محمد عثمان ڏيپلائي
عبدالقيوم يوسفاڻي
لطيف نگر
سنڌي
زبان جو آغاز
(اجمالي جائزو)
سنڌي زبان ڪڏهن شروع ٿي؟ ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ
اهو معلوم ڪرڻ لازمي آهي ته خود سنڌ ملڪ ڪڏهن قائم
ٿيو.
جنهن شخص کي سنڌ جي عمر ڄاڻڻ جو شوق آهي اُهو
تيستائين بلڪل اندازو نٿو لڳائي سگهي جيستائين سنڌ
جي مشهور قلعي رني ڪوٽ جي زيارت نه ڪري جيڪو دنيا
جو تمام وسيع قلعو آهي ۽ اسان جي قديم آثارن جي
محڪمي جي خاص مهرباني آهي جو ان بي مثال قلعي کي
رُوشناس ڪرائڻ لاءِ ڪو نمايان ڪم ئي نه ڪيو آهي،
جو سڄي دنيا مان ماڻهو هن کي ڏسڻ اچن ها ۽ نه وري
سنڌ حڪومت پنهنجي هن ڪريم المثال قلعي کي ڪا شهرت
بخشي، وڏي ڳالهه ته اها آهي جو ٽي سال پهرين جي
جغرافين ۾ ته هن جو ذڪر ئي ڪونهي ۽ نه ئي اڃا
تائين ٽيڪسٽ جي ڪتابن ۾ هن قلعي تي ڪو مضمون به
ڏنل آ، البته نئين ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ايترو ڪرم عنايت
فرمايو آهي جو سنڌ جو جيڪو نقشو لکن جي تعداد ۾
ڇپائي ڪتابن ۾ ڏنل آهي ان ۾ رني ڪوٽ جو صرف هنڌ
ڄاڻايل آهي باقي ٻيو ٿيو خير.
جيتوڻيڪ ان نقشي ۾ به ڏاکڻيون حدون غلط ڏنل آهن.
اڄ تائين ڇپيل نقشن ۾ سنڌ جون ڏاکڻيون حدون صرف ان
رنگين نقشي ۾ صحيح آهن، جيڪو تازو ئي سنڌ جي
اطلاعات واري کاتي شايع ڪيو آهي ۽ سرڪاري آفيسن ۽
اخبارن کي مفت ۾ ڏئي رهيا آهن.
رني ڪوٽ تائين صرف هڪڙي واٽ ئي وڃي ٿي، جيڪا جي،
ايم، سيد جي ڳوٺ کان شروع ٿئي ٿي ۽ تنهن اها واٽ
منهنجي خيال ۾ پنجاهه سال پهرين پنهنجي لوڪل بورڊ
جي صدارت واري دور ۾ ٺهرائي هئي ان کان پوءِ ان جي
ڪابه مرمت نه ٿي سگهي.
رني ڪوٽ جو هيءُ قلعو جيتوڻيڪ ايترو پراڻو ڪونهي،
ان جي عمر صرف ٻه هزار سال معلوم ٿئي ٿي ۽ ايراني
شهنشاهن جو ئي ٺهرايل معلوم ٿئي ٿو البته ان جي هڪ
دروازي وٽان جيڪا برساتي ندي ’نئين موهن‘ وهي ٿي
ان جي ڪناري تي وڏن بُنڊن وارا وڻ پيل آهن جيڪي
آسانيءَ سان ته ڀاڪرن ۾ به نٿا اچن.
سرسري نظر ۾ ته توهان انهن کي عام وڻ سمجهي اڳتي
هليا ويندا، پر جڏهن انهن کي هٿ لڳائيندا حيران ۽
ششدر ٿي ويندؤ ڇو ته اُهي ”فاسل“
آهن، يعني تمام سخت، ظاهري طور انهن جو ڇوڏو
معمولي لڳي ٿو، پر هٿ لڳائڻ سان اهو به پٿر معلوم
ٿيندو. ان پٿر جا ڪجهه ٽڪرا جيتوڻيڪ سنڌ
يونيورسٽيءَ جي ميوزم ۾ رکيل آهن، پر جيڪا حيرانگي
هِنن کي ڏسڻ سان ٿئي ٿي اُها تِن کي ڏسڻ سان بلڪل
نٿي ٿئي. اندازي مطابق انهن فاسلن جي عمر ڪروڙ سال
آهي، پر انهيءَ ايراضيءَ ۾ آمريءَ جي اسٽيشن جي
ويجهو جبل ۾ پٿرن جا ٺهيل جيڪي اوزار مليا آهن،
اُهي به ٻه لکُ سال پراڻا معلوم ٿين ٿا. انهيءَ
ڪري صاحبِ سبحةالمرجان جو خيال آهي ته حضرت آدم
عليه السلام ۽ حضرت حوا عليها السلام جو مسڪن به
اهو ئي آهي. توڻي جو مذهبي دنيا ۾ عام طور تي انهن
جو مسڪن سرانديپ ڪوٺجي ٿو پر ان زماني ۾ هيءَ
علائقو سرانديپ جو به ٿي سگهي ٿو.
۽ سنڌ جي هاڻوڪي واري جيڪا سنڌو درياء جي ذريعي
آباد ٿي آهي اها به ته ڪجهه لک سالن جي ٺهيل معلوم
ٿئي ٿي، اُتي به ته پهرين سمنڊ هو، جنهن جو ثبوت
زيرِ زمين ٻاڙو پاڻي آهي ۽ پوءِ جڏهن زلزلن جي ڪري
خود هماليه جبل به سمنڊ مان ڦري جبل بڻجي ويو ۽
هتان ئي سنڌو وهڻ شروع ٿي ويو تڏهن آهستي آهستي ان
جي ڪنارن تي سنهي واري جمع ٿيندي وئي ۽ زمين پوک
جي قابل ٿيندي وئي انڪري اندازو آهي ته سنڌ ۾
انسان ذات جي پيدائش ايتري ئي قديم آهي جيتري ڪنهن
به ٻئي ملڪ ۾. گهڻو آڳاٽو انگريز مؤرخن جو اندازو
هو ته سنڌي زبان سنسڪرت مان ٺهيل آهي، پر ان کان
پوءِ محققن محسوس ڪيو ته آرين جو زمانو تقريباً
3500 سال آهي ۽ سنڌ ۾ ان کان اڳ مهذب ترين قوم
دراوڙ به رهندي هئي، جن جو اڏيل مشهور ومعروف شهر
موهين اڄ به مرجع الخلائق آهي جنهن کي اڄڪلهه موهن
جو دڙو چيو وڃي ٿو البته ڪجهه سال پهرين سنڌ
يونيورسٽيءَ جي هڪ مسلمان پروفيسر کي هن نالي ۾
هندوئيت جي بُو آئي انڪري تَنهن انکي تبديل ڪري
”موئن جو دڙو“ لکيو، پر افسوس جو اُن ’پروفيسر‘
اِن ’دڙي‘ کي ته اسلام سان مشرف ڪيو پر اڄ تائين
ان برساتي نديءَ کي مسلمان نه ڪري سگهيو جيڪا رني
ڪوٽ جي وچ مان وهندي اچي پئي ۽ ڳوٺ ’سن‘ کان
تقريباً هڪ ميل جي پنڌ تي سنڌو درياء ۾ اچي ڪري
ٿي.
سنڌي زبان سنسڪرت مان ٺه ٺهي آهي اها ڳالهه ان مان
به ثابت ٿئي ٿي ته هي لفظ يا ته.... دراوڙي زبان
مان ٺهيل آهن يا ان تي دراوڙي زبان جو اثر ٿيو
آهي.
کاڌو، پاڻي، بصر، گرم ٿيڻ، گهر، لوڻ، ادرڪ، رقم
سوداگر، موچي، پالتو جانور، چاندي، چُن، سِرَ چپل،
ناريل، وانڱڻ، چولو، حجام، ڏاچي، اُٺُ، گهوڙو،
منجي، ٿال، ماءُ، ٿپڙ، گلو، چوٽي، ڪنگڻ، ماٽي، وات
انگڙي، ڇلو، چُوڙو، گجري، سُٽ جي آٽي، ريشم، هيرو
چنڊ، پڙهڻ ۽ ڪنڀار وغيره
موهن جي دڙي مان جيڪي ڪهاوتون نڪتيون آهن، انهن جي
لکڻي اڃا صحيح معنيٰ ۾ پڙهي نه وئي آ، تڏهن به
هلال پاڪستان جي ايڊيٽر ۽ مشهور سنڌي اديب سراج
الحق ميمڻ جي جيڪا ڪوشش آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو
ته تنهن زماني ۾ سنڌيءَ جو تلفظ ساڳيو هو، جيڪو
اڄڪلهه ڪاٺياواڙي مهاجرن جو آهي اها ڳالهه ته
پهرين به تسليم ٿي چُڪي آهي ته تقريباً پنج سئو
سال پهرين سنڌي به اها ئي هئي، جيڪا پُرتگالين
پاران ٺٽي کي باهه ڏيڻ وقت يا غالباً ان کان ڪجهه
عرصو پهرين انهن مهاجرن جي به هئي جيڪي سنڌ مان
هجرت ڪري ڪاٺياواڙ ۽ دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ پکڙي ويا
۽ هاڻ تمام وڏي تعداد ۾ واپس سنڌ ۾ اچي ويا آهن.
هاڻ ته اها ڳالهه به ٻڌڻ ۾ اچي پئي ته ڪو يورپي
محقق به موهن جي دڙي جي لکڻيءَ کي پڙهڻ ۾ ڪامياب
ٿي ويو آهي.
علامه آء آءِ قاضي مرحوم جو به اهو خيال هو ته
سنڌي زبان سنسڪرت مان نه پر سنسڪرت به هن جا ڪجهه
لفظ ورتا آهن ۽ ڪجهه لفظ سنڌي زبان به سنسڪرت مان
ورتا آهن، انڪري ڪجهه يورپي محققن کي اهو گمان ٿيو
آهي ته سنڌي زبان سنسڪرت مان ٺهي آهي، مگر ان
ڳالهه جو پتو به گهٽ ماڻهن کي هوندو ته خود سنسڪرت
زبان جيڪا آريا کڻي آيا هئا اها هاڻ ته ايتري
متروڪ ٿي چڪي آهي، جو ان کي ڄاڻڻ وارا مشڪل سان
سوَن ۾ هوندا ان جي جڳهه تي جيڪا نئين سنسڪرت آئي
اها به ايتري محروم ٿيندي پئي وڃي جو خود ان زبان
کي به ڄاڻڻ وارا فقط هزارن ۾ رهجي ويا هوندا.
عربن جي آمد وقت به سنڌي زبان تقريباً اها ئي هئي،
جيڪا اڄڪلهه آهي جنهن جو ثبوت
چچ نامي ۾ استعمال ٿيل ڪجهه سنڌي لفظ آهن.
افسوس جو سنڌي زبان ۾ لکيل تمام پُراڻا ڪتاب نٿا
ملن غالباً ان جو سبب هيءُ به ٿي ٿو سگهي ته هن
ملڪ تي قديم زماني کان ايراني ۽ پوءِ يوناني حڪومت
رهي هئي. انڪري ان جي دفتري ٻولي پارسي ئي رهي ۽
اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي مڪتبن ۾ اڃا تائين
فارسيءَ جو اهو ئي تلفظ آهي، جيڪو ايران ۾ سوين
سال رائج هو، ڄڻ ته جيئن سنڌ وارن کي ڪاٺياواڙن ۾
ئي ڳولهي سگهجي ٿو ائين ئي اصل فارسي تلفظ سنڌ ۾
ئي ملي ٿو ۽ هڪڙي سڀ کان اهم ڳالهه يعني ’ياء
مجهولي‘ جيڪا ايران ۾ متروڪ ٿي وئي آهي سنڌ جي
مڪتبي تعليم يافتن ۾ جيئن جو تيئن موجود آهي.
افسوس جو سنڌيءَ جي پنهنجي خط ۾ لکيل ڪوبه ڪتاب
دستياب ڪونهي، البته عربي خط ۾ خالص سنڌي لفظن جي
واڌاري سان ’عربي سنڌي‘ خط ٺاهيو ويو آهي ان ۾
غالباً سڀ کان پهرين ڪتاب مولانا ابوالحسن ڏاهريءَ
جو ئي دستياب آهي، جيڪو دوهن جي طرز تي ٻارن کي
ياد ڪرائڻ لاءِ هڪ مختصر سنڌي ڪتاب آهي ۽ اٽڪل ڏيڍ
سؤ سال پهرين ممبئي ۾ ڇاپيو ويو هو، هاڻ ته ان جا
به جيڪي نسخا عام طور تي ملن ٿا انهن ۾ به تلفظ ۽
صورت خطي کي ڪافي تبديل ڪيو ويو آهي تڏهن به عربي
سنڌي ۾ لکيل ڪتابن ۾ ان کي ئي بنيادي درجو حاصل
آهي ۽ موجوده سنڌي زبان جو پهريون دور ان کان ئي
شروعات سمجهي وڃي ٿي نه ته ان کان پهرين سنڌي ادب
زماني طور تي ئي موجود هو جيتوڻيڪ هيءُ تذڪرو
تاريخ ۾ اچي ٿو ته عربن جي حڪومت جي ابتدائي دور ۾
سنڌي زبان ۾ قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير لکجي چڪو
هو ۽ ٻيا ڪتاب پڻ، پر اهي سڀ ناپيد ٿي ويا، البته
سنڌي عالمن جا لکيل عربي ڪتاب سڄي اسلامي دنيا ۾
اڄ به پکڙيل آهن.
ايندڙ قسط ۾ موجوده سنڌي ادب جي پهرين دؤر جي
تاريخ ڏيندس محترم اختر انصاري اڪبر آبادي جو اهو
جبر ۽ اصرار جاري رهيو ته غالباً هن پوڙهائپ ۽ گهڻ
مصروفيتن جي باوجود سنڌي ادب جي ضخيم تاريخ ’نئين
قدرين‘ ۾ ڏئي ڪري ئي جان آزاد ڪرائي سگهبي هيءَ ته
صرف تعارفي قسط سمجهي وڃي.
سنڌي زبان ۾ هڪڙي خاصيت هيءَ به آهي ته هيءَ زبان
ٻين ٻولين جا لفظ پاڻ ۾ فورًا جذب ڪري ڇڏيندي آهي.
لساني فسادن جي سبب پيدا ٿيندڙ تعصبَ جي باوجود به
ڌڙا ڌڙ اردو جا لفظَ نه صرف تحريري، پر تقريري طور
تي به سنڌي زبان ۾ جذب ٿيندا پيا وڃن.
جيتوڻيڪ ڪجهه سنڌي ادب اردو ادب ۾ منتقل ٿي چُڪو
آهي، پر افسوس آهي جو ڪجهه ماڻهن کي سنڌي زبان سان
ايترو گهڻو تعصب آهي جو اُهي سنڌي شهه پارا اردوءَ
۾ ايتري محبت سان منتقل ڪونه پيا ڪن، جيتري انهيءَ
زبان لاءِ ڪري رهيا آهن، جن جو خاص ڪارڻ ڪجهه
حضرات پنهنجي خاص ڪمزوريءَ جي ڪري سنڌي زبان کي
تباهه ڪرڻ جي پويان آهن نه ته سنڌين جي دلين کي
فتح ڪرڻ جو هڪڙو طريقو هيءُ به ته آهي جو سڄو سنڌي
ادب اردوءَ ۾ منتقل ڪيو وڃي جنهن جي لاءِ اردو
اخبارن رسالن ۽ تاليفي ادارن ۾ وڏي گنجائش آهي. نه
ته حال هيءُ آهي ته اردوءَ جي سڀ کان وڏي
انسائيڪلوپيڊيا معلومات جي نالي سان پنجويهه، ٽيهه
سال جي پروگرام جي تحت شايع ٿي رهي آهي، ان ۾ دنيا
جا ڪيترائي غيرمعروف حروفَ ته اچن ٿا پر سنڌ جي
مشهور و معروف ليڊر آدم خان ڪلهوڙي جو نالو ئي
ڪونهي جنهن جي پُٺ مان ڪيترائي بادشاهه ٿيا ۽ اڄ
تائين به ’ڪلهوڙا قوم‘ کي سنڌ ۾ وڏي وُقعت حاصل
آهي.
جڏهن اهو حال آهي ته پوءِ لفظن جو ڇا چئجي، اُهي
غلطي تي آهن اختلاف ۽ تعصب سان زبان کي شهرت ۽
زندگي حاصل ٿئي ٿي، پر لساني فسادن کان پوءِ خود
سنڌ ۾ سنڌي زبان کي جيڪو عروج حاصل ٿيو آهي، اُهو
پهرين ڪڏهن به نه هو. سنڌ جي حڪمران جماعت جي
اخبار ’الوحيد‘ کي ڪڏهن 3500 کان وڌيڪ اشاعت نصيب
ڪونه ٿي آهي. هاڻي ’هلال پاڪستان‘ 1000 تائين پهچي
وئي آهي. سنڌ ۾ ڪوبه سنڌي رسالو هڪ يا ڏيڍ هزار
کان وڌيڪ ڪينَ ڇپبو هو. هاڻي ڪيترائي سنڌي ڊائجسٽ
چار هزار کان وڌيڪ ٿا ڇپجن. ڪنهن سنڌي هفتيوار
اخبار جي اشاعت هڪ هزار کان مٿي نه ٿي. هاڻي
’برسات‘ جو اٺ هزار کان مٿي آهي ۽ جيڪڏهن ان کي
گهربل مقدار ۾ نيوز پرنٽ ملي ته ڪا تعجبَ جي ڳالهه
نه ٿيندي جو چند مهينن يا سالن ۾ شايد ويهه هزار
تائين پُڄي وڃي.
ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي
وارهه
ڌامراهه
جو دڙو
سنڌ ۾ ڪيترائي دڙا ۽ ڀِڙا موجود آهن،
جيڪي پنهنجي بيوسيءَ کي ظاهر ڪري رھيا
آھن. انھن مان
’ڌامراھ
جو دڙو‘ به هڪ آهي. اهڙيءَ ريت ڍنڍون ۽ ڍورا به
جھجھي انداز ۾ آهن،
جنهن جون
وٽيون ۽ پاسا معاشي ۽ معاشرتي مرڪز ۽ محور، تهذيب
۽ ثقافت جا گَهوارا ۽ کُٿاب هئا. جيڪڏهن اسان کي
پنهنجي تهذيب ۽ تمدن، ثقافت ۽ تاريخ ۽ پنهنجي نج
پج اصليت کي لوچڻو ۽ ڳولڻو آهي ته انهن دڙن ۽ ڀڙن
تي پنهنجي جستجو ۽ جاکوڙ کي وسيع ڪرڻو پوندو.
درياهن جا پراڻا پيچرا ۽ گم ٿيل پَيرا پڻ پرکڻا ۽
پروڙڻا پوندا. انهن جي وَٽين ۽ پاسن تي تاريڪيءَ
جي تَھَ ۾ تاراج ٿيل تهذيب ۽ تاريخ تان تفتيش
۽ تلاش ذريعي تَھَن جا تَھَ لاهڻا هٽائڻا پوندا.
اڳي ته سهوليتن لاءِ ماڻهو پيا سِڪندا
هئا. ڇو ته سهوليتن جي شديد اڻاٺ ۽ فقدان گهڻي کان
گهڻو هو. ۽ ڪي علم جا ادارا به ايڪڙ ٻيڪڙ هئا.
تعليم به پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان مس ٿي رهي
هئي. منٽن جو سفر ڪلاڪن ۽ ڪلاڪن جو سفر ڏينهن ۾
ڏينهن جو سفر مهينا ۽ سال وٺي ويندو هو. اڄڪلھ ته
آساني ئي آساني آهي. دشواريءَ جو ڪو نالو نشان ئي
نه آهي. هر سهوليت سامهون بيٺي آهي. اسان هڪ تهذيب
يافته قوم آهيون ۽ اسان جو پنهنجو اتم ۽ شاندار
ورثو آهي. ان ورثي جي سار سنڀال لهڻ اسان جو ئي
قومي فريضو آهي. جيڪڏهن پنهنجي ورثي جي مالڪي نه
ڪئيسون ته اسان کي سڌريل قوم سڏائڻ جو ڪو حق ئي
ناهي. جڏهن انگريزن اسان جي سنڌ ملڪ ۾ پير پاتو ته
انهن پنهنجي تحقيق جي دائري کي وسيع ڪيو ۽
رٿابنديءَ تحت اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. انگريز عالم ۽
اديب پنهنجي حال سارو اسان کي گهڻو ئي سرمايو ڏيئي
ويا آهن. ان سرمايي کي سنڀالڻ به اسان جو ڪم آهي.
انگريزن جون لکيل گزيٽيئرس ۽ ڪتاب اسان جي اڳيان
نمايان آهن. انهن مان گهڻن جا ته سنڌي ٻوليءَ ۾
ترجما ٿي چڪا آهن. ۽ اڃا ڪيترن ئي ته ترجمن جي
صورت نه ورتي آهي. هن سلسلي ۾ اين.جي مجمدار، سرجان مارشل، ماٽيمر ويلر ۽ هينري ڪزنس وغيره
اڳرا ۽ اڳڀرا رهيا آهن،
جن اهڙي اڙانگي ڪم کي اظهار ڪيو،
جيڪو ڪم انگريز عالم ڪري ويا.
اسان ان کان وڌيڪ اڳتي ڪابه وک نه چُريا آھيون. ڏينهون ڏينهن ڪيترن دڙن جي لتاڙ ٿيندي رهي ٿي. ۽ ڪيترا ته
لتاڙجي ميسارجي زمين جي سنوت ۽ آباديءَ هيٺ اچي
چڪا آهن. هيءُ هڪ اٺڪاٺيو ۽ ٿڪائيندڙ ڪم آهي، پر
وقت جو پڻ گهڻو گهرجائو آهي. ان سان گڏوگڏ هڪ خشڪ
موضوع ۽ دل پسند پڻ آهي.
انگريز عالمن کان علاوه هن موضوع تي اسان
کي سيد حسام الدين راشديءَ جو پھريون ڪيل پورهيو
ملي ٿو،
جنهن مڪلي ۽ ٺٽي بابت پنهنجي جاکوڙ ۽ جستجوءَ دوران بيمثال
ڪم ڪيو. تاريخي ۽ تحقيقي مقالا لکيا،
جيڪي الڳ الڳ ڪتابن ۽ خاص ڪري ٽماهي
’مهراڻ‘ رسالي جي مختلف پرچن ۾ شايع ٿيل ملن ٿا.
ان کان پوءِ محمد سومار شيخ، معمور يوسفاڻي، عبيدالله
ورياھ ۽ تاج صحرائي وغيره به نشانبر ۽ نمايان آهن.
اهڙيءَ ريت مير محمد بخش ٽالپر، ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي، ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، محمد حسين پنهور المعروف ايم.ايڇ
پنهور، حاڪم شاھ بخاري،
بدر ابڙو ۽ امام راشدي وغيره جا نالا وٺي سگهجن
ٿا. سنڌ جي آڳاٽن ۽ ڦٽل آثارن ۽ ماڳن مڪانن جي
باري ۾ مقالا گهڻو ڪري ٽماهي
’مهراڻ‘، ماهوار
’نئين زندگي‘
۽ سنڌالاجيءَ
’سنڌي
ادب‘ رسالي ۾ ڇپيل معلوم ٿين ٿا. وري هنن کان
سواءِ ڊاڪٽر غلام محي الدين ويسر، ڊاڪٽر غلام
مصطفيٰ شر، ڊاڪٽر تسليم عالم ابڙو، عزيز ڪنگراڻي،
ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڪلهوڙو، شيخ جاويد علي سنڌي ۽
ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي
(راقم) وغيره به هن ڏِسَ ۾ پاڻ پتوڙيندي نظر اچن ٿا.
اسان جي سنڌ ملڪ ۾ ڪيترائي آڳاٽا ۽ ڦٽل
آثار دڙن ۽ ڀِڙن جي روپ ۾ دٻيل ملن ٿا، ته ڪي وري
زمين تي اوچا ۽ اڏول بيٺل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهڙن دڙن
مان
’ڌامراھ
جو دڙو‘
به ڪَرُ کنيو بيٺو آهي. هيءُ دڙو نهايت آڳاٽو آهي،
جيڪو باڊھ کان اولھ طرف ٻن ميلن جو فاصلو رکي ٿو ۽
ڳوٺ سائينداد کوکر کان اوڀر پاسي پڻ ٻن ميلن جي
وٿيءَ تي آهي. هن دڙي جي بلڪل ڀرسان ڏکڻ ۾ ڌامراھ
واھ وهي ٿو، جنهن ڪري کيس
’ڌامراھ جو دڙو‘
سڏيو وڃي ٿو. اين جي مجمدار لکي ٿو:
”باڊھ
جي ڀرسان ضلعي لاڙڪاڻي جو مشهور و معروف دڙو
ڌامراھ به موجود آهي. جنهن متعلق بئنرجي ۽ ڊڪشٽ به
اطلاع ڏنو هو. ڏسڻ کان پوءِ اِهو معلوم ٿيو ته
اِها ڪا ٻُڌ وَستي هئي. منجهس ٻُڌ اسٽوپا ۽ ڀڪشن
جي رهڻ واسطي مڙهين جا کنڊر نظر ٿي آيا. (سنڌ ۾
قديم کنڊرن جي کوٽائي ص94/ 1997ع)
هن دڙي بابت اين جي مجمدار وڌيڪ ڪابه
معلوم ڏيڻ کان قاصر آهي. بس اِهي ٻه سِٽون تعارف
طور لکي پيش ڪيون اٿس.
هيءُ دڙو مور مغيري محمد اسماعيل کرل ۽
علي محمد کرل جن سان گڏجي 25 نومبر 2017ع تي گهمي ڏٺم. هيءُ
دڙو اٽڪل 150 جريبن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ ٻن
حصن ۾ ورهايل آهي. هن دڙي جا ٻه وڏا حصا آهن،
جن جي وچ وارو فاصلو اٽڪل پورو ڪلوميٽر ٿيندو. هي
ٻيئي حصا هڪ ٻئي جي آمهون سامهون اوڀر ۽ اولھ طرف
آهن. اولھ واري ڀاڱي کي مقامي ماڻهن اڇي دڙي جو
نالو ڏنو آهي.
اولهائيون حصو اوچائيءَ ۾ 30/ 35 فوٽ
ٿيندو. اوڀر واري دڙي جي حصي کي وري ڳاڙهو دڙو
سڏين ٿا. دڙي جي اولهائين حصي جي کوٽائي گهڻو وقت
اڳ ٿيل معلوم ٿي. جنهن مان سمجهجي ٿو ته هيءُ رڳو
مٽيءَ جو ٺهيل هوندو يا هن تي ٿانوَ پچايا ويا
هوندا، ڇو ته هن مان صرف اڱر ۽ ڪاري خاڪ پَئَي
ظاهر ٿي. اهڙيءَ ريت ٺڪرين جا ذرا پرزا وکريل نظر
آيا. هن جي ڪجھ حصي تي ڳوٺ ٻَڌل آهي. ڪجھ حصو رهيل
به اٿس، جنهن مان برسات جي مند ۾ سِڪا يا ٻيون
اهڙيون وَٿون لڀيو پون. دڙي جي اوڀارئين حصي جي
کوٽائي ٿيل نه آهي. (جنهن کي ڳاڙهو دڙو سڏيو وڃي
ٿو). دڙي جي ٻنھي ڀاڱن مان هڪ رستو آهي، جيڪو
اولهائين ڀاڱي کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ٿو ۽ سڌو
سنئون اوڀارئين دڙي تي پهچي ٿو. اسان ٻنهي دڙن کي
چڱيءَ پَرِ جاچي ڏٺو. اوڀارئين دڙي جي آسپاس
ٺڪراٺو ۽ پڪين سرن جا ٽُڪرا جام پکڙيل ڏسڻ ۾ آيا.
هيءُ دڙو
(اوڀاريون حصو)
اوچائيءَ ۾ اٽڪل 40
کان 45 فوٽ ٿيندو. ويڪر ۾ به چڱو خاصو آهي. آخر دڙي جي
چوٽيءَ تي وڃي بيٺاسين ۽ پڪيون سرون ڏسڻ ۾ آيون، جن مان معلوم ٿيو ته هيءَ ڪا وڏي وسندي آباد هوندي، جنهن کي ٻُڌ وستي سڏيو وڃي ٿو. هن لاءِ
هينري ڪزنس لکي ٿو:
”باڊھ
جي اسٽيشن کان ڇھ ميل پري ٻُڌ جڳهين جا گهڻي
ايراضيءَ ۾ کنڊر پکڙيل آهن جن ۾ ڪي اسٽوپا ۽ ڪي
مڙهيون آهن. وڏي دڙي تان اُڪيريل
سرون به ملن ٿيون. اِهو دڙو 40 فوٽ کن مٿي اوچو
آهي ۽ ان جي شڪل ميرپورخاص واري دڙي جهڙي آهي. ڪي
سرون "20" انچ ڪي "18"
انچ ڊگهيون ۽ ٽي انچ ٿلهيون آهن.“
(سنڌ جا قديم آثار ص311 /1995ع)
اين.جي.مجمدار
کان وڌيڪ هينري ڪزنس جو رايو آهي. اسان هن دڙي مان
وڏي تڪليف سان ٻه سرون ڪڍي ورتيون. هڪ جو وزن 9
ڪلو ۽ ٿولھ ۾ ٽي کان چار انچ آهي ۽ ڊيگھ ۾ فوٽ جي
برابر آهي. ٻيءَ سر جي ڊيگھ 18 انچ آهي ۽ ٽي انچ
ٿولھ اٿس ۽ ويڪر ۾ 6 انچ آهي، هن جو وزن اٽڪل چار
پنج ڪلو جي برابر ٿيندو.
هن دڙي جي اڄ تائين ڪا به کوٽائي وغيره
ڪانه ٿي آهي. هن دڙي جي کوٽائي ٿيڻ گهرجي. ڇو ته
منجهانئس دٻيل تاريخ تان لٽ لاهڻ جو هيءُ وقت آهي.
هن مذڪور حصي جي کوٽائي ٿيڻ سان قديم تاريخ نمودار
ٿيڻ ۾ پڻ اڳڀرائي ٿيندي. آرڪيالاجي کاتي ۽ سنڌ
سرڪار کي هن دڙي جي کوٽائيءَ ڏانهن ستت وک وڌائڻ
گهرجي. ۽ لَٽيل تاريخ تان تاريڪيءَ جا تَهن مٿان
تَھَ پري ڪري ٻُڌ جڳهين ۽ مڙهين جي تاريخ کي وائکو
۽ پڌرو ڪرڻ گهرجي.
هيءُ دڙو پهرين وارھ تعلقي جي حدن ۾ شمار
ڪبو هو ۽ جڏهن کان نئون ضلعو قنبر شهدادڪوٽ وجود ۾
آيو ته وارھ تعلقي کي ٻن حصن وارھ ۽ نصيرآباد ۾
ورهايو ويو. هن وقت هيءُ دڙو تعلقي نصيرآباد جي
حدن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. |