فيض سومرو
شڪارپور
نعت
مٺو منور سچو سرور، اڙين آڌار عربي آ.
غريبن بي سهارن ۽ يتيمن يار عربي آ.
وٺي نالو سندن جيڪو پوي سينو ٺري ان جو،
اکين جو نور عربي ۽ دلين جو ٺار عربي آ.
جتي وڃبو اُتي ٻڌبو، مٺو نالو مُحمّدصه
جو،
اُتر اولهه ڏکڻ اوڀر سارو سنسار عربي آ.
وفا هن جي، شِفا هن جي، دعا هن جي، سخا هن جي.
سراپا رحمت عالم هو پختو پيار عربي آ.
طفيلي تنهن ته سهڻي جي خدا هي دنيا آ ٺاهي،
سبب تخليقِ عالم هو، خدا جو پيار عربي آ.
اسين سڀ ڀاڳ وارا هون، نبي اهڙو ڏنو مولا،
شفاعت جي ته منصب جو مٺو منهدار عربي آ.
لِکي ويٺو سدائين ’فيض‘ ٿو تعريف سهڻي جي،
سوا لک انبيائن جو جيڪو سردار عربي آ.
غزل
زرد پتن جيان ٿي ڇڻي زندگي!
ڄڻ ته ڏينهن پئي ٿي ڳڻي زندگي!
ساڻ آهين ته ڪيڏي خوشي ٿي ملي!
سچ ته ڪيڏو نه پيئي وڻي زندگي.
درد بي انت هي ٿي سهي زندگي،
بار ڪيڏا ڳرا ٿي کڻي زندگي.
روز ايڏا ته هي ٿي ڪشالا ڪڍي!
هاءِ شب روز ماري هڻي زندگي.
ڇا ته پنهنجي مٿان آ سَٺو زندگي،
کاڄ گولن بمن جو بڻي زندگي.
حسن ڏاهاڻي
.................
غزل
هلي آ تون سڄڻ هيڪر سڀاڻي پو خدا ڄاڻي،
متان ٿي نه ڄڻ هيڪر سڀاڻي پو خدا ڄاڻي.
ٻُڌي مون ڳالهه آ دوست، آهين آيل منهنجي تر ۾،
مونڏي بي اچ سڄڻ هيڪر سڀاڻي پو خدا ڄاڻي.
غمن ۾ دل ڀري پئي آ خوشيون مون کان ويون کسجي،
ڏيو راحت ملڻ هيڪر سڀاڻي پو خدا ڄاڻي.
ڏيو ديدار جو موقعو ملي وڃ تون مٺا مون سان،
پرين اچ تون اڱڻ هيڪر سڀاڻي پو خدا ڄاڻي.
حياتي تي ناهي باونر مٿان بس موت آ بيٺو،
ڪيو گڏجي رهڻ هيڪر سڀاڻي پو خدا ڄاڻي.
کلي مٺڙا ڪچهري ڪر ڪيون ٿورو وڃو مون تي،
ڏسان تنهنجو کلڻ هيڪر سڀاڻي پو خدا ڄاڻي.
گهڙي ترسي ’ڏاهاڻي‘ پو ڀلي واپس هليو وڃ تون،
حسن جهٽ ٿئي ويهڻ هيڪر سڀاڻي پو خدا ڄاڻي.
فراخ جانوري
لاڙڪاڻو
غزل
پلپل آهن پور،
سپرين ساهه پساهه ۾!
درد اوهان جا دادلا، سانڍيان سڪ مان سور-
سپرين ساهه پساهه ۾!
هڪڙو ماڻهو ٿو رکي، ڪيڏا قرب، ڪلور-
سپرين ساهه پساهه ۾!
خواب خوشين جا ڪيترا، جُهري ٿيا هن جهور-
سپرين ساهه پساهه ۾!
سونهن اوهان جي پيار جا، مهڪايا مذڪور-
سپرين ساهه پساهه ۾!
”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ هن، ارپيا شوق شعور-
سپرين ساهه پساهه ۾!
داد بنا پيا ’جانوري‘، تڙپن ٿا محبور-
سپرين ساهه پساهه ۾!
غزل
اُڀ تي مينگهه ملهاري آهي، دل ۾ يادن- ڏياري آهي.
تنهنجي سُندر سپنن سان مون، عمر سجائي ساري آهي.
وڻ وڻ کي برسات چُميو آ، مهڪيل ٽاري ٽاري آهي.
ڪهڙي مُنهن سان مرڪان آئون، جيجل سنڌ ڏکاري آهي.
هن جا انگ سجيلا اهڙا، ڄڻ ته گلن جي ٻاري آهي.
تو ڌاران ڄڻ هيءَ حياتي، ٿر جي تاسي واري آهي.
گل ڦل آهن نيڻ گهڻا پر، ڪا ڪا اک ڪٽاري آهي.
روز وڍي ٿي مون کي ’فراخ‘، ڄڻ ته جدائي آري آهي!
سليم رضا
ٽنڊوجان محمد
غزل
وقت جي ورتاءُ سان، هيڻو نه ٿي،
ڀرجي ويندءِ گهاءُ سان، هيڻو نه ٿي.
ڪر همت فرهاد جان، سنگريز بڻ،
عشق ۾ پڇتاءُ سان، هيڻو نه ٿي.
جنهن ۾ هُل آ، ڪوڙ ۽ دولاب جو،
تون انهي ڳالهاءَ کان هيڻو نه ٿي.
گرم لوهه ڪَٽيو وڃي ٿو هوش ڪر،
تون اندر جي تاءُ سان هيڻو نه ٿي.
جو هلائي راڄ چرٻٽ جيئن سڄو،
اهڙي عاليجاه کان هيڻو نه ٿي.
توکي منهن ڏيڻو آهي طوفان سان،
عارضي ان واءُ سان هيڻو نه ٿي.
ڀير جا وڄندي رهي ٿي جنگ جي،
تون انهي پڙلاءُ سان هيڻو نه ٿي.
سازشون هر پل زمانو ٿو ڪري،
تون ’رضا‘! انياءُ سان هيڻو نه ٿي.
رحمت الله انجم چنه
ڪنڌڪوٽ
غزل
احساس ويو اڏري، ارمان اڃا آهي،
دلسوز عزيزن جو، احسان اڃا آهي.
تقدير جي سامهون، ڪا تقدير رهي ڪاٿي،
هر سوچ اڌوري جو، نقصان اڃا آهي.
جي ترس ڪرين ها ڪو، بي لوث محبت جو،
بدنام ڪرڻ جو ڇو، اعلان اڃا آهي.
جي قيد ٿيو يوسف، الزام لڳو ڪيڏو،
ڇا ساڳي زليخا ۽، زندان اڃا آهي.
منسوب ڪري مجرم، بي ڏوهه خطائن جو،
اقرار ڪرائڻ جو، اعلان اڃا آهي.
مظلوم پيو تڙپي، افسوس زماني ۾،
همدرد ٿيڻ بدران، دهمان اڃا آهي.
آثار حشر جا سڀ، تڪميل ٿيا آهن،
آ کير بچو پاڻي، قرآن اڃا آهي.
ٿو شام صبح تڙپان، ٿي ها جي مسيحا ڪو،
ڇا درد ۽ دارون جو، درمان اڃا آهي.
منصور ٿيڻ جي لئه، مجذوب ٿيڻ لازم،
سردار اڳيان ڏي ڪو، سامان اڃا آهي.
جو باغ سجايو مون، اهڙي ته خزان آئي،
آباد ٿيڻ عيوض، ويران اڃا آهي.
اخلاق رهيو ناهي، گستاخ علم هوندي،
تنوير ٿيڻ جو ڇا؟ امڪان اڃا آهي.
حاذق ته هزارين هن، بيمار ’انجم‘ ڇو آ،
حڪمت جو هِتي ڪوئي، لقمان اڃا آهي.
ياسين ڪنڀر
پنوعاقل
نعت
ايمانُ اُجاريان ٿو،
درودَ پرينءَ تي پڙهي.
سڀ سورَ وساريان ٿو،
درودَ پرينءَ تي پڙهي.
صلواتَ سرور ٿي بخشي،
راحت ڀرپور ٿي بخشي،
سهڻل کي سنڀاريان ٿو،
درودَ پرينءَ تي پڙهي.
موڪل جي خدا ڏي ويندس،
وڃي سڪ سان سلامي ڀريندس،
مان ڪانگَ اُڏاريان ٿو،
درودَ پرينءَ تي پڙهي.
صلواتَ پڙهي پوءِ سمهان ٿو،
’ياسين‘ پڙهان جاڳان ٿو،
سِڪ ساهه سنواريان ٿو،
درودَ پرينءَ تي پڙهي.
دعا
الله ٿو لکائي، منهنجي مَجال ڪونهي،
حق سچ پيو چوائي، منهنجي مَجال ڪونهي.
ڏاڍو ڪنو ڪمينو ڪم ظرف ڏوهي آهيان،
سڀ عيب ٿو لڪائي، منهنجي مَجال ڪونهي.
غمگين ٿي پوان ٿو تسڪين ٿو ڏئي ربُ،
روئندڙ کي ٿو کِلائي، منهنجي مَجال ڪونهي.
پِرڪارَ مون ۾ جيڪي گُڻ ڪو عمل ڪا نيڪي،
آهي به يا اَلائي، منهنجي مَجال ڪونهي.
سيرت پيو سجائي واحد پيو وڌائي،
راحت پيو رسائي، منهنجي مَجال ڪونهي.
’ياسين‘ حمد ٺاهيان مستيءَ ۾ مست آهيان،
ٿو راهه تي هلائي، منهنجي مَجال ڪونهي.
فقير امر عباس ڀنڀرو
غزل
الائي ڪهڙو وکر گهرجي، پرايو شهر ڇا ڄاڻي،
وڃي دل ڪيئن پنهنجي ٿو، ڦرايو شهر ڇا ڄاڻي.
گلابن جون پتيون وکري، کنڀن مان خيال ٿي نڪتيون،
وڳي تاڙي پکي ڪنهن آ، اڏايو شهر ڇا ڄاڻي.
ڏسو هو مست جي لاشي تي، تاڙيون ۽ تماشائي،
چرئي کي ڪنهن چمي خاطر، گهرايو شهر ڇا ڄاڻي.
وڏو بڙ وچ تي بيٺل، صدين کان ماتمي آهي،
اهو انگاس عاشق ڇو، لڳايو شهر ڇا ڄاڻي.
اوهين هيرن تي هرکو ٿا، سنڀالي ساهه سان رکجو،
اسان سڀ ڪجهه ڇنڊي ڇاڻي، وڃايو شهر ڇا ڄاڻي.
آيو مقتل جو دروازو، سڀئي واپس وري آيا،
اسان ڇيڙي تائين توسان، نڀايو شهر ڇا ڄاڻي.
وَٽي تو ڏور کي اک سان، اڇليو يار اوٽي تي،
امر کي عشق لاٽون جيئن، ڦيرايو شهر ڇا ڄاڻي.
شمس صابر
روهڙي
غزل
مئڪدي ۾ جنهن گهڙي، هو مَسَند آرا ٿي ويو،
حڪم نيڪالي جو مون لئه، لامحاله ٿي ويو.
مون دعا اُن کي ڏني، هُن ڌِڪا مون کي ڏنا،
قرض جو هڪ ٻئي تي هو، سو آجا پاجا ٿي ويو.
هُن جي مُرڪڻ تي ڏٺم، واعظ اچي پابوس ٿيو،
خلقَ حيرت ۾ پئي، هي ڇا منجهان ڇا ٿي ويو.
خاڪِ پا کي مون چُميو، فتويٰ اُٿي زاهد ڏني،
آهي پڌري بُت پرستي، ڪُفر برپا ٿي ويو.
ضبطِ غم لئه لب سبيم، پر نير نيڻن کان ٽميا،
جو گهڻو مخفي رکيم، سو راز افشا ٿي ويو.
صبر ڪيئن ’صابر‘ نه ايندو، هن دل بيمار کي،
جو مريضِ عشق جو دشمن مسيحا ٿي ويو.
غزل
دل جي دنيا اُجڙي ويئي، ڪنهن تي ڪهڙو ڏوهه ڏيان،
قسمت قسمت جو آ تماشو، درد جو ٿو طوفان ڏسان.
منهنجي دل جا سڀيئي راڻا، ڪنهن تي ڪنهن تي رنج
ڪيان،
سَڀَ ۾ صاحبُ آهه سمايل، هيءُ هجي يا آءٌ هجان.
جن سان پريت پراڻي پنهنجي، تن کي ڪيئن ڀلائي
سگهان،
شام هجي يا صبح هجي، پر آءٌ رهان ٿو يادِ ڪِنان.
سڪندي سڪندي سڪ ۾ ساجن آءٌ وياڪل ويڳاڻو،
ڏک جي ڏيهه ۾ ’صابر‘ بڻجي پنهنجا ويٺو دم کڻان.
حاڪم نوناري
غزل
تنهنجي نه اچي سار، اهو ناممڪن،
توکان جي ٿيان ڌار، اهو ناممڪن.
مون پڪ آ پري کان ئي، سڃاڻان ٿو سڄڻ کي،
ٻي ڪنهن کان پڇا پار، اهو ناممڪن.
شيشي کي ٽٽڻ کان پوءِ، ملايو ئي وڃي ٿو،
ظاهر نه ٿئي ڏار، اهو ناممڪن.
وڙهبو ته کلي کام، وڙهي حق وٺبو،
لڪي جي ڪيان وار، اهو ناممڪن.
نانگن جا ٻچا نانگ، ڪڏهن مور نه ٿيا هِن،
ڪميءَ کي اچن وار، اهو ناممڪن.
وڏا ۽ چڱا کوڙ، ڏٺا قوم قبيلي،
چڱن ۾ چنڊا چار، اهو ناممڪن.
وچن مون ڪيو يار، ڪبو بس هڪڙو،
هر جاءِ ڪيان يار، اهو ناممڪن.
اکين مان وهي نار، جڏهن ڳل تي ڪِرن ٿا،
تنهنجي نه اچي سار، اهو ناممڪن.
ڏسبو ته سرِ عام، ڏبو سر سنڌ تي،
حاڪم ٿي هڻان، ڊاڙ اهو ناممڪن.
حاجي خان ملاح
سڪرنڊ
ڪافي
چنڊ چهرو ڏسي، دل ٿي منهنجي چري،
پوءِ تڏهن کان پرين، منهنجي ناهي سري،
پڪ ڏي تون پرين، ڪڏهن ايندين وري-
جيئن پياسو فصل، طلب پاڻي ڪري،
تيئن تولئه دل، تنهنجو درشن گُهري،
پڪ ڏي تون پرين، ڪڏهن ايندين وري.
ٻير اُڪري ويا، اُڌما نڪري پيا،
دل مان دردن ڀريا، سور نسري پيا،
پڪ ڏي تون پرين، ڪڏهن ايندين وري.
توڏي تڪيو تڪيان، راهه جلوي ڏسان،
سڪ ۾ ساهه ٿي، سڏڪي سڏڪي ڏيان،
پڪ ڏي تون پرين، ڪڏهن ايندين وري.
ڍير ڏک جا ڏئي، وئين جُدائي ڪري،
تو سوا ڪيئن ’حاجي‘ جي جانب سري،
پڪ ڏي تون پرين، ڪڏهن ايندين وري.
عبدالغني’غني‘ هاليپوٽو
ثابت آباد
غزل
سڄڻ کي اکين ۾ ويهاري جيئان ٿو،
منجهان پوءِ اکين آب هاري جيئان ٿو.
رٺو رات راڻو اچانڪ اسان کان،
پيا پور آهن پناري جيئان ٿو.
سمونڊن ڪنا پڻ وڏو هي وڇوڙو،
اڃان موت مون کي نه ماري جيئان ٿو.
مٺا محب مرڪي ملين جن دڳن تي،
پَٽن تن پيارا ڀُڪاري جيئان ٿو.
ڪڏهن خواب ۾ شل اچين تون عجيبا،
رڳو هاڻ سپنن سهاري جيئان ٿو.
پون ياد پلپل پرين جون پچارون،
’غني‘ گوندرن ۾ گذاري جيئان ٿو.
ڀاءُ قاسم بيمثال
ڀاءُ ڀلا مڙئي مگر تون ڀاءُ قاسم بيمثال،
رمز سان راڻا هليو وئين راءُ قاسم بيمثال.
ڪين ڀريو خانزاده خاندان ۾ تنهنجو خال،
گُل گهڻا خوشبو ڏين پر ساءُ قاسم بيمثال.
ٿي صبح سانجهي ستائي سار تنهنجي ساهه کي،
جلد سپنن ۾ هلي تون آءُ قاسم بيمثال.
هيءَ دعا آهي ادا تون هُت هندورن ۾ هجين،
هيج مان حورون هڻن تو واءُ قاسم بيمثال.
وقت اوکي ۾ ’غني‘ ڀائر ٿين ٿا ڀرجهلا،
ڀاءُ ڀلا مڙئي مگر تون ڀاءُ قاسم بيمثال.
(وڏي ڀاءُ ادا قاسم جي وفات تي چيل)
ولي هنڱورو
کپرو
قبله سائين امين سائينءَ جي ورسيءَ تي
دل ٿي چوي توتان مٺا، جان پنهنجي گهوريان،
خواب ۾ جيڪر ڏسان، حال پنهنجا اوريان.
سال ويا سارا لنگهي، تون نه وسرين هڪ گهڙي،
تون محمد امين من اندر، ڏور ڪهڙو ڏوريان.
توکي وساري آءٌ ڇڏيان، خدا ڪري نه مون کي جدا،
گڏ آهين گڏ رهندين، سڪ جا سڳا پيو سوريان.
سڪندر شاه جي سالگره جو، جوڙ ٻئي جانب ڏٺم،
کل مک ٽهڪڙا ڏسي، اڄ جيءَ پنهنجو جهوريان.
اڄ نه آهن ٻئي، ٻٽ ٻئي ٻهڳڻ ڏٺم،
آيا ات ٻيا به هئا، ڪهڙي ترازو توريان.
فهيم تنهنجو فهم ۽ صبر ڪو توکان سکي،
دشمنن کي وست سمجهي، سي سڳا پيو سوريان.
ڏيئي ويو آهين اسان کي سهڻو سٺو جانب جميل،
سڪ ڏسي لاهي ’ولي‘ چپڙا پنهنجا پيو چوريان.
*
دل ٿي چوي يار سان ميلو هجي،
پر هو اُت صفا اڪيلو هجي.
وٺبو آهي دلو وڄائي متان اهو ڪو ڀيلو هجي،
يارن کي آزمائي ڇڏجي وقت تي متان نويلو هجي.
رهن تمنائون اهي اندر ۾ اچڻ جو وقت سويلو هجي.
آءٌ به ڪوڙو سنسار ڪوڙو هجي ڪپت ٻئي جهڙو ريلو
هجي.
سوچ ان ۾ ٻڏل ئي رهان ٿو، اٽو جنهنجي گهر ۾ نه
ويلو هجي.
ڪتا ڪارن ۾ چڙهيل ڏٺا مون، اگهاڙين پيرين البيلو
هجي.
غلامي ڪيان صرف محبت حسن جي، ’ولي‘ ان اڳيان جيئن
چيلو هجي. |