پير حسام
الدين
راشدي
ٺٽي ۽ ديبل جو تقابلي
مطالعو
تاريخ
طاهريءَ
جي مصنف لکيو آهي ته ڄام
نظام
الدين
تخت تي ويهڻ (5 2 _ ربيع الاول
6 6 8 هه) کانپوءِ ٺٽي جو شهر آباد
ڪيو:
”بخاطرش
رسيد ڪه شهر نو، بوقت اسعد
بنا
بايد
ساخت
ڪه آن هجا، خرمي و خوشدلي هميشه و همه وقت بوده باشد،
برهمنان و منجمان
اختر
شناس
ساعت
سعيد ديده، در اطراف
و پيرامون
ساموئي
گرديده، جائي ڪه شهر تته است،
آن زمين را
پسند طبيعت داشته، بعرض جام
بعرض نموده، بناءِ
شهر تته نهادند ......... الخ“
ليڪن اهو
قول صحيح
نه آهي. ڄام
نظام
الدين
جي زماني کان
ڪم و بيش ٻه سئو ورهيه اڳ
ٺٽي جو شهر آباد ۽ سنڌ جو دارالسلام
بڻجي چڪو هو.
لوور سنڌ ۾ جيڪي تاريخي
شهر آهن، انهن مان
اول
ديبل ۽ ان
کانپوءِ
ٺٽي کي خاص
اهميت
۽ شهرت حاصل
رهي آهي. انهن
ٻنهي شهرن جي سلسلي ۾، محققن
جي درميان
ڪئين مسئلا
تصفيه
طلب آهن، جن جو قطعي طرح
اڄ
سوڌو ڪو به فيصلو
ٿي نه سگهيو آهي. ان
جو وڏو ڪارڻ
هي آهي جو ڪنهن به ڪڍ پَئي انهن مسئلن جو حل
تلاش
ڪو نه ڪيو آهي، اهي
منجهيل مسئلا
هن ريت آهن:
الف:
ديبل انهن
متعدد جاين مان
واقعتاً
ڪهڙي هنڌ آباد هو؟ جن ڏانهن
قياس
جي بناءِ
تي سنڌ يالوجيءَ جي انگريز
محققن
اشارو
ڪيو آهي.
ب: ديبل ڪڏهن برباد
ٿيو؟
ج: ٺٽو ڪهڙي زماني
۾ آباد ٿيو، ۽ ڪير ان
جو باني
هو؟
د: ٺٽو جدا
هنڌ تي آباد ٿيو يا
ديبل جي ڊٺل ڍيرن مٿان
آڏيو ويو؟
هه: تاريخن
۾ ”ديبل ٺٽو“ گڏ نظر اچي
ٿو، ان
جو مطلب ڇا
آهي؟
اهي
سوال
طي ٿي سگهن ٿا، بشرطيڪ تحقيقات
جا
سمورا
جديد ذريعا
انهيءَ
ڏس ۾ استعمال
ڪيا
وڃن.
هن هيٺ اسان
سال
وار
اهي
ماخذ
پيش ڪيون ٿا، جن ۾ ديبل خواهه
ٺٽي جو ذڪر آيو آهي. تاڪ
پڙهندڙن کي معلوم ٿئي ته مسلمانن
جي ڪتابن
۾_ ديبل جو ذڪر ڪڏهن کان
شروع ٿيو: ڪهڙي زماني
۾ ان
جو نالو
تاريخ
جي صفحن
تان
گم ٿيو: ٺٽي جو نالو
سڀ کان پهرين ڪڏهن تاريخ
۾ آيو: ۽ ديبل جي ختم ٿيڻ ۽ ٺٽي جي نروار ٿيڻ ۾ ڪيترن سالن
جو وقفو پيو.
ديبل:
150هه:
طرائف
الاديبه:
(مرتبه: مولانا
عبدالعزيز
الميمني،
مطبوع قاهره، سال
1938ع،
صفحو
102
) خالد
قناص
جو نائون
نونيه قصيدو،
جنهن کي ”عروس“ سڏيو وڃي
ٿو، ان جي پهرين ٻن شعرن ۾ ديبل جو ذڪر هن طرح
آيل آهي:
عو جو اعليٰ
طلل بالقفص خلاني،
اقوي
فقطانه
ارآل
هيقان،
کالد
يبايات
او
اجل
قراهيته،
من بين احمد
يرعا
ها
ويثران.
قُفُص
(عراق
جي تفريحي
شهر) ڏانهن هلو! اي
منهنجا
دوستو! جيڪو ويران
ٿي رهيو آهي، ۽ هاڻي
منجهس شتر مرغ جا
ٻچا
رهن ٿا.
ديبل جي نيل گاين جيان،
يا
جنگلي نيل گاين
وانگر،
جيڪي لال رتيليون آهن. پاڻ
جهڙن ڍڳن جي درميان_
شايد
ان
دور ۾ ديبل جي آسپاس
نيل گايون
رهنديون هيون، جن کي ديبل جي نسبت سبب ”ديبليات“
سڏيو ويو آهي. اهو
شاعر
ٻيءَ صديءَ هجريءَ جي وچ ڌاري
هو.
231
هه: المعجم
ما
استعجم:
جي مصنف ابي
عبيد عبدالله·
بن عبدالعزيز
المتوفي487هه،
ديبل جي تحت
هڪ شعر آندو آهي (569 _ 3 ) جنهن ۾ ديبل جو ذڪر آهي. اهو
شعر ابن
الاعرابي
(محمد ابن
رياد
150
_
231
هه: زر کلي
365-
6 ) کان
ثعلب ٻڌو، جنهن کان
ابو
عمر (زاهد)
ٻڌو، جنهن کان ڪتاب
جي مصنف
ٻڌي لکيو. شعر آهي:
کان
ذراعَهُ
الَمشکُولَ
منه،
سيلبُ هن رجال
الديبُلان.
انهيءَ
مٽڪي جي منهن جي گِرنَو ٻڌي ويئي آهي، گويا
ديبل جو ڪو (ڪارو)
ماڻهو
آهي، جنهن جا
ڪپڙا
لاٿا
ويا
هجن _ معلوم ٿو ٿئي ته ديبل جا
ماڻهو
ڪارا
هئا،
جن جي ڪاراڻ
کي، شراب
جي پراڻي
مٽ جي اودي پڻ کي نمايان
ڪرڻ لاءِ،
بطور تشبيه جي ڪم آندو ويو آهي. مصنف
وڌيڪ لکي ٿو:- اهو
شعر هڪ مَٽ جي تعريف ۾ آهي، مشڪول بمعنيٰ مشدود،
ديبلان
کاڻ
آهي ڪارن جي.“
0 5 2 هه: المسالڪ
و الممالڪ:
0 5 2 هه_ از ابن
خرداز
به المتوفي.
3 هه.
9 7 2 هه: فتوح
البلدان:
بلاذري، المتوفي
9 7 2 هه.
7 8 2 هه: تاريخ
يعقوبي: احمد بن يعقوب المتوفي
287هه.
3 0 3 هه: المسودي،
المتوفي
6 4 3 هه: هي ڪتاب
2 3 3 هه ۾ لکيو ويو ۽ پاڻ
3 0 3 ڌاري
هتي جو سفر ڪيائين.
3 0 3 هه: النبهيهه
و الاشراف:
المسعودي،
المتوفي
346هه.
1 3 3 هه: صورت
الارض:
ابن
حوقل،
1 3 3 هه ۾ هندستان
آيو.
0 4 3 هه: المسالڪ
و والممالڪ: اصطخري، 0 4 3 ۾ هندستان آيو.
2 7 3 هه: حدود
العالم:
مصنف
نامعلوم.
ڪتاب 2 7 3 هه ۾ لکيو ويو.
5 7 3 : احسن
التقاسيم:
بشاري مقدسي. 5 7 3 هه ۾ ڪتاب
لکيو ويو.
6 1 4 هه: ڪتاب
الهند:
ابو
ريحان بيروني، تاليف
6 1 4 هه.
0 3 4 هه: قانون
مسعودي: ابو ريحان
بيروني، المتوفي
0 4 4 هه هي ڪتاب
معسود بن محمود غزنويءَ جي دور ۾ تصنيف
ٿيو.
7 8 4 هه: المعجم
ما
استعجم:
ابي
عبيد عبدالله·
بن عبدالعزيز
البکري
الانداسي
المتوفي
7 8 4 هه. ديبل جي سلسلي ۾ ڪتاب
جي مصنف
جي قول مٿي ڏئي آيا
آهيون.
0 1 5 هه: فارس
نامه:
ابن
بلخي، تاليف 0 1 5 هه کان
اڳ.
مولف ذڪر ڪيو آهي ته بهرام گور بن يزد گرد بن شاپور
ساساني
(2 4 4 _ 5 6 4 م) کي ديبل ڏاج
۾ مليو (تاريخ
گزيده، کامل
ابن
اثير
۽ تاريخ غور السير،
لثعالبي
وغيره ۾ پڻ اهو
ذڪر آهي.)
9 4 5 هه: نزهت المشتاق:
شريف ادريسي، ڪتاب
سال
9 4 5 هه ۾ لکيو ويو. مصنف
3 9 4 هه ۾ ڄائو.
2 6 5 هه: ڪتاب
الانساب:
سمعاني، متوفي 2 6 5 هه.
8 7 5 هه: طبقات
ناصري:
سلطان شهاب
الدين
محمد
غوريءَ (بن سام) جو _ جنهن 578 هه ۾ سنڌ کي فتح
ڪيو _ ذڪر ڪندي، مصنف
لکيو ٿو: ... و ديگر سال
که (شهور) سنه ثمان
(و سبعين و خمسمائته) شد، سلطان
غازي
(محمد
غوري) لشکر بطرف ديول برد، و تمام
آن بلاد
کنار
بحور
را،
در ضبط آورد واموال
بستد و مراجعت
فرمود ...... (7 6 4 ).
7 0 6 هه: ساڳيو
مصنف
ملڪ ناصر الدين
قباچه
جي مذڪور ۾، جنهن (2 2 _ جمادي الاول
سن 5 2 6 هه يا
9 1 جمادي
الاخر)
جو، سلطان شمس الدين
التمش
جي هراس
کان
پاڻ
کي بکر جي قلعي تان درياهه
۾ اڇلائي
خودڪشي ڪئي، لکي ٿو:
”ملک ناصر
الدين
قباچه بادشاهه
بزرگ و بنده سلطان
غازي
(شهاب الدين
محمد
بن سام
غوري) بود .. بعد از
حادثه
سلطان
قطب الدين (ايبڪ
7 0 6 هه) بطرف اچه
رفت شهر ملتان را
ضبط کردند و سندستان
و ديول تا
لب دريا،
جمله در تصرف
او
آمد. و قلاع و قصبات
شهر هاءِ
مملڪت سند راخود گرفت...“ (2 9 4 ).
3 1 6 هه: چچ نامه:
علي بن حامد الڪوفي،
تاليف
613هه.
8 1 6 هه: جلا
الدين
خوارزم شاه،
چنگيز خان
جي چڙهائيءَ
سبب، ملڪ ڇڏي، 8 شوال
8 1 6 هه جو سنڌ م داخل
ٿيو ۽ 9 1 6 جو هتان
واپس
ويو. صاحب طبقات
ناصري
(تاليف
8 5 6 هه) سندس فڪر ڪندي لکيو آهي:
”جلال
الدين
خوارزم شاهه
بزمين سند آمد، و برطرف ديول و مکران
رفت...“ (2 9 4 ).
8 1 6 هه: جهانکشائي
جويني: تاليف (9 5 6 هه) ۾ ساڳيو
مذڪور هن ريت آهي: ”... و برجانب ديول و دمريله _ (مرحوم
ڊاڪٽر
دائود
پوٽي جي قياس مطابق
د مريله، مڪران
جي سرحد تي هو) _ نهضت کرد. و چنيسر که حاکم
آن ولايت
بود، بگريخت و در کشتي بدريا
رفت. سلطان
نزديک ديول و درميله فرود آمد ... و سلطان در ديول، مسجد جامعي
بنا
فرمود، در موضعي که بتخانه _“ (تاريخ
معصومي:
صفحو
6 8 2 بحوال
جهانکشائي
ج _ 2 ، ص
ص
6 4 1 _8 4 1 . ترجمه انگريزي
Byole Vol` II B+416-17، آثارالوز
راءِ
عقيلي، مطبوعه طهران
7 3 3 1ض ش _ ص
1 7 2 ).
625هه: طبقات ناصري جو مصنف، قباچه جي مرڻ بعد سلطان شمس الدين
التمش (607 _ 633) جي قبضي جو ذڪر ڪندي لکي
ٿو..... آن بلاد تاآب محيط فتح شد، و ملڪ منان
الدين جنيسر (چنيسر) که واليء ديول وسند بود بخدمت
درگاهه شمس الدين پيوست ... (523)
6 2 6 هه: معجم البلدان:
ياقوت
حموي،
متوفي 6 2 6 هه.
4 3 6 هه: سلطان
رضيه (4 3 6 _7 3 6 هه) جو ذڪر ڪندي طبقات
ناصريءَ
جو مولف لکي ٿو ته ”از
ممالڪ
لکهنو تي تا
ديول همه ملوڪ و امراءَ.
انقياد
نمودند...“ (7 3 5 ).
0 5 6: العباب
الزاخر
و اللباب
الفاخر:
از
امام
صاغاني
(متوفي 9 2 _ شعبان
0 5 6 هه، جمع جي رات)
امام
صاغاني
ڪيترن سالن تائين
سنڌ ۽ هند جي مختلف شهرن جو سفر ڪيو، هن ديبل جو
شهر پاڻ
ڏٺو. پهريون سفر 0 9 5 هه کان
5 9 5 هه تائين ڪيائين.
5 9 5 هه ۾ سنڌ مان
ٿيندو عراق هليو ويو. 6 0 6 هه ۾ وري هندستان
آيو ۽ 0 1 6 هه ۾ موٽي حج
تي هليو ويو. 3 1 6 هه ۾ حج
کان
فارغ
ٿي هندستان پهتو ۽ 5 1 6 هه ۾ بغداد
واپس
ٿيو. وري 6 1 6 هه ۾ خليفه الناصر
الدين
جو سفير ٿي التمش جي درٻار
۾ آيو. ڪتاب
العباب
لکندي، لفظ (بکم) تي پهتو جو 0 5 6 هه ۾ اوچتو
انتقال
ڪيائين ۽ ڪتاب
نامڪمل
رهجي ويو. جيڪي شهر هن ڏٺا
تن جو ڪتاب
۾ جابجا
ذڪر ٿيل آهي _چنانچه ديبل جي سلسلي ۾ هيٺين عبارت
لکي ٿو، جنهن مان
معلوم پيو ٿئي ته 0 5 6 هه ۾ جنهن وقت ڪتاب
هٿ ۾ هيس، ديبل موجود هو. ”ديبل سنڌ جي شهرن مان
هڪ قصبو
آهي، جتي بندرگاهه
آهي ۽ ٻيڙا
پڳهه ڪن ٿا.
هتان
جا
عام
رهاڪو نيڪ طينت آهن، پر قديم امير
۽ حاڪم،
خواهه هاڻوڪا
حاڪم
۽ امير
بد باطن
آهن. بحري ڌاڙيلن
سان
سندن تعلق آهي، ۽ لُٽ ڦُر جي مال مان
پنهنجو حصو
اُڳاڙيندا
رهن ٿا.“_
(عربي عبارت ڏسو معارف
نمبر 3 ، جلد 3 8 ، صفحو
3 2 2 . ڪتاب جو روٽوگراف
سينٽرل اسلامڪ
ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڪراچيءَ
۾ موجود آهي. تاج
العروس
۾ زبيديءَ (ماده دبل ۾ مٿئين عبارت
کي نقل ڪيو آهي. صاحب
تاج
العروس
قصبي
جي بجاءِ ديبل کي سنڌ جو پايه
۽ تخت ڄاڻايو
آهي.)
8 5 6 هه: طبقات
ناصري:
قاضي
منهاج سراج
جزجانيءَ
8 5 6 هه ۾ مرتب ڪئي. پاڻ
ڪيترو وقت قباچه وٽ، اَچ
۾ رهيو. هن ديبل جو ذڪر ڪيو آهي جيڪو مٿي ڏنو ويو
آهي. (اسان
جي سامهون
آقائي حبيبيءَ
جو پهريون ايڊيشن
آهي.)
658هه: جهانڪشائي
جويني: از عطا
ملڪ جويني، تاليف
658هه _ هن ۾ جلال الدين
خوارزم
شاهه
جي آمد جو ذڪر ٿيل آهي، جيڪو مٿي ڏئي چڪا
آهيون.
6 7 6 هه: آثار
البلاد:
قزويني، متوفي 6 7 6 هه. هن جو ماخذ اصطخري
آهي.
4 3 7 هه رحله
ابن
بطوطه: 4 3 7 هه ۾ لاهري
بندر تان
لهي سيوهڻ آيو، ديبل جو ذڪر ڪونه ٿو ڪري.
0 4 7 هه: نزهت القلوب:
حمد
الله· مستوفي. ڪتاب
0 4 7 هه ۾ تاليف
ٿيو.
9 4 7 هه: مراصد
الاطلاع:
از
صفي
الدين
بغدادي (متوفي 9 4 7 هه) هي ڪتاب
معجم اللبدان
ياقوت
جو اختصار
آهي.
821: صبح
الاعشيٰ:
قلقشندي، متوفي 821 هه. چوٿين جلد ۾ امام
صاغاني
جي ڪتاب، العباب
الذاخر
جي حوالي
سان
ديبل جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
پويان
چار
ڪتاب قديم ڪتابن
تان
ورتل مواد
تي انحصار
رکن ٿا، انهن
۾ ذڪر اچڻ
سبب اهو
نه سمجهڻ کپي ته، ديبل انهيءَ
زماني
تائين
موجود هو.
مٿئين سال
واري
نقشي مطابق، امام
صاغانيءَ
۽ منهاج سراج
جي قول مان
ثابت
ٿئي ٿو ته ديبل 0 5 6 _ 8 5 6 هه تائين
موجود ۽ آباد
هو. البت دارالسلطنت
جي بجاءِ
قصبو
بڻجي چڪو هو، جيئن امام
صاغانيءَ
ڄاڻايو
آهي. 4 3 7 هه ۾ جڏهن ابن
بطوطه آيو تڏهن ديبل يا
ته صفا
برباد
ٿي چڪو هو يا
ان
جي بندرگاهه
واري
حيثيت
۽اهميت
ختم ٿي وئي هئي، جنهن ڪري ابن بطوطه لاهري
بندر تان
لهي سڌو سيوهڻ آيو. گويا
منهاج
سراج کانپوءِ
ابن
بطوطه تائين
جو جيڪو منيءَ صديءَ
جو عرصو
گذريو، ديبل جو وجود انهيءَ
عرصي اندر
ختم ٿيو.
ديبل جو سلسلي ۾ سلسليوار
حوالا
مٿي نظر مان گذري چڪا.
هن بعد ساڳي
ترتيب سان
ٺٽي جا
حوالا
ڏجن ٿا،
جنهن مان ٺٽي جي قدامت
۽ ديبل ۽ ٺٽي جي درميان
جيڪو سالن جو وقفو آهي، اهو
ظاهر
ٿي ويندو.
ٺٽو:
1 7 5 هه: سلطان
شهاب الدين
محمد
بن سام
غوريءَ، بقول مبارڪ
شاهي
(تاليف
8 3 8 هه) ٺٽي ۽ اُچ
تي چڙهائي
ڪئي.
”... در سنہ احديٰ و سبعين و خمسمايہ سمت آچه و تهتہ و ملتان لشڪر
ڪشيد، طايفئہ تهتہ در حصار اُچه محصر شده، با
سلطان محار به ڪردند...“ (ص 6)
طبقات ناصريءَ ٺٽي جي بجاءِ ديبل لکيو آهي. آثارالو زراء (عقيلي) ۾
وزير نظام الملڪ جنديءَ جي تحت آهي:
”... چون سلطان شهاب الدين غوري فتح ممالڪ هند نمود آن ملڪ را
بغلامان خود سپرد... تته و اُچه را به سلطان ناصر
الدين قباچه داد...“ (329).
طبقات اڪبريءَ ۾ آهي ته:
”... سال ديگر (578هه) بطرف ديول ڪه عبارت از تهت است، لشڪر برده
تمام لاد بحر را در ضبط در آورده...“.
تاريخ مبارڪشاهيءَ ۾ ڄاڻايل ٺٽي جي لفظ لاءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم
و مغفور جو خيلا، بلڪل صحيح آهي ته دراصل اهو ٺٽو
نه بلڪه ”بهاتيه“ آهي. (حاشيو معصومي)
حقيقت ۾ پوئين دور جا مئورخ، ٺٽي جي مرڪزي حيثيت ۽ شهرت کي ٻڌي،
ديول ۽ ٺٽي جي مابين ڪو به تفاوت ڪري نه سگهيا
آهن.
667_671هه: ديوان تحفہ الصفر: امير خسرو (تولد 651هه_ وفات 725هه).
هي ديوان 16 کان 19 ورهين جي عمر تائين چيل غزلن
کي مرتب ڪري، امير خسرو تيار ڪيو. ان ۾ هڪ غزل
آهي، جنهن جي مطلع ۾ ”تته“ جو قافيو آندو اٿائين.
سروِ چو تو، در اُچه و در ”تته“ نباشد،
گل مثلِ رخِ خوبِ تو، البته نباشد
(از تحفة الصفر (671هه) کليات عناصر دواوين خسرو، نولکشڪور، کانپور
(1916ع)
امير خسرو، خان شهيد وٽ ملتان ۾، (678_683هه) پڻ هو. صدر الدين بن
بهاء الدين ذڪريا ملتاني انهيءَ دور جو آهي. قلندر
لال شهباز ڪجهه وقت لاءِ ساڳئي خان شهيد وٽ رهي،
پوءِ هتي سيوهڻ ۾ آيو.
مٿي ڏنل شعر مان صاف ظاهر آهي ته ٺٽو 667هه ۽ 671هه ۾ نه فقط آباد،
مشهور ۽ معروف هو، بلڪه ايترو بارونق ۽ متمدن شهر
هو، جو شاعر، اتان جي خوبصورت گلن ۽ سروقد سهڻن جي
تشبيہ پنهنجي محبوب جي تعيرف ۾ ڪتب آندي آهي.
669هه: سلطان غياث الدين بلبن (64_686هه) جو پٽ محمد قاآن، جنهن جو
زڪر مٿي ٿي چڪو، 668هه ۾ ملتان ۽ سنڌ مٿان حاڪم ٿي
آيو. 683هه ۾ مغلن جي لشڪر سان مقابلو ڪندي سهيد
ٿيو ۽ تاريخ ۾ ”خان شهيد“ جي عرف سان مشهور ٿيو،
ان جي حدن جو ذڪر ڪندي، صاحب تاريخ مبارڪشاهي
(تاليف 838هه) لکي ٿو ته: ”... از مالم تاحد جناتي
اقطاع او داخل ملتان بود... جنايت شصت کروه از
تهتہ پيشتر برسرِ درياست..“ (42)
705هه: مکاتبات رشيدي: از خواجا رشيد الدين فصل الله طبيب. مشهور
وزير (اباقا خان ۽ غازان خان) ۽ معروف مورخ (مولف
تاريخ رشيدي) جنهن کي سلطان خدابندي 718هه ۾ قتل
ڪرايو.
خواجه مذڪور پنهنجي پٽ عزيز الدين ابراهيم حاڪم شيراز ڏانهن لکيل هڪ خط ۾،
لاهور ۽ سنڌ تي مغلن جي حملي جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن
جي ڪمان سندس ٻيو پٽ جلال الدين خواجا (حاڪم
اصفهان) ڪري رهيو هو. انهيءَ خط ۾ ڍٽي جو نالو
ورتو ويو آهي.
عزيز الدين کي پڻ 18_ جمادي الاول 718هه (گزيده 1_603) جو خدابندي قتل
ڪرايو. سندس گهر ۾ علاء الدين بادشاهه هند (695_
715هه) جي نياڻي هئي.
مولانا محمد شفيع مرحوم (مرتب مکاتبات رشيدي) جو خيال آهي ته مذڪوره خط ۾،
مغلن جي جنهن حملي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو 705هه
جي لڳ ڀڳ ٿيو هوندو. خط جي ضروري عبارت هن ريت
اهي:_ ”... فرزند جلال (جلال الدين خواجا، حاڪم
بلدہ اصفهان)... قلعه لهاور را... باندک حملئه کي
کرده، مسخر ساخت. واز انجا باجماعتِ امراني مغول
بطرف ولايت سنده متوجهه شد. طايفهء مخاذيل که
درسلک (کذا) انتظام يافته بودند. و در ثغور ولايت
مذکور جمع آمده و در راه لشکر ايران، دام خديعت
انداختہ و چون شيران آدمي خوار کمين ساختہ، چون
دانستند که قهر مانانِ لشکر ايران و قلب شکنان جند
ايلخان، همهمہ افراس را نوائي قانون و غنائي
ارغنون مي شمرند، و جمجمہ راس راکاس صهبا و جامِ
حُمَيامي پندارند، وصفِ هيجا و قلب و غاچون دريا
در جوش، و چون رعد در خروش مي آيند، چون باد، روئي
بهزيمت نهادند، و درجزاير و آجام مختفي شدنہ. و
امرائي مغول بتالانِ منال و مواشي و تاراجِ جوانب
و حواشي مشغول گشتند. اما فرزند جلال، چون رُجوم
نجوم که در پي عفاريت رانند و روند، درپي ايشان
بشتافت. و آن جماع را بحدود جزايد بکر و اُچه و دِ
حال لاهري و ”تته“ بتافت... الخ“ (ص 325).
760هه: سلطان قطب الدين مبارڪ شاهه (716_720هه) بن سلطان علاو الدين خلجي
(695_715) کي. خسرو ملڪ 720هه ۾ قتل ڪري تخت تي
ويڍو. جنهن کي وير ساڳي سال سنڌ جي گورنر غازي ملڪ
تهر تيغ ڪيو، ۽ هوپاڻ سلطان غياث الدين تغلق
(متوفي 725هه) جي لقب سان تخت نشين ٿيو. تحفة
الڪرام جو قول آهي ته انهيءَ دور ۾ ٺٽي تي سومرن
قبضو ڪيو. (تڪ فارسي_ تحت غازي ملڪ).
752هه: سلطان محمد تغلق ٺٽي کان چوڏهن ڪوهه پري هو جو پلو کائي بيمار ٿيو ۽
21_محرم 752هه جو فوت ٿيو. سلطان فيروز انهيءَ
جاءِ تي (23_ مارچ 1351ع) تخت نشين ٿيو ۽ سندس لاش
کڻائي سيوهڻ کان ٿيندو دهلي هليو ويو. تاريخ
مبارڪشاهيءَ جو مصنف لکي ٿو: ”.. معهذا قصد تهته
کرده تاطغي راکه اُنجا گرفتہ به آن طايفه بدست
آورده بکشند... چون سلطان
نزديک تهته رسيد، بازهمان
زحمت
عود کرد بيست و يکم ماه
محرم
سنه اثنين
و خمسين و سبعمائه
برلب آب سند، برحمت
حق
پيوست...“ (7 1 1 ).
3 6 _4 6 7 هه تاريخ
فيروز شاهي: عفيف برني (تاليف
1 0 8 هه) سلطان
محمد
جي وفات بعد فيروز تغلق دهليءَ مان
ڪاهه
ڪري ٺٽي تي آيو. تاريخ فيروز شاهيءَ
مان
معلوم ٿئي ٿو ته ٺٽو عظيم شهر هو. قلعو ايترو مضبوط هو جو ان
جو فتح
ڪرڻ مشڪل ٿي پيو. پهريون دفعو فيروز مايوس
ٿي واپس
ويو، ٻئي دفعي ٺهي جُڙي آيو. عفيف جو قول آهي ته
”ٺٽي جو ڄام
مجبور ٿي سيد جلال
الدين
جهانيان
جهان
گشت کي اُچ
مان
گهرائي، وچ ۾ وجهي سلطان
فيروز سان
صلح
ڪري پيش پيو. ليڪن عبارت
جي انداز
مان
ظاهر
پيو ٿئي ته جهانيان
جهان
گشت کي گهرائڻ
۾ سلطان فيروز جو به هٿ هو. بهرحال
هتي ته اهو
موضوع خارج از
بحث
آهي. هن هيٺ اسان
اهي
سڀئي عبارتون نقل ڪيون ٿا
جن مان
ظاهر
ٿيندو ته ٺٽو تمام
وڏو ۽ مضبوط شهر هو _ ٺٽي جو قلعو ناقابل
تسخير هو _ قلعو ايترو
وسيع هو جو منجهس لکين لشڪر رهي سگهيو ٿي _ سنڌي
لڙائيءَ
جا
جوڍا
۽ ڪوڏيا
هئا
_ حب
الوطني
۽ وطن جي دفاع جي احساس
جي شدت، انهيءَ
حد
تائين
منجهن هئي جو سنڌ جي عامي
ماڻهن
به پنهنجي جان
قربان ڪرڻ کان
ڪين ٿي ڪيٻايو.
چنانچه
ڪڇ
جي ”ڪونجي“ رڻ ۾ رهبر ٿي رولڻ جو واقعو
ان
جو شاهد
آهي.
”... آباداني
تهته دردو محل بود، يک محل
کرانه
لبِ آب سنده جانبِ
دهلي. دوم محل گذار
لبِ آب سنده. جانب
تهتيان بسيار
و بيشمار
مرد انبوه،
هر يکي باشکوه بلکه هر يک تن چو الجمن
بود باگراني
عه کوه، جمله مرد جنگي. چناچه
از
احوال
قوت و جلادت ايشان،
ميان
جهان و جهانيان
معلوم و روشن. دران
ايام
جام
برادر رائي
اُنرو
بانبهنه
برادر زاده
او،
ضابط
تهتهه بودند. انواع
رعنائي
در ميدان
خود نمائي مينمودند ... جميعت بسيار
جمع کردند، ولايت
ايشان
بسيارو بيشمار
است.“
(عفيف ص
9 9 1 )
جڏهن جنگ شروع ٿي، ان
وقت جي ڪيفيت بيان
ڪندي مولف لکي ٿو:
”.... جام
و بانبهنه
خود کام، با
جميعت تمام
مستعد شده، باسوار
بسيار و پيشمار
آز ميان
بيرون آمدند... (1 0 2 )
”... و جمعيت تهتهيان
موازنه بيست هزار
سوار
جرار
_ هر يکي در زور دلاوري
کند آور روزگار
_ و موازنه
چهار
لک پياده نامدار
با
اين
جمعيت فراوان
و قوت بي پايان
طائفه
تهتهيان در آويز کردن نمي توالستند...(2
0 2 )
”... تهتهيان
با
آن قوت بي پايان
درون حصار
ميخز يدند...“ (3 0 2 )
انهيءَ
دفعي جنگ مان
فيروز، ناڪام،
مايوس
۽ نامراد
ٿي دهليءَ هليو ويو، ۽ وري ٻيهر موٽي آيو. انهيءَ
سلسلي ۾، تاريخ
مبارڪ شاهيءَ
جو قول آهي:
”.. آن (فيروز) نگر کوت را
فتح
کرده از
آنجا
عزم تهته نموده چون در تهته رفت، جام
بانبهنه
که ضابط تهته بود، بقوت آبگير محصر
شده، مدتي محار
به کردند ... بضرورت ناچار،
بعد کوشش بسيار
جانبِ
گجرات روان
شد ...“ (ص
1 3 1 )
5 6 7 هه: تاريخ
فيروز شاهي: عفيف (تاليف
1 0 8 هه). پهرينءَ ڪاهه
وقت سلطان فيروز جي لشڪر ۾ نوي هزار
سوار،
چار
سو اسي
هاٿي
۽ پنج هزار ٻيڙيون ۽ بي انداز
پيادا
هئا.
۽ ڄام
وٽ ويهه هزار سوار،
۽ چار
لک پيادا
هئا(1).
ڄام
جو اهو
سڄو لشڪر ٺٽي ۾ قلعبند هو. ان
مان
قلعي ۽ شهر جي وسعت جو اندازو
ڪري سگهجي ٿو. ٻئي حملي
لاءِ
عفيف لکي ٿو:
”... و طائفه
سندهيان باقوت
فراوان
و جلادت
بي پايان،
گذاري
لبِ آبِ سنده تا
هفتاد
ڪروه بحر، سوار
و مرد جرار
حائل
بودند، در قسم هوشياري
و بيداري
ڪوشش مينمودند، گذار
شدن ممڪن نبود... (ص
4 3 2 عفيف)
”... ملڪ عماد
الملڪ
و ظفرخان بالشڪر
فراوان
و افواج
بي پايان،
صد
و بيست ڪروه باز گشته فرود بهکر گذار
شده در زمين تهتهيان
در آمده. تهتهيان نيز با
جميعت انبوه
سوار
و پياده باشڪوه،
از
درون حصار
بيرون آمدند. ميان
هر دو طرف جنگ سخت شده ڪه، در تحرير
ناگنجد.
و سلطان فيروز درين بر بود. اگرچه حصار
تهته مينمود...“ (ص
5 3 2 ).
ٺٽي جي لشڪر کي فيروز جو اهو
ڪٽڪ زير ڪري ڪونه سگهيو. آخر نئون لشڪر دهليءَ کان
گهرائڻو
پيس. (ص
6 3 2 ) ۽ تقريباً
سڄيءَ مملڪت مان
آدمذات اچي
گڏ ٿي. (7 3 _ 8 3 2 ) عفيف جو چوڻ آهي ته ”ٺٽي
وارن
وٽ جيڪو اَن هو سو فيروز کي پهرئين دفعي ڀڄائي
ڪڍڻ کان
پوءِ، بي اَلڪو ٿي، پنهنجن زمينن ۾ ٻج ڪري وجهي ڇڏيو
هو. هيءَ جو مٿن اوچتو
خلاف اميد
ٻي چڙهائي
ٿي، ان
لاءِ
نه هو تيار هئا
۽ نه وٽن کاڌ
خوراڪ
جو پورو بندوبست هو. مقابلا
۽ مجادلا
ڪندي آخر ڏڪار ۾ مبتلا
ٿيا.
تنهنڪري ”ڄام
۽ بانبهنه“
، سيد جلا
الدين
جهانيان
جهان گشت کي اُچ
مان
خاص
ماڻهو
موڪلي گهرايو. (ص0
4 2 )
عبارت
جي انداز
مان
ائين
پيو بکي ته سلطان
پاڻ
سيد ڏانهن
ماڻهو
موڪليو هو (ڏسو صفحو
1 4 2 _2 4 2 ). آخر سيد صاحب
جي وچ ۾ پوڻ ڪري صلح
ٿيو ۽ بقول عفيف جي: ڄام
۽ بانبهنه،
فيروز جي اچي
پيش پيا. ”انهيءَ
طريقي“ جي فتح
تي، عفيف بيت لکيو آهي، جنهن ۾ ٺٽي جو نالو
اچي
ٿو:
هم تهته بدست آمد و هم ڪار
فراهم
شد
المنته الله·
ڪه، اين
هم شد و آن هم شد.
(ص
7 4 2 )
ڄام
۽ بانبهنه
کي، فيروز پاڻ سان
دهلي ورتيون، ۽ ٺٽو، ڄام
جي پٽ ۽ تماچيءَ برادر
بانبهنه
(پسر ڄام
و تماچي بردار
بانهبنه)
جي سپرد ڪيائين
(ص
7 4 2 ) جن چار لک تنڪا
ساليانو
خراج ڏيڻو ڪيو.
عفيف جو چوڻ آهي ته اها
(ٺٽي ۽ گجرات جي) سرزمين فيروز شاهه
جي دور ۾ فتح
ٿي، جنهن کي سلطان معزالدين
(شهاب
الدين)
محمد
سام
جي زماني کان
وٺي هن وقت تائين
ڪو به فتح
ڪري ڪونه سگهيو هو. سلطان
علاوالدين
خلجي (5 9 6 _0 1 7 هه) پنهنجو ڪٽڪ سلطان
روم خواهه
سلطان حسين
جي امدادي
لشڪر سميت ڪاهي آيو، تاهم
فتح
نه ڪري سگهيو. (ص
1 5 2 ).
انهيءَ
فتح
تي عفيف ٻيو شعر پڻ چيو آهي، جنهن ۾ ٺٽي جو نالو
آهي.
در تهته چو شاهه
رخ نهاده،
شاهانش
دويده پا
فتاده،
آورده همه برابر
خويش،
گنجينه بداديش
ز حد بيش.
(ص
3 5 2 )
دهليءَ اندر
جن جاين ۾ ڄامن
۽ سندن ماڻهن
کي رهايو
ويو، ان جو نالو
”سرائي
تهته) مشهور ٿي ويو هو (ص
3 5 2 ).
انهيءَ
پوئين فتح
جي سلسلي ۾ تاريخ مبارڪشاهيءَ
جي تحرير
هن ريت آهي:
”...چون سلطان،
بار
دوم در تهته رفت، جام
بابنهينه
امان
خواست بحضرت
پيوست و بمراهم
مخصوصي
شد. سلطان
او
را
باتمام
مقدمان آن طرف، برابر
خويش در دارالمڪ
دهلي آورد. چون مدتي خدمت ڪرد، سلطان باز
جام
را
اقطاع
تهته داد. و باترتيب
تمام
روان
گردانيد....“ (ص
1 3 1 ).
765 هه: قصائد
مطهر ڪڙه: (متوفي در حدود
0 90 7 هه) مطهر شاعر
ڪڙي جو ويٺل ۽ فيروز شاهه
تغلق جو مدح
خوان
هو. ملڪ الشرق عين الملڪ
ماهرو_
جيڪو ان
دور ۾ ملتان ۾ صوبه
دار
هو_ ان
جي مدح
۾ پڻ سندس قصيدا
آهن. مطهر ٻه قصيدا
فيروز تغلق جي مدح
۾ چيا
آهن، جن ۾ ٺٽي جو ذڪر موجود آهي. انهن
قصيدن
مان
ٺٽي جي اهميت ۽ مدنيت واضح
ٿئي ٿي. هڪ قصيدي
۾ فيروز شاهه جي فتوحات،
اخلاق،
حسن
انتظام
وغيره جي تعريف ڪندي، ٺٽي جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو:
و ز جمله عه فتوح
گُل فتح، تهته بود،
ڪز استماع
آن همه خلق انتشار،
بود.
فتحي
ڪه در هواد ئي همت، قلاده
بست،
فتحي
ڪه در سواعدِ دولت، سوار
ڪرد.
فتحي
ڪه ني تهمتنِ ايراني،
آنچنان،
در عمر، ني سڪندر رومي نجار
ڪرد.
در موضعي چان
ڪه ز سختي عه او سپهر،
انگشت
حيرت
از
سر دندان فگار ڪرد،
دريا
و پنج آب، زهر چار سوئي او،
گشته يڪي دو چشمِ تو چند انڪه
ڪار
ڪرد،
ڪشتيءَ بي نهايت
و مردان
بي قياس،
هر يڪ يلي ڪه نيزه چو رستم گذار ڪرد.
جيشي چو مار
و مور، ڪه هر يڪ برائي
تير،
برخاشِ
چشم مور و هدف، گوشِ مار
ڪرد.
شاه
جهان ڪه خاطر
او
هر مهم ڪه خواست،
ڪردن ڪفايت
از
ڪرم ڪردگار
ڪرد.
همت چو برڪشادن،
اين
جايگاه
بست،
آثار
خسروي بجهادش جهار
ڪرد.
چندان
سپاه برد، ڪه از
سم، مرڪبان،
صحرا
ستوده آمره دريا
غبار
ڪرد.
هر روز نهب و غارت
و هردم نبرد و جنگ،
ميڪرد تا
ديار
عدو، پُر دمار ڪرد.
تاعاقبت
چوڪار، بسڪان،
آن مقام،
در اضطراب
آمد و حال اضطرار
ڪرد.
دادندسر
بطاعت و جستند امان
شاه،
شه داد
امان
و برڪرم اميدوار
ڪرد.
صفدار
سنده ”بانبهنيا،
را
و راي
”جام“
اندر
رڪاب
باهمه
خلق و تبار ڪرد.
تنها
نه اين
فتوح، ڪه در هر ولايتي،
صد
اين
چنين فتوح، دگر برمرار
ڪرد،
حصر،
صفات
شاه،
چو در وسع، عقل نيست،
ميخواهم
ازئنا،
بدعا
اختصار
ڪرد.
تا
باد
صبحگاه،
در ايام،
نوبهار،
دامان
خاڪ
پسر گوهر، آبدار ڪرد.
يادت
بهار، عيش منور، ڪه درجهان،
بخت، تو، خاڪ،
تيره چو مشڪ تتار
ڪرد.
خاص
ٺٽي جي فتح
تي مطهر هيٺيو ترڪيب بند چيو آهي:
بزمي است
بهر سوئي و نشاطي بهرسري،
باغي
بَهرَ رَهي و بهشتي بَهر دري،
هر جا
نهاده
نخلي و هر جائي مجمري،
هر جانبي
صراحي
و هر سوئي ساغري،
هر يڪ چنان
ڪه در شب، تاريڪ اختري،
مه روئي و مشڪ موئي و شڪر خنده، شمع تاب.
هر لعبتي نطيف، چو نورسته نارون،
گل روئي سر وقد وسمن، ساق
و سيمتن،
شڪر لبي، ڪه شهد شود، در لبش، لَبَن،
آرد نبات
را
زهوَس، آب در دهن،
چشمان
و ابروان
و بر و بازوان
و تن،
چون نرگس و بنفشه و نسرين و نسترن،
رفتار
شان،
قيامت و گفتار
شان
فتن،
ديدار
شان
بهشت و جدائي شان عذاب،
تانهضت
رڪاب همايون،
شنيده اند،
خاصان
و خاصگان
ڪه درين جائي
بوده اند،
صد
گونه عيش و عشرت و شادي
فزوده اند،
صد
گونه (1) عوس به بستن اذي
(2 ) نموده اند،
سرهائي
قبه، بر سر افلاڪ
سوده اند،
و اعلام
او
بعالم علوي شنوده اند،
گوئي ڪه: گوئي حسن،
زجنت ربوده اند،
اين
قبها
بزينت، و اين ڪُلها
بتاب.
هر قبه عه چو گنبد گردون چمبري،
نقش و نگار
او
همه مريخ و مشتري،
پوشيده اند،
رنگ همه شقر و شستري،
از
سبز و سرخ و زرد و بنفش و مصعفري،
سقف و ستون او،
همه از زر، جعفري،
گوئي ڪه: گوئي حسن،
زجنت ربوده اند،
اين
قبها
بزينت، و اين ڪُلها
بتاب.
ني ني ڪه شهر نيست، بهشتي است
دلپذير،
آراسته
بسندس و استبراق
و حرير،
حوران
در و ڪواعب، اتراب،
بي نظير،
سلسال
و سلسبيل در و چشمه و غدير،
وز شربت و شراب،
خميرش در آبگير،
جاري
هزار جوئي مڄ ، انگبين
و شير
آبش همه گلاب
و گلابش همه عبير،
خشتش ززر، سرخ و زمين ز سيم تاب
اڪنون
ڪه از
شڪوه شهنشاه، روز، جنگ،
باز
ظفر رڪاب عدو ڪرد، چون ڪلنگ،
مائيم
و صحن گلشن و صهبائي
لاله
رنگ،
و آواز
نائي
نغم عه رودو نوائي چنگ،
باساقيان،
دلبر و باشاهدان،
شنگ،
در سايهائي
تيره و در جايهائي
تنگ،
ايمن
زدرد و انده
و فارغ ز نام
و ننگ،
ڪه در نشاط
و نوش و گهي در خمار
و خواب.
اڪنون
ڪه از
شڪوه شهنشاه، روز، جنگ،
باز
ظفر رڪاب عدو ڪرد، چون ڪلنگ،
فيروز شد ڪه افسر،
شاهان،
عالَم
است،
مهدي تاج
بخش و سليمان خاتم
است،
دست و دِلش ڪه محيي
ابنائي
آدم است،
ترياڪ
و نوشداروو
اڪسير
اعظم
است،
فيض، سحاب
لجه عه دريائي قلزم است،
دستش بگاه
جود و سنانش که، حراب،
شاهي
ڪه چرخ مسند و خورشيد افسر
است،
سلطان،
شش جهات و شه، هفت ڪشور است،
در فر وبال،
همچون، فريدون و نوذر است،
در رزم و بزم همبر، سام
و سڪندر است،
ڪشور ڪشا
و خصم
ڪُش و ملڪ پرور است،
دانش
پڙوه و دين طلب و داد
گستر است،
ڪين توز و تاج
بخش، چو محمود
سنجر است،
صفدار
و سرفراز چو سام
و فراسياب.
ديدي ڪه شه چه معجزه بنمود در جهاد،
ڪا
نصاف
رزم بستد و داد
نبرد داد،
در يڪ لگام
رز ڪه شد دروغا
نهاد
اقليم
سنده و مملڪت و مولتان
ڪشاد،
فتحي
نمود روڪه، نه دارد
ڪسي بَه ياد،
ز امروز
تا
زمان،
ڪيومرث و ڪيقباد،
بشنو ڪنون، حڪايت
اين
فتح
باعتقاد،
تا
گويمت تمام، بايجاز
و انتخاب.
”تهته“ ڪه آن جزيره، بلائيست
پُر ڪهف،
درياش
يڪ طرف شد و پنج آب يڪ طرف
صحراش
بي نبات
و بيابانش
بي عَلَف،
زرها
در و تبه شد و اقليمها
تلف،
ڪشتي، ڪوه ڪاف
بگردش ڪشيده صف،
جنگ آوران
بدو همه شمشير ها
بَڪف،
در موج او
نه مدخل ماهي و ني ڪشف،
براوج،
او
نه مهبط شاهين وني عقاب.
صفدار
”سنده“ ”بابنهان“
ڪه در سنده او
مقام،
باسر
فراز ”رائي
تماچي“
و ”رائي
جام“،
برگرد شان،
زخيل و تبار و خواص
و عام،
جيشي ڪثير همچو، هجوم، نجوم، شام،
غيراز
يلان جلد و جونان،
تيزگام،
هريڪ بسان
رستم و اسفند يار
و سام،
القصه
اين
سران ولايت
همه تمام،
بڪجان
و يڪزبان شده، در همچنين حراب.
بر حڪم
آن غرور ڪه داريم جائي
تخت،
اسپان
باد
پائي
و فراوان
سلاح
و رخت،
بالشڪر،
گران ڪه ڪند، ڪوه لخت لخت،
برخاڪبوس
مانده
درين بندگي، سخت،
برتافتند،
روئي بتلقين تيره بخت،
هر تيغ و نيزه شان
چويڪي شاخ از
درخت،
شاه
جهان ز خنجر خونريز ڪينه اخت،
و انديشه
ڪرد، ڪردن آن جايگه
خراب.
چندان
سپاه برد ڪه، دريا
و دشت ڪوه،
از
سم، اسپ
و آهن و فولاد شد ستوه،
صفها
ڪشيده خيل اميران
گران
شڪوه،
هر يڪ صفي
چو سد، سڪندر بصد
ڪروه،
باهول
و هيبتي ڪه ڪند، شوڪت و شڪوه،
در لرزه بُد زمين و دل مرد، دين پڙوه
ميخواستند،
صبحدمان
بردم خروس،
ڪز بيخ برڪنند بيڪبار
آن خراب.
........ …… …… ……
........ …… …… ……
ڪان
قوم هم بسهم سيه روي عه تافتند،
ناڪرده
رزم سينه ز هيبت شگافتند،
چندان
ڪه چاهه
غور، ڪز انديشه ڪافتند،
جز عجز و مسڪنت، ره ديگر، نيافتند،
لابد
رسن زموئي سر و ريش بافتند،
بردند روئي عجز، بدرگاهه
آن جناب.
شاه
جهان بموجب آن جمله را
نواخت،
و زجاه
و منزلت، سرشان بر فلڪ فراخت،
اسپان
تنگ پشت، بزرين ستام
و ساخت،
و اجناس
جامها
ڪه در و لعل و در نشاخت،
چندان
بداد شان،
ڪه نه ڪس حد،
آن شناخت،
في حد،
آن بَدِيد، اگر جان
و تن گداخت،
ابري
ز جود، برسر، آن بستگان
بتاخت،
ڪز فيض گشت غرقه عه احسان
بجمله باب.
آري چنين ڪنند، سلاطين
شڪار
ها،
و ز بخت شان،
بر آيد ازين گونه ڪار
ها،
اين
ست آن فتوح،
ڪه در روزگار ها،
مانند
خسروان، جهان،
يادگار
ها،
زين گونه ڪارها
ست ڪه رفته ست بارها،
صيت،
شهان
و نام،،
مهان در ديار
ها،
تنها
نه آن حصار، ڪه چندين حصار
ها،
ڪرده است،
شاهه
فتح،
بيڪ جنبش رڪاب.
........ …… …… ……
........ …… …… ……
ابن
خسروي ئ ڪه برسر تاج
ڪيان توئي،
تخت آسمان
و اختر
آن آسمان توئي،
جسمي است
نه فلڪ، ڪه در و نور جان
توئي،
دارا
توئي، قباد، توئي، ارد
وان
توئي،
عيسيٰ عه عهد و مهدي، آخر زمان توئي،
ڪز تيغ، تست، فتنه عه دجال
را
جواب.
گرمن قلم ز جمله عه شاخ،
گيا
ڪنم،
دريا
دوات
سازم
و دفتر سماڪنم،
پس خواهم
اين
ڪه حق مديحت
قضا
ڪنم،
هر لحظه
دفتري دو سه اندر ثنا
ڪنم،
با
اينڪ
اين،
بمدت نا
منتها
ڪنم،
حرفي
ز دفتري نتوانم
ادا
ڪنم،
چون عاجزم
ز مدح، سزد، گر دعا
ڪنم،
زيرا دعائي
عاجز،
مسڪين ست مستجاب.
شاها،
حيات
و دولت و ملڪت دوام
باد،
چرخ، بزينت، از
بُن دندان غلام
باد،
ماهت
نگين، خاتم و خورشيد جام
باد،
ساقيست
خضر، و چشمه، عه حيوان
مدام
باد،
رايات
تو زنصرت، تو، بر د وام
باد،
ز اڪنوش
تا
قيام،
قيامت قيام
باد،
تخت تو تازه
روئي و دلت، شاد ڪام
باد،
فر، تو ڪامگار
و شڪوم تو ڪامياب(1)
6 8 7 هه: ٺٽي جي شيرازي انجوي
ساداتن
جا
وڏا،
سيد محمد ۽ سندس پٽ سيد احمد
6 8 7 هه ۾ شيراز
ڇڏي،
قنڌار، سيوهڻ ۽ ساموئي
کان
ٿيندا، قاضي
نعمت الله·
عباسيءَ
سان
رشته داريءَ سبب ٺٽي ۾ قاضين
جي محلي
۽ جاين
۾ اچي
آباد ٿيا.
حافظ
شيرازي
رحمته
الله· عليه، سيد محمد
سان
گڏجي شيراز
مان
سنڌ اچڻ لاءِ
هليو، ليڪن سيد محمود
کيس قنڌار مان
موٽائي
شيراز
موڪليو، جتي 1 9 7 هه ۾ سندس انتقال
ٿيو، اهو
ساڳيو
سال
آهي (1 9 _0 9 7 هه) جنهن ۾، مطهر ڪڙو به فوت ٿيو،
جنهن جا
ٻه قصيدا
مٿي ڏيئي آيا
آهيون.
سيد محمد
۽ سيد احمد جي اچن
جي تاريخ
” بسم الله· الرحمان
الرحيم“
مان
(6 8 7 هه) نڪري ٿي.
صاحب
رساله
”معارف الانوار“
، ”ديبل ٺٽو“ گڏي،ل عازم بلاد
تهته يعني ديبل شدند ص
0 1 1 ) لکيو آهي، ليڪن ان
مان
مطلب ”ٺٽو آهي، جيئن ٻئي هنڌ لکي ٿو:
”بجانب
بلده طيبه تهته، تشريف آوردند“ (ص
7 1 1 ).
سيد محمد
جي وفات (0 1 _ محرم
0 0 8 هه) بعد، سيد احمد،
سيد پور مان لڏي، مستقل طرح
اچي
ٺٽي ۾ مقيم ٿيو.
3 9 7 هه: ڄام
تماچيءَ جي بغاوت:
فيروز تغلق، ٺٽو، ڄام
بانبهيه
جي ڀاءُ کي ڏيئي ويو هو، چند سالن
بعد، ڄام
تماچي بغاوت
تي آماده
ٿيو ٿو ڏسجي. خبر، پوڻ تي، سلطان فيروز، دهليءَ مان
”ڄام“
کي سندس سرڪوبيءَ لاءِ
روانو
ڪيو. جنهن کيس گرفتار
ڪري، دهليءَ موڪليو. عفيف لکي ٿو:
”... معهذا
چون ازين
سخني چند سال گذشت، و تماچي
برادر
بابنهيه
در تته برگشت، حضرت
شهنشاهه
(فيروز) جام
را
براي
دفعه شرِ او، در تته فرستاد.
جام
در تته رسيد و تماچي
را
سمت شهر روان گردانيد.“
ڄام بابيني جي سلسلي ۾ عيف لکي ٿو؛
”... و بانبهيه
هم در دهلي ماند....
چون سلطان تغلق شاهه
بپاد
شاهي
نشست (0 9 7 هه) بابنهيه
را
چتر سپيد داد
و در تته روان کرد. بابنهيه
در اثنائي
راه
جان
بحق
سپرد...“ (3 5 2 ) گويا
0 9 7 هه ۾ بابينو
موٽي وطن آيو ٿي، جو رستي ۾ فوت ٿي ويو.
3 2 8 هه: تاريخ
مبارڪ شاهي:
(تاليف
8 3 8 هه) مولف، سلطان
معز الدين ابوالفتح
مبارڪ
شاهه
(4 2 8 - 8 3 8 هه) جي تحت
لکي ٿو: 3 2 8 هه جي جسرٿ شيخا
کهوکهر (؟) بغاوت ڪئي، جنهن ڪري جمادي
الاول
3 2 8 هه ۾ ڪشمير جو بادشاهه
سلطان
علي لشڪر ڪاهي ٺٽي تي چڙهي آيو. (در ولايت
تهته آمده)... (ص
4 9 1 ).
بنگال
ايشياٽڪ
سوسائٽيءَ جي مطبوع نسخي ۾ انهيءَ
جاءِ
تي ٺٽي جو نالو، ڪتابت
جي غلطيءَ سبب آيل ٿو ڏسجي. ورنه ڪشمير جي بادشاهه
علي ۽ جسرٿ جو نالو،
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن به عنوان
سان
نه اچڻ
گهرجي.
مٿين سڄي مذڪور مان
ظاهر
ٿيو ته ٺٽو ڄام نظام
الدين
کان
ٻه سو ورهيه اڳ موجود، بلڪ سنڌ جو پايه
تخت هو. ديبل جو نالو
تاريخ
جي صفحن
تان
8 5 6 هه کانپوءِ
گم ٿيو، ۽ 1 7 6 هه کان
اڳ
ٺٽو ان
جو قائم
مقام بڻيو. وچ ۾ وٿي فقط 9 يا
3 1 سالن
جو پئي. امير خسرو مٿي ڏنل شعر، 6 1 ۽ 9 1 سالن
جي عمر ۾، يعنين 7 6 6 هه ۽ 1 6 7 هه جي درميان
چيو آهي. ۽ شعر مان
صاف
معلوم پيو ٿئي ته، جنهن وقت اهو
شعر تصنيف
ٿيو، ان
وقت هندستان جي پايه
تخت دهليءَ ۾ ٺٽي جي شهر ۽ اتان
جي ماڻهن
جي خوبصورتيءَ جي عام
واکاڻ
هئي انهيءَ
ڪري ڪو به سبب ڪونه آهي، جو اسان
مٿين تاريخي
شهادتن جي آڌار
تي اهو
تسليم ڪيون ته:
(1) ٺٽو ۽ ديبل ٻئي هڪ وقت موجود هئا.
(2) ٺٽو 1 5 6 هه (خسرو جي ڄمڻ) کان
گهڻو اڳ آباد
ٿيو هو.
(3) ورنه ناممڪن
هو جو آباد
ٿيڻ بعد 9 يا
3 1 سالن
جي مختصر
عرصي ۾ ايڏي
واکاڻ
پيدا
ڪري، جو 6 1 يا
9 1 سالن
جو نوجوان
متاثر ٿي ان
جي تشبيه ڪم آڻي.
(4) ٺٽو موجود هو، ليڪن ان
جي اهميت
ديبل جي زوال کان
پوءِ تمام
ستت ملي.
(5) اهو
ئي سبب ٿيو جو ماڻهن
جي ذهن تان
ديبل جو نالو
اڃان
لٿو ئي ڪونه هو، جو ٺٽي جي شهرت شروع ٿي، جنهن ڪري
ماڻهن
جي زبان
تي ”ديبل ٺٽو“ گڏجي اُچار
هيٺ آيا.
انهيءَ
گڏيل اچار
سبب مورخن ۽ مصنفن ۾ اشتباه
پيدا
ٿيو، جنهن ڪري هنن جڏهن به ”ديبل“جو ذڪر ڪيو
ته”ٺٽو“ لکي ويا.
يا
جڏهن ٺٽي“ جو نالو ورتائون
ته ” ديبل“سندن قلم مان
نڪري ويو، يا
ٻنهي کي گڏي ”ديبل ٺٽو“ڪري ڇڏيائون.
جهڙيءَ ريت شهاب
الدين
غوريءَ جي فتوحات جي ذڪر ڪندي ٺٽو بيان
ڪيو ويو آهيغ يا
جيئن معصوميءَ خواهه
تحفته
الڪرام
جو مصنف
ديبل ٺٽي ۾ ڪيترن جاين
تي فرق ڪري ڪونه سگهيو آهي:
جهڙيءَ ريت، تاريخ
معصوميءَ جو مصنف
عربي فتوحات
جي ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”... بندر ديول که درين ايام
به بندر تهته و لاهري
مشهور است....“ (ص
6) يا
ديبل جي فتح
جي بيان
ڏيندي لکيو اٿائين:
”... و لشکر اسلام
به فيروزي، عنان عزيمت به تسخير تهته معطوف داشته،
باندک
زمانه تهته را
مسخر ساختند
...“
ساڳي
غلطي ڪندي سلطان
محمود
غزنويءَ جي فتوحات
۾ به ٺٽي(1)
جو نالو
کنيو ويو آهي: ”.... وچون در نصف
ماهه
رمضان
سنه ست و عشر و ار
بعمائه،
سلطان
محمود
غازي
از
دارالملک
غريمت عزميت هندوستان
نموده بخطه عه ملتان
رسيد ... عبدالرزاق
وزير .. در سنئه سبع عشر و اربعمايته
متوجه سيوستان و تهته شد ...“(2).
اهڙيءَ
ريت جلال
الدين
جي سلسلي ۾ به”ديبل“ جي بجاءِ_
”ٺٽي“ جو ذڪر ڪيو ويو آهي(3).
ٺٽي جي مذڪور کي ختم ڪندي آخر ۾ دکني زبان جو هڪ شعر ڏجي ٿو، جيڪو آهي ته جهانگيري
دور جو، ليڪن ان
۾ ٺٽي جي جيڪا
تعريف ٿيل آهي، تنهن مان
اندازو
ڪري سگهبو ته انهيءَ زماني
۾ دکن ولايت
اندر، ٺٽي ننگر جي ڪهڙي واکاڻ
هئي. اهو شعر عثمان
شاعر
پنهنجي مثنوي ”چتراوليءَ“
۾ نظم ڪيو آهي:
هيري سي ٺٽه نگر سوهاوا،
بيهن هرن سيو بن گنجاوا.
يعني ”ٺٽو ننگري هيري جهڙو خوبصورت آهي، منجهس سارين
جون سايون
پوکون، هرڻ، ڪشادا
۽ سهڻا
جهنگل موجود آهن!“
*---------*--------*
|