ڇپائيندڙ پاران
سنڌ جي
تهذيبي ۽ ثقافتي
تاريخ جي اشاعت سنڌي ادبي بورڊ جي بنيادي رٿائن
مان هڪ اهم رٿا رهي آهي. جنهن رٿا تحت تاريخ ِ سنڌ
جي اوائلي عربي ۽ فارسي ماخذن کانسواءِ
پرڏيهي اسڪالرن جا به سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتاب
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي منظرعام تي آڻڻ ۾ بورڊ پاڻ
ملهايو آهي.
سنڌو سڀيتا جي قديم تهذيب ”موهن جو دڙو“ جي تاريخ ۽ اُن مان
مليل آثارن جي حوالي سان ڪيترن ئي ڏيهي توڙي
پرڏيهي اسڪالرن جا تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب منظرعام
تي آيا آهن. جن ۾
مسٽر ايس.آر.راءُ جو نالو به شمار ٿئي ٿو. جنهن
صاحب سنڌ جي
قديم تهذيب تي هڪ ڪتاب
“Dawn & Devaluation of the Indus Civilization”
جي نالي سان لکيو، جيڪو سال 1991ع ۾ نيو دهلي مان
شايع ٿيو.
هن ڪتاب
جي
اهميت ۽ افاديت کي پَرکندي
سنڌ جي هاڪاري ترجمه نگار سائين عطا محمد ڀنڀري
صاحب
وڏيءَ محنت سان هن تاريخي ڪتاب جو سولي سنڌيءَ ۾
”سنڌو سڀيتا جو عروج ۽ زوال“ جي نالي سان ترجمو
ڪري سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪيو ۽ بورڊ پنهنجي
روايت کي برقرار رکندي،
سنڌ جي قديم تهذيب جي هِن تاريخي دستاويز کي شايع
ڪري منظرعام تي آندو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي
ته، سنڌ جي تاريخ
جي حوالي سان اهم ماخذ شايع
ڪرائي منظرعام تي آڻجن. موجوده وقت ۾ بورڊ جي
هردلعزيز چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان
ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن.
سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ طرفان
نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي
آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر
صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي
ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن. ان
کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾ رکيل مختلف
موضوعن جي قلمي مخطوطن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾ موجود
اڻڇپيل مسودن جي اشاعت لاءِ هر ممڪن ڪوشش
ٿي
رهي آهي.
سنڌي ادبي بورڊ طرفان
ڪتاب
”سنڌو سڀيتا جو عروج ۽ زوال“
جو پهريون ڇاپو آئون مانواري چيئرمين جناب مخدوم
سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي سرپرستيءَ ۾ بورڊ
طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهي آهيان.
توقع
آهي ته،
سنڌ جي هن قومي اداري
”سنڌي ادبي بورڊ“ جي هيءَ ڪاوش سنڌ جي محققن،
عالمن ۽ اسڪالرن وٽ مڃتا
ماڻيندي.
26 صفر
المظفر 1445هه
گلبدن جاويد مرزا
13
سيپٽمبر 2023ع
سيڪريٽري
مهاڳ
موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جون کوٽايون هن صديءَ جي ويهن
واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿيون هيون، جن مان ٽِين سَهَسَ
ق م (Millennium)
سان لاڳاپيل شهري ثقافت دريافت ٿي، جنهن جو واسطو
سنڌو ماٿريءَ سان هو. هن وقت دنيا جا قديم آثارن
جا ماهر ان جي اصليت ۽ فنِ تعمير جي بنيادي سڃاڻ
جي کوجنا ۾ رُڌل آهن. ان کان سواءِ هن جاکوڙ ۾ به
لڳا پيا آهن ته دنيا جي هن عظيم ثقافت جي زوال جا
اصلي ڪارڻ ڪهڙا هُئا، يا اهو ڪهڙو ڏکيو وايو منڊل
هو. جو هيءَ تهذيب بگاڙ ۽ اجاڙ جو شڪار ٿي وئي. پر
هن جي اصليت جي سڃاڻ ۽ سندس زوال جي ڪارڻ بابت
قابلِ قبول شاهِدين ملڻ کان اڳ 1947ع ۾ ننڍي کنڊ
جو ورهاڱو ٿي ويو. پر ورهاڱي کان پوءِ سنڌو-تهذيب
جي هر قديم ماڳ جي کوٽائي ۽ کوجنا ڪري ان جي اصليت
۽ زوال جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ جا جتن ڪيا ويا آهن.
ڇاڪاڻ ته هيءَ تهذيب گڏيل هندستان جو ثقافتي ورثو
آهي.
ويلر (Wheeler)
جو خيال آهي ته هن تهذيب جا قديم شهر حمله آور
آرين قبيلن هتي سياسي طور پنهنجا پير پختا ڪرڻ کان
پوءِ ڦٽائي ناس ڪري ڇڏيا هئا. کيس اهڙا اهڃاڻ
هڙاپا ثقافت جي (Cemetery
H)
جي کوٽائي ۽ کوجنا ڪرڻ دوران مِليا هئا. قديم
آثارن جي ماهرن جو خيال آهي ته سنڌو- تهذيب آرِين
جي نه پر دراوڙن (Dravidian)
جي آهي. سندن خيال آهي ته هنن ماڻهن جا پٿر جا
ٺاهيل تور جا مخروطي وٽ (Corical
Weight)،
لنگم (Phallus)
ڏانهن اشارو ڪن ٿا. رگويد (Ragveda)
جي تحرير موجب لنگم جي پوڄا داس (Dasas)
ڪندا هئا. ان ڪري دراوڙي نظريي جا قائل قديم آثارن
جا ماهر، سنڌو تهذيب جي مهرن ۾ لکيل ٻوليءَ اندر
تامل (Tamil)
ٻوليءَ جي لفظن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
هن ننڍي کنڊ جي سياسي ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۽
هندستان نالي ٻه ملڪ وجود ۾ اچي ويا. ان ڪري قديم
آثارن جي هندستاني ماهرن کي سنڌو- تهذيب جي ٻن
قديم ۽ اهم ماڳن جهڙوڪ: موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي
کوٽائي ۽ کوجنا جو موقعو ڪونه ملي سگهيو هو. پر
انهن ماهرن اڻٿڪ لڳاتار کوٽايون ۽ کوجنائون ڪري
سنڌو- شهنشاهت (Indus
Empire)
جا ٻه صوبا دريافت ڪري ورتا آهن، جن مان سنڌو
تهذيب جا 700 ماڳ مِلي چڪا آهن. هنن کنڊرن مان
چِٽيون شاهديون ۽ ثابتيون مِليون آهن، ته سنڌي
ماڻهو سامونڊي سفر جا ڪوڏيا هئا، جيڪي تجارت خاطر
کارو کيڙي ڏور ڏيساور هليا ويندا هئا. هنن ماڻهن
انسانذات جي تعمير ترقي خاطر سائنس، ٽئڪنالاجي ۽
انجنيئرنگ کي متعارف ڪيو ۽ رابطي (Communication)
جو تصور تخليق ڪيو. ڪن ناقابلِ ترديد شاهدين ۽
ثابتين جي آڌار تي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هنن
ماڻهن ٻهراڙي واري تهذيب کي هوريان هوريان ترقي
ڏئي، شهري ثقافت کي جنم ڏنو هو. قديم آثارن جي
ماهرن کي اهڙا اهڃاڻ سنڌو تهذيب کان اڳ وارن (Pre-Indus)
جي ماڳن جهڙوڪ: هندستان جي ڪاليبئنگن (Kalibangan)،
سرڪو ٽاڊا (Surkotada)،
پاڪستان جي مهر ڳڙهه (Mehr
garh)
آمري (Amri)
۽ ڪوٽڏجي(Kot
Diji)
مان مليا آهن. ساڳي ريت پاڪستان جي بهاولپور ضلعي
مان 250 قديم ماڳ مليا آهن، جن جو واسطو سنڌو
تهذيب کان ٿورو اڳ (Late-Indus)
يا سنڌو- تهذيب جي بگاڙ واري دؤر سان آهي. هندستان
جي گجرات رياست مان اهڙا 500 قديم ماڳ دريافت ٿيا
آهن، جن جو واسطو پڻ ٿورو اڳ واري دؤر (Late-Indus)
يا سنڌو- تهذيب جي بگاڙ واري دؤر سان آهي. اهڙين
سگهارين شاهدين ۽ ثابتين جي آڌار تي پڪ سان چئي
سگهجي ٿو ته سنڌو- تهذيب اوڀر طرف وڌڻ سان گڏ ڏکڻ
ڏس ڏانهن وڌندي ۽ اسرندي رهي آهي ۽ ڏکئي سکئي وايو
منڊل کي مڙسيءَ سان منهن ڏئي عزت ۽ وقار سان زنده
پئي رهندي آئي آهي. ان کان سواءِ ڪن شاهدين
اوگاهين وسيلي هيءَ حقيقت ثابت ٿي چڪي آهي، ته سنڌ
جي هي تهذيب هڪ مڪمل شهري ثقافت جي روپ ۾ اوچتو
اچي دنيا جي اڳيان ڪانه بيٺي آهي. پر ننڍي کنڊ جي
مختلف ماڳن تي ٻهراڙي واري تهذيب جي روپ ۾ رات
ڏينهن جتن ۽ جاکوڙ ڪندي هوريان هوريان اُسرندي ۽
ترقي ڪندي، شهري ثقافت جو مڪمل روپ ڌاري ورتو هو.
اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌو- لکت (Indus
Script)
کي ڀڃڻ (decode)
۽ انهن ۾ لکيل ٻولي کي سڃاڻڻ ممڪن ٿي پيو آهي.
ڇاڪاڻ ته ان جي ارتقا ۽ مرحليوار تسلسل کي سمجهڻ
هاڻي ڏکيو ڪونه رهيو آهي. اهو به معلوم ٿي رهيو
آهي ته هيءَ لکت ننڍي کنڊ جي مختلف ماڳن جي ترقي
يافته آخري مرحلي دوران وڌيڪ سادي ۽ سولي شڪل
اختيار ڪري چڪي هئي. اهڙي ريت ان ۾ هڪ روان (Cursive)
لکت ۽ صوتي ملهه (Phonetic
Value)
واريون خاصيتون پيدا ٿي چڪيون هيون، جيڪا اڳي هڪ
جزوي طور تصويري (Portly-
Picture)
لکت هئي. ان حقيقت جي تصديق انهن ماهرن جي لکت مان
ٿي وڃي ٿي، جيڪي موهن جي دڙي ۽ هڙاپا مان
1966-1964ع ۽ 1988-1986ع جي کوٽاين وسيلي انهن تهن
مان هٿ لڳيون آهن. هاڻي ته هيءَ حقيقت به واضح ٿي
چڪي آهي، ته عربي (Semetic)
۽ برهمي (Brahimi)
لکت سنڌو تهذيب تان استفادو ڪيو آهي. اهڙي ريت
عربي ۽ برهمي جي بنيادي اصليت- سنڌو تهذيب جي
پوئين مرحلي واري سولي سنڌو- لکت سان واسطو رکي
ٿي.
ان کان سواءِ هي حقيقتون به واضح ٿي چڪيون آهن ته
سنڌو- تهذيب جي وڏن شهرن جهڙوڪ: موهن جي دڙي،
هڙاپا، ڪاليبئنگن، لوٿل ۽ بنا والي ۾ ٿيندڙ باهه
پوڄا (Fire-
Worshiping)،
ٻل چاڙهڻ (Sacrifice-
offering)
پسو پوڄا (Amiornal-
Venerating)
۾ ساڳيائپ موجود آهي.
قديم آثارن جي ڪن ماهرن جو خيال آهي ته سنڌو تهذيب
هلندي هلندي اوچتو ۽ هڪدم ختم ٿي وئي هئي. سندن
نقطئه نظر آهي ته هڪدم ڪو اونداهو دؤر اچي وڃي ٿو.
هنن جي تصور مطابق اهو اونداهو دؤر ويدن واري ڪاري
رات هئي. ڇاڪاڻ ته هن تهذيب جي پوئين مرحلي واري
دؤر ۾ اهڙا سوين ماڳ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جتي شهري ثقافت
پنهنجو عروج وڃائي چُڪي هئي ۽ منجهس بگاڙ اچي ويو
هو. پر پوءِ به يقين سان چئي سگهجي ٿو ته، قديم
آثارن جي ماهرن جو اهو تصور غلط آهي ته سنڌو-
تهذيب اوچتو ختم ٿي وئي هئي. پر حقيقت هيءَ آهي ته
ٻي سَهَسَ ق. م جي ٻئي اڌ دوران سنڌو تهذيب ۾ هڪ
نئين زندگي اچي وئي هئي، جنهن جو مثال ٻيٽ دوارڪا
(Bet
Dwarka)
آهي. هي ڪو سنڌو- تهذيب جو اڪيلو ماڳ ڪونهي. پر
ٻيا به ڪيترائي ماڳ آهن، جتي سنڌوءَ جي شهري ثقافت
ڪر موڙي جاڳي پئي هئي، جنهن کي اسان مها ڀارت (Maha
Bharata)
جو سنڌي شهري ثقافت وارو دؤر سڏي سگهون ٿا.
قديم آثارن جي ماهرن ۽ تاريخدانن کي رنگپور، لوٿل،
روجڙي، الهڏنو ساند جي کوٽاين ۽ کوجنائن مان گهڻي
معلومات ملي چڪي آهي. ان کان سواءِ گجرات جي
سرڪوٽاڊا، ڏيسل پور، ناگسوار، ڪانيوال ۽ زيکادا ۽
گهاگهر، ستلج، گنگا، يمونا جي ماٿرين جي اهم ماڳن
جهڙوڪ: ڪاليبئنگن، نوهه، ڀڳوانپور، بنا والي،
هولس، بارا، مانڊا ۽ ٻين ماڳن جي کوٽائي ۽ کوجنا
ٿي چڪي آهي ۽ انهن مان دريافت ٿيل ثقافتي لاڌن (Finding)
ناتي نهايت اهم معلومات ملي آهي. پر سندن خواهش
آهي ته قديم ماڳن جي کوٽاين وسيلي ملندڙ معلومات
اڃا به وڌيڪ اهم هجي، ته جيئن ڪتابن لکڻ کان اڳ هو
ان جو ڀرپور مطالعو ڪري سگهن.
ڪن عالمن جو مطالبو آهي، ته قديم آثارن جي کوٽاين
۽ کوجنائن وسيلي اهڙيون شاهديون ۽ ثابتيون پيش
ڪيون وڃن، جو يقين ٿي وڃي ته سنڌو- تهذيب جي ويجهن
۽ پرانهن ماڳن وچ ۾ هڪجهڙائي ۽ ثقافتي رابطي جو
تسلسل موجود هو. اهڙيءَ ڳالهه کي نظر ۾ رکي مان
پنهنجي ساٿين کي هن تهذيب جي اصليت، اوسر، عروج،
بگاڙ ۽ اجاڙ بابت تحقيق ڪرڻ جي گذارش ڪئي هئي.
انهن ماڻهن به اهڙي تصديق ڪري گهربل ڪم مڪمل ڪري
ڇڏيو آهي.
مان به پنهنجي ليکي هن تهذيب جي 45 اهم ماڳن جي
کوٽائي ۽ کوجنائن جي نتيجن کي آڏو رکي ۽ محققن جي
ڪڍيل نتيجن کي ڌيان ۽ گيان سان سموهي سهيڙي هن
ڪتاب جي پهرئين باب ۾ ڏئي ڇڏيو آهي. جنهن انسانذات
جي ترقيءَ ۽ تعمير ۾ هڪ اهم ۽ نمايان ڪردار ادا
ڪيو آهي.
ساڳيءَ ريت سنجيده قسم جي عالمن لاءِ ٽيڪنيڪل
تفصيلن ۽ نتيجن سان لاڳاپيل اهم انگن اکرن کي وري
باب 2 ۾ به چڱيءَ ريت سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
آهي. جڏهن ته باب ستين ۽ اٺين ۾ سنڌو لکت جي ارتقا
۽ ان کي سمجهڻ ۽ ڀڃڻ لاءِ تفصيلي طريقه ڪار پيش
ڪيو ويو آهي. اسان تحقيق کان پوءِ هِن نتيجي تي
پهتا آهيون، ته سنڌو- تهذيب جي مهرن ۾ ڪم آندل
انڊو- آرين (ويدن واري) ٻولي آهي. منهنجي هن ڪتاب
تي تبصرو پروفيسر والٽر هارڊنج مائورر (Walter
Harding Maurer)
ڪيو آهي. هتي مان سندس چيل لفظن کي ورجائڻ مناسب
سمجهان ٿو. هن عالم
“The Decipherment of the Indus Script”
تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته ”مون هن مصنف جي لکيل
ڪتاب مان اهڙي طريقي سوچي ويچاري مطالعو ڪيو آهي،
جيڪو هن قسم جي ڪتاب جي سائنسي مطالعي لاءِ ضروري
هوندو آهي. هن عالم پنهنجي اڻ ڌري تحقيق وسيلي ڪي
نتيجا حاصل ڪري ورتا آهن. اميد آهي ته ٻيا عالم ۽
محقق به ساڳيءَ ريت اڻ ڌريا ٿي سندس ڪڍيل نتيجن جو
مطالعو ڪندا.“ (جرنل آف دي آمريڪن اورينٽل
سوسائٽي،
105.5،
1985ع،
ص ص 374 کان 378)
هن ڪتاب جي باب نائين جو واسطو سنڌو- تهذيب جي
انهن ڌرمي رسمن سان آهي، جن جي هن وقت کان اڳ ڪا
ڄاڻ سڃاڻ ٿي ڪانه سگهي هئي. پر هاڻي مهرن جي لکت ۾
مختلف ڌرمي رسمن جي آڌار تي مذڪوره رسمن کي سمجهڻ
سولو ٿي پيو آهي. جڏهن ته بابُ ڏهون، سنڌو- تهذيب
جي سائنس جي واڌاري ۽ ٽيڪنالاجي ترقي لاءِ ادا ڪيل
اهم ڪردار سان واسطو رکي ٿو. اهڙيون ڳالهيون هن
ڪتاب جي مختلف بابن ۾ به ٽڙيون پکڙيون پيون آهن.
باب يارهون سنڌو تهذيب واري شهنشاهت ۽ ان جي سماج
تي روشني وجهي ٿو. هن تهذيب جي هڪ اهم ماڳ ڍول
وِير (Dhola
Vira)
جي هاڻي تازو کوٽائي ۽ کوجنا ٿي آهي. سندس ثقافتي
لاڌ مان هن ملڪ جي سياسي وايو منڊل ۽ حڪمران جي
ڪردار جو چڱيءَ ريت پتو پئجي وڃي ٿو. اهڙين ڳالهين
کي مختصر طور ان باب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. معلوم
ائين ٿي رهيو آهي ته سنڌو- شهنشاهت (Indus
Empire)
فقط تجارتي بنيادن تي بيٺل هئي، جنهن ۾ واپار ۽
تجارت جو لڳاتار سلسلو جاري هو، تيار مال اندر هڪ
جهڙو معيار ۽ نقل حرڪت ۾ جلدي اڪلاءُ هوندو هو. ان
کان سواءِ صنعتي ۽ زرعي پيداوار هر قسم جي محصول
کان آجي هئي. واپار ۽ تجارت جي لڳاتار سلسلي مان
معلوم ٿئي ٿو، ته ان تي سياسي ضابطو هو ۽ بااختيار
مرڪزي اداري جي واهت نظرداري هيٺ هڪ مڪمل نظام
قائم هو. پر اهم ڳالهه هي به آهي ته سنڌو- شهنشاهت
(Indus
Empire)
ڪڏهن به جنگجو رياست ڪانه هئي. سندس اهم اصول امن
محبت ۽ خوشحالي هو. هِتي گهڻن ۽ مختلف عقيدن واري
مذهبي ايڪتا قائم هئي. مثال طور اگني جي شڪتي جي
پوڄا جا ٽي مختلف طريقا هئا.
باب ٻارهين ۾ اهڙين حقيقتن کي اُجاگر ڪيو ويو آهي،
جن مان چڱيءَ ريت ڄاڻ ملي وڃي ٿي ته سنڌو- تهذيب
جي پوئين دؤر جي شهري ثقافت ۾ زوال اچي ويو هو، پر
پوءِ ان ۾ نئين زندگي اچي وئي هئي ۽ دوارڪا جي اهم
ماڳ اڳيون عروج حاصل ڪري ورتو هو، جنهن زماني کي
اسان مهاڀارت وارو دؤر سڏي سگهون ٿا، جيڪو ٻي سهس
ق. م جي وچ وارو زمانو هو. اهو دؤر هڪ فِڪري زمانو
آهي، جنهن کي ويدن ۽ اپنشدن (Upnishads)
مان محسوس ڪري سگهجي ٿو.
مان پڙهندڙن کي نماڻائي سان عرض ڪندس ته هو گهربل
نتيجن حاصل ڪرڻ لاءِ شاهدين کي ٻه ٽي ڀيرا جاچي
پرتالي ڏسن، پر انهيءَ کان اڳ هو سنڌو تهذيب جو هڪ
مختصر جائزو وٺن. ان کان پوءِ هن تهذيب جي تجارت،
صنعت، ڪلا، اڏاوتن جي ڏانءَ، سائنس، ٽيڪنالاجي،
ڌرم ۽ سماج کي به جاچي پرکي ڏسن.
کوٽائي ۽ کوجنا ڪندڙ ماهرن، قديم ماڳن جا نالا
مختلف هِجي
۾ لکيا آهن، جنهن جو مثال زيکدا (Zekhada)
جيکدا (Jekhda)
آهي. مان هن ماڳ جي نالي جي هِجي ائين لکي آهي.
جيئن ان جو نالو پهرينءَ رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي.
اهم ماڳن ۽ دريائن جي غير انگريزي نالن کي صحيح
اچارڻ لاءِ اعرابن جو استعمال ڪيو ويو آهي، ته
جيئن پڙهندڙ ان جي صحيح اچار کي سمجهي سگهن. پر
جتي هِجي سولي آهي ۽ ڪو مسئلو پيدا ڪونه ٿو ٿئي،
ته اتي اهڙين ڳالهين کان پاسو ڪيو ويو آهي.
ايس. آر. راءُ
بئنگلور
18- مئي 1991ع
باباب
پهريون
ڪنجهي جي دؤر جي تهذيب (Bronge
Age Civilization)
کي سنڌو- تهذيب (Indus
Civilization)
جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. هن تهذيب جي ڊزن کن
ماڳن جي کوٽائي ۽ کوجنا هن صديءَ جي ويهن ۽ ٽيهن
واري ڏهاڪي دوران(1) سر جان مارشل (Sir
John Marshall)
(2) ارنست مئڪي (Ernest
Mackay)
۽ (3) ماڌو سروپ واٽس (Madho
Sarup Vats)
ڪرائي هئي، جن ۾ اهم شهري مرڪز جهڙوڪ: موهن جو دڙو
۽ هڙاپا به شامل هئا. هندستان جي ورهاڱي کان ويهه
سال پوءِ سنڌو- تهذيب جي ٻين ماڳن جي کوٽائي ۽
کوجنا جو ڪم اوچتو شروع ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت
سنڌوءَ ۽ ان جي ڀرتي ڪندڙ شاخن جي اوڀر ۽ ڏکڻ وارن
علائقن جي چڱيءَ ريت جاچ پڙتال ڪري 1954ع کان
1975ع تائين مختلف ماڳن جي کوٽائي ڪرائي وئي، جنهن
جي نتيجي ۾ ستهتر ماڳن جي دريافت ٿي، جن جو واسطو
سنڌوسڀيتا جي جدا جدا دورن سان آهي. اهي سڀئي قديم
ماڳ هندستان جي سياسي حدن اندر دريافت ٿيا آهن.
جڏهن ته پاڪستان اندر اهڙا 250 قديم ماڳ مليا آهن.
اهڙيءَ ريت سنڌوسڀيتا يا سنڌو- تهذيب جون
جاگرافيائي حدون هن ريت آهن: اولهه پاسي کان
ايران، اتر ۾ ترڪمينيا (Turkmenia)،
روس، ڪشمير، اوڀر دهليءَ کان هُن پار ڏکڻ پاسي
گوداوري (Godavari)
ماٿري آهي. هن تهذيب جي ڪل پکيڙ 1.5 ملين همچورس
ڪلوميٽر آهي. تنهن ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته
سنڌو تهذيب فقط سنڌوءَ جي ڪنارن جي اوسي پاسي واقع
ڪانه آهي. قديم آثارن جا ماهر هن تهذيب کي هاڻي
هڙاپا- ثقافت يا هڙاپا- تهذيب جي نالي سان سڏيندا
آهن. هن نالي وارو ماڳ 1921ع ۾ دريافت ٿيو هو.
(خاڪو-1) ساڳيءَ ريت سنڌو- تهذيب جي ترقي يافته
شهري مرحلي کي (Indus
Urban Culture)
بدران هڙپائي ثقافت (Harappan
Culture)
۽ ٿورو آڳاٽي سنڌو تهذيب (Late
Indus)
کي ٿورو آڳاٽو هڙپائي ڪلچر (Late
Harappan Culture)
جي نالي سڏيو ويندو آهي. جنهن جي معنيٰ زوال پذير
ثقافت آهي. پر ان هوندي به ڪجهه روايتون اهڙيون
آهن، جي سنڌو- تهذيب جي اوسر ۽ ترقيءَ سان لاڳاپيل
آهن جهڙوڪ: ٺڪر (Ceramic)
۽ لکت (Writing)
جون روايتون وغيره. پر تهذيب اڳتي هلي شهري ثقافت
جي عروج واري حيثيت وڃائي چڪي هئي. هن ڪتاب ۾ سنڌو
تهذيب جو اصطلاح ترقي يافته هڙاپائي شهري ثقافت
لاءِ ڪم آندو ويو آهي. جڏهن ته ٿورو آڳاٽي سنڌو
تهذيب (Late
Indus)
يا ٿورو آڳاٽو هڙاپائي ڪلچر (Late
Harappan Culture)
جي معنيٰ سنڌو- تهذيب جي بگاڙ، جنهن جو ذڪر 12 باب
۾ ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو سنڌو تهذيب جي اصليت، اوسر،
ڪمال ۽ زوال (بگاڙ ۽ اجاڙ) جي هڪ گڏيل تصوير پيش
ڪئي وئي آهي.
قديم آثارن جي ماهرن جهڙوڪ: (4) پگاٽ (Peggat)
۽ (5) مڪائون (McCown)
جو خيال آهي ته سنڌو تهذيب ميسوپوٽاميا (Mesopotamia)
جي ثقافت جو نقل آهي. جڏهن ته (6) سانڪليا (Sankalia)
۽ (7) آلچن (Allchin)
جو خيال آهي ته بلوچستان واري ثقافت جا قديم ماڳ
ايران جي ثقافت سان واسطو رکن ٿا. پر (8) جئرج (Jarrige)
جي تازين کوٽاين ۽ سندس ڪڍيل نتيجن انهن سڀني
نظرين کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو آهي. مهرڳڙهه مان هٿ
آيل ثقافتي لاڌن (Finding)
جهڙي پڪي شاهديءَ جي آڌار تي قديم آثارن جي هن
ماهر ٻڌايو آهي، ته بلوچستان سنڌو- تهذيب جو هڪ
مرڪزي (Central
Region)
آهي. هن کان سواءِ هڪ ٻيو هي سوال به آهي ته جنهن
جو هن وقت تائين ڪو تسلي بخش جواب ڪونه ڏنو ويو
آهي. ته سنڌو تهذيب انسانذات جي ترقي واسطي ڪو
ڪردار ادا ڪونه ڪيو آهي ۽ اهڙي خيال جو اظهار (9)
ويلر ((Wheeler
ڪيو آهي. سندس نقطهء نظر آهي ته سنڌو- تهذيب جي
ماڻهن لاءِ ڪنهن پاسي کان مقابلي لاءِ للڪار موجود
ڪانه هئي. تنهن ڪري هيءَ تهذيب اڪيلي رهجي وئي ۽
دنيا جي تهذيبن جي تاريخ ۾ پنهنجو مستقل ڪردار ادا
ڪري ڪانه سگهي آهي. پر هتي ثابت ڪيو ويندو ته سنڌو
تهذيب جا ماڻهو کاري کيڙڻ جا ماهر هئا جن سامونڊي
تجارت جي ابتدا ڪئي هئي ۽ بحرين، فئلڪا ۽ فرات-
دجله واري ماٿري ۾ وڃي تجارتي وسنديون جوڙيون
هيون. هي دنيا جا پهريان ماڻهو هئا، جن سامونڊي
تجارت لاءِ گودي (Dockyard)
تيار ڪئي هئي (10). هنن ماڻهن بين الاقوامي
سامونڊي تجارت جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ بحرين ۽
اومان ۾ تور جو نظام
Weight- Unit
۽ لکت
((Script
کي متعارف ڪرايو هو. هي دنيا جا پهريان ماڻهو آهن.
جن تور ۽ ماپ جي نظام ۾ ڏهائي (Decimal)
جي سرشتي کي استعمال ڪيو هو. انهن ماڻهن جي هڪ
وَٽَ کي يونان وارا انشيا (Uncia)
سڏيندا هئا، جيڪو يڪو پوئين دؤر تائين يونان ۾ ڪم
ايندو رهيو هو. جڏهن ته انهن جي ٻئي وَٽَ ((Weight
کي شيڪل ((Shekel
جي نالي سان سڏيو ويندو هو. هي ماڻهو نهايت منظم
هئا ۽ سندن طرزِ زندگي ۾ باقاعده هڪ نظام قائم هو.
هنن پنهنجي جسم ۽ روح کي منظم رکڻ لاءِ يوگا (Yoga)
کي متعارف ڪرايو هو، جنهن لاءِ هاڻي چيو پيو وڃي
ته اهو انسان ذات لاءِ ڀلائيءَ وارو آهي. باه-
پوڄا به سنڌ جي ماڻهن جي ايجاد آهي، جيڪا پوءِ
ٿورو آڳاٽي هڙاپائي دور(Late
Harappan Culture)
واري ۽ ويدڪ دؤر جي ماڻهن ۾ به نظر اچي ٿي. رنگپورIIC-III،
ناودا تولي (Navdtoli)
۽ دائم آباد جي قديم ماڳن ۾ باهه پوڄا لاءِ
قربانگاه ٺهيل هئا. جيتري قدر پوکي راهي جو تعلق
آهي، ته هي دنيا جا پهريان ماڻهو آهن، جن هڪ موسم
دوران ٻن فصلن پوکڻ جو رواج وڌو هو. هنن ماڻهن
لوٿل ۾ گودي تعمير ڪئي هئي، جنهن کي ڏسي دوارڪا ۽
انام گائون وارن کي جيٽين (Jetties)
تعمير ڪرڻ جو خيال آيو هو. اهو تصور به غلط آهي،
ته موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ
سنڌو- تهذيب جي شهري ثقافت به ختم ٿي وئي. پر
دوارڪا جو ماڳ شهري ثقافت جو هڪ زنده ثبوت آهي. هي
شهر سامونڊي بندر هو، جنهن جي چوڌاري هڪ سگهارو
قلعو اڏيل هو. هنن ماڻهن پنهنجي جزوي طور تصويري
لکت (Partly-
Pictorial)
کي سولي ۽ سادي شڪل ڏئي صوتي (Phonetic)
لکت جو روپ ڏنو هو، جنهن ۾ فقط 24 نشانيون هيون.
هن لکت جي نشانين کي ٻي سَهَس (Millernium)
ق. م جي وچ ڌاران عربي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن
پنهنجي لکت جي الف- ب طور ڪتب آندو هو. هي صاحبِ
فڪر ماڻهو هئا، جن سوچي ويچاري مها شڪتي جو هڪ
ذريعو ڳولي ورتو هو. سندن خيال مطابق ان مها
شڪتيءَ ۾ ٽي شڪتيون باه، سج ۽ روشني سمايل هيون.
هن تصور مان اڳتي هلي ٽمورتي وارو نظريو ڦٽي نڪتو
هو. باه جي ديوتا کي ”پسو- پتي“ جو پڻ نالو ڏنو
ويو هو. سنڌي دنيا جا پهريان ماڻهو هئا، جن صنعتي
تيار مال متعلق هڪ مقرر معيار قائم ڪيو هو ۽
موجوده دؤر واري دنيا اڄ سندن پيروي ڪري رهي آهي.
هنن ماڻهن جي اهڙين ڳالهين کي ڪڏهن به نظرانداز
ڪري نه ٿو سگهجي. هن ڪتاب جي لکت جو هڪ مقصد اهو
به آهي ته جيئنءَ سنڌو- تهذيب جي انسانذات جي
تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ ادا ڪيل نمايان ڪردار کي وڌيڪ
واضح ڪري سگهجي.
ويلر ۽ پگاٽ جو نقطهء نظر آهي ته سنڌو- تهذيب جي
ساون ڍاون ۽ ڀرين ترين شهرن کي آريا لوڪن اجاڙي
ناس ڪري ڇڏيو ۽ هتان جي ماڻهن جو وڏو ڪوس ڪيو. پر
اهڙو نظريو هاڻي رد ٿي چڪو آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌو-
تهذيب جي کوٽاين ۽ کوجنائن وسيلي اها اهم ۽ وسيع
معلومات ملي آهي ته انهن شهرن جي تباهي آرِين جي
حملن ڪري نه، پر قدرتي ماحول جي تبديلي ڪري آئي
هئي ۽ هن تهذيب جا ننڍا وڏا سکيا ستابا شهر اجڙي
ڀڙ ڀانگ ٿي ويا. اهڙيءَ ريت آرِين لوڪن جي حملي
واري نظريي ڪري عالم سنڌو- لکت کي ڀڃڻ ۾ منجهي پيا
هئا. ڇاڪاڻ ته ان نظريي ڪري اهو تصور قائم ٿي ويو
هو، ته آرِين هتان جي ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪيو ۽
ٻين کي ڏکڻ ڏانهن ڀڄائي ڪڍي ڇڏيو هو، جيڪي اڻ-
آرِيا يا دراوڙ هئا. تنهن ڪري عالمن سمجهيو هو ته
سنڌو- لکت جي مهرن ۾ دراوڙي ٻولي ڪتب آندي وئي هئي
۽ ان کي دراوڙي ٻولي تصور ڪري ڀڃڻ جا جتن ڪري رهيا
هئا. نه رڳو اهي پر هن سنڌو- لکت کي ڪمپيوٽر وسيلي
ڀڃڻ (Decode)
جي ڪوشش ڪندڙ ماهر مهرن ۾ ڪتب آيل ٻولي کي قديم
انڊو- آرين ٻولي سمجهڻ کان ڪترائي رهيا هئا(11).
هن ڪتاب جو مصنف مهرن ۾ ڪم آندل ٻوليءَ جو ڀيٽ وار
اڀياس ڪري هن نتيجي تي پهتو آهي. ته اها ٻولي قديم
انڊو- آرين ۽ قديم ايراني ٻولي جو هڪ گڏيل روپ
آهي. اهڙيءَ ريت ساڳيو اصول ڪم آڻي سنڌو- تهذيب جي
ماڻهن جي ڌرم جا راز معلوم ڪري ورتا آهن.
ڪاليبئنگن، لوٿل ۽ بنا والي ۾ پڪين سرن جا ٺهيل
قربانگاه مليا آهن، جتي قديم دؤر ۾ جانورن جي
قربانين ۽ باه پوڄا جي رسم ادا ڪئي ويندي هئي ۽
انهن ڌرمي رسمن کي سنڌو- تهذيب جي ڌرم جي روشنيءَ
۾ چڱيءَ ريت سمائي سگهجي ٿو. اهڙيون حقيقتون سنڌو-
لکت جي مهرن ۾ به واضح آهن ته اهي قربانيون باهه
جي ديوتا
(Fire-God)
کي ارپيون وينديون هيون. اهو تصور به غلط آهي ته
سنڌو تهذيب اوچتو ختم ٿي وئي هئي. اهڙو نقطهء نظر
هن وقت تائين قائم رهندو آيو آهي. رنگپور، لوٿل،
ڏيسالپور، سيسوال ۽ ميٽاٿل جي کوٽاين مان لڌل
ثقافتي مواد کان پوءِ پڪ ٿي وڃي ٿي ته سنڌو تهذيب
ان جي اهم ثقافتي مرڪزن جي تباهه ٿي وڃڻ کان پوءِ
به 300 سال زنده رهي آهي. ويلر پنهنجي نقطهء نظر
جو اهڙو اظهار هندستان ۽ پاڪستان ۾ موجود بيشمار
کنڊرن جي کوٽاين کان اڳ ڪيو هو. گوش (Gosh)،
فيئر سروس (Fair
Servis)
۽ آلچن جو خيال آهي ته تاريخ کان اڳ واري گنگا
ماٿريءَ شهري ثقافت سنڌو- تهذيب کان ڪجهه به ڪونه
ورتو هو. ڇاڪاڻ ته اها تباه ٿي چڪي هئي. سندن اهو
به تصور آهي، ته اشوڪ دؤر واري ۽ برهمي لکت سنڌو-
لکت تان ڪوبه استفادو ناهي ڪيو. پر هن کي پنهنجو
هڪ الڳ ۽ نجو وجود آهي. گوش جو خيال آهي ته سنڌو-
تهذيب گهڻو اڳ ختم ٿي وئي هئي جنهن جي وري زنده
ٿيڻ يا ان تان استفادي ڪرڻ جو ته ڪو سوال ئي پيدا
ڪونه ٿو ٿئي. فيئر سروس به پنهنجي راءِ جو اظهار
ڪندي چيو آهي ته ان وقت تائين هندستان وري غير
مهذب بڻجي ويو هو ۽ ويدن واري ڪاري رات ڇانئجي چڪي
هئي، جيڪا ڏينهون ڏينهن وڌي رهي هئي. پر هن حقيقت
تي غور ڪونه ٿو ڪيو وڃي، ته ترقي يافته شهري ثقافت
جو اڀري اچڻ ۽ پنجين چوٿين صدي ق.م ڌاران برهمي-
لکت جو نڪري نروار ٿيڻ ڪي اوچتيون ڳالهيون ڪونه
هيون. مالوا ۽ ايران جي قديم آثارن جي کوٽاين مان
معلوم ٿيو آهي، ته اهي قديم ماڳ به ڪنجهي جي دؤر
سان واسطو رکن ٿا، جيڪي پنهنجي دؤر جا قلعبند شهر
هئا. ناودا تولي (Nardatoli)
۾ ته جيٽي به ٺهيل هئي ته جينءَ ٻيڙيون سولائيءَ
سان بندر ڀيٽي سگهن. ساڳي دؤر ۾ دوارڪا جو شهر به
ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو سامونڊي بندر ۽ قلعبند شهر هو
۽ موهن جي دڙي کان به وڏو هو. ڇا اهڙيون ڳالهيون
سنڌو- تهذيب جو تسلسل ڪونه آهن؟ پر بدقسمتيءَ جي
ڳالهه آهي جو هن شهر کي عربي سمنڊ ۽ ڪڇ جي نار
واري سامونڊي پاڻي پائي ڇڏيو آهي. سنڌولکت اڳ ۾
ساڄي کان کاٻي لکي ويندي هئي. پر دوارڪا وارن ان
کي کاٻي کان ساڄي پاسي لکڻ شروع ڪيو هو. اهڙين
حقيقتن مان تصديق ٿي وڃي ٿي ته برهمي لکت سڌو
سنئون سنڌو- لکت تان ورتي وئي آهي.
سنڌو- تهذيب جي ماڳن جي کوٽاين جي تاريخ
جڏهن جان مارشل ”السٽريٽيو“ لنڊن نيوز 20 سيپٽمبر
سن 1924ع واري شماري ۾ هي اعلان ڪيو ته سنڌو
ماٿريءَ ۾ ميسوپوٽاميا جي تهذيب جيتري قديم ۽
ايتري عظيم تهذيب دريافت ٿي آهي، ته دنيا جا قديم
آثارن جا ماهر حيران ٿي ويا هئا. مارشل اهو مقالو
ديا رام ساهني جي هڙاپا جي ابتدائي کوٽائي (1921ع)
۾ رکل داس بئنرجي (1922ع) (Fig.I)
۾ موهن جي دڙي جي ابتدائي کوٽائي جي آڌار تي لکيو
هو ۽ اهڙو اعلان ڪيو هو. انهن ٻنهي جي کوٽاين مان
پڪ سريون وڏيون جڳهون ۽ ٻيون به گهڻيون ثقافتي
شيون هٿ لڳيون هيون. جن ۾ مهرون به شامل هيون، جن
تي تصويري لکت (Pictorial
Script)
موجود هئي. پر هن کان اڳ 1875ع ۾ ريلوي جي
ٺيڪيدارن هڙاپا جي ڀر واري قديم دڙي کي کوٽي پڪيون
سرون ڪڍي ريلوي جي تعمير ۾ ڪتب آنديون هيون. جتان
ميجر ڪلارڪ کي هڪ مهر هٿ آئي هئي، ان وقت ڪننگهام
هن کي قبل از تاريخ وارو کنڊر ڪونه سمجهيو هو. ان
کان پوءِ سر جان مارشل 1924ع ۾ موهن جي دڙي جي وڏي
پئماني تي کوٽائي ڪرائي هئي. جان مارشل کان پوءِ
اي.جي.ايڇ مئڪي (E.
J. H. Mackay)
به موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪرائي هئي. اهڙيون
رپورٽون لنڊن نيوز ۾ 1931ع ۽ 1938ع ۾ ڌار ڌار
ڇپيون هيون. ان سان گڏ والٽس ۽ سندس ساٿين هڙاپا
جي کوٽائي ڪرائي هئي، جتان به گهڻيون ثقافتي شيون
هٿ لڳيون. اهڙي رپورٽ 1940ع ۾ شايع ٿي هئي. ساڳيءَ
ريت سر ارل اسٽينAurel
Stein)
(Sir
بلوچستان جي کنڊرن جون کوٽايون ۽ کوجنائون ڪيون
هيون. هن ڪنجهي جي دؤر سان لاڳاپيل ڪيئي ماڳ ڳولي
لڌا هئا، جن مان ڪجهه (Pre-Indus)
ڪجهه سنڌو تهذيب ۽ ڪجهه ان کان پوءِ واري دؤر سان
لاڳاپيل هئا. سر ارل اسٽين جي ڪرايل کوٽاين جي
نتيجن جون رپورٽون لڳاتار 1929ع(12)، 1930ع(13)،
1931ع(14) ۽ 1937ع (15) ۾ ڇپبيون رهيون، جن جو
واسطو اتر بلوچستان، اتر سوات ماٿري، گيدروشيا (Gedrosia)
۽ ڏکڻ ايران سان هو. ان کان سواءِ هن سرسوتي
درياءَ جي ڪنارن سان به ڪن کنڊرن جون کوٽايون
ڪرايون هيون. پر هن کان وڌيڪ اهم ذڪر سنڌ جي آمري،
دمبُ بٺي، جُهڪر ۽ چاهونءَ جي دڙي جو آهي. مٿي ذڪر
ڪيل آخري ماڳ جي کوٽائي مئڪي ڪرائي هئي (16). ڊابڙ
ڪوٽ، آمري، راڻا گهنڊائي، شاهي ٽمپ، ڪولي، نندارا
جي کنڊرن جي آزمائشي کوٽائي ڪرائي وئي هئي. انهن
ماڳن مان دريافت ٿيل ثقافتي لاڌ کي ڏسي مونجهاري ۾
پئجي ويا هئا. پر کين اهو يقين ضرور ٿيو هو ته اهي
سنڌو- تهذيب جي اولهه طرف وڌڻ جا اهڃاڻ آهن.
هاريگريوز (Hergreaves)
26-1925ع دوران نال جي کوٽائي ڪرائي هئي، جيڪو
بلوچستان جو هڪ مشهور ماڳ آهي (17). هي ماڳ انهيءَ
ڪري اهم آهي جو اتان گهڻ- رنگو ٺِڪر جو ٿانءُ هٿ
لڳو هو. (هارگيريوز 1929ع). سنڌوماٿري جي ڏکڻ پاسي
گجرات ۾ رنگپور
انڊيا ۾ هڙپا دور، هڙپا جي آخري دؤر وارا ۽ ٻيا
ڪيلڪوليٿيڪ ماڳ
(ڪاٺياواڙ) جي جزوي کوٽائي کان سواءِ ٻئي ڪنهن ماڳ
جي کوٽائي ڪانه ٿي هئي. هن کنڊر جي کوٽائي جو ڪم
والٽس ڪرايو هو (18) جنهن هن کي سنڌو- تهذيب جو
ڏورانهون ماڳ تصور ڪيو هو. ان کان پوءِ رکي رکي
هن ماڳ جي کوٽائي ٿيندي رهي. بعد ۾ والٽس پنجاب جي
روپر ((Ropar
ڀرسان ڪوٽلا نهنگ خان (Kotla
Nehang Khan)
نالي هڪ کنڊر ڳولي لڌو هو (19). جيڪو سنڌو تهذيب
جو هڪ ماڳ هو.
قديم آثارن جي مختلف ماهرن جي کوٽاين ۽ کوجنا سبب
سنڌو- تهذيب جو هڪ مجموعي نقشو اڀري آيو هو. پر
موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي کوٽاين جي نتيجي ۾ سنڌو
تهذيب پنهنجي ترقي يافته ۽ عروج واري شڪل ۾ دنيا
جي آڏو اوچتو نڪري نروار ٿي اچي سامهون بيٺي هئي ۽
700 يا 800 سالن کان پوءِ ائين اوچتو گم ٿي، جيئن
اوچتو ظاهر ٿي هئي. اهڙي ريت جُهڪر واري کوٽائي
کان پوءِ هن ماڳ کي بگاڙ واري دؤر (Late
Indus)
۾ شامل ڪيو ويو هو. هن کنڊر مان هٿ آيل ثقافتي لاڌ
اهڙي هئي، جهڙي موهن جي دڙي جي صفا مٿئين تهه تان
لڌي وئي هئي (20). تنهنڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته
جهڪر وارو ماڳ موهن جي دڙي جي ترقي يافته شهري
تهذيب جو تسلسل هو.
مجمدار (Majumdar)
هن کي جهڪر جي ثقافت سڏيو آهي، پر جڏهن کيس ترقي
يافته سنڌو- تهذيب جي تهه هيٺان آمريءَ جي ثقافت
نظر آئي ته هن کي جهڪر ثقافت بدران آمري جي ثقافت
جو نالو ڏنو هو. اهڙيءَ ريت 1940ع تائين کوٽائين ۽
کوجنائن جو اهڙو سلسلو نظر اچي ٿو، جنهن ۾ سنڌو-
تهذيب جي اوائلي ثقافت (Pre-
Indus)،
ترقي يافته سنڌو تهذيب (Indus
Civilization)،
سنڌو- تهذيب جي بگاڙ (Late
Indus)
۽ سنڌو تهذيب جي اُجاڙ وارو دؤر
(Post- Indus)
نڪري نروار ٿيا هئا، جن ۾ اوائلي سنڌو تهذيب (Pre-
Indus)
جي آمري، ترقي يافته سنڌو تهذيب (Indus
Civilization)
جو موهن جو دڙو ۽
(Late Indus)
جو جُهڪر شامل هو، جنهن کي سنڌو تهذيب جو پويون
دؤر (Past-
Indus)
به سڏي سگهجي ٿو. اهڙي ريت والٽس کي سيميٽري ’H‘
مان ڪجهه ٺڪر جا ٿانءُ مليا هئا. ان تهه جي هيٺان
کيس ترقي يافته سنڌو- تهذيب جون ثقافتي شيون هٿ
لڳيون هيون، جنهن جي ڀيٽوار اڀياس کان پوءِ پتو
پيو هو ته سيميٽري
‘H’
جي مٿئين تهه وارو ٺڪر جو ٿانءُ هيٺئين تهه واري
سنڌو- تهذيب جي ٺڪر واري ٿانءُ کان گهاڙ ۾ ڪجهه
مختلف هو.
مئڪي چانهونءَ جي دڙي جي کوٽائي اسڪول آف اِنڊين
ائنڊ ايرانين اسٽڊيز ۽ ميوزم آف فائين آرٽس بوسٽن
جي گڏيل ڪوشش سان شروع ڪئي هئي. ان ماڳ جي کوٽائي
۽ کوجنا مان سنڌو- تهذيب جي جهڪر ۽ جهانگار ثقافتن
جو پتو پيو هو. اهو به معلوم ٿي رهيو هو ته
جهانگار (Jhangar)
جو جهڪر ثقافت سان ڪو لاڳاپو ڪونه هو. ان کان
سواءِ سندس مهرون به سنڌو- تهذيب جي مهرن کان
مختلف هيون. چانهونءَ جي دڙي ۽ موهن جي دڙي وٽ جر
واري پاڻي جو سطح مٿي چڙهي آيو هو. تنهن ڪري مئڪي
۽ جان مارشل هيٺ کوٽائي ڪري ڪونه سگهيا هئا. اهو
ئي ڪارڻ هو جو هنن ٻنهي ماڳن تي سنڌو- تهذيب جي
قدامت جو پتو پئجي ڪونه سگهيو. قديم آثارن جي هڪ
ماهر (21) اسٽار (Starr)
سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي کنڊرن مان هٿ آيل ٺڪر تي
گهڻي تحقيق ڪئي هئي. سندس خيال هو ته آمري- نال جي
ٺڪر جو نمونو آڳاٽي سنڌو (Pre
Indus)
جي ٺڪر جي هڪ گروهه سان تعلق رکي ٿو. جڏهن ته ٻيو
گروهه ڪولي ميهي آهي. جيڪو گهڻو آڳاٽي سنڌو دؤر (Pre
Indus)
جو سهيوڳي آهي. هن جو نقطهء نظر آهي ته آمري- نال
(Amri-
Nal)
جو ٺڪر زهوب ماٿري جي ٺڪر سان هڪ جهڙائي رکي ٿو.
جڏهن ته ڪولي- ميهي (Kulli-
Mehi)
جي ٺڪر جي ايلمي (Elamite)
۽ ميسپوٽاميا جي ماڳن مان لڌل ٺڪر ۾ ساڳيائپ ڏسجي
ٿي. هن پنهنجي نقطئه نظر جو اظهار ڪندي اهو به چيو
هو ته جهڪر جو ٺڪر مختلف ضرور آهي، پر ان جو واسطو
سنڌو تهذيب سان آهي.
دنيا جي ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان اڳ اهو تاثر قائم
هو ته سنڌو- تهذيب جو دائرو فقط سنڌو- ماٿريءَ
تائين محدود آهي. هن تهذيب جا لاڳاپا بلوچستان جي
جابلو علائقن ۽ مڪران جي سامونڊي پٽيءَ تائين به
هئا. جيڪي هوريان هوريان ڌُنڌ مان ٻاهر نڪري واضح
ٿي رهيا هئا. ارل اسٽين لس ٻيلي مڪران واري
سامونڊي ڪناري ۽ بلوچستان جي اُتر پاسي به کوٽايون
۽ کوجنائون ڪيون هيون. جن مان وڌيڪ اهم نئي بُٺي (Nai
Buthi)
واري کوٽائي ۽ کوجنا هئي (22).
نئن گاج جي ڪناري سان روهيل جي- ڪُنڊ وٽ ڪن ڌاڙيلن
مجمدار کي 11- نومبر 1938ع تي قتل ڪري ڇڏيو هو.
اهو ڏکوئيندڙ واقعو سنڌ ۾ ٿيندڙ قديم آثارن جي
کوٽاين ۽ کوجنائن لاءِ هڪ وڏو جهٽڪو هو. تنهن ڪري
اهڙيون کوجنائون اتر- اوڀر ٿي ڪونه سگهيون هيون.
ٻي مها ڀاري لڙائيءَ دوران فندن جي کوٽ ٿي وئي،
تنهن ڪري هن ڪم جو تسلسل قائم رهي ڪونه سگهيو هو.
پر ارل اسٽين هنومان ڳڙهه ۽ ڏيرا ور جي وچ تي
گهاگهر ۽ سرسوتي واري علائقي ۾ ڪن ماڳن جي کوٽائي
۽ کوجنا ڪئي هئي ۽ فورٽ عباس نالي ماڳ مان ڪنجهي
جي دؤر جا ٺڪر جا ٿانءُ لڌا هئا. هي ماڳ هاڪڙي يا
گهاگهر درياهه جي ڪناري سان واقع هو.
ٻي مها ڀاري لڙائي هلندي قديم آثارن جي کوٽائيءَ
جو ڪم برگيڊيئر اي. جي. راس (E.J.
Ross)
پنهنجي هٿ ۾ کنيو هو. اهڙي ريت هن لورالائي ۽ راڻا
گهنڊئي (Rana
Ghandai)
ماڳ جي کوٽائي ڪرائي (23). هن اهم ماڳ ۾ لڳاتار
پنج دؤر آهن، جيڪي
I
کان
V
تائين نظر اچن ٿا. هيءَ ڌنارن (Pastoral)
جي وسندي هئي. دؤر
II
سان لاڳاپيل ٺڪر جي ٿانءُ تي ڏاند جي واضح چٽسالي
آهي. حالتن مان معلوم ٿيو ته ماڻهو هن وسنديءَ کي
ڇڏي ڪيڏانهن هليا ويا آهن ۽ ٿوري وقت کان پوءِ هنن
وري اچي ساڳيءَ وسنديءَ کي وسايو آهي، جيڪو هن ماڳ
جو
III
دؤر آهي. سندس سنڌو- تهذيب سان
تعلق به هن دؤر ۾ نظر اچي ٿو. هن دؤر جي تهه تي
سنڌو تهذيب ۽ جهڪر ثقافت جا آثار موجود هئا. دؤر
III
۽
IV
باهه لڳڻ ڪري ناس ٿي ويو آهي، اهڙو احوال کوٽائي
ڪندڙ ماهر ڏنو آهي. اسٽيوئرٽ پگاٽ 1944ع ۾ ڪوئٽا ۽
ان جي اوسي پاسي واري علائقي جي کنڊرن جي کوٽائي
ڪرائي هئي. کيس اتي ٺڪر جي ٿانءُ جي هڪ نئين صنعت
ڏسڻ ۾ آئي هئي، جنهن جي ٿانءُ جو رنگ هلڪو ڀورو هو
۽ ايران جي ٺڪر واري ٿانءُ جهڙو هو، جنهن کي ڀورو
ٿانءُ (Buff
Ware)
نالي سڏيو ويو آهي ۽ ان کي چوٿين سهس (Millennium)
ق. م سان ڳنڍيو ويو آهي.
ويلر به مغرب کان موٽي اچي انهيءَ مقصد سان هڙاپا
جي کوٽائي ڪرائي هئي، ته جيئن هو معلوم ڪري سگهي
ته (Mound
AB)
وٽ حفاظت جو ڪو نظام موجود هو يا نه. جيڪڏهن اهڙو
نظام هو ته هن جي ڪوشش هوندي ته ان کي رهائشي
علائقي سان ملائي ڇڏجي. ان کان سواءِ سندس ٻيو
مقصد هي هو، ته سنڌو- تهذيب جي سيميٽري 37
R
۽ سيميٽري
H
جي وچ ۾ ڪو رابطو پيدا ڪري انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي
ڇڏجي. اها ڳالهه نهايت اهم هئي. ويلر جي تصور
مطابق 2500 ۽ 1500 ق. م جي وچ وارو زمانو سنڌو-
تهذيب جو نهايت عروج ۽ ترقيءَ وارو دؤر هو (24)
جنهن کي (Mature
Indus)
سڏيو ويندو آهي. کيس هڙاپا مان ((Pre-Defence
ٺڪر جو ٿانءُ هٿ لڳو، جيڪو بلوچستان جي ڳوٺن مان
کوٽائي دوران مليو هو، جنهن کي اسان وليج- ڪلچر
سڏي سگهون ٿا. پر ويلر سيميٽري 37 ۽ سيميٽري
H
جي وچ ۾ ثقافتي خال کي سمجهي ڪونه سگهيو هو ۽
پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو هئائين ته سيميٽري
H
وارن ماڻهن هڙاپا جي سکئي ستابي شهر کي اجاڙي ڀينگ
ڪري ڇڏيو هو.
1947ع ۾ ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿي ويو. تنهن ڪري
هندستان جي سياسي حدن اندر رنگپور ۽ ڪوٽلا نِهنگ
کان سواءِ ترقي يافته سنڌو تهذيب (Mature
Indus)
جا ٻيا ماڳ ڪونه رهيا هئا. جن کي ڪڏهن ڪڏهن سنڌو-
تهذيب جا پري وارا ماڳ سڏيو ويندو هو. ورهاڱي کان
پوءِ هندستان سرڪار سنڌو- ماٿريءَ جي ڀروارن
علائقن ۾ کوٽائي ۽ کوجنا جو ڪم جاري ڪيو، ته جيئن
سنڌو- تهذيب جي ننڍن وڏن مرڪزن کي ڳولي سگهجي.
اهڙيءَ ريت اي. گوش گهاگهر- سرسوَتي ماٿري واري
علائقي ۾ کوٽاين جي ڪم جي ابتدا ڪئي. ان جي نتيجي
۾ هن پنجويهه ماڳ ڳولي لڌا، جيڪي پاڪستاني سرحد ۽
راجستان جي هنومان ڳڙهه تعلقي جي وچ تي هئا (25).
هن ماهر انهن ماڳن جي ثقافت کي سوٿي ثقافت جو نالو
ڏنو. ڇاڪاڻ ته انهن سڀني ماڳن مان هٿ آيل ثقافتي
شيون سوٿي نالي کنڊر مان دريافت ٿيل لاڌ جهڙيون
هيون. هنن سڀني قديم ماڳن مان ڪاليبئنگن وڌيڪ اهم
هو، جنهن جي کوٽائي بي. بي. لال (26)
B.B. Lal
۽ بي ڪي ٿاپر (27)
B.K. Thapar
ڪئي هئي جيڪا 1960ع کان 1969ع تائين هلي هئي. هن
ماڳ جي مٿئين سنڌو- تهذيب واري تهه هيٺان آڳاٽي
سنڌو ثقافت (Pre-
Indus)
موجود هئي.
هن ڪتاب جي مصنف 1953ع ۽ 1957ع دوران رنگپور جي
کوٽائي ڪرائي هئي، جنهن مان نه رڳو ترقي يافته
سنڌو تهذيب ملي، پر زوال پذير سنڌو تهذيب
(Post –Indus)
به دريافت ٿي هئي. ان کان سواءِ هنن ٻنهي دورن جي
وچ وارو مرحلو به موجود هو، جتي ترقي يافته سنڌو
ثقافت ۽ پوئين دؤر واري سنڌو ثقافت (Mature
Indus
۽
Post Indus)
واريون ثقافتي شيون موجود هيون. اهڙن مختلف دورن
کي
IIA،
IIB،
IIC
۽
III
(28) سڏيو ويو آهي. هتان نه رڳو سنڌو تهذيب جا تور
جا وٽ (Weights)
۽ مڻيا (Beads)
دريافت ٿيا هئا، پر پڪ سريون جڳهيون به نظر آيون
هيون. هن کان سواءِ واڻيا وادار (Vaniavdar)
۽ ماچيالا موٽا (Machiala
Mota)
نالي ٻيا ٻه ماڳ هئا جيڪي ڪاٺياواڙ جي آمريلي (Amreli)
ضلعي ۾ هئا (29) اهڙيءَ ريت 1955ع کان 1961ع
سوراشٽر، ڪڇ ۽ ڏکڻ گجرات جي هڪ منظم طريقي سان
کوٽائي ڪئي وئي هئي، جنهن دوران اهڙا پنجاهه ماڳ
دريافت ٿيا، جن ۾ سنڌو- تهذيب جا مختلف مرحلا ڏسڻ
۾ آيا هئا. انهن مان وڌيڪ اهم سوراشٽر جا لوٿل (Lothal)
۽ ديواليو (Devaleo)،
ڪڇ جا ديسالپور يا ڏيسلپور ۽
ٽوڏيو
((Todio
۽ ڏکڻ گجرات جا (30)
ميهيگام (Mehgam)
۽ ڀاڳتراو (Bhagatrav)
هئا. گجرات رياست جي قديم آثارن جي کاتي جي پي.پي
پينڊيا (P.P.
Pandya)
جتن ۽ جاکوڙ ڪري سوراشٽر ۾ روجڙي (Rogdi)
وسائي
(Vasai)
پرڀس
(Parbhas)
۽ هجنالي
(Hajnali)
۽ ڪڇ ۾ پٻو مٿ (Pabumath)
دريافت ڪري ورتا هئا، جن جو تعلق (Post
Indus)
واري دؤر سان هو. اهڙيءَ ريت ايم. ايس. يونيورسٽي
ڀارت جي ضلعي کيدا (Kheda)
(31) مان ڪانيوال (Kanewal)
۽ ضلعي بنشکڻٿا (Banaskantha)
مان زيکادا دريافت ڪري ورتا هئا، جن جو تعلق ٿورو
آڳاٽي ۽ آرين جي دؤر واري ثقافت (Post
Indus
يا
Late)
سان هو. ساڳيءَ ريت آر.ايس. آر.بشٽ (R.S.R
Bisht)
1989ع کان ڪڇ جي اهم ماڳ ڍول وير جي کوٽائي ڪري
رهيو آهي، جنهن کي شهر جي تعمير جو هڪ نئون طريقو
نظر آيو آهي. ايم. ايس. يونيورسٽي (32) ۾ گجرات جي
قديم آثارن جي کاتي گڏجي 57-1956ع دوران پراڀس پتڻ
(Prabbus
patan)
(سومناٿ) جي کوٽائي ڪرائي هئي. ان کان ٿورو پوءِ
پوني جي دکن ڪاليج 77-1975ع (33) تائين هن ماڳ جي
کوٽائي ڪرائي هئي. سائوندارا راجن (Soundara
Rajan)
64-1963ع ۾ ڏيسلپور جي کوٽائي ڪرائي هئي. جنهن جي
ثقافتي لاڌ مان ڄاڻ ملي هئي ته ڪڇ جي ننڍڙيءَ
وسندي ۾ ترقي يافته سنڌو- تهذيب موجود هئي. ڪڇ جي
سرڪوٽاڊا جي کوٽائي جي.پي.جوشي 1972ع کان 1975ع
(34) تائين ڪئي هئي. هن ماڳ جي ثقافتي لاڌ مان
سنڌو- تهذيب کان اڳ واري ثقافت ۾ سنڌو تهذيب جا
اهڃاڻ مليا هئا. ان کان سواءِ هتان ڳاڙهي رنگ جو
ٺڪر جو ٿانءُ مليو هو. جنهن جو ڪجهه حصو ڪاري رنگ
(Black and Red War)
جو آهي. هن وڙ ۽ گهاڙ جا ٿانءُ لوٿل جا ماڻهو ڪتب
آڻيندا هئا. اهڙيءَ ريت پابوماٿ جي کوٽائي گجرات
جي قديم آثارن واري کاتي ڪرائي هئي.
پنجاب جي روپڙ ماڳ جي کوٽائي واءِ. ڊي.شرما
1953-1952ع ڪرائي هئي، جنهن مان چٽيل چاهين رنگ جي
ٺڪر جي ٿانءُ واري تهه هيٺان سنڌو- تهذيب جا اهڃاڻ
مليا هئا. اهڙي ريت کوٽائي جو سلسلو جاري رهيو ۽
عالمگير واري ماڳ جي کوٽائي ڪرائي وئي هئي، جيڪو
هندون (Hendon)
جي ڪناري واقع هو. بارا (Bara)
ماڳ جي کوٽائي ’شرما‘ ڪرائي هئي، جنهن مان سنڌو-
تهذيب کان اڳ واري ثقافت (Pre-
Indus)
جا اهڃاڻ مليا هئا (35). چناب درياه جي ڪناري سان
مانڊا نالي ماڳ آهي، جيڪو هندستان جي حدن ۾ واقع
آهي (36) هن ماڳ مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌو- تهذيب
اتر ڏانهن به وڌڻ شروع ڪيو هو. هي ماڳ ڄمون کان 28
ڪلوميٽر اولهه پاسي واقع هو. سورج ڀان، هريانا ۾
ڪجهه ماڳ ڳولي لڌا هئا، جن مان سنڌو- تهذيب ۽ سنڌو
تهذيب کان پوءِ واري ثقافت جا آثار مليا هئا. جن ۾
اهم ماڳ سيسوال (Siswal)
۽ ميٽاٿل (Mitathal)
هئا، جتان ڪجهه مڪاني ثقافتي شيون به مليون هيون
(37)، پنجاب جي ڍير مجرا (Dher
Majra)
۽ ميٽاٿل جي کوٽائي ڪي. اين. ڊڪشٽ ڪرائي هئي، جن
مان کيس سنڌو- تهذيب کان پوءِ (Post-
Indus)
وارا اهڃاڻ مليا هئا. آر.ايس بشٽ هاڻي تازو بنا
والي جي کوٽائي ڪرائي آهي. جيڪو سنڌو- تهذيب جو هڪ
اهم ماڳ آهي (39). هن ماڳ مان ڪن جڳهن جون اڏاوتون
دريافت ٿيون آهن، جن جو تعلق سنڌو- تهذيب کان اڳ (Pre-Indus)
واري ثقافت سان هو، جنهن کي دؤر
I
جو نالو ڏنو ويو آهي. دؤر
II
۾ جڳهن جي اهڙي اڏاوت آهي، جيڪا سنڌو- تهذيب وارين
جڳهن جي طرز کان الڳ آهي. هتي پڪين سرن سان
اوساريل مندر جي اڏاوت ۽ باهه جي پوڄا لاءِ قربان
گاهه به تعمير ٿيل آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته سنڌو-
تهذيب جا ماڻهو ڌرمي رسمون به ادا ڪندا هئا.
جي. پي. جوشيءَ ڪروڪشيترا (Kurukshetra)
واري علائقي ۾ ڀڳوانپور جي کوٽائي ڪرائي هئي، جنهن
مان کيس سنڌو- تهذيب جي پوئين دؤر (Post
Indus)
جا اهڃاڻ مليا هئا، جتي ”چاهين رنگ جي ٿانءُ جي
گهڻائي هئي. ان ڪري اسان هن ماڳ کي چاهين ٿانءُ جي
ثقافت سڏي سگهون ٿا. هن ماڳ بابت بحث ڪنهن ٻيءَ
جاءِ تي ڪيو ويندو (40).
صفا ڏکڻ پاسي ’قائم آباد‘ نالي هڪ ماڳ آهي. جيڪو
گوداوري درياه جي هڪ ڇاڙهه پرا وارا (Pravara)
جي ڪناري سان واقع هو. کنڊرن جي کوٽائي ايم. اين.
ديش پانڊي ڪرائي هئي. هن کان سواءِ هڪ ٻئي ماڻهوءَ
جي نگرانيءَ ۾ به کوٽائي جو ڪم ٿيو هو. هن ماڳ جي
ثقافتي لاڌ مان معلوم ٿيو هو ته سندس تعلق پٿر جي
پوئين دؤر سان هو. پر ساڳئي وقت سنڌو- تهذيب کان
پوءِ واري (Post-Indus)
دؤر سان به هن جو واسطو هو (41). هن ماڳ جي ايس.
اي. سالي 1980ع ۾ کوٽائي ڪرائي هئي، جنهن مان کيس
سنڌو- تهذيب کان پوءِ واري دؤر سان لاڳاپيل هڪ مهر
هٿ لڳي هئي (42).
سنڌ ۾ ”الهڏنو ساند“ نالي هڪ ماڳ آهي، جنهن جي
کوٽائي فيئر سروس جي نگرانيءَ ۾ ٿي هئي (42). هيءُ
سامونڊي ڪناري ڀرسان هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. مڪران جي
سامونڊي ڪناري سان واقع بالا ڪوٽ نالي هڪ قديم ڳوٺ
جي کوٽائي ڊيلس (Dales)
جي نگرانيءَ ۾ ٿي هئي (43)-
هي ٻئي ڳوٺ سنڌو تهذيب واري دؤر سان واسطو رکن ٿا،
جن مان سنڌو تهذيب جي ڳوٺاڻي رهڻي ڪهڻي جو پتو
پئجي وڃي ٿو. ان کان سواءِ هيءَ ڄاڻ به ملي ٿي، ته
هنن ٻنهي ڳوٺن جو ڏور ڏيساور سان واپار هلندو هو.
ايم. آر. مغل (44) جي ڏنل معلومات مطابق ته هن سنڌ
جي چولستان واري علائقي ۾ سنڌو- تهذيب سان لاڳاپيل
174 ماڳ لڌا آهن. ان کان سواءِ کيس 50 ماڳ اهڙا به
مليا آهن، جن جو تعلق سنڌو- تهذيب جي پوئين دؤر (Post-
Indus)
سان آهي. انهن مان هو 99 ماڳن کي هاڪڙي درياه جي
ٺڪر ٿانءُ جي ثقافت سڏي ٿو. ان کان سواءِ رحمان
ڍيري جي ڀرسان ڪن ماڳن جي درانيءَ جي نگرانيءَ ۾
کوٽائيءَ جو ڪم جاري آهي (45).
هن کان سواءِ افغانستان، ايران، تاجڪستان (U.S.S.R)
بحرين ۽ فئلڪا مان سنڌو- تهذيب جا ٺڪر جا ٿانءَ،
تور جا وٽ ۽ مهرون مليون آهن. تِپ يحيٰ (Tepa
Yahya)
ايران جو پروٽو ايلمائيٽ (Proto
Elamite)
ماڳ آهي، جنهن جي لئمبرگ ڪارلو وسڪي (Lamberg
Karlovsky)
1967ع کان 1969ع تائين کوٽائي ڪرائي هئي، جنهن مان
کيس سنڌو- تهذيب جي هڪ مهر جي ٺپي سان ٺڪر جو
ٿانءُ مليو هو (46). آلٽم ڊيپي (Altem
Depe)
ترڪمينيا (Turkmenia)
جو هڪ قديم ماڳ آهي، جنهن جو واسطو سنڌو- تهذيب
سان آهي، جنهن مان سنڌو- تهذيب جا ٺڪر جا ٿانءُ
تور جا وٽ ۽ هڪ مهر لڌي آهي (47). افغانستان ۾
سنڌو- تهذيب جا ڇهه ماڳ آهن، جن مان هڪ منڊيگاڪ (Mundigak)
آهي- جنهن جي کوٽائي جي. ايم. ڪاسل (ڪزال) ڪرائي
هئي. ان کان سواءِ اتر افغانستان جي باختري علائقي
۾ شور تگهاءِ (Shortughai)
نالي سنڌو تهذيب جو هڪ مشهور ماڳ آهي. هن ماڳ جو
دؤر
I
ترقي يافته سنڌو- تهذيب سان واسطو رکي ٿو، جنهن جو
((Bactrian
Magia Complex Asia
سان ڪنهن به قسم جو واسطو ڪونه آهي (49).
بحرين جي بربر (Barbar)
نالي هڪ ماڳ جي کوٽائي مان سنڌو- تهذيب جي
چٽساليءَ وارا ٺڪر ٿانءَ، عقيق جا مڻيا، سنڌو- لکت
سان هڪ مهر ۽ سنڌو تهذيب جي تور جا وٽ مليا آهن.
هن قسم جي ثقافتي لاڌ مان پڪ ٿئي ٿي ته اهو سنڌو-
تهذيب جو هڪ ماڳ هو. ان کان سواءِ هيءَ معلومات به
ملي ٿي ته قديم دؤر ۾ سنڌو- تهذيب ۽ بحرين جي وچ ۾
رابطا ۽ واسطا موجود هئا، جيڪي (Post
Indus)
واري دؤر ۾ ٿوري وقت جي ٽٽي وڃڻ کان پوءِ وري بحال
به ٿي ويا هئا. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته فئلڪا تي
به سنڌو- تهذيب جي واپار جو وڏو اثر هو. |