نور سنڌي
هالا
مخدوم
نويدالزمان ’نويد‘ سائين
سائين مخدوم نويدالزمان جي ولادت باسعادت 29-
اپريل 1965ع بمطابق 25 ذوالحج 1384هه تي ٿي. پاڻ
قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جا آخري نورچشم
هئا، سندن اذان جو نالو ميان لطف الله آهي ۽ کين
حضرت نوح سرور جي پاڪ نالي سان به پڪاريو ويندو
هو.
سندن
ابتدائي تعليم هالا شريف ۾ قبله مخدوم محمد زمان
طالب الموليٰ جي زيرنگراني ٿي، ان بعد ڪجهه وقت
ڪينٽ پبلڪ اسڪول ڪراچي ۽ اين.جي.وي اسڪول ڪراچي ۾
پڻ تعليم حاصل ڪيائون، سندن ڪوشش ته پي.ايڇ.ڊي ڪرڻ
جي هئي مگر سندن اُها جدوجهد تڪميل تي نه پهتي.
الله پاڪ کين حج، بيت الله جي سعادت نصيب ڪئي، پاڻ
ٻاهرين دنيا گهمڻ خاطر هندستان (جتي سندن خاندان
جا لاتعداد مريد ۽ معتقد آهن) ۽ برطانيه (لنڊن) جا
دورا پڻ ڪيائون.
کين گهوڙا پالڻ ۽ گهوڙيسواري جو پڻ گهڻو شوق هو،
پاڻ 10-12 سالن جي ڄمار ۾ سائين وڏن کي عرض ڪيائون
ته مون کي سفيد گهوڙو وٺي ڏيو، جيڪو کين عنايت
ٿيو، پاڻ هالا شريف ۽ اوسي پاسي جي علائقن ۾ گهوڙي
تي سفر ڪري ويندا هئا ۽ ساڻن گڏ ٻيا به دوست ۽
مريد خادم گهوڙن تي هوندا هئا. پاڻ اڪثر فرمائيندا
هئا ته مون ٻڌو آهي انگريز سرڪار گهوڙا ڌاريندڙ
ماڻهن سان ڍل ۾ به رعايت ڪندي هئي. پاڻ 100 کان به
وڌيڪ گهوڙا ڌاريائون ۽ انهن تي سواري ڪيائون، وٽن
جيڪي مشهور گهوڙا هئا انهن جا نالا بوسڪي (ناسي)،
سرخو (سفيد رنگ جو) سنهيو (جيڪو بعد ۾ امام
بارگاهه تي ڏئي ڇڏيو)، ڀوتيو، صدام، نينڍ، شاهه
پسند هئا. وٽن آخري وقت ۾ هڪ سائي سرخي رنگ جو
گهوڙو هو، جنهن کي ”سرخن“ چوندا هئا، پاڻ گهوڙن جي
ڊوڙ ڏسڻ اڪثر ويندا هئا ۽ صرف هڪ دفعو اسماعيل
شاهه جي ميلي ۾ گهوڙو ڊوڙايو هئائون، ورنه خاص طرح
گهوڙن جي سواري ته ڪندا هئا مگر ڊوڙ ۾ شامل ڪونه
ٿيندا هئا. سبحان الله جڏهن پاڻ پٽڪي ۽ اجرڪ سان
نج سنڌي لباس ۾ گهوڙي تي سواري ڪندا هئا ته سهڻا
شهزادا لڳندا هئا، ماڻهن جا انبوه کين پري کان
ڏسي پُڪاريندا هئا ته اجهو نوح فقير پيا اچن.
کين بئڊمنٽن، ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين سان گڏ والي بال
راند جو شوق هو، پاڻ والي بال جا بهترين رانديگر
پڻ هئا. پاڻ ”نويدالزمان اسپورٽس ڪلب“ ٺاهيائون،
جنهن جي زيرنگراني آل پاڪستان شوٽنگ والي بال
ٽورنامينٽ ڪرايائون. پاڻ تمام بهترين راند کيڏندا
هئا ۽ اُها ٽورنامينٽ سندن ٽيم کٽي هئي. جنهن جي
رپورٽنگ مون عبرت اخبار ۾ ڪئي ۽ مون کي شاباس
ڏنائون.
پاڻ 1981ع ۾ هڪ دفعي قبله مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ جن کي عرض ڪيائون ته مون کي موٽر سائيڪل
وٺي ڏيو، قبله سائين فرمايو ته اها محفوظ سواري نه
آهي ٻي ڪا فرمائش ڪيو ته پاڻ هارمونيم جي فرمائش
ڪيائون. مخدوم صاحب جن حاضري ملازم کي چيو ته اندر
جيڪو منهنجو هارمونيم پيو آهي، اهو نويدالزمان کي
آڻي ڏيو، اهو هارمونيم اڃان تائين موجود آهي.
هارمونيم وڄائڻ ۾ سندن پهريون استاد دلاور حسين
عرف پپو ميرجت آهي، جيڪو وري سينگار علي سليم جو
شاگرد هو، ان بعد خانصاحب تاراچند ڀٽ کان ڪلاسيڪي
راڳ ۽ طبلي جي تربيت ورتائون. ڪلاسيڪي راڳ خواه
سازن جي تربيت ۾ سندن ٻيا جيڪي استاد رهيا انهن ۾
استاد الطاف طائون ملتاني، امير علي ماڙيچو ۽ رشيد
خان ميواتي پڻ شامل آهن. هي سڀ فنڪار وٽن باقي
حياتي ۾ ايندا رهيا ۽ پاڻ سندن تمام گهڻي عزت ڪندا
هئا. کين سنڌي، اردو، پنجابي ۽ سرائڪي ڳائيندڙ سڀ
فنڪار پسند هئا. سندن ڪلاسيڪل ذوق تمام مٿانهون
هو، پاڻ ٻين فنڪارن سان گڏ استاد بڙي غلام علي خان
کي وڏي ذوق ۽ شوق سان ٻڌندا هئا. وٽن سنڌ جي سڀني
ڪلاسيڪن گوين ۽ خانصاحب راڳين جا رڪارڊ موجود هئا.
مخدوم صاحب تمام سٺي سُر ۾ پنهنجي نجي ۽ ذاتي
محفلن ۾ اڪثر ڳائيندا هئا. کين راڳ، سر ۽ لئه جي
نه صرف سڃاڻپ هئي بلڪه انهن آلاپن کان آگاهه به
هئا ۽ کين استاد ڳائڻن وٽان تربيت به حاصل هئي.
جيئن ته سندن خانداني ماحول ۽ قبله مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ جي تربيت مان ئي کين شاعري جو
شوق جاڳيو ۽ شاعري شروع ڪيائون، پاڻ قبله مخدوم
صاحب ۽ سائين جميل الزمان ’جميل‘ کان اصلاح
ورتائون. سندن ڪلام ڪنهن به رسالي يا اخبار ۾
اشاعت لاءِ نه ڏنائون. سندن خيال شاعري جو مجموعو
ڇپائڻ جو هو، جيڪو هن وقت سندن مواد ۾ موجود آهي.
البته سندن شاعري ڪافي فنڪارن ڳائي آهي، خاص طرح
شفيع محمد فقير ۽ فقير امداد علي ۽ ٻيا.
کانئن جڏهن سنڌي جي اول نمبر جي شاعر جو پڇيو ويو
۽ پاڻ فرمايائون حضرت ڀٽ ڌڻي کان پوءِ منهنجي راءِ
موجب حضرت قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
گذريل صدي جو وڏو شاعر آهي. اڃان به ايندڙ وقتن ۾
سنڌ جي صوفياءِ ڪرام ۽ سنجيده مڪتبئه فڪر جي ماڻهن
وٽ سندن ڪلام وڌيڪ مقبول ۽ منظور ٿيندو. سندن ٻين
پسند جي شاعرن جي فهرست ته طويل فهرست آهي مگر پاڻ
حمل فقير، سيد احسن الهاشمي، مخدوم محمد امين فهيم
۽ مخدوم جميل الزمان ’جميل‘ سائين جو ذڪر اڪثر
ڪندا هئا.
مخدوم نويدالزمان سائين اردو ۾ به شاعري ڪئي آهي ۽
سندن اردو غزلن جو هڪ البم شفيع محمد فقير جي آواز
۾ نشر پڻ ياد ٿيو آهي، کين ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام
پڻ هو، هڪ دفعي مون کين ذاتي ڪچهري ۾ گذارش ڪئي ته
ٿورو ڪوبه ڪلام جهونگاريو ته پاڻ منهنجي حجت ۽
گذارش تي لتا منگيشڪر جو ڳايل گانو ”گذرا هوا
زمانا آتا نهين دوباره“ شاندار طريقي سان
ٻڌايائون. ان بعد حضرت ڀٽ ڌڻي جو پرچن شال
پنهوار...... ۽ بعد ۾ قبله مخدوم سائين جو ڪلام
”مان دل جون ڳجهڙيون ڳالهيون ڀلا.... توکي نه چوان
ٻيو ڪنهن کي چوان“، انتهائي دردانگيز ڪيفيت ۾ ڳائي
ڪچهري تي وجد طاري ڪري ڇڏيائون.
مخدوم صاحب انتهائي حليم طبيعت جا مالڪ هئا.
پنهنجن ملازمن خواه مريدن سان سندن رويو سدائين
مهربانن وارو رهيو. اوڙي پاڙي جي ڏک سک ۾ هميشه
بروقت پهچندا هئا. غريبن مسڪينن جي سارسنڀال لهڻ
سندن خاص شيوو رهيو. سڀني يارن دوستن سان ڪچهريون
۽ اڪثر فون تي گفتگو خواه ميسيجن تي ياد ڪرڻ سندن
مشغلو رهيو. گفت و شنيد ۾ خانداني فضيلت، نشست و
برخواست ۾ شان ۽ شوڪت ته کين ورثي ۾ مليل هئي.
سندن شخصيت ۾ ايتري ڪشش هئي جو جيڪو به ساڻن هڪ
دفعو ملندو هو ته سندس پيار جي پيوند ۾ هميشه ٻڌجي
ويندو هو. پاڻ هالا شريف ۾ هوندا هئا ته روز حضرت
مخدوم نوح سرورؒ جي مزار مبارڪ تي حاضر ٿيندا هئا.
هالا لڳ ساداتن جي قبرستان ۽ حضرت امين محمد پکڻ
ڌڻيؒ جي ڌڪي (راهونڊ) به هفتي ۾ هڪ دفعو ضرور سندن
حاضري لڳندي هئي. منٺار فقير کاڻي واري جي ساليانه
عرس مبارڪ جي ٻن راتين واري محفلِ موسيقي جي
پروگرام ۾ به ڪڏهن ڪڏهن سڄي رات وڃي جلوه افروز
ٿيندا هئا. هميشه حق ڳالهه چوندا هئا. ڪوڙ، ٺڳي،
دوکي ۽ دولاب واري ماڻهوءَ سان سندن اصل ڪونه
پوندي هئي.
پاڻ گرميءَ جي مُند ۾ 24 جون 2014ع تي ڪاغان جي
واديءَ ۾ گهمڻ لاءِ پنهنجي فرزند مخدوم شفيق
الزمان عرف ’ديده ور‘ سائين سان گڏ ويا. سيف
الملوڪ ڍنڍ تي ويندي رستي ۾ جبل تي آڪسيجن گهٽ هئڻ
سبب کين ساهه جي ڳاهٽ ٿي ۽ ’ڪوما‘ ۾ هليا ويا ۽
سنگتين، ساٿين، مريدن ۽ معتقدن جا راڄ رئاڙي
پنهنجو دم مالڪ حقيقي جي سپرد ڪيائون.
اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
***
مخدوم نويدالزمان جي سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪيل ڪجهه
شاعري هيٺ ڏجي ٿي:
نظم
توکي اَذان ڏئي پاڻ مون نالو رکيو،
ٻانگ ٻڌندي پيارا تو هو ٿورو کِليو.
واهه ٿي وئي هي نظم بعد انتظار لکيو،
هي پڪ ڄاڻجو سڀ تي آ اختيار لکيو.
***
منهنجا مٺڙا الله ڪي حياتيون ڏي،
توسان هردم ڪندو ڪي باتيون ڏي.
با مراد مون کي منهنجون راتيون ڏي،
منهنجا موليٰ هاڻ دشمن کي ماتيون ڏي.
****
تنهنجي ايندي مون کي اِشارا مليا،
دلربا دوست ۽ دل وارا مليا.
تون ملئين مون کي جهڙا ڪي ڪنارا مليا،
حڪم مليا ۽ ڪيئين نظارا مليا.
****
توکي الله اهلِ قلم ڪري،
توکي الله اهلِ فهم ڪري،
پهريون نمبر کڻين الله ڪو رحم ڪري،
گڏ رهين مون سان فيصله اَهم ڪري.
***
تون جوان ٿيندين آڪسفورڊ ويندين،
خط ۾ مضمون موزون لکندين،
هي پڪ ڄاڻ گريجوئيٽ اتان هي ٿيندين،
پوءِ خدمتون تون مائٽن جون ڪندين.
***
ڇا به ٿي پئي اوهان جناب پڙهو،
پاڻ پڙهجي، ٻيا پڙهائيو ڪري خطاب پڙهو،
اوهان جي عمر جو ڪري حساب پڙهو،
نرسري ختم ٿئي هاڻ ڪو ڪتاب پڙهو.
***
پنهنجي مائٽ جو خاص خيال ڪجو،
ڀينرن ڀائرن سان قرب ڪو ڪمال ڪجو،
پنهنجي پيرين هلي مديني جو جمال ڪجو،
پاڻ کي پاڻ محنتن سان بيمثال ڪجو.
***
سهڻا ڪي دوست وفادار ملن توکي،
پيا رڳو توکي ڏسيو هو ته ڏسن توکي،
خوش ٿيو روز پيا کلن ۽ ملن توکي،
پنهنجو راهه روان ۽ راهرو چون توکي.
***
ماهرو آهين آفتاب ٿيندين،
ڪامياب ٿيندي تون جتي ويندين،
پاڪ ۽ صاف ٿي هليو هلندين،
نيٺ هڪ ڏينهن منزلن تي رسندين.
***
هي دعا توکي مون ’نويد‘ جي آ،
پنهنجي ميخاني ۾ چوندي اللهج اللهج،
خدمتون قوم جون ڪبيون بابا،
خوش ٿيان، جيڪڏهن محمّدؐ وٽان پي آ.
غزل
توتان جند جان نثار ڪريان،
ڪين توکي ڪڏهن بيزار ڪريان.
عشق جي ناموس رکڻي آ،
آه و زاري بار بار ڪريان.
ٿي سگهي ٿو هن کي ڳالهه وڻي وڃي،
ايترو اڄ کڻي انتظار ڪريان.
سڀڪجهه سمجهي به نٿو اچي هاڻي،
پوءِ بيوفا ۽ لاچار کيس شمار ڪريان.
وري بهار جي موسم مولى آهي آئي،
نئين بهار جي منزل نئه بهارِڪريان.
اکيون پوري هليو ويندس وڃي رَسندس،
ساقيءَ جو ديدار وري ٻيهارڪريان.
غزل
عنايتن تي عنايتون آهن،
مون سان دلبر جون ڳالهيون آهن.
ڇو خفا ٿي رهئين ويهي،
تنهنجون همراز باتيون آهن.
بيوفا ڪا خبر ڏيندو ڪر،
منهنجون آزيون نيازيون آهن.
ڇو ڀلا دور ٿو رهين مون کان،
ڪونه سهڻيون هي عادتون آهن.
پنهنجو هي هٿ کڻي ’نويد‘ ڪجي،
سخت ظلمت جون راتيون آهن.
***
ڇو حسينن ۾ وفائي ڪانه ٿي ٿئي،
ڇو حسينن کان نڀائي ڪانه ٿي ٿئي.
مونکي تنهنجو بنائي يڪدم ڇڏي وئي،
پاڻ کي يڪجا رکي وعده وفائي ڪانه ٿي ٿئي.
پنهنجي ڪا ڳالهه ڪجي ان تي وري پورو هجي،
سا ادائي باوفائي جانفزائي ڪانه ٿي ٿئي.
مون سان ملڻ ۾ هن کي ڪاوڙ نٿي لڳي،
ڪا ڳالهه هن کي سڀ کان لڪائي نه ٿي ٿئي.
محسوس مون ’نويد‘ وفا هن ۾ ڪئي آ،
هو وساري رهان، ويهڻ سان، ادائي نٿي ٿئي.
***
ديدار اڄ دلربا جو من، ٿي پوي حضور،
اکين جي آگ لئه ٿڌو، ٿي پوي حضور.
آئون به اوهان جو آهيان منهنجا ماهرو،
هن بيرخي مان ڪجهه ٻيو، ٿي نه پوي حضور.
ممنون تنهنجو قاصد مان عمر ڀر رهان،
ديدار جي ڪرائين پو ٿي پوي حضور.
اي محتسبو دور رهو ڇو ڀلا ڀلا،
پنهنجيءَ ۾ لڳو، منهنجو رڳو ٿي پوي حضور.
’نويد‘ آخر وصال ٿئي ٿو،
پو دير ڇا جي اچو ٿي پوي حضور.
***
ڏاڍي حسين غم سان قسمت لکيل آ منهنجي،
ڪنهن بيوفا صنم سان قسمت لکيل آ منهنجي.
پنهنجو به خود بنايئين پاڻ ئي جدائي بخشئين،
محبوب جي قلم سان قسمت لکيل آ منهنجي.
محشر ۾ سرخرو مان احمدؐ جي صدقي ٿيندس،
الله جي ڪرم سان قسمت لکيل آ منهنجي.
هڪڙي سان باوفا ٿي هن زندگيءَ ۾ رهبو،
جنهن جي ئي دم قدم سان قسمت لکيل آ منهنجي.
هجر و فراق، وحشتِ ديدارِ، اضطرابي،
سهڻي جي هر ستم سان قسمت لکيل آ منهنجي.
اي ’نوح‘ صبر سان ئي گذري حياتي ويندي،
هن عزم ۽ ڀرم سان قسمت لکيل آ منهنجي.
اردو
غزل:
ختم جب سارے
فسانے ہوگئے،
کتنے خوش پھر سب زمانے ہوگئے۔
قتل جب میری تمنا ہوگئے،
خوش ادا قاتل دیوانے ہوگئے۔
اُن کو جب میں نے سنائی سرگزشت،
حال اُس کے کیا نہ جانے ہوگئے۔
نور اوّل آپ کی ہان ہر شفاءِ،
وہ عطا کر جو بہانے ہوگئے۔
کیا بھلا سمجھوں اُنہین میں اے ’نوید‘،
اپنے تھے پھر کیوں بیگانے ہوگئے۔
***
آ پھر سے میرے ساتھی مجھکو گلے لگاؤ،
ارمان نہ تم سُلاؤ ارمانوں کو جگاؤ۔
احسان مند ازل سے میں تاعید رہوں،
چہرا نہ تم چھپاؤ آنچل ذرا ہٹاؤ۔
پھر عید پر ملوگے یا ملوگے تم،
وعدہ کیا تھا تم نے وعدہ وہ بھلاؤ۔
تیرے بغیر میرا کوئی نہیں علاج،
ہونٹوں سے اپنی مجھکو آ زندگی چلاؤ۔
اس کو بھلا رہا ہوں دل کی زبان سے،
بخشش ’نوید‘ کسی گرو نہیں ملاؤ۔
**
زلف تیرے گلے کا ہار ہے،
ہم بھی خوش فہمی کا شکار ہے۔
کچھ بھی ہو تم ضرور آؤگے،
آئے دن تیرا انتظار رہے۔
گر نہ آؤ تم پھر بھی پیارے لگو،
پیار تو پیار ہے پیار رہے۔
ہم و آغوش و ہم پیالا رہیں،
ایسی ہر رات بار بار رہے۔
میں روانا بہ طرف اصل ہوا،
تم نے روکا نہ اختصار رہے۔
تم ملاقات کے لیے آؤ،
موت پہ کیوں یہ انحصار رہے۔
عشق میں تیرے اتنا خوش ہے "نوید"،
عقل سے حق بہ دستبار رہے۔
***
رشک گُل جب وہ بن کے آئیگی،
موسم گُل چمن میں آئیگی۔
اب بہاروں میں ہٹی ملیں گے ہم،
یہ خزاں ہے چلی ہی جائیگی۔
خود وہ آئیگی یا بلائیگی،
معجزا یہ وفا دکھائیگی۔
جو نظر سے تیرے ہوئا تھا گھایل،
زندگی اُس کی بچ نہ پائیگی۔
خط کے آخر میں کیا لکھوں دلبر،
قاضي غلام علي
ٺٽو
سيد عظيم الدين شڪرالاهي ٺٽوي
سيد عظيم الدين ولد مير يارمحمد شڪرالاهي ٺٽوي مير
علي شير قانع ٺٽوي جو ڀائيٽو هو، سائينجن 1112هه
مطابق 1749ع ۾ جنم ورتو، مقالات الشعراء ۾ مير علي
شير قانع محمد روشن ذهين ٺٽويءَ جي تذڪري ۾ لکي ٿو
ته منهنجي ڀائيٽي مير عظيم الدين ٺٽويءَ جي ولادت
جي تاريخ انالـﮧ لحافظون مان نڪري ٿي جيڪا
قرآن شريف
1162
جي سوره الحجر آيت 9 ۽ سوره يوسف آيت 63 مان ڪڍي
وئي آهي، تاريخ تولد مير عظيم الدين برادر قبله
مکان مير يارمحمد صاحب، انالـﮧ لحافظون هن آيت
سڳوري جو پس منظر اهو آهي ته جڏهن حضرت يوسف عليه
السلام سندس ڀائرن کي ڏڪار ۾ اناج ڏنو، انهن کان
طلب ڪيائين ايندڙ سال اگر پنهنجو ماٽيلو ڀاءُ (بن
يامين) گڏ نه آڻيندو ته توهان کي اناج نه ملندو،
پوءِ يوسف جا ڀائر جڏهن حضرت يعقوب کان پنهنجو
ڀاءُ وٺي وڃڻ جو چون ته هن آيت سڳوري ۾ ان جي
حفاظت جو ذڪر اچي ٿو ۽ حضرت يعقوب عليه السلام
اللهج سٺو حفاظت ڪرڻ وارو آهي چئي
فرزند کي سندس ڀائرن سان گڏ موڪلي ٿو.
مير عظيم الدين پنهنجي چاچي جي زندگي ۾ شعر چوڻ
شروع ڪيا پر ان دور ۾ ڪمالات جي درجي کي اڃان نه
پهتو، مير عظيم الدين اڃا ننڍو هو ته سندس والد
وفات ڪري ويو. جنهنڪري سندس تعليم باقاعده طور نه
ٿي سگهي.
سندس مثنوي فتح نامه ۾ تحرير آهي ته:
نشد باب تعليم هاذا الصبي
کسـﻶ غير باب علوم النبي
يعني منهنجي عمر ۾ پيغمبري تعليم جو دروازو کليو،
يعني ته منهنجي ننڍپڻ ۾ پيغمبري تعليم کان علاوه
علم جو ٻيو دروازو نه کليو. ٺٽو ان وقت علم فضل
شعر و شاعريءَ جو گهوارو هو. مير صاحب فارسي شعر ۾
ڪمال حاصل ڪري مير بجار خان تائين رسائي حاصل ڪئي.
جيڪو ڪلهوڙن جي دور جو آخري امير هو، بجار خان مير
عظيم الدين جو تمام گهڻو قدر ڪيو، مير صاحب مير
فتح علي خان جي دور ۾ مثنوي فتحنامه لکي، جيڪا
1199هجريءَ ۾ تصنيف ڪئي وئي، (هير رانجها) جڏهن ته
مثنوي سيردل 1204 ۾ تصنيف ڪئي وئي، جنهن جي تاريخ
تصنيف مير غلام علي مداح ٺٽوي هن طرح ڪئي:
زهـﻶ مثنوي تحفه اهل بزم
عجب سيردل نامه نسخه زيبا
1240هه
مير صاحب جي عنايت سان سيد صاحب جي مالي حالت بهتر
ٿيندي وئي، مير صاحب 1208 ۾ هڪ عاليشان بنگلو
ٺهرايو، ان بنگلي جي تعمير ۾ ان جي عمراد مير غلام
علي مائل ولد مير علي شير قانع تاريخ قطعات لکيا:
زهي مکان آنک عجب سال تعميرش
عجب مکان زهي خوب قصر دل فرمود
ايضاً
چو هست بنگله مير عظيم الدين
عجب مکان عظيم، عجب نشان عظيم
دلم بفرده ابن خوش مکان عظيم
بگفت سال عزيمش عجب مکان عظيم
1208
تصنيفات:
سيد عظيم الدين جون تصنيفات سنڌي ادبي بورڊ مان
جيڪي شايع ٿيون آهن انهن جو ذڪر هيٺ ڪريون ٿا:
سندن هڪ اردو ديوان به ٻڌجي ٿو ۽ ممڪن آهي ته هيڏي
وڏي مصنف جون ٻيون به تصنيفات هجن پر انهن جو ڪٿان
ڪو پتو نه پيو آهي.
(1)
ديوان عظيم حسيني (فارسي) هن ديوان کي ڊاڪٽر غلام
مصطفيٰ خان (سنڌ يونيورسٽي) مرتب ڪيو آهي ۽ سنڌي
ادبي بورڊ مان شايع ٿيو آهي.
(2)
فتح نامه: مير فتح علي خان جي نالي سان مسنونِ
هيءُ فارسي مثنوي، جنهن جي تصحيح شير محمد نظاماڻي
صاحب (ٽنڊو قيصر) ڪئي آهي سنڌي ادبي بورد مان
1967ع ۾ شايع ٿي آهي.
(3)
مثنويات هير رانجها: بتصحيح و مقدمه، حفيظ
هوشيارپوري، سنڌي ادبي بورد (ڪراچي) طرفان 1957ع ۾
شايع ٿيل آهي، هن ڪتاب ۾ هيٺين شاعرن جون هن موضوع
تي مثنويون آهن:
(الف) عظيم ٺٽوي
(ب) ضياءالدين ٺٽوي
(ج) آزاد
(د) نواب ولي محمد خان لغاري
وفات: سيد عظيم الدين شڪرالاهي جي وفات
1229هه مطابق 1814ع ۾ ٿي، مير غلام علي ’مائل‘
سندس وفات تي هيٺيون قطع چيو جيڪو ”تڪملـة مقالات
الشعرا“ ۾ هن طرح درج ٿيل آهي:
روح القدس بسال وفاتش ز غيب رود.
گفتا ”بجا محب علي العظيم بود“
1229هه
مير عظيم الدين جي بنگلي جا نشان نيچل نگر وٽ جيڪو
رستو حضرت شاهه مراد شيرازي ڏانهن وڃي ٿو، اتي
2010ع تائين موجود هئا. هن بنگلي جي صحيح حالت ۾
هن دور جو آخري بزرگ سيد شاهنواز شاهه ولد سيد نجف
علي شاهه شڪر الاهي رهندو هو. بعد ۾ اهو بنگلو
صحيح سارسنڀال نه هئڻ سبب زبون ٿي ختم ٿي ويو.
راقم الحروف اڄ کان 30 سال اڳ اهو بنگلو زبون حالت
۾ ڏٺو.
مددي ڪتاب:
1)
تحفة الڪرام (سنڌي)، مير علي شير قانع، مخدوم امير
احمد، مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ.
2)
معيارِ سالڪان و طريقت، (سنڌي) مير علي شير قانع،
سنڌي ادبي بورڊ.
3)
مقالات الشعراء، (فارسي) ايڊٽ حسام الدين، مطبوعه
سنڌي ادبي بورڊ.
4)
ڪتاب ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، حسام الدين راشدي، سنڌي
ادبي بورڊ.
5)
ديوانِ عظيم، مير عظيم ٺٽوي، سنڌي ادبي بورڊ،
6)
فتح نامه سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ
7)
مثنوي هير رانجهه، عظيم ٺٽوي، سنڌي ادبي بورڊ
8)
تذڪره مشاهير سنڌ، دين محمد وفائي، سنڌي ادبي بورڊ
9)
’تڪملـة مقالات الشعرا‘ تاليف مخدوم محمد ابراهيم
خليل ٺٽوي، تصحيح و حواشي: سيد حسام الدين راشدي
(1958ع) سنڌي ادبي بورڊ.
مخدوم سليم الله صديقي
پاٽ شريف
مخدوم آفتاب احمد صديقي
مخدوم آفتاب احمد 5- جنوري 1925ع تي پاٽ شريف جي
علمي ۽ ادبي ماحول ۾ جنم ورتو. علم ۽ ادب سان
لڳاءَ سان گڏ سرڪاري عهدن تي پڻ رهيا. پاڻ اسسٽنٽ
مختيارڪار ميهڙ ۽ دادو کانسواءِ مهل ڪار ٽنڊو بولا
خان 1965ع ۽ بحيثيت مختيارڪار ڳڙهي ياسين ۾ 1970ع
کان 1972ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائون. جنهن کان
پوءِ 1973ع تائين سڪرنڊ ۾ رهيا. جنهن بعد ايڊيشنل
سٽي مئجسٽريٽ حيدرآباد مقرر ٿيا. پاڻ 30- اپريل
1980ع ۾ وفات ڪيائون ۽ پنهنجي پٺيان ٻه فرزند
اعجاز ۽ اشفاق کانسواءِ چار نياڻيون ڇڏيائون. سندن
وڏي نياڻي منصوره ڊاڪٽر آهن، جڏهن ته ٻيو نمبر
شگفته ايڊيشنل سيشن جج حيدرآباد طور خدمتون
سرانجام ڏئي رهي هئي جو ڪنهن بيماري سبب حياتي
ساڻس وفا نه ڪئي ۽ تازو ئي وفات ڪيائين. جڏهن ته
سندن ٽيون نمبر نياڻي محترمه فرح ناز ناز پروفيسر
طور زبيده ڪاليج حيدرآباد ۾ خدمتون سرانجام ڏئي
رهي آهي. جڏهن ته چوٿين نياڻي زيب النساءِ
اليڪٽرانڪس ۾ ماسٽرس آهي.
آفتاب صاحب عشقِ رسولؐ ۾ ڪيتريون ئي نعتون تحرير
ڪيون، جن مان ڪافي سندس ڀائٽي مخدوم سڪندر صديقي
پاٽائيءَ پنهنجي ذاتي علمي ذخيري ۾ محفوظ ڪيون، جن
مان ڪجهه نموني طور عام لاءِ اڳيان آڻجن ٿيون:
نعت مبارڪ
( 1 )
هوائون وجد ۾ آهن، فضا اڄ خوشگوار آهي،
زمين و آسمان تي ڪيف جو هلڪو خمار آهي.
شجر، برگ و ثمر، غنچه جي دامن، گُل جي عارض کي،
ڏنو قدرت جي صانع حُسن جو نقش و نگار آهي.
لڳو ڪونين جي محفل ۾ غاليچو زُمُرُّد جو،
اِرم ٿي ڪائنات آهي، فَضا ٿي لاله زار آهي.
گلاب افشان زمين ٿي ۽ زمن تي زر فشاني ٿي،
وڌيو وقتِ نشاط انگيز ۾ سڀ جو وقار آهي.
وسِي ڇَٽ بادلن جي ڪاڪلن مان مشڪ و عنبر جي،
سٿيو سُرهاڻ سان گهوارهِء ليل و نهار
آهي.
خدائـﻶ
لَم يَزَل خُلدِ برين بخشيو خدا ئي کي،
کُليو بابِ ڪرم شانِ ڪريمي آشڪار آهي.
اُفق شفاف ٿيو، وُسعت ملي رنگين نظارن کي،
شفق گلفام ٿيو، شام و سحر تي رنگِ يار آهي.
ٿيا شاداب برپٽ، زندگي تي دلڪشي ڇانئي،
حيات اندر حيات آهي، بهار اندر بهار آهي.
صدف هيرا گهُر آڇيا، صبا خوشبو کڻي آئي،
توّلد اڄ ٿيو جو دوجهان جو تاجدار آهي.
اکين ڪئي مرحبا ۽ رهگذر فردوس ٿي چمڪيا،
جتي شاهِ اممؐ جي شهسواري جو غبار آهي.
پکين ڳايو، گل و گلزار ٻَهڪيا، رقص شبنم ڪيو،
شـﮧ لولاڪؐ جو خوشنود فطرت خيرمقدم ڪيو.
( 2 )
ٿيو صَلِّ عليٰ جو غُل محمّدؐ جي وِلادت سان،
مُطَهَّر جسم ٿيو تسنيم و ڪوثر جي لطافت سان.
ستارن جي لبن تان حمدِ باري تعه جون اٿيون موجون،
مخاطب ٿيا ملائڪ نظمِ قدرت جي فصاحت سان.
قطارِ اَنبيا سلڪِ گهُر جئن باصفا بيٺي،
اڳيان ٿيو مصطفيٰؐ لعلِ بدخشان جي وَجاهت سان.
شهاڻا ويس پهري شاد ۽ مسرور ٿيون حوُرون،
ڍڪي محبوب مرسلؐ جي اَدا اَنوارِ رحمت سان.
قدم بوسي ڪئي جبرئيلؑ اِن پر ذاتِ اطهر جي،
لڳن شبنم جا موتي جئن گلِ خندان جي نَگهت سان.
اُتاري چنڊ جي مسحور ڪرڻن سنگِ اسود تي،
محمّدؐ جي ثنا لولاڪ جي قدسي عبارت سان.
جُهڪيو باطل جو سر، بي زور شرڪ و بت پرستي ٿي،
فسانه وهم جا سڀ ٿيا فنا سيلابِ وحدت سان.
ٿيو اظهار حق جو، رازِ خِلقت جي اشاعت ٿي،
عيان نورِ ازل ٿيو آدمِ خاڪي جي صورت سان.
خزان جو دور ويو، اُجڙيل چمن جي آبرو آئي،
خس و خاشاڪ ٿيا معمور پيغامِ مُسَرَّت سان.
مبارڪ! سيّدِﷺ
ڪون و مڪان تشريف فرما ٿيو،
مبارڪ! خاڪِ بطحا تر ٿي خوشبوئي رسالت سان.
وساڻي آتشِ فارس، ترا طاغوت جا نِڪتا،
سُڪي سا وه جي بهر ۽ ڪاخِ ڪِسريٰ جا ڪريا ڪنگرا.
( 3 )
لَٿا ذوقِ تڪّلم تي رخِ پُر نور جا جلوه،
سحر جي نور جي آڏو کليا غنچن مٿي غنچا،
قلم آهي سنڀاليو تختِ شوڪت شاخِ طوبيٰ جو.
زبانِ ڪمترين کي ڪيا عطا عشقِ نبيؐ رتبا،
ثنا سردارؐ جي ٿي زيب ور اوراقِ قرآن تي،
فضائي صبح تي جئن جلوه گر فصلِ گل و لاله.
نظر مڪّي تي اڄ سلطانِ مازَاغَ البَصَرُ جي پئي،
دو عالم شوقَ آرائش ۾ پاتو گوهرِ يڪتا،
محمّدؐ صاحبِ قرآن، محمّدؐ قائدِ ذي شان،
محمّدؐ فهم جو مالِڪ، محمّدؐ علم جو آقا،
محمّدؐ بخت جو پايو، محمّدؐ سڀ جو سرمايو،
محمّدؐ قوّتِ اعليٰ، محمّدؐ نِعمتِ عُظميٰ،
محمّدؐ شانِ محبوبي، محمّدؐ آنِ مطلوبي،
محمّدؐ حُسنِ بحر و بر، محمّدؐ فيض جو دريا،
سَحابِ فيض و فحمت، سورتِ وَ الَّيلِ تي گيسو،
سراپا سورتِ وَ الشَّمسِ جي زينت رخِ زيبا،
عجم اڄ عندليب آهي سندس نغمه سرائي جو،
عرب ڳائي رهيو آ آمنه رضه جي لال جا سهرا،
گُلن وانگر جتي جهولو لڏي ٿو شاهِ خوبان جو،
مبارڪ آهه سا بستي، مبارڪ آهه سو صحرا،
ندا آئي ته عطرِ جانفزا خِلقت تي ڇڻڪايو،
جو رفعت تي دُرودِ رَحمت لِلعالمينَ آيو.
( 4 )
بلند انسان جي ادراڪ کان درجو محمّدؐ جو،
هلي افلاڪ جي بُرجن تي ٿو سِڪو محمّدؐ جو.
نه خال و خط سندس محتاج ڪنهن طرزِ نگارش جو،
چِٽي ڪهڙي طرح نوڪِ قلم نقشو محمّدؐ جو.
تخّيل آهه بي پر، عقل و دانش بي بِساط آهي،
جتي فرمان روائي ٿو رکي رُتبو محمّدؐ جو.
قريشي، هاشمي، مينار تهذيب و فضيلت جو،
نسب اهڙو نجيب ۽ نام آ سهڻو محمّدؐ جو.
تجّمل قَاب قَوسَيني، تَبَحِرُّ قلبي و عيني،
عجب اَنداز سان جود و ڪرم ڇانيو محمّدؐ جو.
ڪمالِ آدمِ خاڪي، جمالِ مصطفيٰؐ آهي،
جمالِ خالقِ ارض و سما جلوه محمّدؐ جو.
ڪيو شَق القَمَر دينِ مبين کي جابجا روشن،
شبِ اَسريٰ جي اَبرن کي مليو عشوه محمّدؐ جو.
نشانِ آشنائي مرڪ تي خوبي مـؤدّت جي،
طريقِ خوش نما، خُلقِ عظيم، اُسوه محمّدؐ جو.
قلم جي ناز سان آيو جو اُمّي بزمِ اِقرا ۾،
ته بامِ علم تي چمڪيو مِٺو نالو محمّدؐ جو.
مقدّر جا سُڪل شاخ و شجر سرسبز ٿي اُسريا،
ميّسر نيٺ ٿيو انسان کي سايو محمّدؐ جو.
منوّر جنهن ڪيا ايمان جا عنوان، سلام اُن تي،
سراسر صاحبِ احسانِ بي پايان، سلام اُن تي.
شانِ رسولؐ
ڪنهن به انسان تي اکيون ٻوٽي ڀروسو ڪيم ڪر،
هڪ محمّد مصطفيٰؐ کي رهنما تسليم ڪر.
سانڍ سيني جي اندر احوال اُن جي شان جو،
جا خلاف ان جي هجي تحرير سا دونيم ڪر.
جو مٿي لوح و قلم کان ۽ اَزل کان محترم،
دل جي گهراين سان تنهن سردار جي تعظيم ڪر.
ڳاءِ ڳڻ تنهن جا ڏنو اخلاق جنهن انسان کي،
زندگي ڀر عام اِن احسان جي تعليم ڪر.
ذات اقدسؐ جي تصّرف جو نه ٿي بي اعتقاد،
عاقبت ڏي ڪر نظر اِن خيال جي ترميم ڪر.
شل سندس اُلفت جي سڀ کي ٿئي فراواني نصيب
ترت يارب! اهڙو ڪو ذوقِ طلب تقسيم ڪر. |