لوٿل جو زوال ۽ نئين زندگي لاءِ ڪوششون
جڏهن لوٿل جو ٻوڏ وارو پاڻي سڪو ته هي ڀريو تريو ۽
سائو ڍائو شهر مڪمل تباه ٿي چڪو هو. سامونڊي بندر
واري گودي (dock
yard)
جو ڪٿي نانءُ نشان ڪونه رهيو هو. ڪچسرن اوچن ٿلهن
تي ٺهيل گهر ڊهي ڍير ٿي چڪا هئا. سمنڊ تائين پهچڻ
جا پاڻيءَ جا سارا وهڪرا لٽجي ويا هئا. اهڙي وڏي
ٻوڏ نهايت تيز رفتاري سان ۽ اوچتو آئي هوندي. تنهن
ڪري لوٿل جا رهواسي پنهنجو الهه تلهه ڇڏي ٽن ڪپڙن
۾ ڏورانهن علائقن ڏانهن وٺي ڀڳا هئا. پاڻيءَ جي
سڪي وڃڻ کان پوءِ جڏهن مهاڻا، هاري ناري ۽ ٻيڙائت
لوٿل ڏانهن موٽيا هوندا، ته ڏٺو هوندائون ته سندن
سکيو ستابو شهر مٽيءَ جو دڙو بڻجي ويو هو. ڪن ٿورن
ماڻهن دڙن کي کوٽي صفائي ڪئي. ماڻهو ڪنگال ٿي ويا
هئا. سندن ساري زندگيءَ جي ميڙي چونڊي پاڻي لوڙهي
ويو هو. هنن سَرن جون ڪنڌيون ڏئي ڇت مٿان ڪانا سٿي
مڙئي مٿي ڇانو ڪئي هئي. پنهنجن ابن ڏاڏن جا پراڻا
پڊ ڇڏڻ هنن لاءِ ڏاڍو ڏکيو هو. تنهن ڪري هوريان
هوريان پنهنجن اڳين اجهن ڏانهن موٽندا رهيا ۽ ڪک
پن ميڙي چونڊي پنهنجا جهڙا تهڙا جهڳا جوڙيندا
رهيا. ان دوران ڪيترن ماڻهن همت ڪري ڪچسريون جڳهون
جوڙي ورتيون هيون. هتان جا ماڻهو غريب ته ٿي ويا،
پر مذهبي ماڻهو هئا، تنهنڪري صبح جو ڏهاڙي وهنجي
سهنجي اگني ديوتا جي پوڄا ڪندا هئا. اهڙين ڳالهين
جو پتو باهه پوڄا لاءِ ٺهيل قربانگاهن مان پئجي
وڃي ٿو. سنان خانن جي فرشبنديءَ لاءِ پڪسرن ٽوٽن
کي ڪتب آندو ويو ڏسجي ٿو. پوئين دؤر ۾ (later
Indus)
ماڻهو ڏتڙجي غريب ضرور ٿي ويا هئا، پر ڏاهپ ۽
ڏانءَ ۾ گهڻو اڳتي هئا. سندن پڙهيل لکيل سماج سان
ڳانڍاپو هو. وٽن سنڌو- لکت موجود هئي، جيڪا ناس ٿي
ويندڙ شين تي لکيل هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن اڪريل به
هوندي هئي پوئين دؤر (late
Indus)
۾ اڳيون عروج ۽ معيار انهيءَ ڪري حاصل ٿي ڪونه
سگهيو هو، جو وٽن مرڪزي بااختيار قوت موجود ڪانه
هئي، جيڪا ڏرانهن ڳوٺن ۽ وسندين تي هڪ ساريڪي
معيار لاءِ ضابطو رکي سگهي. ان کان سواءِ ٻي وڏي
ڳالهه اها به هئي، ته هنن ماڻهن جي هٿن مان
پيداواري وسيلا کسڪي نڪري ويا هئا. ان ڏرت ۽ ڏڪار
واري سمي دوران شهري انتظاميه به موجود هئي، الائي
نه. جيڪڏهن هوندي به ته اها رڳو نالي ماتر هوندي.
غريب ماڻهوءَ ۽ پورهيت جي پيٽ گذر جو سارو
دارومدار واپارين تي هوندو هو، جيڪي ڪچي مال
گهرائڻ جو بندوبست ڪندا هئا. پر هنن ماڻهن جا پڻ
کيسا خالي هئا. لوٿل ۽ رنگپور ۽ ٻين جي شهري
زندگيءَ جي ڀينگ ٿي ته انهن جو اثر جمنا ۽ ٻين
درياهن جي ماٿرين وارن ننڍن وڏن شهرن تي ٿيڻ لڳو
هو. سنڌو- ماٿريءَ جو هيٺيون پاسو به پاڻيءَ جي
وڏي چاڙهه اجاڙي ڀينگ ڪري ڇڏيو هو. اتان جا ڏتڙيل
ماڻهو پنهجي سر بچاءَ لاءِ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ ڏکڻ
گجرات جي درياهي ڇوڙن وارن بندرن تي اچي پنهنجا
جهڳا جوڙيا هئا. انهن مان ڪجهه ماڻهو انهن علائقن
۾ اندر تائين به هليا ويا هئا. جڏهن سنڌو- ماٿريءَ
جي اتر پاسي وارا ماڻهو لڏي پلاڻي جمنا واري ماٿري
۾ اچي ويٺا هئا ته انهن مان ڪجهه ماڻهو اڳتي وڌي
سنڌو ۽ گنگا ماٿريءَ جي وچ واري علائقي ۾ لڏا لاهي
ويهي رهيا هئا. ان دوران پوئين دؤر (late
Indus)
جي ماڻهن اتان مڪاني پيداواري وسيلن کي ڪم آندو ۽
واپار جي اوسر ۽ ترقيءَ ۾ هٿ ونڊايو. هن کان اڳ ٻه
مُنهيون متوازي قسم جون ڇريون ٻاهران گهرايل (Chert)
مان ٺاهيون وينديون هيون. پر هاڻي سنگِ ياقوت (Chalcedony)
مان ٺهڻ لڳيون هيون، جيڪي اڳين ڇرين کان ڪجهه وڌيڪ
ڊگهيون هيون. اڳي تور جا وٽ ڇهه پاساوان هوندا هئا
جيڪي ٻاهران گهرايل (chert)
مان جوڙيا ويندا هئا. پر هاڻي تور جي وٽ جو معيار
ته سنڌو- تهذيب وارو ساڳيو رکيو ويو هو. پر ٺاهيا
عام قسم جي ريتڙي پٿر (Sand
stone)
مان ويندا هئا. ان کان سواءِ پٿر جي ڇرين ۽ مڻين
ٺاهڻ ۾ طريقو به معياري ۽ سنڌو- تهذيب وارو اڳوڻو
رکيو ويندو هو. ڌاتوءَ جا ڪاريگر به سنڌو- تهذيب
جي اڳوڻي معيار سان چهٽيا ۽ چنبڙيا رهيا. چاڙهه جي
پاڻيءَ جي سڪي وڃڻ کان پوءِ ٽامي جي اڻاٺ ٿي وئي
هئي. تنهنڪري ڪاريگر ٿوريون شيون جوڙيندا هئا،
جيڪي سيلٽ (Celt)
تائين محدود هيون. هن دؤر ۾ چاقُن (Knives)
۽ سيراهين جو تعداد به گهٽ نظر اچي ٿو. شايد اهو
انهيءَ ڪري ٿيو هو، جو اراولي جي ديباري (Debare)
واري علائقي ۾ نيون کاڻيون لڀي ويون هيون. ان
زماني ۾ ٽامي جي ٻاڪ لڳي پئي هئي. تنهن ڪري اهر (Ahar)
جي ماڻهن ٽامي جي کاڻ مان مليل ڪچي مال کي رجائي
صاف ڪري ٽامون، سنڌو- تهذيب جي ٽامي جي ڪاريگرن
ڏانهن موڪلڻ لڳا هئا. جڏهن پوئين دؤر (late
Indus)
جي لوٿل ۽ دائم آباد جي ڪاريگرن کي معياري قسم جو
ٽامون ملڻ لڳو ته اهي مورتيون ۽ ڳهه ڳٺا به جوڙڻ
لڳا.
لوٿل جي دؤر
B
(Period-B)
۾ ٺڪر جي ٿانءُ واري گهاڙ ۽ وڙ ۾ گهڻي تبديلي نظر
اچي ٿي، جنهن جو مثال ڳاڙهي ٿانءُ (Red
ware)
۽ لسي ڳاڙهي ٿانءُ (Micaceous
Red ware)
جو سوڙهي تري ۽ ويڪري مُنهن وارو هڪ پيالو آهي،
جنهن جا ڪنارا هن دؤر ۾ سنوان سڌا ڏسجن ٿا. معلوم
ائين ٿي رهيو آهي ته اهو گول پيالو (Convex-
Concave)
گهاڙ جو وچ بڻجي ويو آهي. اهڙي تبديلي، ڳاڙهي ۽
ڪاري ٿانءُ (black
and red)
جي وڙ وارن پيالن ۾ پڻ ڏسجي ٿي. گجرات ۾ سنڌو
تهذيب سان واسطو رکندڙ ننڍيءَ بومبيءَ سان هڪ
پيالو آهي. پر هن وقت اها بومبي وڌيڪ ڊگهي ٺاهي
وئي آهي. جڏهن ته ننڍي ۽ وچولي مقدار واري گهڙي کي
بيضوي شڪل ڏني وئي آهي، ۽ ان جي ڳچي به اڳئين کان
وڌيڪ ڊگهي رکي وئي آهي. ان کان اڳ پڙڳي تري واري
ڦيلهيءَ جي صفا مٿين وَٽ تيز ۽ سنهڙي هوندي هئي،
جيڪا بعد ۾ مُڏي ۽ ٿلهي شڪل اختيار ڪري وئي هئي.
بعد ۾ ان تي مڻين جو مٽيءَ جو چٽ رکيو ويو ڏسجي
ٿو. اهڙي ريت پڙڳي تري واري ڦيلهيءَ جو ترو به (squatish)
ڏسڻ ۾ اچي ٿو (خاڪو-21). ٿانءُ جو گهاڙ به جڏو سڏو
آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته ڪنڀر ٽِڪو پنجو
ڪري مڙئي ٿانون مان جند ڇڏائي آهي. چٽساليءَ ۾ به
ابتو سبتو هٿ گهمائي پورت ڪئي آهي. هن کان اڳ
ٿانءُ جي چٽساليءَ ۾ فطري نظارا ۽ جاميٽري اصول
واريون خوبصورت سڌيون ۽ گول ليڪون ڏسبيون هيون. پر
پوءِ سڌيون ساديون متوازي، ترڇيون ليڪون ڏسجن
ٿيون. ان کان سواءِ گول دائرا به ڏسجن ٿا، جيڪي
هنر ۽ ڪاريگريءَ کان وانجهيل آهن. ان کان سواءِ
همچورس ۽ ٽڪنڊا به آهن جن کي ليڪن جي جافريءَ سان
ڀريو ويو ڏسجي ٿو. پر ٻوٽي ۽ جانور جي خوبصورت
تصوير واري چٽسالي ڪڏهن ڪڏهن ڏسجي ٿي. معلوم ائين
ٿي رهيو آهي، ته هن سمي ۾ هنر ۽ ڪاريگري جا ته وڻ
ئي وڍجي ويا آهن. ڀاسجي ائين رهيو آهي ته ڏرت ۽
ڏڪار واري هن ڏيهه جي ڏتڙيل ماڻهو ۾ معياري گهاڙ ۽
خوبصورت چٽساليءَ واري ٿانءُ جي اگهه ڀرڻ جيتري
وِتُ ڪانه رهي آهي. ساڳيءَ ريت سنڌو- تهذيب سان
واسطو رکندڙ ٿانءُ جهڙوڪ: سوراخن وارو اڀي گهاڙ جو
ٿانءُ، انگريزي اکر ”S“
جي شڪل جهڙو ٿانءُ، پکيءَ جي چهنب جهڙي تُنِ وارو
ٿانءُ ۽ خاص پيالو (goblet)
ته هن دؤر ۾ نظر ئي ڪونه ٿا اچن. پر ٻيا اهڙا
ٿانءُ ضرور موجود ڏسجن ٿا، جيڪي سنڌو- تهذيب جي
ٿانءُ کي نظر ۾ رکي نئينءَ طرز ۾ جوڙيا ويا آهن،
جن جو استعمال گهڻو نظر اچي ٿو.
هن دؤر ۾ ڪي نيون رسمون ۽ رواج به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
ان کان سواءِ کاڌي پيتي ۾ به ڪجهه تبديليون نظر
اچن ٿيون. هن دؤر ۾ گڏيل قبر ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي.
هڪ ماڻهوءَ لاءِ هڪ قبر ڏسجي ٿي. قرباني ڏيڻ واري
رسم ۾ ٻڪريءَ جي قربانيءَ کي شامل ڪيو ويو آهي.
اهڙيون ڳالهيون انساني هڏائين ڍانچي سان گڏ رکيل
ٻڪريءَ جي سڱن مان محسوس ڪري سگهجن ٿيون. ڪن قبرن
۾ ٺڪر جا ٿانءُ رکيل آهن جنهن ۾ هڏا ڪونه آهن.
معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته لاش کي ساڙي ان جي رک
ٺڪر جي ٿانءُ ۾ وجهي دفن ڪيو ويو آهي، پر ان رک ۾
سڙيل هڏن کي سولائيءَ سان ڳولي ڪونه ٿو سگهجي.
قديم دؤر ۾ اهو رواج هوندو هو ته مري ويل ماڻهوءَ
جي آتما جي ڇوٽڪاري لاءِ ان جي نيتَ ڪا شيءِ ڏني
ويندي هئي جيڪا ڏين (terracotta
lamp)
۾ رکي قبر ۾ لاش سان گڏ دفن ڪئي ويندي هئي. ٿي
سگهي ٿو ته انهن ڏين ۾ مُستي يا مٺائي رکي ويندي
هجي پر هن دؤر ۾ قبرن اندر رکيل ڏين تي آڱرين جا
چار نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ليڪن منجهن ڪابه شيءِ رکيل
ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته هن
دؤر ۾ مذهبي رسمن اندر به تبديلي اچي چڪي آهي. هي
هڪ ننڍو دؤر (Sub-Phase)
آهي، جيڪو رنگپور جي
II-C
۾ لوٿل جي دؤر
V
جو سهيوڳي آهي. پوئين دؤر (late
Indus)
سان لاڳاپيل ٽامي جي هڪ منڊي هٿ لڳي آهي، جنهن تي
ٻه بومبيون لڳل آهن، جن جو هيٺيون پاسو ويڪرو ۽
مٿيون پاسو نوڪدار آهي. هيءَ هندو ڌرم وارن جي
مقدس منڊي آهي، جيڪا جوڙي جي وهانوَ سان تعلق رکي
ٿي. هن قسم جي لاڌ دلچسپ انهيءَ ڪري به آهي، ته هن
طرز جي منڊي منون
III
(Menoun-III)
مان پڻ هٿ لڳي آهي. قوي امڪان اهو آهي ته انهي
پوئين دؤر ۾ (late
Indus)
ڪريٽ (Crete)
يا قبرص (Cyprus)
جا تجارتي تعلقات ٻيهر بحال ٿي چڪا هئا. اهڙي
شاهدي دوارڪا مان به هٿ لڳي آهي.
هن دؤر جي ٺڪر جي چٽساليءَ ۾ اوچو معيار نظر ڪونه
ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته فطري ماحول ۾ ڪنهن جهنگلي جانور
جي ڪا خوبصورت تصوير ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. چٽسالي جي
اها طرز هتان جي مڪاني آهي جيڪا سنڌو- تهذيب جي
عروج واري زماني ۾ ٺڪر ٿانءُ تي نظر ايندي هئي،
پرورلي ڪنهن ٿانءُ تي سنڌو- تهذيب واري چٽسالي
جهڙوڪ: وڻ جو پَنُ، ڪانڊيري جو ٻوٽو ۽ ڪنهن پکيءَ
جي وڏي تصوير آهي، جيڪا ڪاري رنگ ۽ ڳاڙهي رنگ جي
ٿانءُ تي ڏسجي ٿي. ان بابت مختصر طور هن ريت چئي
سگهجي ٿو، ته هنن ماڻهن سنڌو- تهذيب جي زوال کان
پوءِ پنهنجي تهذيب جون پراڻيون روايتون هٿان ڪونه
ڇڏيون آهن. توڙي جو ٺڪر ٿانءُ جي گهاڙ ۽ وڙ ۾ ۽
سماجي رسمن ۾ تبديلي اچي به چڪي هئي. اهڙيون
ڳالهيون رنگپور ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جتي باهه جي
پوڄا ۽ قربانيءَ جون رسمون ضرور موجود هيون. پر
انهن ۾ گهڻي ڦير گهير اچي وئي هئي.
لوٿل شهر جي منصوبه بندي
لوٿل ۾ به موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي شهرن جهڙي
منصوبه بندي نظر اچي ٿي. شهر جا وڏا رستا اتر ڏکڻ
۽ اوڀر ۽ اولهه ويندا ڏسڻ ۾ ايندا جن مان مختلف
طرفن تي ننڍيون وڏيون گهٽيون نڪرنديون ڏسجن ٿيون
(خاڪو 15 ۽ 16) لوٿل جو گريڊرن رٿا (gridiron
plan)
موهن جي دڙي واري منصوبه بندي کان وڌيڪ واضح آهي،
جيڪو چوڪنڊو آهي. سندس پکيڙ
300x400
ميٽر ٿيندي جنهن جي چوڌاري 13 ميٽر ويڪري ڀت ڦيريل
آهي. اتر پاسي واري ٻانهينءَ ۾ پڪيون سرون ڪم آندل
آهن. ڇاڪاڻ ته هنن ماڻهن کي ڊپ هو ته متان ان پاسي
وارو پاڻيءَ جو وهڪرو شهر کي ٻوڙي ڇڏي. معلوم ائين
ٿي رهيو آهي، ته هي شهر مرحلي
III،
دوران اولهه پاسي ڏانهن وڌيو آهي. اهو به معلوم
ٿئي ٿو ته شهر اتر طرف گهٽي
I
(street-I)
ڏانهن 50 ميٽر وڌيو آهي، جنهن کي بازار واري گهٽي
(Bazar
street)
سڏيو ويو آهي. شهر جي چوڌاري ڏنل ڪوٽ ۾ ڪي منارا ۽
چبوترا ڪونه آهن. ڇاڪاڻ ته اهو ڪوٽ پاڻيءَ جي چاڙه
جي بچاءَ خاطر ڏنو ويو هو. هيٺئين شهر ۾ جڳهن جا
ست بلاڪ دريافت ڪيا ويا آهن. پر اڌ شهر جي کوٽائي
مس ٿي سگهي آهي. ائڪروپولس (Acropalis)
هيٺئين شهر جي ڏکڻ- اولهه پاسي واقع آهي، جنهن ۾
B،
C،
۽
D
بلاڪ آهن. جڏهن ته هيٺئين شهر جا بلاڪ
A،
E،
F
۽
G
آهن. بازار بلاڪ
A
۾ موجود ڏسجي ٿي. مال گدام واري جڳهه بلاڪ
C
۾ آهي. حڪمران جي جڳهه بلاڪ
B
۾ آهي. بلاڪ
D
۾ موجود جڳهه کي ڪنهن به قسم جو نالو ڪونه ڏنو ويو
آهي. ڇاڪاڻ ته پاڻي ان کي پائي وهائي ويو آهي.
جنهن ڪري سندس سڃاڻپ ڏکي ٿي پئي آهي. مڻين جو
ڪارخانو بلاڪ
F
۾ ڏسجي ٿو. هن کان ڏکڻ ۾ هڪ سرڪاري جاءِ آهي جيڪا
بلاڪ
E
۾ واقع آهي. واپارين ۽ ڪاريگرن جون جايون بلاڪ
A
۽
G
۾ آهن.
لوٿل جي مکيه گهٽي-
1
هئي، جيڪا هڪ مصروف بازار هوندي هئي. شهر جا سڀ هٽ
ان جڳهه تي هوندا هئا. هيءَ گهٽي 500 ميٽر ڊگهي
هئي، هلڪي موڙ کان پوءِ 100 ميٽر اڃا به وڌيڪ ڊگهي
هئي.
ٽامي جي ٺاٺارن ۽ مڻين وارن جا هٽ به هن گهٽيءَ ۾
هئا. گهٽي نمبر 8 (Street-8)
۾ گهٽي نمبر-9 (Street-
9)
ٻئي گهٽيون گونيءَ ڪنڊ تي ملنديون هيون. هنن سان
بازار (Street)
بعد ۾ شامل ٿي هئي. هي ٽي گهٽيون 13 ميٽر ويڪريون
هيون. جڏهن ته بازار
Street))
4.5 ميٽر ڪشادي هئي. مٿي ائڪرو پولس ۾ گاڏين جي
آمد رفت ڪانه هوندي هئي، تنهن ڪري گهٽيون نمبر 3 ۽
4، ٽن کان چار ميٽر موڪريون رکيون ويون هيون.
ائڪروپولس
(خاڪو- 17)
موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جو سيٽاڊيل هيٺئين شهر کان
اولهه پاسي آهي. جڏهن ته لوٿل وارو ائڪرو پولس (Acropolis)
هيٺئين شهر کان ڏکڻ پاسي آهي. معلوم ائين ٿي رهيو
آهي ته ائڪرو پولس سيٽاڊيل کان ننڍو آهي، جنهن جي
ماپ، اوڀر ۽ اولهه وارو پاسو 117، اتر 136 ۽ ڏکڻ
111 ۾ آهي. حڪمران بلاڪ
B
۾ رهندو هو، جيڪو هن علائقي جو راڄ ڌڻي ۽ واڳ ڌڻي
هو. هيءَ جڳهه 3.5 م مٿي هئي، جنهنڪري گوديءَ، مال
گدام ۽ هيٺئين شهر تي سولائيءَ سان نظر پئجي
سگهندي هئي. ائڪرو پولس کي ڏنل چوڌاري ڪوٽ کي
ٻاهرئين پاسي کان پشتا ڏنل هئا. تنهن ڪري هڪ قلعو
نظر ايندو هو (پليٽ
XXXI)
لوٿل جي ائڪروپولس جي چوڌاري ڦيرايل ڪوٽ کي ڏنل
پشتا هڙاپا جي سيٽاڊيل جي پشتن وانگي جوڙيا ويا
هئا ۽ سرن جي بچت ڪئي وئي هئي. ڇاڪاڻ ته معلوم
ائين ٿي رهيو آهي ته پشتن جي آئرن مان نڪتل مٽي
پشتن جي اوساريل ڀتين جي وچ واري خالي حصي ۾ وڌِي
ويئي هئي. مٽيءَ جي اهڙي ڀراءَ کان پوءِ ڇهه ڪچسرا
بار ڏنا ويا هئا. تنهن ڪري اهي پشتا گهرن جوڙڻ
لاءِ اوچا ٿلها بڻجي پيا هئا. اهڙيءَ ريت گهرن جي
ڪچسري اوساري ٿيل هئي. پر ٻه گهر پڪسرا جوڙيل آهن،
جتي هن علائقي جو حڪمران رهندو هو. مٿي ائڪروپولس
اوڀر ۽ اولهه ويندڙ ٽي گهٽيون آهن، جن کي مکيه
طرفن ڏانهن ويندڙ ننڍين گهٽين سان ڳنڍيو ويو آهي.
هتان جي حڪومت رهواسين کي ڪني پاڻي جي نيڪال لاءِ
زيرِ زمين ۽ زمين جي مٿاڇري واريون ڪسيون ٺهرائي
ڏنيون هيون. ماڻهن جي سهوليت لاءِ پڪسري فرشبندي
سنان خانا (Bath)
جوڙايا ويا هئا. ان کان سواءِ صاف ۽ پئڻ جوڳي
پاڻيءَ لاءِ پڪسرا کوهه به کوٽايا ويا هئا (پليٽ
XXXII).
هر سنان خاني جي پاڻيءَ جو نيڪال زيرِ زمين ڪسيءَ
وسيلي ٿيندو هو.
Street-2
سان لاڳيتا ۽ هڪ جيتري ماپ وارا ٻارنهن گهر موجود
مليا آهن، جن مان هر گهر کي ٻه ڪمرا آهن ۽ آڏو
ننڍي اڱڻ ۾ هڪ سنان خانو به آهي، جيڪو گهٽيءَ جي
سامهون آهي. هتان جي رهواسين ۾ شهري ذميداري جو
تمام گهڻو احساس هوندو هو ۽ اهڙي ڳالهه ڪانه ڪندا
هئا، جنهنڪري ڪني پاڻيءَ جي ڪسي جي وهڪري ۾ ڪا روڪ
رنڊڪ پئجي سگهي. اهڙي ڳالهه کي نظر ۾ رکي سنان
خاني ڀرسان هڪ حوض ٺهرايو ويندو هو. جنهن ۾ سنان
واري پاڻيءَ سان گڏ وهي آيل ڳورو مادو هن ڪني
پاڻيءَ واري حوض جي تري ۾ ويهي ويندو هو ۽ مٿيون
بنا ڳوري مادي وارو پاڻي وهي وڃي زيرِ زمين ڪنيءَ
ڪسيءَ جي وهڪري سان ملي ويندو هو. (خاڪو- 18) گهٽي
نمبر 2 (street-2)
واري ڪني ڪسي ڏکڻ پاسي مڙڻ کان اڳ اوڀر کان اولهه
ويندي هئي ۽ پوءِ ان واهه ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي،
جيڪو نئن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو هو (پليٽ
XXXIII)
. هڪ ٻي زيرِ زمين ڪني ڪسي اوڀر کان اولهه وهندي
هئي ۽ گهٽي نمبر-2 (street-2)
سان
لوٿل: نالي، حمام ۽ آبي گذرگاهه
متوازي هلندي هئي، جيڪا پوءِ اتر ڏانهن لڙي وڃي
ٽين ڪني ڪسي سان ملندي هئي، جيڪا گوديءَ واري
پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي. پر بدقسمتيءَ
جي ڳالهه اها آهي ته هر گهٽيءَ سان موجود سڀني
گهرن جا مٿيان حصا ٻوڏ جو پاڻي وهائي کڻي ويو هو،
باقي آئرن وارا ڀتين جا ٺنڍ وڃي رهيا آهن. اهڙيءَ
ريت گهرن ۽ سنان خانن جا پڪا فرش ۽ ڪنيون ڪسيون
پاڻيءَ جي تباهيءَ کان بچي ويا آهن. تنهن ڪري انهن
جي نئين سر تعمير ڪري گهرن، سنان خانن گهٽين ۽ ڪني
پاڻي جي ڪسين جي منصوبه بندي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي
وئي آهي. زيرِ زمين ڪنيءَ ڪسي جي گهرائي 0.5 کان
1.5 ميٽر آهي. هن قسم جي ڪني ڪسيءَ جي اڏاوت جو
مقصد شهر جي ڪني پاڻي سان گڏ مينهن ۽ چاڙهه واري
پاڻيءَ کي نيڪال ڪرڻ هو. لوٿل جي چوٿين مرحلي (Phase-IV)
۾ حڪمران ائڪروپولس خالي ڪري هليو وڃي ٿو. ان کان
پوءِ اتي شهري سهوليتون موجود ڪونه هيون. اتي رڳو
هڪ (Man
hole)
هو، جيڪو اڳ واريءَ ڪنيءَ ڪسيءَ سان گڏيل هو. اهو
به ڄڻ ڪني پاڻيءَ جي نيڪال جي ڏس ۾ هڪ ترقي يافته
قدم هو.
مال گدام
(Ware house)
(پليٽ
XXXII)
(خاڪو- 19)
هيءَ نهايت شاندار عمارت هئي، جنهن جو فرش 1930
همچورس ميٽر ماپ جو هو. ان ۾ 3.6 ميٽرن جا 64 بلاڪ
هئا ۽ جڳهه هڪ ميٽر اوچي ٿلهي تي ٺهيل هئي. لوٿل
مرحلي
III
دوران پاڻيءَ جو وڏو چاڙهه آيو، جنهن ۾ هي مال
گدام اجڙي ناس ٿي ويو ۽ 64 بلاڪن مان رڳو 12 بلاڪ
وڃي بچيا هئا. جن ۾ سامونڊي جهازن وسيلي ايندڙ
ويندڙ مال رکيو ويندو هو. مرحلي
IV
دوران روانگي مال جي ڳٺڙين تي مهرن جا ٺپا هڻي سيل
ڪيو ويو هو، جو اوچتو باهه لڳي وئي. سڙڻ جهڙي شيءِ
ته جلي خاڪ ٿي وئي. پر مٽيءَ جا ٺهيل نشان محفوظ
رهجي ويا. مال گدام جي وچ تي هڪ ميٽر ويڪري هڪڙي
راهداري آهي، جيڪا مزدورن جي اچ وڃ لاءِ ۽ هوا جي
گذر لاءِ به هئي. هنيل گاري جي موجود نشانن مان
محسوس ٿي رهيو آهي ته بلاڪن مٿان ڪاٺ جا مضبوط
تختا رکيا ويندا هئا جن مٿان ايندڙ ويندڙ واپاري
سامان رکيو ويندو هو. اهڙن نشانن مان معلوم ٿئي ٿو
ته اتر کان ڏکڻ سڌا ڪري رکيا ويندا هئا (خاڪو-19)
ڇيڙن ۾ لڳل ڪاٺ جي دروازن وسيلي انهن کي بند به
ڪري سگهبو هو، جيڪي پڪين سرن جي کانچن (grooves)
۾ سوگها مليل هوندا هئا. هن مال گدام وسيلي محصول
اوڳاڙيو ۽ ان سان گڏ آيل مال مالڪن حوالي به ڪيو
ويندو هو. هيءَ جڳهه لوٿل جي بندرگاهه جي سرگرمين
لاءِ نهايت اهم هئي، جنهن کي پاڻي جي چاڙهه کان
بچائڻ لاءِ 3.5 ميٽرن جيترا ويڪرا بنياد رکيا
ويندا هئا. ان کان سواءِ چوڌاري ويڪرو ڪوٽ به
ڦيرايو ويو هو، جنهن جي وچ تي ڪنڪريون (calcareous
earth)
به ڪتب آنديون ويون ڏسجن ٿيون. اها هڪ حقيقت آهي
ته لوٿل جو مال گدام موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي اناج
گدامن کان گهڻو وڏو آهي. لوٿل هڪ ننڍو شهر هو. پر
هتان جي واپارين جي تجارت وسيع پيماني تي پکڙيل
هوندي هئي. اها حقيقت انهن پنجهٺ مهرن وسيلي به
معلوم ٿي وڃي ٿي، جيڪي پاڻيءَ جي وڏي چاڙهه ۾ لڙهي
وڃڻ کان بچي ويون آهن. اهڙين ٺپيل شين تي هڪ يا هڪ
کان وڌيڪ مهرن جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي سامان
جي سامهون واري پاسي ۽ پٺئين پاسي ڪانن جي پترن،
تڏن ۽ ڪپڙي تي به ٺپيل آهن (پليٽ
XCVIII-
خاڪو- 33) اهڙين حقيقتن مان
لوٿل: گدام ۽ آسپاس
واضح ٿي وڃي ٿو، ته مهرن وسيلي ٺپا هڻي تجارتي مال
ٻاهر موڪليو ويندو هو. انهيءَ وسيلي پتو پئجي
ويندو هو، ته تجارتي مال ڪير موڪلي رهيو آهي ۽
تجارتي مال ۾ ڪهڙيون شيون آهن. اهڙين مهرن جي آڌار
محصول جي وصولي به عمل ۾ ايندي هئي.
Rams))
جي اولهه پاسي بلاڪ
D
۾ هڪ اوچو ٿلهو آهي، جيڪو مال گدام کان ٿيندو
حڪمران جي رهائشگاهه ڏانهن وڃي ٿو. اهڃاڻن مان
معلوم ٿئي ٿو ته هن ٿلهي تي ڪي جڳهيون موجود هيون،
جيڪي هاڻي ڪونه آهن. مذڪوره ٿلهو ويڪرو ۽ اوچو
آهي. ان کان سواءِ ائڪروپولس ۽ مال گدام جي ڀرسان
آهي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن ٿلهي تي ٺهيل
اڏاوت ڏاڍي اهم هوندي.
هيٺيون شهر:
lower town
هيٺئين شهر ۾ بازار اسٽريٽ آهي جنهن کي
street-1
جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪا بلاڪ
A
۾ آهي. بلاڪ
G
جي رهائشي ايراضي (Street-9)
۾ واقع آهي. صنعتي علائقو بلاڪ
E
۽
F
۾ آهي، جيڪو (street
5-8)
۾ واقع ڏسجي ٿو، جنهن جي پکيڙ ائڪروپولس جي
ايراضيءَ کان ٽيڻ تي وڌيڪ آهي، هن جي تعمير وڏيءَ
منصوبه بنديءَ کان پوءِ عمل ۾ آئي هوندي. بازار
واري گهٽي جي ٻنهي پاسن کان گهرن جون سڌيون قطارون
ڏسجن ٿيون. بازار واريءَ گهٽي سان
street-9
ٻيون به ننڍيون وڏيون ڳليون 90 درجن واري ڪنڊ سان
اچي ملن ٿيون. جنهن ڪري علائقي جو نقشو (gred-vion)
وانگي بڻجي ويو. ائڪروپولس جي بلڪل ڀرسان گهٽي
نمبر 5 (street-5)
آهي جيڪا اتر کان ڏکڻ وڃي ٿي. هن گهٽيءَ کي مڻين
جي ڪارخاني وٽ ٻه موڙ آهن، جتي مڻين سان تعلق
رکندڙ هڪ بٺي موجود هئي (پليٽ
XXXIII).
ڪجهه بلاڪ ٻئي مرحلي (Phase-II)
۽ ڪجهه بلاڪ ٽئين مرحلي (Phase-III)
۾ ٺهرايا ويا هئا. اهڙيءَ ريت هر بلاڪ جو گهر هڪ
ميٽر کان 1.5 ميٽر جيترن اوچن ٿلهن تي اڏيل هو.
اهو به معلوم ٿئي ٿو ته گهرن جون قطارون اهڙي
گهٽيءَ جي پاسن سان ٺهيل هيون، جنهن سان گاڏين جي
ٻه طرفي آمد رفت ممڪن هئي. مکيه بازار ۾ ماڻهن جي
پيهه ۽ گپاگيهه لڳي پئي هوندي هئي، جتي دولتمند
واپاري ۽ ڪاريگر گڏ رهندا هئا. اهڙن سماجي رشتن
مان پتو پئجي وڃي ٿو ته هوند ۽ اڻ هوند ڪري ماڻهن
۾ سماجي ويڇا موجود ڪونه هئا ۽ ڪنهن به پورهئي کي
عيب ڪونه سمجهيو ويندو هو. اهڙيون شاهديون ۽
ثابتيون موجود ڪونه آهن ته ذات پات وارو ڪو طبقاتي
نظام موجود هو. پر حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ هڪ ويڇو
يا فرق ضرور موجود هو. ٽامي جي ٺاٺارن ۽ وينجهارن
جا گهر ٻن يا ٽن ڪمرن تي مشتمل هوندا هئا. ٽامي جي
ٺاٺارن جي کورين جي چوڌاري پڪسرا بار ڏنل هوندا
هئا ۽ سانداڻيون پٿر جون هونديون هيون. اهڙيون
شيون اڄ جيئن جو تيئن موجود آهن. وينجهارن جي
ڪيرت- گهرن ۾ اڌورا تيار ٿيل مڻيا مليا آهن، جيڪي
سپن ۽ ڪوڏن مان ٺاهيا ويندا هئا. کوٽائيءَ دوران
هڪ واپاري جو گهر دريافت ٿيو آهي جنهن جو واسطو ((Phase-III
سان آهي. هن جڳهه کي هڪ ورانڊو ۽ پوئين پاسي کان
ڪوٺيون آهن، جن جي پٺئين پاسي ٻه ڪمرا ۽ اڱڻ ڏسجي
ٿو (خاڪو- 20). جڏهن ته سنان خانو اتر طرف ڇيڙي ۾
۽ گهٽيءَ ويجهو ڏسجي ٿو. هن گهر مان (axial
tube)
وارا نَوَ سونا مڻيا، ابرق پٿر جون چار مهرون،
ٽامي جي هڪ چوڙي ۽ موتين جا مڻيا هٿ لڳا آهن. هنن
شين سان گڏ سمير جا ٺهيل ٺڪر- ٿانءُ به مليا آهن،
جن کي (Reserved
ship ware)
جو نالو ڏنو ويو آهي. مذڪوره شين جي آڌار تي چئي
سگهجي ٿو ته اهو گهر هڪ واپاريءَ جو هو، جنهن جو
ڏور
لوٿل: هڪ واپاري جو گهر
ڏيساور سان واپار هلندو هو. بازار واري گهٽيءَ ۾
ٻه گهر آهن، جن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. هنن مان هڪ
جي چوڌاري هڪ ميٽر ويڪري ديوار جي عالم پناهه آهي.
منجهس هڪ ڪمرو آهي، جيڪو خاص ڪري پوڄا پاٺ جي مقصد
سان ٺهرايو ويو هو. هڪ ڪچسري چوديواري اندر وڏو
سنک (Conch
shell)
پيهڻ وارو پٿر جنڊ ۽ ٺڪر جون ٽڪنڊيون ٽڪيون رکيل
هٿ آيون آهن. هن جڳهه جون ٻيون ڀتيون به ڏاڍيون
ويڪريون آهن لڳي ٿو ته هن جڳهه مٿان ٻي ماڙي به
ٺهيل هئي. هن جڳهه جي بلڪل ڀرسان زيرِ زمين پڪي
ڪسي آهي. هن ڳالهه مان سولائيءَ سان سمجهي سگهجي
ٿو ته هيٺئين شهر جي ماڻهن کي پڻ شهري سهوليتون
مليل هيون. ٻيو گهٽي نمبر 1 (Street-1)
جي اوڀر پاسي واقع آهي، جنهن ۾ وڏو رنڌڻو ۽ پڪي
فرشبندي ۽ سنان خانو به موجود ڏسجي ٿو. ٻنهي جي
هار وير جو پاڻي هڪ پڪيءَ نالي وسيلي وڃي (soaking
jars)
(گندي پاڻيءَ جي حوض)
۾ پوي ٿو، جيڪي اڄ جيئن جو تيئن موجود آهن. هڪ وڏي
جڳهه جيڪا ان جاءِ تي آهي، جتي اسٽريٽ-1 ۽ اسٽريٽ-
9 اچي پاڻ ۾ ملن ٿيون، هن کي
1.2 x 4.5
ميٽر جو ورانڊو موجود آهي، وچ تي صفو آهي جنهن جي
ماپ
9 x 4.5
ميٽر آهي، جنهن سان ٻه ڪمرا لاڳاپيل آهن، جن مان
هڪ جي ماپ
4 x 4.5
ميٽر ڏسجي ٿي. گهٽي 1 (street-1)
جي اوڀر واسي پاري ۽ اتر واري اڌ حصي وٽ ڌاتوءَ جو
هڪ ڪارخانو هو، جنهن ۾ پڪسري فرشبنديءَ سان
پاڻيءَ جون گهٽ ۾ گهٽ پنج ناديون آهن. اهڙيءَ طرح
هر هڪ ناديءَ ڀرسان ٺڪر جو هڪ ٿانءُ ڏسجي ٿو، جيڪو
رک سان اڌ ڀريل آهي، هتي اهو به نظر اچي ٿو ته هر
هڪ ناديءَ ۽ رک سان اڌ ڀريل ٺڪر ٿانءُ وٽان
پڪسريءَ ناليءَ وسيلي پاڻيءَ جي نيڪال جو بندوبست
ٿيل آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته ٺڪر ٿانءُ کي
هڪ ڪوٺاري طور ڪم آندو ويو آهي، جنهن ۾ ڌاتوءَ کي
رجائي صاف ڪيو ويو ٿو ڀائنجي جنهن کي وري ٿڌي ڪرڻ
لاءِ ڀر واري ناديءَ ۾ ڀريل پاڻيءَ کي ڪتب آندو
ويو هوندو. اها هڪ فطري ڳالهه آهي، ته ڌاتوءَ کي
گرم ڪرڻ يا رجائڻ لاءِ پاڻي کي ويجهو رکيو ويندو
آهي. اها به هڪ فطري ڳالهه آهي، ته ڌاتوءَ جي ڪم
لاءِ کوري يا بَٺي ۽ ان جي ڀرسان ڌاتو رجائڻ واري
ڪوٺاري هوندي آهي.
لوٿل ۾ اوساري ۽ جڳهن ٺاهڻ جو فن
موهن جي دڙي ۽ هڙاپا وارين ڀتين کي پشتا مضبوط ڪرڻ
جي ابتدا ڪئي وئي هئي. پر لوٿل ۾ ڀتين جي اوساريءَ
۾ شاهل (Plump)
جو استعمال ڏسجي ٿو. هتان اهڙا ٻه شاهل لڌا ويا
آهن. ان کان سواءِ ڀت جي سڌائي ۽ ڪنڊ جي ماپ ڪرڻ
لاءِ سپ جي ٺهيل ڪمپاس (Compass)
ڪتب آندي ويندي هئي. ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ سالم سر کي
ڪتب آندو ويندو هو. اهڙيءَ ريت ڀت جي ويڪر ۾ لام ۽
منڍي وارا بار ڪم آڻيندا هئا. جيڪڏهن هڪ بار ۾ سر
جي لام ڪتب آندي ويندي هئي، ته ان کان پوءِ ٻئي
بار ۾ سر کي منڍي ۾ ڪم آندو ويندو هو. اهو اوساري
جو هڪ عام اصول هوندو هو. اهڙيءَ اوساري انگلش
بانڊ (English
bond)
گهڻو مشهور آهي، جنهن مطابق رازو لامَ ۽ مُنڍي
وارو بار واري سان هڻندو آهي. معلوم ائين ٿي رهيو
آهي، ته سنڌو- تهذيب جو ماڻهو اڄ کان هزارين سال
اڳ انهيءَ انگلش بانڊ کان واقف هو. سنان خانن جي
پڪسري فرشبندي ۾ چوڌاري وٽ وارو اڀو بار به هنيو
ويو آهي، ٻاهرينءَ وٽ سان پڪيءَ سر جي اڀي بار هڻڻ
جو رواج اڄ به آهي، جنهن کي (strutted
with tracts
) سڏيو ويندو آهي. پاڻيءَ جي سيمي کي روڪڻ لاءِ
سرن جي پاسن کي گسائي ڪتب آندو ويندو هو. ڏٺو ويو
آهي ته سنان خاني (غسل خاني) ۽ ڪني ڪسيءَ ۾ سنهي
وڙ جون سرون ڪم آنديون ويون آهن. لوٿل جا سنان
خانا ٻين وڏن شهرن جي سنان خانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ
ويڪرا هوندا هئا. سندن ماپ
1.8 x 2.5
ميٽر هوندي هئي. موهن جي دڙي جا سنان خانا به
ايترا ڪشادا ڪونه هئا. مکيه ڪنين ڪسين جي سلامي يا
لاهوندي 100 پٺيان 1 آهي، ڪن جڳهن تي 100 پٺيان 3
ڏسجي ٿي. (خاڪو-21) اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪنيءَ
ڪسيءَ جي ٽئين پاسي ۾ ڪاٺ جي در وجهڻ جي گنجائش
رکي وئي آهي. گهرن جي فرشبندي ڪچين سرن سان ٿيل
ڏسجي ٿي. درن وارا ٻنا 92 کان 1.23 ميٽر ڏسجن ٿا.
ڏاڪڻ جا ڏاڪا
22سينٽي
ميٽر ويڪرا آهن. مٿين ماڙيءَ جي پاڻيءَ جي نيڪال
لاءِ نيسارا ڪتب آندا ويندا هئا (خاڪو- 22).
ائڪروپولس جي زير زمين ڪني ڪسي ۾ (man
hole)
ٺاهيو ويو آهي (خاڪو-
A-23)
مڻين جو ڪارخانو
(خاڪو- 24)
پاڻيءَ جي چاڙهه، شهر جي تباهي ۽ ماڻهن جي لڏ پلاڻ
ڪري لوٿل جون اقتصادي حالتون ڊانوانڊول ٿي ويون
هيون، جن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ مڻين جي برآمدي وڏي
ٽيڪ ڏني هئي ۽ شهر جون اقتصادي حالتون پاڻ ڀرو ٿي
ويون هيون. واپاري مڻين جي ڪارخاني جو انتظام پاڻ
سنڀاليندو هو ۽ ڪم لاءِ ضرورت موجب وينجهارن جو
تعداد رکندو هو. اهڙيءَ ريت مڻين ٺاهڻ وارو هڪ وڏو
ڪارخانو بلاڪ
F
۾ قائم ڪيو ويو هو، جنهن جي ماپ 500 همچورس ميٽر
هئي. منجهس هڪ ويڪرو اڱڻ ۽ مختلف ماپ وارا يارهن
ڪمرا هئا (پليٽ
XXXIV).
ڪم ڪرڻ واري ٿلهي ۾ ڪجهه ٺڪر جا ٿانءُ پوريل مليا
آهن، جن مان عقيق پٿر جا 600 مڻيا هٿ لڳا آهن.
جيڪي تياريءَ جي مختلف مرحلن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن
ڪارخاني جي لنگهه وٽ گارڊ روم (guard-room)
ٺهيل ڏسجي ٿو. هن ڪارخاني ۾ ((street-5
کان اندر وڃي سگهبو هو ۽ چوڌاري عالمپناهه تعمير
ٿيل هئي. هن جڳهه مان وينجهارڪا اوزار ۽ تياري جي
مختلف مرحلن ۾ ڪجهه مڻيا به هٿ لڳا آهن. تنهنڪري
سولائيءَ سان معلوم ٿي وڃي ٿو، ته اها جڳهه مڻين
ٺاهڻ وارو ڪارخانو آهي. ڀرسان هڪ کوري به موجود
آهي. جنهن جي چوڌاري سنهين سرن جي وٽ هنئين وئي
آهي. معلوم ٿئي ٿو، ته هن کوري وسيلي پٿرين کي گرم
ڪري مَٺُ ۽ ميراڻ لاٿي ويندي هئي (پليٽ -
XXXIII).
ان ساڳيءَ کوريءَ مٿان ٺهيل ننڍڙي اڏاوت ۾ هڪ
سوراخ هو، جنهن مٿان پيالن ۾ تيار مڻيا وجهي گرم
ڪيا ويندا هئا، جيڪي وڌيڪ لسا ۽ چمڪدار ٿي پوندا
هئا ۽ کوريءَ کي ٻارڻ هيٺئين پاسي کان ڏنو ويندو
هو.
مٽيءَ جا ڪچا گهر پنجين مرحلي (Phase-v)
۾ نظر اچن ٿا، جن جي ڇت تي ڪانا وجهي ڇانو ڪئي
ويندي هئي. اهڙا گهربلاڪ-
C
۾ موجود آهن. پاڻيءَ جي وڏي چاڙهه کان پوءِ شهر
تباهه ۽ رهواسي ڪنگال ٿي ويا هئا. مذڪوره ڪچا گهر
ماڻهن جي ڏتڙيل حالتن جي ثابتي آهن، اهو چاڙهه دؤر
-
B
(Period-B)
۾ آيو هو، جنهن ۾ شهري سهوليتون تباهه ٿي ويون
هيون. پاڻي سڪي وڃڻ کان پوءِ ماڻهو موٽي اچي
پنهنجن گهرن جي دڙن تي آباد ٿيا ته اڳين گهٽين ۽
گهرن جي پراڻيءَ اڏاوت جو ڪوبه خيال ڪونه ڪيو
هئائون. جڏهن هنن پنهنجا سنان خانا (غسل خانا)
ٺاهيا ته انهن ۾ سروٽا ڪم آندا ويا هئا.
لوٿل: زيرزمين گندي پاڻي جي نالي صاف ڪرڻ جو مُنهن
لوٿل کورو ۽ بٺيون
گودي
dock yard |