سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2022ع

باب:

صفحو:13 

بادل جمالي

 

 

 

لِــيـــڊر

ڪمزور، ناڪاره ۽ نااهلِ حڪومت جي مُئل دور ۾، هر انسان مهانگائي، بک ۽ بيروزگاريءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل هو. پري پري تائين کيس اميد جو ڪو ڪِرڻو نظر ڪونه پئي آيو. اهڙيءَ حالت ۾ ملڪ کي امداد ڏيڻ وارن دنيا جي ڪن ملڪن طرفان جمهوريت لاءِ پريشر وجهڻ کان پوءِ، مجبور ٿي، سرڪار طرفان بلدياتي چونڊن جو اعلان ڪيو ويو، ته سڄيءَ سنڌ ۾ ٿرٿلو مچي ويو! چڱا ڀلا حيثيت وارا ماڻهو ته اهڙن موقعن تي اڳيان اڳيان هوندا ئي آهن، پر ڪي سچا سکڻا شوقين، جن کان گهر وارا به بيزار هوندا آهن، فارم ڀرائڻ ۾ دير ئي نٿا ڪن.... هن ڀيري خاص ڳالهه اها ٿي، جو ووٽ غير پارٽي بنيادن تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان ڪري پارٽين طرفان ٽڪيٽ ملڻ يا نه ملڻ وارو معاملو پيدا ئي نه ٿيو، سوڍوخان پنهنجي ڳوٺ مان پهريون ماڻهو هو، جنهن ڪائونسلر جي لاءِ فارم ڀرايو، ان کان علاوه، ڪن ٻين به فارم ڀرايا.

علائقي جي صورتحال کي ڏسندي، وڏي سياسي پارٽيءَ جي ضلعي صدر شيخ صاحب، ’سارنگ فقير ڳوٺ‘ جي هڪ خوشحال ماڻهوءَ گلاب خان کي سڏائي ورتو:

”گلاب خان ڏسين پيو ته اليڪشن جو دور آهي، هر ماڻهو اڳيان اچڻ لاءِ سِر ڌڙ جي بازي لڳائي پيو. اسان جي خواهش آهي، ته هن اليڪشن ۾، اوهان اسان جي طرفان بيهو. ڀرپور مدد ڪري اوهان کي کَٽرائينداسين. ڪائونسلر جي حيثيت ۾ علائقي جي سياسي، سماجي معاملن جي تجربي مان نڪري، پڪا پختا ليڊر ٿي ڏيکاريو. ايندڙ قومي اليڪشن ۾ صوبائي ٽڪيٽ مون کان وٺجو، باقي ڇا کپيوَ؟“

”بابا سائين، اوهان جي ان پيشڪش جو ٿورو مڃڻ لاءِ، مون کي لفظ نه پيا ملن، ته ڇا چوان! اوهان جو هٿ مٿان هوندو، ته ڏونگر به ڏاري وجهنداسين، پر سائين رستي ۾ ڪجهه رڪاوٽون به آهن، انهن جو ڪو بِلو ٿي پوي ته.....“

”حڪم ڪريو سهڻا، ڪهڙيون رڪاوٽون آهن...؟“

”سائين ڳوٺ مان سڀ کان پهرين مون واري سؤٽ سوڍي خان فارم ڀرايو آهي، ان کان سواءِ ڪن ٻين شوقينن به فارم ڀرايا آهن. مقابلو ڪجهه سخت ٿي پوندو. اسان جو ڪم بنا مقابلي ٿئي ها، ته مزو اچي وڃي ها....!“

”اهڙن برساتي ڏيڏرن جي پرواهه ڇو ٿا ڪريو بابا، اهي ته رڳو هڪڙو داٻو ٿا گهرن..... باقي رهيو توهان وارو سؤٽ، ته ان سان دوبدو مقابلو ڪري، مقابلي جو مزو به چکي ڏسو نه! اوهان جي مقابلي ۾ هن جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ پر جي ان وٽ به لنگهي ويندؤ، ته اهو به هٿ کڻي ويندو. انڪار ڪري، ته مون کي ٻڌائجو، مان پاڻهي منهن ڏيندوسانس.....“

ملاقات کان پوءِ، گلاب خان سانڊي وانگر سِيٽجي موٽيو. پير زمين تي کُپنس ئي نه پيا! اچڻ شرط ويجهن دوستن کي سڏائي، صلاح مشورو ڪرڻ کان پوءِ، اليڪشن لاءِ باقاعدي ’ورڪ پلان‘ تيار ڪيائون. ٻئي ڏينهن ننڍڙو جلوس وٺي وڃي، فارم جمع ڪرايائين. سوڍوخان ۽ گهر ڀاتي اهو ٻڌي حيران ٿي ويا.....

شام جو گلاب خان سندس گهر پهچي ويو:

”سؤٽ، مان تو وٽ وڏي اميد رکي آيو آهيان. هي سياسي دور آهي. ووٽ پارٽيءَ کي ٿا ملن. آزاد اميدوار رڳو پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ ٿو بيهي. ان ڪري اسان جي صلاح آهي، ته تون قرب ڪري اسان جي حق ۾ هٿ کڻي وڃ. منهنجي ڪاميابي به، اصل ۾ تنهنجي ڪاميابي ئي هوندي نه.....!“

”ادا، جمهوريت جو حسن ان ۾ ئي آهي، ته ڀاءُ جي مقابلي ۾ ڀاءُ بيهي، پيءُ جي مقابلي ۾ پُٽ بيهي. خبر پوي ته ماڻهو ڪنهن کي ٿا پسند ڪن..... جي ڳَڻُ واري ڳالهه ٿو ڪرين ته توکان پهرين آئون بيٺو هئس، ان ڪري منهنجي مٿان توکي بيهڻ نه کپندو هو. تڏهن به تون بيهين ٿو، ته اسان جون اکيون ٿڌيون، لهي ڏس ميدان ۾، خبر پئجي ويندي ته......“

”اها آجيان ٿو ڪرين، يا چئلينج ٿو ڏين مون کي......؟“

”مون دل جي ڳالهه ڪئي آهي، تون ان کي جيئن به سمجهين.“

”ٺيڪ آهي سؤٽ، اسان کي پاڻت ۾ تو وٽ اچڻو هو، سو اُها حُجت پوري ڪئي سين. هاڻي تون به ڇڪي رک، اسان به ڏسي وٺنداسين!! ”رب چڱي ڪندو.“

گلاب خان واپس موٽيو، ته سوڍي خان خلاف شديد قسم جي نعريبازي شروع ٿي ويئي. ڳوٺ سڄو خوف ۾ وٺجي ويو. جهيڙي ۽ دشمنيءَ جهڙو ماحول پيدا ٿيڻ لڳو.....

ڳوٺاڻن جا ووٽ ڏيڻ بابت پاڻ ۾ مشورا ٿيڻ لڳا:

”سوڍوخان پهرين بيٺو هو، گلاب خان کي هن جي مٿان چَڙهت نه ڪرڻ گهرجي ها. هڪ ئي گهر جا ته ماڻهو آهن.“

”ان ڪري ته چوندا آهن، ته ”ٻه ڀائر، ٽيون ليکو.“ سوڍو خان آهي سُڃو سِرُ، هُو ڪيئن ٿو اليڪشن کٽي سگهي؟ هن کي ته بس، ليڊريءَ جي لسٽ ۾ نالو ڳڻائڻو هو، سو فارم ڀرائي ڳڻايائين. باقي گلاب خان کي ته پارٽيءَ وارا پاڻ ٿا بيهارين، سو ته کٽي ئي کٽي....“

”پر گلاب خانَ اڄ تائين ڳوٺ وارن لاءِ ڪيو ڇا....؟ هُو ته ڪنهن کي سلام جو جواب ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي، ايڏو ٿو غرور مان ڦاٽي! سوڍو وري به سڀني جو حال ڀائي ته آهي، سک ۾، ڏک ۾، سدائين گڏ ته هوندو آهي نه.....“

”سکڻو حال ڀائي به ڪهڙي ڪم جو. گلاب چڙهندو، ته مفت ۾ نلڪا ته ڏيندو، ڪجهه سولر ته ورهائيندو، بيواهه زالن کي سلائي مشينون ته ڏيندو.“

”سوڍوخان اِهي ڪونه ڏيندو ڇا؟“

”سوڍي کي سرڪار وٽان ڪجهه ملندو، ته ڏيندو نه. مٿي حڪومت آهي پارٽيءَ جي. سوڍي کي ڪجهه ڏيندا ئي ڪونه، ته هُو ڪٿان ڏيندو؟“ الغرض، جيترا وات، اوتريون ڳالهيون. ماڻهن جا وات بند ٿيڻا ته ڪونه آهن.....

گلاب خان جي گهر تي، جهنڊي وانگر سندس وڏي تصوير لڳائي ويئي. چؤطرف ننڍين جهنڊين جي جهالر ڦيرائي ويئي. سندس اوطاق کي ڪئمپ آفيس بنائي پوسٽرن، بئنرن ۽ تصويرن سان سينگاريو ويو. ڊَئڪ تي اليڪشن بابت جوشيلا گانا هلڻ لڳا، جن تي ٻار جِهمريون پائي، نچندا رهيا. سندس خاص حامين جي گهرن تي به تصوير وارا جهنڊا چاڙهيا ويا.... ڪن شوقينن ته اميدوارن بابت نعرا به ٺاهي ورتا، جيڪي ڳوٺ جي ڀتين تي لکيا ويا:

”تنهنجو گل، منهنجو گل، گلاب گل، گلاب گل.“

”ساهن ۾ سرهاڻ، گلاب گل، گلاب گل.“

”بدبوءِ جو دشمن، گلاب گل، گلاب گل.“

ٻئي گروپ به گهٽ نه ڪئي، ٽڪر جا نعرا ٺاهي ورتائون:

”سازشي سردار ڪير، ؟ گلاب خان، گلاب خان.“

”مطلب جو يار ڪير؟ گلاب خان، گلاب خان.“

”پنهنجن جو دشمن ڪير؟ گلاب خان، گلاب خان.“

وچ ۾ وري ڪي چاپلوس قسم جا ماڻهو، پاڻ وڻائڻ خاطر، ڇيڻا ڀور ڪري، ٻنهي سؤٽن وچ ۾، دشمنيءَ واري باهه کي ڀڙڪائيندا رهيا.

”بابا سائين؛ اوهان کي ته رب پاڪ بادشاهي ڏني آهي، هر رنگ اوهان کي سونهين ٿو، پر هن سوڍوءَ کي ته ڏسو، سيٽجي اوهان جي اڳيان اچي بيٺو آهي، هٿ ئي نه پيو کڻي. اٿس ڪو حياءُ ڪو شرم؟“

”بس يار. دوسل، ويٺو ڏس دنيا جا رنگ، پنهنجي مطلب لاءِ ماڻهو لانگڙ لاهه ٿي ٿا بيهن، ڪير انهن کي سمجهائي....؟“

”اوهان کي ته بابا، لهر نڪي لوڏو. ڳوٺ ۾ پنج سؤ ووٽ آهن. منهنجي خيال ۾ ته سڀ جا سڀ اوهان کي ئي ملندا. پاڻ سؤ پنجاهه ڪٿي وڌيڪ نه پئجي وڃن! باقي سوڍي سڃي کي ڪير ڏيندو ووٽ. هروڀرو خوار ٿو ٿئي.....“

يارن دوستن کان چؤ چوايو ڪرائي، گلاب خان ٻين اميدوارن کان ته هٿ کڻائي ورتو، باقي سوڍي خان تي ڪو اثر ڪونه ٿيو، هُو بيٺو رهيو. آخرڪار گلاب خان پنهنجي ڀيڻ نور بانو وٽ پهچي ويو:

”ادي نور، تنهنجو گهوٽ ته هڏي واري هوڏ ڪيو بيٺو آهي، ڪنهن جي ٻڌي ئي نٿو. هاڻي تون ئي ڪا همت ڪري، ڄٽ کي ضد جي اُٺ تان لاهه، ته هٿ کڻي.......!“

”مِٺا ڀاءُ، ناراض نه ٿيءُ توکي اڃان ووٽن جي سنبت ئي ڪانه هئي، تڏهن کان وٺي سوڍي تياري پئي ڪئي. هن کي پڪ هئي ته هُو بنا مقابلي کٽيندو. تون اوچتو ڪنهن جي چوڻ تي، وچ ۾ ڪڏي پيو آهين.

بي واجبي ته تو ڪئي آهي ڀاءُ. آئون ڪهڙي منهن سان مڙس کي چوان، ته تون هٿ کڻي وڃ....؟“

”اهو جواب تون بنا سوچ سمجهه جي ڏين پيئي ڀيڻ. آئون توکي سوچڻ لاءِ وقت ڏيان ٿو، اڄ ڀلي تون سوچي وٺ، سڀاڻي مون کي جواب ڏجانءِ. ٺيڪ آهي؟“

”سڀاڻي به منهنجو جواب اهوئي هوندئي ادا. مڙس سان ويساهه گهاتي ڪانه ڪنديس. ان ڳالهه تان ناراض ٿو ٿئين، ته ڀلي ٿيءُ......!“

”ٺيڪ آهي ڀيڻ. جي تنهنجو جواب اهو آهي، ته پوءِ اڄ کان پنهنجو مرڻي پرڻي اچ وڃ به ختم سمجهه.....! ۽ ها، اسان جي گهر جي چائنٺ ٽپڻ جي ڪوشش به نه ڪجانءِ.....!!“

”اها ڌمڪي نه ڏي ادا، گهر ته منهنجي ماءُ پيءُ جو آهي، ان ۾ ته منهنجو حصو به ٿو لڳي، مون کي ان ۾ اچڻ وڃڻ کان ڪير ٿو روڪي سگهي؟ هيترن سالن کان بابا جون زمينون ڦٻايو ويٺو آهين، سال ۾ رڳو ڪڻڪ جا چار ڪٽا مون کي ٿو ڏين، تون ڇا ٿو سمجهين ته ايتري ۾ منهنجا سڀ حق واسطا پورا ڪري ٿو ڇڏين؟ اليڪشن گذرڻ ڏي، شريعت ڪرائي، زمينن مان پنهنجي حصي جا پنجاهه ايڪڙ ڇڪي وٺندي سانءِ.....!!“

”چڱو، آئون به ڏسندس ته ڪيئن ٿي وٺين.......!!“

هُو ڀيڻ جي گهران بِرُ ٿي نڪتو. هن کي ياد آيو، ته ڀيڻس جي گهر وارو پلاٽ به اصل ۾ هن جي پيءُ جي نالي تي ئي آهي، سو به هاڻي هُن کان خالي ڪرائي وٺندو. رڳو اليڪشن جي جهنجهٽ مان جان ڇڏائي وٺي......

ضلعي صدر شيخ صاحب کي ڳوٺ جي سياسي صورتحال بابت آگاهي ڏيندي گلاب خان چيو:

”بابا سائين، ووٽرن جو لاڙو ته مڪمل طور اسان ڏانهن ئي آهي، پر بنا مقابلي کٽڻ واري خواهش اڃان به مشڪل ٿي لڳي. سوڍوخان بدستور اَڙِي ڪيو بيٺو آهي. وڌيڪ جيڪو اوهان جو حڪم....؟“

”يار حيرت آهي! هڪڙو خسيس ماڻهو اوهان لاءِ مٿي جو سور ٿيو ويٺو آهي! اسان کي ته اوهان مان وڏيون اميدون آهن..... سڀاڻي ووٽن ۾ چونڊجي، اوهان ڳوٺ جا ليڊر ٿيندؤ، ته ماڻهن جا منڌل مسئلا ڪيئن حل ڪندؤ؟ ڪيئن جهيڙن ۽ ڦڏن جا فيصلا ڪندؤ؟

ليڊر ٿيڻ لاءِ، پنهنجي اندر ۾ به ليڊري پيدا ڪبي آهي بابا، دل سخت ڪري، ٺِڪر ڀتر کي رستي تان ٿڏو هڻي، هٽائڻو پوندو آهي..... سمجهو پيا نه....؟“

”جي بابا سائين، سمجهي ويس. اوهان جو رڳو اشارو کپندو هو، هاڻي گهٽ نه ڪبي، اڳتي جي پارت هجيوَ......“

”پرواهه نه ڪر سهڻا، مان ويٺو آهيان نه......!!“

هن سيني تي هٿ هڻي، کيس يقين ڏياريو.

ان دلاسي کان پوءِ، سوڍي خان کي هٿ کڻائڻ لاءِ، گلاب خان آخري حڪمتِ عملي تيار ڪئي. پنهنجي خاص صلاحڪار عبدالهاديءَ هٿان کيس پيغام موڪليائين، ته ڪائونسلر جي حيثيت ۾، هن کي جيڪو به مال ملندو، ان جو ”چوٿون حصو“ سوڍي کي ڏنو ويندو. پوءِ اُهي نلڪا هجن، سلائي مشينون هجن، يا سولر پليٽون ۽ پکا هجن. ترقياتي ڪمن لاءِ مليل سامان مان به چوٿون حصو کين ڏنو ويندو. هُو اُهي شيون ڪيئن ٿو استعمال ڪري، ان تي هُو ڪو اعتراض نه ڪندو.......“

فراخدلانا پيشڪش ٻڌي، سوڍي خان کان کِل نڪري ويئي.

”مون کي نه هئي خبر، ته گلاب خان پنهنجي مطلب خاطر ايترو به ڪِري ٿو سگهي.....!! سرڪار طرفان مليل شيون ته ڳوٺ جي غريبن ۽ مسڪينن جون امانتون آهن، جيڪي ليڊر لاءِ حرام هونديون آهن. مون کي ڪانهي ضرورت انهن شين جي. ٻڌائي ڇڏيوس مقابلو ٿيندو دوبدو، پوءِ کٽي قسمت.......!!!“

اِن ڇِڪ ڇِڪان ۾ اليڪشن جي تاريخ اچي پهتي. ڳوٺ ۾ سياسي هلچل عروج تي پهچي ويئي. هر طرف نعرا، هوڪرا، بئنر ۽ پوسٽر کڻي ٻارن جا جلوس، ايڪو سائونڊ تي هلندڙ اميدوارن جا نعرا ۽ گيت. ڳوٺ سڄي ۾ ميلي جهڙو ماحول........ اميدوارن جي ڪئمپن ٻاهران، ووٽرن جون قطارون، پولنگ آفيس ۾ رش.

پولنگ شروع ٿيڻ کان ٿوريءَ دير بعد ئي سوڍي خان جو پولنگ ايجنٽ لالا رشيد اوچتو گم ٿي ويو. ڪنهن کي خبر ئي نه پيئي ته هُو ڪيڏانهن ويو، ڇو ويو.....؟ ان جي جاءِ تي ڊمي ايجنٽ ويهاريو ويو، ته ڳالهه ظاهر ٿي پيئي. سوڍي خان گوڙ ڪيو، ته مذاڪرات جو چئي، کيس گاڏيءَ ۾ ويهاري کڻي ويا. ان کان پوءِ ميدان صاف ٿي پيو. ڌڙا ڌڙ ٺپا لڳندا رهيا.

جيئرن ڳوٺاڻن سان گڏ، مُئلن جي نالي تي به ووٽ ڪاسٽ ٿيندا رهيا.

مذاڪرات لاءِ ويندڙ سوڍوخان به ايجنٽ وانگر گم ٿيو، ته وري نه موٽيو، اها خبر جڏهن هن جي گهر واريءَ کي پهتي، ته هُوءَ ٻار ڪڇ تي کڻي، سهڪندي پولنگ اسٽيشن پهتي. اچڻ شرط پوليس وارن تي چڙهائي ڪيائين:

”ڪٿي آهي سوڍوخان......؟“

”ادي اسان پنهنجي ڊيوٽي پيا ڏيون، اسان کي خبر ڪانهي. اِتي ئي هوندو ڪٿي......“

”اوهان جي موجودگيءَ ۾ اميدوار گم ٿيو آهي، اوهان کي خبر ئي ڪانهي.......! باقي ڏنڊا کڻي، ڪنهن جي ڍورن جي رکوالي ٿا ڪريو؟ هِن کان اڳ، اسان جو ايجنٽ به گم ٿي ويو، سو به اوهان جي موجودگيءَ ۾.......“

”ڀيڻ، اسان جي ڊيوٽي آهي، هتي امن امان بحال رکڻ، سو ته بحال رکيو ويٺا آهيون. ڪوبه جهيڙو فساد ڪونه ٿيو آهي. باقي اندر ڇا ٿو ٿئي، ان سان اسان جو واسطو ڪونهي.“

هوءَ چَرين وانگر گوڙ ڪندي، خلق ۾ جهوتون هڻندي رهي. اوچتو هن جي نظر گلاب خان تي پئجي ويئي، ته ڊوڙي وڃي گلي کان ورتائينس:

”اِهو آهي تنهنجو انصاف؟ اِنهي افعالين ڳوٺ جي اڳواڻي ڪندين؟ ڪٿي آهي سوڍوخان.....؟“

هن پنهنجو گلو ڇڏائيندي چيو:

”آرام سان ڳالهاءِ ادي، ماڻهو نه کلاءِ، سوڍي جي مون کي ڪا خبر ڪانهي!“

”باقي سوڍي ڪنهن جي ڍڳي چورائي هئي ڇا، جو اهو کيس گم ڪندو؟“

ان دوران سپاهي سُري ويجها آيا، گلاب خان جا رضاڪار پهچي ويا. خاتون کي ڌڪي پري ڪيائون. هوءَ برابر ناانصافيءَ جون دانهون ڪندي رهي:

”خدا واحدالقهار آهي، هُو ضرور انصاف ڪندو. ياد رک گلابو! سوڍي کي ڪجهه ٿيو، ته منهنجا ٻئي هٿ تنهنجي ڳچيءَ ۾ هوندا، قبر ته ڇا، محشر ۾ به ڪانه ڇڏيندي سانءِ......!!“

”يار هن چَري مائيءَ مان ته لوهه ٿي وياسين، ڪير سمجهائي هن کي“؟

”سائين ليڊرن تي ته ان کان به وڏيون آزمائشون ٿيون اچن. صبر سان ان کي منهن ڏيو. هن وقت ماڻهن جون نظرون، اوهان جي قوت برداشت تي لڳل آهن.“

هن جي صلاحڪار ماستر عبدالهاديءَ کيس سهڻي صلاح ڏني. هُو ٿڌو شوڪارو ڀري رهجي ويو...

شام ڌاري پوليس ٿاڻي کي مٿان حڪم مليو، ته ڳوٺ سارنگ فقير جي پولنگ اسٽيشن تي، مک اميدوار مٿان، مخالف اميدوار، قاتلاڻو حملو ڪيو آهي، فوراً اتي پهچي، ڏوهاريءَ کي گرفتار ڪري کڻي اچو......“

پوليس انسپيڪٽر، حڪم جي تعميل ڪندي، ٻن موبائلن سان گڏ، اتي پهچي ويو. کين ٻڌايو ويو، ته ڏوهاريءَ کي پڪڙي، حفاظت خاطر اڳيئي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو آهي..... ڳوٺ ٻاهران پراڻيءَ جاءِ جو ڪمرو کولي، پوليس اندر داخل ٿي، ته سوڍو خان بيهوشيءَ واري حالت ۾ پيو هو. هن جي نڪ، وات ۽ مٿي مان رت وهڻ ڪري، سندس ڪپڙا، رت ۾ رڱجي چڪا هئا.....

”ابا قاتلاڻو حملو ته هِن جي مٿان ٿيل ٿو لڳي، جو رت ۾ ڳاڙهو لڳو پيو آهي. هيءُ ڪيئن ٿو ڪنهن تي حملو ڪري سگهي.....“؟

گلاب خان ۽ ساٿين جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي.....!! هُو پاڻ بچائڻ جا حيلا ڪرڻ لڳو:

”سر، ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. هڪڙو دشمن هٿيار کڻي جڏهن اسان تي حملو ٿو ڪري، ته اسان به چوڙيون ته ڪونهن نه پاتيون! پنهنجي دفاع ۾ اسان کي به هٿ پير هڻڻان پيا نه. اهڙيءَ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ، اسان جا محافظ اڳي ئي تيار بيٺا هئا. انهن پڪڙي، دشمن کي ٿڙا ٿڦي ڪئي، ته رت نڪري پيس. جهيڙي ۾ ته سرڪار، ڌڪ رحماني، ڌڪ شيطاني ته لڳندا ئي آهن نه......

اوهان سان شيخ صاحب جي ڳالهه نه ٿي آهي شايد.....؟“

”ڪهڙو شيخ صاحب“؟

”شيخ هدايت الله صاحب، پارٽيءَ جو ضلعي صدر“؟

”نه، شيخ صاحب مون سان نه ڳالهايو آهي.“

”هُن شايد مٿي ڳالهايو هوندو..... هي ڏسو سائين، حملي ۾ استعمال ٿيل هٿيار به ثبوت طور موجود آهي....؟ هن پاسي ۾ رکيل ڇُريءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

”پر هيءَ ڇُري ته بصر به نه وڍي سگهندي. حملي آور کي ڍنگ جو ڪو هٿيار مليو ئي ڪونه.....؟“

گلاب خان کي پنهنجو ڪيس ڪمزور ٿيندي محسوس ٿيو، ته راند کٽڻ لاءِ ترُپ جو يڪو هڻي ورتائين!

”هڪڙو منٽ سائين، ٿورو هيڏانهن اچو....“

”ايڏانهن ڇا اچان، هتي ئي ڳالهايو نه.“

”سر، آفيسرن سان پنهنجي منهن ئي ڳالهائبو آهي. اندر جون ڳالهيون، عوام جي اڳيان نه ڪبيون آهن سائين، رڳو ٻه منٽ اسان کي ڏيو......“

صوبيدار سان گلاب خان خبر ناهي ڇا خلاصو ڳالهايو، جو واپسيءَ تي هن جو چئنل ئي چينج ٿي ويو! اچڻ شرط سوڍي جي ڪلهي تي زوردار ڏنڊي هڻي، هڪل ڪيائين:

”اُٿ ڙي ڄَٽ جا پٽ! اِهي مِکر ٻين سان ڪيا اٿئي. اٿي ويهه.....!!“

سوڍي تي ڌڪ جو ڪو اثر ڪونه ٿيو. سپاهيءَ پريشان ٿي چيو:

”سائين هي ته مري ويو آهي شايد....!!!“

”ڪونهي مئو. ايڪٽنگ ٿو ڪري مرڻ جي. ڇڪي اٿاريوس.....“ سپاهين سهارو ڏيئي، کيس اُٿاريو. هُو مرڻنگ حالت ۾ ڏڪندي ڏڪندي اٿي ويٺو، تڏهن به صوبيدار جي ڪاوڙ ۾ فرق نه آيو. سخت لهجي ۾ حڪم ڏنائين:

”اڙي هڻوس هٿڪڙي....!“

سپاهيءَ اڳتي وڌي هٿڪڙي هنيس، ته مٿان دڙڪو مليس:

”ڪَنڊا خان ٻنهي هٿن ۾ نٿو هڻينس؟ مائٽ اٿئي ڇا، جو رعايت ٿو ڪرينس؟“

”اجهو سائين، ٻئي هٿ ۾ به هڻي ٿا ڇڏيونس!“ هوڏانهن ان دوران اليڪشن جو غير سرڪاري، غير حتمي نتيجي جو اعلان ڪيو ويو، جنهن مطابق گلاب خان 657 ووٽ کڻي، شاندار ڪاميابي ماڻي. سندس مقابلي ۾ سوڍي خان کي فقط 152 ووٽ مليا. هُو هارائي ويو.

گلاب خان جي ڪاميابيءَ تي، ننڍا وڏا ڳوٺاڻا جهمريون پائي نچندي، ڪڏندي، نعرا هڻي جشن ملهائڻ لڳا.

صوبيدار، سپاهيءَ کي موبائل کڻي، ڏوهاريءَ جو بيان ريڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو:

”گلاب خان تي قاتلاڻو حملو تو ڪيو؟“

هو خاموش رهيو.

”چپ ڇو آهين گڏهه، گونگو آهين ڇا؟ گلاب خان تي قاتلاڻو حملو تو ڪيو....“؟

سندس نڙيءَ تي ڏنڊيءَ سان زور ڏيئي پڇيائين:

”چپ ڇو آهين، جواب کپي مون کي، جواب ڏي نه.....

گلاب خان تي قاتلاڻو حملو تو ڪيو....“؟

ڊنل نظرن سان صوبيدار ڏانهن ڏسي، بيوسيءَ مان سوڍي ڀڻڪيو؛

”جي سائين......!!“؟

”ٻڌو پيا...؟ ٻڌو پيا نه......؟“

صوبيدار جو منهن خوشيءَ مان ٻهڪي پيو.

”اوهان سڀني جي روبرو، ڏوهاريءَ، ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي..... ٿئنڪ گاڊ!!!“

گلاب خان ۽ ساٿين، سک جو ساهه کنيو. سوڍي کي گاڏيءَ ۾ ويهڻ لاءِ چيو ويو، پر هُو اٿي نه سگهيو، ته سپاهين ٽنگو ٽالي ڪري کيس گاڏيءَ ۾ وڌو. حملي آور جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ گاڏيءَ جي چوڌاري وڏي خلق گڏ ٿي ويئي. سوڍي جي گهرواري پري کان رڙيون ڪندي رهي، پر هن کي ويجهو اچڻ ئي نه ڏنو ويو:

”او ظالمو، خدا غرق ڪريوَ، ايڏو ظلم نه ڪريو. مون کي مڙس جو منهن ته ڏسڻ ڏيو......!!!!!“

پر هن جو آواز، نعرن، هوڪرن ۽ ايڪو، سائونڊ تي هلندڙ گانن جي گونج ۾ دٻجي، ختم ٿي ويو..... پوليس پنهنجي ڪامياب ڪاروائيءَ تي، گاڏين جا هوٽر ۽ هارن وڄائي، رنگين بلبن جي چمڪ دمڪ سان رواني ٿي.... ڳوٺ جي ماڻهن نچندي، ڳائيندي، ووٽ ذريعي، جمهوري طريقي سان پنهنجو ليڊر چونڊي ورتو......

موپاسان      ]پرڏيهي ڪهاڻي[

ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي

ڪراچي

 

 

 

 

ڪَتبو

 

هينري ايلبرٽ گائيڊي موپاسان (5، آگسٽ 1850ع- 6،جولاءِ 1893ع) اوڻيهين صديءَ جو هڪ مشهور فرانسيسي اديب هو، جنهن کي جديد ڪهاڻيءَ جي بانين ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. موپاسان اڃان يارهن سالن جو مَس هو جو سندس والدين ۾ عليحدگي ٿي وئي. ماءُ موپاسان ۽ سندس ننڍي ڀاءُ کي پاڻ وٽ رکيو. موپاسان کي لکڻ پڙهڻ جو شوق پنهنجي ماءُ کان ورثي ۾ مليو، جو هوءَ ادب جو تمام گهڻو مطالعو ڪندڙ عورت ۽ شيڪسپيئر جي وڏي مداح هئي. جيئن ته سندس ماءُ جو تعلق هڪ امير گهراڻي سان هو، تنهنڪري موپاسان ٺَٺَ ٺانگر واري زندگي گذاري. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هُو فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ پهرين پروشين((Prussian جنگ ۾ وڏي بهادريءَ سان وڙهيو. ان جنگ جي پڄاڻيءَ کان پوءِ هُو نارمنڊي کان پيرس منتقل ٿي ويو، جتي هُو ڪجهه وقت سامونڊي فوج ۾ ڪلارڪ به رهيو. ان دوران هن پنهنجي وقت جي هڪ وڏي ليکڪ گستائوفلابرٽ سان دعا سلام وڌائي ۽ پوءِ ته گستائوفلابرٽ سندس سرپرست ٿي ويو. گستائوفلابرٽ جي گهر ايندڙ چوٽيءَ جي ليکڪن ۽ ڏاهن سان سندس ڏيٺ ويٺ وڌندي رهي، جيڪا اڳتي هلي کيس ڏاڍي ڪم آئي. 1880ع کان 1891ع تائين جو دور موپاسان جي زندگيءَ جو نهايت اهم دور رهيو، جو ان دوران هن پنهنجا بهترين ادبي فن پارا تخليق ڪيا. 1881ع ۾ سندس لکيل مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جا ٻن سالن ۾ ٻارهن ايڊيشن شايع ٿيا. 1883ع ۾ هن پنهنجو پهريون ناول ’هڪ عورت جي زندگي‘  لکيو، جنهن جون هڪ سال اندر پنجويهه هزار ڪاپيون وڪاميون. موپاسان جون اڪثر ڪهاڻيون فرانسيسي تهذيب ۽ تمدن ۽ سماج جي چوڌاري گهمن ٿيون ۽ انهن ڪهاڻين جا اڪثر موضوع مرد ۽ عورت جا لاڳاپا ۽ بيوفائي هوندا آهن. موپاسان جي هي ڪهاڻي ’ڪتبو‘ سندس اهم ڪهاڻين ۾ ڳڻي وڃي ٿي، جيڪا اوهان لاءِ ترجمو ڪري هتي شايع ڪري رهيا آهيون.

 

مان کيس چريائپ جي حد تائين چاهيندو هئس. محبت به ڪيڏي نه عجيب شيءِ آهي. ماڻهو هر وقت رڳو ڪنهن هڪ ئي شخص کي ساهه ۾ سانڍيو گهمندو وتندو آهي ۽ ان جي ئي شڪل هر وقت اکين اڳيان ڦرندي رهندي آهي. منهنجي پنهنجي داستان جي سموري معنيٰ رڳو هڪ ئي لفظ ’محبت‘ ۾ سمايل آهي. مون کي ڪنهن ڊگهي پٽاڙ ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي بس، رڳو ايترو ٻڌائڻو آهي ته مون کيس ڏٺو ۽ پوءِ حاصل ڪري ورتو، جيڪڏهن مان اهو چوان ته هوءَ منهنجي زندگي هئي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.

پوري هڪ سال تائين هوءَ منهنجي زال رهي. سندس زلفن جي ڇانوَ ۾ رهندي اهو سال ڄڻ ته اک ڇنڀ ۾ گذري ويو. خبر ئي نه پوندي هئي ته ڪڏهن ڏينهن ٿيندو هو ۽ ڪڏهن رات ٿيندي هئي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هوءَ مري وئي.

ڪيئن مري وئي؟ ڇو مَري وئي؟ ان باري ۾ مون کي ڪوگهڻو ياد ناهي.

هڪ ڏينهن هوءَ بارش ۾ ڀنل گهر پهتي هئي. ٻئي ڏينهن کيس سخت کنگهه ٿي پئي. هن سڄو سارو هفتو کنگهه جي حالت ۾ بستري تي گذاريو.

ڊاڪٽرن مٿان ڊاڪٽر ايندا رهيا، دوائون تجويز ڪيون ويون، هر قسم جو علاج ڪيو ويو، هڪ ڪُل وقتي نرس به سندس سار سنڀال لاءِ رکي وئي، هڙئي حيلا هلايا ويا، پر ڪجهه به نه ٿيو. سندس هٿ گرم رهندا هئا ۽ سڄو ڌڙ وري برف وانگر  ٿڌو. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هوءَ مون کان وڇڙي وئي. رسم مطابق هڪ پادري سڏرايو ويو. هن مون کي چيو ته، ”جيڪڏهن تنهنجيءَ زال ڪي عيب ثواب ڪيا آهن ۽ جن جي تو کي خبر آهي ته ٻڌاءِ“ مون کي مٿس ڏاڍي چڙ آئي. مون نه ٿي چاهيو ته کيس ان معصوم ۽ پاڪ روح جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايان. ڪنهن کي ڪهڙو حق آهي ته موت کان پوءِ هُو سندس باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪري.

مون کي ماڻهن ميت جي تدفين جي ڏس ۾ الائي ڪيتريون هدايت ڪيون. سچ پڇو ته مون کي ڪجهه به ياد ناهي. ها! مون کي سندس تابوت ياد آهي. مون کي اهو آواز به ياد آهي، جيڪو تابوت جوڙڻ وقت هٿوڙيءَ مان نڪتو هو.

قبرستان ۾ پهچي کيس دفنايو ويو. ياخدا! سندس خوبصورت جسم کي مڻين مٽيءَ هيٺان پُوريو ويو. ان وقت رڳو ڪجهه مٽ مائٽ ئي مون سان گڏ هئا. مان کانئن جان ڇڏائي ڀڄي نڪتس. ان ڏينهن مان شهر جي گهٽين ۾ گهمندو رهيس؛ اڪيلو ۽ آوارو. پوءِ ٻئي ڏينهن مان شهر ڇڏيو ۽ هڪ ڊگهي سفر تي نڪري پيس.

مان سير سفر ڪري ڪالهه ئي پنهنجي شهر واپس وريو آهيان. جنهن وقت مان بيڊ روم ۾ پهتس ته نه پڇو ته ان وقت منهنجي ڪهڙي حالت هئي. ڪمري جي هرشيءِ مان سندس خوشبوءِ اچي رهي هئي. منهنجي دل ڏاڍي اُٻاڻڪي ٿي وئي. مان دري کولي صاف هَوا ۾ گهرا ساهه کنيا ۽ هيٺ رستي کي ڏٺو، پر طبيعت عجيب ٿي وئي. مان ڪوٽ پائي ٻاهر نڪرڻ لڳس. جنهن وقت گَهرَ جي وڏي هال وٽ پهتس ته منهنجون نظرون ان ڊگهي آئيني ڏانهن کڄي ويون، جيڪو دروازي وٽ لڳل هو. هِي اُهو آئينو هو، جنهن ۾ هوءَ ٻاهر وڃڻ کان اڳ پنهنجو عڪس ڏسندي هئي.

هڪ گهڙيءَ لاءِ مون کي ائين لڳو ڄڻ منهنجي بدران سندس عڪس آئيني ۾ جهلڪي رهيو هجي. ڏک جي هڪ چيريندڙ لهر مون کي پنهنجي دل ۾ محسوس ٿي ۽ پوءِ مان تيزيءَ سان گهر کان ٻاهر نڪري آيس.

ٻاهر نڪري، بنا ڪنهن ارادي جي منهنجون وِکون ان قبرستان ڏانهن کڄڻ لڳيون، جنهن ۾ هوءَ دفن هئي. مان گهمندو گهمندو سندس قبر تائين پهتس، جتي ڪَتبي تي لکيل هو، ”هتي برائس دفن آهي، جيڪا محبت ۽ وفا جي ديوي هئي.“

مان سندس قبر ڏانهن ڏسندي سوچيو،”هوءَ ويچاري هتي پئي آهي. اڪيلي. مٽيءَ جا مڻ پايو.“ ۽ پوءِ مان هيٺ ڌرتيءَ تي ويهي سُڏڪا ڀري روئڻ لڳس.

مان اُتي ڳچ دير ويٺو رهيس. شام جا پاڇا لهڻ لڳا. اُن وقت هڪ عجيب خيال منهنجي ذهن کي جڪڙي ڇڏيو. هڪ ڏک ۽ وڇوڙي جي ماريل عاشق وانگر منهنجي دل چيو ته اها رات سندس قبر وٽ گذاريان، پر مون کي خبر هئي ته جيڪڏهن مون کي قبرستان جي چوڪيدار ڏسي ورتو ته پوءِ مون کي قبرستان مان ڀڄائي ڇڏيندو. مان خاموشيءَ سان اُٿيس ۽ مُردن جي هن خاموش شهر جو سير ڪرڻ لڳس. منهنجي مٿان ڏکن ۽ پيڙائن جا پهاڙ ڪرڻ لڳا. ذهن ۾ آنڌ مانڌ هئي. مان سوچڻ لڳس ته اسان ماڻهو عاليشان گهرن ۾ رهون ٿا، عمدا کاڌا کائون ٿا، گهمون ڦِرون ٿا، کلون ڪُڏون ٿا ۽ سڀ مزا ماڻيون ٿا. پران جي پڄاڻي ڪيئن ٿي ٿئي؟ ٻه گز زمين ۽ ٻيو ڪجهه به نه!

قبرستان جي سرسبز حصي مان لنگهي آخرڪار مان ان حصي ۾ پهچي ويس، جيڪو ويران لڳو پيو هو. سالن کان هتي ڪنهن کي به دفنايو ڪونه ويو هو. ان هنڌ تي موجود قبرون ڌرتيءَ سان ملي ڌرتي ٿي چڪيون هيون.

جڏهن رات پنهنجا پَر پکيڙي چُڪي ۽ هر پاسي اوندهه ڇانئجي وئي ته مان هوريان هوريان قبر جي وچ ۾ ٺهيل چاري تي هلڻ لڳس. مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪنهن آواري روح وانگر ڀٽڪندو رهيس. منهنجون نظرون اوندهه ۾ کيس ڳولڻ لڳيون، پر سندس شڪل مون کي ڪٿي به نظر نه آئي. رات جي گُهگُهه اوندهه ۾ اڻ ڏٺل ملڪ جي رهواسين جي قبرن جي وچ ۾ گهمندي منهنجون وکون لاڳيتو ڏَڪي رهيون هيون. مان قبرن تي لڳل ڪَتبن کي بيهي بيهي ۽ جهُڪي جهُڪي پڙهندو رهيس ۽ مٿن آڱريون ڦيري انهن جي لفظن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.

ان رات آسمان تي چنڊ به ڪونه هو. منهنجي سامهون اَڻ ڳڻيون قبرون پکڙيون پيون هيون. پري پري تائين ڪنهن جانور جو به ڪو نانءُ نشان نظر نه ٿي آيو. مون کي ڊپ ٿيڻ لڳو. مون کي ايئن لڳو، ڄڻ منهنجي دل منهنجي ڪنن ۾ ڌڙڪي رهي هجي. مان ڇِرڪ ڀَري بيهجي ويس. ان گهڙيءَ مون کي محسوس ٿيو ته ڪو جهيڻو آواز ڪٿان اچي رهيو هو. مان هيڏي هوڏي ڏٺو. مون جيڪي ڪجهه ٻُڌو هو، سو منهنجي پنهنجي ذهن جي پيداوار هو يا وري ان زمين مان نڪتو هو، جنهن ۾ اڻ ڳڻين مئلن جا جسم ڳري سڙي مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي چڪا هئا؟

منهنجي اندر ۾ ڊپ جي هڪ لَهر اُڀري آئي. مون کي لڳو ته جنهن پٿر جي سِر تي مان ويٺو آهيان، سا لُڏي رهي آهي. سچ ته ائين ئي هو. اها سِر سچ ۾ لُڏي رهي هئي. ڄڻ ته اندران ان کي ڪو مٿي ڌِڪي رهيو هو. اوچتو هڪ زوردار اُڇل سان مان هڪ ٻي قبر تي وڃي ڪِريس. اُتان ئي مون ڏٺو ته جنهن هنڌ تي مان ويٺو هئس، هڪ هڏن جو پڃرو ٻاهر نڪري آيو. اهو ان قبر جو مُردو ئي هوندو. رات اونداهي ٿي چڪي هئي، پر ويجهي هئڻ ڪري مان کيس صاف ڏسي رهيو هئس. نه رڳو ايترو، پر مون کي اها لکڻي به چٽي نظر ٿي آئي، جيڪا سندس ڪَتبي تي لکيل هئي. ڪَتبي جا لفظ هئا؛ ”هيءَ جُوڪيس اولونٽ جي آخري آرامگاهه آهي. پاڻ هڪ ايماندار شخص، هڪ محنت ڪندڙ مڙس ۽ هڪ امن پسند انسان هو.“

مون ڏٺو ته هڏن جو اهو پڃرو ٿورو جُهڪيو ۽ پنهنجي قبر جي ڪَتبي جي لکڻي پڙهڻ لڳو. اها پڙهڻ کانپوءِ هن ڀرسان پيل هڪ چهنبدار پٿر سَٽ ڏئي کنيو ۽ ڪَتبي تي لکيل لفظن کي ڊاهڻ لڳو. ٿوريءَ دير جي ڪوشش کانپوءِ هُو اهي لفظ ڊاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوءِ هن ڪَتبي جي ڊَٿل حصي تي پنهنجي ڊگهين چهنبدار آڱرين سان ڪي ٻيا لفظ لکڻ شروع ڪيا، جيڪي هن ريت هئا.

هيءَ جوڪيس اولونٽ جي قبر آهي، جيڪو پهرين درجي جو بي ايمان، مغرور ۽ ظالم شخص هو. هن نه رڳو پنهنجي زال کي سڄي عمر عذاب ۾ رکيو، پر پنهنجي پيءُ کي به مارايو هو.

مان اهي لفظ پڙهي ڪنڌ ورائي ڏٺو ته حيران ٿي ويس. آسپاس، ويجهو ۽ پري، مطلب ته هر پاسي قبرون کُليل هيون ۽ انهن قبرن جا مُردا ٻاهر نڪري اهوئي ڪم ڪري رهيا هئا. اهي سڀئي ڪَتبن جي لکڻين کي ڊاهي پنهنجي آڱرين سان اهي سچائيون لکي رهيا هئا، جن کان دنيا اڻ ڄاڻ هئي.

جنهن جنهن لکڻيءَ تي منهنجي نظر ٿي پئي، تنهن مان اها سُڌ ٿي پئي ته هن جيئرن جي جهان ۾ تمام گهڻو پسند ڪيا ويندڙ ۽ عزتدار انسان ڪيترا ته دل جا ڪارا، بدنيت ۽ بي غيرت هئا. ڪتبا ڊاهي ٻيهر لکندڙن ۾ عورتون، ٻار، پوڙها، هر قسم جا ماڻهو شامل هئا.

ائين لڳوته ڄڻ مئلن جي ايڏي وڏي ميڙ ۾ چورن، لوڦرن، بدمعاشن، ڪُوڙن، زانين، مڪارن ۽ دوکيبازن جي، هڪ به شريف روح موجود ڪونه هو.

ان ئي گهڙيءَ مون کي هُن جو خيال آيو ۽ مون سوچيو، ”پَڪ سان هُن به پنهنجي قبر جو ڪتبو ضرور تبديل ڪيو هوندو. وڃي ڏسان ته ڇا لکيو اٿس.“ ۽ پوءِ مان تيزيءَ سان اوڏانهن هلي پيس. رستي ۾ سڀ مُردا ڪتبا تبديل ڪرڻ جي ڪم ۾ مصروف نظر آيا. مان بي پرواهه ۽ بي ڊپو ٿيو سندس قبر ڏانهن وڌڻ لڳس.

مان کيس پَري کان ئي سڃاڻي ورتو. مون کي سندس چَهرو نظر ڪونه آيو، ڇو جو سندس جسم تي ڪفن ويڙهيل هو، جيڪو اڃان ڪونه ڳَريو هيو. سندس چهرو به ڪفن ۾ ڍڪيل هو.

سندس ڪتبي، جنهن تي ڪجهه دير اڳ محبت ۽ وفا جي ديويءَ جهڙا لفظ لکيل هئا اتي هاڻي ٻيو ڪجهه لکجي چڪو هو. لکيل هو؛

”هتي برائس دفن ٿيل آهي، جيڪا هڪ ڏينهن پنهنجي يار سان ملڻ وئي. بارش ۾ ڀڄندي گهر موٽي ۽ نمونيا جو شڪار ٿي مَري وئي.“

مان ڪجهه نه ٿو چئي سگهان ته اها لکڻي پڙهي مون مٿان ڪهڙي قيامت گذري. دماغ کي چَڪر اچي ويا.

..........

ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن منهنجي اک کلي ته مان پنهنجي بستري تي هئس. مون کي ٻڌايو ويو ته مان کين برائس جي قبر وٽ بيهوش پيل مليو هئس.

محمد علي پٺاڻ

ڪراچي

 

 

 

 

امان.... گُڏي!

 

امان جيجڙي، مونکي محبڻ تي نه ٿي وٺي وڃين ته ڀلا، اتئون منهنجي لاءِ گڏي آڻيندينءَ.“

ها، گڏي آڻينديسانءِ، پر شرط ان سان ته نه وڏي ڀاءُ سان وڙهندينءَ نه ڏاڏيءَ کي تنگ ڪندينءَ.

نه، ڀائوءَ سان نه وڙهنديس. آئون ڏاڏيءَ کي به تنگ نه ڪنديس، پر گڏي آڻيندينءَ ته سهي نه؟

هائو، چيومانءِ نه ته آڻينديسانءِ.

رک نور تي هٿ.

او هي نور تي هٿ. هاڻي ته يقين آيئي نه؟

ڇهن سالن جي ننڍڙي زهران ماءُ جي يقين ڏيارڻ واري لفظ تي الائي ڇو ڦِسي پئي.

وري روئين ٿي نه. روئندينءَ ته گڏي نه آڻينديسانءِ.

نه نه، نه ٿي روئان. ميري پوتيءَ سان زهران پنهنجا ڳوڙها اُگهي ورتا.

هاڻي کلي ڏيکار.

زهران جي چهري تي مصنوئي کِل اُڀري. ماءُ ڏسي اطمينان جو ساهه کنيو ۽ پوءِ برقعو پائي ڳوٺ جي ٽيهارو کن عورتن سان گڏ شبير جي پٽ جي سُکان جا سهرا چوندي پتڻ ڏي وڌڻ لڳي.

عورتن کان اڳيان اڳيان مرد پئي هليا. جن ۾ زهران جو پيءُ ٻنيءَ ۾ ڪو ڪم هجڻ سبب شامل نه هو.

ماءُ جي پويان پيرُ پيرَ ۾ ڏئي ۽ لڪي لڪي زهران ڪڍ لڳي.

تقريبن ٻن فرلانگن جي پنڌ کان پوءِ عورتون، مرد ۽ ڪجھ  ٻارڙا پتڻ تي  پهچي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا.

زهران پتڻ کان ٿورڙو پرڀرو وڻ جي اوٽ ۾ بيهي حسرت سان ماءُ کي ٻين ماڻهن سميت ٻيڙيءَ ۾ چڙهندي ڏسڻ لڳي.

ٻيڙيءَ ۾ سُکان وارن ماڻهن سميت ساٺيڪو کن ماڻهو جڏهن ڪڻو ڪڻو ٿي ويهجي ويا ته باقي بچيل ڇهه موٽر سائيڪلون ۽ ٻيو سامان سڙو لوڊ ٿي ويو . پوءِ  ٻيڙيءَ ۾ سَهرن جي آلاپ ۾ موٽر جو آواز به گڏجي فضا ۾ ڦهلجي ويو.

ٻيڙِيءَ جڏهن محبڻ ڏي منهن ڪيو ته مٿي آسمان تي ٽيپهري جو سج زهران جي اکين ۾ وري الائي ڪٿان ڳوڙها کڻي آيو. زهران وري پوتيءَ سان پنهنجا ڳوڙها اگهي ٻيڙيءَ کي ڏٺو. ٻيڙي ائين پاڻي ۾ تيز ڊوڙندي پئي وئي، جيئن زهران جي پيءَ جي گڏههِ گاڏي روڊ تي تيز ڊوڙندي آهي.

هاڻي زهران وڻ جي اوٽ مان نڪري اچي درياءُ جي ڪناري تي بيٺي. سامهون ٻيڙي تيزيءَ سان محبڻ ڏي وڌي رهي هئي.

۽ جڏهن ٻيڙي محبڻ جي پتڻ تي پهتي ۽ ڪناري سان لڳي ته لنگرانداز ٿيڻ کان اڳ ٻيڙِيءَ جي آڳي تي چڙهيل چئن ماڻهن تڪڙ ۾ ٽپو ڏئي پاڻ کي ڪناري تي اڇليو. پويان ٻيڙيءَ ۾ ويٺل سڀ ماڻهو هڪدم اٿي بيٺا ته سهرا بند ٿي ويا ۽ ٻيڙيءَ جو بارُ هڪ پاسي ٿي ويو...

پريان زهران رڙ ڪئي، امان........

ٻيڙي ان مهل هڪ جهٽڪي سان  اونڌي ٿي وئي. رڙيون ڌرتي ۽ آسمان ۾ ويون. جن سان زهران جي رڙ به شامل ٿي وئي، امان............ گڏي ............... امان ...........

زهران جي اکين مان وهندڙ زاروقطار ڳوڙهن جي درياءُ جو بند ڀڄي پيو، جن کي روڪڻ وارو  ڪو به نه هو...!

هينري سلاسر

مترجم: يوسف سنڌي

 

 

 

 

فقط ڏهه ڊالر

 

سندن سڪيلڌي پٽ جي ٻارهين سالگرهه هئي، اهو وڏي خوشيءَ جو موقعو هو، پر سندس سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيندي ماءُ ۽ پيءُ جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون، هيءُ ڪجهه گهڙين جي لاءِ هڪٻئي کي ڏسندا رهيا، پوءِ ڄڻ کين اٿي پنهنجي پٽ جي موجودگيءَ جو احساس ٿيو ۽ هنن کيس ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو، ۽ مرڪڻ لڳا، بيگم جوڊن پنهنجي پٽڙي سان ڳالهين ۾ جنبي ويئي ۽ نيٺ سندس زبان تي اُها ڳالهه اچي ويئي، جنهن جو ذڪر هُن پنهنجي پٽ سان ڪرڻ نٿي گهريو.

سندس مڙس پيٽر جورڊن پنهنجي زال جي لفظن تي ڇِرڪي کيس ڏسڻ لڳو، هُن پهرين اکين جي اشارن ۽ نرڙ تي گهنج وجهي پنهنجي زال کي خاموش رهڻ جو چيو پر هُوءَ چپ رهي نه سگهي. اڄ سندس سهپ جي سگهه جو بند مامتا جي وهڪري ۾ لڙهي ويو، کيس پنهنجي پٽ جي ناراضگيءَ جي پرواهه نه هئي، هُن پنهنجي  پٽ کي ڇاتيءَ سان لڳائيندي چيو، ”الله ڪري تون امتحان ۾ ڪامياب ٿئين.“ هوءَ اهو چئي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي ۽ پوءِ چيائين، ”ڪاش! تون ڪامياب ٿي موٽين.“

”تون ڪهڙي امتحان جي ڳالهه پئي ڪرين؟“
معصوم رچرڊ پنهنجي ماءُ جي اکين ۾ لُڙڪ ڏسي پريشان ٿي ويو ۽ حيرت مان پنهنجي پيءُ کي ڏسندي چيائين، ”اهو ڪهڙو امتحان آهي بابا؟“

”تون ماٺ ڪري ماني کاءُ پٽ.“ هن پٽ جي سوال کي نظرانداز ڪندي پنهنجي زال کي دلاسو ڏيندي چيو، ”هني! مون کي پڪ آهي ته پنهنجو رچرڊ امتحان ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو.

سالگرهه جي موقعي تي رچرڊ کي تمام گهڻا تحفا مليا هئا، انهن جي باري ۾ ڄاڻڻ جي خواهش رچرڊ جي اکين ۾ روشني بنجي چمڪي رهي هئي، پر هاڻ ماءُ ۽ پيءُ جي پراسرار ماٺ کيس اُداس ۽ پريشان ڪري ڇڏيو هو، رڌڻي مان نت نون کاڌن جي اُڀرندڙ سرهاڻ به سندس پريشاني ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. هُو سوچڻ لڳو، ”نيٺ به هي مون کي ٻڌائين ڇو نٿا ته مون کي ڪهڙي قسم جو امتحان ڏيڻو آهي؟“

نيٺ پيٽر جارڊن ڊگهي خاموشي ٽوڙيندي پُٽ کي مخاطب ٿيو، ”پٽ! اصل ۾ اهو هڪ معمولي امتحان آهي ۽ اسان جي حڪومت هر سال انهن ٻارن کان هڪ مخصوص امتحان وٺندي آهي، جيڪي ٻارهن سالن جا ٿيندا آهن، جيئن ته تون به ٻارهن سالن جو ٿي ويو آهين، تنهنڪري توکي به اهو ڏيڻو پوندو.“ پڻهنس پوري ڪوشش ڪئي ته سندس لفظن ۾ سندس جذبا شامل هجن، تنهنڪري هُو پنهنجن لُڙڪن کي اندر ئي پي ويو.

”پر بابا، اهو جيڪڏهن اسڪول جهڙوئي امتحان آهي ته پوءِ اوهان ايترو پريشان ڇو آهيو؟“

’رچرڊ‘ پيٽر جارڊن ڪاوڙيل لهجي ۾ کيس چيو، ”هاڻ تون پنهنجي ڪمري ۾ وڃي آرام ڪر ۽ ڪهاڻين جو اهو ڪتاب پڙهه، جيڪو مون تنهنجي لاءِ آندو آهي.“

رچرڊ خاموشيءَ سان اُٿيو ۽ پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. هن بستري تي ليٽندي ئي ڪتاب تي نظرون کپائي ڇڏيون، پر سندن ذهن مونجهاري جو شڪار ٿي چڪو هو، ڪتاب جو وڻندڙ ڪَور ۽ دلچسپ ڪهاڻيون به سندس چهري تي مُرڪ پکيڙي نه سگهيون، هُو هٿ ۾ ڪتاب جهلي ڪيتري دير تائين ٻاهر وسندڙ برسات جو سهڻو منظر ڏسندو رهيو.

سندس ذهن ۾ هڪٻئي جي پويان سوال اُٿندا رهيا.

”هيءُ مينهن ڇو ٿو وسي؟ ڪيئن ٿو وسي؟ اڄ هيءُ مينهن ڇو پيو وسي؟ ڪالهه ڇو نه وسيو؟ وٽس انهن سوالن جو ڪوبه جواب نه هو. هُو ڪمري ۾ اڪيلو ويٺو اُداس ۽ پريشان ٿي ويو، ۽ نيٺ ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو، پڻهنس ورانڊي ۾ اخبار پڙهيو رهيو هو، رچرڊ ٿوري دير جي لاءِ کيس خالي خالي نظرن سان ڏسندو رهيو ۽ پوءِ اذيتناڪ ماٺار سندس لاءِ سهپ کان ٻاهر بنجي ويئي.

هُن پنهنجي پيءُ جي ويجهو ٿيندي چيو، ”بابا! مينهن ڇو ٿو وسي؟“

”ڇاڪاڻ ته اهو هڪ قدرتي عمل آهي.“ پيٽر سمجهي ويو هو ته سندس پٽ ڇا ٿو چاهي، هن اخبار تان نظرون هٽائڻ کان سواءِ جواب ڏنو.

”پر بابا! ڇا مينهن وسڻ ضروري آهي؟“

”هائو، اِن ڪري ته مينهن اسان جي زمين کي نئين زندگي عطا ڪري، ان ۾ نباتات پيدا ڪري ٿو.“ پيٽر وري ٽارڻ واري انداز ۾ چيو.

”مينهن زمين مان نباتات ڪيئن ٿو اُپائي....؟ ڇا مينهن کانسواءِ زمين مان وڻ ٻوٽا ڦُٽي نٿا سگهن؟“

”مون کي خبر ڪونهي.“ اهو چئي پيٽر تيزيءَ سان ڪرسي ٻي پاسي ڦيري ڇڏي، پر پٽ به پنهنجي تجسس جي هٿان مجبور ٿي ٻي پاسي گهمي ويو، ”بابا! گاهه جو رنگ سائو ڇو هوندو آهي، ڳاڙهو يا نيرو ڇو نه، رچرڊ هڪ ٻيو سوال ڪيو.

”مون کي خبر ڪونهي.“ نيٺ پڻهنس ڦاٽي پيو، ”مون کي ته ڇا گهر ۾ ڪنهن کي به انهن سوالن جي جوابن جي خبر ڪونهي، تنهنڪري تون به ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪر، ان قسم جي بيڪار سوالن سان رڳو وقت برباد ٿئي ٿو، نيٺ به تون اهو سڀڪجهه ڄاڻي ڇا ڪندين؟“ پيٽر هڪ ئي ساهيءَ ۾ چئي ويو، پر کيس هڪدم خيال آيو ته اڄ سندن پٽ جو جنم ڏينهن آهي، نه ته شايد هو پنهنجي پٽ جي اڳيان پنهنجي دل کولي رکي ڇڏي ها، هن کيس ٻڌائڻ ٿي گهريو ته، ”پٽ! اڄ تنهنجي ذهن ۾ جيڪي سوال جنم وٺي رهيا آهن، ماضيءَ جو ترقي پسند انسان انهن سڀني جا جواب معلوم ڪري چڪو هو، انسان ڏاڍي ترقي ڪئي هئي، پر ان ترقي جو انجام ڏاڍو خراب ٿيو؟ ڀوائتي تباهي ۽ بربادي.... دنيا ۾ ائٽمي جنگ شروع ٿي ويئي، جنهن ۾ بيشمار خطرناڪ ائٽمي هٿيار استعمال ڪيا ويا، جن ڪروڙين انسانن کي اک ڇِنڀ ۾ ساڙي ڦلهيار ڪري ڇڏيو، ڪيترن ئي ملڪن ۾ زمين تابڪاري جي ڪري اُجڙي سُنڍ ٿي ويئي. هاڻي ڏاڍي ڏکيائيءَ سان اُتي آبادي ٿي آهي.“

پيٽر پنهنجي پٽ کي اهو ٻڌائڻ نٿي گهريو ته ان هٿراڌو ترقيءَ انسان جو چهرو ڪيترو نه ڀوائتو ڪري ڇڏيو هو ۽ ترقي ڪندي ڪندي اڄ سندس مهانڊو ڪيترو نه بڇڙو ۽ ڊيڄاريندڙ بنجي چڪو آهي، نيٺ اسان کي ترقي جي رفتار جي گهوڙي کي لغام ڏيڻو پيو، نه ته زندگيءَ جو خاتمو ٿي وڃي ها.

هاڻي هر حڪومت پاران پنهنجن شهرين تي اها سخت پابندي لڳل هئي ته اُها پنهنجي ٻارن کي ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏي، جيڪڏهن اها پابندي نه هجي ها ته پيٽر سولائيءَ سان پنهنجي پٽ کي مطمئن ڪري ٿي سگهيو. رچرڊ مايوس ٿي واپس پنهنجي ڪمري ۾ موٽي ويو، پر جيئن ته اڄ رچرڊ جي سالگرهه هئي، تنهنڪري پيٽر کيس ناراض ڪرڻ نٿي گهريو هو کيس پرچائڻ جي لاءِ سندس ڪمري ۾ گهڙيو ته رچرڊ کي ڏسندي ئي سندس پارو ٻيهر چڙهي ويو، سندس پٽ ڪنهن اونهي سوچ ۾ دريءَ وٽ بيٺو، ٻاهر کليل آسمان کي گهوري رهيو هو، مينهن وسڻ بند ٿي چڪو هو ۽ سج نڪري آيو هو.

”تون هِتي بيٺو ڇا پيو ڪرين؟“ پيٽر اڳتي وڌي دري بند ڪري ڇڏي. توکي خبر ڪونهي ته سج ڏانهن سڌو ڏسڻ سان اکين کي نقصان رسي سگهي ٿو.

”بابا! آءٌ سوچي رهيو هئس ته سج ڪيڏو نه وڏو آهي.“ رچرڊ جواب ڏنو، ”آءٌ ڄاڻڻ ٿو گهران ته اهو زمين کان ڪيترو پري آهي.“

پڻهس هٿ مان جهليندي هڪ پاسي ڇڪيندي چيس، ”اجايا سجايا سوال ڪري پنهنجو مٿو خراب نه ڪر، ٺيڪ آهي توکي ٻڌايان ٿو ته سج اسان جي زمين کان پنج هزار ڪلوميٽر پري آهي.“

”ڇا چيئه بابا! بس رڳو پنج هزار ڪلوميٽر پري؟“ رچرڊ شڪي نظرن سان پيءُ کي تڪڻ لڳو.

صبح جو نيرن مهل رچرڊ جي تکين نظرن کان ماڻس جي اکين ۾ ڇلڪندڙ نمي لڪيل رهي نه سگهي هئي. رچرڊ جي خواب ۽ خيال ۾ به اها ڳالهه نه هئي ته سندس امڙ، سندس امتحان جي سلسلي ۾ ايتري پريشان هوندي، نيرن ڪري پڻس کيس ٻڌايو ته اڄ سندس امتحان جو ڏينهن آهي، رچرڊ پنهنجي پيءُ کي هڪ نظر ڏٺو ۽ ٻڏتر ۾ مبتلا پنهنجي امڙ کي دلاسو ڏيڻ لڳو، ”امان! توکي خبر آهي ته آءٌ ڏکئي کان ڏکيو سوال جو جواب به ڏيئي سگهان ٿو، توکي خبر آهي ته آءٌ اڄ تائين ناپاس نه ٿيو آهيان.“

”پر ٻچڙا! اڄوڪو امتحان ٿورو مختلف آهي، ته بيگم جارڊن پنهنجي آواز کي پرسڪون ڪندي چيو، ”اهو هڪ مخصوص قسم جو امتحان آهي، پر گهٻرائڻ جي ڪابه ڳالهه ڪونهي. اتي ٻيا به ڪيترائي ٻار هوندا، پر روزانو هزارين ٻار اهڙو امتحان ڏين ٿا.“

”هيءُ خاص قسم جو امتحان آهي، اوهان جو مطلب ڪهڙو آهي؟“ ڇا ان ۾ ڪافي ڏکيا سوال پڇيا ويندا؟“ رچرڊ پريشان ٿيندي چيو.

”پُٽ! آءٌ توکي سمجهايان ٿو ته هيءُ ڪهڙو امتحان آهي.“

پيٽر ڌيان سان پنهنجي پٽ کي ڏٺو ۽ پوءِ نظرون چورائيندي ٻڌائڻ لڳو، ”توکي اِن امتحان ۾ سڀ کان پهرين خاص قسم جو شربت پياريو ويندو، ان کان پوءِ توکي هڪ ڪمري ۾ نيو ويندو، جتي هڪ ڪمپيوٽر مشين تنهنجو امتحان وٺندي.“

”هڪ مشين؟“ رچرڊ جون اکيون حيرت ۾ ڦاٽي ويون. ”بابا! هڪ مشين انسان جو امتحان ڪيئن ٿي وٺي سگهي؟“

”پٽ! اها مشين رڳو تنهنجا جواب جانچيندي، اها ڏسندي ته تون ڪوڙ پيو ڳالهائين يا سچ.“ پيٽر وراڻيو.

”ڀلا آءٌ ڪوڙ ڇو ڳالهائيندس.“ رچرڊ مُنجهندي چيو، پيءُ پاران جواب نه ملڻ تي هن ماڻس ڏانهن ڌيان ڌريو، امان ٻڌاءِ ته ڪهڙو چڪر آهي؟“

”پُٽ! ڪو چڪر ڪونهي، ماڻس وڌي کيس ڇاتيءَ سان لاتو، هُن پوءِ پنهنجي مڙس کي ڏٺو ۽ پنهنجن لفظن جي تصديق ڪرڻ گهري.

”ڪيئن پيٽر صحيح پئي چوان نه؟“

”هائو!“ پيٽر پنهنجن چپن تي زوريءَ مُرڪ آڻيندي چيو، ”رچرڊ ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آهي، مون کي خبر آهي ته هيءُ جلد امتحان ڏيئي اسان جي وچ ۾ هوندو. اسين هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پٽ جي سالگرهه وڏي پئماني تي ملهائينداسين.

رچرڊ پنهنجون اکيون ڇنڀيندي حيرت مان مائٽن ڏانهن ڏسڻ لڳو.

پيءُ پٽ امتحان شروع ٿيڻ کان ڪجهه منٽ اڳ مقرر جاءِ تي پهچي ويا. پيٽر جارڊن بيچينيءَ مان پنهنجي گهڙي ڏٺي ۽ پنهنجي اندر ۾ اٿندڙ طوفان تي قابو پائڻ جي لاءِ هڪٻئي جي پويان سگريٽ پي رهيو هو، هڪ گهنٽي وڄڻ تي پردو مٿي کڄيو ۽ پنهنجي پٽ سان گڏ هُو لفٽ ۾ داخل ٿيو، جنهن کيس عمارت جي پندرهين ماڙ تي پهچائي ڇڏيو. ان ماڙ تي عجيب ويراني ڇانيل هئي، پيءُ ۽ پٽ جا بوٽ سنگ مرمر جي فرش تي کٽ کٽ ڪرڻ لڳا ۽ جنهن سان ماحول ۾ ڇانيل ويراني ڄڻ ٽُٽي ويئي.

رچرڊ جو معصوم ذهن هڪ مشين بنيل هو، سندس ذهن ۾ هڪٻئي جي پويان سوال اُٿي رهيا هئا. هُو سوچي رهيو هو ته اڄ امان مون کي پنهنجي هٿ سان نيرن ڇو ڪرائي ۽ مون کي پنهنجن هٿن سان ڦڻي ڏني ۽ مون کان موڪلائڻ مهل ايترو پيار ڇو ڪيو ۽ وري رُني به ڇو پئي؟ کيس اها به خبر هئي ته بابا ۽ امان ٻيئي سڄي رات جاڳندا رهيا هئا، ڇو ته صبح جو سوير ئي سندن ڪمري جي بتي ٻري رهي هئي، کيس محسوس ٿيڻ لڳو ته اڄ ضرور ڪا خاص ڳالهه آهي، تڏهن ته پُرسڪون رهندڙ بابا سگريٽ مٿان سگريٽ پي رهيو آهي.

پيٽر جارڊن ڪمري نمبر پنج سؤ ويهين جي سامهون بيهي سگريٽ جي ڦوڪ ڀري ۽ ان جو ٽوٽو هيٺ اُڇلي پنهنجي بوٽ جي تريءَ سان ائين رڳڙيو، ڄڻ دماغ ۾ گِهڙي ايندڙ ڪنهن ڀوائتي خيال کي چٿي رهيو هجي. رچرڊ سوچڻ لڳو ڪچري دان ڀرسان هئڻ جي باجود ان اڄ بابا سگريٽ فرش تي ڇو رڳڙيو؟ ڪمري ۾ گهڙندي ئي رچرڊ کي سخت سرديءَ جو احساس ٿيو، پيٽر به سرديءَ جي شدت محسوس ڪندي گهڙي کن ڏڪندي پاڻ کي سنڀاليو، ان ميز ڏانهن وڌيو، جتي هڪ سخت چهري وارو همراهه پکڙيل فائلن جي مطالعي ۾ گُم هو، هن ڪنڌ کڻي ٻنهي کي ڏٺو ته پيٽر کيس مخاطب ٿيو. ”اڄ منهنجي پٽ جو امتحان آهي، هن جو نالو رچرڊ جارڊن آهي.“

پيٽر وڏي پاٻوهه مان پٽ کي ويجهو ڪيو ۽ چيو، ”پُٽ! پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي، ٿوري دير ۾ ڪلارڪ توکي سڏيندو، تون خاموشيءَ سان اوڏانهن هليو وڃج.“ هُن هڪ بند ڪمري ڏانهن اشارو ڪندي چيو.

رچرڊ ٿوري دير اتي ويٺو ڀتين کي گهوريندو رهيو، اچتو رچرڊ جارڊن جو نالو سڏيو ويو.

”وڃ پٽ!“ پيٽر جي اختيار کيس پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ پيار ڀرين نظرن سان کيس ڏسندي چيو، ”اسين امتحان کان پوءِ ٻيهر ملنداسين.“

رچرڊ چپ چاپ اڳتي وڌيو ۽ دروازو کولي اندر گهڙيو، ڪمري ۾ وڏي ميز جي پويان هڪ نوجوان ڪلارڪ ويٺو هو، سندس چهرو به سرد مهري جو نمونو هو، ”ڇا تنهنجو ئي نالو رچرڊ آهي.“ هُن پڇيس.

”جي هائو.“ رچرڊ هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.

”تنهنجو امتحاني ڪوڊ نمبر 115-600 آهي.“ هن جذبات کان عاري لهجي ۾ چيو، ۽ پوءِ ميز جي ڀرسان رکيل اسٽول تان هڪ گلاس کڻي رچرڊ کي ڏيندي چيو، ”وٺ! هيءُ پي.“

”هيءُ ڇا آهي؟“ رچرڊ پاڻ کي سوال ڪرڻ کان جهلي نه سگهيو. ”هن سان ڇا ٿيندو؟“

”توکي جيڪو چيو ويو آهي، اُهوئي ڪر.“ ڪلرڪ سخت آواز ۾ کيس حڪم ڏنو.

رچرڊ گلاس وات تي رکيو ۽ هڪ ئي ٽِڪ ۾ پي ويو، مشروب جو ذائقو مٺو هو، رچرڊ ڪا غير معمولي ڳالهه محسوس ڪري نه سگهيو، پر ڪجهه گهڙين کان محسوس ڪيائين ته سندس مٿو ڳرو ٿي رهيو هو، جيڪڏهن ڪلارڪ کيس اکيون ڦاڙي نه ڏسندو هجي ها ته هُو رڙ ڪري ها، ٿوري دير کان پوءِ هُو نيم بيهوش ٿي ويو.

ڪلارڪ رچرڊ تي ٿيندڙ مشروب جو عمل ڏسندو رهيو ۽ پوءِ وڌيڪ اطمينان جي لاءِ ٽارچ ٻاري رچرڊ جي اکين ۾ روشني وڌي ۽ پوءِ مطمئن ٿي اُٿي بيٺو. ”منهنجي پويان اچ.“ هن دروازي ڏانهن وڌندي چيو.

رچرڊ سندس حڪم تي عمل ڪيو ۽ ڪجهه گهڙين کان پوءِ هُو ٻي ڪمري ۾ موجود هو. اتي کيس هڪ انوکي ڪمپيوٽر مشين جي سامهون ويهاريو ويو، هن اهڙي مشين پهريون ڀيرو ڏٺي هئي، مشين جي سامهون ڊائلن جي قطار لڳل هئي ۽ بيشمار بلب ٻري ۽ وسامي عجيب تاثر پيدا ڪري رهيا هئا. رچرڊ حيرت مان ان ڪرسيءَ کي ڏٺو، جنهن جي ٻانهن سان سندن ڪرايون، برقي تارن سان جڪڙيو ويون هيون. رچرڊ ڊڄي ويو ۽ پڇيائين، ”هي سڀ ڇا آهي؟“ تون ڇا پيو ڪرين.

”پُٽ ڊڄڻ جي ضرورت ڪونهي.“ ڪلارڪ پهريون ڀيرو رچرڊ کي دلاسو ڏنو، ”هاڻ توکان ڪجهه سوال پڇيا ويندا، توکي انهن جا جواب ڏيڻا آهن.“ هن ٻيهر مائڪروفون طرف اشارو ڪيو، جيڪو رچرڊ جي چهري جي ويجهو اچي رهيو هو.

”۽ ها، جواب سوچي سمجهي ڏج، هيءَ مشين تنهنجي جوابن جي پڙتال ڪندي. سمجهي وئين نه؟“

”آءٌ هاڻ وڃان پيو، اڪيلو ٿي وڃڻ کان پوءِ جڏهن توکي محسوس ٿئي ته تون امتحان جي لاءِ تيار آهين ته مائيڪرو فون تي تيار آهيان چئج.“ ڪلارڪ رچرڊ جي ڪلهي تي ٿڦڪي ڏيندي ٻاهر نڪري ويو.

ڪلارڪ جي ٻاهر نڪرندي ئي رچرڊ چيو، ”تيار آهيان.“ ۽ مشين جي پينل تي نظرون کُپائي ڇڏيائين، سندس ڳالهائيندي ئي ڪيترائي بلب ٻرڻ لڳا، اوچتو مشين ۾ لڳل اسپيڪر مان آواز آيو، ”ڏهه، نو، اٺ، ست ان کان پوءِ ڪهڙا انگ ايندا؟“

پيٽر جارڊن ۽ سندس زال سامهون ويٺا شام جي چانهه پي رهيا هئا، سندن چانهه ڪڏهوڪي ٿڌي ٿي چڪي هئي، هُو ٻيئي هڪٻئي ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ ئي پنهنجي سوچن ۾ گُم هئا، کين ڊپ هو ته ڪٿي هُو هڪٻئي جي اکين ۾ اڀرندڙ انديشي کي پڙهي ڊڄي نه وڃن، ٻنهي اها ڳالهه چڱي طرح ڄاتي ٿي ته سندن پٽ ضرورت کان وڌيڪ ذهين آهي، ايترو ذهين جو هو ذهن جي اها حد اُڪري چڪو آهي، جيڪا حڪومت ذهانت جو معيار جانچڻ جي لاءِ مقرر ڪئي آهي.

اوچتو ٽيليفون جي گهنٽي وڳي، ٻيئي پنهنجي جاءِ تان جهڙپ ڏيئي اُٿيا، فون جي ويجهو پهتا، پيٽر پنهنجي زال کان ڦڙتيلو ثابت ٿيو، رسيور کڻڻ باجود به سندس وات مان هڪ لفظ به نه نڪتو.

”پيٽر جارڊن“ ٻي پاسان سرد آواز آيو.

”جي...جي...ها“ پيٽر ٿُڪ ڳڙڪائيندي پنهنجي سڄي سگهه سهيڙي وراڻيو. ٻي پاسان مشيني انداز ۾ هڪ آواز ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”آءٌ حڪومت پاران پيو ڳالهايان، اوهان کي اطلاع ڏيڻو آهي ته اوهان جو پٽ رچرڊ جارڊن، جنهن جو سرڪاري ڪوڊ نمبر 115-600 آهي ۽ جيڪو ڪالهه سرڪاري امتحان ۾ شامل ٿيو هو، فيل ٿي ويو آهي، اوهان کي هيءُ اطلاع ڏيندي مون کي دلي صدمو پيو رسي ته اوهان جي پُٽ جو ذهانت جو معيار حڪومت جي مقرر ڪيل معيار کان گهڻو مٿي آهي.“

بيگم جارڊن جيڪا مڙس سان گڏ بيٺي پوري ڌيان سان ڳالهه ٻڌي رهي هئي، پنهنجي لاڏلي پٽ جو نتيجو ٻڌندي ئي غش کائي هيٺ ڪرڻ لڳي. پيٽر پنهنجي زال کي سهارو ڏنو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪن تي رسيور رکيو. ٽيليفون تي اطلاع ڏيندڙ، جيڪو به هو، ان کي شايد اها خبر نه هئي ته سندن ان اطلاع ٻن حساس دلين تي ڪيترا نه غمن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن. هن ته بس اطلاع ڏيئي جلد واندو ٿيڻ ٿي گهريو.

”پيٽر جارڊن، تنهنجي پُٽ رچرڊ جارڊن کي سرڪاري قانون 84 ۽ قلم 50 تحت.....

”پر هاڻي اسان کي ڇا ڪرڻو پوندو؟“ پيٽر سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو.

”جناب ان جو دارومدار ته اوهان تي آهي، اوهان پنهنجي پٽ جي ڪفن دفن جو بندوبست پاڻ ڪندا يا ڪنهن سرڪاري اداري جي حوالي ڪرڻ گهرندا.“

ٿوري دير ٻنهي پاسن کان ماٺار رهي، پيٽر جي وات مان هڪ لفظ به نڪري نه سگهيو، هڪ ڀيرو ٻيهر کيس ٻي پاسان مخاطب ٿي چيو ويو، ”حڪومت طرفان ڪفن دفن جي في ڏهه ڊالر آهي، رڳو ڏهه ڊالر.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org