عبدالواحد ’عاصي‘ هڪڙو
ٽنڊوالهيار
سنڌ جي
سهڻن ڏات ڌڻين جي ياد ۾
قومي ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعرو
(15-16 ڊسمبر 2021ع)
ڪشمور آرٽس ڪائونس، غالب، سنڌ فيض بخشاپوري اڪيڊمي
جي طرفان 15 ۽ 16 ڊسمبر 2021ع تي چئن نشستن تي ٿيل
ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، هيءُ ڪانفرنس هنن معتبر
شاعرن ۽ اديبن جي ياد ۾ رکي وئي: غالب سنڌ فيض
بخشاپوري (بخشاپور)، پروفيسر قلندر شاهه لڪياري
(حيدرآباد)، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري،
(حيدرآباد)، سيف الله خالد يوسفاڻي (عمرڪوٽ)، محمد
شعبان بخت (ڪشمور)، مرحوم ڪرم الله نياز ڀٽو
(ڪنڌڪوٽ).
هن سلسلي ۾ پهرين نشست محترم منور علي مٺياڻي صاحب
ڊپٽي ڪمشنر (ڪشمور ڪنڌڪوٽ) جي ميزباني ۾ ضلع
ڪائونسل ڪمپيلڪس ڪنڌڪوٽ ۾ 15 ڊسمبر 2021ع اربع
ڏينهن صبح 11 وڳي شروع ٿي، هن ڪانفرنس جي صدارت
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو جي بورڊ آف گورنرس جي
ميمبر جناب ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب ڪئي، جڏهن ته
مهمان خاص ڪوئٽه (بلوچستان) کان آيل براهوي ادبي
سوسائٽي جو روحِ روان جناب عبدالقيوم ’بيدار‘
صاحب هو ۽ اعزازي مهمان جناب رسول بخش تميمي صاحب
هو. تلاوت ڪلام کان پوءِ مشهور نعت خوان جناب محمد
خالد قادري صاحب حضرت فيض بخشاپوري جي نعت شريف
ٻڌائي سڄي محفل کي ابتدا ۾ ئي پرخمار بنائي ڇڏيو.
تقريب کي خطاب ڪندي جناب منور علي مٺياڻي صاحب ملڪ
جي ڏورانهن علائقن کان آيل سڀني مهمانن کي آڌرڀاءُ
ڪيو، هن چيو ته هي جيڪي اسان جي سنڌي ادب جا وڏا
قلمڪار هئا انهن جي ياد ۾ هيءَ ڪانفرنس منعقد ڪئي
ويئي آهي، غالب سنڌ فيض بخشاپوري صاحب پنهنجي دور
جو تمام وڏو صاحبِ طرز شاعر هو، کيس سڄي ملڪ ۾ صفِ
اول جي شاعرن ۾ مڃتا مليل هئي، سندس شاعريءَ جا
ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن. تقريب جي صدر جناب
ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب چيو ته هيءُ اسان جا ڇهه
ئي شاعر، اديب، ليکڪ، صحافي ۽ مفڪر سنڌي ادب جو
سرمايو آهن. جناب فيض بخشاپوري سڄي ملڪ ۾ سنڌي ۽
اردو شاعري جي وڏن شاعرن جي موجودگي ۾ مشاعرن جي
صدارت ڪئي ۽ کيس پنهنجي وقت جي وڏن شاعرن داد ڏنو،
فيض صاحب قادرالڪلام شاعر هو، سندس شاعريءَ جا اڳ
۾ ننڍا ننڍا ڪتاب شايع ٿيا. بعد ۾ فيض اڪيڊمي
طرفان سندس ڪليات محترم نواز علي ڊومڪي صاحب شايع
ڪرائي آهي. پروفيسر قلندر شاهه لڪياري نه صرف وڏو
تعليمدان پر وڏو مفڪر، دانشور، مقرر، اديب ۽ شاعر
هو. هن پنهنجي علم ۽ فڪر سان سنڌ جي نوجوان نسل جي
آبياري ڪئي، سنڌ ۾ سندس علمي ادبي ڪاوشن کانسواءِ
نوجوان شاگرد اديبن جو وڏو تعداد موجود آهي. قلندر
شاهه جي ادبي فياضي به مشهور هئي. مون کي فخر آهي
ته مون کي هن عظيم مفڪر جي 40 ساله استادانه رفاقت
نصيب ٿي. محترم عابد لغاري صاحب شاعرِ سنڌ ۽ شاعرِ
اسلام جي نالن سان مشهور هو، پاڻ 60 ڪتابن جو مصنف
هو. سندس
Ph.D
جو موضوع ’تاجپور جي نواب
خاندان جون ادبي خدمتون‘ هو، جيڪو پڻ شايع ٿيل
آهي. عابد لغاري صاحب ڪيترين ئي ادبي تنظيمن جو
روح روان پڻ هو. هُن ڪيترائي ادبي جشن، ڪانفرنسون
۽ مشاعرا ڪرايا. هڪ نيڪ، موحد ۽ سچو انسان هو،
الله پاڪ کيس اڳئين جهان ۾ خوش رکي، سيف الله خالد
اسان جي دور جو نوجوان ۽ پختو شاعر هو، هن غزل تي
سٺي دسترس حاصل ڪئي، کيس پنهنجي وقت جي استاد
شاعرن داد ڏنو. هُو نثرنويس به سٺو هو. ساڳي وقت
سُگهڙ ۽ ڪمپيئر پڻ هو. معمور يوسفاڻي جي هن شهزادي
شاعر نه صرف پنهنجي والد جي ادبي حيثيت جو مانُ
رکيو، پر ادبي حلقن ۾ امتيازي حيثيت پڻ ماڻي.
محترم شعبان بخت صاحب خاموش ادبي ڪارڪن، رسالي
نئين زندگيءَ سان طويل عرصو واڳيل ۽ نهايت پختو
شاعر هو. پاڻ ڪشمور جو هو، مگر حيدرآباد ۾ زندگي
گذاريائين ۽ سڄي سنڌ جي علمي ادبي حلقن ۾ سندس
مڃتا هئي، محترم ڪرم الله نياز ڀٽو صاحب استاد
تعليمدان ۽ سٺو شاعر هو، هن مقامي سطح جي مشاعرن ۾
پنهنجي شاعري تي خوب داد حاصل ڪيو.
اعزازي مهمان محترم رسول بخش تميمي صاحب پنهنجي
عالمانه ۽ مفڪرانه خطاب ۾ سڀني شخصيتن تي جامع
نموني ڳالهايو. هن پروفيسر قلندر شاهه، محترم عابد
لغاري ۽ سيف الله خالد جي دوستي ۽ رفاقتن جون
ساروڻيون ٻڌائي پنڊال کي آبديده ڪري ڇڏيو. مهمان
خاص جناب عبدالقيوم ’بيدار‘ پنهنجي انتهائي
اديبانه لهجي ۾ جناب فيض بخشاپوريءَ جي اردو
شاعريءَ جو ڀرپور جائزو پيش ڪيو. هُن چيو ته سڄي
ملڪ ۾ اردوءَ جا صفِ اول جا شاعر سندس ڪلام،
ادائگي ۽ اردوءَ دانيءَ جا مداح هئا، هُن فيض صاحب
جي صحافتي ڪردار تي پڻ روشني وڌي. هن چيو ته فيض
صاحب جهڙو خطاب جو حوصلو ۽ شعر پڙهڻ جو انداز هر
ڪنهن شاعر جي حصي ۾ نه آيو. تقريب کي سيف الله
خالد جي دوست سنڌي ادب جي محقق ۽ شاعر جناب زاهد
ڪنڀار، سيف الله خالد جي استاد محترم الله بچايو
مشتاق آريسر صاحب، نصرالله لغاري، سيد ڪاظم لڪياري
۽ عبدالواحد عاصي هڪڙو (راقم) پڻ خطاب ڪيو. آخر ۾
هنن سڀني تقريبن جي روحِ روان ۽ محرڪ جناب نواز
علي ڊومڪي صاحب سڀني آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا. خاص
طرح ڊپٽي ڪمشنر جناب منور علي مٺياڻي جا جنهن نه
صرف هن ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۾ سندس مدد ڪئي، پر پاڻ
بنفسِ نفيس شريڪ ٿي کيس احسانمند ڪيو. هن پري پري
کان آيل مهمانن جو پڻ شڪريو ادا ڪيو ۽ سڀني آيل
مندوبين جا احسان مڃيا.
ڪانفرنس جي اختتام بعد ٻنپهرن جي ماني جو اهتمام
هو. ٿوري توقف بعد مشاعري جي نشست شروع ٿي. هن
نشست جي صدارت ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب ڪئي جڏهن
ته مهمان خاص جناب عبدالقيوم ’بيدار‘ صاحب هو.
اعزازي مهمان جناب الله بچايو مشتاق آريسر صاحب ۽
جناب رسول بخش تميمي صاحب هئا. مشاعري ۾ پري کان
آيل مهمان شاعرن سان گڏ تمام جهجهن شاعرن شرڪت ڪري
پنهنجو تازو ڪلام ٻڌائي شاعرن ۽ حاضرين کان داد
وصول ڪيو، جن شاعرن هن مشاعري ۾ شرڪت ڪئي انهن ۾
ٽنڊو محمدخان آيل محترم زاهد ڪنڀار، جاتي کان
محترم اقبال شاهين، سجاول کان آيل جناب محمد ٻارڻ
صاحب، نواب شاهه کان آيل محمد اقبال پلهه، ڪوئٽه
بلوچستان کان آيل جناب نياز مگسي صاحب، حيدرآبد
کان نواب نصرالله لغاري صاحب، ڄامشوري کان ڪاظم
رضا لڪياري، ’عاصي عبدالواحد هڪڙو، الله بچايو
مشتاق آريسر، نواز علي ’نواز‘ ڊومڪي صاحب، رسول
بخش تميمي صاحب، محترم عبدالقيوم بيدار صاحب ۽ ٻين
شرڪت ڪئي، جن ۾ مقامي شاعرن به شرڪت ڪئي، اُنهن ۾
ارڏو اُترادي، انجم چنه، حيدر علي حاڪم نوناري،
راحت نياز ڀٽو، علي بخش، يار محمد ساند ۽ ٻيا شامل
هئا. تقريب جي آخر ۾ ڊاڪٽر اسد جمال صاحب پنهنجو
ڪلام به ٻڌايو ۽ صدارتي ڪلمات ۾ هُن فيض بخشاپوري
صاحب جي فن ۽ فڪر تي پڻ روشني وڌي. هن خاص طرح
محترم نواز علي ڊومڪي صاحب جا ٿورا مڃيا جنهن قومي
سطح جا هيءُ عاليشان پروگرام ترتيب ڏنا.
ٻئي ڏينهن صبح جو 10 بجه بخشاپور لڳ فيض آباد ۾
عاليشان مشاعرو منعقد ٿيو. مشاعري کان پهرين سڀني
آيل مهمان فيض بخشاپوري مرحوم جي مزار تي گلن جي
چادر چاڙهي، فيض بخشاپوري مرحوم، سائين قلندر
شاهه، ڊاڪٽر عابد لغاري صاحب، سيف الله خالد،
شعبان بخت ۽ ڪرم الله نياز ڀٽو صاحب جي ايصال ثواب
لاءِ دعا گهري، دعا بعد فيض بخشاپوري مرحوم جي
بنگلي جي آڳنڌ ۾ حافظ محبوب بنگلاڻي تلاوت ڪلام
پاڪ ڪئي ۽ بعد ۾ عاليشان قومي سنڌي اردو مشاعرو
ٿيو. هن مشاعري جي صدارت محترم ڊاڪٽر اسد جمال پلي
صاحب ڪئي. مهمان خاص ڪوئٽه (بلوچستان) کان آيل
جناب عبدالقيوم بيدار صاحب هو، جڏهن ته اعزازي
مهمان ’عاصي‘ عبدالواحد هڪڙو (راقم) هو، اسٽيج تي
ڪنڌڪوٽ جو جهونو شاعر حافظ عطا حسين بجاراڻي پڻ
موجود هو، سڀ کان پهريائين سڀني شاعرن کي اجرڪون
اوڍايون ويون، هيءَ اجرڪون محترم نواز علي ڊومڪي
صاحب جي اڳواڻي ۾ فيض صاحب جي خاندان طرفان هيون.
سڀني صحافين کي اجرڪون اوڍايون ويون. ان بعد
فيض صاحب جي نعت شريف محمد خالد قادري پيش ڪئي. ان
کان پوءِ ڊومڪي ويلفيئر ايسوسئيشن جي صدر جناب
نصرالله ڊومڪي سڀني مهمانن کي آڌرڀاءُ چيو. جنهن
بعد مشاعري جي تقريب شروع ٿي. هيءُ مشاعرو 2 وڳي
تائين هليو، محترم ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب پنهنجو
خطاب ۾ اها ڳالهه خاص طرح ٻڌائي ته اهو جناب نواز
علي ڊومڪي صاحب ۽ فيض صاحب جي خاندان جو خاص اعزاز
آهي ته هو هر سال فيض صاحب جي ياد ۾ مشاعرو ۽
ڪانفرنس منعقد ڪن ٿا، جنهن ۾ ڪراچيءَ کان وٺي
اسلام آباد تائين جا پوري ملڪ جا نامور شاعر شريڪ
ٿيندا رهن ٿا، بعد ۾ انتهائي پُرتڪلف ۽ ست رڇي
ٻنپهرن جي ماني کارائي وئي.
شام جو 6 وڳي ڪمشور ۾ هن سلسلي جي آخري تقريب محفل
مشاعرو ٿيو، هن مشاعري جي صدارت جناب عبدالقيوم
بيدار صاحب ڪئي، مهمان خاص ڊاڪٽر اسد جمال پلي
صاحب هو، جيڪي مقامي شاعر شريڪ ٿيا، انهن ۾ شڪسته
مزاري، غلام جيلاني منگي، ڪي بي کوسو، الله رکيو
ڪلوڙ ۽ آصف علي سومرو شامل هئا، محترم افق بشير
چنه ڪمپيئرنگ ڪئي. محترم بيدار صاحب پنهنجي صدارتي
خطاب ۾ سڀني جا ٿورا مڃيا ۽ نواز علي ڊومڪيءَ کي
هيترا تفصيلي پروگرام ڪرائڻ تي مبارڪون ڏنيون،
اهڙي طرح هيءُ ٻن ڏينهن ۾ چئن نشستن وارو پروگرام
اختتام پذير ٿيو.
رفيق جمالي
بکر جمالي/سعيدآباد
سنڌي ادبي بورڊ پاران ڪوٺايل مشاعرو
تاريخ 13- جنوري 2022ع تي سنڌي ادبي بورڊ طرفان
سنڌي ادبي بورڊ ۾ قائم ٿيل مخدوم محمد زمان طالب
الموليٰ آڊيٽوريم ۾
مشاعرو ٿي گذريو. مشاعري جي صدارت بورڊ آف گورنرس
جي ميمبر ۽ ناليواري ليکڪه نذير ناز ڪئي، جڏهن ته
خاص مهمان بورڊ آف گورنرس جي ميمبر ڊاڪٽر ممتاز
ڀٽو هئي،
اعزازي مهمانن ۾ محترمه مريم مجيدي ۽ محترمه
رخسانا پريت چنڙ هيون،
مشاعري ۾ سڄي سنڌ مان عورتن
۽ مرد شاعرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
مشاعري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌي ادبي
بورڊ
جي
چيئرمين مخدوم سعيدالزمان عاطف چيو ته اڄ اسان کي
خوشي ٿي رهي آهي جو سڄي سنڌ مان اديب، شاعر،
دانشور، قلمڪار هتي موجود آهن،
جيڪو اسان جو پراڻو خواب ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو مقصد
آهي، اسان اڳ ۾ به سنڌي ادبي بورڊ طرفان مشاعرو
ڪرايو هو پر هن مشاعري سان جيڪا پذيرائي ملي آهي
ان سان گهڻي اميد ظاهر ٿو ڪيان ته اديب،
دانشور
اسان جو هن عمل ۾ ساٿ ڏيندا ۽ اڳتي به اسان اهڙا
ادبي پروگرام رٿيا
آهن.
مشاعري ۾
ناليواري شاعره ۽ سرتيون جي ايڊيٽر گلبدن جاويد
مرزا پنهنجي آجياڻي تقرير ڪندي بورڊ جي
موجوده دور جي
ڪارڪردگيءَ تي روشني وڌي ۽ چيو ته سنڌي ادبي بورڊ هڪ
پراڻو ۽ قومي ادبي ادارو آهي، مخدوم سعيدالزمان
صاحب جي اچڻ کانپوءِ انهن اداري کي ترقي ڏيارڻ
لاءِ وڏيون ڪوشش ڪيون آهن، 2019ع
کان 2021ع تائين سندن
اڳواڻي ۽
رهنمائيءَ سان بورڊ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، اسان
جا لوڪ ادب کان وٺي سنڌ جي تاريخ تي اڍائي سالن ۾
106 ناياب ڪتاب بورڊ ڇپايا آهن، جن مان 50 ڪتاب
نوجوان شاعر ۽ اديبن جا آهن، اسان وٽ سينيئر ۽
جونيئر شاعرن جا ڪتاب پڻ ڇپجن ٿا،
ويجهڙائيءَ ۾
سنڌي ادبي بورڊ جو
مُک دروازو
بابِ جي.ايم.سيد
جي نالي سان ٺهرايو
ويو آهي،
تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ادبي بورڊ جو جهنڊو
ٺاهيو ويو آهي، ان سان گڏ بينظير ڀٽو
هاسٽل ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لائبريريءَ جو قيام پڻ
عمل ۾ آندو آهي، ان لاءِ سنڌ حڪومت سان ڳالهيون ۽ لک پڙهه جاري
آهي، هن چيو ته گرانٽ گهٽ آهي ان باوجود گهڻا ڪم
ڪرايا ويا آهن.
مشاعري جي صدارت ڪندڙ
آپا نذير ناز چيو ته مون کي ادبي بورڊ اچي بيحد خوشي ٿئي ٿي، جيڪو عروج قبله مخدوم محمد الزمان طالب
المولى جو خواب هو اڄ محترم مخدوم
سعيدالزمان”عاطف“
جي صورت ۾ پورو ٿي رهيو آهي، هن چيو ته قبله سائينءَ
جي اها تمنا هئي،
ته
ادبي بورڊ جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ٿيئي. هن چيو
ته مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ سنڌي ادبي بورڊ جي
چيئرمين جي حيثيت ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، سنڌي
ادبي بورڊ ۾ سنڌ جو نقشو ٺهرائڻ،
پارڪ کي وسيع ڪرڻ ۽ شاندار ڊولپمينٽ
تعريف جوڳو عمل آهي، سنڌ جي نون لکندڙن جا
ڪتاب ڇپرائڻ به هڪ وڏو شاندار عمل آهي.
مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ جو بورڊ جي ٻين ترقياتي
ڪمن سان گڏ هڪ اهم ڪم سنڌي ادبي بورڊ ۾ مخدوم
طالب المولى جي نالي سان هيءُ آڊيٽوريم آهي جنهن
کي مڪمل ڪري پروگرام ڪرائڻ جي لائق بنايو آهي، جتي
ڪيترائي پروگرام ٿيا آهن، جيڪي دنيا ليول تي ڏٺا
ويندا آهن، اسان مخدوم صاحب جي هن ڪم جي ساراهه
ڪيون ٿا ۽ اميد ڪيون ٿا ته اڳتي به بورڊ جي ترقي ۽
ملازمن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا رهندا. ان کان اڳ
مشاعري جي خاص مهمان ميڊم ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو خطاب
ڪندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان هيءُ اڄوڪو
مشاعرو بورڊ جي خوبصورت پروگرامن جو تلسسل آهي،
سنڌي ادبي بورڊ جي اها خوشقسمتي آهي جو هن جا اڪثر
چيئرمين مخدوم خاندان سان تعلق رکن ٿا، مخدوم جميل
الزمان ادبي بورڊ ۾ ترقياتي ڪمن جو بنياد وڌو ۽
مخدوم سعيد الزمان عاطف هن کي پايه تڪميل تي
پهچايو آهي، جنهن ۾ آڊيٽوريم ۽ ٻين بلڊنگس جي
تعمير ڪئي وئي آهي. ڪيئي خوبصورت آفيسون ٻاهران
لان ۽ ڪيتريون ٻيون آفيسون
زير تعمير
آهن. پريس بهترين ڪم ڪري ٿي پئي. ماهوار
’سرتيون‘، ماهوار ’گل ڦل‘ ۽ ٽماهي رسالو ’مهراڻ‘
پنهنجي وقت سر سان شايع ٿين ٿا، ڪتاب ڇپجن ٿا،
سنڌي ادبي بورڊ سنڌ يونيورسٽي کي پنج ايڪڙ زمين
جيڪا ادبي بورڊ سان گڏ آهي ان جي گذارش ڪئي آهي
جنهن ۾ هڪ عاليشان لائبريري ۽ ايم.فل ۽ پي.ايڇ.ڊي
جي شاگردن لاءِ هاسٽل ۽ ڪجهه ڪمرا ٺهرائڻ جو فيصلو
ڪيو ويو آهي، جيڪي ان لائبريري مان فائدو حاصل
ڪندا ۽ ڪنويشن هال ٺهرائڻ جو به پروگرام رٿيو آهي،
هتي وقت بوقت وڏا ادبي پروگرام ڪرايا وڃن ٿا جنهن
۾ هر طبقي سان لاڳو افراد شرڪت ڪن ٿا، اڄ جو
مشاعرو به ان جي هڪ ڪڙي آهي. مشاعري جي ٻي خاص
مهمان مريم مجيدي صاحبه خطاب ڪندي چيو ته سنڌي
ادبي بورڊ جون ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪيل ڪوششون
ساراهه جوڳيون رهيون آهن، هن ادب جي واڌاري لاءِ
تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن، خاص طرح هن جي ڪتابن
جي ڇپائي ۽ ادبي رسالن جو وقتائتو اچڻ هميشه سڦلتا
۽ مڃتا ماڻڻ وارو عمل رهيو آهي. ڊاڪٽر اسد جمال
پليءَ مشاعري کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي
مانواري محترم چيئرمين قبله سعيد الزمان ”عاطف“
صاحب جي سرپرستيءَ ۾ جيڪي بورڊ ۾ اهم انقلابي ڪم
ٿيا آهن، انهن ۾ سيمينار، ادبي ميڙاڪا، تعزيتي
گڏجاڻيون ۽ مشاعرا اهم آهن، نون ڪتابن جي اشاعت ۽
بورڊ مان نڪرندڙ ٽنهي رسالن جو وقت سر اچڻ شايع
ٿيڻ آهي، هنن سڀني پروگرامن سان نه صرف سنڌ جي
قومي اداري پنهنجي سنڌ کي پنهنجو ڪيو آهي، پر سنڌ
جي لکيل پڙهيل ۽ باشعور طبقي، اديبن ۽ شاعرن هن
قومي اداري کي به پنهنجو ڪيو آهي، ڪيترن ئي نون
لکندڙن رسالن ۾ لکڻ شروع ڪيو آهي ۽ ڪيترن ئي نون
دوستن هنن پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي آهي، ايئن
سنڌ جو هيءُ قومي ادارو هڪ گلدستي جيان ڄام شوري
مان پنهنجي خوشبوءِ سان سنڌ کي واسي رهيو آهي.
ناليواري
شاعر
خليل عارف سومري چيو ته اسان جي روشن روايت آهي ته ادب ۽ ٻوليءَ جي بچاءُ، بقاءُ ۽ ڦهلاءُ ڦولار لاءِ
ڪارائتا ثابت ٿين ٿا، سنڌي شاعري ڪيترو ۽ ڪهڙو سفر
طئي ڪيو آهي ۽ هاڻ سندس پنڌ ڪيڏانهن آهي ان سڄي
تاريخ کي ۽ ادب جي تعمير کي پاڻ پسائڻ ۽ پنهنجي
ڪارج جي اهميت ڄاڻائڻ لاءِ مشاعره تمام وڏو ڪردار
ادا ڪن ٿا.
مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ شاعر هئڻ سبب
چيئرمين ٿيڻ کان پوءِ ادب ۽ شاعريءَ
جي فروغ لاءِ جيڪو جاندار ۽ شاندار ڪردار ادا پيا
ڪن اهو قابل تحسين آهي.
مشاعري کي خطاب ڪندي مخدوم سليم الله
صديقي چيو ته مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“
صاحب سنڌ جي ثقافت تاريخ ۽ ادب لاءِ جيڪا نئين روايت قائم ڪري ادبي محفل جو
اهتمام ڪيو آهي اهو يقينن مبارڪ لهڻي، يقينن ان جو
اثر اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائي جو باعث
بڻبو.
سنڌي ٻولي لاءِ هيءَ روايت، جيڪا سندن وڏن کان هلندڙ هئي تنهن کي قائم رکي پاڻ سنڌ لاءِ
خوش آئينده ۽ دير اثر پيغام ڏنو آهي.
ليکڪ اديب ۽
دانشور
محترم تاج جويو مشاعري کي خطاب ڪندي چيو ته مشاعرو
سنڌ جي روايت نه آهي، مشاعرو اردو شاعريءَ جي
روايت آهي، جنهن ۾ طرحي غزل، محفل ۽ مشعل هوندي
آهي، ان ڪري سنڌي مشاعرو آزاد آهي، جنهن ۾ هر صنف
چئي ويندي آهي، ان ڪري سنڌي مشاعرو، يا شاعريءَ جي
محفل سڏي سگهجي ٿي. سنڌي ادبي بورڊ شاعرن کي مانُ ڏئي اهم ڪم ڪيو آهي.
صوفي محبوب علي ستاري مشاعري کي خطاب ڪندي
چيو ته سنڌي ادبي بورڊ طرفان منعقد ڪيل هڪ بهترين
مشاعرو
آهي،
اسان جي نون ۽ پراڻن شاعرن پنهنجو پاڻ
مهايو.
سنڌ جي مختلف شهرن کان آيل شاعرن جي خيال کي ٻڌي
تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ادب جي دنيا ۾ مان بلڪل
نئون آهيان، مون کي ڏاڍو سٺو لڳو انتهائي لطف
محسوس ڪيو، سنڌ ادبي بورڊ جي هن محفل کي
مخدوم صاحب
مچائي
آهي کيس جس هجي اهڙا مشاعرا اڳتي به ادبي بورڊ
منعقد ڪرائيندو رهندو ته جيئن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾
اسان جي انهن شاعرن کي پذيرائي ملي، جيڪي اسان جو سرمايو آهن، هڪ
راءِ پڻ پيش ڪئي
ته ڪافي قلمي نسخا جيڪي سنڌ جي تاريخ بابت لکيل
آهن جيڪڏهن انهن
کي
سنڌيءَ
۾ ترجمو ڪري ڇپائجن ته بهتر ٿيندو. سرور نواز ٻگهيي
ڳالهائيندي چيو ته جڏهن کان وٺي مخدوم سعيد الزمان
”عاطف“ صاحب بورڊ جا چيئرمين ٿيا آهن تڏهن کان
سنڌي ادبي بورڊ جا اڱڻ آباد ٿي ويا آهن، پاڻ اديب،
شاعر ۽ ادب دوست شخصيت جا مالڪ آهن، سندن ايامڪاريءَ
۾ بورڊ جو ڪم بهتر نموني سان هلي رهيو آهي هتي
ڪيترائي پروگرام پڻ ٿيا آهن
جن ۾
تعزيتي ميڙاڪا، مچ ڪچهري،
سگهڙ ڪچهري
۽ ٻيا ادبي پروگرام ٿيندا رهن ٿا
۽ سندن
سرواڻيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ هڪ دفعو ٻيهر اڳوڻو
جاهه و جلال ماڻڻ طرف وڌي رهيو آهي،
هڪ
ادبي بورڊ پاران منعقد ڪيل مشاعري وارو قدم يقينن
تاريخي نوعيت جو آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙيون سرگرميون ئي
ادبي بورڊ جي وڃايل وقار کي ٻيهر واپس ورائڻ ۾
ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، بورڊ جي
ملازمن،
آفيسرن ۽ ميمبرن پاران ادبي ماڻهن سان رابطه ڪاري
وارو عمل پڻ ادبي بورڊ جي ناماچاري جو سبب بڻبو.
ناليواري ليکڪ شاعر ۽ صحافي اظهار سومري چيو ته
سنڌي ادبي
بورڊ
هڪ ڀيرو نئين حسناڪ انداز سان سامهون اچي رهيو آهي هيءُ مشاعرو ان جي بهترين شروعات آهي، شاندار
ماضي رکندڙ هي ادارو جيڪو پنهنجي ساڳي جوڀن ڏانهن
واپس موٽڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ته ان کان وڌيڪ سنڌي
ادب کي ٻيو ڇا کپي.
سينيئر صحافي دودي
چانڊيي خطاب ڪندي چيو ته وڏي عرصي بعد اڄ ادبي
بورڊ جي هن مشاعري ۾ اچڻ ٿيو، اسان جي وڏين شخصيتن
هيءُ ادارا قائم ڪيا آهن، انهن کي پنهنجي جوهر ۾ ڀرپور انداز ۾
ڪم ڪرڻ گهرجي، آئون اميد ٿو ڪريان ته هيءُ
مشاعرو هن سنڌي ادبي بورڊ ۾ وري ساهه وجهندو.
مشاعري ۾ شريڪ ٿيندڙ
اديبن، دانشورن
۽ ٻين شاعرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري پنهنجي نڪور
شاعري پيش ڪئي. مشاعري بابت ڳالهائيندي چيو ته
سنڌي ادبي بورڊ پاران ڪرايل مشاعري ۾ شرڪت جو
موقعو مليو. مشاعري ۾ سنڌي ٻولي جا شاعر مختلف
شهرن کان آيل هئا. انتهائي شاندار مشاعرو ٿي
گذريو. اڄ ڊگهي عرصي کان پوءِ ادبي بورڊ جو
عاليشان پروگرام ڏسي محسوس ٿي رهيو آهي ته هاڻي
سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي پراڻي اوج کي ضرور بحال ڪري
وٺندو.
ناليواري براڊ ڪاسٽر نصير مرزا
پنهنجي ڪمپيئرنگ دوران
ڳالهائيندي چيو ته ننڍي کنڊ ۾ اردو سان گڏ سنڌي
مشاعرن جي شاندار تاريخ رهي آهي، 20 صديءَ
جي ابتدا ۾ گدا شاهه، قليچ بيگ، ميرعبدالحسين
سانگي
سوڌو ٻيا ڪيترائي شاعر هئا،
جيڪي مشاعرا ڪندا هئا، پوءِ
’بزم
خليل‘
۽
’بزم
طلب المولى‘
پاران شاندارن مشاعرن جي روايت پروان چڙهي، جنهن
کان پوءِ ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ
تي پڻ مشاعرا ٿيڻ لڳا، اڄوڪو هيءَ
ميڙاڪو تاريخي مشاعرن جو تسلسل محسوس ٿي رهيو
آهي، جنهن تي بورڊ چيئرمين مخدوم سعيد الزمان
جي اڳواڻي ۽ رهنمائي ۾
ان جي پوري ٽيم جس لهڻي. مشاعري ۾ ڊاڪٽر عرفانه
ملاح، امر سنڌو، فهيم نوناري، ڊاڪٽررشيده ڀٽي ۽
ٻين شاعرن ۽ ليکڪن
پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌي ادبي
بورڊ پاران
ڪرايل
مشاعرو تحسين جوڳو ڪم آهي. اهڙا منعقد ڪيل پروگرام
ادارن جي جياپي ۽ مانُ
مرتبي
کي
الله بچايو مشتاق آريسر
ميرپورخاص
ديوانِ عارف جي تقريب رونمائي
تاريخ 11- فيبروري 2022ع تي جمع جي ڏينهن شام جو 4
بجي روٽري ڪلب ميرپورخاص سينٽرل طرفان، سنڌ جي
مشهور سگهڙ ۽ شاعر پنهل فقير ’عارف‘ لغاري جي ڪتاب
’ديوان عارف‘ جي رونمائي تقريب منعقد ٿي. ’ديوان
عارف‘ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو آهي ۽ هن
ڪتاب جو مرتب جناب عبدالواحد ’عاصي‘ هڪڙو صاحب
آهي. تقريب جي صدارت سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف
گورنرس جي ميمبر جناب ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب ڪئي
۽ هيءَ تقريب روٽري ڪلب ميرپورخاص سينٽرل جي آفيس
۾ منقعد ٿي. تقريب جي ميزبانيءَ جا فرائض ڪلب جي
موجوده صدر جناب شهزادو ملڪ صاحب انجام ڏنا، جڏهن
ته تقريب جي انعقاد جو سڄو سِهرو محترم رفيق لغاري
صاحب جي سِر سونهي ٿو، جيڪو يونين ڪائونسل ڪاڪ جو
سابق چيئرمن ۽ عارف فقير جو رشتيدار پڻ آهي. محترم
شهزادو ملڪ صاحب سڀني آيل مهمانن جو شڪريو ادا
ڪيو. سڀني مهمانن کي پنهل فقير عارف جي خاندان جي
نوجوانن اجرڪن جا تحفا ڏنا. تقريب کي سنڌ جي سگهڙن
جي سرواڻ محترم تاج محمد هاليپوٽو، قائم سولنگي،
عبداللطيف لغاري، راقم ۽ ٻين ڪلب جي عهديدارن پڻ
خطاب ڪيو. ديوان جي مرتب محترم عبدالواحد عاصي
هڪڙو صاحب پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آءٌ سنڌي ادبي
بورڊ جي چيئرمن مخدوم سعيد الزمان عاطف ۽ پبليڪيشن
ڪميٽي جي ميمبرن ۽ سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جو
تمام گهڻو شڪرگذار آهيان جن جي مهربانين سان هيءَ
ديوان اڄ اسان جي هٿن ۾ آهي.
تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر اسد جمال پلي
صاحب چيو ته سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن محترم قبله
مخدوم سعيد الزمان عاطف جي اها دورانديشي ۽ اعلى
ادبي ذوق آهي جنهن نه صرف ٻين ڪميٽين سان گڏ
پبليڪيشن ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو پر ڪميٽين کي
خود مختيار پڻ ٺاهيو ته جيئن بورڊ جو ڪارونهوار
سهڻي نموني هلي سگهي.
مخدوم صاحب جتي بورڊ جي ٻاهرين ڏيک کي سينگاريو
آهي. وڻڪاري ۽ پارڪن سان بورڊ جي ايوان کي سرسبز
ڪيو آهي، بورڊ کي پنهنجو جهنڊو ڏنو آهي، جيڪا هڪ
خودمختيار اداري جي شناخت آهي. نيون بلڊنگون تعمير
ڪرايون آهن ۽ اڳين بلڊنگن جي مرمت ڪرائي آهي.
ملازمن کي ترقيون ڏنيون آهي. بورڊ مان جاري ٿيندڙ
ٽنهي رسالن مهراڻ، گل ڦل ۽ سرتيون جي معيار کي به
بلند ڪيو آهي ۽ انهن رسالن جو وقت سر اجراءُ ممڪن
بنايو آهي اتي ريپرنٽ ڪتابن جو وڏو تعداد شايع ڪيو
آهي ته ڪيترائي نوان ۽ معياري ڪتاب پڻ شايع ڪرايا
آهن، هيءُ ’ديوان عارف‘ پڻ انهن نون ڪتابن جي لسٽ
۾ شامل آهي.
پنهل فقير ’عارف‘ پنهنجي دور جو نمائنده شاعر ۽
سگهڙ هئو. سندس ڪلام سندس حياتي ۾ شايع نه ٿي
سگهيو. سندس شاعريءَ جا ڇهه ڪتاب مڪمل آهن. محترم
عبدالواحد عاصي صاحب انهن مان وڏي جاکوڙ سان ديوان
الڳ ڪري پوءِ ان کي ترتيب ڏئي اهم ڪم ڪيو آهي. وقت
جي ضرورت آهي ته پنهل فقير عارف جو باقي ڪلام جيڪو
محترم عبدالواحد عاصي صاحب وٽ موجود آهي، منظر عام
تي اچي. هن اهم ادبي ڪم ۾ محترم نواب امداد علي
خان ۽ تاج محمد هاليپوٽو صاحب جا به ٿورا مڃيا جن
عبدالواحد عاصيءَ جي هن نيڪ ڪم ۾ مدد ڪئي.
آخر ۾ محترم محمد رفيق لغاري صاحب سڀني آيل مهمانن
جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آءٌ خصوصاً سنڌي ادبي
بورڊ جي چيئرمن جناب مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ جو
احسان مند آهيان، جنهن جي مهربانين سان هيءُ ديوان
عوام جي هٿن ۾ آهي. آءٌ ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب
جو پڻ شڪر گذار آهيان جنهن ’بورڊ‘ جي طرفان
نمائندگي ڪري اسان جو مانُ مٿانهون ڪيو آهي.
حفيظ چانڊيو
................
سمنڊ سيويو جن
ڪتاب
’سمنڊ سيويو جن‘
۾ ليکڪ پروفيسر ستار سومري ڪوشش ڪئي آهي ته شاهه
سائينءَ جي شعرن جي صحيح تشريع ڪري، بي پهچ ماڻهن
جي داد رسي ڪري وٺي، ڇو جو پاڻ جنهن ڌرتيءَ تي
رهون ٿا، تنهن مٿان مختلف دورن ۾ حملي آورن پاران
ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺان ڌرتيءَ کي کسڪائڻ جون
ناڪام سازشون سٽبيون رهيون آهن، ان اثر هيٺ رهندڙ
ماڻهن منجهه جيڪو خوف پيدا ٿيو آهي، تنهن کي بي
اثر بڻائڻ لاءِ هن شاهه سائين جي شاعريءَ کي نجات
جو ذريعو ڀانئيو آهي.
ليکڪ پروفيسر ستار سومري ڪتاب
’سمنڊ سيويو جن‘
۾ پهريون مضمون ڪتاب جو ٽائيٽل آهي، جنهن ۾ ليکڪ
سنڌ جي تاريخ بيان ڪئي آهي، جنهن ۾ هُو ماضيءَ ۾ سنڌ جي وڻج ۽ واپار جو ذڪر
ڪندي هن مختلف ملڪن سان سندس واپاري تعلقاتن جي
تاريخ پيش ڪئي آهي، سندس هن مضمون ۾ انهن ملڪن جا
نالا آهن، جن سنڌ کي واپار جو مرڪز سمجهي اتي
واپار سانگي ايندا رهيا، تن ۾ سريلنڪا، ايراني نار
آفريڪا، مصر، ايران، عراق، لنڪا(سيلون) ۽ جاوا
سماتر وغيره اچي وڃن، جن درياهي رستي سان سنڌ ملڪ
اچي، هتان شيون خريدي، ٻين ملڪن ۾ وڪرو ڪري،
ناڻو ڪمائيندا هئا.
هن مضمون ۾ ليکڪ ڪيترن محققن جا حوالا پيش
ڪيا آهن،
جن ۾ ايس.پي ڇٻلاڻي، ڊاڪٽر ممتاز حُسين پٺاڻ،
ڀيرومل، ارنيسٽ هيمنگوِي جهڙن علم پرور املهه
ماڻهن جو ذڪر ملي ٿو.
هن ڪتاب
’سمنڊ سيويو جن‘
۾ ليکڪ پروفيسر ستار سومري سنڌ کي ماضيءَ ۾ صنعتي
مرڪز قرار ڏنو آهي، جنهن ۾ مهين جي دڙي کان اڳ ۽
بعد ۾ ٻين ملڪن سان واپاري تعلقن جو بيان ڪيو ويو
آهي.
ان کان علاوه ڪتاب
’سمنڊ سيوو جن‘ ۾ شاهه ۽ عشق، سر ڪيڏاري جو انقلابي پهلو، شاهه لطيف وٽ
سماجي اڏاوت جو عظيم تصور، شاهه لطيف جون سورميون
۽ اڄوڪو سنڌي سماج، شاهه جي ڪلام ۾ عورت جي عظمت،
شاهه سائين هڪ رهبر شاعر ۽ شاهه جي شاعريءَ ۾
خوبصورت تشبيهون‘
جي عنوانن سان باقي اٺ مضمون شامل آهن.
پروفيسر ستار سومرو، ڪتاب
’سمنڊ سيوو جن‘ ۾ سر ڪيڏاري ۾ انقلابي پهلو واضع ڪندي لکي ٿو ته:“شاهه لطيف
جهڙي امن پسند، پيار ڪندڙ ۽ تاريخي ڄاڻ واري
ماڻهوءَ کي اها خبر هئي ته توڙي جو جنگ پنهنجي
جوهر ۾ تباهي ۽ برباديءَ جو ڪارڻ هوندي آهي، پر هُو ان وقت قوم مٿان ويڙهه کي لازم سمجهي
ٿو، جڏهن استحصالي قوتون مظلومن مٿان ظلم جا ڪي
پهاڙ ڪيرائي وجهن.
مر مرين آءُ روئان، موٽي آءُ مَ ڪانڌ،
ڪـــجــن وڏا پانــڌ، جيئڻ ٿورا ڏينــهــڙا.
ڪتاب
’سمنڊ سيوو جن‘
۾ ليکڪ ستار سومري شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ سنڌ جو
ماضي، حال ۽ مستقبل بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ هُو
سماجي قدرن جي زوال کان عروج تائين جو حال احوال
ڪرڻ چاهي پيو.
هر ماڻهو جيڪو ڪجهه نه ڪجهه لکي پيو، سو
ڪيترين پيڙائن مان گذرڻ بعد تخليقي روپ ۾ اچي ٿي،
۽ انهن تخليقن کي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ، جيتوڻيڪ ايڏو
ڏکيو نه آهي، پر جيڪو تخليقڪار معياري لکندو، سو
يقينن عوامي پذيرائي سان گڏ ادبي دنيا ۾
پنهنجي جاءِ ٺاهيندو. هن ڪتاب
’سمنڊ
سيويو جن‘
پڙهڻ سان لطيف سائينءَ
جي فن ۽ فڪر کي ڏاڍي سهڻي ۽ سادي لفظن ۾ پروفيسر
ستار سومري صاحب سمجهائي، جنهن نموني سنڌي ادب جي
خدمت ڪئي آهي، سا يقينن مانُ
لهڻي. سندس هيءُ پورهيو لطيفيات جي حوالي سان هڪ
اهڙو تاريخي ۽ اهم ڪم آهي، جيڪو ايندڙ پيڙهين لاءِ
تحقيق جا نت نوان دڳ کوليندو
حافظ احمد الدين انڍڙ
پنوعاقل
علامه
قاسميءَ جي 18 ورسيءَ جي تقريب
سنڌ جي صد قابل احترام عالم علامه غلام مصطفيٰ
قاسميءَ جي سالانه ڏهاڙي جي موقعي تي، سندن وصال
واري تاريخ 9- ڊسمبر 2003ع جي حوالي سان 18-هين
ورسي، سندن آخري آرامگاهه تي احترام سان ملهائي
ويئي. ان موقعي تي دستوري طرح منعقد ڪيل هڪ ساده
مگر پُروقار تقريب ۾ اديبن ۽ شاعرن، صحافين ۽
مداحن، شاگردن ۽ خاندان جي فردن وڏي تعداد ۾ شريڪ
ٿي، سندس گوناگون علمي ادبي تحقيقي ۽ ديني خدمتن
تي روشني وجهندي، عقيدت جو خراج پيش ڪيو. اِن
موقعي تي علامه صاحب جي خاندان مان سندس فرزندن،
خاص طرح سان سندن علمي روايتن جي محافظ پروفيسر
نذير احمد قاسمي ۽ انجنيئر رشيد احمد قاسمي پڻ
شرڪت ڪئي.
حيدرآباد جي صحافي ڪالوني ۾ ميان غلام نبي ڪلهوڙي
جي مقبري واري احاطي جي اندر، علامه صاحب جي مزار
تي، گلن جون چادرون چاڙهڻ سان تقريب جي شروعات ڪئي
ويئي، جنهن جي اڳواڻي، ’علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
چيئر‘ جي ڊئريڪٽر، ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب ڪئي.
حاضرين عقيدتمندن طرفان علامه صاحب جي مزار تي گل
پاشي کان پوءِ ايصال ثواب لاءِ مغفرت جون دعائون
گهريون ويون.
ان کان پوءِ تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان
ٿي. ان موقعي تي مقررين پنهنجا تاثرات بيان ڪندي،
علامه قاسمي صاحب جي مثالي علمي ۽ ديني، خدمتن کي
سنڌي ادب، تعليم ۽ سماج لاءِ نيڪ فال قرار ڏنو.
پروفيسر نذير احمد قاسمي آيل مهمانن جي آجيان ڪندي
چيو ته والد صاحب جي اڄ 18 هين ورسي آهي، جو پاڻ
بهتر جهان ۾ آهن، پر سندن انتهائي غيرمعمولي شفقت
۽ ننڍن وڏن توڙي ٻارن سڀني سان هڪجهڙي پيار جي
حوالي سان سندن روحاني خوشبو جو واس ۽ سڳنڌ هميشه
موجودگي طور محسوس ٿيندو رهندو آهي.
پروفيسر نذيراحمد، سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جي
حيثيت ۾ سندن خدمتن جو تفصيل سان ذڪر ڪندي ٻڌايو
ته 1977ع ۾ جڏهن کين اداري جي صدارت سونپي ويئي،
ان وقت بورڊ ۾ ڇپائيءَ جي وڌيڪ گهُرجن جي پيش نظر
بورڊ لاءِ جديد آفسيٽ آٽوميٽڪ مشينريءَ جي ضرورت
محسوس ڪندي علامه صاحب ان لاءِ ڀرپور ڪوششون
ورتيون، ۽
PC
ون ۽ ٻيا گهُربل ڪاغذ تيار ڪرائي، لاڳيتو سنڌ
سرڪاري اختيارين سان رابطي ۾ مصروف رهيا. سندن
انهن اڻٿڪ جاکوڙي ڪاوشن جي نتيجي ۾ اُن وقت جي علم
دوست وزير ثقافت ۽ تعليم سنڌ، جسٽس (ر) سيد غوث
علي شاهه صاحب بورڊ لاءِ نهايت عمده معيار، آفسيٽ
پرنٽنگ مڪمل يونٽ جون مشينون جرمنيءَ مان گهرائي
ڏنيون، جيڪي 85-1984ع ڌاري ڄام شوري ۾ نصب ڪيون
ويون.
پروفيسر نذير احمد اهو پڻ ٻڌايو ته هڪ مرحلي تي،
علامه صاحب جي سفري سهولت لاءِ
صدر مملڪت پاڻهرتو ججهي خلوص ۽ صدق سان موٽرڪار جو
تحفو موڪليو، پر والد صاحب ڪمال ايثار جو مظاهرو
ڪندي اها گاڏي اداره سنڌي ادبي بورڊ جي نالي ۾
رجسٽر ڪرائي ڇڏي، سمورن علمي حلقن جي مٿان اها
حقيقت اڄ به ائين ئي روشن ۽ آشڪار آهي، ڄڻ ته اها
ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه آهي.
ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي، قاسمي صاحب جي صحافتي خدمتن
جو تفصيلي ذڪر ڪندي، ٻن رسالن”الرحيم“ ۽ ”الولي“
تي روشني وڌي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ لاءِ
”رهنما“ (گائيڊ) جي حيثيت ۾ سندن خدمتن جي اپٽار
ڪئي.
ڊاڪٽر رفيق احمد مڱرئي پنهنجي تاثرات ۾ ان نُقطي
کي اُجاگر ڪيو ته طلوعِ اسلام کان پوءِ مختلف عرب
مُلڪن ۾ اسان جي ’سنڌي‘ عالمن، علم و فضل، حڪمت و
دانش جا جيڪي حيرت انگيز مثال قائم ڪيا، انهن جي
احوال کان اسان کي گهڻي کان گهڻي آگاهي علامه
قاسمي جي تحقيقات مان ئي ملي سگهي آهي، جو اصل
ماخذ عربي ٻوليءَ ۾ آهن.
نفيس احمد ’ناشاد‘ پنهنجي تاثرات ۾ علامه صاحب جي
ذاتي اوصاف جو تذڪرو ڪندي ٻڌايو ته علامه صاحب کي
پنهنجن دوستن، همعصرن، لاڳاپي وارن، شاگردن ۽
زيردستن لاءِ هميشه سهڻو گمان رهندو هو. ناشاد
صاحب، خاص طرح مثال ڏنو ته 1977ع کان وٺي 1989ع
تائين 11/12 سال سنڌي ادبي بورڊ جي سرواڻيءَ
دوران، ٽماهي رسالي ’مهراڻ‘ جي سرپرست اعليٰ جي
حيثيت ۾، علامه صاحب کي، ادارهء
’مهراڻ‘
جي مقرره منصبي فرضن لاءِ هميشه هڪ خاص وضعدارانه
اطمينان ۽ احترام رهيو ۽ سندن طرزِ عمل ۾ ڪڏهن به
تِر جيترو به فرق ڪونه پيو، جنهن کي اختيارن ۾
دخل چئي سگهجي.
سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري سيد سڪندر علي شاهه
پنهنجي عملي سان گڏ علامه صاحب جي مزار تي بورڊ
طرفان گلن جي چادر چاڙهي ۽ پنهنجي تاثرات ۾ ٻُڌايو
ته توڙي جو علامه صاحب جي صدارت واري دور جا ملازم
هاڻي اداري ۾ ڪي نالي ماتر بچيا آهن، پر اڄ به
سمورن ملازمن کي علامه قاسمي صاحب جي علمي خدمتن ۽
اداري جي فلاح و بهبود لاءِ ورتل ڪوششن جو پورو
پورو ادراڪ ۽ فخر حاصل آهي ۽ کين وڏي عقيدت سان
ياد ڪيو ويندو آهي. قرآن شريف فارسي مترجم حضرت
مخدوم نوح سرورؒ جي اوائلي اشاعت جي ابتدا، علامه
صاحب جي يادگار دور ۾ سندس ئي تحرڪ ۽ توجهه سان
ٿي، جنهن جا مهتمم به پاڻ هئا.
تقريب جي صدر، جناب ڊاڪٽر قاضي خادم پنهنجي خطاب ۾
علامه قاسمي جي تحقيقي ڪاوشن ۽ علمي مرتبي جي ذڪر
سان گڏ، خاص طرح سان ’علامه قاسمي چيئر‘ جي مالي
صورتحال طرف ڌيان ڇڪائيندي، سنڌ يونيورسٽي
انتظاميه کان گهُر ڪئي ته چيئر جي مالي مدد لاءِ
توجهه ڪيو وڃي، جيئن ڪمن ڪارين جون ڏکيايون
آسانيءَ ۾ تبديل ٿين.
ڊاڪٽر قاضي خادم علامه قاسمي صاحب کي عقيدت جو
خراج پيش ڪندي، ساڻس گهاريل يادگار دور جون
ساروڻيون سنڀاريندي، سندس خدمتن کي ايندڙ نسلن
لاءِ رهبري ۽ رهنمائي جو باعث قرار ڏنو.
آخر ۾ خيرات جي ماني ٿي ۽ انجنيئر رشيد احمد قاسمي
آيل مهمانن جو شڪريوا دا ڪيو، پڄاڻيءَ تي اجتماعي
دُعا جي سعادت (راقم
الحروف) کي حاصل ٿي.
مير علي شاهه ڪاظمي
سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٽن ڏينهن جو ڪتابي ميلو ۽ بورڊ
جي
سابق چيئرمينن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ
ڪوٺايل تقريب
سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري لاءِ قائم سنڌي ادبي
بورڊ ڄام شورو طرفان ٽن ڏينهن جي حوالي سان تاريخ
13 فيبروري 2022ع کان 15 فيبروري تائين ڪتابي ميلي
۽ بورڊ جي سابق چيئرمينن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ
لاءِ تقريب ڪوٺائي وئي. جنهن لاءِ پهرين ڏينهن 13
فيبروري تي ڪتابي ميلي جو افتتاح بورڊ جي چيئرمين
مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ ڪيو.
افتتاح جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين
مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ ڪتابي ميلي ۾ لڳايل
اسٽالن جو دورو ڪري پبلشرن کي سنڌي ادبي بورڊ ۾
اچڻ تي ڀليڪار ڪئي ۽ سهڪار ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو،
ان موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين ميڊيا سان
ڳالهائيندي چيو ته بورڊ کي مثالي اداري بنائڻ ۾
اسان جون ڏينهن رات جون ڪوششون جاري آهن، اسان جي
مٿان اهو فرض هو ته ڪتابن جي ڇپائي ۽ ادبي سرگرمين
سان گڏ انهن چيئرمين صاحبان کي به خراج تحسين پيش
ڪريون، جن سنڌي ادبي بورڊ کي هڪ شاندار علمي ۽
ادبي ادارو بنائڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو.
بورڊ جي چيئرمين جو اهو به چوڻ هو، ته ڪتابي ميلي
لڳائڻ جو مقصد نوجوان نسل کي ڪتابن طرف متوجهه
ڪرڻ آهي. ڪتابي ميلي ۾ هر عمر جا ماڻهو شريڪ آهن،
آهن، جيڪو پڻ اسان جو مقصد هو. هيءُ ڪتابي ميلو ٽن
ڏينهن تائين جاري رهندو. سنڌي ادبي بورڊ طرفان
ايندڙ مهيني ۾ سنڌي اردو مشاعرو ڪرايو ويندو، جنهن
سان سنڌ ۾ سنڌي اردو اديبن ۽ آبادي ۾ وڌيڪ
ويجهڙائپ قائم ٿيندي، هن چيو ته سنڌ حڪومت کي بورڊ
۾ تعميراتي ڪمن لاءِ بجيٽ لاءِ لکيو آهي، جيئن ئي
بجيٽ ملندي ويندي ترقياتي ڪم جاري رکيا ويندا،
ڇاڪاڻ ته هن وقت جيڪا اسان کي بجيٽ ملي رهي آهي ان
جو 80 سيڪڙو پگهارن تي خرچ ٿي رهيو آهي، ان ڪري
محدود وسيلن ۾ ڪتابن جي ڇپائيءَ سوڌو ٻيون ادبي ۽
علمي سرگرميون ڪري رهيا آهيون ۽ بورڊ مان جاري
ٿيندڙ رسالن کي به وقت سر شايع ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته پهرئين ڏينهن جي ادبي نشست ۾ بورڊ جي
اڳوڻي چيئرمين مخدوم طالب المولى جي شخصيت کي ڀيٽا
پيش ڪئي پئي وڃي، اڳوڻي چيئرمين مخدوم طالب المولي
جي شخصيت تي تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري پڻ پيش ڪئي پئي
وڃي.
تقريبن جي پهرئين ڏينهن ادبي نشست ۾ مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ
ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن جي صدارت نامياري شاعر شبير
شاهه هاتف ڪئي، جڏهن ته اعزازي مهمان سرفراز راڄڙ،
ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، مختيار
ملڪ هئا. ڪانفرنس جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان
ڪئي وئي. ڪانفرنس جي شروعات ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي
سرتيون رسالي جي ايڊيٽر، نامياري شاعره ۽ سنڌي
ادبي بورڊ جي پروگرامز آرگنائيزنگ ڪاميٽي جي
چيئرپرسن گلبدن جاويد مرزا آيل مهمانن کي آجياڻو
ڏيندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ ٽن سالن جي هن مختصر
عرصي ۾ موجوده چيئرمين مخدوم سعيدالزمان
”عاطف“ جي سربراهيءَ ۾ ٻن ڏهاڪن جيترو ڪم ڪيو آهي،
جيئن اداري جو خوبصورت انفراسٽرڪچر، 114 جديد ۽
قديم ادب تي نوان ۽ ري پرنٽ ڪتاب شايع ڪرايا آهن.
سنڌ جي تاريخ تي انگريزيءَ ۾ ترجمي تي ڪم هلندڙ
آهي ۽ ترقياتي ڪمن بابت شهيد بينظير ڀٽو ريسرچ
هاسٽل ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جديد لائبرري ۽ ٻيا
ڪم هلندڙ آهن ۽ ٽن سالن جي عرصي ۾ هي ٽيون ڪتابي
ميلو آهي. آخر ۾ صدارتي خطاب ڪندي شبير شاهه هاتف
چيو ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن اهي عظيم
انسان آهن، جن سنڌي ثقافت، سنڌي ٻولي ۽ علم و ادب
سان محبت ڪئي آهي. پاڻ سنڌي ٻولي جي الفابيٽ تي ڪم
ڪيائون. لغات تي ڪم ڪيائون. حضرت نوحؒ خاندان پاڻ
واحد هستي آهن، جن شاعريءَ جي هر صنف کي اوج
ڏياريو. پاڻ سنڌ جي ادارن جي سرپرستي ڪيائون. بزمِ
طالب الموليٰ جي پليٽفارم تان نوجوان شاعرن ۽
ليکڪن جي همت افزائي ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ کي هڪ
ڪمري جي آفيس مان کڻي هن خوبصورت عمارت تائين آڻڻ
جديد ۽ قديم ادب جا سوين ڪتاب ڇپائڻ سندن ڪمال
آهي.
تقريب کي خطاب ڪندي نامياري شاعر ۽ سنڌي ادبي بورڊ
جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبر مختيار ملڪ چيو ته
مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي دور جي ادبي ڌُرين ۾
غير تڪراري ۽ قابل قبول شخصيت هو. طالب الموليٰ هڪ
ئي وقت عروضي ۽ غير عروضي شاعريءَ ۾ طبع آزمائي
ڪئي. طالب الموليٰ سنگيت سان چاهه رکندو هو. سندس
شاعريءَ ۾ موسيقيءَ جو رچاءُ هو. سنڌي ادبي بورڊ
جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبر ڊاڪٽر عبدالغفار سومري
خطاب ڪندي چيو ته مخدوم طالب الموليٰ سنڌي علم ۽
ادب جي نهايت همه گير شخصيت آهي، هو شاعريءَ سان
گڏ نثر تي به مهارت رکن ٿا، سندن علمي شخصيت جو هڪ
اهم پهلو تحقيق پڻ آهي، انهيءَ پس منظر ۾ پاڻ
ديوانِ طالب الموليٰ ۽ 59 اکرن يا آواز تي ديوان
ترتيب ڏنائون. اهڙيءَ طرح سنڌي مخففات سندن ادبي
تحقيق جو شهپارو آهي. سندن علمي تحقيق جو مثال
گيڙو رنگ جي اصليت کي پڌرو ڪرڻ آهي، جنهن تي کانئن
اڳ ڪنهن به ڪجهه نه لکيو آهي. مون کي ’گيڙو‘
ڪتاب تي تحقيق ڪندي اها رهنمائي ملي. سنڌي ٻوليءَ
جي نامياري شاعر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف
گورنرز جي ميمبر سرفراز راڄڙ چيو ته قبلا حضرت
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ تمام وڏي ۽ گهڻ رخي
شخصيت جا مالڪ هئا. سندن سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب
لاءِ شاندار خدمتون آهن. سنڌي ادبي بورڊ لاءِ سندن
بيحد گهڻيون خدمتون آهن ۽ بورڊ کي پنهنجي زمين به
ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير غلام مصطفيٰ جتوئي کان
موجوده هنڌ وٺي آفيسون ٺهرايون. پاڻ اميري ۾ فقيري
ڪيائون. سنڌ هن عظيم شخصيت کي ڪڏهن به وساري نٿي
سگهي. نامياري محقق ۽ اديب ۽ سنڌي ادبي بورڊ آف
گورنرز جي ميمبر ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ڳالهائيندي چيو
ته مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي وجود ۾ نه صرف هڪ
شخص بلڪه هڪ انجمن هو، هو هڪ مثالي ادبي تحريڪ هو،
سندن شخصيت، ادارن جي سرپرستي ۽ قلم ڌڻين جي همت
افزائيءَ جو اهڙو مثال قائم ڪيو، جيڪو سندن طبقي
جيئن سنڌ واسين لاءِ علم دوستي ۽ ادب پروريءَ جا
قدر ۽ نظريو قائم ڪيو.
ٽن ڏينهن جي تقريبن جي ٻئي ڏينهن تاريخ 14 فيبروري
2022ع تي پهرين نشست ۾ سيد ميران محمد شاهه، جناب
آغا نبي پٺاڻ، جناب قاضي محمد اڪبر ۽ جناب محمد
ايوب کهڙو کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ تقريب ٿي
گذري، تقريب جي صدارت ميڊم ممتاز ڀٽو ڪئي، جڏهن ته
خاص مهمان سيد شبير شاهه ”هاتف“ هو. تقريب ۾ سنڌي
ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمن خانبهادر ايوب کهڙو
بابت ڳالهائيندي سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرز
جي ميمبر ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو چيو ته خانبهادر محمد
ايوب کهڙو جو سنڌ ۽ پاڪستان جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار
آهي، سنه 1901ع ۾ وڏيري شاهه محمد جي گهر ۾ جنم
ورتو. هو سماٽ جي کهڙا قبيلي مان هو. چيف منسٽر
هئڻ ڪري 1942ع ۾ قائم ٿيل سنڌي ادبي بورڊ جو
چيئرمين ٿيو.
تقريب کي خطاب ڪندي سيد شبير شاهه
”هاتف“ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين سيد ميران
محمد شاهه جي شخصيت تي ڳالهائيندي چيو ته هو
پنهنجي دور جو تمام وڏو ماڻهو هو. هُو جڏهن وزارت
۾ آيو ته پاڻ تعليم تي وڏو ڌيان ڏنائين خاص ڪري
نياڻين جي تعليم تي وڏي جاکوڙ ڪيائين جيئن مدرسته
البنات حيدرآباد ۽ ٻيا اسڪول ۽ ڪاليج ڇوڪرين لاءِ
کولرايائين، هن هميشه سنڌ جي حقن ۽ سنڌي ماڻهن
لاءِ جاکوڙيو. ميران محمد شاهه، جويڪو سياستدان به
آهي، سماج سڌارڪ به آهي، اديب به آهي ته شاعر به
آهي، جو نه رڳو اعليٰ انتظامي عهدن تي رهيو. پر
علمي ادبي ادارن جي سرپرستي ڪئي. سنڌي ٻوليءَ جي
نامياري شاعره محترمه ڊاڪٽر سحر امداد حسيني جو
سيد ميران محمد شاهه تي لکيل مقالو سرتيون رسالي
جي ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا پڙهيو.
سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمن قاضي محمد اڪبر
بابت محترم اديب، صحافي نياز پنهور جي لکيل خاڪي
کي نصير مرزا پيش ڪيو ۽ ٻڌايو ته قاضي محمد اڪبر
جو تعلق سيوهڻ جي عباسي خاندان سان هو، حڪيم فتح
محمد سيوهاڻي سندس چاچو ۽ ناميارو حڪيم قاضي
عبدالقيوم والد هو، قاضي خاندان جو تعلق حڪمت،
سياست ۽ صحافت سان هو، 1946ع ۾ سائينجي.ايم.سيد
سان اليڪشن ۾ بيٺو. سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي
چيئرمين آغا غلام نبي پٺاڻ بابت ڳالهائيندي نصير
مرزا چيو ته آغا غلام نبي پٺاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو
پهريون چيئرمن رهيو.
آغا صاحب ائنٽي ون يونٽ فرنٽ ۾ شامل ٿيو، جنهن جو
صدر محمد ايوب کهڙو هو ۽ ٻين ميمبرن ۾ جي.ايم.سيد،
پير پاڳارو، مخدوم طالب الموليٰ، مير غلام علي
ٽالپر، قاضي فضل الله، عبدالستار پيرزادو، مولابخش
سومرو، غلام محمد وساڻ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ
جهڙا اڪابر شامل هئا.
ان ڏينهن رٿيل ٻي
نشست ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو، حسين شاهه راشدي، نياز احمد، عرفان الله
مروت ۽ ارباب غلام رحيم کي خراج تحسين پيش ڪرڻ
لاءِ تقريب ٿي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
ڪئي، جڏهن ته اعزازي مهمان ڊاڪٽر اسد جمال پلي ۽
پروفيسر نذير قاسمي ۽ ڊاڪٽر قاضي خادم هئا. سنڌي
ادبي بورڊ جي سينئر ميمبر دُر محمد پٺاڻ چيو ته
سنڌي ادبي بورڊ هڪ نئين روايت قائم ڪندي، انهن
عظيم انسانن کي ياد ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جن پنهنجي
محنت ۽ محبت سان سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين جي
حيثيت ۾ هن اداري کي مثالي ادارو بڻايو. ادارا
ٺاهڻ، ادارا هلائڻ ۽ ادارن کي پنهنجو سمجهڻ جو درس
اسان کي اهي ئي آدرشن ڏين ٿا، جن کي اڄ سنڌي ادبي
بورڊ ياد ڪيو. ڊاڪٽر قاضي خادم چيو ته غلام مصطفيٰ
قاسمي نه صرف سنڌ جو بلڪه هن دور جو هڪ نامور عالم
آهن، جن مذهبي ۽ دينوي علوم جي هر پهلو تي تمام
گهڻو لکيو آهي، جنهن جي هر پهلوءَ تي تحقيق ڪرڻ جي
ضرورت آهي.
پروفيسر نذير قاسمي چيو ته سنڌ جي عظيم ديني عالمن
جو سلسلو تمام طويل آهي. علامه قاسمي صاحب جي
ايامڪاريءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ جديد پرنٽنگ پريس
قائم ٿي، گڏوگڏ سنڌي زبان ۾ پهريون ڀيرو فوٽو
ٽائيپ سيٽنگ فار ڪمپوزنگ، سنڌي انگريزي جو اجراءُ
ٿيو.
سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمن ارباب غلام رحيم
جو پروفائيل پروگرام جي ڪمپيئر نصير مرزا پڙهيو.
هن چيو ته ارباب غلام رحيم پنهنجي وڏ وزارت دوران
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير علي محمد خان مهر طرفان
سنڌي ادبي بورڊ لاءِ اعلانيل 2 ڪروڙ رپيا اسپيشل
گرانٽ جاري ڪئي.
بورڊ آف گورنرس جي ميمبر ڊاڪٽر اسد جمال پلي تقريب
کي خطاب ڪندي چيو ته هيءُ ٽن ڏينهن جو سنڌي ادبي
بورڊ جو پروگرام محترم چيئرمين سعيد الزمان ’عاطف‘
صاحب جي دور انديشي جو مثال آهي. بغير ڪنهن تفريق
جي سڀني اڳوڻن چيئرمينن جو ذڪر مختلف نشستن ۾
انتهائي سليقي سان مختلف اديبن ۽ ليکڪن کان خطاب
ڪرايو ويو آهي. هُن ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي
چيئرمين طور ڪيل خدمتن جو ذڪر ڪيو.
ٻي نشست دوران سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرايل
نون ڪتابن سنڌوءَ جا بندر بازارون، گل جو ڪلام،
ناهي مستن تي ڪا ميار، حقوق العباد، غلام رباني
آگري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو تنقيدي جائزو
جي مهورت ڪئي وئي.
ٽن ڏينهن جي تقريبن جي ٽئين ۽ آخري ڏينهن تاريخ 15
فيبروري 2020ع تي جي پهرين نشست ۾ محمد ابراهيم
جويو، عبدالحميد آخوند، غلام رباني آگرو کي خراج
تحسين پيش ڪرڻ لاءِ تقريب ٿي گذري، تقريب جي صدارت
سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبر ۽
نامياري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر نواز علي شوق ڪئي.
تقريب ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرز جي
ميمبر ڊاڪٽر نواز علي شوق خطاب ڪندي چيو ته سنڌي
ادبي بورڊ طرفان پنهنجي بانيڪارن، چيئرمينن ۽
سيڪريٽرين جي خدمتن تي ڪانفرنس جون ويهڪون ڪرائڻ
تي چيئرمين سعيد الزمان ”عاطف“ کي مبارڪباد ڏجي
ٿي. حميد آخوند ادبي بورڊ جو مختصر ڏينهن لاءِ
چيئرمين ٿيو ته هن ادبي بورڊ لاءِ چيئرميني دوران
پريس مشين گهرائي، هنن شخصيتن کي خراج عقيدت لاءِ
هڪ هڪ شخصيت تي ڌار ڌار ڪانفرنس ڪرائڻ گهرجي، محمد
ابراهيم جويو جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي ڳالهائيندي
سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب تاج جويو چيو ته محمد
ابراهيم جويو، جديد سنڌي ادب جو معمار هو، هو
سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ چيئرمين رهيو، هن
پنهنجي دور سنڌي لغت، سنڌي لوڪ ادب، سنڌ جي تاريخ،
سنڌي ڪلاسيڪي ادب ترجمي ۽ ٻاراڻي ادب جو اسڪيمون
شروع ڪرايون.
محترم نصير مرزا ڪمپئرنگ دوران
ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ ادارو خوشقسمت
آهي جو سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جي حياتيءَ
۾ سندن زندگيءَ ۽ علمي ادبي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ
لاءِ سئو ساله جشن جي سلسلي ۾ ٽماهي ’مهراڻ‘
3-4/2013ع ”خاص نمبر“ جيڪو ثمينه ميمڻ جي ادارت ۾
شايع ٿيو، جنهن لاءِ ثمينه ميمڻ پڻ مبارڪباد جي
مستحق آهي.
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ جي ٽيم کي جس
هجي جنهن پنهنجي محسن چيئرمينن کي ياد ڪيو آهي.
غلام رباني آگرو هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۽ هڪ پرائمري استاد
جو پٽ هيو، ليڪن سندس سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتن
امر بڻايو آهي، سندس تربيت ۾ سندس پيءُ علامه آءِ
آءِ قاضي، محمد ابراهيم جهڙا مدبر شخصيتون شامل
آهن.
جناب عبدالحميد آخوند جي علمي ۽ ادبي خدمتن بابت
ڳالهائيندي سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو جي
چيئرمين ۽ نامياري محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيو
ته محترم عبدالحميد آخوند هڪ سنڌ شناس ۽ انسان
شناس شخصيت آهي هُو سنڌ، سنڌي ٻولي، تهذيب، قديم
آثار، سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف جي شاعري ۽ لطيف جي
شاعري جو عاشق رهيو آهي، سنڌ جي موسيقي، راڳ
راڳيندڙن ۽ فنڪارن سان نه رڳو محبت ڪندڙ رهيو آهي
پر ڪيترن ئي راڳيندڙن ۽ فنڪارن کي ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾
متعارف ڪرائي، سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي. غلام
رباني آگرو صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي
ڳالهائيندي محترمه ڊاڪٽر ريحانه نظير چيو ته غلام
رباني سنڌي ڪهاڻي جو سرموڙ ڪهاڻي نويس آهي، سندس
ڪهاڻين ۾ سنڌ جي سماجي زندگي جو عڪس پسجي سگهي ٿو،
سندس جڳ مشهور افسانو شيدو ڌاڙيل سنڌي ڪهاڻي جو
اهم ڪردار آهي، جنهن کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي ۾ شريف
بدمعاش هيرو جو تصور جوڙيو، محترم غلام رباني سنڌي
ادبي لاءِ وڏيون خدمتون ڏنيون آهن جيڪي وسارڻ
جوڳيون ناهن.
ٽن ڏينهن جي تقريبن جي ٽئين ۽ آخري ڏينهن جي ٻي
نشست ۾ جناب مخدوم جميل الزمان، جناب پير
مظهرالحق ۽ محترمه ڊاڪٽر حميده کهڙو کي خراج تحسين
پيش ڪرڻ لاءِ تقريب ٿي گذري، تقريب جي صدارت سنڌي
ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبر جناب ڊاڪٽر
اسد جمال پلي صاحب ڪئي، تقريب دوران جناب مخدوم
جميل الزمان صاحب جي خدمتن تي ڳالهائيندي نامياري
اديب جناب نصير مرزا صاحب چيو ته جميل سائين
پنهنجي خاندان جا اهڙا پهريان پڳدار آهن، جن
مخدومان هالا، حضرت عباس علمدار ۽ حضرت ابوبڪر
صديق وغيره بابت نثر ۾ شاندار ڪتاب لکيا آهن،
شاعري کين ورثي ۾ مليل هئي. سنڌي ادبي بورڊ جي
اڳوڻي چيئرپرسن ڊاڪٽر حميده کهڙو بابت ڳالهائيندي
تهمينه مفتي چيو ته حميده کهڙو سنڌ جي دانشور،
سياستدان، استاد تاريخدان شخصيت آهي سنڌي ادبي
بورڊ جي پهرئين عورت چيئرپرسن ۽ پهرئين سنڌي عورت
جنهن آڪسفورڊ مان پي ايڇ ڊي ڪئي. اڳوڻي چيئرمن پير
مظهرالحق بابت ڳالهائيندي پير راحيل حسين چيو ته
سنڌي ادبي بورڊ تمام بهترين ڪم ڪري رهيو آهي،
مخدوم سعيد الزمان جي چيئرمين ٿيڻ ادبي بورڊ جي
لاءِ بهترين فيصلو آهي، پير مظهر الحق 2007ع کان
2008ع تائين بورڊ جو چيئرمين رهيو، پير مظهر الحق
پنهنجي دؤر ۾ بينظير ڀٽو جي نالي سان هڪ ڪتاب
ڇپرايو ۽ ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي ڪتاب
ڇپرايا. نامياري اديب مخمور بخاري، سنڌي ادبي بورڊ
جي اڳوڻي چيئرمين مخدوم جميل الزمان بابت
ڳالهائيندي چيو ته سياسي، روحاني شخصيت هجڻ سان
گڏوگڏ علمي ادبي شخصيت پڻ آهن، پاڻ سنڌي ادبي بورڊ
جي چيئرمين جي حيثيت ۾ بورڊ جون نيون عمارتون
جوڙايون جيڪي وقت جي ضروت هئي، پاڻ، شاعر، اديب ۽
بااخلاق وضعدار شخصيت جا مالڪ آهن. نامياري ليکڪ
فهيم نوناري ڳالهائيندي چيو آءٌ شڪرگذار آهيان جو
مون کي ڊاڪٽر حميده کهڙو جي علمي، سماجي، ادبي ۽
سياسي زندگي بابت ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو. جڏهن ايوب
جي دور ۾ سنڌ ۾ ون يونٽ مڙهيو ويو ته هن لنڊن مان
شاگردي واري زماني ۾ مخالفت ڪئي، سنڌ يونيورسٽي جي
تاريخ جي شعبي ۾ استاد طور خدمتون سرانجام
ڏنائين. هن جا 10 کان وڌيڪ انگريزي ۾ ڪتاب ڇپيل
آهن ۽ سوين انگريزي ۽ سنڌي ۾ ڪتاب ڇاپيل آهن، سنڌ
اندر روشني پکيڙڻ لاءِ اهم ڪم ڪيو.
سنڌي ادبي بورڊ ۾ چيئرمينين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ
لاءِ ٻئي ڏينهن جي تقريبن ۾ ٻي نشست دوران سنڌي
ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرايل نون ڪتابن عمرڪوٽ ضلعي
جي قبرستانن جي ڪتبن جو مطالعو، تاريخ جا گم ٿيل
ورق، چين جون مشهور شخصيتون ، گيتن جي گلزاري ۽
ديوانِ عارف جي مهورت ڪئي وئي.
تقريب جي آخر ۾ صدارتي خطاب ۾ ڊاڪٽر اسد جمال
پليءَ چيو ته هن نشست جا موصوف ٽئي چيئرمين سنڌ جي
وڏن، سياسي ۽ سماجي گهراڻن جا فرد ۽ ادب جي دنيا
جا وڏا نالا آهن. اسان جي بورڊ جي موجوده چيئرمين
صاحب هنن سڀني سابق چيئرمين کي خراج عقيدت پيش ڪري
بلند خيالي ۽ اعليٰ ادبي ۽ علمي ذوق جو مظاهرو ڪيو
آهي، هن پروگرام جي آرگنائيزرن کي مبارڪون ڏنيون ۽
خاص طرح محترم نصير مرزا جي ٽن ڏينهن جي پُرخلوص
ڪمپيئرنگ جي پڻ ساراهه ڪئي.
سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو ۾ لڳل ڪتابي ميلي جي 3 ڏينهن ۾ خريدارن
جي وڏي انگ جنهن ۾ مختلف اسڪولن، ڪاليجن ۽
يونيورسٽين جي شاگردن ۽ عام پڙهندڙن وڏي انگ ۾
پهچي ڪتاب خريد ڪيا.
|