مختلف اصطلاحن جي معنيٰ
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿيندو ته سنڌو شهنشاهت (Indus
Empire)
هڙاپائي ڪلچر (Harappa
Culture)،
ٿورو آڳاٽو هڙاپائي ثقافت (Late
Harappa Culture)،
پوئين هڙاپائي ثقافت (Post
Harappan Culture)
جي اصطلاحن جي معنيٰ ڇا آهي. ڇاڪاڻ ته هن کان پوءِ
انهن اصطلاحن کي به ڪم آندو ويندو. شهنشاهت (Empire)
جي معنيٰ، اهڙي مرڪزي طاقتور سياسي بااختيار اداري
جي موجودگي، جيڪو شهرن جي تعمير ۾ منصوبه بندي،
ملڪي ۽ ڏور ڏيساوري تجارت ۽ تجارتي تيار مال اندر
معيار جي هڪ جهڙائي مٿان سگهاري واهت (نظرداري)
ڪري سگهي. شهنشاهت جو مفهوم آهي اقتصادي ۽ سياسي
سچيت واهت يا نگراني ڪرڻ آهي، پر ان جو مطلب فوجي
طور ضابطو رکڻ نه آهي. سنڌو- تهذيب جي سرحدن اندر
صوبن جي وچ ۾ ۽ ڏور ڏيساور سان تيز رفتاري سان
تجارت هلندي هئي. تنهن ڪري تجارتي مال جي تياريءَ
۾ هڪ جهڙو معيار قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي.
ان کان سواءِ تور ۽ ماپ جو ساڳيو معيار رکيو ويو
هو، ته جيئن تيار مال جي سولائيءَ سان ڏيتي ليتي
جو وهنوار هلي سگهي. ان ڪري تجارتي اصولن کي
سختيءَ سان لاڳو ڪرڻ لاءِ موثر سياسي ضابطي جي
ضرورت هئي. اهڙيءَ ريت سنڌو- شهنشاهت (Indus
Empire)
۾ چار صوبا نظر اچن ٿا.
(1)
مرڪزي صوبو: جنهن وچان سنڌو، راوي ۽ ستلج وهڪرا
وهندا ۽ چاڙهه ڪندا هئا. هيءُ صوبو مڪران جي
سامونڊي ڪناري واري بالاڪوٽ کان وٺي هڙاپا تائين
هوندو هو.
(2)
اڀرندو صوبو: جنهن ۾ هاڪڙو (سرسوتي)، ٽنگ
(دريشدوتي) ۽ جمنا (يمونا) جو مٿيون پاسو شامل هو.
(3)
الهندو صوبو: جنهن ۾ بلوچستان جي جابلو علائقن
مڪران، افغانستان ۽ ايران جي وچ واري جُوءِ شامل
هئي.
(4)
ڏکڻ وارو صوبو: جنهن ۾ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ ڏکڻ گجرات
ويندي ڪِم (Kim)
درياه تائين وارا علائقا شامل هئا (ڏسو خاڪو 2)
جڏهن ته پوسيل (Possehl)
مطابق مرڪزي صوبو ٽن علائقن جهڙوڪ: موهن جي دڙي،
بهاولپور ۽ هڙاپا تي مشتمل هو. ائين ڪري هو
بلوچستان کي وساري ويو آهي (50). پر هن حقيقت
ڏانهن ڌيان ضرور ڌرڻ گهرجي ته مٿي بيان ڪيل علائقا
درياهن جي چاڙهه وارين ماٿرين ۾ آهن- جن جو مٿي
ذڪر ٿي چڪو آهي ۽ سنڌوءَ جي آبپاشي نظام اندر آهن.
هنن علائقن جو ڪجهه حصو جديد آبپاشي نظام وسيلي
آباد آهي. پر گهڻو حصو برپٽ بيابان لڳو پيو آهي.
هيءَ حقيقت آهي ته گذريل 4000 سالن دوران گهاگهر،
هاڪڙو- سرسوتي ۽ چتنگ (Chauting)
درياه رخ مٽائي ٻئي طرف وهندا رهيا آهن. ساڳيءَ
ريت يمونا (جمنا) ندي به پنهنجي وهڪري جو منهن
مٽائي ٻئي طرف وهڻ لڳي آهي. تنهن ڪري اهي علائقا
رڻ پٽ بڻجي ويا. جيڪي اڳي سکيا ستابا ۽ ساوا ڍاوا
هئا. اهڙيءَ ريت سنڌو تهذيب تي اثر پيو هو. ٿورو
اڳ واري هڙاپائي ڪلچر (Late
Harappan Culture)
ثقافت جي معنيٰ ٿورو اڳ واري سنڌو ثقافت (Late
Indus Culture)
آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سنڌو تهذيب جي بگاڙ جي
ابتدا. اهڙي ٽيڪنيڪل رپورٽ رنگپور جي کوٽائي دوران
(51) ۽ 1973ع ۾ پڻ ڏني وئي هئي (52) ڇاڪاڻ ته
کوٽائي ڪندڙ ٿورو اڳ واري سنڌو ثقافت (Late
Indus)
يا (Late
Harappan Culture)
يعني ابتدائي بگاڙ
سنڌو سلطنت جا صوبا
وارو اصطلاح لوٿل
B
۽
C
رنگپور
IIB
جي ثقافتي دورن سان لاڳو ڪيو هو. پر حقيقت ۾ سنڌو-
تهذيب جي بگاڙ وارو دؤر رنگپور
IIC
هو. جڏهن ته رنگپور
III
اجاڙ وارو دؤر يعني (Post
Indus)
يا
(Post Harappan Culture)
دؤر هو. جيڪڏهن هن ڪتاب جو مصنف
(53) 1982ع ۾ اهڙي مونجهاري کي وضاحت سان بيان ڪري
ها، ته اها غلطي ڪانه ٿئي ها. دراصل (Late
Indus, Late Harappan Culture)
يا سنڌو تهذيب جي بگاڙ جو اصطلاح رنگپور ۽ لوٿل
لاءِ انهيءَ مقصد سان استعمال ڪيو ويو، ته جيئن
ثقافتي مرحلي ۽ مختلف دورن جو تاريخوار بيان وضاحت
سان ڪري سگهجي. پر کوٽائي ڪندڙ گهڻا ماهر ان کي
ثقافتي مفهوم ۾ بيان ڪندا آهن. جڏهن ته ان جو مقصد
سنڌو تهذيبن جي بگاڙ وارو مرحلو ڏيکارڻ هوندو آهي.
اهڙي فرق وارو بگاڙ سنڌو تهذيب جي پوئين دؤر (Late
Indus)
يا هڙپائي پوئين دؤر (Late
Harrapan)
ثقافت واريون خاصيتون رنگپور
II-B
۽ لوٿل
B،
V)
مرحلو) ۾ موجود آهن. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته
بيان ڪيل پوئين ماڳ جي تعمير ۾ ڪنهن به قسم جو
منصوبو موجود ڪونه آهي ۽ نه وري جڳهن جي اڏاوتن ۾
ڪا ترتيب نظر ايندي. هن ماڳ جي خاص سڃاڻ ٺڪر جو
ڳاڙهو ٿانءُ آهي، جيڪو ڍانڍو آهي ۽ ان جي مٿئين
پاسي ڏم آهي. ڇاڪاڻ ته آلي ٿانءُ کي ٺپڻيءَ سان
چڱيءَ ريت ٺپي ڀِڙڪا ختم ڪري لسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه
ڪئي وئي آهي. چٽسالي ۾ به ٽِڪو پنجو ڪري جند ڇڏائي
وئي آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته اهي ٿانءُ
ڪنهن اناڙي ڪنڀر ٺاهيا هئا. چٽسالي به سڌين ۽ نانگ
وڪڙ ليڪن تي مشتمل آهي. سا به ٿانءُ جي مٿئين پاسي
آهي. هن ماڳ جي سنڌو- تهذيب جي ترقي يافته مرحلي
واري ٿانءُ جو ڌاءُ (Slip)
ڏاڍو خوبصورت آهي. چٽ اليڪي ۽ آمليڪي آهي، پر ڏاڍي
معياري ۽ خوبصورت آهي. ثقافت جي هن مرحلي ۾ تُنِ
وارو ڪُپو (Beaker)
ته نظر ئي ڪونه ٿو اچي. پر ٿورو گهڻو دوارڪا ۾
ڏسجي ٿو، جيڪو وڙ ۽ گهاڙ ۾ ڇسو ۽ ٻُسو آهي، ڄڻ
ڪنهن سيکڙاٽ ڪنڀر اِلهو ٻلهو ڪري ڪم ٽپائيو آهي.
ليڪن انگريزي اکر ايس ”S“
جهڙو ٺڪر ٿانءُ ته ڪٿي به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. شين
کي سانڍي رکڻ جا وڏا ٺڪر جا ٿانءُ نه صرف گهاڙ ۾
بي سُرا پر پڪل به ڪونه آهن. رڳو اندرئين پاسي
ڏانهن وريل سئين سڌي تري واري ڪچي ۽ ڪونج ڳچي وارو
گهڙي جهڙو ٿانءُ پيو آهي. جيڪڏهن ڪنڀر انهن کي ٺپي
ٺاهي ها ته ڊگهن ڪنن واري ڪپي ۽ ڊگهيءَ ڳچيءَ وارو
گهڙو ٿي وڃي ها. پر ڪنڀر چڪ تان لاهي انهيءَ ٿانءُ
کي جيئن جو تيئن ڇڏي ڏنو آهي. گهڙن جي گهاڙ ۾ اها
سونهن ۽ سيبتائي نظر ڪانه ٿي اچي، جيڪا سنڌو تهذيب
جي عروج واري دؤر ۾ ٺڪر جي ٿانءُ کي هوندي هئي. هي
هن تهذيب جو اجاڙ وارو پويون دؤر (Post
Indus)
آهي. انهيءَ زماني ۾ پاڻي ۾ رڌ پچاءَ وارن ٿانءُ
کان سواءِ ٻين ٿانءُ جي مٽي سٺي ۽ چڱيءَ ريت
ڳوهيل ۽ مناڙيل هوندي هئي، هن ماڳ تي ڍڪ سان ٿلهي
(Dish)
يا ڍاڪون به نظر ٿو اچي، جنهن ۾ کاڌي پيتي جي شيءِ
ڍڪي رکي ويندي هئي. ٻيٽ دوارڪا ۾ بگاڙ واري سنڌو
تهذيب جي پوئين دؤر واري ثقافت جو ٿانءُ پنهنجي
اصلي يا ترقي يافته تهذيب واري دؤر جي ماپ کان
گهڻو ننڍو آهي. هتي ڪڏهن ڊگهي يا پڙڳي تري سان
ڦيلهي ٿانءُ (Dish-on-stand)
به جام هوندو هو جيڪو هاڻي ايڪڙ ٻيڪڙ ڏسجي ٿو. ان
کان سواءِ هنن قديم ماڳن ۾ ننڍن دلن يا دلين يا
گهڙين، پڙڳين، ڪونارين ۽ ڪونرَن جو تعداد گهٽ ڏسڻ
۾ اچي ٿو، ڪن ماڳن ۾ ته اهڙا ٿانءُ نظرئي نه ٿا
اچن. سنڌو- تهذيب جي اوج جي زماني ۾ اهڙا ٿانءُ
تمام گهڻا ڏسبا هئا. سنڌو تهذيب واري دؤر ۾ خاص
پيالي (Golslet)
هوندي هئي، سا به موجود نه آهي. معلوم ائين ٿي
رهيو آهي ته بگاڙ واري سنڌو تهذيب جو ماڻهو ڪنگال
ٿي ويو آهي، کيس ٺڪر ٿانءُ جي خريد ڪرڻ جيتري به
سگهه ڪانه رهي آهي. وڏا شهر ڦٽي ناس ٿي ويا آهن.
ننڍن ڳوٺن ۽ وسندين جو تعداد اڳئين جي ڀيٽ ۾ گهڻو
آهي، جن جي اڏاوت ۾ ڪا منصوبه بندي نه آهي. گهرن
جون اڏاوتون بي ترتيب ۽ بي ڊوليون آهن. هر جڳهه تي
گند ڪچري جا ڍير نظر اچن ٿا. صفائي سٺائي جو نظام
به موجود نه آهي. جيڪو سنڌو- تهذيب واري دؤر جو هڪ
قانوني اصول هو. سنڌو- تهذيب جي بگاڙ واري هن
زماني ۾ ڪم ايندڙ هر شيءِ جي اڻاٺ آهي. جيڪي شيون
هنڌين ماڳين ٺهنديون هيون. سي هاڻي پري کان آڻڻيون
پون ٿيون. اڳي هتي فيانس (Faience)
۽ نرم پٿر (Steatite)
جا زيور عام هوندا هئا. پر تهذيبي بگاڙ واري هن
دؤر ۾ ڪٿي به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن. سڃائي ڪري خريدار
ختم ٿي ويا ته فن ۽ فنڪار به موڪلائي ويا ۽ بگاڙ
واري دؤر سان لاڳاپيل شهر اهڙين ڳالهين کان
وانجهيل نظر ٿا اچن. بندر ۽ بازارون به ڄڻ بُٺُ
آهن، ”پسئو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي“. بگاڙ
واري هن دؤر ۾ روجڙي ۾ ٺهندڙ اهڙن زيورن ۾ ڪم
ايندڙ پٿر تمام ننڍڙو آهي، جيڪو ڪڏهن سنڌو تهذيب
جي اوج واري زماني جو اهم ماڳ هو. لوٿل
B
واري تهه تان به اهڙا زيور هٿ لڳا آهن، جن ۾ ڪم
آندل پٿر پڻ تمام ننڍڙو آهي (54). ٽامي جي چوڙين
جو تعداد به گهٽ آهي، پر بگاڙ (Late-Indus)
واري هن دؤر ۾ لوٿل
B
رنگپور
IIB
ڪن ٻين ماڳن تان اُهي مليون آهن. پٿر جون ڇريون (Blades)
(Chert)
بلڪل غائب آهن انهن جي جاءِ تي هاڻي سنگ ياقوت (Chalcedony)
جون ڇريون آهن، اڳي چيرٽ پٿر جون ڇريون سکر روهڙي
۽ دکن کان اينديون هيون، جيڪي اچڻ بند ٿي ويون
آهن. گهر به ڪچا آهن ۽ ڪچين سرن يا مٽيءَ جي ڀتين
کي وَرا پَڃر رکي جوڙيا ويا آهن. لوٿل رنگپور ۾
”بگاڙ“ وارو دؤر 1700-1900 ق.م کان 200 سال پوءِ
ڏسجي ٿو. ان کان پوءِ واري زماني ۾ سنڌو تهذيب جي
ڪُپيءَ، دِلي عام ڦيلي ۽ پَڙڳي تري واري ڦيلي جي
گهاڙ ۾ گهڻي تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهو هڪ سو سال
پوءِ وارو عبوري دؤر
“IIC”
آهي. جيڪو 1600-1700 ق. م ٿي سگهي ٿو. اتر هندستان
جي بگاڙ جي انهيءَ دؤر سان واڳيل قديم ماڳن ۾ اهڙو
عبوري دؤر واضح ڪونه آهي. تنهن ڪري ان کي ڪنهن فرق
سان سڃاڻي ڪونه ٿو سگهجي. پر ان هوندي به انهيءَ
دؤر جو ٺڪر ٿانءُ ڍانڍو (Illfired)
آهي. ان سان گڏ ڳيرڙي (Ochre)
جو رنگ به ڌتيل ڏسجي ٿو ۽ شڪل ۾ به ڪا نواڻ نظر
ڪانه ٿي اچي. هي سنڌو تهذيب جي بگاڙ وارو دؤر آهي.
تنهن ڪري هتي جون سنڌو تهذيب واريون ثقافتي شيون
جهڙوڪ: ٺڪر جو ٿانءُ گهاڙ، وڙ، رنگ سونهن ۽
سيبتائي ۾ گهڻو پَوڻو پئجي ويو آهي، پر پوءِ به
موجود نظر اچي ٿو. بگاڙ جي هن دؤر ۾ سنڌو- تهذيب
جون ڌرمي رسمون به نالي ماتر نظر اچن ٿيون. معلوم
ائين ٿي رهيو آهي ته لاش به ڪڏهن ڪڏهن دفن ڪيا
ويندا هئا. باه پوڄا به ٿيندي هئي. ان کان سواءِ
سنڌو لکت ٺڪر جي ٿانءُ ۽ مهرن تي به ڏسجي ٿي. پر
اهڙو تعداد تمام ٿورو آهي. بگاڙ
((Late
Indus
واري هن دؤر ۾ دکن (Deccan)
جي ڪنجهي جي دؤر سان لاڳاپيل ڪن ماڳن ۾ ڌاتوءَ جو
ڪم ڏسجي ٿو. سنڌو تهذيب واري دؤر سان لاڳاپيل دائم
آباد ۾ ڪهاڙي جهڙو (Celts)
۽ ڪنجهي (Bronze)
جا بهترين مثال موجود آهن. اهڙيءَ ريت انام گائون
۽ دوارڪا بندر سان جيٽيون (Getties)
ٺهيل آهن. انهيءَ لاءِ ته جيئن ٻيڙيون سولائي سان
بندر ڀيٽي سگهن. ان کان سواءِ ايرن ۽ دوارڪا هن
بگاڙ واري دؤر ۾ سنڌو- تهذيب جي زماني وانگي بچاءَ
لاءِ چوڌاري ڪوٽ اڏيا آهن. سنڌو- تهذيب جو پويون
دؤر بگاڙ واري دؤر کان پوءِ اچي ٿو، جنهن دوران
سنڌو- تهذيب جي هر اعليٰ ۽ معياري ثقافتي شيءِ
”اجاڙ“ جو شڪار ٿي وڃي ٿي. تنهن ڪري پوئين دؤر جي
معنيٰ ”اجاڙ“ آهي. اهڙو مثال هن ريت ڏئي سگهجي ٿو
ته سنڌو- تهذيب کي ماهرن چمڪڻو ڳاڙهو ٿانُ (Lustrous
Red Ware)
جي نالي سان سڏيو آهي. اهڙي ريت وچ هندستان جي آهر
(Ahar)
مالوا ۽ ڪايت (Kayatha)
جو ٿانءُ ڪارو آهي، جنهن ۾ ڳاڙهي چٽسالي آهي.
ماهرن هن رنگ واري ٿان کي (Black
and Red Ware)
ٿانءُ سڏيو آهي. ان کان سواءِ دکن جي ٿانءُ کي
جوروي ثقافت (Jorwe
Culture)
سڏيو ويو آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته آهر (Ahar)
۽ ڪايت جو (Black
and Red Ware)
بگاڙ واري دؤر (Late
Indus)
سان گڏ پنهنجو اصل معيار به وڃائي ويهي رهيو آهي،
پر حقيقت اها آهي ته 1600-1200 ق.م سان لاڳاپيل-
مالوا- جوروي ثقافت ”اجاڙ واري دؤر (Post
Indus
يا
Post Harappa)
سان تعلق رکي ٿي. ساڳيءَ ريت ڏکڻ سوراشٽر جي پراڀس
(Prathas)
ثقافت جو لاڳاپو به ساڳيو ”اجاڙ“ دؤر آهي. اڃا به
اهو عبوري مرحلو گجرات ۽ هريانا جي سيسوال (Siswal)
۽ ميٽاٿل (Mitathal)
۾ چٽيءَ ريت ظاهر آهي.
سنڌو- تهذيب کان اڳ واري ثقافت کي (Pre-
Indus
يا
Pre- Harappa)
سڏيو ويندو آهي. ان دؤر سان ڪوٽڏجي، ڪاليبئنگن
I
۽ آمري جا قديم ماڳ لاڳاپيل آهن. پر اهو اصطلاح
ثقافتي تاريخي دؤر جي حساب سان استعمال ڪيو ويندو
آهي. ليڪن انهن ماڳن مان هٿ آيل ٺڪر ٿانءُ ۽ ڪوٽ (Fortification)
اهڙيون شيون آهن. جيڪي عام طور سنڌو- تهذيب ڏانهن
منسوب ڪيون وينديون آهن. پر حقيقت ۾ انهن شين جو
تعلق سنڌو جي اڳ واري تهذيب (Pre-Indus
يا
Pre-Harappa)
واري دؤر سان آهي. اڳ واري تهذيب (Pre
Indus)
وسيع مفهوم وارو اصطلاح آهي. هن مقصد لاءِ جيڪڏهن
شروعاتي سنڌو تهذيب
(Early Indus)
يا
(Early Harappa)
اصطلاح ڪتب آڻجي ته وڌيڪ صحيح ٿيندو. محمد رفيق
مغل سنڌو تهذيب (early
Indus
يا
early Harappa)
جو اصطلاح ڪتب آندو آهي. جيڪو وڌيڪ مناسب آهي.
اهڙي ثقافت کي اوائلي (early)
سڏڻ وڌيڪ صحيح آهي، جنهن ماضيءَ ۾ سنڌو- تهذيب جي
اوسر ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جو
مثال، لکت، مهرون ۽ شهرن کي اڏڻ لاءِ منصوبه بندي
آهي (پليٽ-I)
پر (Pre
Indus
يا
early Harappa culture)
لاءِ اهڙيون ڪي ڳالهيون موجود ڪونه آهن. ڇاڪاڻ ته
خود هڙاپا شهر جي تعمير ۾ ڪا منصوبه بندي ٿيل نه
آهي. امڪان آهي ته هن شهر هڙاپا ڪن ٿانءُ ٺاهڻ ۾
ثقافتي مرڪز جي سهائتا ڪئي هجي يا شهر کي چوڌاري
ڪوٽ اڏڻ جو تصور هجي. تنهنڪري اوائلي هڙاپائي دؤر
(Pre
Harappa)
لفظ ڪنهن خاص ثقافت لاءِ ڪم آڻي سگهجي ٿو. هاڪڙه
تهذيب يا آمري ثقافت (Amri
Culture)
وغيره. اهڙيءَ ريت اوائلي هڙاپا ثقافت (Pre
Harappa)
جو اصطلاح اوائلي سنڌو تهذيب (Pre
Indus)
لاءِ ڪم آڻڻ مناسب ڪونه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته اوائلي
سنڌو تهذيب (Pre
Indus)
جو اصطلاح اوائلي هڙاپائي ثقافت (Pre
Harappa)
کان گهڻو وسيع آهي.
جڏهن شهري ثقافت ۾ منصوبه بندي ڪرڻ مهل تحفظ جي
خاطر شهر جي چوڌاري قلعي جي اڏاوت جي اصليت تي بحث
ٿيندو آهي، ته هميشه جيريڪو (Jericho)
جو ماڳ مثال طور ڪم آندو ويندو آهي، جنهن جو تعلق
7000 ق.م آهي. اُتي ڪا اڏاوتي منصوبه بندي نظر
ڪانه ايندي. اها هڪ ننڍڙي وسندي آهي مگر ان جي ڀيٽ
۾ موهن جو دڙو هڪ وسيع ماڳ آهي، جنهن جي ايراضيءَ
جو اندازو 100 هيڪٽر (hectares)
آهي، جنهن جي کوٽائي ڪئي وئي آهي، پر هڪ ماهر
جئنسين (Jansen)
ان ايراضيءَ ۾ 300 هيڪٽرن جو اضافو ڪري ٿو. سندس
خيال آهي ته اها ايراضي رهائشي علائقي کان ٻاهر
آهي، جنهن جي کوٽائي ڪانه ٿي آهي. سمير (Sumer)
جي ثقافتي حدن ۾ حبيبه ڪبير (Habiba
Kabir)
نالي هڪ قديم ماڳ آهي، جيڪو فرات درياه جي ڪناري
سان آباد هو. جنهن جو واسطو 3500 ق.م هو. ماهرن جو
خيال آهي ته اهو به قلعبند ماڳ هو. پر شهر جي
تعمير ۾ اڏاوتي منصوبه بندي ڪانه آهي، نه وري گهرن
جي تعمير ۾ ترتيب نظر اچي ٿي. ان کان سواءِ هن
وسنديءَ جي ٿوري حصي جي گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو
بندوبست ٿيل هو. ان ريت مصر جي به ڪنهن ماڳ جي
اهڙي معياري اڏاوت ڪانه آهي جنهن کي شهر سڏي
سگهجي.
سنڌو- تهذيب جون ڪي خوبيون ۽ خاصيتون
(وقت جي للڪار کي چوٽ ڏيڻ جي سُچيتائي
(Response to the Challenge
سنڌو تهذيب جي ابتدا، ڪمال ۽ زوال جي ڪهاڻي
انسانذات جي ماکيءَ جي مک وانگي مسلسل محنت ۽ اڻ
ٿڪ جتن ۽ جاکوڙ جو هڪ قصو آهي، جنهن وسيلي هڪ امن
آشتي ۽ مان مرجاتا واري سکي ستابي سماج کي تخليق
ڪيو ويو هو. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته هن مقصد ۾
سنڌو تهذيب جو اورچ ماڻهوءَ سوڀ ۽ سوڀيا حاصل ڪري
ورتي آهي. هن ماڻهوءَ فطرت جي هر للڪار کي سچيتائي
۽ مڙسيءَ سان چوٽ ڏني هئي. اهڙي للڪار هڪ پاسي کان
سنڌو درياء جي ته ٻئي پاسي کان سمونڊ جي هئي. پر
اها مثبت للڪار هئي. سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنڌين سان هڪ
وسيع ڀليءَ ٻنيءَ وارو لٽاشو علائقو آهي. پاڻيءَ
جو وڏو وهڪرو سانوڻيءَ جي رت ۾ موج ۾ اچي ٻوڙ
ٻوڙان لائي ڏيندو هو. سندس تار پاڻي جي پهچ جي ڏچي
جي آوهه ۾ نه رڳو سارين پوکڻ وارو وسيع علائقو ٻڏي
ناس ٿي ويندو هو، پر اسرندڙ شهر ۽ ننڍا وڏا ڳوٺ به
سندس بوهر (ٻوڏ) کان بچي ڪونه سگهندا هئا. جيڪڏهن
سنڌو- تهذيب جا ماڻهو سنڌوءَ جي مَهلي ۽ ڪُمهلي
ٻوڏ تي ضابطو رکي سگهن ها ته سندن زندگي آرام ۽
راحت سان گذري سگهي ها. پاڻي جو هي وهڪرو مٿانئن
فطرت جو ڏَتُ هو، جنهن وسيلي نه رڳو پوکون راهيون
ٿينديون هيون. پر آمدورفت جو به هڪ سولو ۽ سستو
ذريعو هو. هڪ طرف سنڌوءَ جي ورهياري چاڙهه ڪري
چوڌاري ٻنين مٿان تازو لٽ ڇائنجي ويندو هو. ته ٻئي
پاسي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن تي اڻيهي ڀَو جو ڀوت
سوار هوندو هو، ته متان سنڌو سندن الهه تلهه لوڙهي
هليو وڃي. پر لوٿل ۽ ڪاليبئنگن جي ترقي يافته
سنڌو- تهذيب جي ماڻهن اوائلي سنڌو تهذيب (Pre-Indus)
دوران پنهنجن ابن ڏاڏن کان ٻوڏ جي بچاءُ جو سبق
سکي ورتو هو کين معلوم هو ته وسندين، ڳوٺن ۽ شهرن
جي چوڌاري اڏيل ڪچا ڪوٽ ٻوڏ جي پاڻيءَ جي سَٽ سهي
ڪونه سگهندا، تنهن ڪري هنن ماڻهن اهڙي للڪار کي
منهن ڏيڻ لاءِ پڪين سرن ۽ گاري جي مدد سان اوساري
ڪري اوچا ٿلها ڏئي انهن جي مٿان پنهنجا گهر اڏيا
هئا، ته جيئن چاڙهه جي پاڻيءَ کان وقت سر بچاءُ ٿي
سگهي (55) اهوئي سبب آهي جو هنن سرن ٿڦڻ جي هڪ
معياري ماپ مقرر ڪئي هئي. اهڙو ساڳيو معيار موجوده
دؤر ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان کان سواءِ هنن اوساري
ڏيڻ جو اهڙو معياري طريقو ڪم آندو هو، جنهن جهڙو
معيار اڄ واري جديد دؤر انگلينڊ وارا به ڪتب
آڻيندا آهن. ان کان سواءِ هي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته
هڪ وڏيءَ منڊپ جيتري ايراضيءَ جي چوڌاري ڪچ سرو
ڪوٽ ڏئي اندر مٽيءَ جو ڀراءُ وجهي ٿلهو جوڙي پوءِ
ڪچ سري ڪوٽ جي چوڌاري پڪ سري ڀت ڏئي ڇڏبي آهي.
اهڙي ٺاهيل مضبوط ٿلهي تي پنهنجو گهر تعمير ڪبو
آهي. (پليٽ
II).
هنن ماڻهن ڳوٺ جي چوڌاري ڏنل پڪ سري ڪوٽ کي چوڪنڊي
طرز جا پڪا پشتا به ڏئي ڇڏيا آهن (پليٽ
III).
اهو امڪاني ٻوڏ کان اڳواٽ جو بندوبست آهي. موهن جي
دڙي واري ماڳ ۽ هڙاپا ۾ به اهڙا ڪوٽ موجود آهن.
کوٽائي ڪندڙ مختلف ماهرن اهڙن ڪوٽن جي چوڌاري آرين
جي خيالي حملي جو هڪ منڊُ منڊي ڇڏيو آهي. پر اهي
ڪوٽ اوچائيءَ ۾ ايترا ته ننڍا آهن، جو ڪير به
سولائي سان ٽپي شهر اندر پهچي سگهيو ٿي. اڄ ته
هرڪو ماڻهو سمجهي سگهي ٿو ته ماڳن جا اهي ڪوٽ ڪنهن
حملي آور کان بچاءَ لاءِ نه، پر هنن جي تعمير پاڻي
جي چاڙهه کان تحفظ لاءِ هئي. ان کان سواءِ اهم
ثقافتي ماڳن جهڙوڪ: موهن جي دڙي، هڙاپا ۽ لوٿل جي
چوڌاري ڏنل ڪچ سري ڪوٽ ٻاهران پڪ سرو ڪوٽ ڏنو ويو
هو، جنهن سان هن حقيقت جي تصديق ٿي وڃي ٿي ته اتي
جي رهواسين کي انديشو هو ته متان چاڙهه جو پاڻي
ڪچيءَ ڀت کي کائي نه وڃي. اسان پنهنجي اکين سان
اهي ڳالهيون ڏٺيون آهن. سنڌوءَ، گهاگهر ۽ مڪران
واري ماٿريءَ ۾ وڏيءَ ٻوڏ دوران ڪيترا شهر ٻڏي ناس
ٿي ويندا آهن. تنهن ڪري سنڌو- تهذيب جي سياڻن ۽
سچيت ماڻهن پاڻيءَ جي چاڙهه جي هاڃيڪارين کي ڏسي
اڳين ٿلهن جي اوچائي ۾ واڌارو ڪيو هو ۽ گهر جي
ٻيهر اڏاوت ڪئي هئي. اهڙيءَ ريت شهرن جي ايراضيءَ
۾ به اضافو ڪيو هو. جهڙي ريت اسان لوٿل
II
۽
III
مرحلي ۾ ڏسون ٿا. هي ڳالهيون فقط تڏهن ممڪن هيون
جڏهن شهرن جي تعمير جي منصوبه بندي ڪنهن ڏاهي ۽
ڏات ڌڻي اڳواٽ ڪئي هوندي ۽ عام ماڻهن گڏجي ڪم ڪرڻ
تي اتفاق ڪيو هوندو. اهڙي ڏاهي ماڻهوءَ کي هر وڏي
شهر ۾ رهڻ جي سهوليت ڏني وئي هوندي ۽ هن جي رهڻ
لاءِ قلعه نما عمارت جوڙي وئي هوندي، جنهن ۾ هر
قسم جون آسائشون موجود ڪيون ويون هونديون. اهڙين
ڳالهين لاءِ هن قسم جو حڪمران ضرور کيرون لهڻي،
جنهن جي دل ۾ عام ماڻهوءَ لاءِ آسائش ۽ راحت جو
خيال هو.
اهڙي ٻي للڪار سمنڊ واري پاسي کان هئي جنهن کان
هونئن ته ڪو سڌو خطرو موجود ڪونه هو. پر جڏهن
درياء چاڙهه ڪندو هو ته سنڌو تهذيب جي سامونڊي
ڪنارن جهڙوڪ: مڪران، ڪڇ ۽ سوراشٽر وارن ماڳن جي
ماڻهن کي خطري جو احساس ٿي ويندو هو. ان کان سواءِ
اهڙي ڇتي سمونڊ ۾ مهاڻن لاءِ مڇي مارڻ به هڪ للڪار
هوندي هئي. جڏهن اهڙي موسم شروع ٿيندي هئي ته هتان
جا مهاڻا سنک (Shell-fish)
جو شڪار ڪندا هئا، جيڪي زيورن ٺاهڻ لاءِ ڪچو مواد
فراهم ڪنديون هيون، جنهن ڪري ملڪ جي محصول ۾ اهم
اضافو ٿي ويندو هو. هن قسم جي ڪچي مال مان هنر جا
ڪي اوزار ۽ راند کيڏڻ جون ڳوٽون به تيار ٿينديون
هيون. اهڙين شين مان سنڌو تهذيب جي شهرن ۾ ڪي
هنرمند سائنسي سامان جهڙوڪ: ماپ ڪرڻ واريون فوٽ-
پٽيون، ڪمپاس (Compass)
۽ ٻيون شيون پڻ تيار ڪندا هئا، جيڪي کوٽائي دوران
هٿ لڳيون آهن. ان کان سواءِ موتين (genu
stones)
۽ عاج جون ڪيتريون آرائشي شيون موسوپوٽاميا جي اُر
(Ur)،
ڪش (Kish)
براڪ (Brak)
۽ ايلم (Elam)
جي سوس ((Suse
شهر ڏانهن موڪليون وينديون هيون. سنڌو تهذيب جا
واپاري هن ڳالهه تي راضي ڪونه هئا ته ٻين ملڪن جي
واپارين جا ڀلاوڻا بنجي کين پنهنجي ملڪ جو تيار
تجارتي مال وڪڻي ڏين جيڪي بحرين ۽ سمير جي علائقن
مان اچي هتان جون تجارتي شيون وٺي وڃي پنهنجي ملڪ
۾ وڪڻندا هئا، جنهن مان هتان جي واپارين کي گهٽ
اوپراسو ٿيندو هو. هنن واپاري ماڻهن پنهنجي ملڪي
ٻيڙائتن کي همٿايو هو ته هو پنهنجا ٻيڙا کلئي سمنڊ
۾ هاڪاري هتان جو تجارتي مال عاج ۽ موتين جو ٺهيل
آرائشي سامان ڏور ڏيساور کڻي وڃن، جتي سنڌو- تهذيب
جي اهڙي سامان جو وڏو قدر هو. هتان جا واپاري مال
بدلي مال جهڙوڪ: ٽامون، ٽين عاج ۽ موتين جون شيون
۽ خوشبودار شيون ڏئي ڏيهه ورندا هئا. سنڌو- تهذيب
جي عاج جو ڪم ۽ موتين وِنڌڻ جو هنر لوٿل ۽
چانهونءَ جي دڙي ۾ ٿيندو هو. اهڙيءَ ريت ميسپوٽيما
جي حڪمران سار گان (Sargon)
خوش ٿيندي چيو هو ته ماگان (Magan)
ديلمون (Dilmun)
۽ ميلوها (Meluhha)
کان تجارتي سامان سان ٻيڙا ڀرجي اڳڊ (Agade)
جي بندر تي بيٺا آهن، جيڪي سون ۽ ٻيون شيون کڻي
آيا آهن.
هندي سمنڊ جي شڪل اپسمنڊ جهڙي آهي جنهن جي ٽن پاسن
کان ڌرتي آهي. ٽينءَ سهس ق. مMillennium)
) ڌاران هن سمنڊ جي گهري پاڻي مان هتان ٻيڙائت
پنهنجا ٻيڙا هاڪاري وڃي ولايت واچيندا هئا. هي
علائقو هڪ جاگرافيائي- طبيعاتي منظر هو، جتان جي
فضا نهايت چٽي هئي، جتي موسميات ۽ ستارن جي چرپر
جو مطالعو ڪيو ويندو هو. اهڙيون شيون سنڌو تهذيب
جي ماڻهن جي مهم جوئي مقصد لاءِ نهايت اهم هونديون
هيون. خط استوا جي ملڪن جو آسمان نهايت صاف هو
جيڪو ستارن ۽ سيارن جي مطالعي جي عالمن لاءِ هڪ
پرڪشش جڳهه هو. تنهن ڪري هتان جا ڏاها ماڻهو کارو
کيڙي ڏور ڏيساور ڏانهن هاڪارڻ جي رهنمائي ڪندا
هئا.
جڏهن اُتر-اوڀر جي هوا گهُلڻ جي موسم ايندي هئي ته
سامونڊي پڳهه ڇوڙي پنهنجا ٻيڙا وڃي ٻار ۾ وجهندا
هئا ۽ جڏهن واهندا ورندا هئا ڏکڻ- اولهه جي واءُ
واري موسم ايندي هئي ته ڏيهه ورڻ جون وايون ڪندا
هئا. سنڌو- تهذيب جي سياڻن ۽ سچيت ماڻهن هنن
تجارتي قسم جي هوائن جو گهرو مطالعو ڪيو هو، جيڪي
خاص رت دوران لڳاتار گُهلنديون هيون. اهڙين هوائن
جو هنن کي هپولس (Hippolus)
کان به ٻه هزار سال اڳ پتو پيو هو. جڏهن سنڌو-
تهذيب جي واپارين ناکئن کي پگهار بدلي تيار مال،
سون چاندي ۽ ٻين قيمتي شين جهڙوڪ: موتين جي آڇ ڪئي
هوندي ته هنن به نيڍوءَ ۾ هاڪارڻ جي هامي ڀري
هوندي ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ڀلي خاطر ڇتين
ڇولين ۽ خطرناڪ ويرُن سان وڙهي ڏور ڏيساور ۾ ٻيڙا
ٻني لايا هوندا. سنڌي طرز جون گول مهرون سُمير جي
اهم قديم ماڳ اُر (Ur)
مان هٿ لڳيون، جن تي سنڌو- لکت به اڪريل ڏسڻ ۾ اچي
ٿي. ان کان سواءِ بحرين جي وچ وارن ٻيٽن جي بندن ۽
فئلڪا (Failka)
مان سنڌو- تهذيب جون مهرون هٿ لڳيون آهن. اهڙي ريت
بحرين جي مهر وري لوٿل مان ملي آهي. ساڳي ريت سمير
جي ڏاڙهي واري (mummy)
مورتي به هتان ملي آهي. اهڙين حقيقتن مان چڱيءَ
ريت واضح ٿي وڃي ٿو ته ان دؤر ۾ آفريڪي سامونڊي
ڪناري ۽ ايراني نار وارن بندرن سان تجارتي ناتا
قائم هئا. مطلب ته سنڌو- تهذيب جي واپارين اُر،
براڪ، ڪِش، آرپاچيا، سوس ۽ حصار ۾ پنهنجون تجارتي
ڪوٺيون ۽ وسنديون جوڙي ورتيون هيون. ڇاڪاڻ ته انهن
ماڳن جي کوٽاين مان سنڌ جو تجارتي تيار مال ۽
واپاري نظام سان لاڳاپيل ضروري سامان به هٿ لڳو
آهي.
سنڌو تهذيب جي تجارتي صنعتن کي ڪچي مال جي ضرورت
هوندي هئي. تنهن ڪري هن تهذيب جا ماڻهو گجرات مان
موتي، دکن مان قيمتي پٿر، افغانستان مان ٽامون ۽
چاندي هٿ ڪري وٺندا هئا. انهيءَ زماني ۾ هي علائقا
سنڌو تهذيب جا حصا هئا.
سنڌو تهذيب جي ميداني ۽ سرسبز علائقن مان سنڌو،
سرسوتي ۽ سابرمتي جهڙا وڏا درياه به وهندا هئا.
جنهن ڪري پوکي راهي جام ٿيندي هئي. ملڪ سائو ۽
سکيو ستابو هو. واپاري به هنرمندن ۽ ڪاريگرن کي
پورهئي عيوض کاڌي پيتي جون شيون تمام گهڻيون ڏيندا
هئا. ڇاڪاڻ ته انهيءَ زماني ۾ معاوضو جنسن جي صورت
۾ ادا ڪيو ويندو هو. ڪي ڪاريگر ڌاتو رجائي انهن
مان مختلف شيون جوڙيندا هئا. ڪي قيمتي پٿرن مان
مَڻين (Beads)
۽ وڏن ٻيڙن (Ships)
ٺاهڻ واريءَ صنعت سان لاڳاپيل هئا. اهڙا ڪارخانا
ننڍن وڏن شهرن ۾ قائم هئا. تجارتي تيار مال اندر
گهاڙ جي هڪ جهڙي معيار جو اصول قائم هو، جنهن تي
سختي سان پابندي ڪئي ويندي هئي. اهڙيءَ اصولي
پابندي مان خبر پوي ٿي ته ملڪ اندر هڪ مڪمل ۽ موثر
انتظامي ضابطو موجود هو.
سنڌو تهذيب ”اجتماعي ترقي يافته سماج هئو“
حقيقت اها آهي ته سنڌو- تهذيب جو اجتماعي ۽ گڏيل
سماج هو. گورڊن چائيلڊ به هن تهذيب لاءِ (Complex
Society)
جو اصطلاح ڪم آندو آهي. سندس خيال مطابق ته سنڌو
تهذيب جي ترقي يافته سماج ۾ هيٺيون اهم خوبيون
موجود هيون. (58)
(1)
شهرن جي موجودگي (2) ڪل وقتي ڪاريگري ۽ هنرمندي ۽
هنر ۾ مهارت (3) محصول (4) يادگار تعميراتون (5)
سماجي تهه (Social
Stratification)
(6) صحيح ۽ اڳڪٿي واري سائنس(Exact
and Predictive Science)
(7) لکت (Writing)
(8) مختلف فنن جي مڪمل ۽ ترقي يافته طرز (9) ڏور
ڏيساور سان سونهن سينگار سان لاڳاپيل تيار مال جي
تجارت (10) رياست ريڊ فيلڊ (15) (Red
Fields)
۽ ائڊمس (16)
(Adams)
گورڊن چائيلڊ تي اهڙيءَ وصف بيان ڪرڻ تي سخت تنقيد
ڪئي آهي. پر هن ڏاهي ماڻهوءَ سڌريل ۽ ترقي يافته
سماج جو هڪ ماپو ضرور مقرر ڪيو آهي، اهڙي گورڊن
چائيلڊ جي بيان ڪيل معيار مطابق سنڌو- تهذيب ۾
سندس بيان ڪيل سڀئي خاصيتون موجود هيون. دنيا هن
حقيقت کي تسليم ڪري چڪي آهي ته سنڌو- تهذيب جا شهر
موهن جو دڙو، هڙاپا، لوٿل، رحمان ڍيري منصوبه
بنديءَ سان جوڙيا ويا هئا. نه رڳو اهو پر
ڪاليبئنگن ۽ سرڪوٽاڊا جهڙن ننڍن شهرن جي اڏاوت ۾
سنڌو- تهذيب واري منصوبه بندي موجود هئي. گورڊن
چائيلڊ جي بيان ڪيل نمبر 2 خوبي مطابق ڪل وقتي
ڪاريگري ۽ هنري مهارت موجود هجڻ گهرجي. جيتري قدر
ڪل وقتي ڪاريگري ۽ هنري مهارت جي موجودگيءَ جو
تعلق آهي، ته هن تهذيب اندر هنري مهارت جي هڪ ڊگهي
فهرست موجود آهي جنهن مان ٿورا مثال ڏجن ٿا. هن
تهذيب جا ماڻهو قيمتي پٿرن مان مڻين (Leads)
ٺاهڻ جا وڏا وينجهار هئا. عاج جي شين ٺاهڻ ۾ به
پنهنجو مٽ پاڻ هئا، جنهن تي هو اڪير ڪري چٽسالي
ڪندا هئا. ان کان سواءِ سپن ۽ ڪوڏن مان مختلف شيون
ٺاهيندا هئا ۽ مٿن خوبصورت چٽسالي به ڪندا هئا.
اهڙيءَ ريت هو ڌاتن کي رجائي انهن مان مختلف شين
جوڙڻ جا پڻ ڪاريگر هئا. ان سان گڏ مهرن تي لکت جي
اُڪير (Seal
engraving)
۽ ٺڪر- ٿانءُ ٺاهڻ جا به ڏاها ڪنڀر هئا. مٿي بيان
ڪيل ڪاريگري ۾ سامونڊي سفر جو ڏانءُ ۽ لپيڪري (Scribes)
جي ڏات کي پڻ شامل ڪرڻ گهرجي. جيتري قدر ٽين
خوبيءَ جو تعلق آهي ته ان بابت ڪابه سڌي شاهدي ۽
ثابتي ڪانه ملي آهي. پر عوامي ڀلائي وارن ڪمن مان
چڱيءَ ريت معلوم ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ دؤر ۾ محصول
ضرور وصول ڪيو ويندو هو. جيڪو جنس (Kind)
جي صورت ۾ وصول ڪيو ويندو هو ۽ معاوضو به جنس جي
صورت ۾ ادا ڪيو ويندو هو. گودي (dock-
yard)
اناج گدامن (granaries)،
عام مال گدام (Ware
house)
پڪ سِرا اوچا ٿلها ۽ بچاءَ لاءِ ڪوٽ نظر اچن ٿا.
هي بي مثال نوعيت جون تعميرون آهن، جيڪي مصر جي
احرامن (Pyramids)
۽ سمير جي زگورت (Ziggurat)
جي اڏاوتن کان وڌيڪ اهم آهن. ڪو زمانو هو جو سنڌو
تهذيب جا وڏا شهر اوچن ٿلهن تي اڏيا ويندا هئا. پر
پوئين دؤر ۾ اهڙيون ڳالهيون نظر ڪونه ٿيون اچن.
اهو به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌو- تهذيب جي شهرن جي
اڏاوتن ۾ بهترين منصوبه بندي موجود هوندي هئي.
جنهن مان سماجي بنيادن ۽ ان جي اوسر جي ساڃهه ملي
وڃي ٿي. ان کان سواءِ اهو به پتو پئجي وڃي ٿو ته
رعيت کي گهٽ ۽ حڪمران کي گهڻي اهميت حاصل هئي،
جيڪي لوٿل شهر جي اوچن ٿلهن تي ٺهيل گهرن ۾ رهندا
هئا. جڏهن ته دولتمند واپاري غريب پورهيت ۽ هنرمند
هيٺ اڏيل شهر واري حصي ۾ رهندا هئا. اهڙيءَ ريت هن
تهذيب جي هن شهرن ۾ به اهڙي رهائشي منصوبه بندي
موجود هئي. کوجنائن ۽ کوٽاين دوران هن حقيقت ڏانهن
ڌيان ڪونه ڏنو ويو آهي، ته سنڌو- تهذيب جو اڳڪٿين
ڪرڻ واري علم سان ڪيترو واسطو هو، جنهن ۾ رياضي،
علم نجوم، انجنيئرنگ ۽ علم ڪيميا اچي وڃن ٿا.
سنڌو- تهذيب جي ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين همچورس ماپ ۽
ڏهائي (Decinal)
وارو سرشتو آندو هو. هنن ماڻهن تارن جي چرپر جو
مطالعو شروع ڪيو هو. هي پهريان ماڻهو هئا، جيڪي
اوزارن وسيلي افق (Horizon)
۽ ساري حصي جي ماپ ڪري سگهندا هئا. هنن ڏاهن ماڻهن
سمنڊ جي لهرن ۽ وير چڙهڻ جو مطالعو ڪري گوديون (Tidal-docks)
تعمير ڪرايون هيون. هي دنيا جا پهريان ماڻهو هئا،
جن گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو جوڳو بندوبست ڪيو ۽
ڌاتن جي هنرن کان واقف هئا. مهرن جي لکتن مان
معلوم ٿئي ٿو ته اهي ماڻهو دنياوي معاملن تي به
ڳوڙهو ويچاري سگهندا هئا. اهڙيءَ ريت ”مهان شڪتي“
جي موجودگي بابت به تصور قائم ڪري ورتو هو. جيتري
قدر لکت يا تحرير جو تعلق آهي ته ان باري ۾ به سنڌ
وارن جو هڪ بي مثال ڪردار آهي، جن دنيا کي علم ۽
تحرير ڏني. هي دنيا جا پهريان سياڻا ۽ سچيت ماڻهو
هئا جن پدن واري (Logographic-
Cum- syllabic)
لکت ۾ سادو ۽ سولو بڻائي صوتي (Phonetic)
لکت ايجاد ڪئي، جيڪا ابتدا ۾ جزوي طور پدائين هئي
۽ ارتقا جا سڀ لڪ لتاڙي الف- ب واري شڪل حاصل ڪري
ورتي هئي.
تصور ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪاميابي
سنڌو شهنشاهت (Indus
empire)
جي وڏي ڪاميابي مختلف نياتن (ethnic)
۽ مختلف مذهبي فرقن جي ترقيءَ واسطي امن، آشتي ۽
ايڪتا پيدا ڪرڻ هو. انهيءَ مقصد سان جيئن ملڪي
ماڻهو ترقيءَ جو معراج ماڻي سگهي. سنڌو- تهذيب جي
گجرات، سرسوتي- دريشدوتي وارين ماٿرين جو ڌرمي
پوڄا پاٺ ۽ ٻيون رسمون ريتيون سنڌو- ماٿري جي ڌرمي
پوڄا پاٺ ۽ ٻين ريتن رسمن کان مختلف ڪونه هيون.
سنڌو- شهنشاهت جي سڀني صوبن اندر باه- پوڄا (Fire
Woship)
جون رسمون بلڪل ساڳيون هونديون هيون. پر ماتا ديوي
(Mother
Goddess)
جي پوڄا سنڌو- ماٿري کان ٻاهر اهميت حاصل ڪري ڪانه
سگهي هئي. لاشن دفن ڪرڻ لاءِ وڏا قبرستان موجود
هئا. ان کان سواءِ لاشن کي ساڙڻ جو رواج به موجود
هو. لوٿل ۾ گڏيل قبرون به موجود آهن، جنهن مان هڪ
الڳ مذهبي سماجيات جو پتو پوي ٿو. سنڌو- شهنشاهت
پورين پنجن صدين تائين هر تجارتي مال جي تياري ۽
گهاڙ ۾ هڪ جهڙو معيار پئدا ڪيو هو ۽ پندرهن لک
همچورس ڪلوميٽر وسيع ايراضيءَ ۾ اهڙي تجارتي مال
جي آمدورفت کي يقيني بڻائي ورتو هو. اهو سندس
اصولي ضابطن جو ڪمال هو. اهڙن اصولن ۽ ضابطن تي
عمل ڪرائڻ ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ کان ڪم نه ورتو ويندو
هو. اهڙي وايو منڊل مان هيءَ حقيقت واضح ٿي وڃي
ٿي. ته هيءَ شهنشاهت ثقافتي ۽ سياسي طور سگهاري
هئي. ساڳيءَ ريت سماج جو ثقافتي ۽ سياسي تاڃي پيٽو
مضبوط بنيادن تي بيٺل هو. هر هڪ کي پنهنجي راڄڌاني
۽ اتان جي معاملن کي اڪلائڻ جا مڪمل اختيار هئا.
هر ننڍي ۽ وڏي شهر کي پنهنجي انتظاميه هئي. ڇاڪاڻ
ته انهن جي تعميري اڏاوتن ۾ هڪ جهڙائي هئي ۽ شهرين
کي مليل حقن ۾ ڪو فرق ڪونه هو.
سنڌو- تهذيب جي ماڻهن جي سوچ ۽ لوچ سائنسي انداز
جي هئي
سنڌو- تهذيب جا ماڻهو هر شئي جو ڀيٽوار اڀياس ۽
تجزيو سائنسي انداز ۾ ڪري سگهندا هئا. اهي ڪنهن
طبعي جسم، ڪنهن ڍڳ، ڍير ۽ وقت جي صحيح ماپ ڪري
سگهندا هئا. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهي سائنسي
ٽيڪنالاجي جي ڄاڻ جي مٿاهين مقام تي پهچي چڪا هئا.
انهن جي اهڙي صحيح ماپ جا ڪجهه مثال ڏئي سگهجن ٿا.
لوٿل جي کوٽائي دوران عاج جي هڪ ماپ- پٽي (Scale)
ملي آهي انهن تي سراسري طور 1.704 م.م (ملي ميٽر)
ماپ جا حصا ٿيل آهن. ٻي ڪنجهي جي دؤر سان لاڳاپيل
ماپ جي ننڍي ۾ ننڍي ايڪائي (Unit)
آهي، جيڪا ماپ- پٽيءَ تي نظر آئي آهي. اهڙن ڏهن
حصن جي ماپ ارٿشاستر جي انگول (Angula)
جي برابر آهي، جنهن جي ماپ 17.78 ملي ميٽر ٿيندي
آهي. لوٿل جي گودي واري ڀت جي ويڪر 1.78 ميٽر آهي.
اها لوٿل جي ماپ پٽي جي حساب مطابق هڪ ضرب اپٽ
آهي، جيڪا ڏهائي (decimal)
جي تناسب مطابق ڪئي وئي آهي، اوڀر ۽ اولهه وارين
ڀتين جي ڊيگهه جي ماپ ڀت جي ويڪر کان ويهوڻي وڏي
آهي. سنڌو- تهذيب جي انجنيئرن ڏهائي (decimal)
ماپ واري سرشتي جي سختي سان پابندي ڪئي آهي.
اهڙيءَ ريت هنن ڪنهن جسم ۽ دڙي جي ماپ به ڏهائي
سرشتي مطابق ڪئي آهي. ان ريت تور جي ڇهه پاساون (hexahedron)
وٽن (Weights)
جي ماپ به ڏهائي واري اصول مطابق رکي وئي آهي.
سنڌو- تهذيب جي قديم ماڳن جي کوٽاين دوران پٿر جي
وٽن جا ٻه سلسلا هٿ لڳا آهن. پر انهن ٻنهي سلسلن ۾
رابطو موجود آهي. پهرئين سلسلي جي ننڍي کان ننڍي
وٽ جي تور 1.8233 گرام جي برابر آهي. جڏهن ته ٻئي
سلسلي جي ننڍي ۾ ننڍي وٽ جي تور 1.2184 گرام برابر
بيهي ٿي. ڏٺو وڃي ته پهرئين سلسلي جي وٽن جي تور
ٻئي سلسلي جي وٽن جي تور کان 1.5 گرام جيتري وڌيڪ
آهي. پهرئين سلسلي جي ننڍي ۾ ننڍي ايڪائي 27.584
گرامن جي آهي. جيڪا ذري گهٽ يونان جي 27.2 گرامن
جي تور ٿيندي آهي. اهڙيءَ ريت سنڌو- تهذيب جي ننڍي
۾ ننڍي ماپ جو سلسلو ڏهائيءَ (decimal)
جي اصول سان اڳتي وڌي ٿو. قيمتي پٿرن جي ننڍي ۾
ننڍي تور جو وٽ ارٿشاستر جي ڌنيه (dhanya)
يا اڌ گنج (gunja)
جيترو ٿيندو آهي. وي. بي. مئنڪر (V.B.
Mainkar)
اڌ گنج جي وٽ جي تور 109 (ملي گرام) جيتري لڌي
آهي. پر لوٿل مان سون جون ننڍڙيون پايون (Discs)
مليون آهن، جيڪي مختلف تور جون آهن، جن جي تور به
ڏهائي (decimal)
جي اصول تي وڌندي ڏسڻ ۾ آئي آهي. تحقيق کان پوءِ
ڏٺو ويو ته هڪ گنج جي تور 100 مليگرام آهي. اهڙيءَ
ريت لوٿل مان هٿ آيل سون جون ڊسڪون 50 مليگرام،
100 مليگرام، 200 مليگرام، 250 مليگرام، 1000
مليگرام، 2000 مليگرام وغيره جون آهن. ان کان
سواءِ اهڙا وٽ به هٿ لڳا آهن، جن جي تور 3250
مليگرام آهي. اهڙن امڪانن کي رد ڪري ڪونه ٿو
سگهجي، ته اهي وٽ قيمتي ڌاتن، قيمتي پٿرن ۽ ٻين
مهانگين شين کي توري ڏيڻ لاءِ ڪم ايندا هجن. لوٿل
جي کوٽائي مان گودي، گدام، ڪني پاڻيءَ جي ڪسين جا
مُک کڏا (Main
Holes)
به دريافت ٿيا آهن. اهڙين حقيقتن مان معلوم ٿئي ٿو
ته سنڌو- تهذيب جا ماڻهو سائنسي انداز ۾ سوچيندا ۽
لوچيندا هئا.
انتظاميه:
(Administration)
سنڌو تهذيب جي قديم ماڳن جي کوٽاين ۽ کوجنائن
وسيلي اهڙا انڪشاف ضرور ٿيا آهن. ته هر هڪ صوبائي
شهر، بلڪ ضلعي جيتري علائقي جو به حڪمران هوندو
هو، ان کي شهرن جي اڏاوتن جي منصوبه بندي لاءِ ڪي
خاص اختيار مليل هئا. اهڙا ڪم عام ماڻهن جي مدد
وسيلي ڪرايا ويندا هئا. پر انهن جي ڀلي، سهوليت ۽
آسائش لاءِ ڪجهه ڪونه ڪيو ويندو هو. اهو به معلوم
ٿئي ٿو، ته سنڌو- تهذيب جا ماڻهو هڪ منظم زندگي
گذاريندا هئا ۽ پنهنجي شهري فرضن کي چڱيءَ ريت
سمجهي سگهندا هئا. ان ڪري سندن شهر سدائين صاف ۽
اڇا اجرا لڳا پيا هوندا هئا. لوٿل ۾ پنج سو سالن
جي عرصي دوران ڪنهن به ماڻهو ڀر واريءَ گهٽيءَ ۾
والار جي ڪوشش ڪانه ڪئي هئي. توڙي جو انهي عرصي
دوران ڪيترا ڀيرا پاڻي چاڙهه ڪري گهر ڊهيا ۽ ٺهيا
به آهن. هتان جي شهرين کي چنتا هئي ته عام ماڻهن
جي سنان خانن (Baths)
جي گند ڪچري ڪري گندي پاڻيءَ جون زيرِ زمين ناليون
بند ٿي ته ڪونه وينديون. تنهنڪري مناسب جڳهن تي
سنان خانن ۽ ڪاڪوسن جي گند ڪچري کي روڪڻ لاءِ
بندوبست ڪيو ويندو هو. شهري دل جي گهراين سان وقت
جي سرڪار سان سهائتا ڪندا هئا، جيڪا شهر جي اڏاوت
واري منصوبه بندي ڪندي هئي. گودي، گدام، شهر
چوڌاري ڪوٽ اڏيندي ۽ اوچا ٿلها جوڙيندي هئي جيڪي
مرحلي
I
۽
III
۾ موجود آهن. جڏهن ته عام ماڻهن کي سهوليتن ڏيڻ
واريون ڳالهيون ننڍن شهرن جهڙوڪ: رنگپور ۽
سرڪوٽاڊا ۾ ڏسجن ٿيون.
اهو به ڏٺو ويو آهي ته سنڌو- تهذيب وارن شهرن جي
اڏاوتي منصوبه بندي ۾ گرڊ آئرن (Grid-iron)
واري اصول کي ڪتب آندو ويندو هو. پر بنا والي واري
قديم ماڳ ۾ اهڙيون ڳالهيون نظر ڪونه ٿيون اچن. هن
ماڳ جي کوٽائي ڪرڻ واري ماهر جو چوڻ آهي
ته
هتي شهري اڏاوتي منصوبه بنديءَ واريون ڪجهه عام
ڳالهيون ضرور موجود آهن. پر ڪن ڳالهين ڏانهن ڌيان
ڪونه ڏنو ويو آهي، جيڪي ٻين ماڳن ۾ ضرور موجود
هونديون آهن. عام طور تي چيو ويندو آهي ته سنڌو-
تهذيب جا شهر شطرنج يا گرڊ- آئرن (Grid-iron)
جي نقشي مطابق اڏيا ويندا هئا. مگر هن ماڳ جي شهري
اڏاوت اهڙين ڳالهين کي ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيو آهي. پر
هتي ڪني پاڻي جي نيڪال وارو نظام گهڻو بهتر
آهي.(56)
هتي ڌاتوءَ جي اوزارن ۽ هٿيارن جي صنعت قائم هئي،
اهڙي تجارتي تيار مال کي کپائڻ جو به جوڳو بندوبست
هوندو هو، مختلف صنعتن جو ڪچو مال گهڻو ڪري هتان
ئي ملي ويندو هو پر ڪجهه درآمد ڪيو ويندو هو،
اهڙين ضرورتن کي سنڌو- تهذيب جي انتظاميه مُنهن
ڏيندي هئي، جيڪا پنهنجي منصبي فرضن کي اڪلائڻ ۾
ڏاڍي ڦڙت ۽ چالاڪ هئي. تجارتي آمد رفت به باقاعده
تيزيءَ سان هلي رهي هئي، اهڙي محفوظ واپار جي
نگراني سرڪاري ادارا يا خانگي پئنچائتون ڪنديون
هيون. تجارتي مال جي روانگي کان اڳ وقت جو سرڪاري
عملدار اهڙي مال تي پنهنجو ٺپو هڻي ڄڻ معياري مال
جي تصديق ڪندو هو. لوٿل بندرگاهه وارو شهر هو، اتي
سهوليت لاءِ مال گدام موجود هوندو هو جتي ڏور
ڏيساور ويندڙ مال گڏ ڪيو ويندو هو يا حفاظت جي
مقصد سان ٻاهران آيل مال رکيو ويندو هو. تجارتي
تيار مال جي معيار جي جاچ پڙتال به اتي ٿيندي هئي.
اهڙيءَ ريت اهو به امڪان آهي، ته محصول جو ڪاٿو به
انهيءَ ماڳ تي ٿيندو هوندو.
سنڌو تهذيب جي وڏن شهرن جهڙوڪ: موهن جي دڙي ۽
هڙاپا ۾ اناج جا وڏا ڀانڊا موجود هوندا هئا، جيڪي
ڏيتي ليتيءَ جي معاملي ۾ ڪليئرنگ هائوسز (Clearing
houses)
جو ڪم ڏيندا هوندا يا ڪڏهن ڏرت ۽ ڏڪار واري وقت ۾
کاڌي پيتي جي انتظام جو سبب بنجندا هوندا.
منصوبه بندي، تيار تجارتي مال ۾ هڪ ساريڪو معيار ۽
آمد رفت جي ذميواري لاءِ باقاعدگي جي ضرورت محسوس
ڪئي ويندي آهي. ويلر جو خيال آهي ته موهن جي دڙي
واري اناج- ڀانڊي ڀرسان جيڪي ننڍيون جڳهون ٺهيل
آهن. سي غلام- پورهيتن جا رهائشگاهه آهن. پر قديم
آثارن جي نقطهء نظر کان اهڙيون واضح شاهديون ۽
ثابتيون ڪونه مليون آهن.
شهرن جي اڏاوتي منصوبه بندي ۽ گهرن جي تعميراتي
طرز
سنڌو- تهذيب جا ننڍا وڏا شهر ٻن حصن ۾ ورهايل آهن،
جن مان هڪ حصو اوچي ٿلهي تي قلعي نما عمارت آهي،
جڏهن ته ٻيو حصو هيٺاهينءَ تي اڏيل شهر آهي
(خاڪو-3) شهر جي اڏاوت جي اهڙي منصوبه بندي ڄاڻي
ٻجهي ڪئي وئي آهي، ته جيئن ڏيکاري سگهجي ته حڪمران
عظيم ۽ شان شوڪت وارو آهي. هن جو اوچو ۽ اعليٰ
رهائشگاهه رعيتي ماڻهن کان الڳ ۽ نرالو آهي. سندس
گهر جي جڳهه عاليشان ۽ مٿي هوندي هئي، جتي درياه
جي چاڙهه جو پاڻي پهچي ڪونه سگهندو هو. سندس درٻار
جا نواب راڻا ۽ راڄوڙا سندس گهر جي چوڌاري جڳهن ۾
رهندا هئا. اها به هڪ حقيقت آهي، ته ڪنهن سياسي
اڳواڻ کان سواءِ ننڍن وڏن شهرن ۽ صوبن جو انتظام
صحيح طريقي سان هلي ڪونه سگهندو آهي. اهڙي وايو
منڊل کي لوٿل جي مرحلي
IV
(2000 ق.م) ۾ چڱيءَ طرح محسوس ڪري سگهجي ٿو. هي
اهو دؤر آهي، جڏهن حڪمران جي غير موجودگيءَ ۾ شهري
رونقون به زبون حاليءَ جو شڪار ٿي ويون آهن. لوٿل
شهر جي اڏاوتي منصوبه بندي جون ٻه تعميراتون
نمايان طور ڏسجي رهيون آهن، جيڪي گودي (Dark-yard)
۽ صنعتي ايراضي (Industrial
Sector)
جي روپ ۾ موجود آهن.
لوٿل جي اوچي ٿلهي تي قلعي نما هڪ اهم اڏاوت آهي
(بلاڪ
B)
جتي حڪمران جي عاليشان جڳهه آهي. ڀرسان ئي سندس
اڙد اٽالي جون جڳهون آهن. جيڪي چئن قطارن ۾ آهن.
ويجهو گدام (Ware
house)
(بلاڪ
C)
آهي. هتان بيهي نظر ڪبي ته هيٺ گودي نظر ايندي،
جيڪا پڻ هڪ ٿلهي تي ڏسجي ٿي، جنهن کي چاڙهه جو
پاڻي لوڙهي ويو آهي. هتي ننڍين جڳهن اندر قبرون
آهن. جيڪڏهن غسلخانن (Baths)
جي ڀرسان بيهي ڏسبو ته ڪني پاڻيءَ جي نيڪال واريون
ڪسيون ۽ ڀتين جا ٺُنڍ ڏسڻ ۾ ايندا. ڇاڪاڻ ته پڪين
سرن جا چور قلعي نما اڏاوت جي ڀتين جو مٿيون حصو
ڊاهي سرون کڻي هليا ويا آهن.
لوٿل جو هيٺيون شهر (Lower
Town)
ٻين ماڳن جيان گهڻن بلاڪن ۾ ورهايل هو. جيڪي 5 کان
7 ميٽر ويڪرن رستن ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل هئا. هنن رستن
مان ڪيتريون ننڍيون وڏيون گهٽيون نڪري مختلف طرفن
ڏانهن وينديون هيون. پاڻيءَ جي اٿل کان بچڻ لاءِ
گهر مٿي ٿلهن تي جوڙيا ويا
موئن جو دڙو ۽ هڙپا: سائيٽ پلان
هئا. پر اهي ٿلها ايترا مٿي ڪونه هئا. جيتري قلعي
نما عمارت يا ميٽاڊيل مٿي هئي. لوٿل ۾ ڪني پاڻيءَ
جي نيڪال لاءِ زيرِ زمين ڪسين کان سواءِ زمين جي
مٿان واريون گنديون ناليون به هيون، جيڪي شهري
ماڻهن جي سهوليتن لاءِ جوڙيون ويون هيون. پر هڪ
ڀيري پاڻيءَ جي اهڙي ٻوڏ آئي جو زير زمين گندين
ڪسين ۽ زمين مٿان واريون گنديون ناليون به لٽجي
بند ٿي ويون. تنهن ڪري گندي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ
سوڪيج - جارس (Sockage
jars)
ڪتب آندا ويا هئا، جن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پڪيون
سرون به ڪتب آنديون ويون هيون. صاف پاڻي حاصل ڪرڻ
جي مقصد سان اوچي ٿلهي واري قلعي نما عمارت ۽ ان
جي چوڌاري ٺهيل ٻين جڳهن لاءِ پڪا کوهه تيار ڪرايا
ويا هئا. ساڳيءَ ريت هيٺئين شهر جي ماڻهن لاءِ به
اهڙن پڪن کوهن جو بندوبست ڪيو ويو هو. اهڙيءَ ريت
هر گهر جو غسلخانو ڪني پاڻيءَ واري ڪسيءَ سان مليل
هو. تنهن ڪري گهر جي هار وير جو پاڻي ۽ غسلخاني
وارو گند ڪچرو ۽ ڪنو پاڻي سولائيءَ سان نڪري ويندو
هو. اهڙيءَ ريت غسلخانا به پڪ سرا ٺهيل هئا. هر
گهر سراسري طور ٽن ڪمرن تي مشتمل هو. پر واپارين
جي گهرن جون جڳهون گهڻيون ويڪريون هونديون هيون.
شاهوڪار واپارين، ٺاٺارن (Copper
smith)،
وينجهارن (Bead-makers)
۽ سپيارن (shell-workers)
جا گهر هڪ پاڙي ۾ هوندا هئا. اهي ماڻهو هوند وارا
ته ڪونه هئا. پر ڪاريگر ۽ هنرمند هئا، جن جي هوند
وارن واپارين کي اڻيهي ضرورت هوندي هئي. وچ واري
گهٽيءَ سان هٽن جون قطارون هيون. جيڪي بازار جو ڪم
ڏينديون هيون. اهڙيءَ ريت ٺاٺارن، وينجهرن ۽
سپيارن جا ننڍا ڪيرت- گهر (Work-shops)
به بازار ۾ هوندا هئا. مگر اهڙي وڏي صنعت لاءِ شهر
۾ هڪ الڳ ڀاڱو هو. قبرستان شهر کان پري هوندو هو.
پر اهو ضرور خيال ڪيو ويندو هو، ته اهو ڪنهن
پاڻيءَ جي وهڪري ڀرسان هجي.
وينجهرن جي وستي شهر جي ان ڀاڱي ۾ موجود هئي، جنهن
کي هاڻي بلاڪ
F
سڏيو ويندو آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته هڪ
وسيع اڱڻ هو، جنهن جي چوڌاري وينجهرن جا ڪيرت گهر
هوندا هئا، جتي هيرن جواهرن، موتين ۽ ٻين قيمتي
پٿرن کي وِنڌي رهڙي صاف ڪندا هئا جيڪي مختلف رنگن
جا هوندا هئا. هنن ڪيرت- گهرن ۾ ننڍا، وچولا ۽ وڏا
مڻيا وِنڌيا ۽ رڳڙيا ويندا هئا. اتي ڪاريگرن جي
آرام لاءِ يارهن ڪمرا به موجود هئا. ان کان سواءِ
ٻه ڀانڊا ۽ هڪ جڳهه واهت ڪرڻ واري راکي لاءِ به
ٺهيل هئي. جيڪا ان صنعتي علائقن جي لنگهه وٽ هئي.
ان صنعتي علائقي جي اڱڻ مان ٻه وڏا مَٽَ لڌا ويا
آهن، جن ۾ 800 عقيق (Cornelian)
جا مڻيا پيل آهن، جيڪي ڪم جي مختلف مرحلن ۾ آهن.
هڪ ڏهاڙيءَ جي وقت ۾ وڌ ۾ وڌ ڪم ڪرڻ جا جتن ڪيا
ويندا هئا.
موهن جي دڙي وارو اهم ماڳ ۽ هڙاپا راڄڌانيون هيون.
هڙاپا ۾ بئرڪن جي شڪل وانگي جڳهن جون ٻه قطارون
هونديون هيون، جيڪي رهڻ جي مقصد لاءِ هيون. ان کان
سواءِ اناج جي گدامن جون به پنج قطارون آهن، جيڪي
اوچي ٿلهي تي اڏيل نظر اچن ٿيون. اناج جي گدامن
ڀرسان سترهن ٿلها آهن، جن تي پورهيت ويهي اَنُ صاف
ڪندا هئا. هنن حقيقتن مان معلوم ٿي رهيو آهي ته
هڙاپا جي انتظاميه ماڻهن کي پورهئي سان لڳائيندي
هئي، جن کي ڀروارين بئرڪن ۾ رهايو ويندو هو. موهن
جي دڙي ۾ اناج جو وڏو ڀانڊو قلعي نما ان عمارت جي
وچ تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪا اوچي ٿلهي تي اڏيل آهي.
جيڪڏهن سنڌو- تهذيب سان سمير واري ثقافت جو اصول
لاڳو ڪجي ته سمجهه ۾ اچي ويندو ته موهن جي دڙي ۽
هڙاپا ۾ موجود ان جا ڀانڊا ملڪي معشيت ۾ اهم ڪردار
ادا ڪندا هوندا. جتي جنس جي شڪل ۾ محصول ورتو
ويندو هو ۽ پورهئي جو اجورو به ائين ادا ڪيو ويندو
هوندو. سمير جي اُر (Ur)
واري ماڳ جي کوٽائيءَ مان به اناج جا ڀانڊا لڌا
ويا آهن. ساڳي ريت اهڙيون تختيون (Tablets)
به مليون آهن جن ۾ اناج جي مقدار ۽ ڏنل اجوري جو
ذڪر آهي.
موهن جي دڙي جي قلعي نما عمارت ميٽاڊيل واري حصي ۾
پاڻي جي تلاءَ جي ناياب اڏاوت آهي. ان جي ساري اڱڻ
۾ پڪين سرن جي فرشبندي ٿيل ڏسجي ٿي. ان تلاءُ جي
چوڌاري ورانڊو آهي، جنهن جي پٺئين پاسي ٽن طرفن
کان ننڍا ڪمرا ٺهيل آهن. وهنجڻ واري هن تلاءَ جو
ترو 2.44 ميٽر اونهون آهي. هيٺ وڃڻ لاءِ اتر ۽ ڏکڻ
کان ڏاڪا اڏيل آهن. پاڻي جي سمڻ کي روڪڻ لاءِ ڏامر
(bitumen)
ڪم آندو ويو هو. جڏهن تلاءَ کي پاڻيءَ کان خالي
ڪرڻ ضروري سمجهيو ويندو. هو ته تري ۾ ٺاهيل هڪ ڳڙک
وسيلي ان کي ڪڍي سگهبو هو. ساڳيءَ ريت لوٿل ۾ وري
ٻارهن گهر ٺهيل هئا. هر گهر لاءِ هڪ جدا سنان خانو
(Bath)
۽ ٻه ننڍڙا ڪمرا جوڙيل هئا. موهن جي دڙي واري قلعي
نما عمارت واري حصي ۾ ٻن قطارن جي شڪل ۾ اٺ سنان
خانا (Bath)
هئا. هر هڪ سنان خانو ڏاڪڻ وسيلي ٻه ماڙ عمارت جي
مٿينءَ ماڙيءَ سان ڳنڍيل هو. ڀرسان ويڪري اڱڻ سان
هڪ عمارت ڏسجي ٿي، جنهن جي چوڌاري ننڍن ڪمرن جا
آثار آهن. کوٽائي ڪرڻ واري ماهر جو خيال آهي ته
اهو پاٺ- شالا آهي. ان کانسواءِ هتي 27.44 ميٽر
ويڪري عمارت آهي، جيڪا پنجن حصن ۾ ورهايل آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اها لوڪ- سڀا (Assembly
Hall)
آهي. لوٿل ۾ مڻين واري صنعتي علائقي جي سامهون مٿي
قلعي نما عمارت ويجهو ورانڊي سان هڪ ويڪري منڊپ (hall)
آهي. امڪان آهي ته اها اڏاوت به لوڪ- سڀا جو ڪم
ڏيندي هجي. موهن جي دڙي جي ”Dk
ايريا“ ۾ 76.2 ميٽر همچورس هڪ ويڪري عمارت آهي،
جنهن کي ان ڪري شاهي محلات تصور ڪيو پيو وڃي، جو
ان جي چوڌاري ويڪرو ڪوٽ ڏنل آهي ۽ ٻاهرئين پاسي
کان پشتا به ڏنل ڏسجن ٿا. اهڙيءَ ريت ان عمارت
ڏانهن اچڻ وڃڻ لاءِ وڏي ڦاٽڪ جا آثار آهن. ڀرسان
ٻه کوهه ۽ ٻه سنان خانا (bath)
به موجود ڏسجن ٿا. هن جڳهه مان پنڊتن (Priests)
جون ٻه مورتيون پڻ هٿ آيون آهن. ان کان سواءِ هتي
پڪ سِري 1.22 ميٽر ويڪري هڪ گول قسم جي اڏاوت به
ملي آهي. ڪئت ناهي ته اهو اگني ديوتا جو قربانگاه
هجي. هن ”Dk
ايريا“ ۾ ٻيون به ٻه جڳهون آهن. ماهرن جو خيال آهي
ته انهن مان هڪ عمارت هاسٽل (Hostel)
۽ ٻي مندر جي اڏاوت آهي. لوٿل جي به قلعي نما
عمارت يعني ميٽاڊيل واري حصي ۾ بئرڪن (barracks)
جون ٻه قطارون آهن، جن جي پٺئين پاسي ننڍن گهرن جي
ٻن قطارن جا آثار ڏسجن ٿا، جن سان گڏ سنان خانا به
آهن. امڪان آهي ته موهن جي دڙي ۾ تعمير ٿيل بئرڪن
۾ هنرمند ۽ ڪاريگر رهندا هوندا. ڇاڪاڻ جو ويجهو
اهڙيون بٺيون آهن. جيڪي ٺاٺارا ۽ ڪنڀر ڪتب آڻيندا
آهن.
فنونِ لطيفه
سنڌو تهذيب جا ماڻهو فنونِ لطيفه جهڙوڪ: ناچ،
چٽسالي ۽ مورتين جوڙڻ جا وڏا ڪاريگر هئا. اهڙيءَ
ريت ڪنجهي، ٺڪر ۽ پٿر جون مورتيون هنن ماڻهن جي
ڏات ۽ ڏانوَ جون ثابتيون آهن. جيڪي ناچڻيءَ جي روپ
۾ به موجود آهن. هن قسم جي ثقافتي شين جي
موجودگيءَ مان پتو پئجي وڃي ٿو ته سنڌي ماڻهو ناچ
۽ نچڻ جي مختلف اندازن کان چڱيءَ ريت واقف هئا.
سنڌو تهذيب جي مهرن ۾ سارنگيءَ جهڙو هڪ ساز ڏسڻ ۾
اچي ٿو. ان کان سواءِ لوٿل مان سپ (Shell)
مان ٺهيل (Bridge)
۽ (Plectrum)
هٿ لڳا آهن جن جي مدد سان تندن کي ڇيڙي ساز وڄايو
ويندو هو. ساڳيءَ ريت هن تهذيب جا وڏا ڪلاڪار ڪنڀر
به هئا، جيڪي ٿانءُ تي مختلف قسمن جون اليڪي ۽
امليڪي (flora
and fauna)
چٽساليون ڪندا هئا. لوٿل جي کوٽائيءَ مان ڳاڙهي
رنگ جا چمڪدار ٿانءُ مليا آهن، جن ۾ اعليٰ قسم جي
فن جو اظهار ڪيو ويو آهي. چٽساليءَ جي هڪ منظر ۾
جهنگلي جانور ڏيکاريا ويا آهن. ان کانسواءِ انهن
ڪنڀرن ڪاريگرن هڪ آکاڻي چٽساليءَ جي روپ ۾ نقش ڪئي
آهي، جيڪا ڏاڍي موثر آهي. اها آکاڻي لوٿل جي ننڍي
وڙ جي ٿانءُ تي ڏسجي ٿي. اها اڃياري هرڻ ۽ ڪانءَ
جي لوڪ ڪهاڻي آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته
مورتي واريءَ ڪلا کي ڪنڀارڪي ڪلا گهڻو پوئتي ڇڏي
ڪانه سگهي آهي. موهن جي دڙي مان دريافت ٿيل
مورتيون اهڙيون آهن. ڄڻ انهن ۾ ساه ڦُوڪيل آهي. هڪ
اهڙي مورتي به هٿ لڳي آهي، جنهن جا ڳل ۽ چپ ڏاڍي
خوبصورتيءَ سان نمايان ڪيا ويا آهن. سندس وار
ڪتريل ۽ ڦڻيءَ سان سنواريل ۽ سينگاريل آهن. ان کان
سواءِانهن کي پٽيءَ (Fillet)
سان سوگهو ڪيو ويو آهي. هڙاپا مان هڪ مورتيءَ جو
سر کان سواءِ ڌڙ لڌو آهي. ٻي مورتي ناچڻيءَ جي ملي
آهي. انهن ٻنهي جو هڏ ڪاٺ ڏاڍو نمايان رکيو ويو
آهي ۽ ناچ جي طرز به بي مثال آهي. هي ماڻهو ٺڪر
جون مورتيون ڏاڍيون سهڻيون جوڙي سگهندا هئا.
اهڙيءَ ريت گينڊي، ڪُتي، رڇ، ڳئون، جي مورتي به
ڏاڍي ڪاريگريءَ سان ٺاهي وئي آهي. ان کان سواءِ
ڀوليءَ جي مورتي ڏسجي ٿي جيڪا پنهنجي ٻچي کي گود ۾
جهليو ويٺي آهي ۽ هڪ نوريئڙو وڻ جي ٽاريءَ تي
ڊوڙندي ڏيکاريو ويو آهي. هي اهڙي طرز جون مورتيون
آهن، جن مان سندن ڪلا جي ڏات بکي رهي آهي. معلوم
ائين ٿي رهيو آهي، ته اهي جانورن جي هر چرپر کان
چڱيءَ ريت واقف هئا. هن حقيقت ڏانهن ڌيان ڌرڻ
ضروري ٿيندو. ته هي ماڻهو ٺڪر جون مورتيون سٺيون
ڪونه جوڙيندا هئا. ڇاڪاڻ ته هو سمجهندا هئا ته
اهڙيون مورتيون گهڻو وقت جٽاءُ ڪري ڪونه سگهنديون.
پر ان هوندي به سندن ٺاهيل ٻه مورتيون ٺڪر جي
مورتين جي فن جو اعليٰ نمونو آهن. انهن مان هڪ
سمير سان تعلق رکندڙ ڏاڙهي واري ماڻهوءَ جي مٿئين
ڌڙ جي مورتي آهي، جيڪا لوٿل مان لڌي آهي اها لوٿل
جي ڪنڀرن جوڙي آهي. جڏهن ته ٻي مورتي ڪاليبئنگن
مان هٿ لڳي، جنهن جو واسطو هن ڌرتي سان آهي ۽
پنهنجي طرز جو اعليٰ نمونو آهي، هيءَ عورت جي ٺڪر-
مورتي آهي. کوٽائي ڪرڻ واري ماهر جو خيال آهي ته
ماتا ديوي (Mother
Goddess)
آهي. ان جو تعلق سنڌو- ماٿري سان آهي. سندس ڳچيءَ
۾ ڪنڍيون ڪٺمال پاتل آهن ۽ مٿي سان اوڇڻ ڍڪيل اٿس.
جهنگلي جانور
(Bronze)
کي رجائي ڪنهن شئي اندر ڍالڻ واري ڪاريگريءَ وارو
ڪم موهن جي دڙي ۽ لوٿل ۾ ٿيو هو، جنهن جو مثال
موهن جي دڙي واري ماڳ تان ناچڻي جي مورتيءَ مان
ملي ٿو. هن جون وڏيون اکيون، بينون نڪ، گهاٽا
گهنڊيدار وار آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته اها ڌرتيءَ
جي ڄائي آهي ۽ اهڙا ماڻهو ڏکڻ هندستان ۾ نظر اچن
ٿا.
ان کانسواءِ موهن جي دڙي مان ڪنجهي جي ڏاند ۽ ڪتي
جي مورتي هٿ لڳي آهي. ساڳيءَ ريت لوٿل مان ڪنجهي
جو پکي مليو آهي. اهڙيون سڀ مورتيون نهريون مليون
آهن. ناچڻيءَ جي مورتيءَ مان محسوس ٿئي ٿو ته ان
جي ڍلائيءَ جو ڪم مختلف حصن ۾ ٿيل آهي.
پر سڀني کان وڌيڪ بي مثال ڍلائي يا پلٽڻ جو ڪم اهي
ڌاتوءَ جون مورتيون آهن جن سان گڏ لکت به موجود
آهي، جيڪي نظر ائين اچي رهيون آهن ڄڻ اهي زنده
هجن. ابرق پٿر (Steatite)
جي مهرن تي لکت جي اُڪير سان گڏ حقيقي انسانن،
ديوتائن، نيم ديوتائن ۽ تصوراتي ماڻهن جون تصويرون
به وڏي ڪاريگريءَ جو هڪ نمونو آهن، پر قربانيءَ
سان لاڳاپيل مهرن جي چٽسالي بلڪل سادي آهي. هڪ
سڱئي جانور جون تصويرون تمام گهڻيون آهن. وڌيڪ رعب
تاب واري تصوير هڪ سڱئي ڏاند جي ڏسجي ٿي جنهن جا
سڱ گهڻا ڊگها آهن. ان کان سواءِ هاٿي، ڏاند، چيتي،
ماڻهوءَ هڪ سڱئي ڏاند ۽ ٻڪري جون گڏيل (Composite)
تصويرون به آهن، جيڪي مختلف ڌرمي سوچن جي نمائندگي
ڪنديون هيون. مهرن ۾ چٽيل اهڙن جانورن جي جسماني
خدو خالن مان موهن جي دڙي جي ماڻهن جي ڪاريگري ڏسي
دنگ رهجي وڃجي ٿو ته سندن ڪلا ۽ ڏات ڪيڏي نه اوچي
هئي. هنن ماڻهن مهرن جوڙڻ لاءِ اهڙي نرم پٿر جي
چونڊ ڪئي هئي، جيڪو باهه تي گرم ٿيڻ کان پوءِ سخت
ٿي ويندو هو.
سنڌو تهذيب جي ڪنڀارڪي ڪلا به چوٽ چڙهيل هئي، هتان
جا ٺهيل ٿانءُ سمير ۽ مصر جي ٿانءُ کان نيارا ۽
پيارا هئا. هتان جا ڪي ٿانءُ انگريزي اکر ”S“
جهڙا هوندا هئا. ڪي گول ۽ سوراخن وارا هئا. ان
کانسواءِ ٿانءُ کي پاڻيٺ جهڙي شيءِ کي اوتڻ لاءِ
چهنب جهڙي تُن هوندي هئي. ڪي وري پڙڳي تري واريون
ڦيلهيون (dish-on-stand)
به هونديون هيون، بومبيءَ وارا پيالا به هوندا
هئا. پر سنڌو- تهذيب جي پوئين مرحلي ۾ چهنب جهڙيءَ
تُن ۽ سوراخن وارن ٿانءُ ٺاهڻ جو رواج ختم ٿي ويو
هو. ان کان سواءِ ٻين ٿانءُ جي گهاڙ جي طرز ۾ ڦير
ڦار ڪئي وئي هئي. اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌو
تهذيب جي ٿانءُ تي ٿيل چٽسالي اعليٰ ۽ اوچي هئي،
جنهن ۾ جاميٽري جي اصول وارا چٽ ۽ قدرتي نظارا
هوندا هئا. هن قسم جي چٽساليءَ جو ڄڻ ورجاءُ ڏسڻ ۾
ايندو هو. جڏهن ته لوٿل واري ٿانءُ جو چٽ بلڪل الڳ
ڏسبو هو. اتان جا ڪنڀر ورجاءُ واري روايت کي پسند
ڪونه ڪندا هئا ۽ نه وري ٿانءُ تي گهڻي چٽساليءَ جو
هروڀرو گينجارو ڪندا هئا ۽ هڪ ٿانءُ جو چٽ ٻئي
ٿانءُ جي چٽ کان مختلف هوندو هو. گهڻو ڪري جانورن
جي شڪل جي چٽسالي ڪندا هئا. پر جڏهن سنڌو- تهذيب
جو پويون دؤر اقتصادي بدحالي جي ور چڙهي ويو، ته
ڪنڀارڪي ڪلا ۽ ڏات به ملڪ مان موڪلائي وئي.
سنڌو- تهذيب سکي ستابي ۽ ريان کيان واري ڌرتي هئي.
ماڻهو ڳهن جا شوقين هئا. تنهنڪري هر پراڻي ماڳ مان
چيچن، ڪاراين، ڳچي، مٿي ۽ نڪ جا ڳهه مليا آهن.
اهڙي ريت سون، چاندي، مورتين، ٽامي، عاج، سپن،
ڪوڏن ۽ ٺڪر جا زيور پڻ هٿ لڳا آهن. پر انهن سڀني
کان اهم پنجن سرين يا لڙهين تي مشتمل لوٿل مان
سونو هار مليو آهي. سرين ۾ ڪم آندل سون جا مڻيا
ننڍڙا ۽ سهڻا آهن. ساڳيءَ ريت موهن جي دڙي مان به
سونو هار هٿ آيو هو، جنهن ۾ سون جا وڏا گول مڻيا،
زرد سليماني پٿر (Onyx)
۽ فيلسپار (Felspar)
ڊگهيءَ طرز وارا مڻيا ڪتب آندا ويا هئا. ان جي وچ
تي سنگ سليماني (agute)
جو وڏو مڻيو هو، جنهن تي سون جي ٽوپي چڙهيل هئي.
هن تهذيب جا ماڻهو راند روند جا به شوقين هئا. ڪم
ڪار کان واندا ٿي گهرن ۾ اهڙي راند ڪندا هئا، جيڪا
موجوده دؤر جي شطرنج
(Chess)
جهڙي هوندي هئي. لوٿل مان ان راند ۾ ڪم ايندڙ ٺڪر
جون ڳوٽون به هٿ لڳيون آهن، جن مان ڪي جانورن
جهڙيون آهن، ڪن جي شڪل قلعي وانگي ۽ ڪي ڊگهيون
چنهنباريون ڪي پئرامڊ وانگر نظر اچن ٿيون. پر سڀني
جو ترو سئون سڌو آهي ۽ رکڻ سان هڪ جڳهه تي ٽڪي
بيهي رهن ٿيون. ڪن کوٽائي ڪندڙ ماهرن جو خيال آهي
ته ڊگهيون نوڪدار ۽ اڌ گول ڳوٽون لنگم (Phalluses)
۽ يوني آهن. پر ائين ڪونه آهي. شطرنج جي ڳوٽن جو
مڪمل تعداد مصر جي هيسچپ سائوٽ (Hatschepsout)
نالي راڻي جي مقبري مان به لڌيون آهن، جيڪي هوبهو
لوٿل مان مليل شطرنج جي ڳوٽن جهڙيون آهن.
لوٿل مان ٻارن جا ٺڪر جا رانديڪا به هٿ آيا آهن،
جيڪي سيٽين ۽ جانورن تي مشتمل آهن. رڇ جي شڪل جهڙو
هڪ رانديڪو پڻ آهي، جنهن کي ڏوري ٻڌي ڇڪڻ سان
مختلف ڪرتب ڏيکاري سگهي ٿو. ڪن جانورن کي مڻين جا
ڦيٿا لڳل آهن، جيڪي ڏوري ٻڌي ڇڪڻ سان هيڏي هوڏي
ڦري گهري سگهن ٿا. انهن کان سواءِ مٽيءَ جا ٻيا
جانور به ڏسي سگهجن ٿا.
پوکي راهي:
(Agriculture)
سنڌو- تهذيب جو شهري ماڻهو ڏاڍو ڪاريگر ۽ هنرمند
هو. پر جيڪڏهن انهن کي ٻهراڙي وارو سماج، اضافي
کاڌو خوراڪ نه پهچائي ها، ته اهي پنهنجي ڏات ۽
ڏانءُ ڏيکاري ڪونه سگهن ها. اهڙيءَ ريت سنڌو-
تهذيب جي عروج واري دؤر سان لاڳاپيل چولستان (57)
واري علائقي مان 200 ڳوٺن جا اهڃاڻ مليا آهن، جيڪي
هريانا (پنجاب) (58) ۽ گجرات (59) واري جوءِ ۾
آهن. هنن ماڻهن کي اناج اپائي هڪ هنڌ ڀانڊن ۾
سانڍي رکڻ وارو فڪر پنهنجن وڏڙن کان ورثي ۾ مليو
هو. ڇاڪاڻ ته بولان لڪ جي سامهون مهر ڳڙهه واري
جُوءِ ۾ پنج هزار قبل مسيح واري هڪ وسندي هٿ لڳي
آهي. جنهن جي کوٽائي ۽ کوجنا فرينچ ماهرن ڪئي هئي
(پر هيءُ قديم ماڳ 8000 ق.م پراڻو آهي جنهن جي
کوٽائي (1974-1984 ۾ ڪئي هئي. (مترجم) هن ماڳ جي
کوٽائي ۽ کوجنا مان ڄاڻ ملي آهي. ته چار هزار قبل
مسيح دوران هتي مختلف وسنديون آباد هيون. جتان جي
ماڻهن مختلف قسم جا اناج ڀانڊن ۾ سانڍي رکيا هئا.
ماهرن کي کوٽائيءَ دوران ڪڻڪ، جوَ ۽ ڪڪڙا هٿ لڳا
هئا. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته موهن جي دڙي،
هڙاپا، لوٿل، چانهونءَ جي دڙي، داٻڙ ڪوٽ، کيرا سر،
ڍول وير، رحمان ڍيري ۽ ڪئليبئنگن جهڙي مذهبي ماڳ
کي پڻ کاڌي پيتي لاءِ اناج ڀر وارن ڳوٺن مان ملندو
هو. اهڙيءَ ريت ڳوٺاڻن کي لٽو ڪپڙو، ڌاتوءَ جا
اوزار، ٺڪر جا ٿانءُ ۽ ڳهه ڳٺا ملندا هئا. اهڙي
ڏيتي ليتي مال بدلي مال وسيلي هلندي هئي.
اهڙيءَ ريت سنڌو- ماٿريءَ ۾ ڪڻڪ جون ٻه جنسون (Tritium
Compactum)
۽ (Sphaerococcum)
هٿ لڳيون هيون. ساڳيءَ ريت جَوَن جون به ٻه جنسون
جهڙوڪ: (hordeum
vulgare)
۽ (hexastichum)
مليون هيون. سوراشٽر واريءَ جُوءِ ۾ ساريون
ٿينديون هيون. وايومنڊل مان معلوم ائين ٿي رهيو
آهي، ته ڪئليبئنگن واري علائقي ۾ گهڻن قسمن جي
پوکي راهي ٿيندي هئي. بنا واليءَ ماڳ جي کوٽائيءَ
مان ٺڪر جو هر هٿ لڳو آهي، جنهن مان معلوم ٿي رهيو
آهي ته هتان جا ماڻهو پوکيءَ راهي جي ڌنڌي ڌاڙي
سان واڳيل هئا. لوٿل مان مهرن جا اهڙا نشان مليا
آهن، جن تي ڪپڙي جي اُڻت ۽ ڌاڳن جا چٽيل اهڃاڻ
مليا آهن. پر اصل ڪپڙو ڪپهه جي هن جنس (Gossypium
arboretum)
مان ٺهندو هو جيڪا موهن جي دڙي جي اوسي پاسي ٿيندي
هئي.
پوکي راهيءَ جو مطلب آهي ته جهنگلي جانورن کي پالي
گهرو جانور بڻائڻ هو. هاڻي اسان کي موهن جي دڙي،
لوٿل ۽ سرڪوٽاڊا جي کوٽاين ۽ کوجنائن مان ڄاڻ ملي
آهي، ته رڍن، ٻڪرين، مينهن ڳئن سوئرن کان سواءِ
هتان جي ماڻهن گهوڙي جهڙي جهنگلي جانور کي پالي
گهرو جانور بڻائي ڇڏيو هو. اهو به معلوم ٿيو آهي
ته سوراشٽر جي ولڀي (Valabhi)
واري جُوءِ ۾ به جانورن پالڻ جو هڪ مرڪز موجود هو.
آر. اين. مهتا جو خيال آهي ته اتي نه رڳو ڳئن جي
گوهر جي سيوا ڪئي ويندي هئي. پر رگويد جي لکت ۾
اهو ماڳ پتسيه وريجانس (Patsya
varijanas)
هو. نه رڳو قديم زماني ۾ پر موجوده دؤر ۾ هتي ايل-
پنهوار سانگي ماڻهو رهندا آهن، جيڪي پنهنجي چوپائي
مال جي ڪڍ هلندا رهندا آهن ۽ ڪٿي هڪ جائتا ٿي
وسنديون جوڙي ويهي ڪونه رهندا آهن. ڪئليبئنگن جي
ماڳ مان اُٺن جا هڏا به مليا آهن. هن حقيقت مان
معلوم ٿي ويندو ته قديم زماني ۾ سنڌو- تهذيب واري
علائقي ۾ اٺ به هوندا هئا. ان کان سواءِ سنڌو-
تهذيب جا ماڻهو چيتي، گينڊي ۽ هاٿيءَ کان به واقف
هئا، جن نهايت خبرداريءَ سان مهرن تي انهن جانورن
جون تصويرون به اڪيريون آهن. اهڙيءَ ريت لوٿل مان
هاٿيءَ ۽ گينڊي جا هڏا به مليا آهن.
مئل ماڻهن جي لاشن جي نيڪال ڪرڻ جو طريقو
سنڌو- تهذيب جا ماڻهو پنهنجي عزيزن قريبن جي لاشن
کي ساڙيندا نه هئا، پر نيهر (دفن) ڪندا هئا.
ڪئليبئنگن مان لاش رکڻ وارا ٿانءُ مليا آهن، جن ۾
لاشن جا هڏا ڪونه آهن. اهڙي قبرستان ۾ ڪي قبرون
ڊگهيون ۽ ڪي ننڍڙيون آهن. جن ۾ لاشن جا ڪجهه حصا
دفن ڪيا ويا ٿا ڀائنجن. ان کان سواءِ لوٿل ۽
ڪئليبئنگن مان هڪ هڪ قبر لڌي آهي، جن ۾ ڪچين سرن
جي اوساري ٿيل ڏسجي ٿي. اهڙيءَ ريت هڙاپا جي
قبرستان مان هڪ ڪاٺ جو تابوت به هٿ لڳو آهي. لاش
سان گڏ کائڻ پيئڻ سان لاڳاپيل ٿانءُ ٿپا رکيل هٿ
لڳا آهن. ان دؤر جي ماڻهن جو تصور هو ته مرڻ کان
پوءِ ماڻهو جيئرو ٿئي ٿو ۽ کيس کاڌي پيتي جي ضرورت
پوي ٿي. ڪن قبرن مان ٽامي جون منڊيون ۽ چوڙيون به
مليون آهن. لوٿل ۽ ڪئليبئنگن جي قبرستان جي قبرن
مان ٻڪرين جا هڏا ۽ سڱ مليا آهن جن مان معلوم ٿئي
ٿو ته انهن جانورن جو گوشت لاش کي ڏنو ويو آهي، يا
ان ماڻهوءَ جي مرڻ کان پوءِ انهن جانورن جي قرباني
ڪئي وئي آهي. لوٿل مان ٻه عجيب غريب قبرون مليون
آهن. جن ۾ هڪ مرد ۽ هڪ عورت کي گڏ نيهر ڪيو ويو
آهي. اهڙيءَ رپورٽ مرد ۽ عورت جي هڏن کي سڃاڻڻ جي
ماهرن، بي. ڪي. چئٽرجي ۽ آر. ڊي. ڪمار ڏني هئي.
حقيقت مان معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته زال پنهنجي
مڙس جي وفات جو صدمو نه سهي سگهي ۽ آپگهات ڪري
پنهنجو انت آڻي ڇڏيو. تنهن ڪري کيس پنهنجي مڙس سان
گڏ هڪ قبر ۾ دفن ڪيو ويو هو. اهڙيون گڏيل قبرون
ٽئين مرحلي واري دؤر ۾ گهڻيون ڏسجن ٿيون. پر پوءِ
واري مرحلي ۾ ان ڪُريت کي ختم ڪيو ويو ٿو ڀائنجي ۽
IV
۽
V
مرحلي ۾ فقط هڪ هڪ اهڙي قبر موجود آهي، جن ۾ زال
مڙس گڏ دفن ٿيل ڏسجن ٿا. ست پٿ براهمڻ (Satpatha
Brahmana)
۾ پڻ اهڙيون ڳالهيون لکيل ملن ٿيون ته ويدن واري
دؤر جي آرين لاش ساڙڻ واري رسم کي مڪمل طور اختيار
ڪونه ڪيو هو. پر علامت طور ڪو نه ڪو لاش دفن به
ڪندا هئا (60)
اهڙيءَ ريت ٽريفينيشن (Trephination)
جا به ٻه مثال ملن ٿا، جن مان هڪ جو تعلق لوٿل ۽
ٻئي جو تعلق ڪئليبئنگن سان هو. اهڙو ذڪر ٻڌ ڌرم جي
ڪتاب مان ملي ٿو، جنهن جو تعلق پنجين صدي قبل مسيح
سان آهي. ان ڪتاب جي بيان مطابق مها وڳ جيوڪ (Mahavagga
Jivaka)
نالي هڪ ماڻهوءَ دماغي سرجري جو فن ٽيڪسيلا
يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيو هو. هن ڏاهي ماڻهوءَ
لاءِ چيو ويندو آهي ته، راجا گرهه (Rajagriha)
جي هڪ واپاريءَ جي دماغ جو آپريشن ڪيو هو. جنهن کي
مٿي ۾ ڳوڙهو (رسولي) (Brain
Tumur)
جي بيماري هئي ٻارهين صديءَ جي هڪ تحرير مطابق
لوٿل جي هڪ ٻار جي دماغ جو آپريشن ڪيو ويو هو،
جنهن ۾ ڪنجهي (Bronz)
جي وَريل ننڍڙي ڪارائي (saw)
۽ (Scalp
like)
پٿر جي اوزار يا ڇري (Chert-blade)
ڪم آندي وئي هئي. جڏهن ته مٿي اندر رسولي جو مريض
هڪ ننڍڙو ٻار هو.
ساڳيءَ ريت دَمب بُٺيءَ جي قديم ماڳ جي لاڌ مان
مليل معلومات جي آڌار تي يقين سان چئي سگهجي ٿو،
ته سنڌو- تهذيب دنيا جي وڌ ۾ وڌ ترقي يافته تهذيب
هئي، جنهن انسان ذات جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ هڪ
نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌو-تهذيب جا پهريان
سياڻا ۽ سچيت ماڻهو هئا، جن دنيا کي ڏهائي سرشتو (decimal
system)
۽ تور ماپ جو بهتر نظام ڏنو هو. هنن ماڻهن دنيا کي
”يوگا“ جي سائنس ڏني هئي. پر پوءِ به هن عظيم
تهذيب جي تعمير بابت ڪيترن سوالن جا جواب ڏيڻا
آهن، ته اهي ماڻهو هن ڌرتيءَ ڄاوا (autochthonous)
هئا يا ٻاهران اچي هن ڌرتيءَ جي والار ڪئي هئي.
جيستائين هنن ماڻهن جي ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ جي
ڄاڻ نه ملندي ۽ مهرن ۾ لکيل سندن خيالن بابت
معلومات حاصل نه ٿيندي، تيستائين سنڌ جي شهنشاهت
جي بانين بابت اصلي ۽ تز ڄاڻ نه ملي سگهندي.
پر خوشقسمتيءَ سان سنڌو- لکت کي ڀڃڻ جون ڪوششون
ڪامياب ٿيون آهن. اهڙيءَ ريت هن لکت جي ڀڃڻ ۽ ان
جي مهرن ۾ استعمال ڪيل ٻولي جي سڃاڻ جي هڪ لڳاتار
سلسلي جو مرحليوار بيان ڪجي ٿو.
لکت
(Script)
موهن جي دڙي ۽ لوٿل جي کوٽاين ۽کوجنائن (1966)
وسيلي انهن جي مختلف تهن تان هٿ آيل مهرن مان پتو
پيو آهي ته، (مهرن جي) لکت ۾ ڪم آيل نشانين کي عهد
وار سلسلن دوران سولي ۽ سادي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي
وئي آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته موهن جي دڙي ۽
لوٿل جي ابتدائي قديم ۽ وچين دؤر وارن تهن تان هٿ
آيل مهرن ۾ ڪم آندل نشانيون گڏيل آهن. جن ۾ تصويري
(Pictographics)
نشانين سان گڏ اهڙيون روان (Cursive)
نشانيون به موجود آهن، جيڪي رومي لکت جي اکرن يا
الف- ب،
x،
y،
u،
v،
w،
D،
E،
H
وغيره جهڙيون آهن. پر انهن سان گڏ
ڪجهه اهڙيون نشانيون به آهن، جن کي غلطيءَ وچان
تصويري سڏيو ويو آهي، جنهن جو مثال هي نشاني آهي جنهن
کي عام طور ڪاوانٺيءَ وارو سمجهيو ويندو آهي. موهن
جي دڙي ۽ لوٿل جي پوئين دؤر جي نشانين کي وڌيڪ
سادي ۽ سولي بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن ۽
تصويري نشانين بدران روان (cursive)
نشانين کي آندو ويو آهي، تنهن ڪري بنيادي نشانين (basic
sings)
جو تعداد گهڻو گهٽجي ويو آهي. جيڪڏهن ڪو ماهر
سنڌو- لکت کي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪري ته ان کي موهن جي
دڙي ۽ لوٿل جي پوئين دؤر جي مهرن ۾ موجود سولين ۽
سادين نشانين کي سمجهڻ ۽ ڀڃڻ کان ابتدا ڪرڻ گهرجي.
انهي طريقي کي پنهنجائڻ سان کيس مهرن ۾ ڪم آيل
ٻولي به سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي. اهڙي
مرحلي کي سمجهڻ کان پوءِ ابتدائي ۽ وچين دؤر جي
لکت جي پيچيده نشانين کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
جنهن کي سنڌو تهذيب جي عروج واري لکت سڏيو ويندو
آهي. تنهنڪري اسان سنڌو- لکت کي ڀڃڻ لاءِ سولين ۽
سادين نشانين کان شروعات ڪري پيچيده نشانين کي
سمجهي سنڌو لکت کي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سنڌو- تهذيب جي پوئين دؤر جي سولين ۽ سادين بنيادي
نشانين جو ڪل تعداد فقط 24 آهي جن کي هڪ کان چئن
تائين ننڍيون اڙيون ۽ هڪ (Diacriticsl
mark)
جهڙيون نشانيون شامل ڪيون ويون آهن. ساڳيءَ ريت
ٽين صدي قبل مسيح جي برهمي لکت جي نشانين کي اڙيون
ڏنيون ويون آهن، جنهن جو مقصد حرف صحيح يا وينجن
(Consonant)
سان حرف علت (vowel)
شامل ڪرڻ هو. فرق رڳو اهو هو ته برهمي جي حرف صحيح
جي نشانين سان شامل حرف علت جي مختلف طرفن وسيلي
مختلف اچار ملي سگهندا هئا. جڏهن ته سنڌو- لکت جي
وچ واريون حرف علت جون
a،
a
aec
=
ao
نشانيون ۽ اچار اڙين جي مختلف تعداد وسيلي ظاهر
ڪيا ويندا هئا. اهڙو مثال هن ريت ڏئي سگهجي ٿو
U
=
a
بنيادي نشاني آهي. هن کي جيڪڏهن ٻنهي طرفن کان ٻه
اڙيون شامل
ڪبيون ته اچار آa
بنجي ويندو. جيڪڏهن هن نشانيءَ
مٿان هڪ ڇهنب
ڏبي ته
اچار آءِ ٿي پوندو. جڏهن ته ٻن ڇهنبن ڏيڻ سان اُچار ٿي
ويندو هو. اهڙيءَ ريت ابتدائي حرف علت نشاني جو
اچار به ساڳو رهندو هو. هن کان سوءِ سنڌو- لکت جي
ٻي اهم خاصيت ٻن يا ٽن حرف صحيح کي ملائڻ هو.
برهمي لکت به ساڳيو طريقو اختيار ڪيو هو، جنهن کي
سميرڪت اڪشرس (Samyukate
aks ras)
سڏيو ويندو هو، جنهن اصول مطابق ٻه يا ٽي حرف صحيح
نشانيون پاڻ ۾ ملي وينديون هيون. سنڌو لکت جي ٻن
يا ٽن حرف صحيح جي ملڻ جا مثال هي پت، پپهه آهن.
ائين ٿيڻ سان لکت ڄڻ تصويري بڻجي وڃي ٿي. ان کان
سواءِ ٻيو مثال + جو آهي جن
کي پاڻ ۾ ملائڻ سان لفظ بنجي
پوي ٿو. اهڙيءَ ريت هي پپر لفظ هوبهو ڪاوانٺيءَ
وارو بنجي پوي ٿو، جنهن کي ماهر (bearer)
سڏين ٿا. پر هي لفظ پپر آهي، جنهن جي معنيٰ
بچائيندڙ آهي. پهه ۽ بڪ پدن جي ٺهڻ جو به ساڳيو
طريقو آهي، جيڪڏهن سنڌو- تهذيب جي قديم دؤر جي لکت
جو ڀيٽوار اڀياس ڪبو ته معلوم ٿيندو ته هن لکت ۾
62 بنيادي نشانيون آهن، جن ۾ تصويري نشانيون به
شامل آهن. اهڙيءَ ريت بنيادي نشانين جو تعداد ٿورو
آهي، تنهنڪري سنڌو لکت نه تصويري هئي نه هيويري پر
صوتي (Phonetical)
هئي، جنهن جا اچار نهايت چٽا ۽ واضح هئا. تنهنڪري
يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌو لکت جي هر هڪ اکر
سان هڪ واضح اچار شامل هو.
سنڌو- لکت کي ڀڃڻ جو ٻيو مرحلو لکت جي بنيادي
نشانين کي صوتي ملهه ڏيڻ هو. سنڌو- تهذيب جي پوئين
دؤر جي 24 بنيادي نشانين جي مطالعي کان پوءِ معلوم
ٿيو ته ان جون 17 نشانيون 16 صدي قبل مسيح جي سادي
الف - ب جي نشانين سان هڪ جهڙائي رکن ٿيون، جيڪا
اڳئي پڙهجي چڪي آهي، تنهن ڪري مناسب سمجهيو ويو ته
سنڌو- لکت جي اهڙين نشانين کي ساڳيو صوتي ملهه ڏنو
وڃي، جيڪي سامي الف- ب جي نشانين جهڙيون آهن. ڊگهن
اچارن وارين نشانين کي حرف علت جو صوتي ملهه ڏنو
ويو. اهڙيءَ ريت حرف صحيح جي گڏيل نشانين کي (Pseudo-
pictures)
طور سمجهيو ويو. اهڙي اصول کي اختيار ڪري سنڌو-
لکت جون هڪ سو کن مهرون پڙهڻ ممڪن ٿي ويون هيون،
جن جون نشانيون سامي لکت جي الف- ب جي نشانين
جهڙيون هيون، ان ڪري معلوم ٿيو ته سنڌو- لکت جي
مهرن ۾ ڪم آيل ٻولي قديم آريائي ٻولي هئي. ان کان
پوءِ قديم ۽ وچين دؤر جي تهن تان هٿ آيل مهرن جي
تصويري نشانين کي صوتي ملهه ڏنو ويو، جنهن مان
معلوم ٿيو، ته انهن مان ڪجهه نشانيون پدن واريون (Syllabic)
۽ ڪجهه الف- ب واريون نشانيون آهن. اها حقيقت ان
ڪري به واضح ٿي وئي هئي جو صوتي ملهه واريون
تصويري ۽ روان (Cursive)
نشانيون گڏ هيون.
سنڌو- تهذيب جو آخري مرحلو
رنگپور (54-1953) ۽ لوٿل (1955-1962) جي کوٽاين ۽
کوجنائن مان هيءَ حقيقت معلوم ٿي هئي ته سنڌو
تهذيب ختم ڪانه ٿي وئي هئي، پر زوال جي صورت ۾
گجرات ۾ اڃا به زنده هئي. ان کان سواءِ هريانا
(هندستاني پنجاب) ۽ اُتر- پرديش جي الهندي پاسي به
کوٽايون ۽ کوجنائون ڪيون ويون هيون، جن مان واضح
معلومات ملي ته هتي انهن ماڳن ۾ عروج واري ۽ زوال
پذير سنڌو- تهذيب جا اهڃاڻ موجود هئا. چولستان
(بهاولپور- پاڪستان) مان به ساڳيا اهڃاڻ مليا هئا.
سنڌو- تهذيب جي زوال جي ڪارڻن تي هن ڪتاب جي ڏهين
باب ۾ بحث ڪيو ويو آهي. هتي فقط ايترو چئي سگهجي
ٿو، ته سنڌوءَ ۽ سابرمتي ۽ انهن جي ڀرتي ڪندڙ شاخن
۾ وڏو چاڙهه آيو هو. تنهن ڪري سنڌ ۽ گجرات جا اهم
شهر ۽ وڏا تجارتي مرڪز ٻڏي اجڙي ڀينگ ٿي ويا. ايڏي
وڏي چاڙهه واري پاڻيءَ سبب لَٽُ به تمام گهڻو آيو.
جنهن ڪري درياهن جا منهن بند ٿي ويا. چاڙهه واري
پاڻي آباد شهر ۽ ڪاهيل فصل ٻوڙي ملڪ کي کنا کيڙا
ڪري ڇڏيو. ماڻهو سر بچائي جيڏانهن آيو تيڏانهن
منهن ڪري پنهنجا پراڻا پڊ ڇڏي ڪک پن ٿي ويا. هتان
جي ماڻهن ڀَوَ ۾ اڳواٽ ئي اوچا ٿلها ۽ سگهارا ڪوٽ
اڏي ڇڏيا هئا. پر سندن سارو پورهيو پاڻيءَ جو وڏو
لڙهو اک ڇنڀ ۾ لوڙهي هليو ويو. 1971ع ۾ ڀوگارو (Bhogaro)
نديءَ ۾ هيڪاندو چاڙهه آيو هو، جنهن ڪري لوٿل ۾
تازو ٺهيل ميوزم ٻڏي تباهه ٿي ويو هو. ان ڪري چئي
سگهجي ٿو ته سنڌو تهذيب واري دؤر ۾ سنڌوءَ،
سابرمتيءَ ۽ لوڻي درياء ۾ وڏو چاڙهه آيو هوندو،
جنهن سنڌو تهذيب جا ننڍا وڏا تجارتي مرڪز اجاڙي
ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيا هوندا. سنڌ جي ٿر وارو علائقو به
سنڌو- تهذيب جي ٻين علائقن جيان اجڙي ناس ٿيل
سمجهڻ گهرجي. اهو به امڪان آهي ته ڌرتيءَ جي ڌڏڻ
ڪري به هي علائقو رڻ پٽ بڻجي سگهي ٿو. پر درياهن
جي وڏي چاڙهه کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي.
چيو ويندو آهي ته 1900 ق.م دوران هڪ وڏي اٿل آئي
هئي، اهو زمانو سنڌو تهذيب جي عروج وارو هو. ماڻهن
جا جهڳا جهڻ وسنديون ويران ۽ شهر ناس ٿي ويا هئا.
ويچارن پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي وڃي نيون وسنديون
وسايون هيون. حالتن مان معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته
هنن تڙتڪڙ ۾ لڏي ستلج جي اڀرندي ڪناري گهگهر پهچي،
نوان نجهرا ۽ اجها اڏيا هوندا. ان کان پوءِ هنن
هوريان هوريان يمونا (Yamuna)
درياه ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو هوندو. اهڙي ريت موهن جي
دڙي ۽ ڏکڻ سنڌ جا ماڻهو لڏي پلاڻي سوراشٽر واريءَ
جُوءِ ۾ اچي نڪتا هوندا ۽ اڳتي وڌي اپٻيٽ وارو
اندروني علائقو والاري ويٺا هوندا. تنهن ڪري
راڄڪوٽ، ڄام نگر، ڀاونگر، کيدا ۽ ميهسانا جي ماڳن
کي سنڌو- تهذيب جا قديم ماڳ سڏي سگهجي ٿو. هن
حقيقت ۾ به شڪ شبهي جي گنجائش ڪانه آهي ته گجرات
جا اهي علائقا سنڌو- تهذيب جا علائقا آهن. گجرات
جي انهن ماڳن کي سنڌو- تهذيب جو اجڙيل ۽ بگڙيل
مرحلو سڏي سگهجي ٿو. جن جي کوٽاين ۽ کوجنائن وسيلي
هٿ آيل هر ثقافتي شئي زوال جو شڪار ڏسڻ ۾ آئي.
ڇاڪاڻ ته آباد ماڻهو ڏتڙجي هتي پهتا هئا، ڏُرت ۽
ڏڪار جا ماريل هئا. هنرمندن ۽ ڪاريگرن لاءِ جيئرو
رهڻ به مسئلو هو. انهيءَ سان گڏ سندن ٺاهيل شين جا
خريدار به غريب ۽ دربدر ٿي آيل ماڻهو هئا. جن کي
انهن شين جي معاوضي جي بدلي جنس ڏيڻ جيتري سگهه
ڪانه هئي. جتي خريدار سڃو هوندو آهي، ته اتي فن
اسري ڪونه سگهندو آهي. تنهن ڪري ان دؤر جي اجڙيل ۽
بگڙيل سنڌو تهذيب کي سنڌوءَ جي عروج واري تهذيب
سڏي ڪونه ٿو سگهجي. رفيق مغل جي بيان مطابق
چولستان ۾ 40 ماڳ اهڙا آهن، جن جو تعلق سنڌو-
تهذيب جي اڳ واري دؤر سان آهي. جڏهن ته 147 ماڳن
جو لاڳاپو سنڌو- تهذيب جي عروج واري زماني سان
ڏسجي ٿو. اهڙيءَ ريت 50 ماڳ سنڌو تهذيب جي اجاڙ ۽
بگاڙ واري پوئين دؤر سان واڳيل ڏسجن ٿا، جيڪي
گهگهر درياه جي اڀرندي ڪناري پکڙيل آهن. ان کان
سواءِ سنڌو- تهذيب کان اڳ واري مرحلي سان لاڳاپيل
102 ماڳ به هٿ لڳا آهن، جيڪي گهگهر ۽ يمونا درياهن
جي وچ واري علائقي ۾ موجود آهن. ڪجهه قديم ماڳ
گانيسر (Ganesar)
جي علائقي ۽ راجسٿان (61) جي ضلعي سڪار (Sukar)
۽ جهونجهونو (Jhunjunu)
۾ آهن. آر. سي. اگروال جو خيال آهي ته انهن جو
تعلق به سنڌو- تهذيب جي اڳ واري دؤر سان آهي.
اهڙيءَ ريت 450 ماڳ ستلج ۽ گنگا جي وچ واري علائقي
۾ موجود آهن، جيڪي پنجاب جي هريانا، راجسٿان ۽ اتر
پرديش جي الهندي واري علائقي ۾ آهن، جن جو تعلق
سنڌو- تهذيب جي اجاڙ ۽ بگاڙ واري پوئين دؤر سان
آهي. هنن علائقن ۾ 120 ماڳن جو تعلق سنڌو- تهذيب
جي اڳ واري زماني سان آهي. جيتري قدر گجرات جو
تعلق آهي ته اتي سنڌو- تهذيب جي اڳ وارا (Pre-
Indus)
قديم ماڳ تمام ٿورا لڌا آهن. ساڳيءَ ريت هتي سنڌو-
تهذيب جي عروج واري زماني سان لاڳاپيل ماڳ به فقط
40 آهن. ڪن ماهرن جو خيال آهي ته اهي 100 آهن، پر
حقيقت ائين نه آهي. سنڌو تهذيب جي پوئين دؤر سان
تعلق رکندڙ ماڳ ڀادر (Bhadar)
نالي ٻن درياهن جي ڪنارن، وچ گجرات جي ماهي (Mahi)
ندي ۽ اتر گجرات جي روپڻ
(Rupen)
ندي جي ڪنڌين ڪڙن سان واقع آهن. هنن ماڳن جي
کوٽاين ۽ کوجنائن مان ڪي يادگار ثقافتي شيون هٿ
ڪونه لڳيون آهن. ان کان سواءِ اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو
ته اتان جي شهرين کي ڪنهن به قسم جون سهوليتون
مليل ڪونه هيون. هنن ماڳن جو ٿانءُ ۽ ٻيون شيون به
زوال جو شڪار هيون، جنهن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته
اهو سنڌو- تهذيب جي اجاڙ ۽ بگاڙ وارو پويون مرحلو
هو.
سنڌو- تهذيب جي زوال واري مرحلي کي اڳي به (Late
Indus)
۽ سنڌو تهذيب جي پوئين دؤر
(Post-
Indus)
جي نالن سان بيان ڪيو ويو آهي جن کي (Late-
Harappa)
۽ (Post-Harappa)
به سڏي سگهجي ٿو. اهڙي اجڙيل ۽ بگڙيل تهذيب جا
اهڃاڻ ڄمون جي منڊا ((Manda،
پنجاب جي چنديڳڙهه جي ڍير مجرا (Dher
Majra)
۽ سنگهول (Sanghol)،
الهندي اتر پرديش جي عالمگير پور هلا (Hula)
۽ بارگائون (Bargaon)
II-B
هريانا ۾ دولاپور (Daulaper)
۽ ميٽاٿل (Matathal)
(خاڪو 1) هٿ لڳا آهن. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته
اهي وسنديون آمدنيءَ جي وسيلن جي ڀرسان وسايون
ويون هيون. انهيءَ زماني سنک (Conch
shell)
وڏي اهميت رکندا هئا، جن مان مڻيان، چوڙيون، چمچا،
تور جا وٽ، ڪي ننڍڙا اهم ٿانءُ جڙندا هئا. ان کان
سواءِ ڪن شين کي اُڪير ڪري انهن ۾ پيوند به ڪيو
ويندو هو. اهڙا بهترين سنک ڪڇ جي نار ۾ سوراشٽر جي
سامونڊي ڪناري سان ملي ويندا هئا. تنهنڪري انهي
سنڌي ماڻهن ٻيٽ دوارڪا، آمرا، وسائي، ناگيسوار،
ڪنڊرکيدا ۽ پراڀس شهرن جا اچي بنياد رکيا هئا ۽
اتي ويهي سنکن مان مختلف شين ٺاهڻ جا مرڪز قائم
ڪيا هئا. اهڙي ريت دوارڪا ۽ ٻيٽ دوارڪا واري
سامونڊي پاڻيءَ ۾ موتي به ملندا آهن. ان کان سواءِ
هي ماڻهو نرمدا ۽ تاپتي ندين جي ماٿرين کي به
والاري ويهي رهيا هئا، جتان کين قيمتي پٿر ملندا
هئا. جيئن ته هتي چيرٽ (Chert)
۽ اسٽيٽائين (Statite)
پٿر درآمد ڪري ڪونه سگهبا هئا. تنهن ڪري هي ماڻهو
اهڙو ڪم جيسپار (Jespar)
۽ سنگ سليماني (agate)
پٿر مان وٺندا هئا. هنن علائقن ۾ ٽامون ملي ڪونه
سگندو هو. پر ٽامي وارو ڪم سنکن مان وٺندا هئا ۽
انهيءَ شيءِ مان ڳهه ڳٺا جوڙيندا هئا. پر هن کان
اتر پاسي هاڻوڪي پنجاب جي سنگهول ۽ ڍير مجرا وارا
ماڳ قيمتي پٿرن جي مڻين ٺاهڻ جا مرڪز بڻجي پيا
هئا. ساڳي ريت سنڌو تهذيب جي پوئين دؤر جي ماڻهن
راجسٿان جي گانيسر ۽ کيري وارن ماڳن کي اچي آباد
ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته انهن جي ڀرپاسي ۾ ٽامون ملندو
هو. اهڙيءَ ريت گجرات جي ڪاري واري زمين، ستلج ۽
يمونا جي لٽاشي ڌرتي کي پوکي راهي لاءِ چونڊيو ويو
هو. ووڻن جي پوک دکن (Deccan)
۽ گجرات جي ڪاري زمين ۾ ڏاڍي ڀلي ٿيندي هئي، جيڪا
ناسي رنگ جي ڪپهه لاءِ مشهور هئي. هي علائقا سنڌو-
تهذيب جي پوئين دؤر جي ماڻهن اچي والاريا هئا.
دؤر وار جائزو
سرجان مارشل موهن جي دڙي جا ست دؤر بيان ڪيا آهن،
جيڪي 3250 ق. م کان 2750 ق.م تائين اچي پڄن ٿا.
سندس چوڻ آهي ته سنڌو تهذيب 3250 ق.م دوران عروج
تي پهتي هئي. ان کي ترقي يافته مرحلي تي پهچڻ ۾
گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار سال لڳي ويا هوندا. مئڪي (Mackay)
جو خيال آهي ته سنڌو- تهذيب جو ترقي يافته دؤر
2800 کان 2500 ق. م تائين رهيو آهي. واٽس (Vots)
جو نقطهء نظر آهي، ته سنڌو- تهذيب جو ترقي يافته
دؤر 3500 کان 2500 ق. م تائين رهيو هوندو. ويلر
اهو دؤر 2500 کان 1500 ق. م ٻڌائي ٿو (62). ڇاڪاڻ
ته سندس خيال آهي ته هيءَ تهذيب آريه لوڪن اولهه
کان اچي تباهه ڪئي هئي. سنڌو تهذيب جي مختلف ماڳن
جي دورن جو تعين
C-14
جي مدد سان ڪيو ويو هو. ان طريقي سان لوٿل ۽
اگروال (63) جو دؤر 2300 کان 1750 ق.م بيٺو هو. پر
مورٽيمر ويلر هن دؤر سان اختلاف ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته
سندس چوڻ هو ته ميسوپوٽاميا جون ٺهيل ثقافتي شيون
سنڌو- تهذيب جي مختلف ماڳن مان هٿ آيون آهن ۽
سنڌو- تهذيب جون شيون ميسوپوٽاميا جي مختلف ماڳن
مان مليون آهن. تنهن ڪري ٻنهي تهذيبن جي مختلف
ماڳن جي دورن جو تعين ان حساب سان ڪرڻ گهرجي جيڪو
قابل اعتبار آهي (64) (ٽيبل-1) پر ڊينڊر اورڪو
نالا جيڪل ((denderoarchro
nological
اصول تي تعين ڪيل دؤر
C-14
کان وڌيڪ صحيح سمجهيا ويندا آهن. جنهن کي مختلف
لئبارٽرين ۾ به جاچي پرکي ڏٺو ويو آهي. اهڙيءَ ريت
موجوده دؤر ۾ (Masca)
جي ڪئليبريشن ڪرو (Calibration
Curve)
کي وڌيڪ قابل اعتماد سمجهيو وڃي ٿو (65). پر افسوس
جي ڳالهه اها آهي ته ميسوپوٽاميا جي قديم ماڳن مان
هٿ آيل ثقافتي لاڌ کي ڪئليبريشن ڪرو جي مدد سان
جاچي پرکي ڪونه ڏٺو ويو آهي. تنهن ڪري سنڌو- تهذيب
جي مختلف ماڳن مان هٿ آيل ثقافتي شين جي دؤر جو
قابل اعتماد دورن جو تعين ٿي ڪونه سگهيو آهي. پر
بحرين، ميسوپوٽاميا، ايران ۽ افغانستان جي قديم
ماڳن مان هٿ آيل شين جي
C-14
وسيلي دورن جي جاچ پرک ڪئي وئي آهي. تنهنڪري هاڻي
اهڙو مونجهارو ڪونه رهيو آهي. انهيءَ ڪري سنڌو-
سمير ماڳن جي دورن لاءِ (Calibrated
14- C)
تي مڪمل اعتماد ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت سنڌو-
تهذيب کان اڳ واري دور، سنڌو- تهذيب جي عروج واري
دور، سنڌو- تهذيب جي پوئين دؤر (Late-Indus)
آخري دؤر (Post-Indus)
ڳاڙهي چمڪيدار ٿانءُ ۽ سنڌو- تهذيب جي زوال پذير
مختلف دورن جو ڏاڍي سولائيءَ سان تعين ڪري سگهجي
ٿو، جيڪو هيٺ ٽيبل 1 ۽ ٽيبل 2 ۾ ڏنا ويا آهن. |