سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1966ع

مضمون

صفحو :5

 

 

سيد حاجي علي اڪبر شاهه

مخدوم نوح سرور

الله· جي لاءِ سڀ ساراهه ٿي سونهي، جنهن پنهنجي عاشقن ۽ عارفن کي، پاڻ ڏي رهنمائيءَ ڪرڻ لاءِ، پنهنجي محبوب مرسل جي فيض کي فيضان ۽ عرفان جو وسيلو بنايو، ۽ پنهنجي ڪمال قدرت سان، اُنهيءَ فيض محمديءَ کي قيامت تائين، مشرق ۽ مغرب جي پياس لاءِ سيرابيءَ جو باعث، ۽ سِڪَ لاءِ ذريعهء سڪون بنايو:

رهي اس سي محروم آبي نه خاڪي،

هري هو گئي ساري کيتي خدا کي.

        اها حقيقت جامع، حقيقت محمديءَ جو ظهور آهي، جنهن کانپوءِ باقي سڀ دروازا جمع ٿي، سميٽجي هڪ دروازي وٽ مدغم ٿي ويا.

همه درها بسته اند، الا در، تو.

        اهو فيض، فيضان ۽ عرفان جي اعليٰ حقيقت تائين، پوري انسانذات جي رهنمائيءَ جو باعث بنيو. جيئن لطيف فرمايو آهي:

جکري جهڙو جوان، جڙيو ڪين جهان ۾،

مهڙ مڙنين مرسلين، ۽ سرس سندس شان،

تنهن آگي جا احسان، جنهن هادي ميڙيم ههڙو.

 

        اهو فيضان، ڪڏهن شبنم وانگر، ڪڏهن وڏڦڙي مينهن وانگر، رعد ۽ برق جي ڪڙاڪي سان وسندو رهيو. سُر سارنگ ۾ ڀٽائي ڀلاري ان فيضان ڏانهن اشارو ڪيو آهي. بيشڪ ڪن شارحن، ان مان فتوحات ڪندڙ فوجن جي موجن جي معنيٰ ورتي آهي، ۽ ڪن علم جي نشر و اشاعت ته ڪن دين جي تبليغ جي معنيٰ ورتي آهي، پر منهنجي ناچيز نظر ۾ حضرت ڀٽائي، انهيءَ فيض روحانيءَ جي وسڪارن ۽ وڄن جي چمڪاٽن جو چوڏس چوڌار ذڪر ڪيو آهي، فرمائي ٿو:

وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ۽ چوڌار،

ڪي اٿيون استمبول تي، ڪن منڊيا مغرب پار،

ڪي چمڪيون وڃي چين تي، ڪن سمرقندن سار،

ڪي رمي ويون روم تي، ڪي ڪابل، ڪي قنڌار،

ڪي دهلي، ڪي دکن ڪي گُڙن مٿي گرنار،

ڪنهين جنبي جيسلمير تان، ڏٺا بيڪانير بڪار،

ڪنين پِڄايو پُڄ کي، ڪن ڪني ڍَٽَ مٿي ڍار،

سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،

دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

 

        سوال ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ جي سڪار کي عالم جي آباديءَ سان ڪهڙو تعلق آهي؟ شاهه صاحب نهايت وجدانگيز نموني ۾ پوري عالم جو نقشو چٽي،اچي سنڌ جي پڇاڙي ڪئي آهي، ظاهر آهي ته ان ۾ ڪا وڏي معنيٰ لڪل آهي.

        هن عالم خاڪ ۾، سنڌ جو خطو تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي لحاظ سان، نهايت عظيم ۽ قديم آهي. هن سنڌو ماٿريءَ ۾ دنيا جي سڀني قديم تهذيبن جو سنگم ۽ ميلاپ ٿيو آهي. هت هزارها ورهيه اڳ، آريه تهذيب آئي، رومي ۽ ايراني تهذيب جون موجون هن مقدس ”مهراڻ جي سير سان چي گڏيون، ساڪ، سٿين، توراني ۽ تاتاري قومون هت آيون، ۽ هميشه لاءِ هن خوش نصيب واديءَ ۾ جذب ٿي ويون. مولانا حاليءَ جي چوڻ وانگر:

گهٽا اک پهاڙون سي بطحا کي اڻهي،

کڙک اور چمک دور دور اس کي پهنچي،

جو گنگا پي گرجي، تو سندهو پي برسي،

رهي اس سي محروم، آبي نه خاڪي،

هري هوگئي، جس سي کهيتي خدا کي

 

        اهل عرفان بزرگن جو ڪشف حقيقت آهي ته مصلح اعظم، هادي ڪل حضرت نبي ڪريم جن جي فيض جي باران رحمت هن مقدس خطي کي، پنهنجي گوهر باريءَ ۽ درافشانيءَ مان وڏڦڙي وارو حصو عطا ڪيو آهي. ايتريقدر جو هن سرزمين سنڌ ۾، معرفت جي صاحبن، اهل در بزرگن، شرع جي عالمن، صوفين ۽ فقيهن جو شمار ئي نٿو ڪري سگهجي. انهن جي فيض ۽ فائدي جون ڳالهيون ۽ رهاڻيون، ڳڻڻ کان ٻاهر آهن.

        هن ۾ شڪ نه آهي ته هي مقدس سرزمين، تصوف ۽ معرفت، خدا شناسيءَ ۽ انسان دوستيءَ لاءِ نهايت ڀلاري ثابت ٿي آهي. دنيا جا فلسفا ۽ علم، هن سرزمين ۾ جذب ٿي تصوف جي سرسبز ۽ تروتازه سرچشمي ۾ ملي جلي هڪ ٿي ويا آهن. البته اسان جي هن دور جي بيذوقيءَ سببان، انهن سنڌي بزرگن ۽ عالمن جي ڪارنامن ۽ علمي خدمتن ڏانهن اسان جي بي توجهي ۽ لاعلمي حد تي پهتي آهي. ڏاڍي ضرورت آهي ته سنڌ جي اوليائن ۽ بزرگن جي ٻارهن، عرسن، ميلن ۽ مجلسن تي مجلسون ڪيون، انهن جا تاريخي تذڪرا لکون ۽ انهن جي زندگيءَ جي مقدس واقعات کي پنهنجي دلين ۾ تازو ڪريون، انهن جي افڪار کي قلمبند ڪريون، ۽ انهن جي ملفوظات ۽ ارشادات کي هنئين سان هنڊايون. اهائي انهن بزرگن جي قدر داني آهي.

        افسوس هي آهي ته سنڌ جي ڪاملن ۽ بزرگن جو اڃا تائين ڪو مستند تذڪرو نه لکيو ويو آهي. اگر ڪجهه چيزون موجود آهن، ته پوءِ اهي نهايت مختصر ۽ جامع آَهن. اڄ تفصيل سان لکڻ جي ضرورت آهي. اها به حقيقت آهي ته سنڌ جي صالحن ۽ انهن جي ڪارنامن جي خبر چار، خود سنڌ جي باشندن کي به گهٽ آهي. اهو به شڪر آهي جو صالحن سان عقيدت ۽ محبت جي سلسلي ۾ اڄ به مالا مال آهي.

        تازو منهنجي نظر مان هڪ انگريز جو لکيل ڪتاب گذريو. مصنف، سنڌ جو سير ڪري ويو آهي ۽ ڪيترين درگاهن جي زيارت به ڪئي اٿس. افسوس هي آهي ته ان مصنف جي ڪنهن به عالم فاضل سان ڪا ملاقات ڪانه ٿي آهي ۽ نه ڪنهن مستند ۽ معتبر مواد کي مطلع ڪيو اٿس. عام ماڻهن کان حال احوال وٺي، ان ٻُڌ سُڌ تي ڪتاب لکي وڃي توڙ ڪيو اٿس. سنڌ جي اوليائن جي حالات پيش ڪندي، هن غير مسلم سياح، درگاهن تي ويٺل پينُن، ڀنگ پياڪ نشئين، موالين ۽ گيڙورتن ڪپڙن ۾ ملبوس ڳائڻن کي ”سنڌ جا اولياء سمجهيو آهي. ان سلسلي ۾، ڪي تصويرون به چِٽيون اٿس. ڀلا هن ۾ قصور ڪنهن جو؟ اصل م اهو قصور اسان جو آهي. اسان جي پاران فن تصوف تي تصنيف ۽ تاليف، تحقيق ۽ ريسرچ لاءِ ڪو ادارو ڪو نه آهي. ورنه هن قسم جا دلخراش قلمي ڪارنامه نه پيدا ٿين ها.

        سنڌ جي اوليائن ۽ بزرگن ۾، حضرت مخدوم نوح رحمته الله· عليه جي عظمت ۽ بزرگي طريقت ۽ سلوڪ، ولايت ۽ ڪرامت، تسليم ٿيل امر آهي. حضرت مخدوم نوح رحه کي ”جڳ“جي سونهن چيو ويو آهي. اهو به هڪ وڏو علمي نقطو آهي. حضرت نوح رحه جي برڪات ۽ فيوضات مان، هند ۽ سنڌ، رنگ ورتو آهي. سنڌ جا ڪيئي شيوخ ۽ صاحب سجاده، حضرت مخدوم نوح جي نظر ڪيميا اثر مان پيدا ٿيا آهن. حضرت شاهه ڪريم هڪ ئي ”هڪو رانجهان لکهان جيها جي مصداق چئي سگهجي ٿو، ۽ ان جي خاندان مان ئي لطيف جهڙو بين الاقوامي شهرت جو مالڪ، ماڻڪ پيدا ٿيو. ان لطيف تي به روحاني پالوٽ هئي. ظاهري طرح سان به سندس والد حبيب شاهه، حضرت نوح سرور جي درگاهه فلڪ پائگاهه تي وڃي لطيف لاءِ دعائون گهرندو هو.

        حضرت مخدوم نوح رحه جو دور به عجيب دور هو. جڏهن هن هجرت کان هڪ هزار سال ذري گهٽ اچي ٿيا هئا، ۽ اهو زمانو اسلام جي ظاهري ۽ باطني، ڪمال اڪمال جو درخشان زمانو هو. حضرت نوح سرور جي فيوضات کي سمجهڻ لاءِ اهو به ڏسڻ گهرجي ته ان دور ۾ پوري اسلامي آباديءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا بزرگ ۽ صاحب ارشاد بقيد حيات هئا، ۽ اهي ڪيئن سلسلي بسلسلي، روحاني رباطي ۾ جُڙيل ۽ ڪُڙيل، اوليائن جا واسطا ۽ وسيلا حظيره القدس تائين ٿي پهتا. لطيف فرمايو آهي.

ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهار لپيٽيو،

منهنجو جيءُ جڙي، سپيرين سوگهو ڪيو.

 

        حضرت مخدوم نوح رحه، شيخ الشيوخ حضرت شهاب الدين عمر سهروردي رحه جي مسلڪ ۽ مشرب جو دريگانو هو. برصغير هند و  پاڪ ۾، طريقي سهرورديه جو وڏو مبلغ هو. سندس فيض اثر نگاهه مان رَتل خليفا ۽ فرزند، هند سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي چڪا هئا. اگر تاريخ لکي ويئي ته پوءِ حضرت نوح سرور جي فيوضات جو باب، هڪ زرين باب ٿيندو. سندن ولايت به اويسي آهي، جا اوليائن جي مهندار ۽ سردار حضرت علي المرتضيٰ ڪرم الله· وجه جي توجهه باطني سان پيدا ٿي. جنهن لاءِ رسول اڪرم هادي اعظم ﷺ جن فرمايو آهي : ”انا مدينته العلم و علي بابها.

        ان طرح سندن سڳورو ۽ سونهارو نسب، خليفي اول حضرت صديق اڪبر سان ملي ٿو، جنهن لاءِ هادي اعظم فرمايو آهي. ”جيڪي الله· تعاليٰ منهنجي سيني ۾ پلٽيو آهي، اهو سارو ۽ سمورو مان ابوبڪر (رضي الله· عنه) جي سيني ۾ پلٽيو آهي.“

        حضرت مخدوم نوح رحه جو شجرو، ابو نجيب ضياءَ الدين سهروردي تائين پهچي ٿو، جو بزرگ، سهروردي طريقي جي شيخ المشائخ حضرت شهاب الدين سهرورديءَ جو چاچو سڳورو هو. ان ثبوت مان به حضرت نوح سرور جو سلسلو، نسب جو توڙي طريقت جو بلند آهي.

        اها به روايت آهي جا تحفته الڪرام جي صاحب آندي آهي ته: ”فرمايو آهي مشرق ۽ مغرب جي امام، مخدوم رحه ته مون ڏٺو ڪشف جي حالت ۾ ته لڪيءَ جي جبلن تي چڙهي رهيو آهيان، اتي بني ڪريم ﷺ جن حضرت ابوبڪر ۽ حضرت علي سان گڏ مجلس آرا آهن. پاڻ ڪريمن حضرت علي ڪرم الله· وجه کي ارشاد فرمايو، جن اچي مون کي ساڻ ڪيو، اسان جبل تي چڙهندا رهياسون. وچ تي حضرت عيسيٰ عليه السلام ويٺل هئا، جن جي هٿن مبارڪن ۾ هڪ فرحي هئي جا مون کي پڙهايائون، ان کانپوءِ حضرت علي ڪرم الله· وجه جي معيت ۾ مجلس نبوي ۾ پهتس. اتي حضرت ابو بڪر رضي الله· عنه منهنجي ٻانهن جهلي، نبي ڪريم ﷺ جن جي خدمت ۾ آندو ۽ فرمايائون: ”هي منهنجي اولاد مان آهي.“ ان کانپوءِ پاڻ ڪريمن وڏي مهرباني فرمائي.“

        ان حوالي ۾ مير علي شير قانع، حضرت نوح سرور کي مشرق ۽ مغرب جو امام ڪوٺيو آهي، ان ڪري ئي کين ”جڳ جي سونهن“ سڏيو وڃي ٿو.

        ان سلسلي ۾ اها به هڪ تاريخي حقيقت ته برصغير هندو _پاڪ ۾، حضرت غوث العالمين حضرت بهاءَ الدين زڪريا ملتاني رحه جي فيوضات جي به وڏي شهرت آهي: پر اها به حقيقت آهي ته اهو بزرگ حضرت شيخ المشائخ شهاب الدين سهروردي جو خليفو هو. ان نسبت سان، اهو بزرگ ۽ سندن پورو خاندان، حضرت نوح سرور ۽ سندس آباء واجداد کان فيض يافته خليفا ۽ مريد آهن.

        اها نسبت اڄ به موجود آهي. اها به حقيقت آهي ته ملتان جا پانڌيڙو جيستائين هالا جو موٽيندي ديدار نٿا ڪن، تيستائين سندن ”ملتان“ گويا قبول ئي ڪين آهي. اهو حال صدين کان وٺي متواتر هلندو اچي ٿو.

        اها به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته برصغير هندو_ پاڪ ۾ غوث العالمين حضرت بهاءَ الدين ذڪريا ملتان ۾، سيد محمد مڪي سلطان العارفين بکر ۾، سيد عثمان مروندي، لال شهباز سيوهڻ ۾، شاهه جلال الدين سرخ ۽ مخدوم جهانيان جهان گشت اُچ شريف ۾، ۽ مخدوم رڪن الدين رڪن عالم، غوث زڪريا جو پوٽو ۽ دهليءَ جي خلجين ۽ تغلقن شهنشاهن جو پيرو مرشد ملتان ۾ سڀ سهروردي جا مبلغ ۽ داعي هئا. انهن سڀني بزرگن جي ڪوششن ۽ ڪماين، دعائن ۽ تمنائن جو ”ثمر شيرين“، اسان جي سنڌ جي مخدوم نوح جي عالي قدر هستيءَ جي صورت ۾ فيض رسان جملهء جهان ٿيو.

        حضرت مخدوم نوح رحه جي تاريخ ۽ سندن ڪارنامن جا ڪيئي گوشا اڃا تائين پوشيده آهن، جنهن جي ڪري ”وادي سنڌ“ ۾ سُڪر ۽ سُڪار کان وڌي ساري عالم جي آباديءَ جو سامان ٿيو. ان امر تي اهل نظر ۽ اهل قلم عالمن کي ويچار ڪرڻ گهرجي.

        آخري ڳالهه اها آهي ته سنڌي علم ۽ ادب جي وڏي شهير شخصيت، شاهه حق آگاهه سيد عبداللطيف رحه کي اڄ دنيا سڃاڻي چڪي آهي، پر اڃا تائين شايد گهڻن کي پروڙ نه پئجي سگهي آهي ته شاهه ۽ سندس آباء واجداد ۽ سندس ڪل خاندان ڪهڙي خاندان کان فيض ياب ٿيو. ڪتابن ۾ آهي ته شاهه، علم ۾ ڄمندي ڄام هو ۽ باطني علم ۾ اويسي هو. پر تاريخدانن کان هي امر به مخفي نه آهي ته جيئن ظاهري علم ۾ به پهريائين استاد آخوند آڏو گوڏا ڀڃي ويٺو ۽ ”الف“ پڙهيو، تيئن علم باطن ۾ به پنهنجي والد شاهه حبيب کان فيض ياب ٿيو ۽ خلافت جو خرقو ڍڪيو. شاهه حبيب پنهنجي والد شاهه عبدالقدوس کان ۽ ان سڳوري پنهنجي والد، شاهه جمال کان، ۽ ان پنهنجي بزرگ کان_ ان طرح شاهه ڪريم تائين سلسلو پهچي ٿو. اها به حقيقت آهي ته شاهه ڪريم، حضرت نوح سرور کان فيض ياب ٿيو، جو اويسي بزرگ به هو، پر ان سان گڏ سندن آباء اجداد کان، پشت بپشت ۽ سينه بسينه به کين فيض ملندو رهيو. بهرحال، حضرت نوح سرور جي ڪو اهل قلم حالات لکي، اهو هڪ برڪت ڀريو ڪم ٿيندو.

”صلائي عام هي ياران، نڪته دان ڪي لئي.“

 

*------------*----------*

 

پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا        .

  سنڌيڪار: شمس الدين عرساڻي

سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب

(پروفيسر ماڻڪ پٿاوالا جي ڪتاب "A Physical And Economic Geography of Sind مان هڪ باب جو ترجمو)

جاگرافيءَ جو مصرف ۽ فائدا

        سڀ ڪنهن جاگرافيائي مطالعي جو بنيادي مقصد، صرف تمدن جي ماهيت سمجهڻ هوندو آهي. طبعيات جا ماهر ائٽمي دنيا جي گهرائيءَ تي غور و خوض ڪن ٿا، ته ڪيميادان وري قسمين قسمين دوائن Drugs) ) جو تجزيو ڪن ٿا: ارضيات جا عالم پنهنجي درزديده نظر سان، ماضيءَ ۾ ڌرتيءَ جي تهن ۾ آيل اٿل پٿل ڏانهن نهارين ٿا: علم الحيات جا ڄاڻو، انساني جسم جي مختلف عضون جي طريقهءِ ڪار کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پر ڪي ٿورا عالم اهڙا آهن جن کوجنا ڪندي، معاشرتي قدرن Social Values) ) ۽ اجتماعي وصفن کي به پيش نظر رکيو آهي، ۽ ان حقيقت کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڇو ۽ ڪيئن هر ڪو فرد، صرف خاص قدرتي علائقي ۾ ئي پنهنجي مخصوص وضح قطع ۽ طرز معاشرت سان هلي چلي سگهي ٿو. ازان سواءِ ڇو ۽ ڪهڙيءَ طرح هڪ خاص قدرتي علائقو ماڻهن جي سموري ترقيءَ ۽ نشونما کانسواءِ، سندن رهائش ۽ مستقبل قيامSettlement)  ) تي به اثر انداز رهي ٿو. مطلب ته جنهن ڇيڙي تان ٻيا عِلمَ ۽ فَزَ رخصت وٺيو وڃن ٿا، اتان جاگرافي شروعات ڪري ٿي. جاگرافيءَ جو علم بلڪل، آسانيءَ سان تشريح ڪري سمجهائي ٿو ته قبل از تاريخ ۽ تاريخ جي ماضيءَ ۾ ڇا وهيو واپريو آهي، ۽ ڪهڙا حادثا ۽ واقعا نازل ٿي چڪا آهن. اهڙا ڪئين طبعي مونجهارا، تاريخي ۽ معاشرتي معاملن ۽ مسئلن سان تمام گهاٽو ڳنڍيل آهن، جنهن کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي. معاشري ماهرن ۽ تاريخدانن لاءِ لوڪ ڪٿائنFolklore) )، ابن ڏاڏن کان ٻڌل فرضي ڳالهين Legendarydata))_ توڻي سِڪَن، ٻيلن ۽ پئسن بابت معلومات Numismatic) )، ۽ آثار قديمه جي شهادتن کان به جاگرافيءَ جا ارضي نشانات (Land Marks) وڌيڪ اهم ۽ بيش بها آهن: جنهن ۾ ندين جي ڪنارن جون سَنوتون، River Terraces) )، ڍنڍن جون سڌايون Lakes Levles))، مٽيءَ جو لَٽ يا درياهه جو پائڻ، (Silting and Alluviation)، ڍنڍن جو مڙڻ Diflection of Lakes) )، ۽ ندين جي اُٿل پٿل Vagaries of Rivers) ) وغيره اچي وڃن ٿا.

        هيٺين خاڪي ۾ مختلف علمن ۽ انهن جي شاخن ۾ نسبتي قدر ڏيکاريو ويو آهي ۽ انسان جي علممي ارتقا ۾ جاگرافيءَ جي درجي کي متعين ڪيو ويو آهي.

علم جو مينار: جاگرافي (سڀني علمن جو ڪل جوڙ) -_ علم حيات (زندگي)_ علم ڪيميا (مادو)_ علم طبعيات (قدرت جا قانون) __ علم طبقات (قدرت جا قانون)_ علم طبقات الارض (ڌرتي)_ ۽ علم رياضي (انگن جو بنيادي علم).

        اهڙيءَ طرح سان، اهو سمجهڻ بلڪل آسان آهي ته جاگرافيءَ جو علم انسانذات جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ لاءِ ڪيترو نه قيمتي آهي، ۽ اهو ڪيئن نه هر ڪنهن تعليمي رٿا ۽ سائنٽيفڪ تمدن ۾ مکيه جڳهه والاري ٿو. جاگرافي ٻين علمن جي دريافت ڪيل متفرق شين ۽ خيالن کي نهايت سائنٽيفڪ انداز سان ترتيب ۽ ربط ۾ آڻيو ڇڏي، ۽ اهڙيءَ طرح سان ملڪ جي هڪ صاف ۽ مڪمل تصوير پيش ڪري ٿي. جاگرافين اسان جي اقتصاديات جي ڄاڻڻ کي پڻ مدد ڪئي آهي، ته جيئن پنهنجا پير زمين تي ڄمائي سگهن. اهو هينسلو Henslow) ) جاگرافيدان هو، جنهن اول اول ڊارون کي ”زمينات“ جي ليڪچرن تي توجه ڪرڻ جي ترغيب ڏني مهئي. بقائلي اصلح The Surival of fittest) ) ۽ ارتقا جو قانون The Law Of Evolution) )، انساني ذجن جي رسائيءَ جي لحاظ کان نهايت حيرت انگيز انڪشاف آهن، جن کي بنائڻ ۾ به هُن لاءِ اهي ئي ليڪچر ڪارآمد ۽ معاون بنيا. ساڳيءَ طرح جاگرافيءَ جو علم، جنهن کي غفلت کان وساريو ويو آهي، سو انهيءَ مضر ۽ نقصان رسا فضا لاءِ اڪسير آهي، جا عام طرح سان دنيا تي غالب آهي، ۽ ڪم از ڪم ماڻهن کي هڪٻئي سان همدردانه برتاءُ ڪرڻ ۽ ڪشاده دل ٿي رهڻ ۾ مدد وٺائي ٿو. موجوده وقت ۾ دنيا جي جيڪا قابل رحم حالت آهي، سا هڪ اندازي مطابق گهڻو ڪري جاگرافيءَ جي علم جي اڻڄاڻائيءَ سببان آهي. عالمگير جنگين به ماڻهن کي ايتري گهڻي جاگرافيءَ سيکاري آهي، جو ٻيا ڪي به دنيا جا حادثا ائين ڪري نه سگهيا آهن. ان ڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته ”جنگين جو مکيه فائدو آهي، ماڻهن کي جاگرافي سيکارڻ.“ اهڙيءَ طرح سان دنيا جي مختلف ڀاڱن جي صحيح ڄاڻ، عالم طبعي جي ساخت ۽ گرد و نواح جون حالتون، جن ۾ انسان زندگي بسر ڪري ٿو، سي سڀئي هوا، سمنڊ ۽ خشڪيءَ تي جيڪي حربي تدبيرون استعمال ڪيون وڃن ٿيون، تن جي ڪاميابي ۽ ناڪاميابي تي مدار رکن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو جاگرافيءَ کي ملٽري سائنس جو اهم ۽ ضروري حصو سمجهڻ شروع ڪيو ويو آهي. سڀني قومن جي دفاعي تياريءَ جو بنياد، لازمي طور سندن ملڪ جي جاگرافيءَ تي ٻڌل ٿئي ٿو. بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ شاگردن کي زندگيءَ جي انهيءَ مرڪزي مضمون کان ناآشنا رکيو ويو آهي. پاڪستان جي شاگردن لاءِ ته خصوصاً جاگرافيءَ جي علم جي ڄاڻ کي، ٻين سڀني نصابن کان زياده اهميت هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته موجوده بين الاقوامي معاملن جي حالت صاف ڏيکاري ٿي ته هر ڪنهن قوم جو ٻيءَ قوم تي انحصار ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي، ۽ اها ضرورت وڌندي رهي ٿي ته ماڻهن جي ڪردار ۽ خواهشن کي معلوم ڪيو وڃي.

        دنيا جو نقشو تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي: هن وقت اجتماعي طور تي حفاظت ۽ ناقابل تقسيم امن جي سخت ضرورت آهي، جا بنا ڪنهن انساني عداوت يا جنگ جي هجي. اهي مرادون ايستائين برصواب ٿي نه سگهنديون، جيستائين اسان کي سڀني قومن جي اصلي حقيقي نصب العين جي سُوجهه نه پوندي. پاڪستان کي به لازماً اهڙي اداري جو هڪ بارسوخ رڪن هئڻ گهرجي، جنهن جو مقصد تهذيبن کي مناسب ۽ موزون طريقي سان پاڻ ۾ متحد ۽ مخلوط ڪرڻ سان گڏ، هڪ امن واري رشتي جوڙڻ جو هجي.

        قومن جي ڀلائي ان ۾ مضمر آهي ته هو هڪٻئي جي زندگيءَ جي نظريي جي وڌيڪ ڄاڻ رکن، جو نظريو گردوپيش جي حالات تي منحصر هوندو آهي. ان کانپوءِ ئي هڪٻئي سان صلح پسندانه ٺاهه ۽ دوستانه تعلقات جي توقع رکي سگهون ٿا، ۽ ساڳي ڳالهه ملڪ کان ٻاهر وسندڙ قومن ۽ ملڪ اندر رهندڙ قومن جي درميان تعلقات وڌائڻ تي به صادق اچي ٿي. هڪ خوشگوار فطري ماحول ۾ تهذيبن جو ربط ۽ تعلق، ممڪن آهي ته اسان جي مختلف رسمن، زبانن، مذهبن ۽ ذاتين کي ملائي هڪ ڪري ڇڏي. جذب جو قانون Law of Assimilation) ) انهيءَ قدرتي ۽ غير اختياري طريقه ڪار جي جتي ڪٿي امانت ڪندو رهي ٿو. جڏهن گهڻيون قومون هڪ پسنديده علائقي ۾ رهڻ لڳن ٿيون، تڏهن ڪيئي مختلف تهذيبون خمط ملط ٿي وڃن ٿيون، تنهن جو هڪ سهڻو مثال جاوا جي تهذيب آهي. ڊاڪٽر اي اي بيڪ Dr: A. A. Bake) ) چوي ٿو ته: ”اسان ڏٺو تا جاوا جا ماڻهو صدين جي مختلف تهذيبن جي اثر هيٺ رهندي بديشي تهذيب کي پنهنجي طبعي خصوصيتن ۾ جذب ڪرڻ جي قابل بنجي ويا آهن، سو به اهڙي وسيع انداز ۾ جو عوام الناس ان حقيقت کان بلڪل بيخبر آهي، ۽ کين ڪو به احساس يا شعور نه آهي ته سندن تهذيب تي ڪو غير ملڪي يا ڌاريو اثر به آهي.“ مثال طور برصغير هندو_ پاڪ قريب قريب گذريل چوڏهن صدين کان پارسين جي مستقل قيام کان مالا مال ٿي آهي. جتي ٻيا فرقا پنهنجي قوت جو اندازو سندن لکن جي تعداد ۾ هجڻ سان ڪري سگهن ٿا، اتي پارسي صرف خالص مذهبي ۽ روحاني عقيدي سان، يا مذهب و ملت جي تعصبات کان آزاد خدمتن ۽ سخاوتن جي بنياد تي ڳڻي سگهجن ٿا.

        مضمون کي پوريءَ طرح سمجهڻ لاءِ_ اچو ته سنڌ جو مثال وٺون، جو علائقو فطري بناوت ۽ طبعي جاگرافيءَ جي لحاظ کان ”هيٺيائين سنڌو ماٿري“ سڏجي ٿو. جنهن نه صرف افرو_ ايشيائي حلقي جي تمدن کي سُلجهائڻ ۽ ترقي وٺائڻ ۾ قابل قدر حصو ورتو آهي، بلڪ برصغير هندو پاڪ جي هڪ ٻاهرين ۽ کليل دروازي هجڻ جي حيثيت ۾ به گهڻي خدمت ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌو ماٿريءَ مان ئي ڪيتريون تهذيبون لنگهي، برصغير جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پکڙيون آهن.

        اڃا به ڪن ضروري نقطن سان بحث ڪري ڏيکارڻو آهي ته ڪيئن ته اسان جو تمدن ”صوبن“ جي تاريخي جاگرافيءَ جي زير احسان آهي. موجوده وقت ۾ اسان پنهنجي گونا گون مختلف تهذيبن کي هم آهنگ بنائڻ ۽ متحد ڪرڻ ۾ گهڻو ڪجهه  ڪري سگهون ٿا. ليڪن صوبن جي جاگرافيائي حدن کي ٽوڙي، هڪ غير طبعي يڪسانيت پيدا ڪرڻ سان اهو مقصد محرڪ، متفرق ۽ رنگارنگي تهذيب کي_ جا گهڻن جلويدار طرفن واري آهي_ پنهنجي جاگرافي هونءَ به فطري زندگيءَ جو بنيادي اصول ”ڪثرت ۽ وحدت“Unity in Diversity) ) آهي، جو لازوال ۽ پائيدار آهي، جنهن مطابق تمدن جي هڪ مستحڪم ۽ عاليشان عمارت تيار ڪري سگهجي ٿي، جنهن ۾معصوم فطرت ۽ انسان جو ڪسب ۽ ڪردار گڏجي زندگيءَ جي نشوو ارتقا جو سلسلو قائم ۽ دائم رکندا ايندا.

تمدن جو افرو _ ايشيائي حلقو The Afrasian Belt Of Civilization) ):

        تمدن اتي ترقي ڪري ٿي، جتي انسان ۽ فطرت جي وچ ۾ متمدن زندگيءَ جي لاءِ زبردست ڪشمڪش هوندي آهي. موسمي فضا Atmosphere))، پاڻيءَ واري فضا Hydrosphere) )، جابلو فضا Lithrosphere))، بلڪ حياتياتي فضا Biosphere))، ۽ ٻيا ماحول جا اثر، جي اسان جي چوگرد زور آور قوت وانگر عمل ڪن ٿا ۽ کيس زندگيءَ ۾ ترقي ڪرڻ ۾ يا ته مدد وٺائين ٿا يا وري روڪين ٿا. اهڙي فطري ماحول، ايشيا ۾، انساني تمدن جي پروان چڙهڻ لاءِ موجود هو، جو دراصل تمدن جو پهريون ئي گهر آهي، جتي انسان کي مادي، اخلاقي ۽ روحاني ترقيءَ لاءِ موزون ترغيب ملي. جيڪڏهن يقيني طور چئجي ته پوءِ اهو ساڳيو حلقو آهي، جنهن کي هاڻي ”آفريڪا ۽ ايشيا جي لق و دق صحرائن وارو حلقو“ چئجي ٿو جو ڪيترن ئي مختلف قسمن جي تهذيبن کي پروان چڙهڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ ذميوار آهي اهو حلقو طبعي بناوت ۾ ڪيترن ئي يڪسان علائقن سان بغلگير آهي، جهڙوڪ نيل وادي، ايجين ٻيٽ Agean Island))، اردن جي ماٿري، دجله ۽ فرات جي ماٿري، ايران جو مٿاهون پٽ، ڪئسپين آرال جي دريا گذار وادي، سنڌو ماٿري، گوبي علائقو ۽ يانگسي ماٿري Yangtse Valley)). انهن سڀني علائقن پنهنجي پنهنجي زميني مٿاڇري Soil) ) ۽ آبهوا مطابق نرالي قسم جون مخصوص تهذيبون پيدا ڪيون آهن، ۽ هر علائقي ٻئي علائقي کي انساني تمدن پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. اڄ به انهن جي شاخن دنيا جي متعدد ملڪن ۾ پناهه جي جاءِ وڃي لڌي آهي. ايشيا جي بلند ۽ عظمت واري سرزمين ۽ ان جا گاهه سان ڇانيا، ميدان، شائستگيءَ ۽ تمدن لاءِ نهايت هموار آهن. اهو ئي سبب آهي جو هتي جا ڇڙوڇڙ علائقا، هڪ دور کان ٻئي دور تائين، انساني تهذيب ۽ ڪاروبار جا پسنديده علائقا بنيا هئا. اهي تهذيب جا مرڪز، ڪريٽ، چين، بائبلان، ايران، يونان ۽ برصغير هندو_ پاڪ آهن، جي سڀيئي هڪ هڪ ٿي عروج ۽ زوال جي ڪشمڪش ۾ رهندا آيا آهن. ايشيا ۾ جيئن ئي فطري قوتن پنهنجو ڪم شروع ڪيو، تيئن ڪڏهن ڪنهن وقت ته ڪڏهن ڪنهن هنڌ، تهذيبون اڀرنديون رهيون. فرات ۽ دجلي جي ماٿريءَ ۾ به تهذيب پيدا ٿي، جنهن کي ڪڏهن ته مرڪزي واري حيثيت حاصل هئي. ساڳي ايشيا ۾ وري انساني تاريخ جي مناسب ۽ موافق حالتن وارن زمانن ۾ هڪٻئي پٺيان ڪيترائي پيغمبر آيا، جنهن جي ابتدا زردشت کان ٿي، جو ايران ۾ پهريون ئي مذهبي پيشوا هو، جنهن وحدانيت جو نظريو ۽ خدا جي هيڪڙائيءَ جو خيال پيش ڪيو.* ايشيا جي دشوار علائقن ۾، پيغمبر، انسان جي زندگيءَ کي ڪامران بنائڻ آيا. انسانذات لاءِ هميشه کان سڀني کان اهم مسئلو کاڌي ۽ پاڻي جو سَٺو آهي، تاريخ شاهد آهي ته جن به حصن ۾ اهي شيون افراط ۾ هونديون هيون، اتي انساني گروهه اچي آباد ٿيندا هئا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو عالمن چيو آهي ته انسان تڏهن واضح ترقي ڪئي آهي، جڏهن ڪن وادين ۾ اچي آباد ٿيو هو. وڌندي وڌندي نيٺ تمدن جي غذا پيدا ڪرڻ واري مرحلي تائين پهتو. ”پٿر واري مرحلي“ جي ابتدا تڏهن ٿي، جڏهن هن چقمق جي پٿر کي ڏٺو _۽ جڏهن پٿرن جي اتفاقي ٽڪرجڻ جي نتيجي ۾ باهه جا اُا ظاهر ٿيا. ڪن وادين جي جبلن ۾ ڌاتو لڌا ويا، ۽ پوءِ آهستي آهستي ٽامي، ڪنجهيBronze) ) لوهه جا مختلف مرحلا آيا. ڪنهن ماٿريءَ جي زمين مينهن يا نديءَ جي پاڻيءَ سان سيراب ٿي، جنهن سان زراعت جي شروعات ٿي. جڏهن ڪٿي پوک جي لاءِ گهربل ۽ ڪمائتن هنڌن تي پاڻي کڻي وڃڻ جي ضرورت پيئي، تڏهن آب رسائيءَ جا هٿرادو طريقا رائج ٿيا، ۽ ڪئنال جوڙيا ويا، ۽ ان طرح سان آبپاشي شروع ٿي. پرتمدن ۾ نمايان ترقي تڏهن آئي، جڏهن غذائي پيداوار کي ڌوئڻ ۽ هڪ هنڌ کا ٻئي هنڌ تائين رسائڻ لاءِ آمدورفت جا جٽادار ۽ اعتماد جوڳا ذريعا وجود ۾ آيا.

        انهن سڀني حيلن وسيلن ۽ تدبيرن کي جيتوڻيڪ جديد جاگرافيدانن مستقل بنيادن تي قائم ڪري ڇڏيو آهي، تاهم ائين ضروري آهي ته خود فطرت به صحرائي لق و دق حلقن سان دنيا جي ٻين علائقن کان وڌيڪ ساٿ پئي ڏنو آهي. ان کانپوءِ خشڪ ساليءَ ۽ ريگستانيءَ ريت جي ڍيرن، ڪن علائقن کي رهائش جي لحاظ کان ناقابل برداشت بنائي ڇڏيو، جنهن سبب ڪري لڏپلاڻ شروع ٿي ويئي.

        ائين بلڪل صحيح آهي ته افرو_ ايشيائي حلقي جي نشوونما وٺڻ سان ”سنڌو ماٿريءَ“ به ڪنهن پُر انديشه وقت ۾ پنهنجو حقيقي روپ اختيار ڪيو، ۽ ڪيترائي انساني ٽولا هڪٻئي پٺيان مسلسل، آسان پهاڙي رستن کان گذرندا هتي اچي قيام پذير ٿيا. خانه بدوش انساني ٽولن کي رستي ۾ جي فطري رنڊڪون ۽ رڪاوٽون درپيش اينديون هيون، سي بجاءِ انهن کي ڊيڄارڻ ۽ بيدل ڪرڻ جي، منجهن همت پيدا ڪنديون هيون ۽ منزل مقصود تي رسڻ لاءِ آماده ڪنديون هيون. اهڙيءَ طرح سان ماٿريءَ ۾ رهندڙ سڀني انساني گروهن گڏجي جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي تخليقي قوتن ۽ لياقتن وسيلي پاڻ کي ماحول جي افق بنائي، هڪ نئين تمدن کي پيدا ڪيو. جڏهن پاڙيسري علائقن جون ڪيتريون وڻندڙ بديشي خصوصيتون مقامي تهذيبن ۾ گڏجي مسجي هڪ ٿي ويون، تڏهن ان جي نتيجي ۾ اعليٰ قسم جو مثالي تمدن اُسرڻ لڳو.

سنڌي تهذيب جا امدادي جزا:

        هيٺائين سنڌو ماٿري ذاتي طرح سان، سنڌو نديءَ جي هڪ وڏي مقدس سوغات آهي. اهو به هڪ مڃيل اصول آهي ته جتي گهڻين قومن جا آزمودا ۽ ايجادون پاڻ ۾ ڳنڍجن ٿا، اتي تمدن کي عروج حاصل ٿئي ٿو. اچو ته پهرين طبعي جزي کي جاچيون، جنهن تمدن کي ترقي ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي آهي.

سنڌي ماٿريءَ ۾ جاگرافيائي ضابطو:

        تمام اوائلي دور ۾ انسان، غذا، گاهه ۽ پاڻيءَ جي رسد جي ڳولا ۾ هتي آيو ۽ مستقل قيام اختيار ڪيائين. (شاهد: موهن جو دڙو _ ستاويهه سئو قبل مسيح) سڀ کان اول، هن وسيع ۽ فوق العادت نديءَ جي نظام کي سمجهڻ جون ڪوششون ڪيون ۽ نوبتي ٻوڏن کي ڪهڙيءَ طرح ضابطي ۾ رکجي، انهن لاءِ اپاءُ سوچيا. ان سلسلي ۾، هن بند تعمير ڪيا، پيمائشون ڪيون ۽ ٻوڏ هيٺ آيل ايراضين ۾ پوکون ڪيون. اهڙيءَ طرح سان هن پنهنجي صلاحيت سان پنهنجي فرصت جي وقت جو بهترين استعمال ڪيو.

        نتيجو اهو نڪتو، جو مصر وانگر سنڌ پڻ ”مڪينيڪل هنرن جي ماءُ“ بڻجي ويئي. ان طرح قدرت هتي جي زمين جي سطح جي تجديد پڻ باقاعدي نظم ۽ ترتيب سان ڪندي رهندي هئي. ان مان مطلب اها تهه نشين مٽيSilt)  ) آهي، جا ندي پنهنجي وساطت سان، هر موسم ۾ کنيو زمين کي پهچائيندي هئي. اهڙيءَ طرح سان زرخيزي ۽ ثمر آوري برقرار رهي. قدرت ۽ انسان جي باهمي تعاون سان، فصلن جي قدرتي پيداواري ۽ روزمره جي زندگيءَ جي نشوونما ٿي. طغياني ۽ سيلاب انسان کي زمين ۾ ڪاشت ڪرڻ لاءِ اُڀاريو. اهڙي زرخيز ميدان  ۾ جيئن ته پر امن قيام ۽ رهائشي بستين جا ڪيترا سُٺا موقعا ميسر هئا، ان ڪري نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي اهڙيون آباديون وڌيون. سنڌو ندي هميشه وانگر بدستور انساني گروهن کي متحد ڪرڻ جي اصول جي پابند آهي. ان هارين ۽ ڪاشتڪارن جي مفادن ۽ مقصدن کي متفق ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. پوءِ کڻي هو ڪهڙي به گروهه، مذهب يا سماج سان تعلق رکندا هئا. ڌار ڌار موسمن ۾ مختلف جاين ڏانهن پاڻيءَ جي رسد کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ، هڪ واحد حڪومت، عدل ۽ انصاف مطابق قائم ڪئي ويئي. ساڳئي مقصد لاءِ امداد باهميءَ کي به رضامندي سان تسليم ڪيو ويو. قدرت اگر ملڪ کي قديم جبلن ۽ قيمتي معدنيات کان محروم رکيو ته سنڌ وري ايشيا جي ڏوراهين ديسن سان رسائي پيدا ڪئي، ۽ انهن سان واپار ڪري انهن سڀني شين جي در آمد ڪئي، جنهن مان ملڪ جي ترقي ٿئي. سنڌو نديءَ جي مٿئين ڇيڙي کان هيٺئين ڇيڙي تائين، ماڻهو پنهنجو مال ۽ سامان کنيو ڍوئيندا وتندا هئا. سنڌ ۾ ڪي به اهڙا قابل ذڪر خشڪيءَ جا رستا نه هئا، جن جي ڪري تيز رفتاريءَ سان سفر ۽ آمدورفت جاري رکي سگهجي. زمين جو لاهُه Gradient) ) گهڻو هيٺائون آهي، ان ڪري واهه ڪهڙي به طرف ۽ ڪهڙي به مفاصلي کان ڪڍي سگهجن ٿا. مثال طور روهڙي ڪئنال، جو سنڌو نديءَ مان ڪڍيو ويو آهي ۽ جو ”سکر بئراج پراجيڪٽ ”جو هڪ اهم حصو آهي، سو ٻن سئو ميلن کان به گهڻو ڊگهو آهي ۽ ڪيترن غيرآباد ۽ ناقابل زراعت ضلعن مان آرپار لنگهي ٿو.

        سنڌ هڪ خاص ترتيب سان قائم آهي. سندس افتاده ۽ بيجان هيٺائين ماٿري صرف سنڌو نديءَ جي سبب سان هڪ ڪشادو ميداني علائقو بنجي پيئي آهي ۽ سموري زمين ٻن غيرآباد ايراضين کيرٿر جبل ۽ راجپوتانا بيابان جي درميان وڇايل آهي. زميني مٿاڇرو زرخيز آهي ۽ ماٿريءَ ۾ ندي جي ڊيلٽا بتدريج وڌندي رهي ٿي. اونهاري ۾ آبهوا، ٿوري گهم سان گرم ۽ خشڪ آهي. سنڌ جو پورو علائقو هڪ پر انديشه مقام ۾ آهي، جو ذري گهٽ گرم دائري ۽ معتدل دائري Temperate Zone) ) جي حد وٽ آهي. زراعت جي مثالي پيشي هجڻ جون اهي سڀ علامتون هن ماٿريءَ ۾ آهن، جنهن ۾ زرعي زمين جي نقصان جو ڪو به خطرو نه آهي، جي ٻنهي دائرن_ Zones) ) سان تعلق رکن ٿا. ان ڪري چئجي ٿو ته پاڙ جهلڻ ۽ واڌ کائڻ جي لحاظ کان ٻنهي قسمن جا نباتات لاءِ، هتي جي زمين نيم راه گذر جي حيثيت رکي ٿي.

        قدرتي وسيلن کي قبول ڪرڻ ۽ ڪم آڻڻ، اهڙيون ڳالهيون آهن جي ماڻهن جي متفقه ڪوششن ۽ صحيح تربيت جو نتيجو آهن. سنڌ قدري غير ملڪي خطري کان محفوظ آهي. جبلن جي آڏ ۽ روڪ، ملڪ جي حفاظت لاءِ ڪارآمد آهي. ان کان علاوه بيابان به دشمنن کان پناهه ۾ رکي ٿو. ان طرح سان اهي ٻئي حفاظتي قوتون ملڪ جي جداگانه وجود کي برقرار رکڻ ۽ ترقي وٺائڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

رڪاوٽن جو قدر Value of Obstacees)):

        ساڳئي وقت قدرت به هن علائقي جي طريقهء معاش ۽ طرز زندگيءَ جي راهه ۾ ڪي رڪاٽون وڌيون آهن. هڪڙي سري کان ٻئي سري تائين ڪي به پهاڙي لنگهه پورا ۽ مڪمل نه هئا. جيڪي چند آسان پهاڙي رستا هئا، تن مان توڙي سامونڊي ڪناري تان قديم دور کان وٺي راهزن، قزاق ۽ ٻيا امن ۾ خلل وجهڻ وارا ماڻهو، وقت بوقت ايندا رهندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن به حڪومت طرفان حد بنديءَ متعلق ڪا به واضح سرحدي پاليسي مقرر ٿي نه سگهي. آبهوا ڪٺن ۽ سخت گير هئي. اونهاري ۾ تمام گرم، پر سياري ۾ سرد ۽ طاقت بخشBracing) ) هئي. ٿوري گهڻي غير مستقل برسات به پوندي هئي. انهن حالتن ماڻهن کي جيتوڻيڪ جانٺو ۽ محنتي ته بنائي ڇڏيو هو، پر ان سان گڏ، ساڳئي وقت هو امڪان ۽ قسمت جا دست نگر به بنجي رهيا، جن کي قسمت تي ڀاڙيندڙ کڻي چئجي. سنڌونديءَ جو پيٽ، آسپاس وارن ملڪن جي ندين کان بلند تر سطح Higher Level) ) تي آهي. اهوئي ٻوڏن جو ڪارڻ آهي، جي تيزيءَ سان ٻنين ۾ اچيو، انهن کي ٻوڙيو ۽ نابود ڪري ڇڏين. ماڻهن کي مجبوراً انهن تباهه ڪُن قوتن کان بچڻ ۽ انهن تي فوقيت حاصل ڪرڻ لاءِ، محتاط ۽ خبردار رهڻو پوندو هو. پراڻن شهرن جو وڏو تعداد گهڻو ڪري اهڙين ئي ٻوڏن ڪري نابود ٿيو هو. مثلاً: موهن جو دڙو، تاريخدانن جي فائدي لاءِ هن وقت تهن پٺيان تهه کوٽيا آهن. اسان وٽ ٻوڏ جي تباهُڪن اثرن جي، انهن دٻيل شهرن کانسواءِ ٻي ڪهڙي بهتر ثابتي آهي. نديءَ جي ڊيلٽا مسلسل وڌندي رهي ٿي، ان ڪري پاڻيءَ کي ورڇيندڙ شاخون به ڦرنديون گهرنديون رهن ٿيون. پاڻيءَ جي وهڪري جي ڪا به دائمي خليج نه آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڊيلٽا جو، حدن اندر مستقل ۽ محدود رهڻ به ممڪن نه آهي. ساحلي قطار Coast-Line) ) وٽ به هڪ پُرآب نشيبي خطو آهي. انهيءَ زمين جي اسفنجي ساخت سبب منجهس خاص قسم جا مڪروه ۽ غير غذائي ٻوٽا اُڀرن ٿا، تنهن ڪري اتي به مستقل رهائش اختيار ڪري نٿي سگهجي. ازان سواءِ اها غير مستقل ۽ پورامي ندي، پري پري تائين هڪ وسيع علائقي جي آرپار لهرون هڻي ٿي. جي هڪ، نه ٻئي طرف تقريباً ٽيهن ميلن تائين لڳنديون رهن ٿيون. نديءَ جو پيٽ به ايامن کان، دستور موجب، تبديل ٿيندو رهي ٿو، جنهن ڪري ان جي ڪنارن تي ڪي به شهر مستقل طرح سان آڏجي نه سگهيا آهن، سواءِ هڪ يا ٻن جي _ سي به ٽڪرين جي راسين Rocky Promontories) ) تي قائم آهن_ ثال طور سکر، روهڙي ۽ سيوهڻ. زير زمين پاڻيءَ جا طريقا، پڻ هڪ موسم کان ٻيءَ موسم تائين، هڪ  علائقي کان ٻئي علائقي تائين، ناپائدار آهن. پاڻيءَ لاءِ اونها کوهه کوٽيا وڃن ٿا، جي نه پختا ٿين ٿا ۽ نه وري اعتبار جوڳا آهن. ٿرپارڪر سان ملحق پاڙيسري علائقن منجهان هاڪڙو نالي هڪ پوري جي پوري ندي وهندي هئي، جنهن جي سُڪي وڃڻ سان زمين ويران رِڻ رهجي ويئي آهي. زماني حال  صرف نارا ڪئنال جي ذريعي ان کي پاڻيءَ سان تار ڪري سگهجي ٿو. اونهاري ۾ صبح جي گرمي شديد هوندي آهي ۽ گهڻن رهاڪن جا گهر هڪ محور جي چوڌاري ٺهيل هوندا آهن، جيئن هوا جي رخ کي سامهون ٿي سگهن، مثال طور حيدرآباد جا منگهه اهڙي خشڪ ميداني علائقي ۾ گهَرو جانورن جي قلت به تمام گهڻي محسوس ڪئي وڃي ٿي.

        انهن حالتن ماڻهن کي مجبور ڪيو آهي ته هو گڏهن ۽ خچرن(Wild Horse) ) جهڙي اهنجي مخلوق سان نڀائين ۽ ان جو گهڻي کان گهڻو خيال رکن. اهڙيءَ صورت ۾ هڪ اُٺ ئي آهي جو بيابان لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪارائتو جانور ثابت ٿيو آهي. غذا ۽ پاڻي خاطر ماحول سان هم آهنگيءَ جو اهو هڪ عمدو مثال آهي. ان ڪري ئي چئجي ٿو ته اهڙين نيم _ صحرائي Semi-Desert) ) حالتن ۾ انسان کي قدرتي طرح سان نشوونما پائڻ جا موقعا چڱيءَ طرح سان ملي سگهندا آهن، پوءِ کڻي هو شروعات کان ڪهڙي به گروهه سان تعلق رکندو هجي. هتي انسان، خوش تدبيري ۽ اختراع جي مادي کي ثابت قدميءَ سان استعمال ڪندو رهيو، جنهن مان خود حفاظت، مشقت، حوصلي، تحمل سان گڏ ڪي ٻيون خصوصيتون پڻ آشڪار ٿيون ۽ انسان ڪمال درجي تي پهتو. پروفيسر جين پرونهيس Jean Brunhes) ) چوي ٿو ”اُهي نامهربان حالتون آهن، جي انساني نظام جي تڪميل کي محدود ڪري ڇڏين ٿيون.“

        زمين کي ڪم ۾ آڻڻ ۽ ان مان فائدي وٺڻ جون جي به ڪوششون، انسان ڪري ٿو سي ٻن ڳالهين تي منحصر آهن: هڪ ته ڪهڙي نوعيت جي ڪم جو ارادو اٿس، ۽ ٻيو ته زمين جيڪي مشڪلاتون ۽ دشواريون هن لاءِ پيدا ڪري ٿي، تن مٿان هو ڪيتريقدر ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. انسان جيتري خوش تدبيري اختيار ڪري ٿو، اوترو ئي زمين دير طلب ۽ تڪليف ده ثابت ٿئي ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي جو  ڪن ناگهاني ضرورتن جي بلاواسطه زور ۽ سخت دٻاءُ جي هوندي به، انسان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شيءَ جي معمولي مقدار کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿي ويندو آهي. ايتري بحث کانپوءِ ائين ئي چوڻو پوندو ته بيشڪ سنڌ ۾ فطري قوّتون زورآور ۽ غير مستقل هيون، جي مختلف تهذيبن ۾ اتفاق پيدا ڪري سگهيون. لهذا ان ۾ باهمي اثر کي، حسن ترتيب ۽ سليقي جي لحاظ کان تمام عمدو مثال چئي سگهجي ٿو.

سنڌو ماٿري جي علائقي ۾ تهذيبن جو تصادم:

        ايران جي سطح مرتفع جي موسمي ۽ فصلي خشڪ ساليءَ ۽ واريءَ جي گهڻائيءَ سبب، جيڪي انسان ڪافي مقدار ۾ پاڻي، غذا ۽ مناسب جڳهه حاصل ڪري نه سگهيا، سي جابلو رستن مان لنگهي سنڌو ماٿريءَ ۾ داخل ٿيا ۽ ڪجهه وقت تائين تخريب، تباهي ۽ برباديءَ جو باعث بنيا. ازان سواءِ قبل از تاريخي دور ۾ الهندي طرف کان شالڪولسٽڪ Chalcolistic) ) تهذيب پڻ سنڌو ماٿريءَ ۾ داخل ٿي. انهيءَ وقت ڌاري ويدڪ آريا به آيا، جن ”موهن جي دڙي“ جي ماڻهن جي امن ۽ فلاح ۾ اچي خلل وڌو. ٻُڌَن، افغانن، مغلن ۽ ترڪن به وقت گذرڻ سان پنهنجو وارو ورتو. دلير ايرانين پنهنجي شهنشاهت واسطي انهيءَ ماٿريءَ کي اچي ڳولي لڌو. جانباز يوناني پڻ ايرانين جي تعاقب ڪندي هن ماٿريءَ جي نزديڪ پهتا، جن پنهنجي واسطي سنڌو نديءَ کي جهاز رانيءَ لاءِ پهريون ڀيرو استعمال پڻ ڪيو. تنهن کانپوءِ طاقتور عرب مڪران جي ڪناري کان آيا ۽ نديءَ ۽ سامونڊي ڪناري جو موزون استعمال ڪيائون.

        بيابان جي تڪليف ده ۽ مايوس ڪُن حالتن جي ڪري، راجپوتن پڻ هتي اچي اَجهو ورتو. معتدل ۽ خوشگوار پاڙيسري علائقن، جهڙوڪ ڪڇ، ڪاٺيواڙ، ۽ گجرات مان به ڪيترائي جستجوءَ ۾ مصروف رهيا. سڀ کانپوءِ تجارت پيشه يوروپي قومون ۽ پارسي ۽ عيسائي پڻ واپار سانگي آيا. اهڙيءَ طرح انساني گروهن جا اندازاً سورهن ڪلاس سنڌ ۾ مستقل طور آباد آهن.

نتيجو __ رڪاوٽن ۽ رنڊڪن جو دور ٿيڻ:

        اهڙيءَ طرح سنڌ، في الواقع انساني جوش ۽ انتقام جو هڪ ميدان ڪار زار بنجي پيئي، جنهن ۾ يورش،لٽُ مار، تاخت و تاراج ۽ بحري ڦرلٽ تمام عام هيون. هڪ قوم ٻيءَ قوم کي پامال ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندي هئي، ته ٻي قوم وري ٽينءَ قوم کي تباهه ڪرڻ ۽ مٿس فتح پائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. ليڪن قدرت جي بقا جو قانون (Law of Indestructibility) غيرمتغير آهي، جو هر هنڌ لازمي طور رائج آهي. جدا جدا قومن جي مختلف ۽ متضاد عقيدن، رسمن ۽ تهذيبن جي درميان زوردار مقابلو ٿيو، جو ئي سنڌ جي بيمثال تهذيب جو محرڪ آهي.

        سنڌي زبان هڪ مرڪب قسم جي زبان آهي، جا بنيادي لحاظ کان سنسڪرت آهي ته وري طرزِ ادا جي ڪري عربي آهي.

        سنڌ فقط هڪڙو ئي ڪلاس پيدا ڪيو آهي، جن کي هاري چئجي ٿو، جن ۾ هندو ۽ مسلمان ٻئي اچي وڃن ٿا. هن علائقي ۾ هاريءَ لاءِ فصل ۽ پاڻيءَ جي رسد جو سوال عام آهي. هنن جي موسيقي، روزانه زندگي، پوشاڪ ۽ اخلاق به ساڳيا آهن. سنڌ جي بهترين پيداوار آهي ”صوفي ازم“ سنڌ جي صوفي ازم فلسفي جي دائري ۾ نهايت بيمثال آهي. هن صوبي ۾ درويش آهن، جي ٻنهي گروهن جي تعلقن کي قابو ۾ رکن ٿا. هتي ٿورا فرقا ۽ ٿورڙا مسلڪ آهن، ۽ نسبتاً ٿورا افراد ڏتڙيل ۽ افسرده گروهن سان تعلق رکن ٿا. سکر بئراج پنهنجي ڪئنالن جي ورڇيندڙ شاخن، ڪسين ۽ مورين جي ذريعي مدامي پاڻيءَ جو مسئلو حل ڪري ڇڏيو آهي. اها سنڌ جي دل آهي جا ڏينهن رات، باقاعدگيءَ ۽ روانيءَ سان پنهنجو زندگي بخش پاڻي، ديس جي سڀني رهواسين لاءِ خارج ڪري ٿي. قدرت طرفان انسان جي ترقيءَ جي واٽ ۾ حائل ٿيل دقتون ۽ رڪاوٽون هاڻي رفته رفته غائب ٿينديون وڃن ٿيون. هاڻي سنڌ ۾ مستقل قيام ۽ رهائش اختيار ڪري سگهجي ٿي. انگريز حڪمرانن، پنهنجي دور ۾ جي بهترين سوکڙيون صوبي کي ڏنيون، سي زراعتي ڪاميابي ۽ سياسي طور خود اختيار حڪومت آهن. پائيدار امن قائم رکڻ، مسئلن کي سلجهائڻ، ۽ ترقي ڪري اڳتي وڌڻ: انهن سڀني ڳالهين ۾ انسان پنهنجي پاڻ تي مدار رکي ٿو. سنڌ ۾ وڏا شهر ٿورا آهن، جا هتي جي آباديءَ جي خصوصيت آهي. سنڌ جي آبادي گهڻو ڪري ٻهراڙيءَ جي چُرندڙ ڦرندڙ ڳوٺن تي مشتمل آهي. جتي آبياريءَ جا مرڪز هوندا آهن، اتي چوڌاري ڳوٺن جو مجموعو ٺهي ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو گذريل بادشاهي راڄن ۾ هڪ کان وڌيڪ دارالسلطنت وارا مرڪزي شهر Capital Towns) ) تعمير ٿيا، ۽ جنهن کي جيڪو هنڌ سهولت وارو نظر آيو، تنهن کي دارالسلطنت بنايائين.

        برطانيه، پنهنجي سامونڊي سڀاءُ ڪري، ڪراچيءَ جي بين الاقوامي شهر جو بنياد رکيو، جو هڪ سٺي بندرگاهه هئڻ جي ڪري، هاڻ اڳتي وڌي، پاڪستان جي وفاقي گادي بنيو آهي(1). اگرچ حيدرآباد، جو ان کان اڳ ۾ سنڌ جي گاديءَ جو شهر هو، تنهن جي مردمشماري فقط ٽن لکن جي لڳ ڀڳ ٿيندي (2)، جن ۾ زياده تر خوشحال ۽ ترقي يافته درجي جا ماڻهو آهن. هن علائقي ۾ سڀني ماڻهن لاءِ، سندن صوفيانه شاعري ”صحتمند پيداوار“ جي حيثيت رکي ٿي، جا شاهه لطيف، سچل ۽ ساميءَ جي آهي. اها ئي شاعري کين پاڻ ۾ هڪ قسم جي روحاني اتحاد پيدا ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪري ٿي.

        اڄڪلهه سنڌين ۾ تعليم جي گهٽتائي آهي. سڀ کان گهڻي قلت ٽيڪنيڪل تعليم جي آهي. موجوده زماني ۾ سنڌ به ٻين ملڪن وانگر نيم جاگيردارانه اقتصادي نظام سببان ڪوتاهين ۽ خامين سان ڀرپور آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هيءَ سرزمين، انسان جي استقلال کي متواتر آزمائيندي رهي آهي. مال ڪاهي وڃڻ، زوريءَ عورتون ڀڄائڻ، ڌاڙا ۽ خون، بي احتياطي، شاهوڪار زميندارن طرفان هارين سان ناشائسته برتاءُ ۽ غير مستحڪم حڪومت جون سڀئي نقصان رسان ڳالهيون، هتي جون ناڪاره معمول بنجي چڪيون آهن. اهي انسان جي خوديءَ جا غير جٽادار مظهر ۽ اُڀار آهن. هتي جو انسان جيئن ئي پاڻ کي هڪ ابتر نموني جي معاشرتي ۽ اقتصادي نظام زندگيءَ ۾ پابند زنجير معلوم ڪري ٿو، تيئن موٽَ ۾، ائين ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو: ڇاڪاڻ ته ٻيءَ صورت ۾ اهي حالتون سندس مڪمل وجود ۽ شخصي زندگيءَ کي هڪ خود انضباطي ۽ آزاد شهريءَ جيان، قبول ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿيون. اهڙيءَ علائقي ۾ جتي فطري قوتون متحرڪ هجن ۽ معاشرتي دٻاءُ ۽ جبر ايتريقدر مانع ۽ دم گهُٽيندڙ هجي، ته پوءِ ضرور هيجان پيدا ٿيندو. انهن مڙني تڪليفن کان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙو تعليمي دستور تجويز ڪرڻ گهرجي، جو جاگرافيائي ماحول ۽ معاشرتي تقاضائن مطابق هجي.

        بئراج اڳي ئي ڪامياب ثابت ٿيا آهن، ليڪن انهن منجهان اڃا به وڌيڪ لاڀ ڪيئن حاصل ٿئي، ان لاءِ ضروري آهي ته زرعي زمين ازسرنو تقسيم ڪرڻ ۾ اچي. پاڻيءَ جي ورڇ هارين جي درميان بهتر طريقي ۽ زياده انصاف تي مبني هجي. ازان سواءِ حڪومت جي مشنريءَ ۾ هر مرحلي تي بهتر انتظامي نقطه نگاهه ۽ فهم ۽ فراست جو هجڻ ضروري آهي، جا ڳالهه صوبائي ۽ مرڪزي ٻنهي حڪومتن ۾ هئڻ کپي.

قطعي ۽ فيصله ڪُن رايا:

        سنڌ جون تهذيبي حدون، اڄ جي مهذب انسان وڌائي، ڪافي وسيع ڪري ڇڏيون آهن. گروهبنديءَ ۽ فرقه پرستيءَ جا مرض جن ۾ ملڪ جا ٻيا علائقا، ٿوريءَ يا گهڻيءَ حد تائين گرفتار آهن، سنڌ انهن کان آزاد آهي. هڪ سنڌي، پاڪستاني هجڻ جي دعويٰ هڪ طرف ڪري ٿو ته وسيع المشرب Cosmopolitan) ) ۽ انسان دوست Humanitarian)) شخص هجڻ جي دعويٰ ٻئي طرف رکي ٿو. اهو سڀ تڏهن ٿي سگهيو آهي، جو سندس تهذيب ايشيا جي ڏورانهن علائقن جي تهذيب جي زير اثر مالا مال ٿي، مثالي بنجي چڪي آهي، ۽ ان کانسواءِ برصغير جي باقي علائقن وانگر، ان تي وچ __ اوڀر ۽ جديد يورپ جا جيڪي اثر پيا آهن، تن پڻ ان کي هڪ مخصوص رنگ ۾ رڱي ڇڏيو آهي. سنڌي ماڻهوءَ پنهنجيءَ پر ۾ پاڻ به انهن ساڳين ئي انساني تهذيبن کي بامقصد ۽ پُر معنيٰ انداز ۾ مالا مال ڪيو آهي، جن سان هن جو تجارت، تهذيب ۽ تمدن، مذهب ۽ ملت، باهمي رابطي ۽ ٻين ذريعن سان لاڳاپو پيدا ٿيندو رهيو آهي. ان ڪري هو ايامن کان تهذيبي عليحدگيءَ ۽ تنگ نظريءَ يا جارحانه وطن پرستيءَ جي بيماريءَ کان آجو رهيو آهي. پر ساڳئي وقت، هميشه کان، کيس معقول سبب جي بنا تي، پنهنجي تهذيب لاءِ فخر آهي، جا عالمگير خوبيون ۽ وسيع استداد رکندي به هڪ مخصوص ۽ مقامي رنگ ۾ پنهنجو مستقل وجود رکي ٿي، ۽ جنهن ۾ انساني اعمال ۽ فطري مظاهر ٻنهي گڏجي هڪٻئي تي اثر وجهڻ جو باهمي عمل ڪيو آهي. صدين کان وٺي انساني مظاهر ۽ طبعي حالتن ۾ جو غير محدود باهمي عمل، خارجي توڙي داخلي طرح سان ٿيندو رهيو آهي، تنهن موجوده سنڌ کي هستيءَ ۾ آڻڻ ۽ سنوارڻ جي عظيم خدمت سرانجام ڏني آهي. سنڌو ماٿري سچ پچ ته تهذيبن جو ميدان آهي. ان جي تهذيبي ميدان ۾ جذب ۽ اتفاق جون قوتون به گهڻي قدر موجود آهن، جي انساني تهذيب جي مختلف ۽ گوناگون عناصرن کي پاڻ ۾ يڪجا ڪن ٿيون ۽ دنيا جي عظيم ڌار ڌار اثرن کي ملائي پاڻ ۾ مدغم ڪن ٿيون. اهائي خصوصيت آهي، جنهن ”سنڌي تهذيب“ کي مقدس ۽ شاد آباد رکيو آهي ۽ ساڳئي وقت بلند ۽ بهتر، معقول ۽ ترقي پذير __ ۽ سڀ تي غالب ۽ حاوي بنايو آهي. هڪ سنڌي انهيءَ ڪري ئي عقلمند، مستحڪم، متحمل مزاج، برد بار، محب وطن ۽ امن سان پيار رکندڙ فرد آهي. پنهنجي عظيم نديءَ وانگر، جا سنڌ جي زندگيءَ جو روح آهي، سنڌي هاري به سوکڙيون ڏيڻ ۽ وٺڻ سکيو آهي. سنڌ جو قابل زراعت زميني مٿاڇرو به خارجي Foreign) ) آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي سنڌو نديءَ مان پاڻي وهائي آباد ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو، جو پاڻي اوکن ۽ مهيب جبلن مان ٻوڏن جي ذريعي، وهي غريب هارين لاءِ ماٿريءَ ۾ اچي زندگيءَ جو سامان ٿو پيدا ڪري. جيستائين نديءَ جو وهڪرو بيقاعده ۽ غير مستقل هو، تيستائين هاري به بدستور فضا ۽ قدرت تي ڀاڙيندو رهيو ۽ هر ڳالهه ۾ قسمت تي اعتبار ڪندو رهيو. ليڪن هاڻي دنيا جي زبردست ۽ عظيم الشان آبپاشيءَ جي نظام مان مستقل پاڻيءَ جي رسد جي ضمانت هجڻ ڪري، هارين به پنهنجي گهرن ۽ زرعي زمينن جي مسئلي کي سلجهايو آهي. هاڻي ساري سال ۾ ربيع ۽ خريف جي فصلن جا وارا باقاعدگيءَ سان ٿيندا رهن ٿا. موجوده دور ۾ سڄي سال جي دوران، گهڻي وقت تائين ڪو به هاري سست يا بيڪار نٿو گذاري. ماضيءَ ۾ فقط گردوبيش جا حالات ۽ فطري ماحول ئي ان لاءِ ذميوار آهن، جن کين ائين بنايو هو.

        ملڪ جي ورهاڱي ٿيڻ سان اچانڪ ديسي باشندن ترڪ وطن اختيار ڪيو ۽ هندستان جي مختلف ڀاڱن مان مسلمان هجرت ڪري سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لڳا. اها نئين صورتحال سنڌو __ ماٿريءَ جي تهذيب ۽ تمدن ۾ وقت گذرڻ سان يقيناً ڪيتريون ئي خصوصي تبديليون پيدا ڪندي. سنڌ جهڙن ٻين سنڌوماٿريءَ جي علائقن جو تنقيدي ۽ منصفانه ۽ سائينٽيفڪ مطالعو، اسانجي ڪيترن ئي قابل قدر باهمي تعلقات ۽ قسمين قسمين تهذيبي رخن کي آشڪار ڪندو. ازان سواءِ اهڙي مطالعي سان جدا جدا علائقن جا ماڻهو به هڪٻئي کان نفرت ڪرڻ کان باز رهندا. هر ڪو پنهنجي ملڪ تي اختيار رکندي بجا طور فخر ڪندو. ان سلسلي ۾ نه فقط پاڪستان، پنهنجي سڀني پاڙيسري ڀائرن (هندستان، ايران، افغانستان، عرب، ترڪي، انڊونيشيا) جي ڪاميابين کي تعظيم ۽ تحسين جي نگاهه سان ڏسندو، پر ان سان گڏ، پاڪستان ۾ رهندڙ قومون پڻ، پاڻ ۾ سازگار ماحول پيدا ڪري، وطن کي خوشحال بنائينديون، اميد آهي ته اهڙو فائديمند علمي ڪم، يونيورسٽين ۾، جاگرافيءَ جي شعبن، سائنس توڙي آرٽس جي عملي شاخن، طرفان انجام ڏنو ويندو. جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته اسين امن ۾ رهون ۽ اسان جي ملڪ کي پنهنجي ماڻهن طرفان قابل اعتماد نظام زندگي ملي، جنهن کان اسان جو نوجوان طبقو هرگز انڪار ڪري نٿو سگهي، ته پوءِ هن قسم جي تهذيبي ريسرچ تي توجه ڏيڻ ضروري آهي. ليڪن اهو سڀ ڪجهه انهن نوجوانن جي ان صحيح ۽ حقيقي تعليم ۽ ريسرچ تي منحصر آهي، جي امداد باهميءَ جي بنياد تي ڪيل هجن. ازان سواءِ اهي ڪوششون سموري مهذب دنيا جي امان ۽ سلامتيءَ تي به دارومدار رکن ٿيون.

 

 

*-------------*----------*


*  زردشت جي تعليم، بنيادي طرح سان وحدانيت واري هئي، پر پوءِ اڳتي هلي، سندس پوئلڳن مان ”ماني“ ۽ ”مزدڪ“ نالي شخصن ان ۾  ڦيرڦار آٻڻ آڻي، ”يزدان ۽ اهرمن“ جو عقيدو پيدا ڪري، ٻه خدا بنايا_ ه ”هڪ شر جو خدا“ ۽ ٻيو ”خير جو خدا.“ آخري طور، توحيد جو خالص ۽ ڪامل تصور، پيغمبر اسلام صلي الله عليہ وسلم جن پيدا ڪيو. _غ. م.گ

(1) هينئر پاڪستان جي گادي راولپنڊي ۾ آهي، ۽ مستقل طرح سان اسلام آباد ۾ نئون دارالسلطنت تمير ٿي رهيو آهي.

(2) حيدرآباد جي آبادي، هن وقت لڳ ڀڳ ٻارهن لکن کان مٿي ئي وڃي ٿي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com