راز علي گل ڀٽو
گمبٽ
ايوان لطيف کان الفرقان تائين
سنڌ ۾ ڪي اهڙا سخي، علم دوست انسان به پيدا ٿيا
آهن، جن ذاتي طور تي هڙا وڙان همٿ ڪري اهڙا خيراتي
علمي ادارا قائم ڪيا آهن، جن مان معاشري جو هر فرد
فيضياب ٿيندو رهي ٿو. انهن ادارن ۾ تعليمي، هنري،
شفاخانه، مسافرخانه، کوهه، نلڪا ۽ وڏا وڏا ڪتبخانا
اچي وڃن ٿا. سنڌ ۾ ڪتبخانن جي تاريخ ته نهايت
پراڻي آهي، مگر ويجهڙي ماضيءَ ۾ به ڪافي سرڪاري ۽
انفرادي ڪتبخانا قائم ڪيا ويا آهن.
انهن ادارن مان هڪ ادارو جيڪو انفرادي ڪوششن تحت
قائم ڪيو ويو آهي. اهو اول ته ايوان لطيف جي نالي
سان هو. ننڍڙي جاءِ ۾ جوڙيو ويو، جيڪو پوءِ وڌيڪ
الفرقان جو نالو اختيار ڪري ويو. هن اداري کي اول
ايوان لطيف جي نالي سان فقير امان الله ماڪو نالي
هڪ علم دوست شخصيت ربنواز ماڪا ڳوٺ نزد بورڊ آفيس
شڪارپور روڊ سکر ۾ قائم ڪيو. ماڪا صاحب علم جو
شيدائي هجڻ ڪري، علم دوست ۽ علم نواز احبابن جي
ڳولا ۾ رهندو هو. جيئن ته پاڻ کي ڪمشنر آفيس سکر ۾
سٺي نوڪري هئي، جنهنڪري سندن روزانو علم دوستن سان
لهه لڳاءُ گهڻو رهندو هو، شروعات ۾ هڪ ڪمرو ايوان
لطيف جي نالي سان لطيفيات جي حوالي ڪيائون، جنهن ۾
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مختلف رسالن کان علاون
لطيف متعلق هر تحرير کي سهيڙيو ويو. ان کان اڃان
به گهڻو اڳ ۾ ان اداري کي گنج لطيف ۽ الحمرا هائوس
هولڊ لائبريري به سڏيو ويو. ڀٽائيءَ جو گهڻي ڀاڱي
هر رسالو هن ڪتبخاني ۾ موجود آهي. اڄ سوڌو گنج
لطيف لاءِ تحريرون ۽ رسالا گڏ ڪري محفوظ ڪيا ويندا
آهن. جنهن مان هر قاري فيض حاصل ڪري ٿو. هيل
تائين لطيفيات متعلق ڪافي مواد گڏ ٿي چڪو آهي.
جڏهن فقير امان الله ماڪو 2010ع ۾ نوڪريءَ جي قيد
مان آجو ٿيو ته پنهنجو وقت ۽ بخت يعني تن من ڌن
سميت هن اداري جي سيوا لاءِ ڪتب آڻڻ لڳو. هونئن ته
هن اداري جي قيام جو سال 1999ع آهي، جيڪو نو سؤ
چورس فوٽن جي ايراضيءَ تي تعمير ٿيل عمارت جي هڪ
منزل تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هڪ وڏو هال آهي، جنهن ۾
الفرقان ريسرچ انسٽيٽيوٽ اينڊ ميوزم به قائم آهي.
هيل تائين هن اداري ۾ (900) نو سـؤ کان مٿي ناياب
قرآن پاڪ جا نسخا موجود آهن، هي ادارو تحفي طور به
قرآن پاڪ هديو ڪندو آهي، عشقِ لطيف ۽ عشقِ قرآن
سان سرشار ماڪو فقير ڏينهن رات هن اداري جي سيوا
ڪري ٿو. هيل تائين اسي لک ماليت جا 15000 پندرهن
هزار قرآني نسخا ورهائجي چڪا آهن.
هن اداري ۾ هڪ ناياب قلمي قرآني نسخو به موجود
آهي، جنهن جي هزارين ماڻهو زيارت ڪري چڪا آهن، ذوق
قرآن ۾ ڪيترن ملڪن جي عالمن سان هر وقت رابطو رهي
ٿو، جن کان ڪيترن زبانن جي ترجمن وارا قرآني نسخا
تحفي ۾ ملن ٿا. هن وقت سٺ زبانن ۾ ترجمي وارا
قرآني نسخا اداري ۾ موجود آهن، اداري سان مختلف
ملڪن ۾ رهندڙ دوست، پائلٽ، اسٽيورڊ، سياح، نوڪريون
ڪندڙ به قرآن گڏ ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا. ماڪو فقير پاڻ
به هديو ادا ڪري قرآن جا نسخا حاصل ڪندو آهي، خاص
طور تي محترم سسئي پليجو، مولانا عبدالوهاب چاچڙ،
مولوي محمد ادريس ڪنڊياروي، آغا نور محمد پٺاڻ،
نوراحمد ميمڻ سنڌيڪا وارو، عبدالعزيز عقيلي، سيد
صفدر علي شاهه ۽ چاليهن کان مٿي شاگردن جون ٽوليون
ادارو ڏسي چڪيون آهن.
هن وقت تائين هن اداري جي واڌ ويجهه تي ٻن ڪروڙن
کان وڌيڪ لاڳت اچي چڪي آهي. عشقِ قرآن سان سرشار
گهر جا سڀ ڀاتي گڏجي روزانو جي بنياد تي هن اداري
جي سيوا ۽ سنڀال ڪندا آهن. ان لاءِ الڳ ڪوبه ملازم
رکيل ناهي. هيءُ ادارو چويهه ڪلاڪ کليل رهي ٿو، اڌ
رات جو به هيءُ ادارو ڏيکاريو ويندو آهي. تبليغي
جماعت سان ايندڙ غير ملڪي، شام، مصر، تيونس، عراق
سعودي عرب جا ماڻهو، گلگت، چترال، سوات ۽ ڪي.پي.ڪي
کان به سياح هي ادارو ڏسڻ ايندا آهن. درس ۽ تدريس
لاءِ مسجد شريف ۾ ٻارن لاءِ الڳ انتظام آهي، جيئن
ته هيءُ نازڪ ڪم آهي، جنهنڪري معصوم ٻارن کي ان
کان پري رکيو ويو آهي، صفائيءَ سٿرائي جو ڪم نهايت
پاڪائيءَ سان گهر جا ڀاتي وڏي عشق سان ڪندا آهن.
ان لاءِ الڳ ڪوبه ڀنگي رکيل ناهي. هن اداري ۾
تحقيق لاءِ ايندڙن خاطر انتظامات آهن، ڊاڪٽر محمد
اسماعيل ميمڻ ٽنڊو باگو واري اداري جي سهڪار سان
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ جي نسخي نورالقرآن تي
پي.ايڇ.ڊي ڪئي آهي. 2015ع ۾ پهريون ڀيرو سکر ۾
اسلامي قرآن نمائش رمضان المبارڪ ۾ هن اداري پاران
ٻن ڏينهن لاءِ لڳائي وئي، جنهن جو افتتاح ان وقت
جي سيڪريٽري ثقافت سعيد احمد اعواڻ ڪيو هو، هن
اداري جو ماهوار خرچ سٺ کان ستر هزار روپيه آهي،
جيڪو فقير ماڪو صاحب برداشت ڪندو آهي. هن اداري جي
وسعت ايتري آهي، جو هڪ ئي وقت ٻه سـؤ ماڻهو ڏسي
سگهن ٿا، ايندڙ عالم ۽ ڪامورا بورڊ ٺاهڻ جون
صلاحون ڏيندا آهن، مگر ماڪو فقير ائين مناسب نٿو
ڄاڻي، هن اداري جي اها پيشڪش آهي ته جيڪو ماڻهو هن
اداري تي ايم.فل يا پي.ايڇ.ڊي ڪرڻ چاهي ته ٻن کان
ٽي هزار روپيه اعزازيو کيس ڏنو ويندو. هن اداري تي
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ايم.فل ۽
پي.ايڇ.ڊي ڪرائي ٿي، ادارن کي به قرآني نسخا ناول
آهن، سياح چين ۾ رهندڙ محافظن کي به تحفا قلمي
نسخا ڏنا ويا آهن، روس جي ٽيهن عالمن کي اداري
قرآني تحفا ڏنا آهن.
مدينه قرآن ڪامپليڪس مدينه جو تعاون قرآني نسخن
موڪلڻ ۾ تعاون رهندو آهي، جتان ڪافي قرآني نسخا
ايندا آهن، هن اداري سان پاران ڪيسيٽ قرآن به
ورهايو ويندو آهي.
هتي هڪ قديم قلمي نسخو آهي، جيڪو هڪ سئو پنجهتر
سال پراڻو آهي، نورالقرآن تي جيڪا پي.ايڇ.ڊي ٿي ۽
ان تي جيڪا ٿيسز لکي ويئي ان جي مهورت هن اداري ۾
ٿي هئي.
مختلف وقتن تي جناب رسول بخش پليجو، سيد خورشيد
احمد شاهه، عزيزالله ٻوهيو، فتاح ملڪ، ادل سومرو ۽
اياز گل به هن اداري ۾ آيا آهن. ماڪا ڳوٺ ۾ لطيف
جو لوڙهو به آهي، جنهن ۾ هڪ اوتارو هو، جنهن ۾ وڃڻ
ڪري ماڪو فقير لطيف جو شيدائي ٿيو. سندس چواڻي ته
اتي ديدار فقير ميواتي رهندو هو، هونئن ته هُو
پنجابي هو پر کيس لطيف سائينءَ جو رسالو ياد هو.
ان فقير کي ڏسي ٻڌي لطيف شناسي جو شوق ٿيو، اهو
وقت 1984ع جو آهي.
جڏهن کان لطيف شناسي شروع ٿي، جنهن کان پوءِ قرآن
آگاهي ڏي راغب ٿيس، ان کان علاوه حجاز مقدس جا
ڪيترائي تبرڪات جهڙوڪ غلاف ڪعبه، وادي حجاز، جبل
نور جا يادگار پٿر به ميوزم ۾ موجود آهن. هن اداري
۾ چار گيلريون قائم آهن. جن ۾ سيرت النبي، حاجي
مولوي احمد ملاح گئلري، لطيف گئلري، ۽ قرآن حڪيم
جديد سائنس اسلامي ۽ ثقافتي گئلري، ايندڙن جي
دلچسپي جو مرڪز رهن ٿيون. اداري ۽ ماڪا فقير کي
مختلف ادارن ۽ شخصيت پاران ڪافي ايوارڊ ۽ سَندون
به مليل آهن. هن اداري جي معلومات تائين تُرت
رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ مفصل ڪئٽلاگ تيار ٿيل آهي،
جيڪو هر زيارتيءَ جي رهنمائي ڪري ٿو، هن اداري جي
ترتيب ۽ سنوار ۾ مشهور اديب ۽ مصور قاضي خضر حيات
جا مفيد مشورا ۽ رهنمائي شامل رهي آهي، ٻاهتر سالن
جي عمر ۾ به فقير امان الله ماڪو هن اداري سان
جيءَ سان جڙيل آهي.
حوالو: 1. ذاتي مشاهدو، 2. فقير امان الله ماڪو جي
زباني معلومات.
محترم امان الله ماڪو جي سکر ۾
قائم ڪيل ’الفرقان‘ گئلريءَ جون تصويرون
لعل بخش جسڪاڻي
حيدرآباد
جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو نينهن جو
محترم دوست مدد علي سنڌيءَ
کي مون گھڻا سال اڳ ۾ حيدرآباد جي ادبي ميڙاڪن ۾
ڏٺو ۽ پوءِ
جڏھن سنڌ يونيورسٽيءَ
۾ شاگرد ٿيو
ته
سائين ظفر حسن جي معرفت ڄاڻ سڃاڻ ٿي.
آءٌ
ان وقت استاد ھئس ۽ شيخ اياز وائيس چانسلر ھو. مدد
علي
گھڻو متحرڪ شاگرد اڳواڻ سياسي سرگرمين ۾ اڳڀرو شيخ
اياز ۽ ظفر حسن سان تمام ويجھو. ڪامريڊ چي
Che جھڙي ڪاري ڏاڙھي
ڪڻڪ رنگو بدن ۾ ڀريل چھري ۾ اھڙي ڏيا جھڙو شينھن
مڙس،
خاموش طبيعت قومي سياست جي سفر ۾ مست الست: سڪ
ٻڌائين سندرو،
جانب ڪاڻ جڙي.
ياد اچي ٿو ڀٽ شاھ تي شيخ اياز جي آخري رسمن ۾ سنڌ
جا ننڍا وڏا اديب موجود ھجن ۽ ڏاڍو سوگوار ماحول
سنڌ جي مھان ڪوي جي وڇوڙي جي صدمي ۾
سڀني جا چھرا گھڻو اداس ۽ ڏک ۾ ورتل ھئا. ڪنھن
اديب ڪا ڳالھ چئي ته
اوچتو مدد علي شينھن جھڙي گجگوڙ ڪري ان کي ڇڙٻيو
سڀ ماٺ ٿي ويا ڪنھن به ورندي ڪا نه
ڏني ان ڪري جو مدد علي صحيح ھو. مون پھريون دفعو
مدد عليءَ
جي ڪاوڙ ۽ رعب
ڏٺو ۽ ويساھ آيو ته
ھُو
سچو پچو شينھن مڙس آھي. يونيورسٽيءَ
۾ قومي سياست جي سفر ۾ اڙانگي پنڌ ۾ اڳتي وڌي نالو
پيدا ڪيو. تعليم اڌوري،
روپوشيون جيل ڪيئي ڏک ۽ تڪليفون ڏسي اڳتي وڌي
صحافت ۾ پير پائي ڏھن اخبارن ۽ رسالن جو ايڊيٽر ٿي
ڪم ڪيائن. صحافت ۾ نھايت عزت ۽ وقار اعلي انتظامي
صلاحيتن جي واکاڻ ٿي ۽ ڪڏھن پنھنجي خوبصورت قلم جو
سودو ھرگز نه
ڪيائين،
جيڪي سندس اعلي ڪردار, ڪمٽمينٽ جي سونھن,سينگار
صحافت
جي ڪيريئر ۾ سچو ۽ بي ڊپو ٿي ڪم ڪري پنھنجي منفرد
شخصيت ۽ سڃاڻپ ٺاھي،
جيڪي ھن جي فھم فراست قابليت ۽ اعلي ذھانت جو مثال
آھي.
’اڳتي
قدم‘
رسالي کيس صحافت ۽ سنڌ دوستيءَ
جي جذبن پاڻ ارپي مان ۽ مرتبو حاصل ڪيائين. وجوديت
جي ڪھاڻين, شاعري, وڏن اديبن جي ڪتابن جا تفصيلي
مھاڳ ۽ اياز شناسي جھڙي اعلي ادبي ڪم وسيلي پنھنجي
ھمعصرن
کان الڳ ٿلڳ جاءِ
ٺاھي سنڌي نثر ۾ پاڻ کي شھزادي طور مڃرايو. مدد
علي سنڌي جي ادبي ڪارنامن ۾ ادب رومانس تاريخ سنڌ
۽ انسان دوستي تصوف ثقافت مٿ
Myth ۽ لوڪ ادب جو
منفرد ذائقو ملي ٿو.
ھُو
سڀني مذھبن جو احترام ڪري ٿو،
نفرت تعصب کان پري سھپ
عالمگيريت برابري انصاف پيار ۽ امن ۾ ويساھ رکي
ٿو.
مددعلي سنڌي ٿڌين ھوائن،
منگھن واري شھر ۽ سنڌ جي تاريخي ۽ ثقافتي مرڪز ۽
دل حيدرآباد ۾ 1950 ڌاران ھڪ صوفي منش الله بخش
قريشي جي گھر ۾ جنم ورتو،
جيڪي شھر جو سکيو ستابو گھر ۽ روايتي مھمان نواز
سنڌي ھئو. حيدرآباد ۾ سندس ڪشادو گھر وڏن اديبن ۽
شاگرد دوستن لاءِ
ھروقت کليل رھندو ھو ۽ روايتي سنڌي اوطاق ھئي جنھن
۾ ماني کان سواءِ
سندس والده
ضروتمند ڇوڪرن کي ڀاڙو خرچ به
ڏئي ڇڏيندي ھئي. مدد عليءَ
جي والد صاحب جو علامه
صاحب ۽ سندن خاندان سان ويجھو تعلق ھجڻ ڪري کيس
ننڍپڻ کان علامه
صاحب ۽ ان جي خاندان بابت ڪيتريون ڳالھيون
ٻڌائيندو ھو. مثال طور امام علي قاضي صاحب علم ادب
شعر ۽ شاعريءَ
جون محفلون ۽ مشاعرا پنھنجي ڳاڙھن سرن واري ڪشادي
گھر تي گھڻو ڪري ڪندو ھو،
جنھن ۾ ننڍڙو امداد علي شامل ٿي وڏي دلچسپيءَ
سان علمي گفتن ۽ شاعري ٻڌندو ھو. تنھنڪري مدد علي
ننڍپڻ کان علامه صاحب جي شخصيت کان گھڻو متاثر ھو.
مدد عليءَ
جي روايتي اَباڻي
گھر تي وڏن اديبن جا به
ميلا ھئا،
تنھنڪري
شيخ اياز،
غلام رباني آگرو تنوير عباسي،
آغا سليم ظفر حسن ۽ ٻيا ڪيترا اديب سندس ڪشادي
دسترخوان تي مدد علي سنڌي ميزبان طور ھر وقت موجود
رھندو ھو. تازو
2021ع
۾ سندس ٻه
لاجواب ڪتاب علامه آءِ.آءِ
قاضي شخصيت ۽ حياتيءَ
جو احوال،
سنڌ ڪلچر ڊپارٽمينٽ طرفان ۽ ٻيو ڪتاب انگريزيءَ
۾
The Forgotten Hero of Sindh Duleh Darya Khan
محمد ابراھيم ٽرانسليشن بيورو
ڪلچر ڊپارٽمينٽ طرفان ڇپيو آھي جنھن ۾ 20 بيمثال
مختلف عالمن اديبن جا لکيل مقالا شامل آھن. ھي
ڪتاب مدد علي جو
Compilation تاليف
ڪيل آھي.
علامه
صاحب جي جامع ۽ مستنعد
سوانح حيات نه
ھجڻ ڪري سال 2017ع
کان مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. سيد سردار علي شاھ کيس
علامه
صاحب تي ڪتاب لکڻ لاءِ
تمام گھڻو اُتساھيو.
اڪبر لغاري صاحب به
زور بار ڪندو رھيو. ڪتاب ڇپائڻ ۾ مٿين صاحبن ۽
ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي ٻين دوستن تمام گھڻو تعاون ڪيو.
علامه
صاحب جا وڏڙا پاٽ کان لڏي ميان غلام شاھه
ڪلھوڙي جي وقت ۾ اچي حيدرآباد ۾
آباد ٿيا،
جنھن ھن عظيم شھر کي گادي جو ھنڌ بڻايو.
امام علي قاضي حيدرآباد جي معزز خاندان سيٺ محمد
حافظ جي نياڻي سان شادي ڪئي،
جنھن مان امداد علي قاضي 9 اپريل 1886ع
۾ فقير جي پڙ مائي خيريءَ
جي مسجد جي سامھون ڳاڙھي پٿر ۽ سرن جي شاندار
ڪشادي حويليءَ
قاضي امام علي جي گھر ۾ جنم ورتو،
جيڪو سر بارٽل فريئر جي وقت ۾ مختيارڪار مقرر ٿيو
ھو. ننڍڙي امداد علي گھر ۾ آخوند عبدالعزيز
کان خانگي طور قران شريف ۽
فارسيءَ
جي تعليم ورتي بعد ۾ ھوپفل ھائي اسڪول 1996ع،
سنڌ مدرسي مان ڪجھ وقت تعليم ورتي. سنڌي فائنل
1905ع
۽ بمبئي يونيورسٽيءَ
مان ميٽرڪ 1906ع
۾ پاس ڪئي. ڪجھ وقت لاءِ
عليڳڙھ پڻ ويو. 1907ع
۾ اعليٰ
تعليم لاءِ
پنھنجي ويجھي عزيز عبدالقادر حافظ ۽ سيد علي محمد
شاھ سان گڏجي لنڊن ويو جتي لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس
۾ ايڪانامڪس،
ڪنگس ڪاليج ۾ فزڪس،
بائلاجي ۽ لنڪنز ان مان بار ايٽ لا 1911ع
۾ پاس ڪئي. علامه صاحب لنڊن جي ٽرين ۾ ايلسا سان
مليو ۽ ٻئي ھميشه
لاءِ
ھڪ ٻئي جا ٿي ويا ۽ 1910ع
۾ شادي ڪئي ۽ ڪجھ وقت لاءِ
ايلسا سميت سنڌ آيو ۽ واپس موٽي 1919ع
تائين يو.ڪي ۾ رھي وري وطن اچي فقير جي پڙ واري
پنھنجي اباڻي
گھر کي ڏھن ھزارن ۾وڪرو ڪيائين،
ڇو ته
کيس واپسيءَ
جو خرچ ڪونه
ھو. علامه صاحب کي بعد ۾ خبر ملي ته
اھو گھر اڍائي
لکن ۾ وڪاميو. حيدرآباد ۾ صوفي احمد فقير ۽ حسن
فقير جي صحبت ۾ رھي صوفياڻي رنگ ۾ رڱجي ريٽو ٿيو،
جڏھن ته ننڍپڻ کان روزي نماز جو پابند ھو ۽ يارھن
سالن جي عمر ۾ چلا
Meditation به
ڪيا جنھن لائ اڳتي ھلي چيائين ته ننڍي عمر ۾ چلا
نه
ڪڍجن. 1921ع
۾ علامه
صاحب ٽنڊي محمد خان ۾ جج مقرر ٿيو جلدي
خيرپور رياست ۾ جج ٿيو ۽ رياست جي
Executive Council
جو ميمبر
پڻ ٿيو 22-1927ع ۽
ميرعلي نواز ناز کيس تمام گھڻو احترام ۽ پيار ڪندو
ھو. ھڪ دفعي مير صاحب ڪنھن ماڻھوءَ
جي سفارش ڪرائي ته علامه صاحب چڙي پيو ۽ استيعفي
ڏني.
مير صاحب معزرت ڪئي،
پر نه
مڃيائين ۽ يو.ڪي موٽي ويو.
يو.ڪي ۾ علامه صاحب جي علمي عظمت ۽ ڏاھپ جو
نامياچار ٿيو ۽ کيس ڏيھان ڏيھ مڃتا ملي،
جنھن ۾ وائيس پريزيڊنٽ لنڊن جي پوئٽيڪل سوسائٽي
1927 ۽ سموري عمر لاءِ
Philosophical Society
جي ميمبر ٿيڻ جو اعزاز پڻ ماڻيو.
سنڌ ۾ وڪالت شروع ڪئي،
پر اھو
Profession پسند نه
ڪيائين ۽ چيو ان ۾ نسورو ڪوڙ آھي. علامه
صاحب 25 سال يو.ڪي ۾ رھيو جڏھن ته
1947ع
کان 1951ع
اتي رھي باقي وقت 1951ع
کان 1967ع
آخر وقت تائين
سنڌ ۾ رھيو. لنڊن ۾ اسلامي فڪر
Westend London جي
جماعت ٺاھي ان کي جميعت المسلمين جو نالو ڏنو ۽
پرچار ڪيو.
مصر جي
حڪومت ھن ڪم لاءِ
مالي مدد جو چيو،
پر علامه صاحب انڪار ڪيو. پاڻ اسلامي فڪر ۽ قدرن،
وحدت الوجود ۽ ويدانيت جي فلسفن ۾ پنھنجي دور جا
منفرد عالم صوفي ۽ روشن خيال اعلي تعليمي ماھر
انسان ۽ سنڌ دوست مفڪر ھئا. جيئن سچل چيو،
صورت ۾ سبحان،
پاڻ ڏسڻ آيو پنھنجو تماشو. مدد علي ٻڌائي ٿو ته ھڪ
ڏينھن جمعي جي خطبي ۾ چيائين:
”ھر
شئي کي روح آھي اھو مٿاھين حياتي
لاءِ بنياد
Basis بڻجي ٿو.
”آخر
۾ چئي ٿو“.
مون کي ٻڌايو ويو آھي آءٌ
پاڻ نٿو ڳالھايان الھام
Inspiration روح سان
احساس جي ذريعي سڌي پھچ،
جنھن ۾ نفس يا قلب
Psyche کي ڪوبه
دخل ڪونھي. صفتن جي ذريعي تلاش نه
ڪجي ۽ سڌو سنئون ديدار حاصل ٿئي. ادراڪ جي وسيلي
معلوم ڪيو ويو اھو حسين
Beautiful آھي جنھن
کي قلب جي تجرباتي طريقي کانسواءِ
سڃاڻي وٺ. مصنف وڌيڪ لکي ٿو ته علامه صاحب کي ھڪ
تمنا ھئي جا پوري ٿي نه
سگھي چوندا ھئا
”ابا
علم خاطر مون وٽ ڪير به ڪونه
آيو،
افسوس جو منھنجي علم جو وارث ٿي نه
سگھيو. مون چاھيو ٿي ته ڪي ٻه-
ٽي اھڙا شخص تيار ٿين جن ۾ رھبر ڪري اھو سڀ ڪجھ
ڏيان جو مون وٽ آھي.“
افسوس اسان وٽ ڇو ڪير به
ڪونه
ھو،
جيڪو علامه صاحب جي انمول فڪري ورثي کي حاصل ڪري
نئين نسل تائين اسان وٽ پھچائي!!؟؟ اھو اسان جي
سنڌي قوم جو الميو يا مرثيو
Elegy چئجي.
سائين جويو صاحب جي حوالي سان مصنف ٻڌائي ٿو ته
گھڻو وقت اڳ ۾ علامه صاحب جي قابليت کي ڏسي کيس
مسلم ليگ جي قيادت سنڀالڻ لاءِ
چيو ويو،
پر علامه صاحب انڪار ڪيو بعد ۽ سر آغا خان جناح
صاحب کي قيادت سنڀالڻ لاءِ
زور ڀريو ۽ ھن قبول ڪري ورتو. علامه
صاحب جي قابليت جو مثال 3 مارچ 1943ع
سنڌ اسيمبليءَ
جي تاريخي ٺھراءِ
به
علامه صاحب لکيو ھو. ان کانسواءِ
آل انڊيا مسلم ليگ جو تاريخي اجلاس ڊسمبر 1946ع
وارو جيڪي ڪراچي ۾ ٿيو جنھن ۾ جي.ايم سيد پنھنجي
سپاسنامي ۾ قديم
عظيم سنڌ ۽ سنڌوءَ
سڀيتا جو شاندار ذڪر ڪيو ھو اھا عالمانه ۽ تاريخي
تقرير به علامه صاحب جي لکيل ھئي. ھن اجلاس جي
صدارت جناح صاحب ڪئي ھئي. تنھنڪري اھوچئي سگھجي ٿو
ته علامه صاحب پاڪستان ٺاھڻ جو حامي ھو. علامه
صاحب سنڌي مسلم ۽ سنڌي ھندن جي اتحاد ۽ ڀائچاري جو
زبردست حامي ھو.
مسجد منزلگاھه
واري معاملي تي جي.ايم سيد کي لنڊن مان لکيو
”ڇو
وڃي پاڻ کي اوجھڙ ۾ وڌائين“
سيد سان ڏاڍو ڪاوڙيل ھو.
جي.ايم.سيد
1940ع
۾ وزير ٿيو ته سنڌ يونيورسٽي
قائم ڪرڻ لاءِ
انگريز سرڪار کي لکيو ۽ ڪميٽي ٺاھي،
جنھن ۾ علامه صاحب ۽ ٻيا ڪيترا ھندو ۽
مسلمان ميمبرن ۾ شامل ھئا،
پر انگريزن جواب ڏنو. جي.ايم.سيد
1925ع
کان ڪراچيءَ
۾ رھڻ ڪري علامه صاحب جي
Theosophical Society
جي ليڪچرس ٻڌڻ کان پوءِ
ويجھڙائي حاصل ڪئي.
اڳتي ھلي بزم صوفياءِ
سنڌ علامه
صاحب جي اجازت سان ھلائي.
پاڻ کيس روحاني رھبر مرشد ڪامل قراني فڪر ۽ ڀٽائيءَ
جي اعلي آدرشي فڪر جو سرواڻ سمجھي ٿو. علامه
صاحب موجب
”ڀٽائي
کي ازلي شيون ورثي ۾ مليون ھيون بلڪ ائين چئجي ته
لطيف پاڻ سان گڏ ورثي ۾ اتم سرمايو
Richest heredity
کڻي آيو ھو“
سنڌ ۾ ھڪڙو سيد ھو،
جيڪو علامه
صاحب کي سمجھي سگھيو ۽ ھن کي
Sage of Sindh سالڪ،
علم ۽ عرفان جو مرڪز ۽ ممبو سمجھي ٿو. باقي ھن
ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ
۾ اھڙي ڪابه
خوشبو ۽ خوبي ڪانه
ڏٺي سواءِ
جي.ايم.سيد
جي!!! سيد چاليھ ورهيه
علامه صاحب جي صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو پنھنجي ڪتاب
ساھڙ جا سينگار ۾ چئي ٿو: علامه صاحب قديم درويشن
وانگرخانگاھ ڪو آشرم مولانا عبيدالله
جي نگرانيءَ
سن ۾ قائم ڪرڻ گھريو ٿي،
جتي نوجوانن جي اعلي آدرشن
جي تربيت ٿي سگھي. علامه
صاحب سنڌ جو سالڪ ۽ صوفي
’سيد‘
۽
’سن‘
کي سنڌ جو مستقبل ۽ مرڪز سمجھي ٿو. جنوري 1932ع
جي ھڪ خط ۾ لکي ٿو:
”تنھنجي
خط پھچڻ بعد عجيب مظھر پيش آيم،
سن شريف -
ھڪ جاءِ
۾
School of Wisdom
(مڪتب حڪمت) ۽ ٻي جاءِ
۾ ورلڊ ريليجن (World
Religion)
دين فطرت جو ھيڊ ڪوارٽر ڏسڻ ۾ آيم. سن شريف سنڌ جو
مرڪز خدا گھريو ته
پريان پريان جا ماڻھو سن ۾ سنڌوءَ
جي زيارت تي ايندا،
پر افسوس اھو خواب ۽ آدرش ساڀيان نه
ٿي سگھيو. ساڳي ڪتاب
’ساھڙ
جا سينگار‘
1935ع
۾ علامه صاحب لکي ٿو:
”آءٌ
توکي بيحد پيار ڪريان ٿو. توکي ان جي پرواھ ھجي يا
نه! اسان ھر شئي جا خوبصورت،
سچي ايمانداري
آھي ان کي پيار ڪرڻ کانسـواءِ
رھي نٿا سگھون.
”ھي
آھي سنڌ جي ٻن عاشقن صوفي ۽ سالڪن جا وچن ۽ وعدا
جن جي ساڀيان ته
نه ٿي،
پر علامه صاحب ستن سالن جي مختصر عرصي ۾ مادر علمي
سنڌ يونيورسٽيءَ
جھڙي عظيم علمي شعور مھذب حياتي گذارڻ
لاءِ
اسان سنڌين کي انمول ۽ بي بھا تحفو ڏئي ھليا ويا ۽
اسان ھن جي حياتيءَ
۾ قدر ۽ احترام نه ڪري سگھياسين.
اسان ڏوھاري ۽ شرمسار آھيون! پير علي محمد راشدي
چيو،
”قومون
ماڻھن سان ٺھنديون آھن. ماڻھو اڻلڀ ھوندا ته
قوم ڪٿي لھي سگھبي.“
علامه صاحب ۽ جي.ايم.سيد
جا خواب نيٺ ساڀيان ٿيا پاڪستان ٺھڻ کان اڳ 26
فيبروري 1947ع
تي سنڌ يونورسٽيءَ
جو بل سنڌ اسيمبلي پاس ڪري 26 اپريل 1947ع
تي ڪراچيءَ
۾ پھرين سنڌ يونورسٽي قائم ٿي جيڪي ھڪ جھد ۽
جدوجھد جو تاريخي ۽ وڏو مثال ھو.ڊاڪٽر اي.بي حليم
پھريون وي.سي ٿيو اھا ڊگري ڏيندڙ بند يونيورسٽي
ھئي. سال 1951ع
۾ علامه
صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ
جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو 9 اپريل تي حيدرآباد
وديالا ھاءِ
اسڪول ۾ قائم ٿي. ڪراچي کان ٻن ٽرڪن ۾ ڪجھ فرنيچر
۽ 4000 ھزار ڪتاب کڻي پھتو.
ھن کي ھڪدم تدريسي يونيورسٽي
Teaching University
۾ تبديل ڪيو.
ملڪ ۾ سڀ کان پھرين ايڊيوڪيشن فئلڪٽي قائم ڪري
ڊاڪٽر اين.اي بلوچ کي سربراھ مقرر ڪيائين. وڏي
جدوجھد سان ڄام شورو ۾ نيو ڪئمپس لاءِ
زمين ورتي جڏھن ته نوڪر شاھي يونيورسٽي
گنجي ٽڪر تي قائم ٿي ڪئي. جديد يونيورسٽي
يارھن ڪاليجن جي ڪئمپس کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ
رات ڏينھن ھڪ ڪري ڇڏيائين ۽ ستن سالن جي مختصر
عرصي ۾ پنھنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو. جرمنيءَ
مان تعميرات جي ماھر ڊاڪٽر
Docker کي وٺي نيو
ڪئمپس جو پلان ٺھرايو.
جڏھن ته پھرين ٽن سالن ۾ پندرھن فئڪلٽيون ۽ سائنس
جي لئب پڻ قائم ڪيائين
سائنس جي سامان لاءِ
پاڻ انگلينڊ مان سستو سامان وٺي آيو ۽ ڀاڙو خرچ نه
ورتائين. سموري ڪم ۾ ڊاڪٽر اين.اي بلوچ ساڻس ھٿ
ونڊايو ۽ گڏ رھيو 86-1985ع ۾
ڊاڪٽر
Docker کي وني سميت
ڊاڪٽر بلوچ دعوت ڏئي وٺي آيو ۽ يونيورسٽيءَ
جي تعميرات ۽ علامه صاحب جي ساروڻين تي ليڪچر ڏئي
يادن جا گلاب نيو ڪئمپس تي نڇاور ڪيا (ھن مقالي جو
مصنف ان يادگار تقريب ۾ موجود ھو ۽ ڊاڪٽر ڊاڪر ۽
سندس ونيءَ
سان مليو ھو) ھن موقعي تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪتاب
ڇپائي سامعين ۾ ورھايو ھو. علامه
صاحب جي مقرريءَ
تي سموري دنيا مان شاندار پيغام آيا ۽ ساراھ ٿي
ته
ھُو
دنيا جي وڏن عالمن ۽ فلاسفرن مان ھڪ اعلي دماغ ۽
ذھين شخصيت
Unparalleled selection
جي چونڊ ھئي.
علامه صاحب ليڪچرس وسيلي استادن ۽ شاگردن جي ذھني
تربيت ۽ باڪردار ٺاھڻ لاءِ
ھفتيوار مسجد ۽ سينيٽ ھال ۽ پنھنجي بنگلي سول
لائين تي خطاب ڪندو ھو،
جتي ماڻھن جا وڏا ميڙ جمع ٿيندا ھئا. علامه صاحب
ظاھري مذھبي ھو،
پر اندر کان سيڪيولر ۽ نمازون به ڪونه
پڙھندو ھو تڏھن به اسلامي مذھب جي شاندار روايتين،
قراني روح ۽ سڀني مذھبن جي اڀياس تي دسترس ھئس ۽
انـجو پرچارڪ ھو. سنڌ ۽ ڀٽائي جو سچو عاشق جنھن
پنھنجي اڻٿڪ محنت سان اسانـ کي جديد يونوسٽي ٺاھي
ڏني. ان زماني ۾ وي.سي جي پگھار ٽي ھزار ھئي،
پر پاڻ ٻه
ھزار وٺندو ھو. يونيورسٽيءَ
جي زور ڀرڻ تي موٽرڪار نه ورتائين،
پر گھر مان يونيورسٽي
پنھنجي ٻگھي ۾ ايندو ويندو ھو. اھو ھاڻوڪين ويسين
VCs لاءِ
سبق آھي،
جيڪي يونيورسٽيءَ
جي بجيٽ مان ڪارن جا
فليٽ وٺي آفيسرن سميت ھلن پيا ۽ يونورسٽيءَ
کي تباھ ڪيو اٿن. سنڌ ۽ ڀٽائي جو سچو عاشق ھو شاھ
جو رسالو به
ايڊٽ ڪري ڇپايو،
پر ان مان ڪيڏارو ڪڍي ڇڏيائين ان تي تمام گھڻي
تنقيد ٿيس ۽ سوال ٿيا پر ڪڏھن جواب نه ڏنائين!!
ڊاڪٽر بلوچ ۽ علامه قاسمي به انـ جي تقليد ڪئي،
اڳتي ھلي ڊاڪٽر صاحب ڪيڏارو شامل ڪيو،
جيڪي رسالي جو روح آھي.
علامه
صاحب ھميشه
پنھنجي خطاب ۾ ان ڳالھ تي زور ڏيندو ھو ته
يونيورسٽيون
سياسي اثر کان آزاد رھن،
پر اھو خواب ساڀيان نه
ٿي سگھيو،
تنھنڪري اسان جي ملڪ جو تعليمي نظام ڪمزورين جي ور
چڙھي ملڪي سياست جي اثر ھيٺ رھيو. سندس ڪاوشن سان
جديد ۽ آٽوميٽڪ پريس،
يونيورسٽي
ڪيفيٽيريا, بوڪ اسٽال،
ڊسپينسري ۽ لائبرري قائم ٿي،
جنھن ۾ ستاويھ ھزار ڪتاب ۽ ھڪ سؤ
اڻلڀ نسخا موجود ھئا. اڄ اھا لائبرري علامه صاحب
جي نالي سان ڄام شورو ۾ ھڪ شاندار پنج منزلن واري
جديد ۽ خوبصورت عمارت ۾ قائم آھي. اھا عمارت
ھزھائينيس آغا خان،
سائين غلام مصطفي شاھ جي دور ۾ تعمير ڪرائي ڏني.
ھن ۾ لکن جي تعداد ۾ ڪتاب ۽ ھزارين ناياب نسخا
موجود آھن جنھن جو معمار پڻ علامه
صاحب ھو اڄ به روزانو ھزارين شاگرد فيضياب ٿين ٿا.
لياقت ميڊيڪل ڪاليج 1954ع
سرڪار منظور ٿيو ۽ علام صاحب جي ڪوششن سان ڄام
شورو ۾ قائم ڪرايو ۽ موجوده
عمارت جي پيڙھ جو پٿر به پاڻ نصب ڪرايو ۽ ڪاليج جو
موجوده
مونوگرام پڻ مدر ايلسا قاضي ڊيزائن ڪري ڏنو ھو.
1955ع
۾ ون يونٽ ٺھڻ کانـپوءِ
به
علامه صاحب يونيورسٽيءَ
جي تعمير ۽ ترقي لاءِ
جاکوڙ ڪري لاڳيتو ڪم ڪندو رھيو. 1958ع
۾ ايوبي مارشل
لا
لڳو علامه
صاحب ان گھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ 12 مئي 1959ع
۾ استعيفي ڏني. ان دوران سنڌ يونورسٽي نيو ڪئمپس
جا سڀ پراجيڪٽ مڪمل ٿي چڪا ھئا. 13 اپريل 1968ع
تي علامه
صاحب 3 وڳي ڌارا ڏينھن جو رڪشا گھرائي سنڌو درياھ
جي ونٽري بندر ڏانھن رواني ٿيڻ کان اڳ ۾ ھڪ خط
بنگلي جي ڊرائنگ روم ۾ ڇڏيو جنھن ۾ لکيل ھو:
”مان
Lireamia جو مريض
آھيان ڳڍڙيون پوڻ شروع ٿيون آھن
(مدر ايلسا پڻ ان بيماري وگھي جھان ڇڏيو) مان نٿو
چاھيان ته
يڪو مھنو بيھوشيءَ
جي حالت ۾ رھي پوءِ
دم ڏيان ۽ ان طرح سڀني کي تڪليف ۾ وجھان. اھو خط
اي.ڪي بروھي جي نالي تي ھو خط ۾ اھو به
ھو ته سندس وفات جي خبر لنڊن ۽ يورپ ۾ نه ڏني وڃي.
علامه صاحب سنڌ جي عوام
کي سنڌ يونيورسٽيءَ
جھڙو عظيم ادارو ٺاھي ڏنو. سندس ساٿياڻي مدر ايلسا
ھي جھان ڇڏي چڪي ھئي ملڻ وارن عقيدت مندن به
اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو ھو ڪنھن جي لاءِ
جيئي! افسوس ته
سنڌي قوم ڀروسي واري ناھي ۽ پنھنجن محسنن کي
پنھنجو نٿا سمجھن!!
ھيءُ
ضخيم ۽ مدلل ڪتاب سالن جي جاکوڙ بعد تمام گھڻن
عالمن برک اديبن علامه صاحب جي عقيدتمندن جي
انٽرويوز ۽ دستاويزن ڪتابن مضمونن وسيلي تاريخي
معلومات وٺي
Historical n Case Studies, Qualitative method
ڪتب آڻي وڏي محنت سان ھي پھريون آدرشي ڪتاب علامه
صاحب جي مڪمل حياتيءَ
تي تحقيقي طريقي سان آڌاريل ۽ سينگاريل آھي. علامه
صاحب جي حياتيءَ
جا يادگار ۽ گھڻا فوٽا ھٿ ڪري ڪتاب کي سونھن ۽
حسناڪين وسيلي تيار ڪيو ويو. ڪتاب ۾ علامه صاحب جا
اھم شخصيتن ڏانھن لکيل خط. سالوار مڪمل ڪرانالاجي
جنھن ۾ علامه صاحب جي حياتيءَ
بابت تفصيل ڏنل آھي اھو ته ڪمال جو ڪم آھي،
جنهن ۾ مصنف
Encyclopedic knowledge
معلومات ڏئي اسان جي محسن عظيم تعليمي ماھر،
سنڌ ۽ ڀٽائي جي عاشق،
سالڪ ۽ صوفي کي پنھنجي خوبصورت نثري تحرير وسيلي
بيمثال ڀيٽا ڏني. مدد علي سنڌيءَ
وڏو ڪارنامو ڪري ادبي دنيا ۾ يقينن عزت ۽ احترام
جي جاءِ
والاري ٿو تنھن لاءِ
جس لھڻي ۽ مبارڪون. ڪتاب جي آخر ۾ سنڌي ۽ انگريزيءَ
جي ڪتابن جا حوالا ڏنل آھن،
جيڪي ڪتاب جي اعلي معيار ۽ سائنٽيفڪ تحقيقي ڪم جي
تصديق ڪن ٿا.
مرتب: ناصر پنهور
نياز مسرور بدوي
شڪارپور
قلندر شاهه لڪياري- زندگي ۽ ڪارناما
تازو محترم ناصر پنهور سائين قلندر شاهه لڪياريءَ
جي شخصيت متعلق مختلف ليکڪن جون تحريرون ترتيب
ڏيئي ڪتابي شڪل ۾ آنديون آهن. هن ڪتاب ۾ سڀ اهي
تحريرون جيڪي اڳ ۾ فيس بوڪ اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع
ٿيل آهن، ۽ ڪجهه مضمون خاص هن ڪتاب لاءِ پڻ لکيا
ويا آهن.
ناصر پنهور پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته ”سائين قلندر
شاهه علم جو هڪ اهڙو وهندڙ دريا هو، جيڪو ڪڏهن به
خشڪ نه ٿيو ۽ ان پنهنجي علم ذريعي سنڌ جي نوجوان
نسل جي آبياري ڪئي.“ ساڳئي مضمون نگار سائين جي
پاڙهڪ هجڻ جي ثبوت ۾ لکي ٿو ته ”1980ع واري ڏهاڪي
۾ ٻڌايائين ته ايلون ٽافلر نالي ليکڪ هڪ ڪتاب ’ٿرڊ
ويو‘ لکيو آهي، جنهن ۾ هن ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي
سان اڳڪٿيون ڪيون آهن.“
ايلون ٽافلر سماجي سائنسدان هو ۽ سندس گھر واري به
ساڳئي مضمون جي ماهر هئي. مون کي ياد ٿو اچي ته 89
- 1988ع ڌاري سسپنس ڊائجسٽ وارو مرحوم معراج رسول
’نفسيات‘ جي نالي سان هڪ ’نئون ڊائجسٽ‘ شايع ڪيو
هو، جنهن انهيءَ مذڪوره ڪتاب جون ٽي کن قسطون ’ٽين
لهر‘ جي نالي سان ترجمو ڪرائي شايع ڪيون هيون، پر
رسالو جيئن ته نفسياتي ۽ سماجي هو، ان ڪري گھڻو
هلي نه سگھيو ۽ بند ٿي ويو.
منوج ڪمار ’هڪ قلندر جو وڇوڙو‘ ۾ لکي ٿو ته ”کيس
سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربيءَ تي گھڻي مهارت رهي، پر
سندس جرمن، لاطيني، فرينچ ۽ سنسڪرت سان گڏوگڏ
مارواڙي، براهوي ۽ بلوچيءَ سان به واقفيت هئي.“
سچ پچ اهڙا ڏاها ماڻهو هاڻ وري ڪٿي پيدا ٿيندا، جن
کي جسد خاڪي کي زمين ته کائي سگھي ٿي، پر سندن
ڏاهپ ۽ ڏات کي وقت جي وير به نه ٿي ڳيهِي سگھي.
ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب پنهنجي مضمون ’نالي جھڙو
ئي قلندر سائين‘ ۾ رقمطراز آهي ته ”1982ع ۾ لاهور
۽ اسلام آباد ۾ شاهه لطيف جي سلسلي جو موڪل جو سڀ
کان اول مطالبو اسان ڪيو ۽ پوءِ ٻيا سجاڳ ٿيا.
اسان جي مطالبي کي اسلام آباد ۾ نسيم آهير ان
وقت جي وزير تعليم هاڪاري موٽ ڏني.“
نور احمد جنجھي ’علم، حلم ۽ ظرف جو قلندر‘ ۾ لکي
ٿو ته ”سائين لکندو گھٽ هو، ان ڪري جيڪو سڀ کان
وڏو نقصان ٿيو، اهو سائينءَ جي ڪم جو اڻ ڇپيل رهجي
وڃڻ آهي.“
”سندس حلم ۽ سهپ به ڪمال جا هوندا هئا. ان سان
گڏوگڏ سائين اعلى ظرافت جي حس رکندڙ کلمک شخص هو،
جنهن وٽ ٻاروتڻ ۾ ٻڌل ٽوٽڪن کان وٺي ڪچهرين جي
ڪوڏين تائين جي ڳالهين جو ڀنڊار هوندو هو.“
شبنم گل صاحبه
پنهنجي مضمون ’پروفيسر قلندر شاهه لڪياري : عهد
ساز شخصيت‘ ۾
ويچار ونڊيندي لکي ٿي ته ”سندس شخصيت ڌرتيءَ جي
رنگن ۽ لوڪ ڏاهپ جو ميڙ هئي. ککر بلڙي شاهه ڪريم
جي زرخيز مٽيءَ جو اثر هو شايد جنهن سندس مزاج ۾
صوفيءَ واري سمجھه ۽ محبت ڀري ڇڏي هئي.“
محمد خان سانگي صاحب ’قلندر بقول غالب‘ ۾ لکي ٿو
ته ”سائين جو ساٿ، سائين جي محفل هڪ عطر فروش جي
محفل هئي، جتي هر اچڻ وارو سائينءَ جي علمي هڳاءُ
۽ سڳنڌ کان متاثر ٿئي بغير نه ٿي رهي سگھيو.“
ڊاڪٽر محمد طفيل چانڊيو لکيو آهي ته ”هن جو علم هن
جي ڪنڌ ۾ ڪانُ ٿي نه لڳو، پر جڏهن به هن کي موقعو
مليو، هن انسان کي ڀاڪرن ۾ ڀري، انهي جي ميري مٿي
تي مٺِي ڏيئي، اهوئي چيو ته بابا زندگي رڳو جبر
مسلسل به ڪونهي، اها مسرتن سان به مالامال آهي، پر
شرط اهو آهي ته ماڻهو پيرن تي بيهي.“
افشان ٻرڙو پنهنجيون يادون بيان ڪندي لکيو آهي ته
”هُو مذاق ۾، پر شفقت ڀريل لفظن ۾ چوندو هو ته اڄ
کنڀي اڀري آئي آهي، ائين ڪلاس ۾ منهنجو نالو کنڀي
پئجي ويو.“
ڊاڪٽر محمد اشرف لکي ٿو ته ”سائين پنهنجي پينشن
مان ڪيترن طالب علمن جون مخفي انداز ۾ فيون ادا
ڪندا هئا. سندن گھر جي ٻاهران اوطاق ڄام شوري واري
غريب طالب علمن لاءِ ڄڻ هڪ هاسٽل جي حيثيت رکندي
هئي.“
قاسم حيدر لکي ٿو ته ”هڪ ڀيري سائين سان ذڪر ڪيم
ته گھر ۾ ٽي وي ڪانهي ۽ پئسو به ڪونهي، ڇا ڪريان.
سائين ياد اٿم ڪنهن کان 2000 روپين جو چيڪ وٺرائي
ڏنو ۽ روسي ٽي وي چوويهه انچن واري خريد ڪري آيو
هوس.“
رجب آزاد پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته ”رٽائر ٿيڻ کان
پوءِ حيدرآباد ۾ قلندر شاهه انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن
اينڊ ريسرچ سينٽر نالي هڪ ادارو برپا ڪيائون. هن
اداري طرفان نامور اسڪالرن کان ٻولي ادب ۽ تاريخ
تي ليڪچر منعقد ڪرائي مواد محفوظ ڪيائون، جيڪو
قلمي نسخن ۾ موجود آهي.“
ڊاڪٽر الطاف جوکيو لکي ٿو ته ”آرٽس فيڪلٽيءَ ۾
سائينءَ جو اوچتو درشن ٿيو. پيرن تي هٿ رکي
مليومانس. کلي چيائين سيد سمجھين ملين ٿو يا
استاد. مون چيو سائين استاد هجڻ سبب منهنجي به
پيري مريدي آهي.“
ماريه خان هليو لکي ٿي ته ”قلندر شاهه لڪياريءَ جو
نالو به تاريخ جي سونن پنن تي مرجان ۽ ياقوت نما
لفظن سان لکيو ۽ پڙهيو ويندو.“
مشڪور ڦلڪارو لکي ٿو ته ”سائين لٺ هٿ ۾ کنيو، ور
کنجيو، ڇاتيءَ جيترو پاڻي جھاڳيندو پهچي ويو ۽
سائين چيو ته ميدان متل هجي ۽ سپاهي گھر ويٺل هجي
ته اهو ڪهڙو سپاهي سڏبو.“
فهيم نوناري لکي ٿو ته ”قلندر شاهه جو ڪمال هو،
روشني، نور ۽ ڄاڻ جي کاڻ هو. پارسا هو، جنهن جنهن
هن کي ڇهيو اهو پارس بڻجي ويو.“
ولي محمد خاصخيلي لکي ٿو ته ”سائين قلندر شاهه
لڪياري سنڌو ڪناري جنميو، سنڌو جي ڇولين جون
لوليون کيس سمهارينديون ۽ صبح جون اٿارينديون
هيون. هُو سنڌو سان ساٿ نڀائڻ لاءِ سندس ڪناري
ڪنڌي آرامي آهي.“
’پروفيسر قلندر شاهه لڪياري زندگي ۽ ڪارناما‘ ۾
مٿين مضمون نگارن کان علاوه غلام محمد لاکو، شوڪت
حسين شورو، ڊاڪٽر علي مرتضى ڏاريجو، ڊاڪٽر وحيد
جتوئي، ڊاڪٽر ذوالفقار علي قريشي، ثناءُ الله
رستماڻي، استاد لغاري، مٺل جسڪاڻي، ڊاڪٽر محمد
ابراهيم سنڌي، غلام مصطفى عباسي، استاد نظاماڻي،
ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، غلام مصطفى هاشماڻي،
ڊاڪٽر محمد بخش ڀرڳڙي، جن جا دل جي خلوص سان لکيل
مضمون شامل آهن. هن ڪتاب ۾ پروفيسر قلندر شاهه
لڪياريءَ جا چار انٽرويو پڻ شامل آهن. ان کان
علاوه سوشل ميڊيا تي ڏنل تعزيتي پيغام پڻ شامل
آهن.
پروفيسر قلندر شاهه لڪياريءَ کي پڻ نظم ۾ ڪيترن
شعراءِ ڪرام ڀيٽا ڏني آهي، جيڪا پڻ ڪتاب ۾ شامل
آهي.
ديار _ عشق جي هر طالب جي دعوى هئي،
اسان جو راهرو رهبر قلندر شاهه لڪياري.
محسن ملاح
محرابپور
مولائي ملاح، جي ڪتاب جو مطالعو
عيد، عشق ۽ سنڌ
سنڌي ٻوليءَ جي هن نامياري ليکڪ ۽
(9) نون
ڪتابن جي مصنف مولائي ملاح جو ڪتاب:
’عيد،
عشق ۽ سنڌ‘
سنڌي ٻوليءَ ۾ موضوع جي حوالي کان هڪ منفرد ڪتاب
آهي. منهنجي نظر مان هن مهل تائين ان موضوع تي
اهڙو ڪو جامع ڪتاب ناهي گذريو. اسين سڌريل دنيا
سان گڏ بيهڻ لاءِ عالمي ڏهاڙا ته ملهائيندا آهيون
پر، اڪثر ماڻهن کي انهن ڏهاڙي جي مفهوم، اهميت ۽
تاريخ بابت ڪائي تفصيلي ڄاڻ ناهي هوندي. هن ڪتاب ۾
انهن ڏهاڙن جي اهميت ۽ مقصد بابت ڪافي حد تائين
وضاحت سان اهڙي معلومات موجود آهي. جيڪا عام فهم ۽
سهڻي ٻوليءَ سان رقم ٿيل آهي، انهن ڏهاڙن جي اهميت
کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪتاب ۾ ڪابه فلاسافي ۽ ڏکي ٻولي
استعمال ٿيل
ناهي.
هيءَ
ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ ائين ڀاسندو ته ڄڻ ليکڪ ڪنهن
خاص طبقي لاءِ نه پر، عام ماڻهن جي ڄاڻ ۾ اضافي
لاءِ لکيو آهي .
ڪتاب:
’عيد،
عشق ۽ سنڌ‘
۾ شامل
مضمون/
ڪالم ديس جي انهن سادن، مسڪين ماروئڙن جي ڏکي
زندگيءَ تي لکيل آهن. جن جي من اندر ۾ سچائي ۽
محبت جي برکا رت ليئا پائيندي نظر ايندي آهي. هي
ڪتاب ديس جي هڪ دانهن به آهي، جيڪا ورناءَ جي
منتظر آهي. هنن مضمونن ۽ ڪالمن ۾ انهن جي اندر جي
اڌمن، دردن، مسئلن ۽ احساسن جي عڪاسي ٿيل آهي.
اهي مسئلا جن لاءِ هُو
سالن کان ٻاڪاريندا اچن.
هن ڪتاب ۾ هنن عنوانن سان:
’اڀريو
سج اميدن جو‘،
’آئون
نه گڏي پرينءَ کي، تون ٿو لهين سج!‘
شامل آهن.
جيڪي ڏيهه جي ڏکايل ماڻهن جي من اندر جي ترجماني
ڪندڙ آهن. غريبن جي زندگيءَ جو وڏو ڏينهن
’عيد‘
هوندو آهي. جنهن ۾ هو پنهنجي مَن ۾ اڻ مئي خوشي
محسوس ڪندو آهي. وري جڏهن وسيلن جي آڻاٺ هوندي اٿس
ته عيد جو تهوار به احساسن جي ماتم ۾ تبديل ٿي
ويندو اٿس.
مولائي ملاح، به بار بار انهن ئي حالتن کي هن
پنهنجي زندگيءَ ۾ ويجھي کان ڏٺو ۽ سٺو آهي. تڏهن
ته پنهنجي سيني تي هٿ هڻي اها ڳالهه دعوا سان چوي
ٿو ته،
’هي
ڳالهيون هر ماڻهوءَ جي من سان لڳنديون. پڙهندڙ کي
پنهنجون لڳنديون.‘
ڪتاب ۾ شامل سڀني ڪالمن ۾ هڪ دور جي تاريخ رقم ڪيل
آهي سڀ
ڪهاڻيون
ساراهه جوڳيون آهن،
جيڪي هر باشعور ماڻهوءَ کي اهڙن موضوعن تي لکڻ،
پڙهڻ ۽ عملي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اُتساهين ٿيون.
ڪتاب جو مهاڳ نامياري ليکڪ اعجاز منگي، ٻه اکر،
الطاف اثيم ۽ رايو، نوجوان اديب ساجد چانڊيو جو
لکيل آهي. ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ادي حميده گھانگھرو
جو لکيل آهي.
سجاد مهر
شڪارپور
ريحانه نظير جي ڪهاڻين جي ڳٽڪي
’ٽڪ ٽاڪ گرل‘ تي هڪ نظر
هيءُ
ڪهاڻين جو ڳٽڪو جنهن کي
ناليواري ڪهاڻيڪاره سانئڻ ريحانه نظير ’ٽڪ
ٽاڪ گرل‘
جو جديد نالو اوڍائي هن ۾ پورين پندرهن ڪهاڻين جو
پيٽ ڀريو آهي، سي سموريون ڪهاڻيون ڏَڪندڙ اک،
مضبوط حواسن ۽ چُڀندڙ احساسن سان لکيون ويون آهن.
اُجري جهرڻي جهڙيون اهي آکاڻيون اتر کان ٿينديون
لاڙ کان وڃي لڙيون آهن. ڪٿي ڳوڙهو ٿي ڳڙيون آهن ته
ڪٿي آبشار بڻجي مٿان کان هيٺ ڪريون آهن. ڪٿي جبل
جهاڳيو اٿائون ته ڪٿي وري پورب تائين پنڌ پيون
آهن. هن جي ڪهاڻين رڳو ڏکڻ ڏي ناهي ڏٺو،
پر اوڀر کان اڀري اولھ ۾ به لٿيون آهن. ظاهر آهي
اها تپسيا ۽ لکڻ جي ڪرت ئي آهي،
جيڪا شين کي شاهڪار بڻائڻ تائين ڪيترا ئي رنڊا ٿي
روڙائي، خيالن جا جهرڻا اوچائي تان ڪيئن ڪيرڻا پون
ٿا، پنهنجي جسم جو جَرُ ڪيئن ٿو ڇاڇولڻو پوي، نمن
جي ٻور جي خوشبو جهٽڻ، وڻن تي ويٺل پکين جي پرولين
کي سلڻ کان ويندي، اندر جي ڏاڪڻين ۾ پاتال تائين
لهڻ جي پريڪٽس ڪرڻ ايڏو سولو به ته ناهي سوچيم ته
ريحانه نظير صاحبه پنهنجي
’اندر
جي عدالت‘
۾ جوابدار بڻجي پاڻ کي پيش ڪرڻ کان پوءِ هي
’ٽڪ
ٽاڪ گرل‘
اسان جي هٿن جي زينت بڻايو آهي. عورت جي خارجي ۽
داخلي حالتن جو پوسٽ مارٽم ڪيو اٿائين ۽ درد جي
ڪيفيت کي پنهنجي قلم جي سگھ سان ڪٿي ماپي پني جي
پيٽ ۾ لاهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين.
۾ موجود گندن ڪردارن جا کنڌا کڻايا اٿائين ۽ درد
جي ٽوپن سان جيڪا روح جي رلي جڙي اٿائين ان کي
پڙهجي ٿو ته لڳي ٿو ڪيڏي نه ڏورانهين پنڌ پئي آهي.
توڙي جو سندس ڪهاڻيون عورت جي چوڌاري ڦري رهيون
آهن ۽ سماجي مسئلن ۾ گهريل هن طبقي جي معصوم عورت
جي جذبن جي عڪاسي ڪئي اٿائين پر گڏ گڏ منظرن کي
ائين پينٽ ڪيو اٿائين،
جيئن ڪنهن مصور جي ڪا حقيقي تصوير اُڪريل هجي....
"اسٽوپڊ" هن ڪتاب جي شروعاتي ڪهاڻي آهي جنهن ۾
ڇوڪري ايتري اتاولي آهي پر هوڏانهن ڄامَ کي ڪا ڄر
ئي ڪانه ٿي اچي، سونهن گهڻو سستي پيش ڪئي
اٿائين.... جنهن ۾ هڪڙو جملو هي به نوٽ ڪرڻ جهڙو
ڇڏي وئي آهي ته:
سونهن جي دماغ ۾ ڄام جا چيل لفظ ڪنهن دهل جيان وڄي
رهيا ها"
دهل واري تشبيھ ٿوري عجيب آهي،
پر ليکڪ کي جيئن ته ست خون معاف هجن ٿا ته هوءَ
لفظن کي ڪيئن ٿي وڄائي سو دهل بجاءِ ڪنهن ٺڪاوَ
واري شئي سان تشبيھ هجي ها ته وڌيڪ..... ڪهاڻي پُراثر
آهي ۽ ڪلائيميڪس تائين پنهنجو سحر رکي ٿي...
ڪهاڻي" بُري عورت" به ڪنهن
نئين
ليمي کي نچوڙڻ جي ڪوشش ته آهي پر پاڻ ئي چئي آئي
آهي ته منٽو ڪٿي لکيو آهي ته منهنجي ڪهاڻين ۾ جيڪي
برائيون آهن، اهي اصل ۾ هن معاشري جون برايون آهن
مان ته صرف آئينو ڏيکاريو آهي.
ڪهاڻي
’ٽياس
تي ٽنگيل‘
جو پس منظر روايتي لڳو، اهڙي قسم جون ڪهاڻيون ڪافي
اڳ اچي چڪيون آهن هن جي ٿيم ۽ پلاٽ ۾ ڪو گهڻو فرق
ڪونهي توڙي جو هن جي ڪلائيميڪس ۾ ڀرپور جانِ آهي
پر عورت جي پڙهيل لکيل هجڻ وارو پسمنظر پورو پنو
آهي هن ڪهاڻيءَ جو نالو اڻ ٺهڪندڙ ٿو لڳي هن جو
نالو
’اسين
جيئرا آهيون‘
هجي ها.
’ٽڪ
ٽاڪ گرل‘
ڪتاب جي ٽائيٽل اسٽوري آهي. هي ڪهاڻي گهٽ، ڪٿا
وڌيڪ ٿي لڳي.
حسن جون ڪيئي حڪايتون اوتيل آهن لفظن جي لباس ۾.
دل بکيءَ جون هڙئي عادتون پينٽ ٿيل هجن جيئن، تيئن
هن ڪهاڻيءَ جو آغاز ٿئي ٿو..
’سيئي
سيل ٿيام‘
زبردست ڪهاڻي آهي سانئڻ ريحانه نظير جي....
هن ڪهاڻيءَ جي پس منظر ۾ ليکڪا حالتن جي هانوَ ۾
وڃي هٿ وڌو آهي. سماج جي چهري تي پاتل هڪ چهرو
روڙي پني جي پيٽ تي رکيو اٿائين. اهڙيون شاندار
ڪهاڻيون سماج جو
اولڙو
آهن....
’موٽڻ
جنين مهڻو‘
هن ڪهاڻيءَ
جو سب ٽائيٽل فيڪ آءِ ڊي ڪهاڻي جي پلاٽ سان پرفيڪٽ
ميچ نه ٿو ڪري، ڪهاڻِيءَ ۾ هڪ عورت جي سادگي، پيار
جي سچائي، ۽ هڪ مرد جو منڪر هجڻ کي ڪمال سان ڀوڳيو
ته ويو آهي پر، سندس ماميءَ جو ڪردار توڙي جو
نيگيٽو آهي پر عورت جي عورت سان اها مَڪاري به
ڪنهن حد تائين پراڻي قلف ۾ ڪَسيلَ چاٻيءَ جيان
گهمي ٿي..... رشتن جي ناسور جو اهو احوال قديمي
ڪتابن جي اڳڪٿي جيان آهي،
جيڪو لڳي ٿو ته قلعي جي فصيلن تان لڙڪي هيٺ لاٿو
ويو آهي..
’وري
سهڻي سيرَ ۾‘
ڪوريئڙي جي ڪرت وانگي لڳي.
هيءَ ڪهاڻي به ڄڻ ته چمپا جي وڻ هيٺيان ويهي
چانڊوڪي جيان اوتي اٿائين. سٽ سٽ لوڪ موسيقيءَ جي
ڌن جيان دلربا ٿي لڳي.
’ڪونج
اُڏرڻ کان اڳ‘
هن ڪهاڻيءَ کي ڪامياب ڪهاڻي ڪوٺي سگهجي ٿوهن ۾
زبردست احساس پويل آهن، جملو جملو
ڪٿي ٿڪي نه ٿو، ڪٿي ٿيڙ نه ٿو کائيس...ڄڻ ته ويهي
ڦول ڇاڻيان اٿائين..... ڪونج جي پاڪدامني جو قصو
آهي. پر ربن کي سلامت ڇڏيو ويو آهي....
هن جيڪو ڪڌو ڪم ڪيو ان کي ڪيئن مباح هجي، ان کي
ايڪسپلور ڪجي ها عورت جي عظمت ظاهر ٿئي ها، گندي
ماڻهو کي بڇڙو ڪجي ها.
ربن کي هروڀرو حالتن جو اسپيس نه ڏجي ها. ان ڪري
ئي ڪهاڻي پنهنجي پيڪ تي پهچي به ڪلائيميڪس کان
رهجي وئي آهي.....
ڪهاڻي
’گلزادي‘
هڪ معصوم عورت جي عڪاسي آهي. فراق جي ڦَٽن کي کولڻ
۽ ٺري جي مَٽن کي اُپٽائڻ جو انداز پوکيل آهي....
لڳي ٿو ته زندگيءَ جي ساز تي موت جي ڳنڀير ڌُنِ
وڄائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. خيال جي خيمو هتي خالي
رهجي ويو آهي جتي دڪاندار گلزاديءَ کي هٿ وجهي ٿو
اتي مالڪڻِ جي غيرتَ ڇو نه ٿي جاڳي، ان خلاف ايڪشن
وٺڻ لاءِ ڪي اُپاءَ ڇو نه ٿي وٺي، جيڪا عورت هن جي
گهر جي نوڪرياڻي آهي ان کي ٻاهر جو ڪُتو چڪ وجهڻ
جي ٿو ڪري ته هن جي هڪل ڇونه ٿي اُڀري.... "پر
امان ان هيڏي ساري ڏک کي افورڊ ڪندي ڀاءُ کان
ٻهارو گهرائي رڳو پنهنجو ڀلو ٿي ڪري" ... ان
دڪاندار جي ڳچي ڇونه ٿي وٺي؟ جيڪو هڪ معصوم عورت
جي عزت ۾ هٿ ٿو وجهي. گل زادي سهڻي ڪهاڻي آهي پر
ڪلائيميڪس تي نه پهچڻ ڪري ڪهاڻي لڳي ٿو اڌ ۾ ڇڏي
وئي آهي......
مجموعي طور ڪهاڻين جو هيءُ
البم پکيءَ جي اک سان نهاري سگهجي ٿو... کنڊرن مان
کنيل هيءُ
اُداس آکاڻيون پنهنجي روح جي ڳلين ۾ رهائي سگهجن
ٿيون.. هي ڪونڊيءَ ۾ گلاب پوکيل آهن،
جيڪي اوهان جي ذهن جي صحن تي رهڻ لاءِ آتا آهن. هيءُ
رڳو ڪهاڻيون ناهن لفظن جا وڏا لشڪر آهن،
جيڪي پني جي ميدان تي لاٿا ويا آهن.
هي ڪهاڻيون سچ ته اڪ جي ڪا ماکي ڪونهي جو هرڪو
لاهي سگهي، سانئڻ ريحانه انهن ڪهاڻين پويان خيالن
جا خنجر ۽ تصور جون
تلوارون کڻي ڊوڙي آهي تڏهن ته هيءُ
هرڻيءَ جهڙا ڇال ڇڏيندڙ احساس وقت جي صندوق ۾ واڙي
سگهي آهي |