ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
لاڙڪاڻو
ورهاڱي
کان اڳ جي غير مسلم شاعرن
جي ڪلام جو مطالعو
سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جو دامن ايترو ته وسيع آهي،
جنهن جي اندازي لڳائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ منهنجي هڪ
حياتي ته پوري پئجي نه ٿي سگهي. اسان جي عالمن،
اديبن، شاعرن ۽ مفڪرن پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن جا
اهڙا ته جوهر ڏيکاريا آهن، جو ڏسڻ سان ڏندين
آنڱريون اچي وڃن ٿيون. لطف جي ڳالهه وري اها آهي
ته اسان سندن انهن سمورين لياقتن ۽ صلاحيتن کي نه
ته پرکي سگهيا آهيون، ۽ نه وري انهن جي شاهپارن ۽
ادبي ڪاوشن کي نِت نون اندازن سان پڙهي ۽ پرجهي
سگها آهيون.
تحقيقي ميدان ۾ قدم رکڻ کان پوءِ اهو شدت سان
احساس ٿيڻ لڳو ته اسان سنڌي علم ادب جا ڪيترا
موضوع اڻ ڇپيا ڇڏي ڏنا آهن، ۽ اها سنڌي ٻولي ۽ علم
ادب جي مستند تاريخ لکڻ جي تقاضا آهي ته انهن
موضوعن تي قلم کنيو وڃي. ورهاڱي کان اڳ جي غير
مسلم شاعرن جو ڪلام به مون کي ائين اڻ- ڇهيو نظر
آيو.
مختلف ڪتابن ۽ رسالن جا ورق ورائيندي، مون کي اهڙن
200 شاعرن جي ڪلام پڙهڻ ۽ ڏسڻ جو موقعو مليو. جيئن
جيئن انهن جا نوٽس وٺندو ويس، تيئن تيئن اهو ڪلام
منهنجي ذهن ۾ هڪ خاڪو ٺاهيندو ويو، ۽ اهو خاڪو اڄ
هن مطالعي جي صورت ۾ اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو
آهيان.
منهنجو هي مقالو تنقيد کان وڌيڪ هڪ مطالعو ئي
تسليم ڪيو وڃي، جنهن ۾ مون ڪوشش ڪري غير مسلم
شاعرن جي ڪلام جا غير مانوس پهلو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. هي مطالعو طويل ترين ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ
حوالن ۽ حاشين ڏيڻ کان گريز ڪئي اٿم.
(1) قادر جي قدرت
1-
|
دوائو چميلي، موتيا ۽ مگرا ۽ لال
گلابي ئي ڦول ٽڙن ٿا،
حسن عجيب ۾ بانس تي پوراسي، پون پون
ڪري سڀ ڀوئر ڦرن ٿا،
نور نهاليءَ ۾ جوت جماليءَ تي جان فدا
ڪر، جيت ڪرن ٿا،
سبز چمن ۾ اي ڦول ڦلن سي، پاڻ گهمائي
لک جيو مرن ٿا. |
2-
|
ڪٿ جهاڙ ڦري، ڦول چڳي، ڪن ٻول مٺا
ٻلهار پکي،
چون چون ڪي ڪرن ٽپ ٽاپ اٿن، للڪار ڪري
لک وار پکي،
ٻهه، ٻول ڪيو، من مست ڦرن، چڪراٽ ڪيو،
چچڪار پکي،
ڪٿ لات ڪري بلبل سا مٺي،ڪٿ ڪانگ لنون
ڪانگار پکي. |
3-
|
ڪٿ ڍونڍ ڦرن، سوڍونڍ ڳجهون، ڪٿي ماس
مٿي، سرڻيون ٿيون ڪرن،
وچ شهر ڪتا، دردر سي گهميو، ڀونڪار
ڪيو، ٽڪري تي وڙهڻ،
گهر گهر ۾ ڪئا گهر جا ڌڻي، چشڪار چکيو
لڪ لڪ سسي ڦرن،
ٻلڻيون جي اچن، جهٽ ڇال ڏيو، چنبن ۾
وجهو، چوها سي ٺرن، |
4-
|
صد کيل خوشيون هيءُ جپو ڏسي، لک، ٽول
ڏنا تنهن کي تو ڌڻي،
ڪنهن کي حسن گهڻو، ڪنهن کي عقل گهڻو،
خوب ڏنو تو ڌن کڻي،
سڀ جوڙ ۾ جوڙ هي جيو عجب، درخاڪ وڌي
تو نور مڻي،
چو ڪير آهي، ڪاٿون سو آيو، هيءُ جيءُ
وڃي ڪٿ پاڻ هڻي. |
(2)
ڪنڍلي:
ڪنڍلي سنڌي شاعريءَ جي اها صنف آهي، جا ڇهن مصرعن
تي مشتمل ٿئي ٿي ڪنڍليءَ جي پهرين مصرع جو پهريون
لفظ ۽ آخري مصرع جو آخري لفظ ساڳيا هجن ائين کڻي
چئجي ته انهيءَ جي شروعات ۽ پڇاڙي هڪجهڙي ٿئي ٿي
ان کان سواءِ هن صنف جون واري سان ايندڙ ٻه مصرعون
پاڻ ۾ هم قافيه ٿين ٿيون ۽ ٻي مصرع جو پويون اڌ،
ٽين مصرع جي شروعات ۾ ورجايو وڃي ٿو. مختصر لفظن ۾
ائين چئجي ته هڪ دوها ڇند ۽ هڪ رولا ڇند کي ملائڻ
سان هڪ ڪنڍلي ٺهي پوي ٿي.
ورهاڱي کان اڳ هوتچند سنگومل ٽيڪواڻي هڪ مشهور
ڪنڍلي گو شاعر ٿي گذريو آهي. هن هيٺ سندس ٻه
ڪنڍليون ڏجن ٿيون:
زال
1. ڌوڙ منجهان ڌن ڪري، سا سندر ٿي زال،
ڌن مان ڌوڙ ڪري، اها سچ چئبي ته جنجال،
سچ چئبي ته جنجال، زال مان جال ٿي ڄاري،
استري گهر رکيڪ هجي، وزير گهر نت خواري،
گرهست سوبي جوءِ سان، کڻي هجي، نت ڪوڙ،
”هوت“ ڌنيه ناري اها، جا ڌن ڪري مان ڌوڙ،
2. گاڏيءَ جا ڦيٿا ٻئي، آهن استري پرش،
نار جو ناهي ميل جي، ڪندو ڇا هڪ مڙس؟
ڪندو ڇا هڪ مڙس، اهي دک سک ۾ ڀاڱي،
هڪ ڦيٿي گاڏي هلي نه، ٻن سان هلندي ساڳي،
گهر به ننڍو آهه راڄ، هلي جان جوءِ نه ويندي آڏي،
سک سان ٻيڙو پار، ”هوت“ جئن ٻن ڦيٿن سان گاڏي.
(3) لاڏو:
”لاڏو“ لفظ ”لاڏ“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي
پيار. لاڏو اسان جي لوڪ ادب جي شاعريءَ جي اها صنف
آهي، جنهن ۾- پٽ پياري يا لاڏلي بابت پيار ۽
خوشيءَ جو اظهار ڪيو وڃي. لاڏي جا ڪيترائي قسم ٿين
ٿا، جيئن؛ ڄمڻ جا لاڏا، ڇٺيءَ جا لاڏا، جيڻن جا
لاڏا ۽ شاديءَ جا لاڏا. شاديءَ جي لاڏن جا وري الڳ
الڳ قسم ٿين ٿا. سنڌ جي ڪيترن ئي غير مسلم شاعرن
لاڏا چيا آهن، هن هيٺ هوت چند ٽيڪواڻي جو هڪ لاڏو
مثال طور ڏجي ٿو.
اڄ لاڏي کي پرڻايان ٿي، آئون گيت آنند جا ڳايان
ٿي،
لاڏو اسان جو جڳ جڳ جيئي- وڌي ويجهي شل ۽ نيڪ ٿئي،
ساهه برابر ڀانيان ٿي........................
ڪري سڀن سان شال ڀلائي- ڪانه سنديس ڪا ٻڌون لڱائي
پر سادي ته وراهيان ٿي.....................
ونو سکي شل ونيءَ کي رکندو- جوڙو اهو جيڏن منجهه
بکندو
سرهاڻ لاڏي کي لايان ٿي.....................
ڀڳوان جوڙي کي نيڪ بڻائي، گڻ هريءَ جا هردم ڳائي
پرڀو تو در سيس نمايان ٿي...............
(4) مورو:
مورو سنڌي لوڪ جي اها مقبول عام صنف آهي، جنهن ۾
عشق ۽ محبت، فراق ۽ وڇوڙي، حسن ۽ جمال جون حڪايتون
۽ رسم رواحن جي موضوعن تي اپٽار ڪيو ويندو آهي، فن
جي لحاظ کان هيءَ صنف ٻن تڪن ۽ وراڻي تي ٻڌل هوندي
آهي. هن جون ٻئي تڪون همه قافيه هونديون آهن، ۽
انهن ۾ رديف جو استعمال به جائز آهي.
سنڌ جي غير مسلم شاعرن لوڪ ادب جي ٻين ڪيترن ئي
صنفن سان گڏ، هن صنف تي به طبع آزمائي ڪئي آهي. هن
هيٺ مائي راڻ ٻائي جو چيل مورو مثال طور ڏجي ٿو.
اُٺ چري کيٽ ۾، سور سانڍيم پيٽ ۾،
پرديسيءَ پکيءَ کي لولي چون.
مينهن ته تنهنجي چال ڪونهي مئيءَ جو حال،
پرديسيءَ ...............!
مينهن ته تنهنجي ڪنڍي، اهڃاڻ موڪل منڊي،
پرديسيءَ ...............!
خميس پنهنجيءَ کيسو، ڪيو لوڪ تيسو،
پرديسيءَ ...............!
ڳئون ته تنهنجي سائي، ڪونهي ڪو حال ڀائي،
پرديسيءَ ...............!
اٺ ته تنهنجي ناڪسي، ساهه رهيم باقي،
پرديسيءَ ...............!
اٺ ته تنهنجيءَ ڇهِل، منهنجي توسان دل،
پرديسيءَ ...............!
(ب) عروضي شاعري:
ڪلهوڙن جي دور کي جيڪڏهن سنڌي علم ادب جو سونهري
دور چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. سنڌ جو سدا
حيات شاعر شاهه عبداللطيف هن ئي دور سان واسطو رکي
ٿو، جنهن جو فن ۽ فڪر قيامت تائين اسان ۽ اسان جي
علم ادب کي متاثر ڪندو رهندو. سنڌي عروضي شاعريءَ
جو آغاز به هن ئي دور ۾ ٿيو.
اهو اسان جي عالمن ۽ محققن جو متفق فيصلو آهي ته
مخدوم عبدالرئوف ڀٽي سنڌ جو پهريون عروضي شاعر
آهي، جنهن جا ڪيترائي مولود علم عروض تي ٻڌل آهن.
انهيءَ کان پوءِ ميان سرفراز ڪلهوڙي کي ٻيو نمبر
عروضي شاعر سڏي سگهجي ٿو. جنهن جي چيل سنڌي مداح
اسان جي ادب ۾ غير فاني حيثيت رکي ٿي. ساڳي ئي دور
۾ نورمحمد خسته، مرزا تقي، حافظ عالي ۽ ميان ڇتن
جهڙا غزل گو شاعر به ٿي گذريا جن سنڌ ۾ عروضي
شاعريءَ جي اوسر ۾ اهم حصو ادا ڪيو.
ڪلهوڙن جي دور ۾ عروضي شاعريءَ جي ابتدا ٿي، ۽
انهيءَ کي ترقي ٽالپورن جي دور ۾ ملي. حضرت سچل
سرمست هن دور جو آڳاٽو ۽ پهريون عروضي شاعر آهي.
هن هفت زبان شاعر جي سنڌي ڪلام ۾ ڪيتروئي ۾ شعر
شامل آهي. سندس ڪيترائي غزل ۽ ڪافيون علم عروض تي
ٻڌل آهن. کيس جيڪڏهن سنڌي شاعريءَ جو پهريون گهڻي
کان گهڻو عروضي شعر چوندڙ شاعر چئجي ته ڪوبه وڌاءُ
ڪونه ٿيندو. هن دور جي ٻين عروضي شاعرن ۾ سيد ثابت
علي شاهه، محمد عارف ”صنعت“ ملا صاحب ڏني، خليفي
ڪرم الله ۽ مير نصير خان جا نالا قابل ذڪر آهن.
انگريزن جو دور، سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ انقلابي
موڙ جي حيثيت رکي ٿو. هن دور ۾ سنڌي علم ادب جون
ڪيتريون ئي صنفون پايه تڪميل تي پهتيون ۽ انهيءَ ۾
نت نين صنفن جو اضافو ٿيو. سنڌ جي عروضي شاعريءَ
به هن ئي دور ۾ ڪمال درجي جو عروج حاصل ڪيو.
هن دور ۾ عروضي شاعريءَ جا ڪيترائي نام ڪٺيا شاعر
ٿي گذريا آهن. خليفو گل محمد پهريون عروضي شاعر هو
جنهن سنڌي ۾ پهريون ديوان لکيو.
انگريزن جي دور جي آغاز کان وٺي ويندي انجام تائين
سنڌ ۾ اڻ ڳڻيا عروضي شاعر ٿي گذريا آهن، جن جي صفت
۽ ثنا ۾ اسان جون ادبي تاريخون ڀريون پيون آهن.
سنڌ جي مسلمان شاعرن جيان هتان جي غير مسلم شاعرن
جي وڏيءَ اڪثريت عروضي شاعري ڪئي، بلڪ انهيءَ سان
انصاف به ڪيو آهي. سنڌ جي عروضي شاعريءَ جي تاريخ
۾ ديوان ليلارام سنگهه ”خاڪي“ ۽ ڪشنچند ”بيوس“
ليکراج ”عزيز“، پرسرام ”ضيا“، هوندراج ”دکايل“،
کيئلداس ”فاني“، هرومل سدا رنگاڻي ۽ هري دلگير
جهڙن غير مسلم شاعرن کي اعليٰ مقام حاصل آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي انهن ناميارن عروضي شاعرن کان
سواءِ ٻيا به ڪيترائي اهڙا شاعر ٿي گذريا آهن، جن
عروضي شاعريءَ سان ڀرپور انصاف ڪيو آهي، جنهن جي
مختصر جهلڪ هن مضمون ۾ نظر ايندي.
هن ڪتاب ۾ عروضي شاعريءَ جي مکيه صنفن کي ذهن ۾
رکي مختلف شاعرن جو ڪلام ڏنو ويو آهي. ان هوندي به
ڪجهه صنفون ڪتاب ۾ جوڳي جاءِ وٺي نه سگهيون، جن جو
مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو؛
1. تاريخ:
عروض جي اصطلاح ۾ شعر جي ڪنهن لفظ، فقري، عبارت،
مصرع يا بيت جو اهڙي نموني استعمال ڪيو وڃي، جنهن
جو جيڪڏهن ابجد جي حساب ملهه رکي عدد ڪڍجي ته سن ۽
سال نڪري اچي. سنڌ جي ڪيترن ئي عروضي شاعرن مختلف
واقعن تي اهڙيون تاريخون لکيون آهن، جن ۾ مسلمانن
سان گڏ غير مسلم شاعر به اچي وڃن ٿا. هن هيٺ ٻه
مثال ڏجن ٿا. سرڳواسي پرسرام ”ضيا“ جي ڪتاب ”تصوير
احساس“ جي سال طبع تي چيل ”عزيز“ جي تاريخ.
وهه واهه اڄ ضيا جي ڇپيو شعر جو ڪتاب، |
احساس جي سچ آهي سا تصوير بي نظير، |
ٿي جستجو ”عزيز“ لکان سال طبع جو، |
هاتف چيوم ڪن ۾ ”نظم آهه، دلپذير“ |
|
1933 |
”هرومل خادم“ جي لکيل تاريخ؛
چيم دل ۾ ”خادم“ ڪڍان سال طبع، |
ورهين جو پيو ڏسڻو نشيب وفراز، |
’هوس‘ جي ڪڍ ’هي‘ ڪو لک سال طبع. |
”سخن جو کليو باغ بس دلنواز“. |
|
1943
=
5 - 1948 |
2. رباعي:
رباعي جي لغوي معنيٰ آهي چئن مصرعن وارو ڪلام. علم
عروض جي اصطلاح ۾ رباعي انهيءَ شعر کي چئبو آهي
جنهن ۾ رڳيون چار مصرعون هونديون آهن ۽ جنهن جي
پهرين، ٻي ۽ چوٿين مصرع پاڻ ۾ همه قافيه هونديون
آهن. رباعي بحر هزج مثمن اخرب ۽ بحر هزج مثمن اخرم
جي ٻارهن قسمن جي وزنن ۾ چئي سگهبي آهي غير مسلم
شاعرن هن صنف ۾ به پاڻ ملهايو آهي. ٻن شاعرن جون
رباعيون ڏجن ٿيون.
جوڀراج نرملداس جون رباعيون:
خبر ناهي ته ڪهڙي دم اسان جي الوداع
ٿيندي، |
اسان جي جان جسمي قالبان نڪري جدا
ٿيندي، |
روئينديون ڪي اکيون لاشي مٿان يا دور
لاشي کان، |
خبر ناهي اسان جي حق پڇاڙيءَ ڇا قضا
ٿيندي. |
- |
کيڻ پيئڻ ۾ جيڻ ڀانيون تن پرستيءَ ۾، |
رهون ٿا محو مداين جي موج مستيءَ ۾، |
گهڙي ڪا ويهي وچاري اکئين ڏسڻ گهرجي، |
ته ڇا هي حال حقيقت جو هاءِ هستي ۾. |
هرومل سدا رنگاڻيءَ جي رباعي:
ماڻهو ٿا چون سڀ ٿي ڪرائي تقدير، |
تقدير مگر آهي اسان جي تدبير، |
ٺاهيون ٿا اسين حال منجهان مستقبل، |
ماضيءَ ۾ جيئن حال جو ٿو ٿئي تفسير. |
3. قصيدو:
عروضي شاعريءَ جو اهو قسم جنهن ۾ شاعر پنهنجي ذاتي
جذبن، امنگن ۽ نظرين جي ڀرپور ترجماني ڪري، ڪنهن
حاڪم جي وڏائي، سورهيه جي ساراهه، نامياري جو
ناموس يا ڪنهن فطرتي توڙي قدر شئي جا گڻ يا اوگڻ
ظاهر ڪري ٿو.
سنڌي زبان ۾ قصيدهه گوئي ڪا ايتري قديم ڪانهي، ان
هوندي به سيد ثابت علي شاهه کان وٺي ويندي اڄوڪن
شاعرن تائين سنڌ جي غير مسلم شاعرن به هن صنف تي
طبع آزمائي ڪئي آهي.
”عزيز“ جي قصيده ”بهار“ مان اقتباس هيٺ ڏجن ٿا.
قدم زمين تي رکي ڪين ٿي هوائـﻶ بهار، |
بهار ۾ هي ڏسو ناز ۽ ادائـﻶ بهار، |
گڙي ٿي رعد ته چمڪي ٿي چوطرف بجلي، |
وطن تي ساز طرب جو کنيو هوائـﻶ بهار، |
شگفتگيءَ جو گلن کي مليو پيام آهي. |
چمن ۾ بلبل ڳائي ٿي اڄ نوائـﻶ بهار، |
اُڏامي ڏي ٿو پپيهو پيام موسم گل. |
ٻڌائي ڪوڪ ٿي ڪوئل سندي صدائـﻶ
بهار.... الخ |
4. مربع:
مربع عروضي شاعريءَ جي نظم جو اهو قسم آهي، جنهن
جي پهرين بند ۾ ٽي مصراعون هم وزن ۽ هم قافيه
هونديون آهن، باقي بند جون ٽي مصراعون جدا قافيه
رکنديون آهن. پر چوٿين مصرع وڃي پهرين بند جي
مصراعن سان هم قافيه ٿيندي آهي.
ورهاڱي کان اڳ جي غير مسلم شاعرن شاعريءَ جي
انهيءَ صنف تي به طبع آزمائي ڪئي آهي. هن هيٺ
”عزيز“ جي شاعريءَ مان مثال ڏجي ٿو.
لٽجي چانڊوڪيءَ ۾ چمن شب جو، |
ٿو ٿئي چاڪ پيرهن شب جو، |
پڻ فلڪ پيو سبي ڪفن شب جو. |
پٽ اکيون صبح آشڪار ٿو ٿئي. |
ويو لڪي چنڊ شرم کان سارو، |
رهيو باقي ڪو چرخ تي تارو، |
ٻڌي هڪ ٻئي پٺيان ويو سيارو. |
پٽ اکيون صبح آشڪار ٿو ٿئي. |
5. مرثيه:
ڪو ڪونڌر ڪسجي پئي، يا جاني جدا ٿي وڃي، ائين کڻي
چئجي ته ڪو اهڙو ويڇو پئجي وڃي؛ جو وري ملڻ مشڪل
ٿي پوي ته اهڙين حالتن ۾ انسانن جي اندر مان هڪ
عجيب قسم جي آهه نڪري ٿي ۽ سندس دل جدائي ۾ تڙپڻ
لڳي ٿي. جڏهن اهڙن جذبن جو اظهار شاعريءَ ۾ ڪيو
وڃي ته ان کي ”مرثيو“ سڏيو وڃي ٿو. سنڌ جي سياسي،
سماجي ۽ مذهبي حالتن ڪيترن ئي مرثيه گو شاعرن کي
جنم ڏنو آهي، جن ۾ اسان جا غير مسلم شاعر به اچي
وڃن ٿا. ”ارجن“ جي مرثيه جو هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو:
تنهنجي ڪري خزان کي مٺڙا بهار سمجهيم |
هن رنج ۽ مصيبت راحت ٿي يار سمجهيم. |
هن بي قرار دل کي ڪجهه ٿي قرار سمجهيم |
ٿي زندگيءَ جو توتي دارومدار سمجهيم. |
ڇا سچ ته چئو اي مٺڙا مون کي ڇڏي وڃين
ٿو. |
پرسرام ”ضيا“ جي هڪ مرثيه جو بند آهي:
ڇو تڪڙ ايڏي ڪئي تو اي اچڻ واري قضا |
ڪجهه ته ترسين ها، نه ترسڻ ۽ رهڻ واري
قضا. |
ڪجهه ڇڏين ها ضد، نه ضد پنهنجو ڇڏڻ
واري قضا |
ڪجهه هٽين ها، تون نه اي هرگز هٽڻ
واري قضا. |
توکي پيءُ اولاد کان آخر جدا ڪرڻو نه
هو |
تو ڏنو داغ الم توکي اهو ڏيڻو نه هو. |
(ٻ) ترجمو ٿيل شاعري:
سنڌ جي غير مسلم شاعرن جي ڪلام جو مطالعو هڪ ٻئي
نقطه نگاهه سان به ڪري سگهجي ٿو. اهو آهي سندن
ترجمو ٿيل شاعريءَ جو تجزيو. اسان جي غير مسلم
شاعرن نه رڳو پنهنجي تخليقي قوتن سان سنڌي شاعريءَ
جي تاريخ جي جهولي ڀري آهي، پر هنن انهيءَ ۾ ترجمو
ٿيل شاعري جو به اضافو ڪيو آهي. کين مشرق توڙي
مغرب ۾ جيڪا به سٺي شاعري نظر آئي آهي. هنن انهيءَ
جو اوس ئي ترجمو ڪري سنڌ واسين کي سڳند وٺرائي
آهي. هن هيٺ سندن انهيءَ منظوم ڪلام جا مثال ڏجن
ٿا:
مغربي شاعريءَ جا منظوم ترجما:
1843ع جو واقعو سنڌ جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري
ٿو. مياڻيءَ جي حاثي کان پوءِ سنڌ واسين جو اقتدار
جڏهن انگريزن جي هٿ ۾ آيو، ته هن ڌرتيءَ جي سماج ۾
نيون تبديليون اچڻ لڳيون. مغربي ادب هن ئي دور ۾
سنڌي ادب تي اثرانداز ٿيڻ لڳو. سنڌي اديبن نه رڳو
مغربي ادب جون مکيه صنفون پنهنجي ادب ۾ مانوس
ڪرايون، بلڪ نسوري مغربي ادب جا ترجما ڪري به سنڌي
ادب ۾ ڍير ڪري ڇڏيا. اسان جي شاعري به اهڙن ترجمن
سان ڀري پئي آهي. غير مسلم سنڌ واسي شاعرن جن
مغربي شاعرن جي ڪلام جو منظوم ترجمو ڪيو آهي، انهن
۾ شيڪسپيئر، ڪبر، ورڊس ورٿ، مسز هيمنس ڪاپر ۽ مسز
ٿريل وغيرهه جا نالا قابل ذڪر آهن. غير مسلم مترجم
شاعرن ۾ ديوان ڏيارام، ڄيٺمل پرسرام ۽ ڪاڪو ڀيرومل
وڏي جاءِ والارين ٿا. ديوان ڏيارام جيتوڻيڪ مڪمل
طور تي منظوم شاعري نه ڪئي آهي، پر سندس ڪلام
مغربي ادب جي حوالن ۽ اشارن سان ڀريو آهي.
ڪاڪي ڄيٺمل پرسرام، شيڪسپيئر جي ”وينس ائنڊ
ائڊونس“ جو ترجمو هن ريت ڪيو آهي.
محبت ڪوٺ ۾ ان کي، محبت اڏامي عرش وئي،
باقي دنيا ۾ ڇا رهيو؟ شهوت پرستي پر رهي.
محبت جو نالو تنهن کسي، سو پاڻ تي زوري ڌريو،
شڪل محبت وٺي سادي، حسن، شهوت قوت ڪيو.
ڏوهه سان تنهن کي ڏنڀي، ظالم گرم داغي ڇڏيو،
لٽي وڃي ٿو حسن کي، جئن سو بٽ ڪري نازڪ پتو.
محبت ڏئي فرحت سچي. بارش ڪتان پوءِ اس جيئن،
شهرت سندو اهڙو اثر، سورج پٺيان طوفان تيئن.
محبت سندي سوکم بهاري، ٿي سدا تازي رهي،
شهوت سيارو آ رهيو، مس اونهاري اڌ ٿئي.
محبت ماڻي ڪڪ ڪين ٿئي، ڏالٽيءَ جيان شهوت مري،
محبت آهي سچ سمورو، ڪوڙ جر تو شهوت ڀري.
ڪاڪي ڀيرومل مهرچند ورڊس ورٿ جي ”وئي آرسيون“ جو
منظوم ترجمو هيئن ڪيو آهي،
مزي ساڻ معصم کڻي جو پساهه،
لکائي جنهين کي پيو رڳ رڳ ۾ ساهه،
اگوندر گذاري جنهن ڳڻتي نه ڪا،
انهيءَ ڄاڻ ڪهڙي مرڻ آهه ڇا؟
مشرقي شاعريءَ جا منظوم ترجما:
سنڌ ۾ مغربي شاعريءَ جي منظوم ترجمن جو رواج ته
انگريزن جي آمد کان کان پوءِ پيو، ليڪن مشرقيءَ
شاعري انهيءَ کان ڪيترو وقت اڳ مقبول ۽ منظوم ٿي
چڪي هئي. هندي، سنسڪرت ۽ پنجابي اسان جي غير مسلم
هم وطنين جون مذهبي ٻوليون هيون. انهيءَ ڪري مذهبي
ٻولين ۾ کين چڱي خاصي مهارت حاصل هٽي. اهوئي سبب
آهي جو هنن ڪيترائي مذهبي ڪتاب سنڌيءَ جي نثر توڙي
نظم ۾ ترجمو ڪيا. هن وقت تائين انهن ٻولين جي نثر
توڙي نظم وارن جن ڪتابن جا منظوم ترجما ٿي چڪا
آهن، انهن ۾ سکني صاحب، آساڪي وار، گرنٿ صاحب، ڀڳت
روداس جي آرتي، ڀڳوت گيتا، جپ صاحب، چاندوگيه
اپنشند، ڪٺو پنشد مهاڀارت، گورواڻي، ايشوپنشد ۽
شبد هزاريءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. ”هڪ نماڻي“ جي
ارٿ ڪيل ايشوپنشد مان مثال هيٺ ڏجي ٿو:
ڪچ به نه جڳت ۾ چلي جنهن ۾ واس نه تنهنجو، ايش،
ڪچ، به نه جڳت ۾ چلي جو ويتر نه تنهنجو ايش،
سرو تياڳي ڪري سرو ڀوڳ، سڀ ڪرم ڪري رهي وچ يوگ،
ڪرم ڪري ڇڏي ڦل ڪامنا، ڪرم ڪري ڇڏي اڀمانا،
ڇڏ لوڀ ڌن ڪنهن جو نه تڪ، هو مئي ماري ڀوڳ سک اٿڪ.
مذهبي ڪتابن کي ڇڏي جڏهن اسان مذهبي ۽ روحاني
شخصيتن جي نالن تي نظر ڪيون ٿا ته غير مسلم شاعرن
جي ڪلام ۾ انهن جي اثر جي به ڪمي نظر نه ٿي اچي.
هن هيٺ ٻه مثال پيش ڪجن ٿا:
ننڍي کنڊ جي نامور ڏات- ڌڻي ڪاليداس جي ڪوتا
”ميگهه دوت“ جو نانڪرام ڌرمداس منظوم ترجمو هن ريت
ڪيو آهي؛
برهه جي بيمار کي ورهيه ورهيه هڪ گهڙي |
تن سڪي تاڪيون ٿيس ڪاٽي رات رڙي |
ميگهه ڏٺو آکاڙ جو، مٿان رامگري |
چوٽيءَ سان چڪري، ڄڻ هاٿي کيلي بند
سان. |
منگهارام ملڪاڻي ٽئگور جي شاعري کي هيئن ٿو مانوس
ڪرائي؛
پرارٿا پرڀو ٿو ڪريان، تڙي ڪڍ هيڻائي
دل مان |
سگهه ڏينم تان آنند مان، دک ۽ سک سڀ
پيو سهان |
سگهه ڏينم تان پنهنجو پيار، سڦل شيوا
۾ ڪريان هربار |
سگهه ڏينم مسڪينن تان، هٿ ڪڏهن نان
آئون کڻان |
سگهه ڏينم ٻلوان اڳيان، گوڏن ڀر هرگز
نه ڪران |
سگهه ڏينم تڇ ورتڻ کان، اوچو پنهنجو
من رکان |
سگهه ڏينم هيءَ سگهه ارپيان، تنهنجي
اڇا کي پريم منجهان |
غير مسلم شاعرن پنهنجي مذهبي ۽ روحاني ٻولين کان
سواءِ جن ٻين ٻولين جا منظوم ترجما ڪيا آهن. اهي
آهن فارسي ۽ اردو.
جن غير مسلم شاعرن فارسي شاعريءَ کي سنڌي ۾ مانوس
ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهن ۾ ديوان ڏيارام اڳري
جاءِ والاري. سندس شاعريءَ جا ڪتاب فارسي شاعرن-
خاص ڪري مولانا رومي ۽ شمس پير تبريز جي ڪلام جي
حوالن سان ڀريا پيا آهن. سنڌ جي هن نامور دانشور
مولانا رومي جي مثنويءَ مان دفتر ٽئين جي حڪايت
ستين جو منظوم ترجمو هن ريت ڪيو آهي؛
خود کان خالي سندس ڪرڻي ناهي، |
سڀ ڪنهن وست ۾ سلسلو آهي. |
سلسلو گپت، خود گپت، |
ته به ويساهه نه رک تون سپت. |
هڪ درويش گهري روزي بنا محنت، |
گهر آيس هڪ جانور ڄاتائين غنيمت. |
درويش جو ڏاڏو جنهن ماريو ڦريو هو، |
جانور هو تنهنجو ان فرياد ڪيو. |
حضرت دائود گذريل پروريو، |
خون ٿئل لاشو پاڻ هلي ڏيکاريو. |
خونيءَ بدمعاش کي ڦاهيءَ چاڙهيو، |
سندس سمورو مال درويش کي ڏياريو. |
ننڍي کنڊ جي اردو شاعرن مان اقبال کي سنڌ واسي غير
مسلم شاعرن ۾ مقبوليت حاصل رهي، ۽ سندس ئي ڪلام جو
سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو ويو. ليڪن سنڌ ۾ کيس
مانوس ڪرائڻ وارو غير مسلم شاعر هئو. ”بيوس“. بيوس
جو مشهور نظم ”کڙکٻيتو“ به اقبال جي نظم ”جگنو“ جو
منظوم ۽ آزاد ترجمو آهي. هن هيٺ هڪ وڌيڪ مثال پيش
ڪجي ٿو؛
تازو تري اچي ٿو، دل تي اهو زمانو، |
جنهن ۾ اڏيو اجهو مون آزاد آشيانو. |
وڇڙي وطن ولر کان، هي حال ٿي رهيو
آهه، |
دل غم کي پي رهي آ، غم دل کي پي رهيو
آهه.. |
سنڌ جي غير مسلم شاعرن جي منظوم ڪلام جي مطالعي
ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته سندن منظوم ترجمو ٻن
خصوصيتن جي حامل آهي يعني ڪيترن شاعرن شاعريءَ جو
ترجمو اهڙي نموني سان ڪيو آهي جو اصلي شاعر جو
اصلي خيال برقرار رهي ٿو. ڪن شاعرن وري آزاد نموني
سان منظوم ترجما ڪيا آهن، انهيءَ ڪري سندن اهڙي
قسم جي شاعريءَ ۾ نه رڳو اصلي شاعر جي خيالن جي
جهلڪ نظر اچي ٿي، بلڪ سندن فن ۽ فڪر جو به عڪس ڏسڻ
۾ اچي ٿو.
قاضي مقصود احمد
مٽياري
سنٿال
(سنڌ
جي تاريخ ۾ ذڪر ڪيل هڪ هندستاني قبيلو)
هند ۾ سنٿال قبيلو جهار کنڊ، اوڙيسا، اوڀر بنگال،
بھار، آسام، ڇتيس ڳڙهه ۾ تمام وڏي تعداد ۾ موجود
آهي. جهار کنڊ رياست بھار کي ورهائي جوڙي وئي هئي،
جنھن جي پنجن وڏن ضلعن ۾ سنٿالي آباد آهن، جن ۾
پاکڙ، دمڪا ۽ گودا ضلعا به شامل آهن ۽ اهوئي هنن
جو بنيادي علائقو آهي. پنجن ضلعن تي مشتمل هن
علائقي کي سنٿال پرڳڻو چئبو آهي. مٿي ڄاڻايل
علائقن کان سواءِ ڀر پاسي جي ڪيترن ئي رياستن ۾ هن
قبيلي جون مختصر آباديون پڻ موجود آهن. جڏهن ته
ڀر پاسي جي ٻين ملڪن ۾ به هن قبيلي جي آبادي موجود
آهي. جھڙوڪ: بنگلاديش، نيپال، ڀوٽان، ان کان علاوه
جاوا، سماترا ۽ نيوزي لئنڊ ۾ به هن قبيلي جي آبادي
موجود آهي. انگن اکرن مطابق ڏکڻ ايشيا ۾ هن قبيلي
جي آبادي هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. قبيلي جي مک
گوترن جو تعداد ٻارهن آهي، جن جا نالا هن ريت آهن:
هانسده (Hansda)،
مرندي (Mardi)،
سورن (Soren)
هيءُ قبيلو سپاهه جو ڪم ڄاڻندو آهي. مُرمُو (Murmu)،
هيءُ قبيلو پڄاري طبقي ۾ شمار آهي. ڪسڪو (Kisku)
هي راجائي قبيلو آهي. بيسرا (Besra)
هي قبيلو هارپو ڪندو آهي. ٽوڊو (Tudu)،
بسڪي (Baskey)،
هيمبروم (Hambrom)
چوڙي (چوڑے
Chorai)،
بيديا (Bedia)
۽ گـا نڙيار (Gondwar).
اهي قبيلا وڌيڪ ننڍن قبيلن ۾ ورهايل آهن.
هن قبيلي جي ٻولي سـَنتـَڙي سڏبي آهي، جنھن کي
رومن اکرن ۾ ’Santali‘
لکندا آهن، جڏهن ته ديوناگري اکرن ۾ ’Santhali‘
لکندا ۽ اچاريندا آهن. سنٿالن کي ڪولن جي نسل مان
۽ ’سنتڙي‘ کي آسٽرياسيٽڪ زبانن جي منڊا زبانن واري
خاندان مان کرواڙ نالي سان مشھور ماڻهن جي گروهه
سان جوڙيو ويو آهي. يعني هيءَ زبان آريائي ڪانهي ۽
هن کي دراوڙي ٻولين ۾ شمار ڪيو ويو آهي. لسانيات
جي ماهر پال سڊويل جي چوڻ مطابق منڊا زبانون اٽڪل
4000-
3500 سال اڳ انڊو چائنا مان اڙيسا جي ساحلي علائقي
۾ پھتيون. اوڻهين صديءَ جي وچ تائين هن ٻوليءَ جو
ڪو به تحريري رڪارڊ موجود ڪونه هو. انگريزن هن
قبيلي جي تاريخ سان گڏ ٻوليءَ جي لغت ۽ روايتن تي
مشتمل مواد کي 1860ع کان سھيڙڻ شروع ڪيو. هن قبيلي
جي ٻوليءَ لاءِ ستن قسمن جون لپيون استعمال ۾
رهيون آهن، جيڪي بنگالي، اوڙيا، آسامي، ديوناگري ۽
رومن اکرن کان علاوه ٻين ڀرپاسي جي مشھور ٻولين
سان لاڳاپيل آهن. جڏهن ته سنتڙي ٻوليءَ جي پنھنجي
لپي پنڊت رگهوناٿ مُرمُو (Pandit
Raghunath Murmu)
(1905ع کان 1982ع) 1925ع ۾ ترتيب ڏني، جنھن کي اول
چيڪي (انگريزيءَ ۾
Ol Chiki)
چيو ويندو آهي. ان لپيءَ جي تشھير 1939ع کان ڪئي
وئي. اها لپي هن وقت انڊيا جي سڀني رياستن توڙي
ڀرپاسي وارن ملڪن ۾ سـَنتَڙي زبان لاءِ استعمال
ڪئي ويندي آهي.
هن قبيلي جو مذهب سرناڌرم
(Sarna Religion)
سڏبو آهي. محققن جو چوڻ آهي ته هيءُ مذهب سنڌ جو
قديم مذهب آهي، جنھن ۾ فطرت جي پوڄا ڪئي ويندي
آهي. هن مذهب
جي ديوين ۽ ديوتائن ۾ مرنگ بورو (Marang
Buru)،
جاهيرائيرا (Jaheraera)
۽ مانجهي (Manjhhi)
جا نالا اچن ٿا. سنٿال، روحن ۽ بدروحن کي به
مڃيندا آهن. اهي پنھنجي ڀوپن کي شامان اوجها (Shaman
Ojha)
چوندا آهن. ياد رهي ته شامان، ٻڌ مذهب جي ٻاوي کي
به چوندا آهن. تنھنڪري چئي نٿو سگهجي ته اهو لفظ
سنتڙي ٻوليءَ ۾ اڳ ۾ ئي مروج هو يا ٻڌ مذهب جي اثر
ڪري شامل ٿيو آهي. هن مذهب ۾ وڏن جي عبادت ڪرڻ جي
جڳهه کي جهاڙ ٿان (Jahed
Than)
۽ جهاڙ گهر ۽ راڄ جي مـُکين جي ويھڻ ۽ فيصلا ڪرڻ
جي جڳهه کي (Manjhi
Than)
چوندا آهن.
جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي ته انگريزن جي دور
۾ سنٿال قبيلي جي باري ۾ جيڪا تحقيق ڪئي وئي، ان ۾
کين ڏکڻ ايشيا جا پراڻا رهواسي قرار ڏنو ويو ۽
سندن تعلق سنڌو ماٿر سان ڄاڻايو ويو آهي. سنڌيءَ ۾
ڀيرومل مھرچند آڏواڻي به پنھنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي
آڳاٽن رهواسين جي حوالي سان ڪولن ۽ سنٿالن جو ذڪر
ڪندي ڄاڻايو آهي ته سيوهڻ توڻي موھن جي دڙي مان
ڪولن ۽ سنٿالن جا هڏاوان پڃرا مليا آهن، پر اها
معلومات فقط نالي جي حد تائين آهي ۽ سنڌ ۾
’سنٿالن‘ جي آباديءَ بابت اسان جي ڄاڻ ذري گهٽ
ٻڙيءَ جيتري آهي. وڌ ۾ وڌ اها خبر پئي ٿي ته اهو
قبيلو صدين کان هندستان ۾ بنيادي طور تي بھار جي
علائقي ۾ آباد نسل آهي، جيڪو اتان کان مٿي ڄاڻايل
ڀر پاسي جي علائقن ۾ پکڙيو آهي.
ڊاڪٽر آفتاب ابڙو صاحب بھار صوبي جي هڪ
آفيسر ڊاڪٽر نرمل ڪمار ورما جي تحقيق جي باري ۾
لکي ٿو ته ”ڊاڪٽر نرمل ڪمار ورما بھار صوبي جو هڪ
آفيسر هو. کيس ڪم ڪندي سنٿال پرڳڻي جي ڪيترن ئي
علائقن ۾ وڃڻ ٿيو. کيس سنٿالي ثقافت پاڻ ڏانھن
موهيو. هُو خوشي ۽ مذهبي ڏڻن ۾ به ساڻن گڏ هوندو
هو. سنٿالي پوڄا پاٺ وقت چانورن جي ڳاري سان ڪي چٽ
ڪڍندا هئا، جن هن جو ڌيان ڇڪايو. هڪ ڏينھن گهر اچي
هن سر جان مارشل جو ڪتاب ’Mohenjo
Daro and the Indus Civilization‘
کولي ڏٺو ته کيس انھن تصويرن ۽ سنٿالين جي مذهبي
چٽن ۾ تمام گھڻي هڪ جهڙائي نظر آئي. هو ان واقعي
کان پوءِ جنون جي حد تائين ان موضوع جي کوجنا ۾
لڳي ويو. هن سنٿالين جا 12 گوتر گهميا ۽ هر گوتر
مان 75، 75 مختلف نوعيت جا چٽ حاصل ڪيا. ان کان
پوءِ انھن چٽن کي سنڌو لپي (Indus
Script)
سان ڀيٽي ڏٺو. هن 180 اهڙا چٽ ڳولهي ڪڍيا، جن جو
اچار ديوناگري لپيءَ ۾ موجود هئو. تڏهن هو ان
نتيجي تي پھتو ته پوڄا جا اهي چٽ موهن جي دڙي جي
کوٽائيءَ مان مليل مھرن تي چٽيل چٽن جھڙا آهن.
پوءِ هن محنت ڪري هڪ مڪمل لپي جوڙي ورتي.
هڪ ڊاڪيومينٽري ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته هن آفيسر
پنھنجي ليکن ۾ موهن جي دڙي ۽ هڙپا کي سنٿالي تھذيب
جا ماڳ قرار ڏنو آهي. يعني سنڌو تھذيب جي جڳهه تي
سنٿالي تھذيب جو نالو استعمال ڪيو اٿس. هتي وضاحت
ڪري ڇڏجي ته سنڌو تھذيب جا اڏيندڙ، سنڀاليندڙ ۽
وارث اهي ماڻهو آهن، جيڪي حالتن جي جبر جي باوجود
سنڌ، سنڌيت ۽ سنڌي ٻوليءَ جو نالو بچايو ويٺا آهن.
باقي نسلي حوالي سان منھنجو موقف اهو آهي ته سنڌي،
دنيا جي قديم قوم آهي ۽ انسانن جو نسل سنڌ نالي
خطي مان ئي دنيا ۾ پکڙيو آهي. سو سڄي دنيا سنڌ جي
نالي واري خطي سان پرخلوص محبت ۽ عقيدت جي شرط تي
سنڌو تھذيب جي آثارن تي فخر ڪرڻ جي حقدار آهي،
باقي في الوقت ته سنٿالن جو ڏکڻ ايشيا ۾ اچڻ جو
عرصو ئي انھن قديم ماڳن جي برباديءَ کان پوءِ جو
ڄاڻايل آهي، جيڪو مٿي ٻڌايو ويو آهي ۽ ٻيو ته
سنٿال قبيلو پنھنجي نالي سان سنڌ جي لکت واري
تاريخ ۾ راءِ گهراڻي جي حڪمرانيءَ جي دور کان گهڻو
اڳ تائين به اسان کي ان دور جي سنڌ ۾ نظر نه ٿو
اچي، جنھنڪري سنڌو تھذيب کي سنٿالي تھذيب ڪوٺڻ جي
دعويٰ جو پنڌ پراهون آهي. هن قسم جي دعويٰ ڪن ٻين
ننڍڙن نسلي گروهن جي به آهي، جيڪي تاريخ ۾ پنھنجي
شناخت جي لاءِ سرگردان آهن ۽ گروهي مفادن لاءِ
عظيم تھذيب کي مسخ ڪرڻ ۾ رڌل آهن. اهڙن گروهن کي
سنڌو تھذيب سان جڙڻ لاءِ مثبت طريقو اختيار ڪرڻ
گهرجي. سنٿال تاريخ جي ڪنھن به دور ۾ ترقي يافته
زندگي گذاريندڙ لوڪن ۾ شمار نه رهيا آهن. مٿي جيڪو
ڀيرو مل جي حوالي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيوهڻ ويجهو
۽ موهن جي دڙي مان ڪولن ۽ سنٿالن جا هڏاوان پڃرا
مليا آهن، ان بيان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو
ته هڪ علائقي تي ٻئي علائقي جي ماڻهن جي دعويٰ
داخل ڪرڻ جي لاءِ اهڙيون ڪوششون انگريزن جون شروع
ڪرايل آهن. نه ته ڪولن ۽ سنٿالن جو نسل ايڏو به
مختلف نه هو جو انھن جي ڍانچن جي سڃاڻپ ٻين نسلن
جي مقابلي ۾ ايتري آسانيءَ سان نالو وٺي الڳ نموني
سان ڪري سگهجي. البته اهو ممڪن آهي ته سـَنتَڙي جو
اچار خود به ’سنڌ‘ لفظ سان جڙيل هجي، جيڪا لکين
ڪلوميٽرن تائين پکڙيل وسيع تھذيب رکندڙ سلطنت ۾
ڳالهائبي هجي ۽ اهي ساڳيا نظر ايندڙ چٽ عظيم سنڌو
تھذيب جي اثر ڪري سنٿالي قبيلي وارن استعمال ۾
آندا هجن. ان لحاظ کان سنڌو تھذيب جي معمارن ۽
محافظن ۾ سنٿالن کي شامل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ تحقيقي
ثبوت خود سنٿال ئي پيش ڪري سگهن ٿا.
هيءَ مضمون ان لاءِ لکيو ويو آهي ته
سنٿالن جو نالو انگريز دور کان سنڌ جي تاريخ ۾ اچي
رهيو
آهي، جنھن جي تحقيق لاءِ مناسب مواد هتي پيش ڪري
ايندڙ دور جي لکندڙن کي وڌيڪ تحقيق لاءِ اتساهه
پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هتي واضح ڪبو هلجي
ته ڪي محقق ڪولن، ڀيلن ۽ اوڏن کي به سنٿالن ۾
ليکيندا آهن. حالانڪه انھن جي ٻولي به ٻي آهي ۽
اهي پوءِ جي زماني جي مخلوط قبيلن جون برادريون
آهن، جن تي تحقيق الڳ نموني سان ڪرڻ گهرجي.
حوالا:
1۔
’تاریخ
ہند‘،
ای مارسڈن، ترجمہ لالہ جیارام، خلیفہ عماد الدین،
بک ہوم، 2005ع۔
2. ’سنڌي ٻولي ۽ لپيءَ جو اتھاس‘، جئرام داس
دولترام، مرتب رکيل مورائي، سنڌي ٻوليءَ جو با
اختيار ادارو، 2016ع.
3. قديم سنڌ، ڀيرو مل مھرچند آڏواڻي، سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو.
4. ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا‘، سنڌي ٻوليءَ جو
بااختيار ادارو.
5. ’سنڌو لکت تي ٿيل تحقيق جو جائزو‘، ڊاڪٽر آفتاب
ابڙو، پيڪاڪ ڪراچي، 2015ع.
6.
Santhal People-Wikipedia
7.
Culture, santhal, santhal gotra
8.
JOHAR An Ethnographic Documentary on Santhals
6. Jharkhand-wikiwand |