ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو
ڪراچي
ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ جا ناياب خط
ڊاڪٽر دائودپوٽي ڏانهن ڇهه ۽ آنجهاني
جهامنداس ڀاٽيا ڏانهن هڪ خط
سنڌ جي نامور اديب
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ (1947-1883) ويهين
صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ شاهه عبداللطيف جي رسالي تي
جديد انداز ۾ تحقيق جو آغاز ڪيو. سندس خاص مقصد هو
ته شاهه جي رسالي ۾ جيڪو ٻين شاعرن جو ڪلام آيل
آهي، تنهن کي شاهه جي ڪلام کان ڌار ڪري شاهه جي
ڪلام جو صحيح ڇاپو شايع ڪيو وڃي. سندس اهڙي تحقيق
جي نتيجي ۾ پهريون جلد 1923ع، ٻيو 1924ع ۽ ٽيون
سال 1931ع ۾ شايع ٿيا. ٽنهي جلدن جي ’مُنڍ‘ ۾ هن
پنهنجي پياري شاگرد عمردين دائودپوٽي جي مدد جو
اعتراف ڪيو ۽ سندس شڪريي ادائي ڪرڻ ضروري سمجهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تحقيق جو اهو خاص پهلو آهي ته
هن وڏي کوجنا بعد لفظن ۽ اصطلاحن جون معنائون
ڏنيون ۽ شرح بابت مختصر اشارا فراهم ڪيا. ليڪن
سنڌي ادب جي اها بدقسمتي چئجي ته هو رسالي جو
چوٿون ۽ آخري جلد شايع ڪري نه سگهيو. غالباً ان جو
هڪڙو وڏو سبب اهو هو ته جيئن ئي پهريون جلد شايع
ٿيو ته مٿس سخت تنقيد شروع ٿي وئي، جنهن ۾ ان وقت
جا وڏا اديب مسلمان توڻي هندو شامل هئا.
هتي اهو ٻڌائڻ نهايت اهم آهي ته انهيءَ چوٿين جلد
جي سلسلي ۾ 2015ع ۾ اسان کي ڊاڪٽر گربخشاڻي جو
1935ع ۾ مسٽر جهامنداس ڀاٽيه ڏانهن هڪ لکيل خط
ڀاٽيه خاندان جي فرد کان عنايت ٿيو(1). اهو خط
اسان علامه آءِ.آءِ قاضي جي انگريزي خطن جي مجموعي
سان اصلي تصوير جو عڪس ڏئي شايع ڪرايو. ائين ڪرڻ
جو اهو سبب هو ته علامه قاضي 16 فيبروري 1951ع تي
ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ کي هڪ خط ۾ لکيو ته هو جتوئي
(علي نواز) کي چوي ته هو ڊاڪٽر دائودپوٽي کي هر
صورت ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي چوٿين ۽ آخري جلد شايع
ڪرڻ تي آماده ڪري(2). ان خط مان اهو تاثر ملي ٿو
جيڪو عام طور ان وقت علمي حلقن ۾ موجود هو ته
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ چوٿون جلد مڪمل ڪري ڇڏيو هو.
وڌيڪ علامه صاحب اهو سمجهي رهيو هو ته جيئن ته
ڊاڪٽر دائودپوٽي پهرين ٽن جلدن جي تياريءَ وقت
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سان گڏجي ڪم ڪيو هو، تنهن ڪري
سندس خيال موجب ڊاڪٽر دائودپوٽو ضرور ان چوٿين جلد
کان باخبر هوندو. هوڏانهن حقيقت اها آهي ته ٽئين
جلد جي 1931ع ۾ شايع ٿيڻ کان پوءِ 1947ع تائين
جڏهن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هي جهان ڇڏيو يا ان کان
پوءِ ڪو اهڙو مواد نه ملي سگهيو آهي جنهن مان اها
ڳجهارت سمجهه ۾ اچي سگهي. ان پوري عرصي ۾ ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ جو 1935ع ۾ لکيل صرف اهو هڪ خط آهي
جنهن مان ڪنهن حد تائين حقيقت حال تي ڪا روشني پوي
ٿي.
ليڪن سال 1950ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ’مقدمه
لطيفي‘ جو جڏهن ٻيو ڇاپو منظر عام تي آيو ته ان جي
’تمهيد‘ ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي اها وضاحت ڪرڻ ضروري
سمجهي ته شاهه جي رسالي جي ٽن جلدن جي شرح ۾ سندس
ڪيترو حصو رهيو آهي. ان کان سواءِ هن چوٿين جلد
بابت نهايت واضح لفظن ۾ هن ريت انڪشاف ڪيو.
’مقدمه لطيفي‘ درحقيقت شاهه جي رسالي جي پهرئين
حصي جو مهاڳ آهي، جنهن ۾ شاهه جي زندگي ۽ رسالي جو
مطلب مختصر پر جامع الفاظن ۾ ڏنل آهي. وقت آيو آهي
ته ڏيهه کي ڏيکارجي ته آنجهاني پروفيسر گربخشاڻيءَ
واري رٿيل شاهه جي رسالي ۾ منهنجو ڪيترو هٿ هو.
آنجهاني خود وڏيءَ هام سان پنهنجن دوستن کي
ٻڌائيندو هو، ته منهنجي سعي ۽ ڪوشش بغير پاڻ اهو
ڪٺن ڪم هرگز پاڻ تي هموار نه ڪري ها، ۽ ٿيو به
ائين جو منهنجي مدد کانسواءِ رسالي جو چوٿون حصو
پورو ڪري نه سگهيو!(3)
هتي اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته نومبر 1953ع ۾
ڊاڪٽر دائودپوٽي ’نئين زندگيءَ‘ ۾ هڪ مضمون
’رسالي جا قلمي نسخا‘ تحرير ڪيو، جنهن ۾
هينئن لکيائين:
”1923ع ۾ وري آنجهاني پروفيسر گربخشاڻيءَ شاهه جي
رسالي جي تصحيح ۽ تشريح جو ڪم پاڻ تي کنيو ۽ هن
بنده جي حمايت سان 1931ع تائين رسالي جا ٽي جلد
ڇپائي پڌرا ڪيائين. تنهن کان پوءِ ڪن وجوهات ڪري
رسالي جو چوٿون جلد تيار ڪري ڇپائي نه سگهيو.
پروفيسر موصوف وٽ پهرئين جلد ڀيري فقط بلڙيءَ ۽ ڀٽ
وارا دستخط نسخا ۽ ٽرمپ ۽ بمبئي وارا ڇاپي رسالا
هئا. ٻئي جلد تيار ڪندي مير عبدالحسين وارو دستخط
نسخو ملي ويس، ۽ ٽئين جي تياريءَ وقت مون انگلينڊ
مان برٽش ميوزم جي بياض جون مختلف پڙهڻيون ۽ ڏنل
معنائون ڏانهس ڏياري موڪليون!(4)
هن اقتباس ۾ هڪ جملو نهايت قابل غور آهي ته
تنهن کان پوءِ ڪن وجوهات ڪري رسالي جو چوٿون جلد
تيار ڪري ڇپائي نه سگهيو. اسان جي خيال ۾
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي مسٽر جهامنداس ڀاٽيا ڏانهن
لکيل خط مان به اها حقيقت ظاهر ٿئي ٿي ته جيتوڻيڪ
چوٿين جلد جو مواد گڏ ڪري ڇڏيو هئائين پر اهو
ابتدائي مسودي جي صورت ۾ هو جيڪو پريس ۾ ڏيڻ واسطي
تيار ٿيل نه هو، گويا ان تي ڪم باقي هو.
هتي اسان انهن ڇهن ناياب خطن جو مڪمل ترجمو ڏيئي
رهيا آهيون، جيڪي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ 1924ع کان
1927ع دوران ڊاڪٽر دائودپوٽي کي لکيا هئا، جڏهن
ڊاڪٽر دائودپوٽو ڪئمبرج ۾ ڊاڪٽريٽ ڪري رهيو هو،
انهن ئي سالن دوران ڊاڪٽر گربخشاڻي لنڊن يونيورسٽي
مان 1928ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي جڏهن ته
ڊاڪٽر دائودپوٽي 1927ع ۾ ڪئمبرج مان ڊاڪٽريٽ ڪئي،.
هنن خطن جا فوٽو اسٽيٽ عڪس مختصر ترجمي سان ڊاڪٽر
ابراهيم خليل جي ڪتاب ’ادب ۽ تنقيد‘ 1975ع ٻيو
ڇاپو ۾ شامل آهن.(5)
انهن خطن مان جتي ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر
دائودپوٽي يعني استاد ۽ شاگرد درميان شفقت ۽ محبت
واري تعلق جي خبر پوي ٿي، اتي ڊاڪٽر گربخشاڻي جي
تيار ڪيل ٽن جلدن ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي جي علمي محنت
به سامهون اچي ٿي. هڪ طرف ڊاڪٽر گربخشاڻي جي هڪ خط
مان هو ڊاڪٽر دائودپوٽي کي پٽن وانگر ڀائيندو هو
ته ٻئي طرف ڊاڪٽر دائودپوٽو پڻ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ
لاءِ اهي ساڳيا جذبات رکندو هو، جو پنهنجي سوانح
عمريءَ ۾ هي الفاظ لکيا اٿس: (6)
”سندس پدرانه شفقت يا عمر نه وسرندي.“
هتي ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪرڻ ضروري آهي ته علامه
قاضيءَ طرفان سال 1951ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي
چوٿين جلد بابت ڊاڪٽر دائودپوٽي جي حياتيءَ ۾ جيڪو
سوال اُٿاريو ويو هو، هڪ لحاظ کان ان جو جواب
ڊاڪٽر دائودپوٽي نومبر 1953ع ۾ ’نئين زندگي‘ ۾
شايع ٿيل مضمون ۾ ڏئي ڇڏيو هو. جڏهن هو چوي ٿو ته
ڊاڪٽر گربخشاڻي چوٿون جلد تيار ڪري نه سگهيو جو
اهو شايع ٿي سگهي. ڊاڪٽر دائودپوٽي جي نظر ۾ ان جا
ڪجهه وجوهات هئا، پر انهن جي باري ۾ هو پاڻ باقي
زندگي به خاموش رهيو تانجو 1958ع ۾ رحلت ڪري ويو.
اسان انهن خطن جي سنڌي ادب ۾ غير معمولي اهميت سبب
عڪسن سميت مڪمل ترجمو ڏئي رهيا آهيون. جيئن ته عڪس
تمام پراڻا آهن ته ڪي لفظ سمجهه ۾ نه اچي سگهيا
آهن، ۽ ٻن خطن جو معمولي حصو شايد عڪس کان رهجي
ويو آهي، ليڪن ان سان خطن جي مقصد تي گهڻو اثر
ڪونه ٿو پوي. انهن خطن سان گڏ 1935ع ۾ ڊاڪٽر
گربخشاڻي طرفان آنجهاني جهامنداس ڀاٽيا ڏانهن لکيل
خط جو عڪس ترجمي سميت ڏئي رهيا آهيون، اهو ان ڪري
ته جيئن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي چوٿين جلد لاءِ جيڪا
غلط فهمي آهي، ان جي حقيقت واضح ٿي سگهي.
( 1 )
اسٽريچن روڊ
ڪراچي
4 ڊسمبر 1924ع
منهنجا پيارا عمردين
مون کي لاڳيتو تنهنجا ٽي خط مليا آهن ۽
آخري ڪئمبرج مان موڪليل آهي. سچ پچ مون کي گهڻي
خوشي ٿي آهي ته تنهنجو سامونڊي سفر سڻائو گذريو ۽
هاڻي تون پنهنجي پڙهائيءَ ۾ مشغول آهين. منهنجي
خواهش هئي ته تون پنهنجي تحقيقي مقالي لاءِ سنڌ جي
تاريخ جو موضوع منتخب ڪرين ها، بهرحال اها ڳالهه
ذهن ۾ رکج ته جڏهن به توکي اهڙو ڪو حوالو نظر اچي
ته ان کي ضرور نوٽ ڪندو وڃ.
مان تنهنجي وڃڻ کان پوءِ پاڻ کي گهڻو بيوس محسوس
ڪريان ٿو، مون کي باقي رهيل ٻن سرن تي نوٽ پاڻ
لکڻا پيا آهن ۽ هاڻي ٻيو جلد تقريباً تيار آهي،
اهو اندازاً 480 صفحن جو آهي، اهو به تڏهن ممڪن
ٿيو آهي جو مون ڪمپازيٽرن کي چيو هو ته هڪ صفحي تي
گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه سٽون آڻين ۽ هنن ائين ڪيو آهي، مان
توکي ان جي هڪ ڪاپي جيئن اهو پريس مان ڇپجي ٻاهر
ايندو ته ضرور موڪليندس.
مرزا قليچ بيگ جي ڪلاسيڪل ڊڪشنري شايع ٿي آهي،
جنهن جو اشتهار ڪجهه وقت اڳي اسان ڏٺو هو، اها
ڊڪشنري درحقيقت لغات لطيفيءَ جي ٻي شڪل آهي، ان ۾
اهي ئي معنائون رکيون ويون آهن جيئن اڳ ۾ هيون، هن
مون ڏانهن ان جي ڪاپي نه موڪلي آهي، ليڪن حڪيم فتح
محمد ڏانهن موڪلي اٿس جنهن وري مون کي ان تي تبصرو
لکڻ لاءِ چيو آهي. دراصل آءٌ ايڏو رُڌل هوس جو مون
ان تي تبصرو لکڻ کان انڪار ڪيو. بهرحال مان رسالي
سان گڏ مرزا صاحب جي ڊڪشنريءَ جي ڪاپي اُماڻيندس،
جنهن تي تون تبصرو ڪري اهو اسان کي موڪلي سگهين
ٿو. حڪيم فتح محمد جي خواهش آهي ته ان ڊڪشنريءَ جي
غلطين کي چڱيءَ طرح ظاهر ڪيو وڃي.
ڪاليج ۾ هميشه وانگر تعليمي سرگرميون عروج تي آهن
جن ۾ 7 تاريخ تي گورنر صاحب جي متوقع آمد به شامل
آهي.
ايڇ.ايم.گربخشاڻي
آءٌ خط جي پڄاڻي سلامن ۽ پيار سان ڪريان ٿو.
مون کي پنهنجي محبت وارن مان سمجهه.
]ڊاڪٽر
گربخشاڻيءَ واري شاهه جي رسالي جو ٻيو جلد 19
ڊسمبر 1924ع تي شايع ٿيو[
* * * *
( 2 )
اسٽريچن روڊ، ڪراچي
26 فيبروري 1925ع
منهنجا پيارا عمردين
مان اڃا تائين ٽئين جلد جي واسطي پاڻ کي
تيار ڪري نه سگهيو آهيان، ان کان سواءِ جيڪا متحرڪ
قوت تون پهچائيندو هئين اها هٿ اچڻ واري نه آهي،
مان تنهنجي تمام گهڻي ڪمي محسوس ڪري رهيو آهيان،
جنهن جو شايد توکي اندازو نه هجي. مان توکي پنهنجي
اولاد وانگر سمجهڻ لڳو هوس ۽ هڪ شفيق والد وانگر
نه رڳو شاه جي رسالي ۾ تنهنجي مدد ۽ رهنمائي لاءِ
واجهائيندو هوس بلڪ ٻين سڀني ڪمن ۾ پڻ اها خواهش
هئي.
اها تنهنجي وڏي مهرباني آهي جو تون اتان ويهي به
رسالي جي ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهين، پر اها
سراسر شرم جي ڳالهه ٿيندي جو توتي اهو بار وڌو وڃي
جڏهن ته تون پنهنجي مطالعي ۾ مشغول هوندين. بهرحال
مون لاءِ اها عجب جهڙي ڳالهه ٿيندي جيڪڏهن تون ان
جي باوجود رسالي جي ڪهاڻين ۽ قصن تي ڪم ڪري سگهين
۽ ان ۾ ليلا، مومل، مارئي، ڄام تماچي، سورٺ ۽
ڪيڏارو (امامن جو قصو) شامل آهن. اهي ڪهاڻيون برٽن
جي ڪتاب ’سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙ قومون‘ ۽ ڪنسيڊ جي ڪتاب
’سنڌ جون قديم ڪهاڻيون‘ ۾ موجود آهن. اهي ڪتاب
توکي برٽش ميوزم ۾ ملي ويندا.
●..............
هو هلڪي مزاج وارو آهي ۽ پنهنجو گهڻو وقت کاڌي
پيتي ۽ ٻين اجاين ڳالهين ۾ وڃائي ٿو، جنهن ڪري هو
نه ته پنهنجي لاءِ ڪنهن ڪم جو آهي ۽ نه وري ٻين جي
لاءِ مفيد آهي. هن هڪ دفعو به تنهنجي وڃڻ کان پوءِ
مون سان گڏجي شاهه جي رسالي لاءِ ڪم نه ڪيو آهي.
پر مون کي ان جو ڪو فڪر ناهي ڇو ته مون ٽئين جلد
جو ڪم اڻڄاتل مدت تائين مهمل يا ملتوي ڪري ڇڏيو
آهي.
مان هن خط جي پڄاڻي محبت ۽ سلامن سان ڪريان ٿو.
]رسالي
جو ٽيون جلد 1931ع ۾ شايع ٿيو[
توسان پيار ڪندڙ
ايڇ.ايم.گربخشاڻي
* * * *
( 3 )
102 براڊ اسٽيڊ گارڊن
همپسٽيڊ اين.اي-6
لنڊن
2 مئي 1927ع
منهنجا پيارا عمر!
اڄ شام تنهنجو خط مليو جنهن لاءِ وڏي
مهرباني، مان سمجهان ٿو هن هفتي جي پڄاڻيءَ تي آءٌ
اچي ڪونه سگهندس، ڇو ته مون شاهه جي رسالي جو هڪ
قلمي نسخو برٽش ميوزم ۾ ڏٺو آهي ۽ منهنجي خواهش
آهي ته آءٌ ان جو جائزو وٺان. مون کي اهو پڙهڻين
جي لحاظ کان وڌيڪ صحيح ٿو لڳي. بنسبت انهن جي جيڪي
نسخا هن وقت تائين اسان وٽ موجود آهن، جيڪڏهن تو
وٽ شاهه جي رسالي جو سرڪاري ڇاپو موجود آهي، ته
مهرباني ڪري اهو فوراً مون کي موڪلي ڏي ڇو ته آءٌ
ان جي حاشين تي اهي پڙهڻيون نوٽ ڪندس. ڪاش! مان
پاڻ سان ان جي ڪاپي کڻي اچان ها، جيڪڏهن تو وٽ ان
رسالي جي ڪاپي موجود نه آهي ته پوءِ مون کي اهي سڀ
سر هٿ سان لکڻا پوندا، جنهن جو مطلب ته اهو تمام
وڏو خفو ٿي ويندو، پر آءٌ سمجهان ٿو ته اها محنت
سجائي ٿيندي.
مان پنهنجو تحقيقاتي ڪم(Thesis)
مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، پر رسالي جو نقل تيار ڪرڻ هڪ
وڏي مهم سر ڪرڻ جي برابر آهي. مان پنهنجي واپسيءَ
جي سفر لاءِ پي اينڊ او ميسيڊاس جهاز جي ٽڪيٽ وٺي
ڇڏي آهي ۽ اهو جهاز ماسيلا مان 27 تاريخ روانو
ٿيندو، مان لنڊن مان 23 تاريخ تي رواني ٿيڻ جو
ارادو رکان ٿو ۽ ڏينهن ٻه پئرس ۾ گذارڻ چاهيان ٿو.
پيار ۽ سلامن سان
تنهنجو
هوتچند
* * * *
( 4 )
102 براڊ اسٽيڊ گارڊن
يونين سوسائٽي
همپسٽيڊ
يونيورسٽي ڪاليج، لنڊن
لنڊن-
اين-ڊبليو-6
گاور اسٽريٽ، ڊبليو.سي-1
5 مئي 1927ع
منهنجا پيارا عمر
خط جي جلدي جواب ڏيڻ لاءِ تنهنجي مهرباني. جيتوڻيڪ
مون وٽ رسالي جي ڪاپي ڪونهي، تاهم آءٌ حتي المقدور
ان ڪميءَ جو پورائو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. مون کي
گهڻيون مشڪلاتون نظر اچن ٿيون. ڇاڪاڻ ته برٽش
ميوزم واري نسخي ۾ بيتن جي ترتيب بلڪل مختلف آهي.
ان کان سواءِ آءٌ گهڻو ٿڪجي چڪو آهيان ۽ ايتري
طاقت نٿو ڀانيان، منهنجا ڏند هتي اچڻ کان پوءِ
گهڻا خراب ٿي پيا آهن. ڪالهه مون هڪ ڏندن جي ڊاڪٽر
سان مشورو ڪيو جنهن چيو ته سڀ ڪڍرائي ڇڏ، آءٌ اهڙي
بيوقوفي ڪرڻ وارو نه آهيان. ڏندن جي ڪري منهنجي
صحت به گهڻو بگڙي وئي آهي.
مون پنهنجي گهر واريءَ کي تنهنجي والد کي پئسن
موڪلڻ لاءِ لکيو هو. هاڻي وري کيس لکي رهيو آهيان.
مان هاڻي پي.او ميسيڊاس جهاز جي پڪي بُڪنگ ڪرائي
ڇڏي آهي ۽ لنڊن مان 22 تاريخ روانو ٿي ويندس. مان
واپسيءَ ۾ پيرس ۾ ٻه ڏينهن گذارڻ گهران ٿو. مان
وڃڻ کان اڳ توسان ڪئمبرج ۾ ملڻ ايندس.
سلامن ۽ پيار سان تنهنجو
هوتچند
* * * *
( 5 )
گاور اسٽريٽ
لنڊن 12 مئي 1927ع
...... (ڊاڪٽر) سومر ڏينهن منهنجي گلي ۽ نڪ جو
معائنو ڪيو. هن جي تشخيص مان ڪا خاص ڳالهه معلوم
نه ٿي، ڪجهه دوائون لکي ڏنيون اٿس. اميد ٿو ڪيان
ته انهن مان فائدو ٿي ويندو، مون کي هن کي ٻه
............... ڏيڻا پيا. صحت جي خرابيءَ جي ڪري
واندو وقت گذاريان ٿو ۽ ميوزم ۾ وڃي ڪم نٿو ڪري
سگهان. مون ميوزم جي فوٽو گرافر کي چيو آهي ته هو
رسالي جي روٽوگراف مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ خرچ جو
تخمينو ٻڌائي. اهو تيرهن پائونڊ ۽ ڏهه شلنگ چوي
ٿو. پر آءٌ اهي ڀري نٿو سگهان ۽ نه وري صحت ان جي
اجازت ڏئي ٿي ته سمورو قلمي نسخو نقل ڪري سگهان.
جڏهن ملاقات ٿيندي ته ان بابت ڳالهائينداسين ۽
صورتحال جو ڪو بهتر حل سوچي وٺنداسين. مون ايڊنبرگ
گهمڻ جو خيال لاهي ڇڏيو آهي، ۽ شايد ڪئمبرج به
آخرڪار نه اچي سگهان. جيتوڻيڪ اها عجب جوڳي ڳالهه
ٿيندي ته توکي تنهنجي ماحول ۾ نه ڏسي سگهندس.
سڄو مسئلو پئسي جو آهي. منهنجي گهرواريءَ جيڪي مون
کي هڪ سو پائونڊ موڪليا، تن مان 55 پائونڊ واپسيءَ
جو ڪرايو آهي. لنڊن مان پئرس پهچڻ لاءِ 5 پائونڊ ۽
ان کان سواءِ شانزليزي ۾ ٻن ڏينهن جي رهائش جو خرچ
پکو وغيره.
]هي
خط نامڪمل آهي. ان جو پهريون حصو فوٽو اسٽيٽ صورت
۾ شامل ڪونهي.[
* * * *
( 6 )
اسٽريچن روڊ،
ڪراچي
7- جولاءِ، 1927ع
مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته تون ان مشڪل ڪم
کي ڪيئن منهن ڏيئي سگهندين!
آءٌ توڏانهن شاهه جي رسالي جي هڪ ڪاپي پوسٽ ذريعي
موڪلي رهيو آهيان. مان نٿو سمجهان ته توکي ايترو
وقت هوندو جو تون ان ڪم لاءِ اهو وقف ڪري سگهين،
بهرحال جيڪي ٿي سگهي اوترو ضرور ڪجانءِ!
مون کي اندازو آهي ته تون 28 تاريخ سامونڊي جهاز
ذريعي روانو ٿي رهيو آهين. انڪري شايد توڏانهن
منهنجو هي آخري خط ئي هوندو.
مون کي تنهنجي هتي پهچڻ ۽ ملاقات جو سخت انتظار
آهي.
پيار سان تنهنجو
هوتچند
]ڊاڪٽر
دائودپوٽي کي 1927ع ۾ ڪئمبرج مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري
ملي. ان کان پوءِ هن برٽش ميوزم ۾ شاهه جي رسالي
جون پڙهڻيون نقل ڪيون جيڪي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي
شاهه جي رسالي جي ٽئين جلد ۾ شامل آهن، جن جو
انڪشاف ڊاڪٽر دائودپوٽي نومبر 1953ع ۾ لکيل مضمون
۾ ڪيو آهي.[
* * * *
( 7 )
17 جولاءِ 1935ع
منهنجا پيارا ڀاٽيه
مون کي تنهنجن خطن جي جواب ڏيڻ ۾ سستي ٿي
آهي. پر حقيقت اها آهي ته ان جو سبب نئين سيشن جي
شروعات آهي. مون کي هڪ کان پوءِ ٻئي مشڪل مرحلي
سان منهن ڏيڻو پيو آهي.
مون کي تنهنجي لکڻين تي نظر ڦيرائڻ جو
موقعو مليو آهي ۽ مون کي خوشي آهي ته اهي ڪافي
معياري آهن.
جيڪڏهن تون پنهنجي لکڻ جي اها مشق جاري
رکي، مون کي پڪ آهي ته وقت گذرڻ سان گڏ تون سنڌي
ادب ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي وٺندين. مان تنهنجي
ڪاميابي لاءِ هر وقت دعاگو آهيان.
رسالي جو چوٿون ڀاڱو اڃان تائين پريس ۾ نه موڪلي
سگهيو آهيان. اهو جلدي ڪبو ۽ جيئن ئي اهو شايع
ٿيندو ته آءٌ ان جي هڪ ڪاپي توڏانهن اُماڻيندس.
ويساهه رک ته تون سٺو ڪم ڪري رهيو آهين.
تنهنجو مخلص
ايڇ.ايم. گربخشاڻي
حوالا:
1.
Epistles of Divine Wisdom. Sindhi Adabi Board,
2015, p. 219-220
2.
Ibid, p. 152
3.
مقدمه لطيفي.
آزاد بوڪ ڊيپو، حيدرآباد، 1950ع، ص 1 ۽ 2
4.
نئين زندگي، نومبر 1953ع.
ڪراچي، ص 6
5.
ادب ۽ تنقيد.
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، ٻيو ڇاپو، زيب ادبي
مرڪز 1875ع، فوٽو اسٽيٽ صفحا
6.
منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي.
ڊاڪٽر عمربن محمد دائودپوٽو.
سنڌي ساهت گهر، ڇاپو ٻيو، 2005ع، ص 79
تجاهل عارفانه:
ڪڏهن ڪڏهن شاعر پنهنجي شعر ۾ اهڙي صنعت استعمال
ڪندو آهي جو
سڀ ڪجهه سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جي باوجود پاڻ کي نهايت
معصوميت سان ناسمجهه يا اڻ ڄاڻ ظاهر ڪندو آهي.
ڄاڻي ٻُجهي به اڻ ڄاڻائيءَ
جي اظهار ڪرڻ کي ”صنعت تجاهل عارفانه“ چئجي ٿو:
تُنهنجي هوندي به دل جي ڦٿڪڻ کي،
بـــيــقـــراري، قــرار؟ ڇـــا
چـــئـــــــجـــــي!
اوچتو من پسند محبوب اڱڻ تي پير ڀري ته بي پناهه
خوشي ۽ بي انتها پيار باعث دل جي رفتار تيز ٿي
ويندي آهي؛ شاعر اهڙي ڪيفيت کان باخبر هوندي به
پاڻ کي بلڪل بي
خبر محسوس ڪرايو آهي. امين ’فهيم‘ مذڪوره بالا شعر
۾ ”تجاهلِ
عارفانه“ کان ڪم ورتو آهي.
هر ڪَلي
اشڪِ
غم سان سينگاريم،
مالهـــي ســمـــجهيو ته ماڪ پئي آهي.
هن شعر ۾ شاعر جو بظاهر مقصد آهي ته چمن جي هر
مکڙيءَ
کي اشڪِ
غم سان مون سينگاريو آهي. حالانڪه هن کي اهو بخوبي
معلوم آهي ته مکڙين تي ماڪ جا ڦڙا آهن،
تنهن هوندي به اڻڄاڻ بڻجي
چوي ٿو ته:
اِهي
منهنجي وڇوڙيل اکين جا لڙڪ آهن. ”صنعت تجاهل
عارفانه“ سان گڏ هن شعر ۾ شاعر ”صنعت مبالغه“ کان
به ڪم ورتو آهي ڇاڪاڻ ته چمن ۾ هر ڪليءَ
کي اشڪ غم سان سينگارڻ مشڪل ڪم آهي. ٻن صفتن جي ڪم
آڻڻ ڪري هي ”ذوالنوعين“ شعر آهي. ازان سواءِ هن
شعر ۾
”تشبيهه“
به آيل آهي. اشڪ غم کي ماڪ جي ڦڙن سان تشبيهه
ڏني وئي آهي. هن جاءِ تي به اسان جي شاعر
تجاهلِ
عارفانه جي صنعت کان ڪم ورتو آهي. حالانڪه انهيءَ
کي بخوبي علم آهي ته اهي ماڪ جا ڦڙا آهن نه ڪي غم
جا لڙڪ! پر اتي اڻ ڄاڻ هئڻ جي ذميواري وڏي هوشياريءَ
سان مالهي تي اڇلي ٿو!
هن شعر ۾ امين ’فهيم‘ پنهنجي باشريعت بزرگ حضرت
مخدوم نوح سرورؒ جي بيت جي چڱي طرح چٽي ترجماني
ڪئي آهي:
پـــيـــئــي جا پرڀــــات،
سا ماڪ مَ ڀانئيو، ماڻهئا!
روئي
چڙهي
رات، ڏســــي
ڏکـــــــــويــــن
(حضرت مخدوم نوحؒ)
تجاهلِ
عارفانه
جا چند مثال :-
(1) توکي
ماڻهن
جي روبرو جاني!
دوست، محبوب، يار؟ ڇا چئجي.
(2) بــيـــوفــائي
وفــا جـــي بدلي ۾،
شــرم، ڪــاوڙ يا آر ڇا چئجي.
اي ’فهيم‘ تـــون مـــون کـــي ٻڌاءِ
کڻــي
تـــه حقيقت ڪيئن آغاز ۾ هئي،
مون کنيو يا نٿي کنيو
پنهنجو قدم، ڪجهه ياد
اٿم ڪجهه وسري
ويو.
محبوب سروري
رسالو مهراڻ ”مخدوم محمد امين ’فهيم‘ خاص نمبر
’مهاڳ‘ ص 35“ تان کنيل
|