قديم آثارن جي شاهدين تي بحث ڪرڻ کان اڳ اهو ضروري
آهي ته گجرات جي تاريخ کان اڳ وارن ماڻهن جي ادب ۽
روايتن جي ذريعن تي نظر وجهون.
روايتون
(Tradition)
گجرات جو اصلي نالو آنارتا (Anarta)
هو. ان جي گادي جو نالو آنارتاپور (Anarta
Pura)
هو. امڪان آهي ته متان اهو نالو آنندپور هجي.
مذڪوره ماڳ ان جڳهه تي قائم هو جتي هاڻي ميهسانا (Meh
sana)
وارو وڏ نگر (vadnagar)
واقع آهي (6). ڪجهه وقت کان پوءِ ڪوشسٿولي (Kusasthali)
کي راڄڌاني بڻايو ويو هو، جنهن جي کنڊرن تي شري
ڪوشن دوارڪا جو بنياد رکيو هو. جيڪو ڪاٺياواڙ
(سوراشٽر) اتر- اولهه پاسي آهي، بعد ۾ دوارڪا کي
هن علائقي جي راڄڌاني بنايو ويو هو (7). ان سان گڏ
هيءَ حقيقت به ضرور ياد رکڻ گهرجي ته ڪوشادوس (Kusadevas)
هڪ ٻيٽ ۽ ڪوشسٿلي هڪ ماڳ آهي. جتي ڪوشا (Kusa)
نالي ٻوڙا ٿيندا هئا. ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ اسرندڙ ٻوڙا
مختلف قسمن جا ٿيندا آهن. هيير ڍول (Heyardhol)
جي خيال مطابق هڪ ٻوڙي جو قسم لوٿل جي اوسي پاسي
به ٿيندو هو، جيڪو ٻيڙين ٺاهڻ ۾ به ڪم ايندو هو
(8). هن قسم جون ٻيڙيون سامونڊي ڪناري سان هلندڙ
واپاري سامان هيڏي هوڏي ڍوئينديون هيون. هيير ڍول
جو اهو به چوڻ آهي ته سنڌو- تهذيب جي ٻيڙائتن وٽ
اونهي سمنڊ ۾ هاڪارڻ لاءِ وڏا ٻيڙا به هوندا هئا.
رگويد جو بيان آهي ته آنارتا (Anarta)
سريات (Saryata)
مانوا (Manva)
جي پٽ جو نالو به هو، جيڪو ڳائڻو هو (9). چيو
ويندو آهي ته مانو (Manu)
(ماڻهو) انسان ذات جو ابو ڏاڏو آهي. مانو (Manu)
جي نالي سان لوٿل مان هڪ ٺڪر جي مهر به لڌي آهي
(10). ٿي سگهي ٿو ته اهو ساڳئي نالي وارو ڪو ٻيو
ماڻهو هجي. مهاڀارت واري دؤر ۾ گجرات پنهنجي شهرت
وڃائي چڪي هئي جتي آرين جون ريتون رسمون ادا ڪيون
وينديون هيون، جن کي رت (rta)
سڏيو ويندو هو. اهڙيون ڳالهيون عام ماڻهن کي پسند
ڪونه هونديون هيون. تنهن ڪري هن علائقي کي اڻ رتا
(Anrta)
جي نالي سان سڏيو ويندو هو. جنهن جو اچار آنارتا (Anarta)
ٿي ويو هو. چيو ويندو آهي ته اڳ ۾ کڻي نه، پر ويدن
واري دؤر ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ واري علائقي ۾ ڪي ڌاريا
ماڻهو اچي آباد ٿيا هئا. پر اها ڳالهه ڏسڻ ۾ ڪانه
ٿي اچي ته علائقي جي راڄڌاني واري شهر اندر آرين
جون رسمون سخت پابندي سان سرانجام ڪيون وينديون
هجن. ايم. آر. مجمدار (11) جو چوڻ آهي ته اهي
اشارا مڪاني ماڻهن ڏانهن هوندا، جيڪي ڀيل ۽ گونڊ
هئا ۽ آرين واريون رسمون ادا ڪونه ڪندا هئا. مٿي
اچي چڪو آهي ته آنارتا هڪ راجا جو نالو هو، جنهن
پنهنجي حڪومت جون حدون سوراشٽر تائين وڌايون هيون
۽ پنهنجي راڄڌاني اچي گرينگر (Girinagra)
۾ قائم ڪئي هئي، جنهن کي بعد ۾ گرنار جو نالو ڏنو
ويو هو، جيڪو هاڻي جهونا ڳڙهه واري علائقي ۾ آهي.
ريوت راجا آنارتا جو پٽ هو، جنهن يادوَن کي گرنار
۾ رهڻ جي موڪل ڏني هئي. ان ڪري هن ڄڻ ويدڪ ثقافت
جي پکڙجڻ لاءِ پاڻ رستو جوڙيو هو (12). سنڌو-
تهذيب جي ماڻهن جو سوراسٽر ۾ رهندڙ اولاد موسمي
رسمون ادا ڪندو هو. جڏهن ته يادوَ آريا قرباني جون
رسمون ادا ڪندا هئا ۽ ڪنهن موسم جو خيال ڪونه ڪندا
هئا. ياد وَن جي گرنار ۾ آباد ٿيڻ کان پوءِ اتان
جي هر راجا کي ريوت (Revata)
جي لقب سان سڏيو ويندو هو. اهڙي ريت ڪڏهن (Kakudmin)
ريوت جي دؤر ۾ ڪي ٻاهريان ماڻهو اچي گرينگر يا
گرنار ۾ آباد ٿيا هئا، جن کي پنچجن راڪشس (Panch
jana rakshasas)
سڏيو ويندو هو جن گرنار تي حملو ڪيو. پر هن ڳالهه
کي ثابت ڪري ڪونه ٿو سگهجي ته هنن ماڻهن گرينر (Gurinara)
تي حملو ڪيو هو. اهڙي حملي کان پوءِ ريوت ڪڪودمن
پنهنجا لاڳاپيدار ماڻهو وٺي مٿرا هليو ويو، جيڪو
ياد وَن جو اصل وطن هو. (13) اهڙي روايت مطابق نه
سوراشٽر ڪوسدتيه (Kusaditya)
جي حڪمرانيءَ ۾ شامل ٿي وئي هئي. هن راجا ڪوشسٿلي
(Kusasthali)
کي وڃي پنهنجي راڄڌاني بنايو، جيڪو انهي ماڳ تي
واقع آهي جتي موجوده دؤر جو شهر دوارڪا (Dwarka)
آهي. [دوارڪا (Dvarka)
هڪ ڏند ڪٿائي نالو آهي، جڏهن ته دوارڪا (Dwarka)
موجوده دؤر جي مشهور شهر جو نالو آهي.] اها به هڪ
حقيقت آهي ته هن راجا هڪ اهم سامونڊي بندرگاهه
ٺاهڻ پئي چاهيو، جنهن جا واسطا عربي سمنڊ جي ڪناري
سان قائم بندرن، مصر ۽ ميسوپوٽاميا سان به هجن. پر
مهاڀارت ۾ شري ڀڳوت پراڻ (Bhagavatha
purana)
جي بيان مطابق شري ڪرشن مٿرا ڇڏي دوارڪا ۾ اچي
پنهنجي راڄڌاني قائم ڪئي هئي(14). اهو نئون شهر
ڪوشسٿلي جي کنڊرن تي قائم ڪيو ويو هو. ان کان
سواءِ ٻي زمين به هن شهر جي تعمير ۾ ڪم آندي وئي
هئي(15). شري ڪرشن مهاڀارت واري جنگ دوران هي شهر
ڇڏي هليو ويو هو، جنهن کان پوءِ هن شهر کي سمنڊ جي
ويرن تباهه ڪري ڇڏيو(16).
موجوده دؤر جو ڀڙوچ شهر نرمدا جي ڇوڙ وٽ واقع آهي،
جنهن کي يونانين باريگازا (Barigaza)
ڪري لکيو آهي. رگويد ۾ هن ماڳ جو نالو ڀرگو ڪڇ (Brguecha)
لکيل ڏسجي ٿو. مهاڀارت جي دؤر جو آرڻيڪ- پروَ (Aranyaka-parva)
هن جو نالو ڀرگس (Bhrgus)
ٻڌائي ٿو، جيڪو نرمدا جي ڇوڙ وٽ هو. وڌيڪ چوي ٿو
ته ان وسنديءَ ۾ هڪ برهمڻ رهندو هو. سندس چوڻ آهي
ته تاپتي (Payosni)
جي ڇوڙ وٽ مرڪنديه (Markandeya)
ويراول (Veraval)
ڀرسان پراڀاسا پتڻ (Prabhasa
Pattana)
واقع هو. اهو ماڳ به موجوده دؤر جو پراڀس ماڳ آهي،
جيڪو ويراول ويجهو ڏسجي ٿو. اچرج جهڙي ڳالهه اها
آهي ته پوئين دؤر (late
Indus)
جا اهم ماڳ مهاڀارت سان لاڳاپيل واقعن ۾ به نمايان
نظر اچي رهيا آهن. ان کان سواءِ شري ڪرشن جي
سرگرمين ۾ به موجود ڏسجن ٿا (17). معلوم ائين ٿي
رهيو آهي ته ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي سامونڊي بندرن سنڌو-
تهذيب جي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو هو، جڏهن
سنڌو- ماٿري پاڻيءَ جي وڏي چاڙهه جي ور چڙهي ويندي
هئي، ته اتان جا ماڻهو اچي هنن علائقن ۾ پنهنجو سر
بچاءُ ڪندا هئا. اهو به معلوم ٿي رهيو آهي، ته
ويدن ۽ مهاڀارت واري دؤر ۾ يادوَ ۽ ٻين آرين به
اڳتي اچي سوراسٽر ۾ پناهه ورتي هئي. موريا گهراڻي
جي راڄ ۾ به سوراشٽر کي وڏي اهميت حاصل هئي. اهو
به نظر اچي رهيو آهي ته ساڪ (Sakas)
به اجين کي ڇڏي اچي سوراسٽر جي گرينگر ۾ آباد
ٿياهئا. گجرات جا واپاري وڏا دلير ۽ مهمجوُ هوندا
هئا، جيڪي تجارت خاطر ڏکڻ- اوڀر ايشيا ۽ آفريڪا ۾
پنهنجون ڪالونيون جوڙي ويٺا هئا (18). سنڌو- تهذيب
جي عروج واري زماني ۾ به بحرين ۽ ميسپوٽاميا ۾
تجارتي وسنديون جوڙي ويٺا هئا. سندن واسطو به سنڌو
تهذيب سان هو. تنهن ڪري اهو ڏسي اچرج ڪونه ٿو ٿئي
ته سنڌو- شهنشاهت جي اهم صوبي جا رهواسي هئا، جيڪي
سامونڊي سفر جا ڪوڏيا ۽ تجارت جا شوقين هئا. هنن
ماڻهن ڪيتريون ڳالهيون ڏور ڏيساور مان به سکي
ورتيون هيون. تنهن ڪري پوئين دؤر ۾ هيءُ ديس ڪيترن
ئي نين ثقافتن جي جنم ڀومي بڻجي پيو هو.
سنڌو شهنشاهت جي ڏاکڻي صوبي جو آڳاٽو دور
(Southern Prome of Indus Empirs)
اڃا تائين اهو پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي، ته سنڌو
تهذيب واري دؤر کان اڳ گجرات اندر پٿر جا ننڍڙا
اوزار ٺهڻ ۽ ٿوري گهڻي پوکي راهي ٿيندي هئي يا نه
يا پوکي راهي واري هاري سماج اسري ترقي ڪري ڪنجهي
واري سڌريل ثقافت ۾ پير ڌريو هو. پر حالتن مان ته
ائين معلوم ٿي رهيو آهي، ته ڪٿي پٿر جي پوئين دؤر
جي ماڻهن مٿان ڪنجهي واريءَ ثقافت کي زوري مڙهيو
ويو هو. پر ڪن علائقن ۾ انهن ماڻهن کي ڪنهن گروهه
جي ثقافت زوري مڙهي ڪانه وئي آهي. ڏکڻ گجرات جي ڪن
قديم ماڳن مان ڇيڻيءَ جهڙا لسايل پٿر لڌا آهن. هن
صورتحال مان معلوم ٿي رهيو آهي، ته سنڌو- تهذيب جي
ماڳن سان گڏ پوئين پٿر واري دؤر جا ماڻهو به موجود
هئا. اهڙا مثال لئنگهنج (Langhanj)
۽ متلي (Mitli)
مان هٿ لڳا آهن. ٻيو مثال ڏکڻ گجرات جي جوکا (Jokha)
۽ لوٿل جو آهي. اهڙين ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته
پوئين پٿر دؤر ۽ ڪنجهي دؤر جي دکن جي ماڻهن جا ڪن
ڀلاوڻن معرفت سنڌو- تهذيب وارن سان ٿورا گهڻا
واسطا موجود هئا. پٿر جي پوئين دؤر جا ماڻهو تاپتي
ماٿري جي اتر تائين به پهچي چڪا هئا. هنن جي هڪ
وڏي وسندي دائم آباد هئي، جيڪا گوداوري (Godavari)
ندي جي ڀرتي ڪندڙ شاخ پراوارا (Pravara)
جي ڪناري تي واقع هئي (19). ان کان سواءِ پوئين
پٿر واري دؤر سان واسطو رکندڙ پٿر جي ننڍڙن اوزارن
ٺاهڻ وارا ماڻهو لئنگهنج. متلي ۽ گوپ (Gop)
۾ به وسنديون جوڙي ويٺا هئا. هي اهو زمانو هو،
جڏهن سنڌو- تهذيب جي ماڻهن لوٿل اچي والاريو هو.
اهڙيءَ ريت لوٿل ۾ به ڪنجهي دؤر جا هي ماڻهو
چمڪدار ڳاڙهو ٿانءُ ڪم آڻيندا هئا. هن قسم جو
ٿانءُ تهذيبي نقطهء نظر کان گهڻو معياري هو ۽ پٿر
جي پوئين دؤر جي ٿانءُ کان به اعليٰ هو. لئنگهنج
جي پٿر جي پوئين دؤر جون ثقافتي شيون هٿ جي گهاڙ
وارو ٺڪر ٿانءُ (Chalcedony)
جو ڏاٽو جنهن ۾ هڏي يا ڪاٺ جو مُٺيو وڌل ڀائنجي
ٿو. اهڙي ريت مڇي ڦاسائڻ واري پٿر جي ڪنڍي به هٿ
لڳي آهي. اهڙين شين سان گڏ اهڙا پٿر به مليا آهن،
جن جي مدد سان اناج پيٺو ويندو هو. اهي ماڻهو
ميڊٽيرانين (Meditrarnean)
۽ ويدائيڊ (Veddiod)
جو ٻٽو نسل هئا. لئنگهنج جي قديم وسندي مان هٿ لڳل
شين کي
C-14
سان آزمائش ڪري ڏٺو ويو آهي ته 2500 ق.م جو دؤر
مليو آهي، اهڙين ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته پوئين
پٿر دؤر سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ سنڌو تهذيب جي عروج
وارو دؤر ساڳيو آهي. هيٺ انهن ڳالهين تي بحث ڪيو
ويو آهي ته گجرات جي آڳاٽي دؤر (Pre
Indus)
۽ ڪنجهي واري زماني سان واڳيل اصلي ماڻهن ڪيتري حد
تائين سنڌو تهذيب جي ماڻهن کي متاثر ڪيو هو، جيڪي
لوٿل ۽ سرڪوٽاڊا يا ”سوڪٽڙا“ ۾ رهندا هئا.
ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا ڪجهه گروهه مختلف قسمن جا ٺڪر جا
ٿانءُ ڪتب آڻيندا هئا. ڳاڙها چمڪدار ٿانءُ ڪم
آڻيندڙ گروهه سڀني جو وڏو هو، جيڪو کنڀات جي نار
جي مٿئين پاسي لوٿل ۽ رنگپور جي اوسي پاسي رهندو
هو. اهڙي ريت ڪاٺياواڙ جي اندروني حصي روجڙي ۾ به
رهائش پذير هو. ٻيو گروهه چاهين رنگ جا ٿانءُ ڪتب
آڻيندو هو، جيڪي گهاڙ ۽ ڪاريگريءَ ۾ جڏا سڏا هئا.
هي گروهه پراڀاس (سومناٿ) ۾ رهندو هو. ٽيون گروهه
ڪوٽڏجي يا ڪاليبئنگن جا ٿانءُ ڪم آڻيندو هو ۽ ڪڇ
جي ڏيسلپور کيراسر ۽ سرڪوٽڙا ۾ رهندو هو. کيراسر
مان آمريءَ جو ڀوري رنگ وارو ٿانءُ به هٿ لڳو آهي.
پرا ڀاسي-1 کان سواءِ گجرات باقي ٻين سڀني ماڳن جي
کوٽائي مان چڪ وسيلي ٺهيل اعليٰ ٿانءُ مليا آهن.
پر انهن جي گهاڙ ۽ چٽسالي الڳ الڳ آهي. هنن جي
اوزارن ۾ ٻن منهن واريون ننڍيون ڇريون مليون آهن،
جيڪي سنگ يماني ۽ ٽامي مان ٺاهيون ويون آهن. هن
نسل جا ماڻهو پوکي راهي ڪندا ۽ چوپايو مال ڌاريندا
هئا. ابتدائي دؤر ۾ ڊگهي فاصلي وارو واپار به هي
ماڻهو ڪندا هئا ۽ سنڌو تهذيب جي ٻين مرڪزن کان
ڌاتوءَ جا اوزار ۽ قيمتي پٿرن مان جوڙيل شيون
گهرائيندا هئا. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته هنن
ماڻهن کي لکڻ پڙهڻ جي ڄاڻ ڪانه هئي. جيڪڏهن لکڻ
پڙهڻ ڄاڻندا هوندا ته به اهڙيون شيون ڪونه مليون
آهن، جنهن آڌار تي يقين سان ڪجهه چئي سگهجي. ان
کان سواءِ اها به معلومات ملي ڪانه سگهي آهي، ته
جن جڳهين ۾ رهندا هئا. تن جا نقشا ڪهڙا هئا. ڇاڪاڻ
ته اهڙن قديم ماڳن جي نالي ماتر کوٽائي ۽ کوجنا ٿي
سگهي آهي.
سنڌو- تهذيب جو گجرات ڏانهن وڌڻ
رنگپور
هي سوراشٽر جو قديم ماڳ آهي. هڪ رستي جي تعمير
واسطي رنگپور ڀرسان هڪ دڙي مان مٽي کنئي پئي وئي
جو اتفاق سان چٽساليءَ وارو ٺڪر ٿانءُ، ٺڪر جي
جانور جي مورتي، مڻيا ۽ ڪي اهڙيون شيون به مليون،
جهڙيون موهن جي دڙي مان هٿ لڳيون هيون. تنهن ڪري
پڪ ٿي وئي هئي ته هي سنڌو- تهذيب سان لاڳاپيل ڪو
اهم ماڳ آهي.
رنگپور هڪ ڳوٺ جو کنڊر آهي. جيڪو سريندرنگر (Surandra
nagar)
ضلعي جي تعلقي لمڊي (Lemdi)
۾ ۽ ڀادر نئن جي ڪنڌيءَ سان واقع آهي. هن ماڳ جو
دڙو نئن جي ڪناري چار ميٽر مٿي آهي، موجوده دؤر جو
ڳوٺ هن نئن جي کاٻي ڪناري سان ڏسجي ٿو. هن جي
کوٽائي ايم. ايس. واٽس 1934ع ۾ ڪئي هئي. کوٽائي ۽
کوجنا کان پوءِ هن نتيجي تي پهتو هو. ته اهو کنڊر
سنڌو تهذيب جو پري وارو ماڳ آهي (20). ان کان پوءِ
جي. ايس. گوريي (G.S
Ghurye)
به کوٽائي ڪئي هئي. جنهن ايم. ايس. واٽس جي راءِ
سان اتفاق ڪيو هو. ايڇ. ڊي. سانڪليه دکن ڪاليج
پونا جي سهڪار سان 1947ع ۾ هن ماڳ جي کوٽائي ڪئي
هئي. کيس شڪ ٿيو هو ته هن ماڳ جي سنڌو- تهذيب سان
ويجهڙائي ڪانه آهي (22). آخر ۾ کوٽائي 54-1952ع ۾
آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي سهڪار سان هن ڪتاب
جي مصنف ڪئي هئي، جنهن منجهيل مسئلي کي حل ڪري
ڇڏيو هو. (23) کوٽائيءَ دوران ٺڪر ٿانءُ، تور جا
پٿر جا وٽ، پٿر جون ڇريون ۽ مڻيا هٿ لڳا هئا، جن
جو واسطو سنڌو- تهذيب سان هو. ان کان سواءِ هتي
ڪني پاڻي جون پڪسريون ڪسيون ۽ ڪچين سرن سان
اوساريل ٿلها به نظر آيا هئا. هن ماڳ جي کوٽائي
مان اهوبه معلوم ٿيو ته هن کنڊر جو سنڌو- تهذيب جي
زوال (devolutionary)
واري دؤر سان تعلق هو، جنهن جي هن وقت تائين ڪنهن
کي به خبر ڪانه هئي.
دور-II
Period-II
هن دؤر جا ٽي ننڍا دؤر (Sub-Periods)
آهن جهڙوڪ:
II-A،
II-B
۽
II-C
جيڪي سنڌو تهذيب (late
Indus)
۽ سنڌو- تهذيب جي عبوري يا زوال واري دورن جي
نمائندگي ڪري رهيا هئا. اهي ٽيئي دؤر (Period-II)
۾ چٽيءَ ريت ڏسجي رهيا هئا.
دؤر
-II
Period-II
هن زماني هڪ نئين ثقافت جي ارتقا ٿي هئي، جنهن کي
پوئين دؤر وارو دؤر (Post
Indus culture)
سڏي سگهجي ٿو. هن دؤر جو خاص ٿانءُ چمڪدار ڳاڙهو
ٿانءُ (lustrous
red ware)
هو.
سنڌو تهذيب جو دؤر
III
(Period-II-A)
رنگپور هڪ ننڍڙي بازار وارو ڳوٺ هو، جتي اناج وڪرو
ٿيندو هو. منجهس شهرين کي مليل آسائشون ۽ سهوليتون
سنڌو تهذيب جي وڏن شهرن جيتريون هيون. اهڙيءَ ريت
دؤر
II-A
(
Period-IIA)
۾ تعميراتن جا مختلف چار مرحلا (phase)
آهن. هر هڪ گهر کي پنهنجو الڳ سنان خانو هو، جيڪو
شهر جي ڪني پاڻيءَ واري ڪسي سان هڪ پڪي ناليءَ
وسيلي ڳنڍيل هو. پاڻي جي چاڙهه جي تباهه ڪارين کان
بچڻ لاءِ مٿي ٿلهي تي ٺاهيو ويو هو. هتان جا
رهواسي زير زمين يا مٿاڇري واري ڪسين ۾ سنڌو-
تهذيب جي معياري ماپ واري پڪي سر ڪتب آڻيندا هئا
(پليٽ
XVIII).
ٻوڏون تمام گهڻيون ۽ وڏيون اينديون هيون. تنهن ڪري
نه ڪو گهر سلامت رهندو هو ۽ نه وري ڪا ننڍي وڏي
گهٽي تباهه ٿيڻ کان بچي سگهندي هئي. اهو ئي ڪارڻ
آهي جو هن کنڊر جي گهرن ۽ ننڍين وڏين گهٽين جو
نقشو معلوم ٿي ڪونه سگهيو آهي. پر ايترو معلوم ٿئي
ٿو ته هر گهر ۾ ٻه يا وڌيڪ ڪوٺيون هونديون هيون.
اهو به معلوم ٿيو آهي، ته رنگپور جا هٽ واڻيا
سنڌو- تهذيب وارا ماڻهو تور جو ڇهه پاسائون معياري
وَٽُ ڪم آڻيندا هئا. هتان جا ماڻهو پٿر جون ڇريون
۽ ٽامي جا ٻن منهن وارا اوزار (Celts)
ٻاهران گهرائيندا هئا، جيڪي پوکي راهيءَ ۾ ڪم
ايندا هئا. ان کان سواءِ سپن ۽ ڪوڏن جون چوڙيون،
سون، فيانس ۽ قيمتي پٿرن جا مڻيا به آڻائيندا هئا،
جيڪي ڳهن ڳٺن ۾ ڪم ايندا هئا. غريب غربو ٺڪر جون
چوڙيون پائيندو هو. هن سان گڏ رنگپور مان سنڌو-
تهذيب سان لاڳاپيل خاص شيون هي لڌيون هيون: پٿر
جون چوڪنڊيون ۽ متوازي پاسن واريون ٻه منهيون
ڇريون، ٽامي جا نوڪدار اوزار، ڇهه پاساوان پٿر جا
وٽ، عقيق (Agate)
پٿر جا وٽ، ٽامي جا چپٿرا مڻيا، اسٽيٽائيٽ پٿر جا
مڻيا، ڳاڙهي عقيق جا مڻيا جن تي چگهن جا نشان ٿيل
هئا، ٺڪر جون جانورن جون مورتيون ۽ ٺڪر جون
ٽڪنڊيون ٽڪيون مليون هيون. ڳاڙهي چمڪندڙ ۽ ڀورن
ٿانءُ جون ته قطارون رکيل هٿ لڳيون هيون. ان کان
سواءِ انگريزي اکر
“S”
جهڙا وچولي تعداد وارا ٿانءُ گول اڀا سوراخدار
ٿانءُ، ننڍين ڳچين وارا ننڍا ٿانءُ، شين کي سانڍي
رکڻ وارا وڏا ٿانءُ، ڪوناريون، پڙڳي، تري واري
ڦيلهي، وريل ڪنن واريون ٿالهيون، عام قسم جا ٻيا
ٿانءُ به هٿ لڳا، پر ننڍن وڏن پيالن جو تعداد بلڪل
ڏسڻ ۾ نه آيو. ٿانءُ تي چٽسالي به ٽِڪو پنجو ڪري
مڙئي جند ڇڏائي وئي ٿي ڏسجي. تنهن ڪري معلوم ائين
ٿي رهيو آهي. ته سنڌو- تهذيب جا ماڻهو رنگپور ۾
ڏتڙجي آيا هئا ۽ منجهن اها اڳين خوشحالي ڪانه رهي
هئي. پر اهڙن هيڻن حالن هوندي به هو عقيق پٿر،
جاسپر (jasper)
۽ فيانس جي رنگين مڻين جا شوقين هئا. هتي سون ۽
اسٽيٽائيٽ جا ننڍڙا مڻيا به هٿ لڳا آهن. پر ٺڪر جي
چوڙين جو ٿورو تعداد هٿ لڳو آهي. اهي ماڻهو ساريون
۽ جوئر پوکيندا هئا. رڍون، گهوڙا ۽ ٻيو چوپايو مال
ڌاريندا هئا. سوئر، مڇي ۽ پکي کائيندا هئا. پر هن
وقت تائين اهڙي معلومات ڪانه ملي آهي، ته سندن
مذهب ڪهڙو هو. پر اهي لنگ (Phallus)
پوڄا ڪونه ڪندا هئا ۽ نه وري ڪنهن ماڳ مان ماتا
ديوي (Mother
Goddess)
جي مورتي هٿ لڳي آهي. مجموعي طور تي هو هن دنيا جي
شين مان راحت حاصل ڪري رهيا هئا ۽ سندن حياتي به
ائين آرام سان گذري رهي هئي، جيئن سنڌو- تهذيب جي
وڏن شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن جي گذري رهي هئي. هتان پٿر
جي ڇرين جو تعداد به تمام گهٽ مليو آهي. شايد اهڙو
واپار گهٽجي ويو هو ۽ ٻاهران ايندڙ مال جي گهُرائڻ
۾ ڏکيائيون ٿي پيون هيون. مهرون به ڪونه مليون
آهن. ماڻهو پڙهيل هئا. اهڙيون لکتون ٺڪر جي ٿانءُ
تي موجود مليون آهن. اهو به امڪان ٿي سگهي ٿو، ته
ڪنهن ناس ٿيندڙ شئي جهڙوڪ: وڻ جي ڇوڏي يا ڪنهن وڻ
جي پن تي به لکندا هوندا.
سوراشٽر ۾ سنڌو تهذيب جي عروج واري مرحلي جون خاص
خوبيون آهن، ته هتي گجرات جي اصلي ٿانءُ جي وڙ ۽
گهاڙ سان سنڌو- تهذيب جي ٿانءُ جو فن گڏوگڏ ڏسجي
ٿو. ٿانءُ چيڪيءَ مٽي کي سٽي ڪٽي سنهون ڪري پسائي
مناڙيندا ۽ ڳوهيندا هئا. آويءَ ۾ پچائڻ وقت به
اهڙي سوچ ۽ سچيتائيءَ کان ڪم وٺندا هئا، جو ٿانءُ
جو رنگ گلابي ڳاڙهو ٿي بيهندو هو. برش هڻڻ ۾ به
ڪاريگر هئا. چٽساليءَ ۾ گاهن ٻوٽن جي چٽ کي ڪم
آڻيندا هئا. اهڙيءَ ريت جاڦري واريون چوڪڙيون به
ڏسجن ٿيون. چمڪدار ڳاڙهي ٿانءُ (micaceous
red ware)
۾ سوڙهي منهن وارو پيالو پڻ (Concave
bowel)
ڏسجي ٿو. جن مان ڪن کي جهلڻ لاءِ بومبي لڳل آهي ۽
ڪن کي ڪانه آهي. ڪن ٿانءُ جا ڪنا چمڪدار آهن، ته
ڪن ٿانءُ کي هيٺان تري ۾ گِرهن لڳل ڏسجي ٿي.
پويون دؤر
B-II
Late Indus - period-B-II
معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته 1900 ق.م دوران پاڻيءَ
جي وڏي ٻوڏ آئي هئي ۽ ماڻهو ويچارا، گهر گهاٽ ۽
الهه تلهه وڃائي پالها ٿي چڪا هئا. سو بچاءَ لاءِ
جنهن کي جاڏهون آيو تاڏي نڪري هليو ويو هو. انهيءَ
ڪري سنڌو شهنشاهت ۽ ان جي صوبن جي انتظاميه
ڊانوانڊول ٿي وئي هئي. ماڻهو سربچاءَ خاطر رلندا
ڀٽڪندا اچي اهڙن ڳوٺن ۾ رهيا هئا، جتي ڪنهن به قسم
جي سهوليت ڪانه هئي. ڪا مرڪزي اختياري به موجود
ڪانه هئي، جيڪا ختم ٿي ويل تجارت کي نئين سر بحال
ڪري ۽ اڳئين عروج تي پهچائي. هن ساري بگاڙ ۽ اجاڙ
جو نتيجو اهو به نڪتو هو جو پري کان ايندڙ ڪچو مال
به اچڻ بند ٿي ويو هو. رنگپور جي رهواسين ۽ ٻوڏ
جي تباهڪارين جي ستايل ٻين وسندين جي ماڻهن ٻوڏ
کان اڳ واريون سهوليتون ۽ راحتون وساري ڇڏيون
هيون. ٻوڏ کان پوءِ سنڌو- تهذيب اجڙي وئي هئي.
تنهن ڪري ان بگاڙ واري ثقافتي مرحلي کي (late
Indus)
جو نالو ڏنو ويو آهي. ڪم آيل اهو اصطلاح قديم
آثارن جي ماهرن به قبول ڪري ورتو آهي. ٻوڏ کان
پوءِ شهري ثقافت اجڙي غير شهري (de
urbanized)
ثقافت جي درجي تي وڃي پهتي هئي، جنهنجي اهڙي مرحلي
کي چٽيءَ ريت سڃاڻي سنڌو- تهذيب کان سولائيءَ سان
نکيڙي الڳ ڪري سگهجي ٿو.
سنڌو- تهذيب جي غير شهري ٿي ويل مرحلي تي بحث ڪرڻ
انهي ڪري بهتر آهي، جو ڪيترا ماهر سنڌو- تهذيب جي
هن بگاڙ ۽ اجاڙ واري دؤر کي سنڌو- تهذيب جو عبوري
مرحلو (transition
phase of Indus culture)
سڏيندا آهن پر اهڙو اصطلاح صحيح ڪونه آهي. هتي غير
شهري يا غير مهذب (de
urbanization)
ثقافت جو مفهوم هي ورتو ويو آهي: ته انهن قوتن جو
الٽو ٿي وڃڻ جيڪي شهري ۽ مهذب زندگي ۾ عمل دخل
رکنديون آهن. اهڙين ڳالهين جي عدم موجودگيءَ ڪري
شهري آدمشماري گهٽجي ويندي آهي. شهر واسين کي مليل
سهوليتن جي اڻاٺ ٿي ويندي آهي. واپار ختم ته نه
ٿيندو آهي. پر سرگرميون ٿڌيون ٿي وينديون آهن،
ڪارخانن جو تعداد گهٽجي ويندو آهي. پر اهڙين
ڳالهين مان اهو تصور قائم نه ڪرڻ گهرجي ته ثقافتي
قدر (Cultured
values)
ختم ٿي ويندا آهن ۽ شهري جاهل ۽ پوئتي پئجي ويندا
آهن. ليڪن پوئين دؤر (late
Indus)
جي اصطلاح کي هن ريت سمجهڻ کپي ته غير شهري ثقافت
جو اصلي جوهر يا روح سنڌو- تهذيب هوندو. ان کان
سواءِ هنن ماڻهن وٽ لکت موجود هوندي، تور ۽ ماپ
وارو معياري نظام هوندو ۽ مختلف اوزارن ٺاهڻ وارو
مهذب طريقو هوندو. ٺڪر واري ٿانءُ جو وڙ ۽ گهاڙ
ساڳيو هوندو. پر هنر ۾ ڪاريگري واري ڏات گهٽ
هوندي. چٽسالي هوندي، پر منجهس ڪمال ڪونه هوندو.
مذهبي رسمون ساڳيون هونديون. مُردن کي نيهر ڪرڻ جو
طريقو به ساڳيو هوندو. اهڙي صورتحال ۾ هرهڪ صنعت
ختم ٿي ويندي آهي، يا زوال جو شڪار ٿي ويندي آهي.
ان کان سواءِ مادي دنيا جون راحتون ۽ سهوليتون به
گهٽجي وينديون آهن. پر ٺڪر ٿانءُ واريون قديم
روايتون جيئن جو تيئن رهنديون آهن ۽ قديم دؤر جي
قدرن جي سختيءَ سان پابندي ڪئي ويندي آهي. ابتدائي
دؤر واري زوال کان پوءِ اوسر شروع ٿيندي آهي. پر
ان جي رفتار ڍري هوندي آهي. ٿوري وقت گذرڻ کان
پوءِ اوسر ۽ ترقيءَ جي رفتار ۾ تيزي به اچي سگهندي
آهي. اهڙو پوئين دؤر (late
Indus)
وارو زوال رنگپور ۽ لوٿل ۾ چٽيءَ ريت ڏسي سگهجي
ٿو. جڏهن اوسر جي سست رفتار واري مرحلي کي عُبوري
مرحلو (transition
plane)
سڏيو ويندو آهي، ان کي زوال وارو مرحلو (devolution
plane)
به چئي سگهجي ٿو. سنڌو ثقافت جي ناتي تيز رفتار
تبديلي (Accelerated
change)
رنگپور ۾ پڻ ڏسجي ٿي، جنهن مان هڪ نئين ثقافت وجود
ورتو هو، جنهن کي
Lustrous Red ware Culture))
چئي سگهجي ٿو. رنگپور جا پهريان کوٽائي ڪرڻ وارا
ماهر عروج واري سنڌو تهذيب ۽ بگاڙ جو شڪارسنڌو
ثقافت (Indus
decadent culture)
جي وچ ۾ موجود فرق کي سمجهي ٻنهي کي الڳ ڪري ڪونه
سگهيا هئا. ساڳيءَ ريت عبوري مرحلي (Transition
plane)
يا (Devolution
plane)
۽ بگاڙ جو شڪار (decadent)
ثقافت ۾ موجود واضح فرق تي به هنن ڪونه سوچيو
ويچاريو هو. جيڪو ڳاڙهي چمڪدار ٿانءُ واري ثقافت ۾
نمايان هو. جنهن ڪري مونجهارو پيدا ٿي پيو هو.
سنڌو تهذيب جي دؤر سان لاڳاپيل ماڳ رنگپور ٻوڏ ڪري
ناس ٿي ويو، جنهن کان پوءِ انهن اڳتي وڌي وڃي وري
به ڀادر نئن جي ڪنارن سان نئين وسندي جوڙي هئي،
جيڪا گهڻو ڏکڻ طرف سرڪي وئي هئي. هي 1900 ق. م جو
زمانو هو. ماڻهن مٽيءَ جا ڪچا گهر اڏيا هئا. ٿوري
وقت گذرڻ کان پوءِ هنن گهرن جي تعمير ۾ ڪچيون سرون
ڪم آنديون هيون (پليٽ
XIX)
هي تبصرو 1963ع ۾ لکيو ويو آهي، جيڪو رنگپور ۽
پوئين دؤر (late
Indus)
سان لاڳاپيل ٻين ماڳن سان پڻ ٺهڪي بيهي ٿو. هن دؤر
۾ زوال جا اهڃاڻ نمايان نظر اچي رهيا آهن.
رنگپور
II-B
جي ٿانءُ جو گهاڙ جڏو آهي. ڪي ٿانءُ اهڙا به ڏٺا
ويا آهن، جن کي ٺپڻيءَ سان چڱيءَ ريت ٺپي لسو ڪونه
ڪيو ويو آهي. چٽسالي به جڏي سڏي آهي، جنهن کي اوڻا
پوڻا هٿ هڻي پورو ڪيو ويو ٿو ڏسجي. پر هيءَ حقيقت
ڌيان ڏيڻ جوڳي آهي، ته ٿانو جي وڙ ۾ ڪنهن به قسم
جي ڦير گهير ڪانه ڪئي وئي آهي. فقط هڪ پيالي جي
قسم ۾ ٿوري تبديلي ڪئي وئي آهي. اصل ۾ هن قسم جي
پيالي جو منهن کليل آهي، جنهن کي تبديل ڪري پاسن
کي ٿورو سڌو رکيو ويو آهي. هن کان اڳ واري دؤر ۾
پکيءَ جي چهنب جهڙي تُن وارو ٿانءُ يا ننڍو پيالو
(goblet)
ٿوري تعداد ۾ ڏسڻ ۾ آيا هئا. مگر هن مرحلي ۾ هي
ٻئي ٿانءُ نظر ڪونه ٿا اچن. هن دؤر ۾ اڀي وڙ جو
سوراخدار ٿانءُ گهٽ نظر اچي ٿو. دؤر
II-B
۾ هن قسم جا ٿانءُ فقط ٻه ٺانگر ڏسڻ ۾ آيا هئا.
اهو به ڏسجي رهيو آهي ته هن دؤر ۾ ننڍو ٿانءُ ۽
ڪونا جو تعداد به صفا گهٽ آهي. پر ٿلهن ڪنن وارو
گهڙو ۽ پڙڳي تري واري ڦيلهيءَ جي طلب گهڻي نظر اچي
رهي آهي. رنگ جو ڳاڙهو گهاڙ ۾ جڏو ٿانءُ ۽ ڪارو-
ڳاڙهو (black
and Red)
ٿانءُ گهڻو ڏسجي رهيو آهي. هڪ ته ٿانءُ جي گهاڙ ۾
چٽسالي ڏسجي رهي آهي. ٻيو ته ڪي ٿانءُ ته ماڳهن
نظر ڪونه ٿا اچن. اهڙين ڳالهين کان سواءِ سنڌو-
تهذيب جي هنن ماڻهن ۾ غربت به نظر اچي ٿي. ڇاڪاڻ
ته هن دؤر ۾ فيانس، اسٽيٽائيٽ عقيق جا عام ۽ ڊگها
مڻيا، تور جا ڇهه پاساوان وٽ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن،
جيڪي
II-A
دؤر ۾ سنڌو تهذيب جي ٻين شهرن مان
گهرايا ويندا هئا. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته هٽ
واڻيو پاڻ به ڏتڙجي ڪنگال ٿي ويو آهي. اهڙا سٺا
گهر ڪونه آهن، جن ۾ پڪسرا سنان خانا ٺهيل هجن. پر
ساڳي دؤر ۾ لوٿل ۽ پراڀس پتڻ ۾ پڪسرن ٽوٽن جا سنان
خانا ٺهيل نظر اچن ٿا. رنگپور ۾ تور جو وٽ ساڳيو
ڇهه پاسائون آهي، پر اڳي اهو چقمق جي پڪي پٿر جو
هوندو هو. اهو هاڻي (spheroid
of sand stone)
آهي (24). ان جي ڀيٽ ۾ لوٿل جي ماڻهوءَ پنهنجي
زندگي جي معيار کي ڪنهن حد تائين بحال ضرور رکيو
آهي ۽ (Late
Indus)
جي زوال واري هن دؤر ۾ مال گدام (ware
house)
به ٺاهيل نظر اچن ٿا. زوال واري دؤر
II-B
۾ به لوٿل مان سنڌو- لکت جون مهرون هٿ لڳيون آهن.
معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته هن ڏرت ۽ ڏڪار واري سمي
دوران جڏهن سنڌو تهذيب زوال جو شڪار آهي ته به هنن
ماڻهن لکڻ پڙهڻ تان هٿ ڪونه کنيو آهي. ساڳيو مثال
رنگپور جو آهي. هتان جي ماڻهن جي غربت چيلهه چٻي
ڪري ڇڏي آهي. کين ڪچسرن گهرن جوڙڻ جي سگهه ڪانه
آهي. پر پوءِ به هنن لکڻ پڙهڻ هٿان وسان ڪونه ڇڏيو
آهي. ڇاڪاڻ ته هتان زوال واري دؤر
II-B
۾ سنڌو- لکت جون مهرون هٿ لڳيون آهن، جن تي روان
لکت جون (Cursive
sigh)
موجود آهن. هن دؤر ۾ سنڌوءَ لکت جي ڪجهه پيچيده
نشانين کي سولي ۽ سادي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
اهو فقط رنگپور ۾ نظر ڪونه آيو آهي، پر سنڌو-
تهذيب جي ان دؤر جي هر شهر ۽ هر وسندي ۾ صورتحال
ساڳي آهي. شهر ڳوٺ ۽ وسنديون اجڙي ڀينگ ٿي ويون
آهن. سندن گهر ڪچا ۽ ڪکاوان آهن، پر هنن علم کي
هٿان ڪونه ڇڏيو آهي. اهڙيءَ ريت سنڌو لکت نه رڳو
رنگپور
II-B
جي ٺڪر ٿانءُ تي موجود ملي آهي، پر لوٿل، روجڙي،
پراڀس (سومناٿ)، دائم آباد ۽ عالمگيرپور (اتر
پرديش) مان پڻ هٿ لڳي آهي. پوئين يعني (Late
Indus)
دؤر جي رنگپور وارن وٽ ڪني پاڻيءَ جي پڪي ڪسي به
ڪانه ٿي ڏسڻ ۾ اچي. اهڙيءَ ريت سنڌو- تهذيب جي
بگاڙ جو (decadent
phase)
ٻن صدين (1900 کان 1700 ق. م) تائين رهيو. رنگپور
جي سنڌو- تهذيب جي دؤر جي سهيوڳي وسندي جي تباهه
ٿيڻ کان پوءِ هنن جون ثقافتي شيون کوٽيل کاهي (trench)
RGP-2
۽
RGP-3
مان پڻ لڌيون ويون آهن.
عبوري مرحلو:
(Transition Phase)
دؤر
II-C
Period-IIC
هن دؤر ۾ ختم ٿي ويل واپار ۽ تجارت لاءِ اڳتي وڌڻ
جي چرپر نظر اچي رهي آهي. ڳوٺ ترقي ڪري ننڍن شهرن
جو روپ وٺي رهيا آهن. اهو به نظر اچي رهيو آهي ته
ڪنڀرن ۾ به ڏانءُ ڏات موٽي آئي آهي. ڇاڪاڻ ته هن
دؤر جي ٿانءُ جي گهاڙ ۾ ڪاريگري ۽ چٽسالي ۾ فن
موجود ڏسجي ٿو. اهڙين حالتن مان معلوم ائين ٿي
رهيو آهي، ته ٻوڏ جي تباهڪارين، ڏرت ۽ ڏڪار ۾ سنڌي
ماڻهو جيئڻ جي آس لاهي هٿ هٿ تي رکي پير پساري
ڪونه ويٺو آهي. پر اڳتي وڌڻ لاءِ ويهن ئي ننهن جا
زور لائي رهيو آهي. ڪنڀر جي ڪاريگريءَ جو مثال هي
به آهي ته دؤر
A-II
(period-II-A)
جي هڪ ٿانءُ جا پاسا اندر ٺپيل هئا. پر دؤر
B-II
(Period-II-B)
دوران ان جي پاسن کي تبديل ڪري سڌي ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي وئي هئي. پوئين دؤر ۾ ان پيالي کي (Concave-Convex)
روپ ڏنو ويو آهي، يعني هيٺئين پاسي کان سوڙهو ۽
مٿئين پاسي ويڪرو ڪيو ويو آهي ۽ ڪُلهن وٽ ٿورو
ٻاهرتي (Carinated)
آهي. ڄڻ ڪنڀر ڪلهي وٽ ٿانءُ کي وٽ ڏيئي تري جي حد
بندي ڪري ڇڏي آهي. ساڳي پڙڳي تري واري ڦيلهي کي به
وٽ لڳل هوندي هئي ۽ ڪنن وارو پاسو ٻاهر تي کليل
هوندو هو. جنهن کي سڌو ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت ننڍي
ڳچي واري ٿانءُ تي ڊگهي ڳچي رکي وئي آهي، جنهن کي
اڳي اڀاڻ طرز هئي. پر هن کي هاڻي بيضوي طرز ڏني
وئي آهي ۽ تري ۾ گرهن جو اضافو ڏسجي ٿو. اڳي وڏن
ٿانءُ کي چوڪنڊو منهن رکيل ڏسبو هو. پوئين دؤر ۾
اهي ٿانءُ ماپ ۾ ننڍا ۽ ڪنن وٽ مڻين جهڙي چٽسالي
ڏسجي ٿي. ساڳيءَ ريت ٿانءُ ٺاهڻ ۾ نئون طريقو پڻ
ڪم آندو ويو آهي، آلي ٿانءُ کي لسائڻ ۽ چمڪائڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ پچڻ کان پوءِ رَءِ پڪل ڳاڙهو
ٿانءُ نظر اچي رهيو آهي. ان طريقي اختيار ڪرڻ سان
ٿانءُ چمڪدار ۽ لسو ته ٿي پيو آهي، پر ان جي گهاڙ
۽ وڙ ۾ ڪو فن ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي- ڄڻ (lustrous
Red Ware)
کي آڏو رکي ان جو نقل ڪيو ويو آهي. چٽساليءَ ۾
نانگ وڪڙ ليڪون، گول دائرا، کجيءَ جو پن (Foond)
ڏسجي ٿو. اڳي پڙڳي تري سان ڦيلهي ڏسبي هئي. هاڻي
پڙڳي تري سان پيالو ڏسجي ٿو. ان کان سواءِ سنڌو-
تهذيب جي عروج واري دؤر سان لاڳاپيل ٿانءُ جهڙوڪ:
انگريزي اکر ”S“
جهڙو ٿانءُ، ٺڪر جي ٽڪنڊي ٽڪي، اڀو سوراخدار
ٿانءُ، پکيءَ چهنب وانگي تُنِ وارو ٿانءُ، ننڍو
پيالو (goblet)
موجود ڪونه ٿا ڏسجن. اڳي گجراتي پيالي کي جهلڻ
لاءِ بومبي هوندي هئي، جنهن جي ماپ ۾ گهڻو اضافو
آندو ويو آهي. اڳي اهو لسو هوندو هو، پر هاڻي مٿس
چٽسالي ڏسجي ٿي. سوراشٽر ۾ سنڌو تهذيب جي زوال
واري زماني ۾ مور جو چٽ ڏسجي ٿو، جيڪو اهم آهي.
اهڙي ريت هن دؤر ۾ ڏاند جي مورتي جي تصوير کي
ورجايو ويو آهي، جيڪو سنڌو- تهذيب جي وڏن شهرن ۾
اڳيئي موجود هو. پر اهي تصويرون ڪجهه وڏيون آهن
(پليٽ
XX).
ان کان سواءِ جافري سان همچورس، گول دائرا، هڪ ٻئي
جي سامهون ٽڪنڊيون شڪليون، جافريءَ سان چوڪڙيون،
نانگ وڪڙ ليڪو، کجيءَ جي پن (Foond)
جهڙيون ليڪون آهن. ڪاري ۽ ڳاڙهي (black
and red)
ٿانءُ تي اڇي رنگ جي چٽسالي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، اهڙو
ٿانءُ گهڻو نظر اچي رهيو آهي. معلوم ائين ٿي رهيو
آهي، ته ماڻهو هن قسم جي ٿانءُ کي گهڻو پسند ڪندا
هئا. گهرن جون ڀتيون تمام گهڻو ويڪريون آهن. ٻن
جڳهن ۾ گول قسم جون اڏاوتون آهن. امڪان آهي ته
متان اهي باهه- پوڄا وارا قربانگاه هجن. مٽيءَ جون
گُنديون به هٿ لڳيون آهن. ڀرسان ئي ڪنهن شيءِ کي
سانڍي رکڻ وارا ٿانءُ به مليا آهن. هتان ٺڪر جي
ڏاند جي ننڍڙي مورتيءَ کان سواءِ ٺڪر جي گهوڙي جي
به مورتي پڻ ملي آهي. وڏن سڱن وارا نهرا ڍانڍا هتي
متعارف ڪرايا ويا آهن. جيڪي جسماني طور ڏاڍا
سگهارا متارا ڏسجن ٿا. هن دؤر ۾ رءِ پڪل
ڳاڙهي ٿانءُ تي ڪاري چٽساليءَ وارو ٿانءُ تمام
گهڻو ڏسجي ٿو. شايد اهڙي ٿانءُ جي طلب وڌي وئي آهي
يا ٿي سگهي ٿو ته ماڻهن اندر سونهن پرکڻ وارو
احساس جاڳي پيو آهي. اهڙين ڳالهين مان سولائيءَ
سان سمجهي سگهجي ٿو ته ماڻهو سکيا ستابا ٿي ويا
آهن. ان کان سواءِ ٺڪر ۽ سپن جي شين جي جاءِ تي
فيانس جا مڻيا موجود ڏسجن ٿا.
چمڪدار ڳاڙهي ٿانءُ جي ثقافت:
(Lustrous Red ware culture)
دور-
III
(Period-III)
هن دؤر ۾ آدمشماري گهڻي ڏسجي ٿي. ان سان گڏ ماڻهو
به خوشحال ٿي ويا آهن. اهڙيون ڳالهيون شهرن جي
گهڻي تعداد مان به معلوم ڪري سگهجن ٿيون. گهر وڏا
۽ ڪوٺيون ويڪريون آهن. جڳهن جي پيڙهين ۾ ٺڪرين جو
استعمال ڏسجي ٿو. انهيءَ مقصد سان ته جيئن سيڪ مٿي
نه چڙهي. پٿر جون ڇريون به هٿ لڳيون آهن، جيڪي
هتان ملندڙ سنگ- يمانيءَ ۽ جاسپر مان ٺاهيون ويون
آهن. ان کان سواءِ ٽامي جا نوڪدار اوزار سپن جون
چوڙيون به هٿ لڳيون آهن. اهڙين ڳالهين مان معلوم
ٿئي ٿو، ته ان قسم جو تيار مال ٻاهران رنگپور ۾
اچڻ شروع ٿيو هو. ڳاڙهي چمڪدار ٿانءُ تي ڀنور جهڙي
ڪاري رنگ جي چٽسالي ڏسجي ٿي، جنهن تي جانورن جون
شڪليون آهن ۽ ٿانءُ رءِ پڪل ڳاڙهو ڳٽول آهي. اهڙي
چٽساليءَ ۾ ڪونهٽ وارو نهرو ڏاند به ڏسجي ٿو. ان
کان سواءِ ڪاري يا ڪاريهر هرڻ جي به چٽسالي آهي،
جنهن جا سڱ وروڪڙ وارا آهن. روايتي چٽساليءَ ۾
ڏاڪڻ (Ladder)،
ڪونج چٽ، ((Cherzon
۽ هڪ ٻئي کي پائيندڙ گول دائرا (intersecting
loops)،
هڪ ٻئي اندر رکيل گول دائرا (Suspended
loops)
جافرين واريون چوڪڙيون ((Hatched
diamonds
نمايان آهن. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته چٽسالي ڪرڻ
کان اڳ ٿانءُ جي مٿاڇري لسائي کان پوءِ ميٽ جو
ڌاءُ ڏنو ويو آهي. دؤر
II-A
(Period
II-A)
سان لاڳاپيل هڪ پيالو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جا ڪنا
پوئتي وريل ۽ ويڪرا هئا. هن قسم جي پيالي ۾ دؤر -II
C
(Period
II-C)
۾ تري ۾ وٽ لڳل ڏسجي ٿي. پر هن دؤر -
III
(Period-III)
۾ ڊگهو ترو ڏسجي ٿو، جنهن جي هيٺان گرهن جو اضافو
ڪيو ويو آهي. سندس ڪلهي تي وَٽ به هنئين وئي آهي.
ان جو گهاڙ (Concave-Convex)
ڏسجي ٿو. يعني هيٺان سوڙهو ۽ مٿي ويڪرو آهي. دؤر -
II A
(Period
II-A)
سان واسطو رکندڙ پڙڳي تري سان ڦيلهي آهي. پر اها
ڦيلهي پيالي جي شڪل جهڙي آهي. ان کي ايترو گهٽايو
ويو آهي، جو ننڍڙو پيالو يا شراب پيئڻ وارو پئگ (Chalice)
محسوس ٿئي ٿو. دؤر
II-A
سان تعلق رکندڙ هڪ ٿالهي آهي. جنهن کي وٽ لڳل ڏسجي
ٿي، ان جا ڪنا اڀريل آهن، پر دؤر -
II C
(Period
II-C)
۾ ان ٿانءُ ۾ وٽ موجود ڪانه آهي ۽ ان جا ڪنا
گولائي تي وريل آهن. هن ٿانءُ جي آخري شڪل هڪ وڏي
پاٽ جهڙي ٿي پئي آهي ۽ ڪنارو نظر اچي رهيو آهي.
اڀائي تري ۽ ننڍي ڳچيءَ وارو هڪ ننڍو ٿانءُ جنهن
جو لاڳاپو دؤر
II-A
سان آهي. اهو ساڳيو ٿانءُ دور-
II B
۽
II C
۾ ڊگهي ڳچي ۽ بيضوي شڪل سان ڏسجي ٿو. هڪ ڳاڙهي ۽
ڪاري وڙ جو ٿانءُ آهي جنهن جي شڪل صورت چمڪدار
ڳاڙهي ٿانءُ واري ثقافت جي پيالي جهڙي آهي، جيڪو
هن دور-
III
(Period-III)
۾ ڏاڍو مقبول ڏسجي ٿو. فيانس جا مڻيا ڪٿي ڪٿي نظر
آيا آهن. هن ئي دؤر سان لاڳاپيل ٺڪر جو گهوڙو ۽
ٺڪر جي ڏاندن جون مورتيون هٿ لڳيون آهن، ڏاندن جا
ڪونهٽ وڏا ۽ سڱ نهرا آهن. اڳين دورن ۾ مڻيا ۽
چوڙيون ٺڪر جون هونديون هيون، جيڪي هاڻي سپن جون
آهن. (25)
گجرات جون وڌيڪ کوٽايون
رنگپور جي کوٽائي ۽ کوجنا 54-1953ع ۾ ٿي هئي، جنهن
ڪري سنڌو تهذيب جا ڪيئي نوان باب کلي پيا هئا. اڳي
اهو تصور قائم هو ته سنڌو- تهذيب اوچتو ۽ هڪدم گم
ٿي وئي آهي، پر هن ماڳ جي لاڌ مان سُوڌي معلومات
ملي هئي، ته مذڪوره تهذيب سنڌو ماٿري مان اوچتو گم
ٿي نه وئي هئي. هن حقيقت ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي
گنجائش ڪانه آهي، ته سنڌوسڀيتا گجرات واري علائقي
۾ ٽي سو سال وڌيڪ زنده رهي هئي، پر پوءِ به اها
مري دفن ڪانه ٿي وئي. ليڪن هن هڪ ٻيءَ ثقافت کي
جنم ڏنو، جنهن کي قديم آثارن جي ٻوليءَ ۾ چمڪيلي
ڳاڙهي ٿانءُ واري ثقافت (Lustrous
Red ware culture)
سڏيو ويندو آهي، جيڪا 1200 ق. م تائين ماچياليا (Machiala)،
موٽا (Mota)،
پراڀس (Prabhas)،
وسائي (Vasaie)
۽ ٻين ڪيترن ئي ماڳن ۾ زنده رهندي آئي آهي. رنگپور
۾ سنڌو- تهذيب جون اهم ثقافتي شيون موجود هيون. پر
ان سان گڏ ڀوري رنگ جا ٿانءُ ۽ ڪارا ۽ ڳاڙها (Black
and Red)
ٿانءُ به موجود مليا هئا. تنهن ڪري ڪجهه سوال ته
اڀري سگهن ٿا. هن سان گڏ اهي رستا به معلوم ڪرڻ
گهرجن جن سان سنڌ جو ماڻهو اچي گجرات پهتو هو.
جيڪڏهن قديم آثارن جا ماهر اهو ساڳيو گس وٺي
سوراشٽر تائين پهچندا، ته کين دڳ ۾ ٻيا به ڪيترائي
قديم ماڳ ملي ويندا، جتان سنڌ جي ٻين ثقافتي شين
سان گڏ مهرون به ملي سگهن ٿيون. اهڙين کوٽاين ۽
کوجنائن ۾ اها ڄاڻ ملي ويندي ته سوراشٽر سنڌو-
تهذيب جو ڏرت ۽ ڏڪار سمي ڀرجهلو ديس هو يا
سنڌوسڀيتا جي جنم ڀومي هو. ان مقصد خاطر سوراشٽر ۽
سنڌ جي وچ ۾ ڪنهن درياه جي ڪناري سان اهڙي رستي جي
جاچ پرتال ڪرڻ گهرجي، امڪان آهي ته سنڌو- تهذيب
جون ڪي اهم وسنديون ملي وڃن. اهڙو وڏو ۽ اهم درياه
ته سابر متي آهي. هن کان اڳ 50-1949ع دوران ضلع
سانزڪنٿ ۾ سروي ۽ کوجنائون ڪيون ويون هيون ۽ جن
مان پتو پيو هو ته سنڌو- تهذيب جا ماڻهو هن درياه
جي ڪٺار ڏئي اڳتي ڪونه وڌيا آهن. تنهن ڪري فيصلو
ڪيو ويو هو، ته کنڀات جي نار کان رنگپور تائين
سابر متي جي هيٺئين پاسي جي قديم ماڳن جي کوٽائي ۽
کوجنا ڪئي وڃي. ان کان پوءِ نومبر 1954ع ۾ هن ڪتاب
جي مصنف جي هدايتن مطابق جاکوڙي ماهرن جي هڪ جٿي
احمد آباد جي تعلقي ڍوڪ (Dhoka)
جي ڪن قديم وسندين جي وڃي سروي ڪئي هئي. پر هنن کي
پهريائين ته اهڙو ماڳ نظر ڪونه آيو، جيڪو کوٽائي ۽
کوجنا جي لائق هجي، پر پوءِ به هنن جاکوڙ جاري رکي
۽ نتيجي ۾ کين لوٿل وارو دڙو ملي ويو.
لوٿل ماڳ
گجراتي ٻوليءَ ۾ لوٿ معنيٰ مڙهه، مئٿ يا لاش آهي،
لوٿل جي معنيٰ آهي لاش جو دڙو. هي لفظ ٻن جزن جو
ٺهيل آهي، لوٿ معنيٰ مُئل، ٿڪل وغيره. سٿل جي
معنيٰ آهي جڳهه. لوٿل معنيٰ مُئن ماڻهن جي جڳهه،
موهن جي دڙي (مئن جي دڙي) جي به سنڌي ٻوليءَ ۾
معنيٰ مئن جو دڙو آهي. لوٿل وارو ماڳ احمدآباد کان
82 ڪلوميٽر ڏکڻ-اوڀر ضلعي احمدآباد جي تعلقي لمڊي
۾ موجود ڳوٺ
سمنڊ کان لوٿل ڏانهن رستو/دڳ
معارگوالا جي حدن اندر آهي. هن ماڳ مان لڌل ثقافتي
شيون اتي ئي قائم ڪيل ميوزم اندر رکيون ويون آهن.
ڀر واري ريلوي اسٽيشن جو نالو لوٿل ڀرکي آهي. جيڪا
هن دڙي کان 4 ڪلوميٽر پري آهي. اسٽيشن روڊ
ٽرانسپورٽ جون بسون احمدآباد کان لوٿل ذريعي
سارگوالا پهچنديون آهن.
هي ماڳ ڀال واري هيٺاهين علائقي ۾ آهي، جيڪو هر
منظر کان خالي آهي. دڙو گهڻو اوچو ڪونه آهي.
چوٽيءَ وارو حصو مينهن جي ڪري کاٻي هيٺاهين ڏانهن
لڙهي ويو آهي. تنهنڪري گهڻيون ثقافتي شيون به کسڪي
وڃي لاهين ۾ پيون آهن. هيءُ ماڳ سابر متي ۽ ڀوڳاوو
ندين جي ڇوڙن جي وچ تي ۽ نهايت مناسب جاءِ تي واقع
آهي جيڪو سنڌو- شهنشاهت جي وڏن بندرن مان هڪ هو.
وچ دؤر ۾ سمنڊ جي هڪ شاخ اڳتي وڌي لوٿل تائين
پهچندي هئي. (خاڪو-14). جڏهن سمني ڀرسان سامونڊي
وير چڙهندي هئي، ته ڀوڳاوو نديءَ ۾ چاڙهه اچي
ويندو هو. اهڙي ريت ان نديءَ جو پراڻو پيٽ به
پاڻيءَ سان تار ٿي ويندو هو. وير جو پاڻي اوڀارو
چڙهي وڃي نال ڍنڍ ۾ پوندو هو. ان کان پوءِ اهو
پاڻي باگو دڙو (Bago
daro)
۽ ڪوٺ جي وچ واري تانگهي کاري (Creek)
جي پيٽ مان وهي وڃي سابرمتي جي سيولو (Sewlo)
نالي پراڻي پيٽ رستي موٽي وڃي سمنڊ ۾ پوندو هو ۽
لوٿل سيولو کان 3 ڪلوميٽر اولهه طرف واقع هو. (26)
لوٿل جي هوائي فوٽوگرافي گوديءَ (Dock
yard)
جي دريافت اڳ ڪئي وئي هئي، جنهن وسيلي معلوم ٿيو
ته هن ماڳ جي اولهه ۾ هڪ تانگي نئن جو پيٽ، اتر
کان هڪ نالو ۽ هڪ ڍورو اوڀر طرف کان هو. جڏهن ته
ٻيو ڍورو سارگوالاءِ سطني (Samam)
جو اولاهون پاسو ڏئي ڀولاد (Bholad)
وٽ وڃي ڀوگاوو (Bhogawo)
جي وهڪري سان ملندو هو (پليٽ-XXI)
هن وچور مان معلوم ٿي وڃي ٿو ته قديم دؤر ۾ پاڻيءَ
جا مختلف وهڪرا لوٿل ڀرسان گذرندا هئا، جيڪي جلدي
جلدي پنهنجو رخ مٽيندا رهندا هئا. سمنڊ ۾ سندن
پراڻا ڇوڙ يا کاريون (Creeks)
ڪنهن تازي دؤر ۾ لٽجي پورجي ويون آهن. ڪوٺ (Koth)
۽ جوراج ((Javarag
ڳوٺن ڀرسان آزمائشي کاهيون کوٽيون ويون هيون. جنهن
وسيلي معلوم ٿيو ته مٿاڇري کان 2 يا 3 ميٽر هيٺ
ڪنهن قديم وهڪري جو پراڻو پيٽ موجود هو (27). ان
کان سواءِ هيءَ ڄاڻ به ملي، ته لوٿل ۽ ڪوٺ جو
رابطو انهي وهڪري وسيلي دائم ۽ قائم هو، جيڪو چار
هزار سال اڳ وڏو وڪڙ ڪري اوڀر طرف رخ ڪندو هو.
اهڙيءَ ريت کنڀات جي نار ۾ داخل ٿيندڙ تجارتي جهاز
سابرمتي يا ڀوڳاوو جي پيٽ مان هاڪاري وڃي لوٿل جو
بندر ڀيٽيندا هئا. ڀولاد جا اصلي رهاڪو ٻڌائيندا
آهن، ته هڪ سو سال اڳ به جڏهن سمنڊ جي وڏي وير
چڙهندي هئي، ته ٻيڙيون هاڪاري اچي لوٿل واري ماڳ
وٽ پهچنديون هيون. سارگوالا جي سر پئنج ٻڌايو ته
1946ع تائين عمارتي ڪاٺ ڀڙوچ کان ٻيڙين وسيلي اچي
ڀولاد پهچندو هو. مڪاني روايت مطابق لوٿل ۾ سمنڊ
جي ديوي (Sea
Goddess)
جي پوڄا ٿيندي هئي. لوٿل جي کوٽائي 1955ع ۾ شروع
ڪئي وئي هئي. ان وقت دڙي جي ڏکڻ- اوڀر واري ڪنڊ تي
هڪ جڏي سڏي پڪسري جڳهه هئي، جنهن کي ”وڻووتي ماتا“
(Vanuvati
mata)
(Sea
Goddess)
جو آستان چيو ويندو هو، جتي هڪ پٿر رکيل هو، جنهن
کي وڻووتي ماتا تصور ڪري پوڄيو ويندو هو. دڙي جي
کوٽائي کان پوءِ هڪ مال گدام (ware
house)
دريافت ٿيو، هو جتي جهازن مان لهندڙ ۽ چڙهندڙ
تجارتي مال رکيو ويندو هو. هن وقت مذڪوره مال گدام
کان هڪ سو ميٽر پري هڪ ننڍڙي اڏاوت جوڙي وئي آهي،
جتي ڳوٺاڻا اچي ”وڻووتي ماتا“ جي پوڄا ڪندا آهن.
ڀال واري جُوءِ ۾ ته ورهيارو وڏو چاڙهه ايندو
رهندو آهي. سانوڻ جي مينهوڳي ۾ جڏهن وڏي ٻوڏ ايندي
آهي، ته بيٺل پوکون لوڙهي ناس ڪري ڇڏيندو آهي.
1970ع، 1977ع ان کان 1979ع ۽ 1982ع ۾ ڀوڳاوو ۾ موج
۽ مستي اچي وئي هئي. پاڻي مٿس ٺهيل پل مٿان وهڻ
لڳو هو ۽ ڀال جو 200 ڪلوميٽر علائقو هفتي تائين
تار پاڻي هيٺ هو. 1970ع دوران ڀوڳاوو جو پاڻي
ايترو مٿي چڙهيو جو لوٿل جي ميوزم واري عمارت به
چوٽيءَ تائين ٻڏي وئي هئي (28)
مينهن کان پوءِ زمين جي مٿاڇري تي اڀري آيل قلمي
شورو يا چانيهو وهي صاف ٿي ويندو آهي. تنهنڪري
ساريون، ووئڻن ۽ ڪڻڪ جون پوکون ڏاڍيون ڀليون
ٿينديون آهن. کوٽائي ۽ کوجنا وسيلي ڄاڻ ملي آهي،
ته ڀال واريءَ هن ڀلاريءَ جُوءِ ۾ سنڌوسڀيتا جي
عروج واري زماني ۾ ٿلها وڏا ۽ وچولي ماپ جا هوندا
هئا. ان کان سواءِ مختلف قسمن جا گاهه ٻوٽا به
اڀرندا هئا. اهڙيءَ ريت هتي خشڪ زمين جا وڻ جهڙوڪ:
ٻٻر ۽ گدامڙي به جام ٿيندي هئي، ڄڻ انهن وڻن جا
ٻيلا هوندا هئا (29). قديم زماني ۾ ڀال واري جوءِ
ساڳ وان (Teak)
جا ٻيلا هوندا هئا. هاڻي ته چوڌاري ڪلر جي اڇاڻ
لڳي پئي آهي. هن ساري پٽ ۾ ڪٿي وڻ جو نانءُ نشان
به ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو. نال واري ڍنڍ ۾ ڊگها ٻوڙا
ٿيندا هئا، جن جي مدد سان مَڏَ ۽ تُرها جڙندا هئا.
هن جُوءِ ۾ جر جالارو هو. ان کان سواءِ وڻ ۽ گاهه
گهڻو هو، جيڪو گينڊن جو کاڌو خوراڪ هو. تنهن ڪري
هن قسم جو جانور به جهجهو هو. لوٿل مان ٺڪر جون
گينڊي جو گهڻيون ئي مورتيون مليون آهن (30). ان
کان سواءِ کوٽائي دوران به گينڊي جا هڏا هٿ لڳا
آهن. ساڳيءَ ريت لوٿل مان هاٿيءَ جو هڏائون پڃرو
به لڌو آهي. کوٽائي مان اهڙي ڪارخاني جو اهڃاڻ
مليو آهي، جتي عاج مان مختلف شيون جوڙيون وينديون
هيون. ارٿشاستر (Arthasastra)
جو بيان آهي، ته سوراشٽر ۾ هاٿي گهڻا ٿيندا آهن.
سندس اهڙي بيان جي تصديق ٿي وڃي ٿي.
لوٿل جو دڙو ميداني علائقي کان ته مٿڀرو آهي، پر
گهڻو اوچو ۽ وڏو ڪونه آهي. جڳهن جي اڏاوتن ۾ ٺڪر
جو ٿانءُ 300 ميٽرن جي دائري اندر مليو آهي، جيڪو
دڙي جي ڏاکڻين وٽ سان آهي. هن حقيقت مان ڄاڻ ملي
ٿي، ته جڏهن لوٿل سکيو ستابو شهر هو ته سندس پکيڙ
2 ڪلوميٽر هئي. اها ايراضي موهن جي دڙي جي پکيڙ
بابت هن وقت تائين معلومات مطابق اڌ جيتري ٿيندي.
لوٿل جو ڪمال ۽ زوال
لوٿل پنهنجي ابتدائي دؤر ۾ هڪ ننڍڙي وسندي هو،
جيڪو هڪ وهڪري جي ڪناري تي آباد هو. چاڙهه جي
پاڻيءَ کان بچاءَ خاطر هن کي ويڪريون ڀتيون هيون.
اهڙا اهڃاڻ هن ماڳ جي اوڀر ۽ اولهه واري پاسي کان
مليا آهن. هتان جا رهواسي پوکي راهي ڪري ۽ مڇي
ماري پيٽ گذر ڪندا هئا. ان کان سواءِ ٻاهران
گهرايل قيمتي پٿر مان مڻيا جوڙيندا هئا، يعني
وينجهارڪو ڌنڌو ڪندا هئا. هي ماڻهو چڪ وسيلي سنهي
وڙ واري ٿانءُ ٺاهڻ جا ڪوڏيا هئا، جنهن جو مٿاڇرو
لسو ۽ چمڪدار هوندو هو. کين برش جي استعمال جو به
ڏانءُ هو. سندن چٽسالي رءِ پڪل ڳاڙهي گلابي ٿانءُ
تي ڀنور جهڙي ڪاري رنگ ۾ هوندي هئي. هن دؤر جا خاص
ٿانءُ کلئي وريل منهن وارو پيالو، جن مان ڪن کي هٿ
وجهڻ لاءِ بومبي به لڳل هوندي هئي، گول تري ۽ کليل
منهن وارو ٿانءُ، ان کان سواءِ (Mica
ceous Red ware)
کي پچائڻ جو طريقو به هنن ماڻهن ايجاد ڪيو هو.
ڇاڪاڻ ته هو ٺڪر جي اندرئين پاسي کي اهڙي نموني جي
باهه ڏيندا هئا، جو ان جو اندريون پاسو ڀنور جهڙو
ڪارو ٿي پوندو هو. جڏهن ته اهڙي ٿانءُ جو ٻاهريون
پاسو ڳاڙهو ۽ ڪارو ٿي پوندو هو. اهڙي ريت ڪاري
ڳاڙهي رنگ جا ٿانءُ (Black
and Red ware)
ان سان گڏ (Mica
ceous Red ware)
پنجن صدين تائين اهر (Ahar)
ماڳ جي سڃاڻ رهيا. لوٿل جا قديم رهواسي ٽامي جي
استعمال کان به واقف هئا ۽ پڪين سرن جو فن ڄاڻندا
هئا. هن ماڳ جي گهري کوٽائي ڪانه ٿي سگهي هئي.
تنهنڪري پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي، ته گهرن جو نقشو
ڪهڙو هو. سنڌ جا ماڻهو هتي 2400 ق. م ڌاران پهتا
هئا، جنهن کان پوءِ هيءُ ماڳ وڏي اهميت حاصل ڪري
چڪو هو.
لوٿل جي ڪمال جي تاريخ انسان جي جاکوڙ ۽ جتن جي
تاريخ آهي، جنهن وسيلي فطرت ۽ ماحول تي ضابطي رکڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هي ماڻهو پنهنجي جتن ۽ جاکوڙ
۾ وڏي سوڀ ته ماڻي ڪونه سگهيو هو، پر هن سامونڊي
سفر تي ضابطو حاصل ڪري ورتو هو. ان سان گڏ ندين جي
پاڻيءَ کي ڪتب آڻڻ جو کيس ڏانءُ اچي ويو هو. تنهن
ڪري هن فطرت مان گهڻو لاڀ پرايو هو. پر هن سوڀن
ماڻڻ کان پوءِ هن ڪي مادي آسائشون حاصل ڪري ورتيون
هيون. اهڙو وايو منڊل پوئين چئن صدين تائين لڳاتار
جاري رهيو. تنهنڪري هو مطمئن ۽ آرام پسند ٿي ويو ۽
هن جهد ۽ جاکوڙ ڇڏي ڏني هئي. هو پٽن جو پيءُ بڻجي
ٻانهن سيراندي ڏئي سمهي پيو ۽ سوچڻ لڳو ته هن فطرت
کي هميشه لاءِ ضابطي هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. پر لڳاتار
جدوجهد ۽ جاکوڙ کان سواءِ فطرت تي ضابطو ٿور-وقتو
هوندو آهي. هن ماڻهو اکيون ٻوٽي هن حقيقت کي
لنوائي ڇڏيو هو، ته سندس خوشحالي کي خطرو ٻيلن سان
ڍڪيل انهن جبلن جي چوٽين ۾ موجود آهي، جن کي هُو
وڍي صاف ڪري رهيو آهي. انهن ميدانن ۾ موجود آهي،
جن کي کيڙي پوکي راهي ڪري رهيو آهي. ماڻهن وڻ وڍي
گهر جوڙيا ۽ ٻيڙيون ٺاهيون. پر اهڙيءَ واڍيءَ جو
اهو اثر ٿيو جو زمين کاڌ جو شڪار ٿي وئي ۽ گهڻي
پوکي راهي ٿيڻ ڪري زمين کڙپو ٿي وئي هئي. ندين جي
پاڻيءَ جي پهرئين لڙهي ۾ لٽ تمام گهڻو هوندو آهي،
جيڪو هوريان هوريان ندين جي پيٽ اندر وهندو ويندو
آهي. ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته نديءَ جي پيٽ
وارو مٿاڇرو مٿي ٿي ويندو آهي ۽ وهڪرو تانگهو ٿي
پوندو آهي ۽ ڪپرن کان ٻاهر اٿلي پوندو آهي. اهڙي
چاڙهه جا نتيجا ڏاڍا خطرناڪ هوندا آهن. سنڌ تهذيب
واري دؤر ۾ به ائين ٿيو هو. ندين جي ڪنڌين ڪنارن
سان شهر، ڳوٺ ۽ وسنديون آباد هيون. هڪ پاسي ندين ۾
چاڙهه اچي ويو ته ٻئي طرف کان سامونڊي ويرن ۾ موج
۽ مستي اچي وئي. ۽ نئيون گهڻي پاڻيءَ ڪري پنهنجا
اڳيان رخ تبديل ڪري ٻين جڳهن تان وهڻ لڳيون. ماڻهن
تباهي کان بچڻ لاءِ وڏا وس ڪيا، پر ڪوبه کڙتيل
ڪونه نڪتو ۽ فطرت اڳيان سندن هڪ به هلي ڪانه سگهي
هئي. کوٽائي ۽ کوجنا دوران معلوم ٿيو، ته هنن ٻوڏ
کان بچڻ لاءِ نهن چوٽيءَ جا زور لاتا هئا ۽ پنهنجي
جاکوڙ ۾ سوڀارا به ٿيا هئا، پر سندن لاپرواهي ڪري
کين تباهيءَ جو عذاب به ڀوڳڻو پئجي ويو هو.
سنڌ جي ماڻهن هتي پهچي اعليٰ معيار جي ڪنڀارڪي فن
کي متعارف ڪرايو هو. ان کان سواءِ هنن ڏاهن ماڻهن
ڌاتوءَ ۽ پٿر جا ننڍڙا اوزار به ٺاهيا. اهڙيءَ ريت
هي ماڻهو واپار ۽ تجارتي سرگرمين ۾ جنبي ويا. هتان
جي اصلي ماڻهن به هنن جي دلي آجيان ڪئي هئي. ڇاڪاڻ
ته هنن اوسر ۽ ترقي لاءِ جاکوڙ جي ابتدا ڪئي هئي.
هي اهڙو ماڳ بڻجي ويو هو، جتي قدامت ۽ جدت گڏجي هڪ
نئين ڪلا کي جنم ڏنو هو. تنهنڪري هتان جا ڪاريگر ۽
انجنيئر ٻين ملڪن جي سهيوڳي ڪاريگرن ۽ انجنيئرن
کان گوءِ کڻي ويا هئا. پر لوٿل کي اهميت ۽
انفراديت حاصل آهي. ڇاڪاڻ ته هي اهو اڪيلو ماڳ
آهي، جتي ڳاڙهي ٿانءُ (Micaceous
Red ware)
جو وجود ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هي اهو اڪيلو ماڳ آهي، جنهن
سنڌوسڀيتا جو اعليٰ مقام ڏٺو ۽ هن عظيم تهذيب جي
زوال جي پوياڙيءَ واري سج کي جهڙڪندي به ڏٺو هو
(31)
هن ماڳ جي عروج جو دؤر -A
(Period-A)
2400 کان 1900 ق. م تائين هليو، جيڪو سندس شان ۽
شوڪت وارو معياري زمانو هو. جڏهن دؤر -
B
(Period-B)
1900ع کان 1600 2ق. م تائين هليو. هن کي بگاڙ يا
اجاڙ (Decadent)
وارو دؤر چئي سگهجي ٿو. جنهن کي قديم آثارن جا
ماهر پوئين دؤر (late
Indus)
جي دؤر جو نالو ڏيندا آهن. لوٿل-
A
جي
I
کان
IV
چئن مرحلن جي ۽ لوٿل-
B
۾ رڳو هڪ
V
مرحلي جي سڃاڻ ٿي چڪي آهي. مرحلي
II
۾ ٽن ننڍن دورن (Sub-Phases)
جي سڃاڻپ ٿي آهي ۽ مرحلي
III،
IV
۽
V
۾ ڌار ڌار ٻه ٻه مرحلا آهن (32). (پليٽ
XXII)
لوٿل ۽ سنڌو- تهذيب ۽ ان جي پوئين دؤر (late
Indus)
سان لاڳاپيل ٻين ماڳن ڏانهن منسوب ڪيل مختلف دورن
تي ضميمي-1 (Appendix-I)
۾ بحث ڪيو ويو آهي.
سڪر سڻائي وارو دور-
A
لوٿل جا ماڻهو ڳاڙها ٿانءُ (Micaceous
Red ware)
جوڙيندا هئا. هن قسم جو ٿانءُ هن ڌرتيءَ سان
لاڳاپيل ڏسجي ٿو. هتان جي ڪنڀر جي چٽسالي به ڏاڍي
خوبصورت هئي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته هي ماڻهو
سونهن کي پرکي سگهندا هئا. سندن چٽساليءَ جو موضوع
گاهه ٻوٽا اڪليدس (جاميٽري) جو چٽ هو. هتان جي
چٽسالي ڪنڀر جي برش جو ڪمال هو، جنهن سنڌو تهذيب
جي وڏن شهرن جي ماڻهن کي متاثر ڪري ڇڏيو هو، جيڪو
هتان جو اصلي ۽ علاقائي چٽ هو. لوٿل جي ڪنڀر جي ٻي
وڏي ڪلا هتان جو ڪارو ۽ ڳاڙهو ٿانءُ (black
and red ware)
هو، جيڪو دؤر
B
۾ مقبول عام هو. هن ٿانءُ جو وڙ سنڌو تهذيب جي ترت
پوئين دؤر (Post
Indus)
ٻي سهس ق. م ۾ وچ ۽ ڏکڻ هندستان ۾ نهايت اهم
سمجهيو ويندو هو. اهڙي ريت هي ٿانءُ پهرين سهس ق.
م دوران ڏکڻ هندستان جي مختلف قسم جي پٿر- اوزار
ٺاهيندڙ ماڻهن کي به گهڻو پسند هو. اهو ٿانءُ ڄڻ
سنڌو تهذيب ۽ لوهه ڪتب آڻڻ واري سماج وچ ۾ لاڳاپي
جي علامت هو. اهڙي لاڳاپي جي ٻي مضبوط علامت ٻيٽ
دوارڪا ۾ سنڌو- تهذيب جي موجودگي آهي. (33)
هن وسنديءَ جي صفا هيٺئين تهه تي ڳاڙهي ٿانءُ (Micaceous
Red ware)
جو تعداد تمام گهڻو هٿ لڳو آهي. جڏهن ته اتي سنڌو-
تهذيب جي ٿانءُ جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي.
اهڙين ڳالهين مان معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته لوٿل
جيڪو آڳاٽو دؤر (Pre-Indus)
چمڪدار ڳاڙهي ٿانءُ جو دؤر آهي. ائڪروپولس جي
چوڌاري ڏنل ويڪري ڪوٽ جي ڏکڻ واري ٻانهينءَ جي
پريان
SRG-30
نالي واري کاهيءَ جي کوٽائي وسيلي پتو پيو ته گهرن
جي ڊهي ڪِرڻ وارو ڀنجهو 6 ميٽر ٿلهو آهي، جنهن مان
2 ميٽر پهرينءَ قديم وسندي سان تعلق رکي ٿو.
موجوده دؤر جي جر واري پاڻيءَ جي سطح کان هيٺ به
کوٽائي ڪئي وئي هئي، جنهن مان ٿانءُ جي گهڻائي
چمڪدار ڳاڙهي ٿانءُ (Micaceous
Red ware)
جي ملي هئي. جڏهن ته سنڌوسڀيتا جي ڳاڙهي ۽ ڀوري
رنگ جي ٿانءُ جو تعداد بلڪل مختصر ڏسڻ ۾ آيو آهي.
سنڌو- ماٿريءَ جي ڏکڻ ڀاڱي وارو واپاري، ڏور
ڏيساور سان تجارت ڪندو هو. هنن لوٿل کي هڪ محفوظ
بندر محسوس ڪيو هو. تنهن ڪري هن 2400 ق. م ڌاران
اڳتي وڌي لوٿل ۾ هڪ ڪالوني قائم ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته
ان بندر وسيلي ڏکڻ پاسي ڏور ڏيساور سان واپار ڪرڻ
سولو هو. هن ماڳ جي چوڏس علائقو سرسبز هو، جتي
وونڻن جي ڀلي پوکي راهي ٿيندي هئي. گهاٽا ٻيلا
هئا، جتان عمارتي ڪاٺ حاصل ڪرڻ سولو هو، جيڪو
اڏاوتن جي تعمير ۽ ٻيڙين ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو هو. اهڙن
ٻيلن ۾ هاٿي به گهڻا هوندا هئا. جنهن ڪري عاج به
سولائيءَ سان ملي ويندو هو. هنن ماڻهن مڻين جا
ڪارخانا به قائم ڪري ورتا هئا. ان کان پوءِ
سنڌوماٿريءَ جي ڪنڀر، مهرن جي ڪٽ ڪور جي ڪاريگر،
لپيڪر، ٽامي جو ٺاٺارو، ٻيڙين ٺاهڻ جا ڪاريگر واڍا
به لوٿل پهچي پنهنجيءَ ڪلا کي ڪم آندو. اهي ماڻهو
لوٿل پهچي سنڌو تهذيب جا ٿانءُ ٺاهڻ، مڻيا جوڙڻ،
اوزار، هٿيار ٺاهڻ، ٻارن جي رانديڪن ٺاهڻ، مهرن
جوڙڻ ۽ لکڻ جي ڪم ۾ جنبي ويا. نوان ايندڙ ماڻهو هن
ڳوٺ واسين کي اچڻ سان شهري سهولتون ۽ سُک ڏئي
ڪونه ٿي سگهيا. پر هنن هتان جي رهواسين کي سائو
ڍائو ۽ سکيو ستابو بڻائي ڇڏيو هو. تجارتي سرگرميون
به گهڻيون وڌي ويون هيون. ڇاڪاڻ ته هن ماڳ جي
وچين مرحلي (Phase-I)
واري تهن تان سنڌوسڀيتا جون ثقافتي شيون تمام
گهڻيون لڌيون ويون آهن. اهڙا بهتر نتيجا ان ڪري
نڪتا هئا، جو سنڌو- ماٿريءَ جي ماڻهن ۽ اصلي لوٿل
واسين پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪيو هو ۽ هڪ ٻئي سان خيالن جي
ڏي وٺ ڪري اوسر ۽ ترقي ڏانهن گڏجي وک وڌائي هئي.
سندن ايڪتا هن ڳالهه مان به واضح ٿي رهي آهي ته
لوٿل جو اصلي چمڪدار ڳاڙهو ٿانءُ (Micaceous
Red ware)
به سنڌوسڀيتا جي رءِ پڪل ڳاڙهي ٿانءُ سان گڏ اسري
۽ ترقي ڪري رهيو هو (34) لوٿل ۾ سنڌو- تهذيب جو
ٿانءُ ننڍي ڳچي وارو گهڙو، پڙڳي تري ۾ کليل ڪنن
واري ڦيلهي، شين کي سانڍي رکڻ وارا وڏا ٿانءُ جن
جو منهن چوڪنڊن حصن ۾ ورهايل هو، انگريزي اکر ”S“
جي شڪل جهڙو ٿانءُ، ننڍو پيالو، پکي- چهنب جهڙي
تُنِ وارو ٿانءُ ۽ اُڀيءَ شڪل وارو سوراخدار ٿانءُ
پليٽ (XXIII)
۾ قابلِ ذڪر آهن. سنڌوسڀيتا جا ماڻهو پٿر مان
متوازي پاسن واريون ڊگهيون ڇريون به جوڙيندا هئا،
جيڪي لوٿل جا ماڻهو (Pen-Koufe)
طرح ڪم آڻيندا هئا. ان کان سواءِ هي ماڻهو چپٿرو
سيل ((Celt
به جوڙيندا هئا. اهڙيءَ ريت پن (Leaf)
جي شڪل جهڙا خنجر، ڏڦن جون اڻيون، تيرن جون اڻيون
به ٺاهيندا هئا. ان کان سواءِ سنڌي واپارين ٻيون
شيون جهڙوڪ: ٺڪر ۽ ايرق جون مهرون، ((Chert
پٿر ۽ اڇي عقيق ((Agate
جا ٺهيل ڇهه پاساوان تور جا وَٽَ به متعارف ڪرايا
هئا. ان کان سواءِ لوٿل مان سون، ٽامي، اسٽيٽائيٽ
پٿر جا مڻيا پڻ مليا آهن، جن جو تعلق سنڌو- تهذيب
سان آهي. ٿوري وقت اندر سنڌوسڀيتا سان لاڳاپيل
اوزار هٿيار ۽ ڳهه مڪاني طور لوٿل ۾ ٺهڻ لڳا هئا.
سپ، ڪوڏ، ٽامون ۽ اسٽيٽائيٽ پٿر ٻاهران آڻي هتان
جي صنعت ۾ ڪم آندو ويندو هو. اهڙي ريت، صنعت،
زراعت ۽ ٻيلن مان هٿ ايندڙ شيون ٻاهر موڪليون
وينديون هيون. جڏهن ته تجارتي سرگرمين جي وڌي وڃڻ
ڪري جهازن بيهارڻ لاءِ بندر تي دِڪن (Berth)
ٺاهڻ جي ضرورت محسوس ٿي. اڳ ۾ اهڙا جهاز انهن
سهوليتن کان خالي هئا. اهڙي سهوليت جو موقعو تڏهن
مليو هو، جڏهن 2350 ق. م دوران هڪ نئن چاڙهه ڪري
شهر جا ڪچا گهر ناس ڪري ڇڏيا هئا.
ان وڏي ٻوڏ جي تباهڪاريءَ کان پوءِ لوٿل جو ڀريو
تريو سکيو ستابو شهر اجڙي ڀينگ ٿي ويو، جنهن کان
پوءِ هڪ سياڻو ۽ سپورنج ماڻهو لوٿل جي لوءِ مان
نڪري نروار ٿيو، جنهن هتان جي رهواسين جي سهمت ۽
سهڪار سان نئين سر جوڙجڪ ڪئي ۽ رهواسين کي وڌ ۾ وڌ
شهري سهوليتون ڏنيون. کوٽائي ۽ کوجنا جي رپورٽ ۾
هي ڳالهيون وضاحت سان بيان ڪيون ويون آهن، ته ان
ڏاهي ماڻهوءَ ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ ويڪرو ڪوٽ،
تجارتي سامان جي لاهڻ چاڙهڻ لاءِ جهازن بهارڻ لاءِ
گوديون دڪا (Dock
ford Berths)
تعمير ڪرايا هئا. اهڙي ريت هن راجا ۽ پرجا لاءِ
جدا جدا جهاز جوڙايا هئا (خاڪو-15) سنڌو- تهذيب جي
ماڻهن هن ماڳ ۾ حڪمران لاءِ سيٽاڊيل يا ائڪروپولس
۾ جدا رهائشگاه تيار ڪرايو هو (پليٽ
XXIV).
جڏهن ته عام راڄ کي هيٺئين شهر (Lower
City)
۾ جهڳا جوڙڻ جو چيو ويو هو.
ائڪروپولس ۾ لوئر ٽائون لاءِ نقشي مطابق رستن جو
ڄار وڇايو ويو هو. ساڳي ريت شهر جي ٻنهي حصن لاءِ
ڪني پاڻيءَ جي نيڪال واسطي هڪ جهڙي سهوليت مهيا
ڪئي وئي هئي (پليٽ-
XXV).
هتان جي راجا ۽ انجنيئرن جي اها هڪ شاندار ڪاميابي
هئي، جو هنن هڪ پڪسرو تلاءُ جوڙائي تجارتي سامان
جي لاهڻ چاڙهڻ لاءِ هٿرادو بندوبست ڪيو هو ۽ پڪسري
اوساري ڪري پڪا دڪا (Berths)
جوڙائي ورتا هئا. جيئن ته هڪ ئي وقت ڪيترائي جهاز
اچي بندر ڀيٽيندا هئا. تنهنڪري سامان لاهڻ ۽ ڏور
ڏيساور ويندڙ جهازن ۾ سامان لڏڻ ۾ سولائي ٿي پئي
هئي. ڇاڪاڻ ته نين جي پيٽ لٽجي ويهي وڃڻ سان وڏو
چاڙهه ايندو هو. ان ڪري ڏکيائيون ۽ ڏچا وڌي ويا
هئا. ساڳي ريت ٻاهران ايندڙ ۽ ٻاهر ويندڙ تجارتي
مال به تمام گهڻو هو، جنهن کي هڪ جائتو ڪرڻ ۽
سنڀالڻ به مٿي جو سور هو. تنهن ڪري اهڙي ڏر ۽
ڏوجهري کي لوڻ پاڻي ڪرڻ لاءِ مال گدام (Ware
house)
به جوڙائي راس ڪيو ويو هو، جيڪو ڪچسري ٿلهي تي
گودي (Dock
yard)
ڀرسان هو. حڪمران جي جڳهه ائڪروپولس ۾ اوچي ٿلهي
تي ٺهرائي وئي هئي. (پليٽ
XXVI
- خاڪو 16-17). انهيءَ مقصد سان
ته جيئن جهازن جي اچ وڃ تي چڱيءَ ريت واهت ڪري
سگهجي ۽ مال گدام ۾ تجارتي مال جي سانڍ ۽ سنڀال تي
به ڪرڙي نظر رکي سگهجي. اهڙي ريت لوٿل بندر ڪنجهي
دؤر جو هڪ ترقي يافته بندر بڻجي پيو هو، جتي ڏور
ڏيساور کان آيل ماڻهن جي ڪلهي گس لڳي پئي هوندي
هئي. بندر تان هڪ مال پيو لهندو ته ٻيو پيو چڙهندو
هو. سنڌو- شهنشاهت جي هن اهم بندر تي ڪيترن رنگن ۽
نسلن جا ماڻهو پيا ايندا ۽ ويندا هئا. بندر تي به
اٺ ئي پهر ماڻهن جو آواز ۽ هل هنگامو لڳو پيو
هوندو هو. ڄڻ ته جيوت ۾ جاڳرتا اچي وئي هئي.
منصوبه بندي ڪرڻ وارن هتان جي انجنيئرن صنعتن کي
شهر کان ٻاهر رکيو هو. اهڙيءَ ريت قبرستان به
وسندي کان ڏور ۽ نئن جي ڪناري سان رکڻ جو بندوبست
ڪيو ويو هو. جيڪو ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ ٺهرايل ويڪري
ڪوٽ کان گهڻو ٻاهر هو. سامونڊي گودي، زيرِ زمين
ڪني پاڻي جي ڪسيءَ جي تعمير ۽ مال گدام جي اڏاوت ۾
عقلمندي ۽ منصوبه بنديءَ جي ضرورت هئي (خاڪو
18-19). ڏٺو وڃي ته شهر هڪ کان ٽي ميٽر مٿي اوچو
هو. ان کان سواءِ ٻوڏ جي بچاءَ لاءِ 13 ميٽر ويڪرو
ڪوٽ هو. اهڙين اڏاوتن لاءِ لکين پڪين سرن جي ضرورت
هئي. ان کان سواءِ اهم ڳالهه سنڌي انجنيئرن جي ڏات
هئي، جن سائنسي سوچ مطابق بندر ۽ گودي تعمير ڪئي
هئي. مٿي اهڙو بيان اچي چڪو آهي ته جهازن جا ڪپتان
سمنڊ جي وير جي چاڙهه جو فائدو وٺي کاري وسيلي مٿي
وڃي لوٿل جو بندر ڀيٽيندا هئا. اهو پاڻي وري هڪ
نئن جي پراڻي پيٽ وسيلي نڪري موٽي وڃي سمنڊ ۾
پوندو هو. جهازن لاءِ بندر ڀيٽڻ واسطي مناسب
اونهائيءَ جي پاڻي جي هر وقت ضرورت هئي. ان ڪري
سنڌو- شهنشاهت جي انجنيئرن مناسب پاڻيءَ کي روڪي
بيهارڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. قديم دؤر ۾ ائين
ڪرڻ وڏي ڏاهپ ۽ ڏات جو ڪم هو ۽ مناسب گهرائي جيتري
پاڻي کي روڪي اضافي پاڻي کي پاڻهُرتو نڪري وڃڻ جو
بندوبست ڪيو ويو هو.
مال گدام چار ميٽر اوچي ٿلهي تي ٺاهيو ويو هو
(پليٽ
XXVII)
جيڪو ائڪرو پولس جي ڏکڻ- اوڀر ڪنڊ تي هو. ان
تائين پهچڻ لاءِ گهاٽ (whart)
کان هڪ دمدمو ٺهيل هو. مال گدام اندر ڪيتريون ئي
راهداريون ٺهيل هيون. تنهن ڪري مزدؤر سولائيءَ سان
گهمي ڦري سگهندا هئا. ان کان سواءِ گدام ۾ هواءِ
جي گذر جو جوڳو بندوبست ڪيو ويو هو. تجارتي سامان
همچورس ٺلهن تي رکيل مضبوط ڪاٺ جي تختن مٿان رکيو
ويندو هو. (خاڪو-19) هي گدام، ڏيهه ۽ پرڏيهه کان
ايندڙ مال جي مٽاسٽا جي مرڪز طور به ڪم ايندو هو.
اهڙي تجارت جي جاچ پرتال راجا پاڻ يا ان جو عيوضي
ڪندو هو ۽ انهن تي مهر هڻندو ۽ سيل ڪندو هو. اهڙي
مال جي تصديق تي ضرور محصول به اوڳاڙيو ويندو
هوندو. جيڪو جنسن جي شڪل ۾ هوندو. اهڙيءَ گوديءَ ۽
مال گدام جي تعمير ڪري تجارتي سرگرميون تيز ٿي
ويون هيون ۽ شهر ٿوري سمي دوران ترقي ڪري عروج تي
پهچي چڪو هو.
2350 کان 2000 ق.م تائين ڪيتريون ٻوڏون اينديون
رهيون، جن ڪري ڪيتريون ئي سرڪاري ۽ خانگي جڳهون
ڊهي ڍير ٿي ويون هيون. ٻوڏ جو پاڻي ويڪري ڪوٽ ۾
کنڊ هڻي اندر ڪاهي پيو هو. پر شهر جي انتظاميه
اهڙن کنڊن جي ترت ئي مرمت ڪري ورتي هئي. کوٽائيءَ
مان معلوم ٿي رهيو آهي ته دؤر
A
(Period-A)
جي ٻئي مرحلي (Phase-II)
۾ ڪنين ڪسين ۽ گهرن کي ٽي ڀيرا مٿي ڪيو ويو آهي.
اها به ڄاڻ ملي ٿي ته 2200 ق. م دوران تمام وڏو
چاڙهه آيو هو، ايتريقدر جو ائڪرو پولس جا اوچا
ٿلها به ناس ٿي ويا هئا ۽ انهن مٿان تعمير ٿيل
جڳهون ڊهي ڍير ٿي ويون هيون. هيٺئين شهر (Lower
Town)
مان هڪ گهر به ڪونه بچيو هو. ايتري قدر جو ننڍيون
وڏيون گهٽيون گهرن جي مٽيءَ جي ڍيرن هيٺان پورجي
ويون هيون. هتان جا ماڻهو به همت وارا هئا. ٻوڏ
آئي ۽ سندن الهه تلهه لوڙهي گهر ڊاهي پٽ ڪري وئي
پر سندن اٽل ارادن کي ڊانوانڊول ڪري ڪانه سگهي
هئي. پاڻي سڪوئي مس ته هنن پنهنجي گهرن جون
اڏاوتون اڃا به اوچن ٿلهن تي ڪيون. شهر جي
انتظاميه هنن لاءِ اڳي کان به وڌيڪ سهوليتون مهيا
ڪيون. ڪني پاڻيءَ جون زيرِ زمين ڪسيون به وڌيڪ
ويڪريون بڻايون ويون هيون. انهيءَ مقصد سان ته
جيئن اوچن منهن تي ٺهيل گهڻن گهرن جي گندي پاڻيءَ
کي نيڪال ڪري سگهن. مٿينءَ ماڙي جي گهر جي مينهن
واري پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڀت اندر نولي هڻي
پاڻيءَ جو ڪني ڪسيءَ ۾ ڇوڙ ڪيو ويندو هو (پليٽ
XXVII)
- راجا ۽ دولتمند واپارين پنهنجي گهرن کي ڪشادو
ڪيو هو. ساڳيءَ ريت هنرمندن ۽ ڪاريگرن به پنهنجي
گهرن جون ڪوٺيون خوبصورت طريقي سان جوڙي ورتيون
هيون. هيٺئين شهر جي ماڻهن کي تاڪيد ڪيو ويو هو،
ته اڳينءَ گهٽيءَ مٿان نئين گهٽي جي ماپ ساڳي هجڻ
کپي ۽ ڪني ڪسي جنهن جاءِ تي اڳي هئي، مٿي به ساڳي
جاءِ تي هئڻ گهرجي ۽ ڪير به گهٽي کي پائڻ جي ڪوشش
نه ڪري ۽ نه وري ڪسيءَ کي سوڙهو ڪري.
لوٿل جي ٽئين مرحلي (Phase-III)
وارو دؤر ڏاڍو خوشحال هو. هيٺئين شهر ۾ رهندڙ
ماڻهن جا گهر ڏاڍا وڏا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن ۾ ست
ڪوٺيون نظر اچن ٿيون. بازار واري گهٽي (Bazar
Street)
۾ (پليٽ
XXIX)
ڪن هنرمندن جا ڪارخانا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي، سپن،
ٽامي ۽ مڻين ٺاهڻ وارن ڪاريگرن جا آهن (پليٽ
XXX)
سندن گهر به دولتمند واپارين جي گهرن وانگي ويڪرا
۽ شاندار آهن. لوٿل جون جايون جڳهون سهوليت ۽
آسائش واريون آهن. هتان جا ماڻهو ڏور ڏيساور سان
واپار ڪري رهيا هئا. هڪ دولتمند واپاريءَ جي هڪ
ڪشادي ۽ شاندار گهر مان سنڌو- لکت جون گهڻيون ئي
مهرون، پٿر جا تور جا وٽ، ٽامي جون چوڙيون، سونا
ڳهه ۽ ڏور ڏيساور جا ٺڪر جا ٿانءُ مليا آهن. مڻين
جا ڪارخانا ڏور ڏيساور جون ضرورتون پوريون ڪندا
هئا. جڏهن ته ڌاتوءَ جا ڪارخانا هتان جي ماڻهن جي
طلب پوري ڪرڻ واسطي قائم ڪيا ويا هئا. ان ڪري چئي
سگهجي ٿو ته لوٿل جي شهرين لاءِ آمدني جا اهي ٻه
وڏا ذريعا هئا. ان کان سواءِ لوٿل جا بحرين،
فئلڪا، اومان (عمان) ميسوپوٽاميا ۽ ايلمي شهرن
جهڙوڪ: اُر، براڪ ۽ سوس سان تجارتي لاڳاپا هئا.
ساڳي ريت لوٿل مان بحرين جي مهر جهڙي ڊگهي طرز جي
مهر ٻاهرئين ملڪ جا ٿانءُ، ٺڪر جا ٺپا، ڪنجهي جو
ڍڳي جي شڪل جو تعويذ (amulet)
هي اهڙيون شيون هيون جيڪي ٻاهر موڪليون وينديون
هيون. اهو به معلوم ٿيو آهي ته ٿانءُ سان جهاز ڀري
ڏور ڏيساور موڪليو ويندو هو، جنهن تي ڄڻ هي لفظ (Reserved
Ship ware)
درآمد سامان ۾ ٽامي جون ڏٽيون (ignots)
۽ ٻيو اهڙو سامان هوندو هو، جيڪو ٿوري وقت گذرڻ
کان پوءِ ڳري خراب ٿي ويندو هو. لوٿل ۾ برآمدي
تجارتي سامان هن ريت ڏسجي ٿو: عاج ۽ سپن جي گلڪاري
وارو سامان، قيمتي پٿرن ۽ موتين جا مڻيا، سوٽي
ڪپڙو، عاج وغيره. لوٿل جي بيان ڪيل پوئين شيءِ ته
شام ملڪ جي راس شرما (Ras
Sharma)
تائين وڃي پهچندي هئي. مصر مان لوٿل جي ٺهيل شطرنج
(Chessmen)
لڌي آهي، جنهن جي ڳوٽن تي عاج جون بومبيون لڳل
آهن. جڏهن ته لوٿل ممي (Mummy)
جو هڪ نمونو ۽ مصر سان تعلق رکندڙ گوريلا (Gorilla)
جي مورتي لڌي آهي.
لوٿل جو ڪنڀر به پنهنجي فن جو ماهر هو. ٺڪر ٿانءُ
تي نت نئين چٽسالي ڪرڻ جو مهاڪاريگر هو. سندس هٿ ۾
جهليل برش ۾ ڄڻ زندگي اچي ويندي هئي. هن جي
چٽساليءَ ۾ جانور ۽ ٻوٽا اصلي ۽ فطري معلوم ٿيندا
هئا. سندس رنگن جو ميلاپ به اعليٰ سوچ ۽ فڪر جو
نتيجو هوندا هئا. چٽساليءَ جي هن طريقي کي (Provnail
style)
جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. لوٿل جي ڪاريگر
پنهنجي هنر لاءِ هڪ وريل ڪارائي ايجاد ڪئي هئي. ان
کان سواءِ هنن ماڻهن ڪنجهي جو گرمٽ به ايجاد ڪري
ورتو هو جيڪو ڪاٺ کي سَلَ ڪڍڻ لاءِ ڪم آندو ويندو
هو. اهڙين ڳالهين مان معلوم ٿي وڃي ٿو ته هي ماڻهو
نين شين کي ايجاد ڪرڻ جا ماهر ۽ نئين ٽيڪنالاجي جا
شوقين هئا. اهو به نظر اچي رهيو آهي ته هنن ماڻهن
1.7 ملي ميٽر جيتري ننڍڙي ماپ ۽ 50 ميٽر جيترو تور
جو ننڍڙو وٽ به متعارف ڪرايو هو. اهڙين ڳالهين مان
معلوم ٿي وڃي ٿو ته هر شيءِ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾
سائنسي سوچ جا مالڪ هئا. هنن ماڻهن تور جا ٻه نظام
رائج ڪيا هئا، جن مان هڪ ملڪي تجارت لاءِ ۽ ٻيو
ڏيساوري واپاري شين جي تور لاءِ هو. سنڌو- تهذيب
وارا ڏاڍي کلئي ذهن جا ماڻهو هئا. تنهنڪري اهي نين
ايجادن ڪرڻ جا به ماهر هئا. هنن سامونڊي سفر جي
رهنمائي لاءِ گس ڏسڻي (Shell-Compass)
ايجاد ڪئي هڪ اهڙي گس ڏسڻي (Compass)
ڍول وير (Dholavera)
مان به هٿ لڳي آهي جيڪا 30 ڊگريون ڏيکاري ٿي، جيڪا
لوٿل مان هٿ آيل 45 ڊگرين واري قطب نما ڏسڻي (Compass)
کان وڌيڪ ڪارائتي آهي.
اهڙيون ڪي شاهديون ۽ ثابتيون ڪونه آهن، جن جي آڌار
تي اعتبار ۽ يقين ڪري سگهجي ته سنڌو- شهنشاهت ڪا
مذهبي رياست هئي. پر باه پوڄا ۽ ڪن جانورن جي عزت
ضرور ڪئي ويندي هئي. جيڪڏهن سنڌو- شهنشاهت جي
حڪمران جي طاقت مذهب جي طاقت تي بيٺل هجي ها، ته
موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي سيٽاڊيل ۽ لوٿل جي
ائڪروپولس واري حصي ۾ ڪو شاندار مندر ۽ باه پوڄا
لاءِ وڏو ۽ شايان شان قربانگاه ٺهيل هجي ها. پر
اهڙين جڳهن ۾ انهيءَ نوعيت جي ڪابه جڳهه موجود
ڪانه آهي. مگر لوٿل جي مرحلي
IV
۾ اهڙي جڳهه ضرور ڏسجي ٿي. پر هي اهو زمانو آهي،
جڏهن اتان جو حڪمران ائڪروپولس کي ڪڍي ڪيڏانهن
هليو وڃي ٿو. هن ڳالهه ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي
گنجائش ڪانه آهي، ته هتان جو عام ماڻهو اگني ديوتا
(Fire
God)
جي پوڄا ڪندو هو ۽ جانور قربان ڪندو هو. تنهن ڪري
ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ باهه پوڄا لاءِ پڪسرا
قربانگاه جوڙائيندا هئا. اهڙيءَ ريت هيٺئين شهر ۾
عوامي قربانگاه به هوندو هو. سنڌو- لکت جي مهرن تي
نظر ايندڙ جانور فطرتي مظهر جي علامت هئا. معلوم
ٿي رهيو آهي ته سنڌو- تهذيب جا ماڻهو مذهب ۾ آزاد
هئا. اهڙي ثابتي هن حقيقت مان به ملي ٿي، ته لوٿل
وارا ماتا ديوي (Mother
Goddess)
جي پوڄا ڪانه ڪندا هئا. جڏهن ته سنڌو- ماٿري واري
علائقي ۾ هن ديويءَ جي تمام گهڻي عزت ڪئي ويندي
هئي. اهڙيءَ ريت لوٿل ۽ ڪاليبئنگن ۾ باه پوڄا ۽
جانورن جي قرباني جو عام رواج هو. بنا والي جهڙي
ننڍي شهر ۾ عاليشان مندر جي اڏاوت ۽ باه پوڄا لاءِ
پڪسري اوچي تعمير موجود هئي. اهڙين ڳالهين مان لڳي
ٿو ته هنن علائقن ۾ مذهب کي تمام گهڻي اهميت حاصل
هئي.
حالتن مان معلوم ٿي رهيو آهي ته لوٿل واري علائقي
۾ ورهيارو پاڻيءَ جو وڏو چاڙهه ايندو هو. پر ان
دؤر جي ماڻهن اهڙي خطري لاءِ جوڳا اپاءَ ڪونه ورتا
هئا. جڏهن 2000 ق. م دوران لوٿل ڀرسان وهندڙ نئن ۾
ٿورو چاڙهه آيو، ته هي ڀريو تريو شهر اجڙي ڀڙڀانگ
ٿي ويو. هيءَ ٽين وڏي اٿل هئي. هن کان اڳ ٻه وڏا
چاڙهه آيا هئا، جن مان هڪ 2350 ق. م ۽ ٻيو 200 ق.
م دوران آيو هو، هن تازي چاڙهه ڪري شهر جي چوڌاري
ويڪريءَ ڀت وارو ڪوٽ ڊهي ڍير ٿي ويو هو. گوديءَ کي
ايترو ڇيهو رسيو هو جو مرمت ڪرڻ مشڪل ٿي پيو هو.
هيٺئين شهر سان گڏ ائڪروپولس ڊهي پٽ ٿي ويو هو.
پڪسرين سگهارين ڀتين ۾ به ڏار پئجي ويا هئا.
تنهنڪري جهازن بيهارڻ وارن دِڪن جا گهاٽ به بيڪار
ٿي ويا هئا. ساڳيءَ ريت نئن به اتر- اوڀر ڏانهن
سرڪي وئي هئي ۽ گودي ڏانهن ويندڙ اتر ۽ اولهه واري
آبي وهڪري کي به ڪٽي وئي هئي. تنهن ڪري گودي ڏانهن
وڃڻ لاءِ هڪ ننڍو واهه کوٽيو ويو هو. جنهن ڪري
ننڍڙا جهاز گوديءَ تائين پهچي سگهندا هئا.
لوٿل جا گهڻا رهواسي پاڻيءَ جي چاڙهه جي ڏچي کان
تنگ ٿي لڏي ڪاٺياواڙ جي وچ واري جُوءِ جي ماڳن
رنگپور ۽ روجڙيءَ ۾ اجها اڏي ويهي رهيا هئا. پر
ڪجهه هاري ناري ۽ ٻيڙائت موٽي اچي لوٿل ۾ آباد ٿيا
هئا، جن کي پير ڄمائڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي ويو هو. پر
ان وقت لوٿل ۾ ڪو سوچ ۽ سچيت وارو اڳواڻ موجود
ڪونه هو، جيڪو مايوس ماڻهن جي دلين کي بلند حوصلا
بخشي ۽ شهر جي نقشي ۽ منصوبه بندي موجب نئين اڏاوت
ڪري. تنهن ڪري ماڻهن کي جيئن آيو ۽ جتي آيو پنهنجا
ڪچا پڪا آڏاڻا اڏي مٿي ڇانوَ ڪري ويهي رهيا هئا.
واپارين مختلف شين جي ڪارخانن کي نئين سر منظم ڪيو
هو. هي ماڻهو نه رڳو ڏيهي واپاري هئا، پر سمنڊ
وسيلي ڏور ڏيساور سان به واپار ڪندا هئا ۽ ٻيڙا
هاڪاري ولايت جا بندر وڃي ڀيٽيندا هئا. تنهن ڪري
ٻيڙائت به پاڻ هئا. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته
سنڌي ماڻهو ۽ سمنڊ جو سدا وارو سڱ هو. هنن واپارين
جو خاص ڌيان مڻين ٺاهڻ وارن ڪارخانن ڏانهن هو.
اهڙا ڪارخانا ماضيءَ کان به وڌيڪ ڪم ڪري رهيا هئا.
اها ڄڻ ته جديد دؤر واري صنعت بڻجي وئي هئي. هن
کان اڳ ڪچو مال ڪاريگر پاڻ هٿ ڪندو هو ۽ تيار مال
به پنهنجي سهوليت آهر وڪڻندو هو. پر هاڻي اها
ڳالهه ڪانه رهي هئي. ان وقت ڪچو مال سامونڊي
واپاري ڏيندو هو ۽ ڪاريگر مٿي ائڪرو پولس ۾ ٺهيل
گهرن ۾ ڏيندا هئا. تيار مال واپاري کڻندو هو، جنهن
جو اجورو ڪاريگر کي ملي ويندو هو. معلوم ائين ٿي
رهيو آهي ته اهڙن وينجهارن جا يارهن گهر هوندا
هئا. هيٺئين شهر جي اتر واري وَٽ سان هڪ ئي جاءِ
تي ڇهه کوريون ڏسڻ ۾ آيون آهن. اهڙين ڳالهين مان
چڱيءَ ريت ڄاڻ ملي وڃي ٿي ته هڪ ئي جڳهه جي ڇت
هيٺان ٽامي جا ٺاٺارا رهندا هئا. ائڪرو پولس واري
جڳهه ۾ اڳي حڪمران ۽ ان سان گڏ راڻا ۽ راوت رهندا
هئا. پر اهڙن ماڻهن جي رهائشگاهه ڪونه هئي. جيڪي
هڏن ۽ سپن مان مڻيا ٺاهيندا هئا. شهر جي ڪني
پاڻيءَ جي نيڪال واري ڪسي ٻوڏ جي پاڻي سان لڙهي
آيل گند ڪچري سان ڀرجي بند ٿي وئي هئي. گهر جي هار
وير جو پاڻي پڪ سري ناليءَ وسيلي ڍڪيل ڪني ڪسيءَ
بدران (Soakage
jars)
۾ گڏ ٿيندو هو. اهڙيءَ ريت سامونڊي گوديءَ جي به
مرمت ٿي وئي هئي. پر تجارتي سرگرميون اڳيون ڪونه
رهيون هيون. تجارتي مال به ايترو ٿورو لهندو ۽
چڙهندو هو، جو مال گدام جو فقط چوٿون حصو استعمال
ڪري سگهبو هو. ڇاڪاڻ ته پاڻيءَ جو وڏو چاڙهه مال
گدام جو وڏو حصو کائي وهائي کڻي ويو هو. تجارت
تمام ٿوري هلندي هئي، تنهنڪري تباه ٿيل گدام جي
مرمت ڪرڻ جي ضرورت به محسوس ڪانه ڪئي وئي هئي.
1900 ق.م دوران به هڪ وڏو چاڙهه آيو هو. پر ان کان
اڳ ئي اندروني طور تباهي اچي چڪي هئي. معلوم ائين
ٿي رهيو آهي ته ان وقت شهري نظام ڊانوانڊول ٿي چڪو
هو. جنهن کي سنڀالڻ لاءِ ڪا سياسي سگهه موجود ڪانه
هئي. پر جڏهن 1900 ق.م واري وڏيءَ ٻوڏ کان پوءِ
ماڻهو نئين سر آباد ٿيڻ لڳا، ته شهر جي پکيڙ گهڻي
گهٽجي وئي هئي ۽ آباد ماڻهن جو تعداد به ٿورو ٿي
ويو هو. شهر کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪجهه واپارين جاکوڙ
ضرور ڪئي هئي، ته جيئن شهر کي اڳئين عروج تي
پهچائي سگهجي. اهڙو مقصد آڏو رکي هنن تجارت کي
اوسر ڏيڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا هئا. ان ڏس ۾
هنن ڪارخانا به قائم ڪري ورتا هئا ۽ ڪچي مال جي
دستيابي لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون هيون.
پاڻيءَ جو وڏو چاڙهه
لوٿل واريءَ جُوءِ ۾ مختلف دورن ۾ وڏا چاڙهه ايندا
رهيا آهن. هر چاڙهه کان پوءِ شهر ڊهي دڙا ٿي ويندو
هو. ماڻهو پاڻي لهي وڃڻ کان پوءِ گهرن جي دڙن تي
نوان گهر اڏيندا هئا. اهڙيءَ ريت شهر ڊهندو ۽
ٺهندو رهيو هو ۽ پورا 5 ميٽر مٿي ٿي ويو هو. ماڻهن
کي پڪ ٿي وئي هئي ته سندن گهر ايترا مٿي ٿي ويا
آهن، جو وڏو چاڙهه به سندن وار به وِنگو ڪري ڪونه
سگهندو. پر اونهاري ۾ سامونڊي وير چڙهڻ ڪري شهر
واري پاڻي جي نيڪال وارو سرشتو بند ٿي ويو. ان
دوران 1900 ق. م وارو وڏو چاڙهه آيو. اهو ڪو
معمولي چاڙهه ڪونه هو، پر ڪا وڏي طوفاني برسات
هئي، جنهن ڪري سنڌو، سابرمتي، سرسوتي، ڪڇ ڪاٺياواڙ
۽ ڏکڻ گجرات جي ننڍين وڏين نئن ۽ ندين جي ڇوڙ وارن
علائقن ۾ سنڌو تهذيب جا سوين ننڍا وڏا شهر ڊهي دڙا
ٿي ويا. اها مها پر لئه وڏ ڦڙن جو لڳاتار وسڪارو
ڪري آئي هئي. اهو به معلوم ٿي رهيو آهي ته 1900
ق.م دوران سمنڊ جي پاڻيءَ جي سطح به گهڻي مٿي چڙهي
آئي هئي. تنهن ڪري درياهن جي پاڻيءَ جو سمنڊ ۾ ڇوڙ
ممڪن ٿي ڪونه سگهيو هو، جنهن جو نتيجو وڏو درياهي
چاڙهه هو. ڪارڻ کڻي ڪهڙا به هئا، پر ان وڏي چاڙهه
جي نتيجي ۾ لوٿل، ڪوٺ، رنگپور، روجڙي، ڀاڳاتراؤ،
سرڪوٽاڊا (سرڪوٽڙا) ڏيسلپور ۽ ٻيا ننڍا وڏا ڳوٺ ۽
شهر پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. اهڙيءَ ريت ڪچسرا گهر ۽
ٿلها پاڻيءَ ۾ ڳري ڀُري ڀَتُ ٿي ويا. اهو ساڳيو
دؤر هو جو سنڌو تهذيب جا موهن جو دڙو، چانهونءَ جو
دڙو ۽ ٻيا اهم ماڳ به ڊهي پٽ ٿي ويا هئا. راجسٿان
۽ گجرات جي قديم شهرن جو حال ساڳيو ٿيو هو. پاڻي
جا ايڏا وڏا چاڙهه موجوده دؤر ۾ ايندا رهيا آهن.
هلندڙ صديءَ جي 70 واري ڏهاڪي ۾ اهڙو چاڙهه آيو جو
ڀال ۽ نرمدا واري ڇوڙ واري علائقي ۾ ڪڇ جا ڪيترائي
ڳوٺ ٻڏي تباهه ٿي ويا هئا. 1980ع ۾ دوارڪا جو شهر
هڪ ٻيٽ بڻجي ويو هو. 1981ع ۾ بيڪانير سميت راجسٿان
۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي، جنهن ۾ قديم ماڳ ڪاليبئنگن سان
گڏ سوين ڳوٺ ٻڏي ويا هئا، ان قديم دؤر ۾ سنڌو
شهنشاهت جي مرڪزي، ڏاکڻئين ۽ اوڀارئين صوبي جا سڀ
ننڍا وڏا شهر تباه ٿي ويا هئا. سرسوتيءَ ماٿريءَ ۾
موجود سڀني واهن جا پيٽ اٿل واري پاڻيءَ سان مليل
لٽ سان پورجي ويا هئا. سنڌ جو ”ٻڌ جو ٽڪر“ نالي
ماڳ به هڪ اهڙيءَ اٿل ۾ تباه ٿي ويو هو ۽ 21.6
ميٽر لٽ جو دڙو ٺهي ويو هو. ايتري لٽ جو هڪ جاءِ
تي ويهي وڃڻ ٻڌائي ٿو ته ٻوڏ وڏي آئي هئي. جيڪا
وقت به گهڻو هلي هئي. اهو هڪ ايڏو وڏو چاڙهه
هوندو، جنهن دوران سنڌو ماٿريءَ وارو سارو علائقو
هڪ وڏيءَ ڍنڍ جو روپ وٺي ويو هوندو. |