏئي،
کائي به وڌؤ؟“
سانوڻ خان پنهنجي بندوق کي ڦُوڪ ڏيندي وراڻيو،
”ڪمدار، شڪاريءَ کان شڪار نڪري وڃي ته پوءِ اهو
شڪاري چئبو ڪيئن ته!“
ڪمدار وراڻيو، ”بروبر سائين....، پر سائين انهيءَ
ڪونج کي قيد ڪبو ڪي..........“
سانوڻ خان وراڻيو:
”نه نه ڪمدار نه، شيءِ کاڌي، هاڻي ڦر اُڏائي
ڇڏبي....‘ جئين ٻيو ڪو هٿ نه لاهي سگهيس.“ ڪجهه
ڏينهن کانپوءِ عمر وڏيري جي اوطاق ۾ در وٽ جُتي
لاهي، رئيس کي سلام ورايو؟
”السلام عليڪُم سائين.“
”عمر، رات جو، ڪمهلو آيو آهي، خير ته آهي؟“
ڪمدار، عمر کي هيئن رات جو ايندي ڏٺو ته شڪ جاڳيس
ته متان ڇوري ڦاٽي آهي!
”سائين، ڪجهه روپيا گهرجن نياڻي اُٿارڻي اٿم،
انهيءَ لاءِ پنڌ پيو آهيان.“
ڪمدار ۽ وڏيري ٿڌو ساهه کنيو.
”ڪمدار، عمر کي ڪجهه روپيا ڏي.“
”جيءُ بابا سائين.“
ڪمدار ڪجهه دير لاءِ اندر هليو ويو.
”عمر ڪنهن کي ٿو ڏئين؟“
”سائين، پنهل جي نينگر علوءَ کي.“
”اهڙي تڪڙي!!!“
”سائين نياڻي سامائي ته اُٿاري ڇڏجي ته چڱو ٿو
لڳي.“
ڪمدار مُرڪندو اچي ۽ وڏيري کي اک ڀڃيندي، هزار جا
ٻه نوٽ کڻي اچي عمر جي هٿ تي رکندي چيو.
”عمر اهو اٿئي سخي مرد، جو اهڙي موڙي جي وقت به تو
لاءِ هٿ نه روڪيائين.“
”آئون ته رئيس جو گولو غلام آهيان، وڏا احسان آهن
سائينءَ جا.“
ائين چئي عمر گهر ڏانهن روانو ٿيو ته سندس گهر وٽ
ڳوٺ وارن جو ميڙاڪو لڳو پيو هو. ڦتيءَ جي پار ڪڍڻ
جو آواز آيو پئي، عمر ڀڄي گهر پهتو ته ڪونج جو سري
وڍيل لاش پيل هو ۽ لوڙهي جي ٻاهران علوءَ جو لاش
پيل هو. ڦتي وارن ۾ مٽي وجهي پاراتا ڪڍي روئي رهي
هئي. عُمر ڪنهن وقت ڪونج جي لاش کي ڏسي ته ڪنهن
وقت هٿ ۾ جهليل ٻن هزارن کي...........
ٿوري دير ۾ پوليس جي موبائيل وين پهچي ويئي، ساڻ
ڪمدار به هو.
”سائين، صوبيدار صاحب، ڇوري اصل ڪارو نانگ هئي.
سائين، بڇڙن جو هونءَ به بُڇڙي موت ٿئي ٿو، سائين،
علو سان ته ڪڏهونڪر ڦِٽل هئي، سو سائين غيرت به ڪا
شيءِ آهي ڪي نه، چاچي ڏسي ورتس، بس حساب پورو ڪري
ڇڏيائين........“
پڃل کي پوليس جهلي، ڪاروڪاري جو ڪيس داخل ڪري
ورتو، پڃل جي چهري تي اڻ لکي مُرڪ به هئي، آخر
وڏيري کان روپين جون دستيون ۽ آزاديءَ جي پرواني
جو وعدو جو مليو هئس.
وفا صالح راڄپر
................
ڪارو ڌاڳو
ريس علڻ خان حڪيم جي ڏنل ڪُشتي سان رات کي رنگين
ڪري مڌُ جي ٽڙيل مستيءَ ۾ لڏندو لمندو بنگلي جي
ڏيڍي ٽپي گهر ۾ داخل ٿيو سانت ۾ ٻڏل گهر مان چڻ پڻ
جا پڙلاءَ ڪن تي پيس، ته ڇرڪي بيهي ڪنائڻ لڳو، چڻ
پڻ جا آواز سندس ڌيءُ نسيم جي ڪمري مان پئي آيا، هُو
اڳتي وڌي ڪمري جي دروازي سان لڳي ڪنائڻ لڳو.. هُو
به چار جملا جيڪي جهٽي سگهيو، هو ٿورو لکيو گهڻو
سمجهڻ واري لاءِ گهڻو ڪجهه هئا،
نشا هرڻ ٿي ويا هئس.
مئه جا سرور ڪافور بڻجي پگهر جي صورت ۾ نراڙ تان
وهڻ لڳا هيس، اکين اڳيان غريب پورهيت نوروءَ جي بي
پهچ نياڻيءَ جو چهرو ڦرڻيءَ وانگر اکين اڳيان ڦرڻ
لڳو هئس،
جنهن کي ڪجهه دير اڳ کنڀائي چادر وانگر جسم سان
ويڙهي گهنج گهنج ڪري اماڻيو هئائين، جسم ۾ ڏڪڻيءَ
اچي وراسي، ڪاوڙ ۾ جسم سان گڏ شهپرن جا وار به
ڦرڪيس پئي. ٻئي مٺيون ڀيڪوڙجي ويون هئس،
سمجهه ۾ ڪجهه نه پئي آيس ته ڇا ڪري؟ يڪدم چيلهه
سان ٻڌل مائوزر ڪڍي ورتائين،
پر بت ۾ ايتري سگهه نه هئس جو مائوزر هٿ ۾ جهلي
سگهي.
هو فرش تي ويهي، اڀا ساهه جائيتا ڪرڻ لڳو، ڌيءُ
نسيم جو چهرو اکين اڳيان ڦرڻ لڳس، چئني ڀائرن جي
اڪيلي ڀيڻ ۽ سندس وڏهر ڌيءَ نسيم جي مٿي ۾ چانديءَ
جو تندون ظاهر ٿيڻ لڳيون هيون، پر سندس هٿ پيلا نه
ٿيا هئا. ايئن به ڪونه هو ته رئيس علڻ خان وٽ نسيم
لاءِ جوڙ جيس ۽ برابري حيثيث وارا رشتا نه آيا
هئا، پر علڻ خان نياڻيءَ کي پرڻائي پنهنجي مڇ جي
وار کي هيٺ ٿيڻ نه پئي ڏنو. ڪو مائيءَ جو لال سندس
نياڻو سڏائي، اها ڳالهه کيس پسند نه هئي. اميدن جي
ڀريل سج جا پاڇا، جڏهن سماج جي هٿرادو قانون
سان مٿو ٽڪرائي، مايوسيءَ جي لاهو سج وانگر لاڙو
ٿيڻ لڳا هئا، تڏهن کان نسيم بيمار رهڻ لڳي هئي.
بيهوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا هئس. رئيس علڻ خان شهر
جي وڏن ڊاڪٽرن کان سندس علاج ڪرايو، پر نسيم جيئن
پوءِ تيئن ڀترن جيان ڀرندي پئي وئي. نسيم جي ماءُ
ڊاڪٽرن جي علاج کان تنگ ٿي ڌاڳن ڦيڻن جو گس وٺي
ڌيءُ کي چڱو ڀلو ڪرڻ پئي گهريو، پر رئيس علڻ خان
کيس ايئن ڪرڻ نه پئي ڏنو.
هڪ ڏينهن علڻ خان جيئن ئي گهر آيو ته نسيم کي شديد
دورو پيو هو.
هُوءَ
بيهوش ٿي وئي هئي ۽ وات مان گڦ پئي وهيس، ڏندڻ
پئجي ويا هئس،
ڳوٺ جي ڪراڙي ماسي مٺل سرائيءَ سان سندس ڏندڻ پئي
ڪڍيا. گهر جون عورتون ۽ نوڪرياڻيون ميڙاڪو ڪري
مٿان بيٺل هئس.
ڏندڻ ڪڍڻ کانپوءِ ڪراڙي ماسي مٺل، گلاس مان پاڻيءَ
جا ڇنڊا منهن تي هنيس ته هن اکيون کوليون ۽ نماڻي
نهار سان چوڌاري ڏسڻ وائسڻ لڳي. سندس نگاهه رئيس
علڻ خان تي پئي ته اکين مان بي اختيار ڳوڙها ڳڙي
پيا هئس ۽ سڏڪن ۾ پئجي وئي هئي. نسيم جي ماءُ جيڪا
بارود جيان ڀري ويٺي هئي، علڻ خان کي ڏسي ڄڻ چڻنگ
ڏسي ورتي هئائين.
توکي گهڻا ڀيرا چيو اٿم ته ڇوڪريءَ کي غيبات جي
لڳت آهي،
تڏهن
ته ڪابه دوا اثر نه ٿي ڪري، پر تون آهين جو..........!“
”مان
به ڇا ڪريان؟ علاج ته گهڻا ئي ڪرايا اٿم“
رئيس علڻ خان به پريشان ٿي ويو هو.
”مئو
ابو“،
انهن ڊاڪٽرن جو. لڳت کي ڊاڪٽر ڇا ڪندا؟
”چوانءِ
پئي ته ڇوڪريءَ کي سائين ڀورل شاهه کان پڙهت ڪرائي
ڌاڳو وٺي ڏيون“
نسيم جي ماءُ چيو.
”تنهنجو
ته اڇي مٿي ۾ اچي ڏاڪو ڦريو آهي.“
”ڏاڪو
منهنجو نه پر تنهنجو اچي ڦريو آهي. ڀورل شاهه وٽ
چـڱا مٺا راڄ پيا ڳاهٺ ٿين. سڀ چريا آهن. اٽي لپ
ڪونه ٿا کائين؟“
”ابا....!
سائنڻ جو چوڻ کڻي مڃ، اکئين ڏسيو پئي اچان ڪالهه
هڪڙي جوان ڇوڪريءَ کي گاڏيءَ تي کڻي آيا هئا.“
”سائين
ڀورل شاهه جي پڙهت کانپوءِ، ڇوڪري کلندي گاڏيءَ ۾
رواني ٿي وئي.“
ماسي مٺل ڳالهايو.
مائي مونکي ته ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ٿي اچي،
رئيس علڻ خان وراڻيو.
”ابا....
ماٺ ميٺ ۾ وينداسين، ڪنهن جي ملائڪن کي به ڪل ڪانه
پوندي.“
ماسيءَ
مٺل چيو.
رئيس علڻ خان ڪابه ورندي ڪانه ڏني، ڪمري مان ٻاهر
نڪري ويو.
پهريون سهائو سومر ڀيٽي، نسيم ماءُ سان گڏ موٽي ته
اڌ بيماري ڇڏي وئي هئس. ڀورل شاهه جو ڪارو ڌاڳو
ڳچيءَ ۾ ٻڌو هئائين ته دورا پوڻ به بند ٿي ويا
هئس. خوش رهڻ لڳي هئي. بيماريءَ جي ڄڻ پاڙ پٽجي
وئي هئي. ساڳيا هار سينگار، ساڳيو آرسيءَ سان
جهيڙو، ساڳئي کل خوشي، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هو. نه
رڳو نسيم جي ماءُ، پر گهر جا ڀاتي به خوش هئا.
ڀورل شاهه جي ڪاري ڌاڳي ۽ ڪرامت جا چرچا هئا ڳوٺ
۾. نسيم جي چڱ ڀلائيءَ جي زنده مثال سان ڀورل شاهه
جي سڄي تر ۾ هاڪ پئجي وئي هئي.
ڀورل شاهه، نسيم جي ماءُ کي ٻڌايو هو ته ڇوڪريءَ
تي زبري جن جو اثر آهي. في الحال ته ڪوبه نقصان نه
پهچائيندو، پر سدائينءَ
لاءِ ڇوٽڪارو ضروري آهي ان لاءِ توهان کي ست ڀيرا
سهائي سومر تي اچڻو پوندو. نسيم، ماءُ سان گڏ ڇهه
سهائا سومر ته ڀورل شاهه وٽان ڀيرو ڪري آئي هئي.
ستون سومر وڃي بچيو هو. ان کان اڳ جو نسيم جي ماءُ
کيس ستين سومر ڀيٽڻ لاءِ وٺي وڃي، کيس نسيم ۾ ڪا
ڳالهه کٽڪڻ لڳي هئي. سڀاڻ ستون سومر هو ۽ اڄ ماڻس
نسيم سان جهيڙو لايون بيٺي هئي.
نسيم جي ماءَ جي تکو ڳالهائڻ تي علڻ خان اٿي بيٺو
۽ ڪن سرلا ڪري دروازي سان لڳائي ڇڏيائين. هن ڪاوڙ
مان چيو پئي.
”ڇوري....!
اکيون ڦاڙي ڇا پئي ڏسين؟ ٻڌائين ڇو نه ٿي ته اهو
اڇو منهن ڪٿان ڪرايو اٿئي؟“
”امان...!
ايئن پئي پڇين ڄڻ توکي ڪا خبر ئي ڪانهي؟“
نسيم جو لهجو به تکو ٿي ويو هو
”اڙي،
مٺيس.....!
ڇوري، مون کي ڪهڙي خبر ته تو ڪٿان منهن تي دانگي
ملائي؟“
”امان...!
پاڻ کان پڇ ، اهو سمورو تنهنجو ڪيو ڪرتيو آهي.
آئي، گهوڙٽ...! ڏسو ته سهي، الٽو مون کي پئي ڏوهي
ڪرين“
ماڻس جو لهجو روئڻهارڪو هو.
”ها،
امان..! تون ئي ذميدار آهين ان جي.“
”ڇوري،
ڪيئن....؟ آءُ به ته ٻڌان.“
”تون
ئي مون کي ڀورل شاهه وٽ وٺي هليئنءَ ۽ ڀورل شاهه
سان ڪمري ۾ ايئن اڪيلو
واڙي ڇڏيو، جيئن ٻڪري، بگهڙ جي هٿ ۾ ڏبي آهي. ڀورل
شاهه ئي مونسان .....!“
هن کان اوڇنگار ڇڏائجي وئي.
”آئي...
نڀاڳي ، ندوري....! ڪامل مرشد تي ڪوڙ هڻي پنهنجو
پاڻ پئي لڪائين؟“
”بکيو
بگهڙ آهي. وحشي ۽ زناور. مون جهڙيون الائجي
ڪيتريون نياڻيون هن جو نشانو بڻيون آهن.“
”تو
دانهن ڪُوڪ
به نه ڪئي.“
”دانهون
ته ڪيم، پر تو خليفي جي چوڻ تي سمجهيو ته پير جن
سان جهيڙو پيو ڪري،
پر هن ته....! هوءَ سڏڪن ۾ پئجي وئي.
رئيس علڻ خان بت بڻيو بيٺو رهيو. بت مان ساهه
ڇڏائجي ويو هئس. سڄو بنگلو ڦرندو محسوس پئي ٿيس.
هن اونهو ساهه کڻي مائوزر واپس رکيو ۽ اڳتي وڌي
پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃڻ بدران پويان پير ڪري واپس
بنگلي ڏانهن وڃڻ لڳو. رئيس کي ساڳين پيرن تي گهران
واپس ايندي ڏسي بنگلي جا نوڪر پريشان ٿي ويا.
هن پراڻي نوڪر ادلوءَ کي سڏ ڪيو ۽ کيس مال جي وٿاڻ
مان مئنيجر کي سڏي اچڻ لاءِ چيو ۽ اڳتي وڌي پاڻ کي
پلنگ تي پاڻ کي ايئن ڦٽو ڪيائين ڄڻ جُوا
جي داوَ ۾ سڀ ڪجهه هارائي ويٺو هو. مئنيجر سهڪندو
ڪمري ۾ داخل ٿيو ته رئيس علڻ خان بيڊ تان اٿي،
سگريٽ دکائي وڏو
ڪش هنيو. مئنيجر معاملو نه سمجهڻ واري حيرت مان
کيس ڏٺو
پئي.
هن کيس ويجهو سڏي ويهاريو ۽ پوءِ کيس سُرٻاٽن
۾ ڪجهه چيو، مئنيجر ٻئي هٿ ڇاتيءَ تي رکي ڪنڌ کي
هاڪار ۾ لوڏي ٻاهر نڪري ويو.
صبح سوير اڃا ڀنڀراڪو هو. سج ڪني به نه ڪڍي هئي ته
سڄي ڳوٺ ۾ هُل
پئجي ويو هو. ننڍي
وڏي، مرد توڙي عورت جي وات وائي هئي ، ته
”قهر
ٿي ويو. بغداد ٿي ويو“
سادن ماڻهن پئي ڳالهايو،
پر سندن ذهنن ۾ ڀريل عقيدي جي بارود پئي ڳالهايو.
ايئن پئي لڳو ڄڻ ڳوٺ جي هر گهر ۾ قضيو ٿيو هو. ڪن
گهرن مان، ته عورتن جي روئڻ ۽ پار ڪڍڻ جا آواز به
آيا پئي. هنن لاءِ وڏي ڏک ۽ ماتم جهڙي به ڳالهه ئي
ته هئي، ان ڪري، سادن ماڻهن نه پئي ڳالهايو پر
سندن ذهنن ۾ ڀريل عقيدي جي بارود پئي ڳالهايو،
اها خبر هنن مٿان وڏي ڇپ وانگر ڪري هئي ته رات دير
سان، وڏي اسر ڌاري، ڪي اڻ سڃاتل هٿياربند، سائين
ڀورل شاهه جي آستاني ۾ گهڙيا ۽ لڳاتار فائرنگ ڪري،
ٻن خليفن سميت کيس موت جي ننڊ سمهاري ويا هئا.
عبدالواسع ’عبد‘ سهندڙو
شڪارپور
پهرين تاريخ، پگهار ۽ بايوميٽرڪ
اڄ پهرين تاريخ مون لاءِ ذري گهٽ عيد جو ڏينهن آهي
ڇو ته پهرين تاريخ مون کي پگهار ملندي آهي ان لاءِ
منهنجي گهر ۾ خوشين جا خرار ان سان گڏ ڪافي قرار
به هوندا آهن. مون کي ته خوشي ٿيندي ئي ٿيندي آهي،
پر زال به ٻهڪندي ۽ ٽهڪندي نظرايندي آهي، پر اها
کل خوشي ٻه ٽي ڏينهن پوءِ گهر ۾ روڄ راڙو پِٽڪو
ڊَشڪو، ڪِرڪِر ۽ ڪِروڌ جو پاڇو سدا ساندهه سڄو
مهينو جاري ۽ ساري رهندو آهي.“
ها ته ڳالهه پئي ڪيم ته پهرين تاريخ ۽ پگهار جي
يعني هڪ ڏينهن جي خوشي ۽ خريد. اڌ گيدو تڙ ڪري ٺهي
سنبري کٽ تي ويٺس ۽ نيرن پاڻيءَ لاءِ جهاتيون پائڻ
لڳس. منهنجي چرپر ۽ سرپر تي کٽ به چيڪاٽ ڪري
پنهنجي عمر رسيده هئڻ جو ڏس پتو ڏيئي رهي هئي. زال
منهنجي حال تي رحم ڪندي ٻه ڦلڪڙيون ۽ چانهه جو
پيالو کڻي اچي کٽ تي منهنجي سامهون رکي پاڻ به
پاسو وٺي ويهي رهي ته کٽ جي ٻانهين جي رنگهه چنگهه
جو آواز ڪَن جَن پيو. اهي ڦلڪڙيون مون لاءِ ڄڻ هوڙ
ڪوسي ڪرڻ جي لائق به نه هيون. مون شڪايت درج
ڪرائيندي چيو: ”ڊڳڙيون ته ڪجهه سَوايون وجهندي ڪر،
انهن ٻن ڦلڪڙين مان ته هڪ ڪنڊ به ڪانه ٿي ڀرجي.“
منهنجي شڪايت جو ازالو ڪرڻ لاءِ بيگم ٺهه ڦهه چيو
ته ٻاجڪي مان کوهي کسوهي آخري اٽي جي لپ مس ڪڍي
اٿم، جنهن مان اهي ٻه ڦلڪڙيون ٿيون آهن، خبردار
ڪندي چيائين ته اٽي جو به آخري وقت اچي پهتو آهي.
ماٺڙي ڪري اهي ٻه ڦلڪڙيون چانهه سان تڳي ويم، بيگم
کي چيم ته ”اڄ پهرين تاريخ آهي، پگهار ملڻ جو پڪو
آسرو ۽ اميد آهي سودي سوڌ جي فهرست لکراءِ ته
اسڪول کان موٽڻ وقت شهر مان پگهار به کڻندس ته
سامان به ورتيون ايندس.“
ڇا لکرايان هڙئي سودو کَپي ويو آهي ڪنهن شيءَ جي
به ذري پرزي نه بچي آهي.
منهنجون وايون ولڙيون ٿيون ته مار! ڪجهه نه بچو!
”هر شيءِ وٺڻي پوندي. اڳي ته ٻينءَ ٽينءَ تاريخ
تائين بچو سچو هلندو هو، هن دفعي ڇو الهه تلهه اڳي
ئي پورو ٿي ويو؟“ منهنجن انهن لفظن تي هن کي ڄڻ چڙ
لڳي وئي ۽ ورنديءَ ۾ چيائين ته ”ڄڻ مان وڪڻان ٿي
يا پيڪن ٿي پڄائي اچان. جيڪڏهن پت نه ٿي پوئي ته
پيٽيءَ ۾ رکي قلف ڪڙو ڏيندو ڪر بس نه!“ هڪ ئي
ساهيءَ ۾ چيائين. دل ۾ چيم سڀ خبر آهي ڪيترو ۽ ڇا
ڇا پيڪن پڄائيندي آهين؟“ پر جيڪڏهن ڏاڍيان چوان ته
ڄڻ ڀنڀور کي باهه لڳي وڃي. ”بس مِٺي به ماٺ، مُٺي
به ماٺ.“ هيٺانهين وٺندي چيم ته بس ڌوڙ پئي: ختم
ٿي ويو ته ختم ٿيڻ ڏينس، اهو سودو هوندو ئي ختم
ٿيڻ لاءِ آهي.
مون قلم ۽ پنو کنيو هن کي لکائڻ لاءِ چيم، پر هن
خار کائيندي چيو اهو جيڪو سڀ ڪجهه آڻيندو آهين هر
مهيني هَرون ڀَرون ڇڙو مِجاجُ ڪندو آهين. مُنهن ۾
سونڊ وجهندي چيائين.
مان پاڻ هرتو لکيو هڪ ڪَٽو چانورن جو ڄڻ واڪ ڏيندو
ٿو هلان. چيائين چانور ڪجهه چڱا آڻ اَڌَ ٿو آڻين
ڄڻ مال جو کاڄ آهن. ڪالهه پاڙي مان ادي زينيءَ کان
وٺي چاڙهيم چانور هيڏا چوپ ٿي پيا ۽ ڪڍيم ٿال ۾ ڄڻ
چُرن پيا. تون به اهڙا وٺي اچ. دل ۾ چيم انهيءَ
زينيءَ ته تنهنجو خانو خراب ڪيو آهي. مڙس اٿس ڪلرڪ
پگهار کان سواءِ روزاني روز مٿين ڪمائيء جا هزار
ٻه، کڻي گهر اچي ٿو. شام جو کيسا به گرم ڪيو اچي
ٿو ۽ ان سان گڏ ٻنهي هٿن ۾ ڦل فروٽ جون به ٿيلهيون
به آڻي گهر واريءَ جي اڳيان حاضر ڪري ٿو، مون
ماستر جي سُڪي پُڪي پگهار ڇڙا چوونجاهه هزار ۽ ڊزن
ٻارن جو به ڪنڌ ۾.
ڪَٽو اَٽي جو، کنڊ ٻارنهن ڪِلا، چانهه 2 ڪلو، وچ ۾
لنئوڙو هڻندي چيائين، اها چانهه جيڪا آڻين ٿو حرام
جو سواد اٿس. مٿي جو سور به نه ٿي لاهي ۽ رنگ به
ڪارو ٿئيس ٿو. لبٽڻ (لپٽن) آڻ واهه جو چانهه آهي.
ادي زينيءَ کان ڪالهه چپٽي اڌاري ورتم ۽ چانهه
ڪاڙهيم ته مغز مان ٺڪاءَ ڪڍي ڇڏيائين. (دل ۾ چيم
زيني شل ڄنگهه ڀڄَئي.) مان جوابي ڪاروائيءَ ۾ چيو
ته اها چانهه آهي. جنهن ۾ الائي ڪهڙيون ڪهڙيون
حرام شيون ملائِن ٿا. هونئن به تون پڪي مُلياڻي
آهين حرام کائڻ سان روزو نماز چاليهن ڏينهن تائين
نه ٿيندو آهي. پنهنجي ملڪ واري چانهه ڀلي حلال شين
جي ته آهي نه! (ٽيڪر واري انداز ۾ چيم) ها صحي ٿو
چئين. اها ئي آڻ جيڪا توکي وڻي (دل ۾ چيم نشانو
صفا صحيح جاءِ تي لڳو) انهيءَ عظيم سوڀ تي
هنبوڇيون هڻڻ لڳس.
گيهه 15 ليٽر- (يعني ٽي پنجن ليٽرن جون بوتلون)
تنهن تي چيائين گيهه ۾ به ڇَٽ هوندي آهي ڪو سٺو ته
وٺي اڄ. ها ادي زينيءَ واريون ته حبيب پڪوان
آڻينديون آهن خوشبوءِ به ڀلي اٿس ۽ اڇو به کير
جهڙو آهي. سوچڻ لڳس اها زيني مون کي نه ڪٿي ڊَهو
ڊَههِ ٿي ته اڳيون پويون حساب وٺندوسانس وڏي ڪا
”کاروکٻڙ“ آهي.
مان هاڻي ساهي پٽڻ جي بهاني سان ڪياڙي کنهڻ لڳس ۽
سوچڻ لڳس منهنجي پگهار جو ٻيڙو سير تي آهي.
صَرفُ، السعوديه پنج ڪلو ٿيهلو. انتظار ڪرڻ لڳس ته
ڪهڙو ردعمل ظاهر ٿئي ٿو. ”انڌو ڀڄي ڦاهيءَ کان
اهائي ڦاهي“. اهو سعودي وارو اٺ ڇاپ ته صَرفُ نه
آڻ حرام جو جهڳي ڪري ٿو ٻيو ڪو آڻ ۽ ها! ايڪسريس.
(ايڪسپريس) آڻ واهه جو جهاڳ ۽ خوشبوءِ اٿس (هڪئي
ساهي ۾ چيائين) ڄڻ منهنجي سيني ۾ سڌو فائر ڪيائين.
او چري! ائين نه چئو ڀلي پار جو آهي، توبهن ڪر،
توبهن. (ٻئي هٿ ڪنن تي رکندي چيائين الله بخشجانءِ
زبان آلو لڪڻ آهي) معنيٰ منهنجي مراد پوري ٿي.
شيمپو بايو آمله- ٽيهه ساشا- (في ساشو 2 رپين
وارو) بغير ساهيءَ جي ٻيو ڪجهه لکڻ جي ناڪام ڪوشش
ڪيم ته عمل جو رد عمل ظاهر ڪندي چيائين ته انهيءَ
شيمبو (شيمپو) ڪاري ڪٻري ۾ ڪائي غزا ئي ڪانهي ڪا.
هڻ ته ڪُل وار اڳيان ڪريا پيا آهن اڃان به مٿي مان
چيڙهه به ڪونه ٿو ڪڍي رهندو کهندو منهنجا وار
کُسندا وڃن ٿا. ثبوت ڏيکارڻ لاءِ پوتي لاهي پنهنجو
مٿو هيٺ ڪندي چيائين (ڏٺم ته ڪُل ڪوڙ، وار ڪارا
رُم اٿس ۽ گهاٽا اهڙا جهڙو شاهه ٻيلو. پوءِ به
اجائي رناڻو ڪروڌ ۽ ڪِرڪِر.
چيم باقي ڪهڙو آڻيان، (مون هٻڪندي ڪاوڙ مان چيو)
ٽي.ويءَ ۾ ڏيکارن ٿا پيٽيڻ (پينٽين) رِزِلَٽُ
(رِزَلٽُ) به ڀلو اٿس. مون ڏندين آڱريون ڏنيون ۽
ڪاوڙ ۾ چٻاڙي چٽ ڪيم عقل ويڙهائيندي دف تي بندوق
ڇوڙيم ته پڪ اهو سين به زيني بِينيء جي گهر ٽي وي
تان ڏٺو هوندئين.
مون به توائيءَ مان چيو اهو شيمپو پورن پنجن سَوَن
۾ ۽ هيترڙي دٻڙي ٿي ملي. ايڏو مهانگو مان نه ٿو
وٺي سگهان. ڪجهه مون تي به رحم ڪر. ڪمائڻ وارو هڪ
۽ کائڻ وارا کوڙ (عاجزي ۽ انڪساريءَ واري انداز ۾
چيم) منهنجي پنجن سون واري شيمپو سان ڪهڙي قيامت
ايندي. نه آڻ ته نه آڻ. هُونئن به تون منهنجي ڪهڙي
مڃيندو آن چؤ ته منهن ۾ موٽائي هڻندو آهين. منهنجي
به نه سَرندي آهي جو توکي چئي پنهنجي عزت پاڻ
لهرائيندي آهيان. هڪ ئي ساهيءَ ۾ وڪيلن وارا دليل
ڏيندي چيائين. منهنجي به هيءَ سينڌ آهي جو وري
توکي ڪجهه چوان. ڪاوڙ واري لهجي ۾ چوندي اٿي.
مون به اڄ چيو ته ”جيءَ جهيڙو ته ابو جهيڙو“ اڄ
مڙسي ڪري ”هڪ هڪاڻي ڪبي“. ”گدڙ جي سؤ سال واري
زندگيءَ کان شينهن جي هڪ ڏينهن واري زندگي بهتر
آهي.“ اڃا انهيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ طريقو نمبر
تيرنهن سوچڻ لڳس ته موبائيل جي گهنٽي وڳي. تڙ تڪڙ
۾ کيسي مان ڪڍيم ته اسڪرين تي اسڪول جي هيڊماستر
جو نالو لکجي آيو. رهندو مون کي ڦِڦڙيءَ ورتو. بٽڻ
دٻائي هيلو ڪيم ته هن منهنجي هيلو کي کنگهيو ئي
ڪونه. اٿندي ئي چيائين ڀر واري اسڪول ۾ بايوميٽرڪ
وارو پڳو آهي اچڻو اٿئي ته جُود ڪري اچ نه ته غير
حاضر ٿي ويندين پوءِ پاڻ ڄاڻجانءِ. (ائين چوندي
فون ڪٽجي ويو).
منهنجون ته ”هيٺيون هيٺ ۽ مٿيون مٿي ٿي ويون“ تڙ
تڪڙ ۾ پنو پين اڳئين کيسي ۾ وڌم ۽ کٽ تان ڀولي
وانگر ٽپو ڏيئي اٿس. بوٽ جي بدران تڙ وارو چپل کڻي
پير ۾ پاتم. زال جو ڏٺو ته هن کي الائي ڪهڙي
مرنگهيءَ ورتو آهي، جو وايون بتال ٿي ويون اٿس.
مون نه ڪئي هم نه ڪئي تم بس لانگ ورائي موٽر
سائيڪل جي زومائتي ڪِڪ هنيم ته چالو ته نه ٿي اتر
۾ پير تِرڪي ويو ۽ پاچو ڦاٽي پيو، اهوڏسندي زال
چيو، ”پاڇو ڦاٽي پيو اٿئي، لاهه ته سبي ڏيانءِ، ۽
چپل به لاهه، بوٽ پاتيون وڃ“ (همدرديءَ طور
چيائين)
مون ان جي توجهه واري نوٽس کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪندي ٻي
ڪِڪ هنيم ته چالو ٿي. ائين برڙاٽ ڪندو گهر کان
نڪتم چَين لهي وئي. سوچيم اڄ بچيم ته نئون ڄايم.
چَين چاڙهي زرڙاٽ ڪرائيندو ڌوڙ اُڏائيندو ويم ته
سڀني ڳوٺ وارن ڏٺو ته ماستر کي جِن ٿي ويو آهي، جو
مينهن واءُ هڪ ڪيون ٿو وڃي؟ ۽ مان خير سان درود
پڙهندو ٿو وڃان ۽ پاڻ تي شوڪاريندو ٿو وڃان.
عبدالرافع شيخ
لاهور
تبديلي
آڪڙباز اميرن کي ڏسي خدا بخش جي حالت ائين ٿي
ويندي هئي، ڄڻ ڪنهن ڪِرڀائتي جانور تي پئجي وئي
هجي. هن کي لڳندو هو، اهي امير ماڻهو روز هن جي
اميراڻي زندگيءَ کي غربت ۾ بدلائي ڇڏيندا آهن، صبح
جو هُو ننڊ مان اٿندو هو ته پاڻ کي دنيا جو سڀ کان
خوشحال ماڻهو سمجهندو هو، دنيا جي هر شئي ته هئي
هن وٽ پيار ڪندڙ زال، ٻه ذهين ۽ ادب وارا پٽ ۽ هڪ
ڪوهه قاف جي ديس جي پرين جهڙي پياري ڌيءَ، ان
کانسواءِ اٽي لٽي ڪمائڻ لاءِ ريڙهي ۽ حليم جي ديڳ
سميت ٻيو ضروري سامان، جن مان هن جي گهر جو گذارو
ڪنهن ڪارخاني جي مالڪ کان به وڌيڪ آرام سان ٿيندو
هو، جڏهن ته ڪيترن ڪارخانيدارن جي واتان هن مشڪل
سان گذارو ٿيڻ جي شڪايت ٻڌي هئي، پنهنجي حليم جي
ريڙهي مان نه صرف سندس گذارو سٺو ٿي رهيو هو، پر
ڪجهه بچت پڻ ٿي ويندي هئس، شايد ان جو ڪارڻ هن جي
زال ۽ ڌيءَ جو واندڪائيءَ ۾ ڪجهه سلائي ۽ ڀرت ڀرڻ
جو ڪم ڪري اتان به پئسا جوڙڻ ۽ ٻنهي پٽن جو نه صرف
اسڪالرشپ تي شهر جي سٺن ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ،
پر ان سان گڏ ٻارن کي ٽيوشن پڙهائي پنهنجو خرچ ڪڍڻ
به هو.
خدا بخش روز صبح جو گهران پنهنجي حليم جي ريڙهي
سميت خوش خوش اچي، هڪ وڏي مارڪيٽ ٻاهران ائين
بيهندو هو، جيئن ڪو سيٺ پنهنجي نئين دڪان جي
ڪائونٽر تي بيٺل نظر ايندو آهي، پر پوءِ اها اميري
تڏهن غائب ٿي ويندي هئس، جڏهن ڪو ٽرڙو نوجوان،
پيءُ جي پئسن سان خريد ڪيل گاڏيءَ جو زور سان هارن
وڄائيندي هن کي دڙڪو ڏئي ريڙهي کي اڳتي ڪرڻ لاءِ
چوندو هو يا پنهنجي چهري جي بدصورتيءَ کي ميڪپ جي
ليپي سان لڪائيندڙ ڪنهن راشي آفيسر جي زال گاڏي
مان لهي هن جي گاڏيءَ تي حليم جي ديڳ ۽ پيالن ۾
ڪٽيل بصر، ادرڪ ۽ ليمن تي نظر پوڻ سان منهن کي
خراب ڪري ائين ڏسندي هئي ڄڻ هو حليم نه، پر زهر
کپائيندو هجي، اُنهن جي اِنهن روين مان کيس پنهنجي
اوقات چڱي طرح خبر پئجي ويندي هئي اهو به سمجهه ۾
اچي ويندو هئس ته گاڏن وارن ۽ گاڏين وارن ۾ رڳو
هڪ جو نه پر زمين آسمان جو فرق آهي. اهڙي طرح صبح
جو گهر کان آيل هيءُ امير ماڻهو منجهند تائين
غريب ٿي ويندو هو، پر وري جڏهن شام جو پنهنجي جنت
جهڙي گهر ۾ پنهنجن ٻارن ۽ گهرواريءَ سان ملندو هو
ته هڪ دفعو ٻيهر اميري واپس ملي ويندي هئس. هن جي
زندگي ائين 12 کان 12 تائين جو سفر ڪندڙ گهڙيال جي
سئيءَ وانگر روز هيٺائينءَ جو سفر ڪري واپس
مٿاهينءَ تي اچي بيهندي هئي.
ان ڏينهن خدا بخش ٽن مهينن کانپوءِ پنهنجي پٽ سان
گڏ روزگار تي وڃي رهيو هو، هن جي اڳيان گهڙيءَ
گهڙيءَ ٽي مهينا اڳ وارو منظر اچي رهيو هو، ريڙهي
ڀرسان هن جو پليٽن ۾ حليم وجهڻ، هڪ نوجوان جو
گهڙيءَ گهڙيءَ هارن ڏئي هن کي ريڙهي پري ڪرڻ تي
زور، هن جي طرفان دير تي نوجوان جو گاڏيءَ مان لهي
هن کي گاريون ڏيڻ، هن جو به جواب ۾ ريڙهي هٽائڻ
کان انڪار ۽ ان نوجوان جو گاڏي ۾ اڳتي وڃي وري ان
کي تيزيءَ سان پوئتي ڪري هن جي ريڙهي سان هڻڻ،
جنهن کان پوءِ گرم حليم جي ديڳ جو هن جي مٿان ڪرڻ
۽ هن جو ٽي مهينا اسپتال ۽ گهر جي پلنگ تي گذارڻ.
جيتوڻيڪ کيس ٽي مهينا روزگار کان پري رهڻ جو افسوس
هو، پر ان ڳالهه جي خوشي به هئس ته ان عرصي ۾ سندس
وڏو پٽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي مدد سان، ڪاليج مان
موٽڻ کان پوءِ حليم کپائي گهر هلائيندو رهيو، بنا
اهو سوچي ته هُو جنهن وڏي ڪاليج ۾ اسڪالرشپ تي
پڙهي رهيو آهي، ان جا شاگرد هن کي حليم کپائيندي
ڏسي ٺٺوليون ڪندا.
هن اسڪوٽر تان لهي هيڏي هوڏي نهاريو پر کيس ڪٿي به
حليم جي ريڙهي جو نظر ڪونه آيو، خدا بخش جي سوال
ڪندڙ نظرن سان پٽ ڏانهن نهارڻ سان هو مرڪي سندس هٿ
پڪڙي کيس پاڻ سان گڏ ٿورو اڳتي هڪ ننڍي پر صاف ۽
سنواريل دڪان ڏانهن وٺي ويو، هن ٻڌايس ته جنهن وڏي
ماڻهو جي پٽ هن کي پنهنجي ڪار سان زخمي ڪيو هو ان
جي پيءُ پوليس مان ڪيس واپس وٺڻ تي هن کي پنج لک
رپيا ڏنا، جن مان هن پنهنجي ڪاليج جي دوستن جي
مشوري سان هيءُ دڪان ٺاهيو آهي، هن دڪان جي بورڊ
ڏانهن اشارو ڪندي پيءُ کي ٻڌايو ته ڪاليج جي دوستن
دڪان جو نالو خدا بخش حليم وارو بدران ڪي بي پَلس
اينڊ پروٽين
(K.B Pulse and Protein)
رکڻ جو مشورو ڏنو جنهن سان وڏن ماڻهن اندر هتان جو
حليم کائي ڪنهن خاص شئي کائڻ جو احساس پيدا ٿيندو
آهي.
دڪان اندر هڪ نوجوان ديڳ مان حليم وجهي بيٺل ماڻهن
کي ڏئي رهيو هو کيس هٿن ۾ ڪليءَ وارا دستانا، مٿي
تي ڊگهي ٽوپي ۽ ڪپڙن مٿان صاف سٿرو ايپران پهريل
هو، هن کي ڏسي ننڍي پٽ تڪڙ ۾ ڪائونٽر اندران اٿي،
پيءُ کي پنهنجي جڳهه تي ويهاريو. خدا بخش ڪرسيءَ
تي ويهي ٻيهر حليم جي ديڳ تي بيٺل همراهه ڏانهن
ڏسڻ لڳو، جيڪو وڏي اسٽائيل سان حليم ٿيلهي ۾ وجهي
ان کي پلاسٽڪ جي هڪ دٻي ۾ بصر، ادرڪ، ليمي ۽
مصالحي جي ٺهيل الڳ الڳ پُڙين سان رکندي، وري ان
کي هڪ ٻي پلاسٽڪ جي وڏي ٿيلهي ۾ وجهي گراهڪ حوالي
ڪري رهيو هو، هن کي ان جي هڪ ٿيلهي ۾ هن وانگر
حليم ۽ مصالحا وجهي ڏيڻ بدران ڪيترين ٿيلهين ۽
مهانگي دٻي ۾ بند ڪري ڏيڻ سان گهٽ ۾ گهٽ ڏهن رپين
جي فضول خرچيءَ تي ڪاوڙ اچڻ لڳي، پر اها ڪاوڙ ان
وقت خوشي ۾ مٽجڻ لڳي جڏهن حليم وجهڻ واري همراهه
رڙ ڪري هن کي چيو: ”صاحب کان هڪ پيڪٽ حوليم جا
هڪ سو پنجاهه رپيا وٺجو.“ هن کي لڳو هن کان ٻڌڻ ۾
غلطي ٿي آهي، ٽي مهينا اڳ هو ايترو حليم پنجاهه
رپين ۾ کپائيندو هو، اهو هاڻي ٽيڻ تي مهانگو ڪيئن
ٿو ٿي سگهي، هن جڏهن پڪ ڪرڻ لاءِ وري پڇيو ۽ جواب
۾ ڏيڍ سئو رپيا ٻڌو ته يڪدم ان پڪ جي انتظار ۾
بيٺل مرڪ هن جي چپن تي تري آئي، هن خوشيءَ مان
ڀرسان بيٺل وڏي پٽ کان پڇيو. هيءُ هڪ پليٽ حليم جا
150 آهن؟
جي بابا پر هي هاڻي حليم نه پر حوليم آهي. حليم
غريب ماڻهو کائيندا آهن، هي وڏن ماڻهن جي پسند جو
حوليم آهي، هيلدي اينڊ هائيجينڪ حوليم. هن جي پٽ
وات کي گول ڪندي ورندي ڏني.
ڪجهه مهينن کان پوءِ خدا بخش پنهنجي نئين ڪار مان
لهي دڪان جي ڪائونٽر تي اچي ويٺو، روز وانگر
اوريان پريان جي آفيسن ۾ منجهند جي مانيءَ جي وقفي
۽ ڪاليجن ۾ موڪل ٿيڻ جي ڪري حوليم وٺڻ لاءِ ماڻهن
جي پيهه لڳي پئي هئي. خدا بخش ماڻهن جي ميڙ کي ڏسي
دل ئي دل ۾ خوش ٿي رهيو هو. جو اوچتو هڪ ميرن ڪپڙن
۾ ڪراڙي همراهه هن جي اڳيان 50 رپئي جو نوٽ
وڌائيندي چيس.
”مون کي تنهنجو حليم ڏاڍو وڻندو آهي، آءُ سال ڏيڍ
اڳ تنهنجي ريڙهي تان حليم وٺي کائيندو هئس، پر
پوءِ ڪجهه وقت لاءِ ٻئي شهر ويل هئس، هاڻي موٽيو
آهيان ته تنهنجو همراهه 50 رپئي جو حليم ڪونه ٿو
ڏئي، تون ته اڳئي مون کي 50 واري پليٽ 20 رپئي ۾
به ڏئي ڇڏيندو هئين، پنهنجن ماڻهن کي چئو نه ته
مون کي 50 جو حليم ڏيندا ڪن.
ڪراڙي جي ڳالهه ٻڌي خدا بخش کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، هن
ڪاوڙ ۾ ڪراڙي ڏانهن ڏسي چيو. ”هتي مهانگائيءَ جي
ڪري 150 ۾ پليٽ کپائڻ سان به اسان جو گذارو ڪونه
ٿو ٿئي تون وري 50 رپئي جو حليم وٺڻ آيو آهين، نڪر
هتان.“
اهو چئي هن رڙ ڪندي صفائيءَ واري ڇوڪري کي گهرائي،
ڪراڙي کي دڪان مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ چيو.
ڇوڪرو ڪراڙي کي ٻانهن کان پڪڙي ڌڪا ڏيندي ٻاهر ڪڍڻ
لڳو ته ڪراڙي هڪ نظر خدا بخش تي وجهي يڪدم نفرت
مان ڪنڌ ائين ڦيري ڇڏيو، ڄڻ هن جي نظر خدا بخش تي
نه پر ڪنهن ڪِرڀائتي جانور تي پئجي وئي هجي. خدا
بخش به ڪاوڙ ۾ هن ڏانهن نهاري يڪدم منهن ڦيري
دڪان ۾ لڳل گهڙيال ڏانهن ڏسڻ لڳو، جنهن جون سُيون
سيل سڙي وڃڻ ڪري ڪيترن ڏينهن کان ساڍن ڇهن تي
بيهجي ويون هيون.
اعجاز
انڙ
.......
بُرقعو.....!!
اڇي رنگ جو شٽل ڪاڪ جھڙو برقعو پهريل هڪ عورت
۽ هڪ ستن اَٺن
سالن جو ٻار شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ مريضن لاءِ ٺهيل ويٽنگ هال ۾ ويٺل هئا،
سخت گرميءَ
هوندي به هال جي ڇت ۾ ٽنگيل پکا ايئن چري رهيا هئا،
ڄڻ هُو به
مريضن وانگر بيمار هجن.
هال ۾ ويٺل مريض عورتون ۽ ٻار هڪ پاسي ويٺل هئا پوڙها ۽ جوان مرد ٻئي پاسي
ويٺل هئا،
مرد گرميءَ کان تنگ ٿي هوا کائڻ لاءِ هال کان ٻاهر ٿي ويا ۽ وري موٽي اچي ويهي
ٿي رهيا،
پر عورتون ۽ ٻار اتي ئي ويٺل هئا،
ڪي ٻار ٻاهر وڃڻ لاءِ
نڪتا ٿي ته انهن کي ڇڙٻ ڏيئي ويهاري ٿي ڇڏيائون،
کين اسپتال آئي ڪلاڪ کان مٿي وقت گذري ويو
هو،
پر اڃان تائين هنن کي چڪاسڻ لاءِ
وڏو ڊاڪٽر ڪونه آيو هو.
برقعو پهريل عورت هال
جي
ڪنڊ ۾ پيل بينچ تي ٻار سان گڏ ويٺي هئي سندس برقعو
جسم کي ايئن ويڙهيل هو، جيئن ڪنھن مسافر جو سامان ويڙهيل هوندو آهي، سندس مڙس هٿ ۾ جهليل تسبيح جا داڻا
سوريندي رب سان حساب ڪتاب ۾ رڌل هو،
هُو صبح جو سوير ئي ڳوٺ کان اچي پهتا هئا.
گرميءَ جي شدت سج جي مٿي ٿيڻ سان وڌي رهي هئي، ان سان گڏ هال ۾ ماڻهن جي پيهه به وڌندي ٿي ويئي،
جنهن سان هال جو ماحول وڌيڪ گهُٽ
۽ ٻُوسٽ وارو ٿيندو پئي ويو. گرميءَ جيئن وڌي رهي هئي تيئن ئي عورت جنهن کي کنگھ ۽ بخار جو
عارضو هو تنهن لاءِ
ساھ کڻڻ ڏکيو ٿيندو ٿي ويو.
ڳوٺ جي ڊاڪٽر کين چيو هو
”ته مائيءَ
جو شهر مان ڇاتيءَ
جو ايڪسري ۽ رت جون ٽيسٽون ٿينديون
۽
وڃي ڪنهن وڏي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو مون
کي شڪ ٿو پوي ته هن کي ٽي بيءَ
جي بيماري وڪوڙي وئي آهي.
ٽي.بيءَ جو نالو ٻڌي عورت جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي هئي، جو کيس خبر هئي ته جيڪو مڙس هن کي زڪام ۽ بخار جي دوا وٺي ڏيڻ ۾ ڏينهن
لڳائيندو آهي ۽ رڳو وظيفا ٻڌائي پاڻي پڙهي
پياريندو آهي، سو کيس هن بڇڙي بيماريءَ جو علاج ڪٿان ڪرائيندو؟؟ وقفي وقفي سان عورت کي اُٿندڙ کنگھ کيس سيني ۾ سُور سان گڏ ساھه کي به
سوڙهو ڪري رهي هئي.
هوءَ برقعو مٿي ڪري وات ۾ آيل
کانگهاري کي ٻاهر اُڇلائڻ بدران پنهنجي پوتيءَ جي پلاند
سان صاف ڪري رهي هئي ڇو جو سندس مڙس پردي جو سخت
قائل هو، هُو ته
کيس ڏيرن ۽ سؤٽن جي به منهن پوڻ ڪونه ڏيندو هو،
عورت جي جڏهن کان هن سان شادي ٿي آهي تڏهن کان هوءَ پردي ۾ ايئن بند ٿي وئي آهي، جيئن ڪو ڦاهي جو قيدي کوليءَ ۾ بند ٿي پنهنجي موت جو انتظار ڪندو آهي.
مڙسهنس جي اهڙي ورتاءُ تي جڏهن مٽ مائٽ کيس ٽوڪيندي چوندا ھئا
”ڇو ڙي! تو واري جوءِ مٿئون لهي آئي آهي ڇا جو لڪائيندو ٿو
وتينس يا زال تي اعتبار نٿي؟؟“
ته هو کين ٻه
ٽي حديثون ٻڌائي چپ ڪرائي ڇڏيندو هو مڙس جي اھڙي
سختيءَ ڪري هوءَ
مٽن مائٽن جي شادين مرادين ۾ به
رڳو اهڙين رسمن ۾ شرڪت ڪندي هئي،
جتي هوءَ پاڻ کي ڪنهن نامحرم جي نظرن کان بچائي
سگهي.
ورد، وظيفي ۽ ڳوٺ جي حڪيم ۽ ڊاڪٽرن جي علاج سان به
عورت جي تڪليف ۽ بيماري ۾ ڪو فرق نه
پئي آيو،
پر مڙسهنس پوءِ به
کيس شهر جي اسپتال وٺي اچڻ لاءِ
تيار نه هو، پر جڏهن ڏٺائين ته
جوڻس جي طبيعت ڏينهون ڏينھن خراب ٿيندي پئي وئي هوءَ ڳري صفا ڪنڊا ٿي وئي هئي. کانئس گهر جو ڪم ڪار ۽ رڌ پچاءُ ڪرڻ به
ڪونه پئي ٿيو، مٽن مائٽن به
کيس مھڻا پئي ڏنا
”ته ملان رب ڏنا! مسلمان اسان به
آهيون يا تون نئينءَ
مان ڪلمو پڙهيو آ...؟؟
اڙي مائي بي ڪفني ڪري ماريندين ڇا...؟
ڪجھ خدا جو خوف ڪر!
شهر کڻي وڃي ڪنهن وڏي ڊاڪٽر کي ڏيکاريس،
تنهنجي ٻچن جي ماءُ آ...
ڀيڻهيان پنهنجي ننگ جو ڪجھ ته
خيال ڪر...
سڀاڻي جوڻهين ته
مري ويندي...
پر تون ۽ تو وارا ٻار به ان موذي مرض ۾ وٺجي ويندا...“
ملان رب ڏني کي وچڙندڙ بيماريءَ
واري ڳالھ ڊيڄاري ڇڏيو هو ۽ هُو
نه چاهيندي به
زال کي برقعي ۾ سامان جيان ويڙهي سيڙهي ۽ ننڍي پٽ
جي ضد تي ان کي به ساڻ ڪري شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ وٺي آيو هو،
لوڊشيڊنگ جي ڪري اسپتال جي بجلي بند ٿي
وئي ته
ويٽنگ هال ۾ گرمي اڃان وڌي وئي.
مرد هال مان نڪري اچي پڌر ۾ بيٺا.
عورت پنهنجي ڀر ۾ ويٺل پٽ کي ڪجھ چيو هو.
اُٿي پنهنجي پيءَ ڏانهن آيو.
پڻس ڳالھ ٻڌي ته نرڙ ۾ گهنج پئجي ويس ۽ منهن خراب ڪري
هليو ويو ڪجھ دير کانپوءِ
هُو واپس وريو ته هٿ ۾ ونجڻو هوس،
هن ونجڻو اچي عورت کي ڏنو،
هوءَ پاڻ کي ونجڻو هڻڻ لڳي، پر ان سان به کيس مونجھ ۽ ساهه
جي تڪليف ۾ ڪو آرام نه
آيو. سندس ڀر ۾ ويٺل پٽ هن جي تڪليف کي محسوس
ڪري رھيو ھو نيٺ هن ماءُ کان پڇيو؛ امان! گرمي ٿي
ٿيئي!!؟؟
”ها ابا! ساھ منجهي ٿو.“ ماڻس نٻل آواز ۾ وراڻيو،
جيڪا برقعي اندران سڄي پگهرجي وئي هئي.
”امان! پکو مانکي ڏي ته مان هڻانءِ!“ پٽ کي مٿس ڪهل آئي.
”نه
ابا! تون ٿڪجي پوندين ٻچا...“
”نه
امان! مانکي ٿڪ نه
ٿيندو...“ هن هٿ وڌائي ماءُ کان ونجڻو وٺڻ چاهيو،
ماڻس پيار مان سندس مٿي تي هٿ ڦيريندي منع
ڪئي ۽ پاڻ کي گرميءَ
کان بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
”امان! تون برقعو ڇو پاتو آ؟ هتي ٻيون
مايون برقعي کانسواءِ
به ته
ويٺون آهن انھن کي گرمي نٿي ٿي، امان تون به
برقعو لاهي ڇڏ؟؟“
پٽ کيس زور ڀريندي برقعي ۾ لاهڻ لاء هٿ وڌو.
”نه
ابا! برقعو لاهيندس ته
پڻهين اتي ئي ماري ڇڏيندو!“ ماڻس خوف مان جواب ڏيندي سندس هٿ مان
برقعو ڇڏايو.
”امان بابا ڇو ماريندئي...امان ٻڌاءِ
نه...؟؟“
پٽهنس سندس ٻانهن کي لوڏيندي پڇيو کيس پنهنجي پيءُ مٿان ڪاوڙ اچي رهي هئي.
”بس ابا! اهو هر
ڪنهن جو پنهنجو نصيب آ مٺا...“ ماڻس کيس کنگهندي ۽ سهڪندي وراڻيو.
”امان! اهو نصيب ڇا ٿيندو آ؟؟“ پٽ کانئس وري سوال ڪيو.
”ابا! نصيب الله سائينءَ طرفان هر ماڻهوءَ جو لکيل هوندو آهي.“ ماڻس هڪ ڀيرو ٻيهر کيس جواب ڏيندي چپ رهڻ لاءِ چيو،
”امان! تنهنجي نصيب ۾ برقعو لکيل آ..؟؟“
ها ابا! ماڻس ونجڻو هڻندي ڪنڌ ڌوڻي
”ها“
ڪئي.
”امان! پوء ڀلي تون برقعي ۾ گرميءَ جي ڪري مري وڃين ته مري وڃين..!!؟؟“
سندس پٽ ڏک گاڏڙ حيرانيءَ
مان پڇيو.
”ها ابا! ڀلي مري وڃان ته مري وڃان!!“
ماءُ کيس سوري ڀاڪر ۾ ڀريو، سندس اکين مان ڳوڙها
ڳڙي رهيا هئا..
”امان! مان الله سائينءَ کي چوندس ته منهنجي ماءُ جي نصيب مان برقعو ڪڍي ڇڏ...
امان پوءِ
تون برقعو نه پائجان..امان پوءِ توکي گرمي به نه
ٿيندي...“ پٽ ماءُ ڏانهن نهاريندي چيو سندس اکين ۾
ڳوڙها تري آيا هو ماءُ کي زور ڏيڻ لڳو.
ماڻس ٿڌو ساھ ڀريو ۽ پٽ جي منھن تي آيل پگهر کي پنهنجي برقعي سان صاف ڪري
کيس ونجڻو هڻڻ لڳي ته
هن کي هڪ ڀيرو ٻيهر سيني ۾ سُور
سان گڏ کنگھ اٿي.
هوءَ کنگهندي کنگهندي ساڻي ٿي بينچ تان هيٺ ڪِري پئي. سندس ونجڻو هٿ مان ڇڏائجي ويو. پٽ ماءُ کي هيٺ ڪرندو ڏسي دانهن ڪئي امان! هن ماءُ جي منهن
تان برقعو مٿي ڪري ڇڏيو ۽ کيس هيٺان کڻي بينچ تي
ويهارڻ لڳو.
پٽ جي رڙ تي پڻس هال ۾ گهڙيو. هن پنهنجي زال جي منهن تان برقعو لٿل
ڏسي کيس دڙڪو ڏنو.
”رن
برقعو هيٺ ڪر“
پٽ پيءُ
ڏانهن ڪاوڙ ۾ ڏٺو ۽ عورت منهن تان مٿي ڪيل برقعو
لاهي هيٺ ڪري ڇڏيو!!! |