قلعه نما عمارت
(Citadel)
موهن جي دڙي واري قلعه نما عمارت
183 x 365. 5
ميٽر آهي. جيڪا اتر کان ڏکڻ ڏانهن هلندي وڃي ٿي.
سندس اوچائي 12 ميٽر آهي. سنڌوءَ جي چاڙهه واري
پاڻي هن ماڳ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. مئڪي شڪ
جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دراصل سنڌو ڪڏهن اتان
وهندو هو، جيڪو قلعه نما عمارت جو اتريون حصو پاڻي
وهائي کڻي ويو آهي. ساڳي صورتحال ڪوٽادا (ڍول وير)
ڳوٺ جي به ڏسجي ٿي. اهڙيءَ ريت نکيرن (Nakhirana)
تعلقي جو اهم ماڳ کيوسر (Khurasar)
به ٻن حصن ۾ ورهايل ڏسجي ٿو. هي ٻئي سنڌو- تهذيب
جي عروج واري دؤر سان لاڳاپيل ڪڇ جا اهم ماڳ آهن.
مذڪوره ماڳن جي وچ تي هڪ وڏو ڍورو موجود آهي.
موهن جي دڙي جي هن قلعي نما عمارت جي دائري اندر
ڪيتريون اهم جڳهيون جهڙوڪ: وڏو سنان (Great
Bath)
اناج جو ڀانڊو ۽ ڪاليج آهي. اهي سڀ جڳهيون ڪچسرن
ٿلهن تي تعمير ٿيل آهن. هنن تعميرن جي هيٺان قديم
دؤر سان واڳيل جڳهيون آهن، جن جي کوٽائي جَرَ جي
پاڻيءَ ڪري ممڪن ٿي ڪانه سگهي آهي. 1950ع ۾ ويلر
ڪوشش ڪئي هئي، ته هو جيڪر اصلي ڌرتيءَ جي مٿاڇريءَ
تائين پهچي سگهي. پر هو ائين ڪري ڪونه سگهيو هو.
1967ع ڊچ ماهرن جو هڪ جٿو آيو هو، جنهن موهن جي
دڙي جي نقش ٿيل اهم نشانن وٽ ڊرل (drill)
ڪري ويڪرا ۽ اونها کوهه کنيا هئا. اهڙي کوٽائي ۽
کوجنا وسيلي کين پتو پيو ته 18 ميٽر هيٺ به انساني
آباديءَ جا اهڃاڻ مليا هئا. اها ماپ (flood
plain)
کان به گهڻو هيٺ هئي. پر ان انساني آباديءَ جي
وسيع معلومات ملي ڪانه سگهي هئي. مگر امڪان اهو
آهي، ته موهن جي دڙي کان هيٺ وارو شهر سارگون (Sargon)
واري دؤر کان به گهڻو قديم هوندو. ڊيلس به 1964ع ۽
1965ع دوران انهيءَ مقصد سان ٻه کوهه ڊرل ڪيا هئا،
جنهن وسيلي کيس معلومات ملي هئي. مٿاڇري کان 12
ميٽر هيٺ انساني وسنديءَ جا آثار موجود هئا. اهڙي
آبادي جي مختلف تهن تان پاڻيءَ سان لاڳاپيل اهڙيون
علامتون مليون هيون، جنهن وسيلي اهڙو اندازو ڪرڻ
سولو ٿي پيو هو، ته موجوده موهن جي دڙي کان هيٺ
واري شهر جي مختلف تهن کي سنڌوءَ جي چاڙهه ٻوڙي
ناس ڪري ڇڏيو هو. ويلر جو پڻ خيال آهي ته قلعه نما
عمارت جي اوچي ٿلهي تي تعمير ٿيڻ کان پوءِ به
ماڻهن کي سنڌوءَ جي پاڻي جو ڏاڍو ڊپ هو. ان ڪري
قلعه نما عمارت جي حدن اندر هر جڳهه جي چوڌاري 13
ميٽر ويڪرو ڪچسرو ڪوٽ ڏنو ويو هو. لوٿل ۾ به ائين
ڪيو ويو هو. اها به حقيقت آهي ته لوٿل وٽ موجوده
دؤر جي جر جي پاڻيءَ جي سطح کان 3.05 ميٽر هيٺ هڪ
پڪسري ڀت ۽ ٺڪر جا ٿانءُ هٿ لڳا هئا. هن ڳالهه مان
معلوم ٿي وڃي ٿو، ته قديم وسندي ايترو گهڻو هيٺ ٿي
وئي آهي. اها هڪ فطري ڳالهه آهي. هر درياه جي پيٽ
۾ سدائين لَٽُ وهندو رهندو آهي. اهڙي پيٽ مٿڀري
ٿيڻ ڪري پاڻي چاڙهه ڪري وسيع ايراضي ٻوڙي ڇڏيندو
آهي ۽ پاڻي ۾ موجود لٽ ڪري ڌرتيءَ جو مٿاڇرو به
اوچو ٿيندو ويندو آهي. چيو ويندو آهي ته ٽينءَ سهس
ق. م جي منڍ واري حصي ۾ سنڌوءَ، سابرمتيءَ ۽ انهن
جي ڀرتي ڪندڙ شاخن ۾ وڏو چاڙهه آيو هو، جنهن ڪيترا
ننڍا وڏا شهر ۽ ڳوٺ ناس ڪري ڇڏيا هئا. 1900 ق.م
دوران هڪ وڏو چاڙهه آيو هو، جنهن ۾ سنڌو- تهذيب جي
عروج واري دؤر جا مشهور ڳوٺ، واهون ۽ وسنديون ٻڏي
ويا هئا. ڏيسلپور، کيرسر، ڪوٽاڊا، لوٿل، ڪوٺ ۽
گجرات جي ڀاگاتراوَ جو ته نانءُ نشان به موجود
ڪونه هو. ساڳي دؤر ۾ موهن جي دڙي، چانهون جي دڙي ۽
بهاولپور واري علائقي جي ڪيترن ماڳن جي کوٽاين مان
اٿل جي پاڻيءَ جا نشان ۽ درياهي لٽ جا اهڃاڻ مليا
آهن، اهڙي وايو منڊل ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو،
ته ايڏو وڏو چاڙهه آيو هوندو، جنهن جهڙو اڳ ۾ ڪو
مثال ئي ڪونه هو. سنڌو درياه ته پنهنجا ڪيترا پيٽ
بدلايا آهن. (ڏسو خاڪو- 4)
ڪوٽ ۽ ٿلها
موهن جي دڙي واري قلعه نما تعمير (Citadel)
کي هڪ ويڪرو ڪوٽ ڏئي چاڙهه جي پاڻيءَ کان بچائڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن جي اتر، اولهه ۽ ڏکڻ،
اولهه وارين ٻانهن ۾ منارن (Towers)
تعميري اڀار (Salients)
جا اهڃاڻ مليا آهن. مورٽيمرويلر جو هن تعمير بابت
نقطهء نظر آهي ته اهو قلعو آهي ۽ ٻاهرئين حمله آور
کان حفاظت جي مقصد سان تعمير ڪيو ويو آهي. ان
سيٽاڊيل اندر موجود گهر به اوچن ٿلهن تي ٺهيل آهن،
جن جي چوڌاري ڪوٽ ۽ برج (towers)
ٺاهيل آهن، جن مان هڪ پراڻي مناري جي ماپ 9.45.71
ميٽر آهي. سمجهه ۾ ائين اچي رهيو آهي ته اهي
منارا پڪسرا آهن ۽ هيٺان بنيادن کان وٺي اوساريا
ويا آهن. سڌي سنوت ۾ ڪاٺ جون سگهاريون ڪامون رکي
ڀتين کي مضبوط ڪيو ويو، جن کي وقت ڳاري فنا ڪري
ڇڏيو آهي. تنهن ڪري ڊپ آهي ته متان هي تعمير ڊهي
پٽ ٿي وڃي. اهو به سُجهي ٿو ته ڀانڊن ۾ پراڻي دؤر
جي مناري ۾ ڪاٺ جون مضبوط ڪامون ڪم آنديون ويون
آهن. پر پوءِ به پڪسرن تعميرن ۾ اهڙن مضبوط ڪامن
جي استعمال کي غلطي سمجهي رازن ڪامن کي ڪم آڻڻ بند
ڪري ڇڏيو آهي. اهڙيءَ ريت ڪوٽ جي ڏکڻ- اوڀر ڪنڊ تي
ٻن بُرجن جا نشان ڏسجن ٿا. ڀرسان ٺلهن سان ڦاٽڪ
آهي، جنهن کي بعد ۾ ٿلهو ۽ ان مٿان پلويڙو ٺاهي ان
ڦاٽڪ واري لنگهه کي بند ڪيو ويو آهي. ويجهو ئي ٺڪر
جا وڏا کينهوڙا رکيل آهن، جيڪي دشمن کي هڻڻ جي
مقصد سان اتي رکيا ويا ٿا ڀائنجن. لوٿل ۽
ڪئليبئنگن جي قديم ماڳن مان پڻ ساڳيون وٿون هٿ
لڳيون آهن. جيڪي گهڻن مقصدن لاءِ ڪم اينديون هيون.
پر هنن شين کي ڪن مذهبي رسمن ۾ به ڪم آندو ويندو
هو. اهڙن ڀڳل کينهوڙن کي مٽيءَ سان ملائي فرشن جي
لنبائي ڪئي ويندي هئي، ته جيئن فرش مضبوط رهي.
اهڙين شين (Senker)
۽ ڪپڙن جي آڏاڻن ۾ بار طور به ڪم آڻي سگهجي ٿو.
وڏو سنان (غسل خانو) (Great
Bath)
(پليٽ-
VII-
خاڪو- 6)
قلعي واري تعمير اندر وڏي سنان جي اڏاوت آهي، جنهن
کي ماهرن عوامي وهنجڻ جو تلاءُ (Public
bath)
جو نالو ڏنو آهي، جيڪو سيٽا ڊيل جي آڳنڌ ۾ واقع
آهي. هن جي اتر ۽ ڏکڻ وارن پاسن جي ماپ 11.89 ميٽر
۽ اولهه ۽ اوڀر وارن پاسن جي ماپ 7.01 ميٽر آهي.
جڏهن ته اونهائي 2.44 ميٽر ٿيندي. ساري اڱڻ جي پڪي
فرشبندي ٿيل ڏسجي ٿي ۽ هڪ ورانڊي جهڙي اڏاوت آهي.
جنهن جي پٺئين پاسي کان ننڍڙن ڪمرن جون قطارون
آهن، جن جي ٽن پاسن کان ڀت ڏنل آهي، جن مان هڪ ۾
کوهه آهي، پاڻيءَ جو استعمال به هن کوهه مان ٿيندو
هو. سنان خاني اندر وڃڻ لاءِ اتر ۽ ڏکڻ پاسي کان
ڏاڪڻيون ٺهيل آهن، جن جي ڏاڪن ۾ پڪين سرن کي
ڪُرنڊ جي شڪل ۾ اوساريو ويو آهي ۽ گچ کي گاري طور
ڪم آندو ويو آهي. سنان خاني جي ڀتين واري اوساريءَ
۾ به گچ ڪم آندو ويو ڏسجي ٿو. وڏي سنان خاني جي
ٻاهرين پڪسري ڀت ۽ ان جي پٺئين پاسي ڏنل ڪچسري ڀت
جي وچ تي هيٺ تائين ڏامر (Bitumen)
جو ٻه سينٽيميٽر تههُ ڏنو ويو آهي. ساڳي ريت سنان
خاني اندر هيٺ ويندڙ ڏاڪڻ جي هر ڏاڪي جي اڳئين
پاسي ڪاٺ جو مضبوط تختو ڏنل ٿو ڏسجي. جنهن جي ٻنهي
پاسن کان ڏامر جو تهه آهي. اهڙيءَ ريت ڏاڪن ۾ ڪم
آندل پڪين سرن جي قدم رکڻ واري جاءِ تي ڏامر جو
استعمال ڀائنجي ٿو. هن شئي جي استعمال جو واحد
مقصد پاڻيءَ جي سيم کي روڪڻ هو. هر ڏاڪي جي آڏو
ڪاٺ جي تختي جو استعمال سرن جي اوساري کي سوگهي
جهلڻ جي مقصد سان ڪيو ويو هو. سنان واري پاڻيءَ جي
نيڪال جو بندوبست سنان خاني جي اولهه- ڏکڻ واري
ڪُنڊ کان ٿيل هو، جنهن جو ڇوڙ وڏي ڪسيءَ ۾ هو،
جيڪا قلعي جهڙي چوديواري (Citadel)
جو اولهه پاسو ڏئي اڳتي وهي رهي هئي. پر هتي سڀ
کان وڌيڪ اهم ڪم اهو ڏسجي رهيو آهي، ته ڪني
پاڻيءَ واري ڪسيءَ کي سينڌ ونگ/ سنڌي ونگ (Corbelled
arch)
وسيلي ڍڪيو ويو آهي. اهو به سُجهي ٿو ته ورانڊي جي
هڪ ڪمري مان ڏاڪڻ مٿينءَ ڏانهن وڃي ٿي. کوٽائي
ڪندڙ ماهرن جو خيال آهي ته پاڻيءَ جي بيوقتي چاڙهه
جي خوف ڪري سيٽاڊيل ۽ هيٺئن شهرن جي ماڻهن ۾ ڊپ
ڇانئجي ويو هو. تنهن ڪري گهرن جي چوڌاري ويڪريون
ڪچسريون ڀتيون اوساريون ويون هيون، جيڪي اتر واري
ڇيڙي ۾ ڏسي سگهجن ٿيون، جتي گهڻا سنان خانا موجود
آهن. لوٿل ۽ رنگپور جي گهرن جي فرشن کي پڻ اوچو
ڪيو ويو هو، جنهن جا ڪارڻ پڻ ساڳيا آهن.
عام ماڻهن جا سنان خانا (پليٽ-
VII)
وڏي سنان خاني کان اتر پاسي ۽ گهٽيءَ پار، اٺن
ننڍن سنان خانن جون ٻه قطارون آهن، جيڪي ڪني
پاڻيءَ جي ڪسي جي ٻنهي طرفن کان آهن. هر هڪ سنان
خاني جي ماپ
2.9x1.8
۾ آهي، جنهن جي پڪي فرشبندي ٿيل آهي. پاڻيءَ جو
ڇوڙ هڪ سرنگهه وسيلي ڪسيءَ ۾ ٿئي ٿو. هر هڪ سنان
خانو ڏاڪڻ تي ٺهيل آهي، جنهن وسيلي مٿينءَ ماڙ
ڏانهن وڃي سگهبو هو. انهن سنان خانن ۾ پرده داري
جو ضرور خيال رکيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته اهي سنان
لنگهه هڪ ٻئي جي سامهون ڪونه آهن. کوٽائي ڪندڙ ڪن
ماهرن جو خيال آهي ته اهي سنان خانا فقط پنڊتن جي
وهنجڻ لاءِ ڪتب ايندا هوندا، پر ڪن ماهرن جو تصور
آهي ته وڏي سنان خاني وٽ عبادت واسطي لڱ ڌوئي صاف
ڪندا هئا. ڊيلس جي بيان مطابق ته هيٺئين شهر ۾
VS-Area
جي اوڀر ۾ به بلڪل سامهون ”منير ايريا“ ۾ سنهين
ڀتين
موئن جو دڙو: وڏو حمام
سان جڳهن جو جهڳٽو آهي. اڳي اهو رواج هوندو هو ته
صاف ۽ سٺن گهرن ۾ لڱ ڌوئي پاڪ ڪرڻ (ablution)
لاءِ پڪي فرشبندي ٿيل هوندي هئي. ڀرسان پڪين سرن
جي ڏاڪن سان هڪ ڏاڪڻ به هوندي هئي، جنهن جي ڏاڪن
تي گهر جو فرد يا خاص نوڪر بيهي پاڻي هاريندو هو ۽
هيٺ بيٺل ماڻهو پنهنجا لڱ ڌوئي صاف ڪندو هو. جنهن
کي
Ablution))
چيوويندو هو. هندستان جي ڪن علائقن ۾ اڄ به ساڳيو
رواج آهي. موهن جي دڙي واري دؤر ۾ سڀني لاءِ ڏهاڙي
سنان ڪرڻ يعني وهنجڻ ضروري، بلڪ فرض سمجهيو ويندو
هو. لوٿل جي کوٽائي مان به قلعي واري عمارت جي حدن
اندر ٻن ڪمرن تي مشتمل ٻارهن گهر مليا آهن، جنهن
اندر پڪيءَ فرشبندي سان هڪ سنان خانو به آهي. چيو
ويندو آهي ته قلعه نما ان عمارت جي حدن اندر انهن
ٻارهن گهرن ۾ حڪمران جا ويجها مائٽ يا سندس اڙد
اٽالو رهندو هو. ان دؤر ۾وهنجڻ واري روايت جي
سختيءَ سان پابندي ڪئي ويندي هئي. هن معاملي ۾
موهن جو دڙو گهڻو اڳتي هو، جنهن عام ماڻهن لاءِ
سنان خانا ٺهرائي هڪ مثال قائم ڪيو هو.
ڀانڊو:
(Grannary)
وڏي سنان خاني جي الهندي طرف هڪ وڏي ڀانڊي جي
تعمير ڏسجي ٿي. ابتدا ۾ هن جڳهه اندر ستاويهه بلاڪ
هئا. هيءَ تعمير به قلعي نما چوديواري جي حدن اندر
واقع آهي. هن جي وچان گذرندڙ رستن مان مختلف
راهداريون ائين ڦٽي نڪرن ٿيون، جيئن لوٿل جي ڀانڊن
(ware
house)
۾ ڏسجن ٿيون. هن ڀانڊي اندر ننڍن ٺلهن تي ڪاٺ جا
مضبوط تختا رکيل هئا. جن مٿان اناج رکيو ويندو هو،
۽ هيٺان هوا جو گذر ٿيندو رهندو هو. هن جڳهه جي
ٻاهرئين پاسي کان پشتا لڳل هئا. تنهن ڪري سندس
اڏاوت هڪ ننڍڙي قلعي وانگي ڏسجي رهي هئي. هن جڳهه
جي اولهه واري ڇيڙي ۾ هُريءَ يا بُهري (alcove)
جهڙي تعمير هئي. جتان اناج جون ڳوڻيون ڇڪي اندر
ڪيون وينديون هيون. ڀانڊي اندر ان فرش کان مٿي ڪاٺ
جي مضبوط تختن تي سٿيو ويندو هو. جن جا ڇيڙا
پَڪسِرن ٺلهن تي رکيل هوندا هئا، جن کي مضبوط رکڻ
واسطي سندن تعمير اندر ڪاٺ جون ڪامون (beams)
رکيون وينديون هيون، جيڪي وقت گذرڻ ڪري ڳري سڙي
ناس ٿي ويون آهن. تنهنڪري ٺلهن واري تعمير کنا
کيڙا ٿي وئي آهي. ڀانڊي واري جڳهه جي اصلي ماپ
45.72 x 22.86 م آهي.
هيءَ تعمير وڏي سنان خاني جي اڏاوت کان پراڻي آهي،
جڏهن هن وڏي سنان جي جاءِ تعمير ٿي پوري ٿي هوندي،
ته ڀانڊي جو هڪ حصو ان جي ڏکڻ پاسي کان به تيار
ڪرايو ويو هو. کوٽائي ۽ کوجنا کان پوءِ هيءَ ڄاڻ
به ملي آهي ته ڀانڊي ڀرسان هڪ کوهه به آهي، جهڙيءَ
ريت لوٿل ۾ ٿانءُ جي ڪوٺين (ware house)
جي ڀرسان موجود هو.
ڀانڊي جي ڏکڻ پاسي کان هڪ ڏاڪڻ به لڌي آهي. جيڪا
سيٽاڊيل جي بنيادن کان مٿي ايندي هئي. ساڳيءَ ريت
لوٿل جي ٿانءُ وارين ڪوٺين (ware
house)
کان (Acropolis)
پهچڻ لاءِ هڪ ڏاڪڻ ٺهيل هوندي هئي. اهڙيءَ ريت هڪ
ٻيو رستو به هوندو هو جيڪو لوٿل جي سامونڊي گودي
کان (ware
house)
تائين ايندو هو.
پروهتن جو ڪاليج
وڏي سنان خاني جي اتر- اوڀر واري پاسي 10.1 همچورس
هڪ جڳهه آهي، جنهن جي ٽن پاسن کان ورانڊا آهن. هڪ
لاڳيتي ڪمرن جي قطار آهي. کوٽائي ڪندڙ ماهرن جو
خيال آهي، ته اها عمارت پروهتن جو ڪاليج (College
of priests)
ٿي سگهي ٿي. هيءَ جڳهه نقشي مطابق منفرد ۽ بي مثال
آهي. پر هن جي تعمير جي مقصد متعلق اعتبار جوڳي
معلومات ڪانه ملي سگهي آهي. منجهس پنج در هئا،
جيڪي اوڀر واري گهٽيءَ واري طرف کان لڳل هئا. هن
جي ڏکڻ ۽ اولهه کان به گهٽيون هيون جن ۾ به هڪ هڪ
در لڳل هو، جيڪو هن ڪاليج ڏانهن کلندو هو. هڪ ڏاڪڻ
هئي، جيڪا هن جڳهه جي ڇت تائين ويندي هئي، جيڪا
سڌي سنوت واري هئي. پروهتن جي ڪاليج جي عمارت کي
صحيح نموني سان سڃاڻڻ لاءِ هڪ وڌيڪ منظم کوٽائيءَ
جي ضرورت هئي. ان کان پوءِ هن جڳهه جي تعمير جي
صحيح مقصد جو پتو پئجي وڃي ها.
هڪ اهڙي قديم عمارت جا اهڃاڻ مليا آهن. جنهن آڏو
ويڪرو اڱڻ ۽ ڀتيون ڪشاديون هيون. ماڳ جو ڪجهه حصو
اسٽوپا کان اتر پاسي کان کوٽائي ڪري صاف ڪيو ويو.
کوٽائي ڪندڙ ماهر جو اندازو آهي، ته هن جڳهه کي
مندر کان ملندڙ جنسن جي صورت ۾ محصول جي وصولي
لاءِ ڪم آندو ويندو هو. کوٽائي ڪندڙ اهو اشارو
پنهنجي ڪيل اندازي موجب ڏنو آهي، جنهن کي ڪابه
وقعت ڪانه آهي.
اسمبلي هال
هيءَ ستاويهين ڀتين واري هڪ وڏي جڳهه آهي، جنهن جي
ماپ 27.44 ميٽر همچورس آهي، هن ۾ پنجن ڪمرن جون ٻه
قطارون آهن ۽ مکيه لنگهه اتر پاسي کان آهي.
بادشاهن جي درٻار ۾ به هن جڳهه جي نقشي وانگي
هوندي هئي، امڪان آهي ته ابتدا ۾ هن جڳهه کي
اسمبلي هال طور ڪم آندو ويندو هجي. پر پوئين دؤر ۾
هن جڳهه جي فرش کي مختلف ڪوريڊورس
(Corridors)
هئا. هن کان اولهه پاسي هڪ ٻي ننڍڙي اڏاوت آهي،
جنهن کي هڪ هال ۾ ننڍڙا ڪمرا آهن.
موهن جي دڙي واري ماڳ ۾ هڪ عاليشان ڀانڊو (Granary)،
وڏو سنان خانو (Great
bath)
۽ اسمبلي هال (Assembly
hall)
۽ ٻيون به ڪئين بهترين اڏاوتون آهن. جنهن ڪري
سيٽاڊيل ۾ شاهي شان پيدا ٿي ويو آهي. اهڙين ڳالهين
ڪري سُجهي ائين رهيو آهي ته موهن جو دڙو ڪنهن وڏي
ملڪ جي راڄڌاني هو. پر اهم ڳالهه اها به نظر اچي
رهي آهي جو شهر واري منصوبه بندي واري نقشي ۾ مندر
جي جڳهه عدم موجود آهي، نه رڳو هتي، پر هڙاپا جي
سيٽاڊيل ۽ لوٿل جي انڪروپولس ۾ به مندر جي جڳهه
نظر ڪانه ٿي اچي. اهڙين حالتن مان اندازو ڪري
سگهجي ٿو ته هتان جو حڪمران ڪو پروهت راجا (king
priest)
ڪونه هو. جيڪڏهن حڪمران پروهت هجي ها، ته هو
سٽاڊيل يا انڪروپولس اندر شاندار مندر تعمير ڪرائي
ها، جتي ويهي هو پوڄا پاٺ ۽ قربانيون ڏئي ها. رڳو
ڪئليبئنگن جو اڪيلو سيٽاڊيل هو، جتي مذهبي رسمون
ادا ڪيون وينديون هيون. پر جنهن کي اسان موهن جي
دڙي جو اسمبلي هال سڏيون ٿا، سو ڪئت ناهي ته ڪا
مذهبي اڏاوت هجي.
هيٺينءَ ايراضيءَ وارو شهر:
(Lower City)
هيٺيون شهر سيٽاڊيل جي اوڀرپاسي آهي، جيڪو پنهنجي
نقشي ۾ ذري گهٽ همچورس آهي. سندس پکيڙ 2.59
ڪلوميٽر همچورس ٿيندي. اهڙيءَ ريت هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ
ڪنڊ تائين ماپ 1.61 ڪ. م آهي. شڪ آهي ته هيٺئين
شهر جي چوڌاري به ڪوٽ اڏيل هو. گهرن ۽ گهٽين جي
اڏاوتن مان معلوم ٿي رهيو آهي، ته هيءُ شهر منصوبه
بندي جي نقشي مطابق ٺهرايو ويو آهي. کوٽائيءَ
وسيلي معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته اوڀر ۽ اولهه
ويندڙ هر رستي جي ڊيگهه
365.84
ميٽر جڏهن ته اتر ۽ ڏکڻ ويندڙ هر رستي جي ڊيگهه
365.76 ميٽر آهي (پليٽ
IX).
پر انهن سڀني رستن جي ويڪر هڪ جيتري يعني 9.15
ميٽر آهي. ان کان سواءِ اهو به نظر آيو آهي ته هر
رستي ۾ ڦٽي نڪرندڙ هر گهٽي جي ويڪر 2.25 ميٽر
ٿيندي. اهڙيءَ ريت شهر کي ٻارنهن حصن ۾ ونڊيو ويو
هو، جنهن مان ست حصا ته واضح ٿي چڪا آهن.
گهرن ۾ دريون لڳل ڪونه هيون (پليٽ
IX)
گهر جي چوڌاري عالم پناهه ٺهيل ڪانه ٿي ڏسجي. پر
گهرن جا ڪمرا هڪ ويڪري اڱڻ جي چوڌاري اڏيل ڏسجن
ٿا.
موهن جي دڙي ۾ هر گهر جو در 1.52 ميٽر ويڪري
گهٽيءَ ڏانهن کلي ٿو. جڏهن ته هڪ مزدؤر جي ڪمري جي
سامهون هڪ ننڍو اڱڻ آهي، جيڪو هڪ راهداري وسيلي
مکيه يا وڏي اڱڻ سان ڳنڍيل آهي جنهن جي ڀرسان کوهه
وارو ننڍو ڪمرو ۽ ويجهو پڪسرو سنان خانو ٺهيل آهي.
مکيه اڱڻ جي ويڪر 9.22 همچورس آهي، جنهن اندر کوهه
واري ننڍڙي ڪمري کان سينڌ ونگ واري هڪ لنگهه وسيلي
داخل ٿي سگهجي ٿو. ان اڱڻ جو پاڻي ٺڪر جي نولي (Pipe)
وسيلي ڪمري جي فرش مان گذري ٻاهر گهٽي واري ڪني
پاڻي جي وڏي ڪسي ۾ داخل ٿئي ٿو. ٺڪر جي ان نوليءَ
کي ڀڄڻ کان بچائڻ واسطي پاسن کان پڪسري اوساري ڪئي
وئي آهي. ٺڪر جو هڪ ٻيو پائيپ آهي، جيڪو مٿئين ماڙ
تان ڀت جي وچان گذري هيٺ زمين تي موجود ڪني پاڻيءَ
واري ڪسيءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت مٿينءَ
ماڙيءَ جي ڌوءَ ڌپوءَ جو گدلو ميرو پاڻي ٺڪر جي ان
نوليءَ وسيلي هيٺ وڃي ڪسيءَ ۾ پوي ٿو. هيءُ ڪني
پاڻيءَ جي نيڪال جو غير روايتي منفرد طريقو ڏسڻ ۾
آيو آهي، جيڪو هڪ اهڙيءَ چيمبر ۾ نظر اچي ٿو، جنهن
جي تعمير جون ڪنڊون گولائيءَ تي آهن ۽ راهداري
انگريزي اکر ”L“
جهڙي آهي.
شاهي محل:
(Palace)
هيءَ هڪ شاندار ۽ پيچيده عمارت آهي جنهن جي ماپ
76.2 ميٽر همچورس آهي جيڪا
DK
ايريا جي ڏکڻ واري حصي ۾ آهي. هن بابت کوٽائي ڪندڙ
ماهر جو خيال آهي ته اها جڳهه شاهي محلات ٿي سگهي
ٿي، ڇاڪاڻ ته هن کي چوڌاري ٻه عالم پناهون آهن، جن
مان هڪ جي ويڪر 1.06 ۽ ٻيءَ جي ويڪر 2.14 ميٽر
آهي. هنن جي چوڌاري پشتا به تعمير ڪيا ويا آهن. ٻه
الڳ الڳ اڱڻ به موجود آهن، جن جي وچان 1.52 ميٽر
ڪشادي راهداري گذري ٿي، جيڪا 2.44 ميٽر ويڪري
لنگهه ڏانهن وڃي ٿي. اهو در ڏکڻ واري گهٽي ڏي کلي
ٿو. هن جڳهه کي اتر واري گهٽي مان به ٻه وڏا لنگهه
آهن. انهن مان هڪ لنگهه اولهه واري اڱڻ ڏانهن کلي
ٿو. جڏهن ته ٻئي لنگهه وسيلي ويڪري اڱڻ ڏانهن اچي
سگهجي ٿو. هن اڱڻ ڏانهن هڪ وڌيڪ لنگهه ڏکڻ پاسي
کان به آهي. مذڪوره جڳهه کي اهميت ان ڪري ڏني وئي
جو هن جي چوڌاري ٻه عالم پناهون ۽ ٻه اڱڻ آهن. ان
کان سواءِ هتي ٻه گول قسم جون ننڍيون کڏون آهن. جن
جي چوڌاري پڪسرا اڀا بار ڏنل آهن ۽ اڳئين پاسي کان
مٽيءَ جو ڪچو گول دائرو ڏسجي ٿو. معلوم ائين ٿي
رهيو آهي ته هتي آڳ جي شعلن کي ڌڳائڻ لاءِ ڌنوڻي
موجود هئي ۽ آڳ جي گهڻي تَوَ ڪري پڪيون سرون رجي
بُوهڻ ٿي ويون آهن. امڪان آهي ته هتي مذهبي رسم
جهڙوڪ: باه پوڄا ادا ڪئي ويندي هئي. هن جڳهه جي ٻي
وڌيڪ اهم ڳالهه هيءَ آهي ته منجهس ماني پچائڻ
واريون تنوريون (Bread
ovens)
آهن جن جو گول دائرو 1.12 ميٽر ويڪرو 0.92 ميٽر
اوچو آهي. اهي تنوريون گهٽ ويڪري اڱڻ جي ڏکڻ- اوڀر
ڪنڊ تي واقع آهن. هي جديد قسم جي تنورين (Bread
oven)
جي هڪ قديم ترين طرز آهي، جيڪا اولهه ايشيا ۽ ڀارت
اندر پراچينتا جو پهريون مثال آهي. امڪان آهي ته
هيءَ عاليشان عمارت ڪنهن دولتمند واپاريءَ جي هجي.
جيڪڏهن ڪنهن شهنشاهه جي محلات هجي ها ته سيٽاڊيل
واري ايراضيءَ ۾ موجود هجي ها، ۽ دولتمند واپاريءَ
جي گهر جي چوڌاري ٻه عالم پناهون ۽ ڪيتري به ماپ
جون ويڪريون ڀتيون به ٿي سگهن ٿيون.
هٽُ:
(Shop)
VS Area
جي
(First street)
۾ ويڪرين ڀتين واري هڪ جڳهه هٿ لڳي هئي، جنهن جي
لام (ڊيگهه) 26.52 ۽ مُنڍو (ويڪر) 19.66 ميٽر آهي.
هن جاءِ جي هڪ ڪمري ۾ پنج کڏون آهن، جن جا مٿيان
پاسا ويڪرا ۽ هيٺيان پاسا هوريان هوريان سوڙها
ٿيندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهڙي هر کڏ جي چوڌاري پڪين
سرن کي اُڀو ڪري ڪتب آندو ويو آهي. انهن کڏن جي
طرز مان لڳي رهيو آهي، ته ٻاهر تي نڪتل نوڪدار تري
واري وڏي ٺڪر ٿانءُ کي ڪنن تائين پوري رکيو ويو
آهي (امڪاني طور اهو ٺڪر ٿانءُ ڪونرو ٿي سگهي ٿو).
هن قسم جي تعمير مان معلوم ٿئي ٿو، ته اهو ڪو هٽ
هوندو. اهو به امڪان آهي ته ڪو صنعتي ادارو هجي.
مندر:
(Temple)
HR Area
۾ هڪ وڏي جڳهه هٿ لڳي آهي، جنهن جي چوڌاري
(South lane)
۽ ((Dead
man lane
ڦري اچي ٿي. هن جاءِ کي
((House
AL
جو نالو ڏنو ويو آهي. جيڪا پنهنجي ابتدائي تعمير ۾
بيضوي طرز جي هئي. پر بعد ۾ هن کي وڌائي ڀتيون
ڏنيون ويون هيون. سندس ايراضي
15.85x12.2
آهي. سامهون جڳهن جي ٻن بلاڪن جي وچ تي ويڪرو ڦاٽڪ
ڏسجي ٿو. هتي ڏاڪڻيون به هٿ لڳيون آهن، جيڪي هڪ
ساريڪيون ۽ سڌيون آهن ۽ اهڙي ڦاٽڪ ڏانهن وڃن ٿيون،
جنهن جو هڪ حصو هڪ ڏاڪڻ ڏانهن ۽ ٻيو حصو ٻيءَ ڏاڪڻ
ڏانهن کلي ٿو. اهڙيءَ ترتيب مان چڱيءَ ريت سمجهي
سگهجي ٿو ته اچڻ ۽ وڃڻ جو رستو الڳ هو. اهڙيءَ ريت
هڪ ڦاٽڪ ڀرسان آڳنڌ ۾ پڪسري گول تعمير آهي، جنهن
جو گهيرو 1.22 ميٽر آهي. هن قسم جي تعمير جي مقصد
جو پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي. پر جيڪڏهن آڳ پوڄا جو
قربانگاه (Fire-alter)
آهي ته پوءِ هيءَ جڳهه ضرور مذهبي مقصد واسطي
تعمير ڪئي وئي هوندي. هتان پٿر جون ٻه مورتيون به
لڌيون آهن. جن مان هڪ جي شڪل پروهت (Priest)
(ڌرمي رسمون ادا ڪرائڻ وارو، خانداني ٻائو) جهڙي
آهي. جڏهن ته ڦاٽڪ واري رستي جي اوڀر پاسي هڪ ڪمري
مان پٿر جي مورتيءَ جو مٿو مليو آهي، جنهن جي ماپ
17.52
سينٽي ميٽر آهي ۽ کيس ڏاڙهي ڏسجي ٿي. ان کان سواءِ
هتان (Alabaster)
جي هڪ ٻي مورتي هٿ لڳي آهي. جيڪا ويٺل نوع ۾ آهي ۽
سندس هٿ گوڏن تي رکيل آهن. سندس ماپ 42 سينٽيميٽر
ٿيندي. هن مورتيءَ کي به ڏاڙهي آهي ۽ نرڙ وٽان پٽي
(Fillet)
ٻڌل آهي، جنهن جا ٻه پلو پٺئين پاسي کان لڙڪندا
ڏسجن ٿا. جيڪڏهن جاڙي يا ٻٽي ڦاٽڪ ٻن ڏاڪڻين بابت
سوچجي ٿو ته اهي ٻئي مورتيون ڪن ديوتائن جون
ڀائنجن ٿيون. اهڙيءَ حقيقت بابت کوٽائي ڪندڙ ماهر
جو خيال آهي ته اها جڳهه مندر جي آهي. پر اهي ٻئي
مورتيون ڪنهن ڀڳوان جي نمائندگي ڪونه ٿيون ڪن ۽
ٻنهي مان هڪ پروهت جي آهي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو
ته هيءَ جڳهه عوامي اچ وڃ جي آهي ۽ مذهبي رسمن جي
ادائگي لاءِ ڪم ايندي هوندي. ٿي سگهي ٿو ته آگ
پوڄا لاءِ ڪم ايندي هجي.
ٻيون جڳهون:
(Another Places)
DK Area
جي
“C”
واري حصي ۾ کوٽائيءَ دوران ٻه جڳهون ظاهر ٿيون
آهن. چيو وڃي ٿو ته انهن مان هڪ هاسٽل (ڌرمشالا) ۽
ٻي مندر آهي.
HR
ايريا ۾ هڪ وڏي جڳهه آهي. ان جون ديواريون 1.37
ميٽر ويڪريون آهن. منجهس ڪچسرو هڪ چبوترو (Podium)
ٺهيل آهي. پر هن جي تعمير جي مقصد جو پتو پئجي
ڪونه سگهيو آهي. اهڙيءَ ريت هڪ اڱڻ آهي. جنهن ۾ ٻه
حصا آهن ۽ هڪ حصي ۾ کوهه موجود ڏسجي ٿو. هن جڳهه
جي بلڪل سامهون ٻن ڪمرن تي مشتمل اٺن گهرن جون ٻه
قطارون آهن. اهڙيءَ ريت ڪل گهرن جو تعداد سورهن
ٿئي ٿو. چيو وڃي ٿو ته هي پوليس بئرڪون آهن. گهرن
جي ٻن ڪمرن مان سامهون ڪمري ۾ پڪسرو سنان خانو
تعمير ٿيل آهي. جڏهن ته پٺيون ڪمرو رهڻ جي مقصد
لاءِ ڏسجي ٿو. لوٿل جي (Acropolis)
واري حصي ۾ به ٻن ڪمرن تي مشتمل 12 گهر آهن. موهن
جي دڙي واري ماڳ ۾ گهرن جي هڪ قطار آهي. جنهن ۾
گهرن جي هڪ ٻئي ڏانهن پٺ آهي. پر چيو وڃي ٿو ته هي
گهر پوليس لاءِ نه آهن. اها به هڪ حقيقت آهي ته
موهن جي دڙي واري پوليس بئرڪن ۾ ٻه کوهه به آهن.
جن مان هڪ ڏکڻ واري ڇيڙي ۾ ۽ ٻيو راهداري جي وچ تي
ڏسجي ٿو. هڙاپا ۾ هن قسم جي اڏاوت موجود آهي. مصر
۾ به اهڙي تعمير آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته
اها مزدورن جي وستي آهي. اهڙي ريت سمير جي مندرن
جي ڀرسان به ساڳئي قسم جون جڳهون آهن، جن ۾ مندرن
جي پورهيتن کي رهايو ويندو هو، جيڪي غلام هئا. پر
معلوم ٿو ٿئي ته مصر ۽ سمير جي اهڙين جڳهن جي
تعمير جا نقشا سنڌو- تهذيب جي شهرن جي ساڳئي قسم
جي تعمير جي نقشن جيان خوبصورت ڪونه آهن. جيڪڏهن
مصر، سمير ۽ سنڌو تهذيب جي مذهبي جڳهن جي تعمير جو
ڀيٽوار اڀياس ڪجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو، ته سنڌو
تهذيب جي شهرن ۾ موجود مذهبي جڳهون وڌيڪ ويڪريون ۽
شاندار آهن.
پيننسيلوانيا (Penunselylnia)
يونيورسٽي موهن جي دڙي
HR Area
جي 1964ع کان 1966ع تائين کوٽائي ڪئي هئي، جنهن جي
نگراني جي.ايف ڊيلس ڪئي هئي. هن ماهر هيٺئين شهر
جي اولهه پاسي دڙي جي ڏکڻ- اولهه ڪنڊ وٽ کوجنا ڪرڻ
جي ارادي سان کاهي جهڙي کوٽائي ڪرائي هئي. جتان
ڪچسرا ويڪرا ۽ اوچا ٿلها ((Platforums
نروار ٿيا هئا. کيس يقين هو ته
اهي نشانيون ڪنهن قلعي جون آهن. پر حقيقتاً اها
شهر جي (grid
plan)
جي اضافي اڏاوت آهي. هن جا چيل لفظ هن ريت آهن
”مون کي شهر جي قلعي کي ڳولي لهڻ جي ڏاڍي هورا
کورا هئي“. مورٽيمر ويلر جو به ”اهڙو بيان هو،
جنهن کان مان گهڻو متاثر هوس. مون ان قلعي جا نشان
ڳولي لڌا، پر مان اهڙو اعلان وقت سر ڪري ڪونه
سگهيو هوس.“ هن جڳهه جي بيهڪ جو نئين سر جائزو
ورتو ويو. معلوم ٿيو ته ٻه ميٽر ويڪري ۽ ڏهن ميٽرن
کان مٿي اوچائي واري هيءَ جڳهه اتر ۽ ڏکڻ ڏانهن
ائين وڌايل ڪانه هئي، جيئن مون پنهنجو نقطئه نظر
پيش ڪيو هو. درحقيقت اهو حصو بامقصد ٺاهيل ديوارين
جي مجموعي جو هڪ حصو آهي، جنهن ۾ جايون جڳهون ڪني
پاڻي واري ڪسي وغيره آهن. هي سڀ تعميرون وڏي رستي
جي صفا ڏکڻ پاسي آهن (13). هيءُ رستو ٻه ٽي سو
ميٽرن تائين واضح طور ڏسي سگهجي ٿو. هي رستو
پنهنجي ويڪر ڪري به سڃاپرو آهي، جنهن کي پهرئين
گهٽي (first
Street)
جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي، جيڪو شهر جي
HR)،
(VS
۽
(DK Areas)
وچان اتر ۽ ڏکڻ ويندو ڏسبو آهي. سو
(Grid)
نالي واري مٿئين پلان
(Plan)
کي اجهو ائين وڌايو ويو آهي.
ڊيلس، مورٽيموويلر سان گهڻو سهمت آهي. پر هتي سندس
بيان هن ريت به ڏسجي ٿو، ”اهو وقت کان اڳ ڪنهن
اجائي اڳڪٿيءَ جي برابر ٿيندو. ته هيٺاهين واري
شهر (Lower
City)
کي بچاءَ جي مقصد سان قلعو ڏنو ويو هو. پر ان
زماني ۾ پاڻيءَ جي اوچتي چاڙه کان بچاءَ لاءِ
ويڪريون ديواريون اڏيون ويون هيون. لوٿل واري
هيٺئين شهرجي اتر ۾ به ٻوڏ جي بچاءَ لاءِ اهڙيون
تعميرون موجود آهن. هن قديم ماڳ جي کوٽائي هن ڪتاب
جي مصنف 1979ع ۾ ڪرائي هئي. کوٽائي ۽ کوجنا مان
اهڙا اهڃاڻ مليا آهن، ته مکيه گلي (Main
street)
جي ڊيگهه کي هڪ سو ميٽرن تائين اتر طرف وڌايو ويو
هو، جنهن کان بعد پاڻي جي هڪ ڪسي آهي، جنهن جي
دريافت به کوٽائيءَ کان پوءِ ٿي هئي.
موهن جي دڙي جي تباهيءَ جي ڪارڻن بابت پنهنجي
خيالن جو اظهار ڪندي ڊيلس چوي ٿو ته ”موهن جي دڙي
جي کوٽائي ڪندڙ ڪنهن هڪ به ماهر يا ڪنهن سنجيده
شاگرد اهو ڪونه ٻڌايو آهي، ته موهن جي دڙي جي
تباهي جا ڪارڻ ڪهڙا هئا. پر هن شهر جي ساري تاريخ
دوران پاڻيءَ جي وڏي چاڙهه جون شاهديون ملن ٿيون،
مگر تباهيءَ جي ڪارڻن ۽ پاڻيءَ جي چاڙهه جي نوعيت
بابت ڪيترا اعتراض موجود آهن (14).
ڊيلس اسان جو ڌيان 1930ع واري ڏهاڪي دوران ٿيل اهم
کوٽائين ڏانهن ڇڪايو آهي، جيڪي (DK-III)
واريءَ ايراضيءَ ۾ ڪيو. ايم.منير ۽ ڪي.اين پوري
ڪرايون هيون. کوجنائن مان ڪي اهڙيون حقيقتون
دريافت ٿيون آهن، جن جو ذڪر جان مارشل رپورٽ ۾
ڪونه ڪيو هو. هن علائقي جا گهر ننڍا ۽ ڀتيون به
سنهيون آهن. پر اهي صاف ۽ سٺا آهن ۽ وڏين ۽ ننڍين
گهٽين سان واقع آهن. سُجهي ائين ٿو ته هتي آبادي
ڏاڍي ڳتيل آهي. هنن تعميرن ۾ ڪٿي ڪٿي ٽڪنڊيون
ويڪريون ڳڙکيون آهن. امڪان آهي ته متان اهي دريون
هجن يا درن جا مٿيان پاسا هجن. هنن تعميرن جي
دلچسپ ڳالهه هيءَ به ڏسجي ٿي ته رَءِ پڪل سرن اندر
کانچو ڏسجي ٿو. اهڙين سرن کي ڇت جي مينهن واري
پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ نيساري طور ڪم آندو ويو آهي.
ان کان سواءِ هر سنان خاني جي ٻاهران مٿي وڃڻ لاءِ
ڏاڪڻ جا اهڃاڻ ڏسجن ٿا. هتي ٺڪر جو سوراخن وارو
گول ٿانءُ به ڏسجي ٿو، جنهن وسيلي پاڻي ڦوهاري جي
شڪل ۾ استعمال ڪيو ويندو هوندو. موجوده دؤر ۾ به
گهوٽ ۽ ڪنوار جي ساٺن سوڻن وارين رسمن دوران وهنجڻ
وقت هڪ ڇاڻيءَ وسيلي پاڻي ڇڻڪاريو ويندو آهي.
انهيءَ ٿانءُ جي سَوَن سوراخن مان گذري گهوٽ ڪنوار
مٿان ڦوهاري جيان وسندڙ پاڻي جو اشارو انهن مقدس
ندين ڏانهن آهي، جنهنجو ذڪر قديم دؤر جي ڪتابن ۾
ڏسجي ٿو.
ان کان سواءِ ڊيلس (Dales)
اسان جي ڄاڻ ۾ هي واڌارو به ڪيو آهي ته سنڌو-
تهذيب جي پوئين زماني دوران سنڌو- لکت جي نشانين
کي سولو ۽ سادو بنايو ويو هو. ۽ پيچيده صوتي ملهه
وارين تصويري نشانين کي روان لکت (Cursive)
جي شڪل ڏني وئي هئي. اهڙي ريت سنڌو- تهذيب جي قديم
ماڳن جي آخري تهن تان هٿ آيل مهرن تي روان لکت
واريون نشانيون اڪريل ڏسجن ٿيون.
هاڻي تازو آچن يونيورسٽي (Acchan
University)
جي مائيڪل جئنسين کي مورٽيمر ويلر جي 1950ع واري
ڏهاڪي ۾ ڪيل کوجنا جي اڻ شايع ٿيل فوٽوگرافس مان
ڄاڻ ملي آهي، ته هتان جي قربانيءَ سان لاڳاپيل کڏن
(Pits)
مان اهڙي ريت قربان ڪيل جانورن جا هڏا مليا آهن،
جهڙيءَ ريت ڪئليبئنگن
II
جي اهڙين کڏن مان هٿ لڳا آهن. (14)
موهن جي دڙي جي 1964ع-1966ع واري کوٽائي ۽ کوجنا
وسيلي هڪ اهم انڪشاف ٿيو هو. ان جي سنڌو- تهذيب
واري عروج واري دؤر سان لاڳاپيل مٿئين تهه تان
جهڪر جا ٿانءُ مليا هئا. هن ساڳئي تهه تان سنڌو-
تهذيب جي ترقي يافته دورن جا ٿانءُ پڻ هٿ لڳا هئا.
اهڙي ريت ساڳئي تهه تي ٻه جدا سهيوڳي ثقافتون
موجود هيون، جيڪا هڪ سٺي ڳالهه هئي. مذڪوره تهه تي
جهڪر- ٿانءُ سان گڏ مهرون به مليون هيون، جن تي ڪا
لکت موجود ڪانه هئي. پر انهن ٻنهي جي وچ ۾ گهاٽو
لاڳاپو موجود هو. بلوچستان جي موجوده علائقي جي
ماڻهن جا سنڌو- تهذيب جي شهري ثقافت سان تمام
گهاٽا لاڳاپا هئا، پر منجهن ثقافتي فرق موجود هو ۽
سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت وٽ پنهنجي لکت به موجود
هئي. پاڪستان جي مڪران جي سامونڊي پٽيءَ واري ڪلي
(Kuli)
ثقافت هڪ ٻيو مثال آهي، جنهن جي ثقافت ته الڳ هئي،
پر هن جا سنڌو تهذيب واري مرڪزن سان اقتصادي،
سماجي تعلقات هئا، جن ۾ لوٿل به شامل هو. ڪلي ۾
جهڪر جا ماڻهو سنڌو تهذيب جي اهم مرڪزن ۾ موجود
هئا ۽ انهن جي جدا ثقافتي اهميت کان انڪار به ڪونه
ڪيو ويو هو. انهي زماني ۾ سنڌو- تهذيب جو ماڻهو
گهڻو ترقي يافته پڙهيل، ڳڙهيل ۽ گهڻي علم ۽ فن کان
واقف هو.
جان مارشل ۽ مئڪي طرفان ڏنل موهن جي دڙي جي جڳهن
بابت سمجهاڻيون، اسان جي سامهون اچي چڪيون آهن. پر
هاڻي اسان کي مائيڪل جئنسين جي ڪيل تبصري ڏانهن
ڌيان ڏيڻ گهرجي. جنهن 1980ع کان موهن جي دڙي جي
کوٽائي ڪئي هئي. سندس خيال آهي ته ماڻهن پنهنجي
گهرن ٺاهڻ لاءِ 20-22 ميٽر اوچا ٿلها بنايا هئا.
اها به هڪ حقيقت آهي. ويلر هن ماڳ جي کوٽائيءَ
دوران ڀانڊي ڀرسان هيٺ گَهري کوٽائي ڪرائي هئي.
اهڙي ريت يونيسڪو (Unesco)
پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ موهن جي دڙي جي چوڌاري خندقن
وانگي پڻ کوٽائي ڪرائي هئي ته کين معلوم ٿيو هو،
ته بند جي ڀرسان ۽ زمين جي مٿاڇري کان 2.3 ميٽر
هيٺ مضبوط ڪچسريون اڏاوتون موجود هيون. موهن جي
دڙي وارو ماڳ درياه جي لٽ واري ميدان ۽ لوٿل جو
قديم ماڳ سامونڊي پٽيءَ سان واقع آهي. تنهن ڪري
هنن شهرن کي نئين طرز ۽ طريقي اختيار ڪرڻ جو تجربو
موجود هو. هنن پاڻيءَ جي هيڪاندي چاڙهه کي ڏسي ڪچ
سِرا اوچا ٿلها جوڙي، انهن جي مٿان پنهنجن گهرن
جون اڏاوتون ڪيون هيون. انهيءَ ڊپ کان ته متان
چاڙهه جو پاڻي سندن الهه تلهه ٻوڙي پائي وهائي ناس
نه ڪري ڇڏي. موهن جي دڙي جي هڪ اهم ۽ نمايان خوبي
هيءَ آهي ته هن ماڳ اندر پورا ڇهه سو کوهه آهن.
جئنسين تبصرو ڪري ٻڌائي ٿو ته اسمبلي هال
a
۽
e
وٽ ڪجهه مجسما يا مورتيون لڌيون آهن، جن جو تعلق
سنڌو- تهذيب جي پوئين دؤر سان آهي. مئڪي به کوٽائي
۽ کوجنا دوران وڏيون جڳهيون دريافت ڪيون هيون،
جيڪي هيٺاهين شهر (lower
city)
جي صفا اتر پاسي واقع هيون. پر هنن بابت اڃا به
کوجنا ڪرڻي پوندي. هي اهو ماڳ آهي، جتي مڻيارا
ڪاريگر (bead
makers)
رهندا هئا. جيڪي قيمتي پٿرن کي ونڌيندا هئا ۽ انهن
جي لسائي ڪندا هئا، يعني وينجهارڪو ڌنڌو ڪندا هئا.
ڀرسان ئي هڪ کوهه مان 50 ڪلوگرام کن قيمتي پٿر
مليا آهن، جيڪي منجهس اڇلايا ويا هئا.
HR
جيA
ايريا جي کوٽائي ڊيلس ڪرائي هئي. کيس
Street-1
جي ويجهو مٿئين تهه تان ماڻهن جا هڏاوان پڃرا مليا
هئا، جن جو واسطو سنڌو تهذيب جي عروج واري زماني
سان ڪونه آهي. اهڙيءَ ريت
HR
ايريا،
VS
ايريا ۽
DK
ايريا مان پڻ هڏاوان پڃرا مليا آهن، جن جو تعلق
مختلف دورن سان آهي. پر اهڙي ڪوشش به ڪنهن ڪانه
ڪئي هئي ته هنن ڍانچن جو ڪهڙي دورن سان لاڳاپو
آهي. ليڪن دلچسپ حقيقت هيءَ به آهي ته هيٺاهين شهر
(lower
city)
واري نام نهاد قتلام کان پوءِ به سيٽاڊيل آباد
رهيو آهي. هن جي معنيٰ اها ٿيندي، ته اهو قتل عام
ڪونه ٿيو هو. ڪن حقيقتن جي آڌار تي معلوم ٿيو آهي
ته موهن جي دڙي ۾ 3000 گهر هئا ۽ آبادي
40,000
هئي. تنهن ڪري جيڪڏهن قتل عام ٿئي ها، ته ٻارن جي
هڏاون پڃرن سان گڏ هزارن وڏن ماڻهن جا هڏاوان پڃرا
لڀن ها. پر رپورٽ ۾ فقط 30 هڏاون پڃرن جو ذڪر
موجود آهي. امڪان آهي ته پاڙي ۾ ڪو جهيڙو ٿيو آهي
يا اوچتو گهر ڪري پيو آهي، جنهن ڪري فقط 30 هڏاوان
پڃرا مليا آهن. اها ڳالهه ته هاڻي طئي ٿي چڪي آهي،
ته موهن جي دڙي کي ڪنهن ٻاهرئين حمله آور تباهه
ڪونه ڪيو آهي.
اها به معلومات ملي آهي ته وڏو سنان خانو (Great
bath)
سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر سان واسطو رکي ٿو.
ڇاڪاڻ ته هن سنان خاني مان خارج ٿيندڙ پاڻيءَ جي
نالي (Granary)
جي حصي کي ڪاٽي ٺاهي وئي آهي، جئسمين مطابق اناج
واري ڀانڊي ۾ ڪا هُري يا بهرو (Alcove)
ڪونه آهي ۽ نه وري ڪا ڏاڪڻ آهي.
جيتري قدر موهن جي دڙي جي گهٽين (streets)
جي طرفن جو تعلق آهي ته اهي ستارن جي مدد سان تيار
ڪيون ويون آهن. اهڙي ريت اوڀر کان اولهه ويندڙ ۽
اتر کان ڏکڻ ويندڙ (streets)
هڪ ٻئي کي 87 ڊگري تي ڪاٽن ٿيون.
گهر موهن جي دڙي جي پوئين دؤر (late
plase)
سان واسطو رکن ٿا. انهي زماني ۾ ماڻهو اقتصادي طور
ڊانوانڊول ٿي چڪا هئا. لوٿل جي ماڻهن جا حال به
هيڻا هئا. ننڍين وڏين گهٽين جي تعمير جو نمونو هر
دؤر جو پنهنجو آهي. امڪان آهي ته ڪنهن هڪ تاري يا
تارن جي جهڳٽي کي ڏسي گهٽين جا طرف مقرر ڪيا ويندا
هئا. پر اها ڳالهه اڃا تائين ثابت ٿي ڪانه سگهي
آهي. ته اتر يا اتر اولهه طرفن ڏانهن ويندڙ ننڍيون
وڏيون گهٽيون هڪ تاري يا گهڻن تارن جي جهڳٽي جي
مدد سان تعمير ڪيون ويون هيون. گهرن جي تعمير مان
پتو پوي ٿو ته رستي کان جڏهن گهر ۾ داخل ٿبو هو،
ته هڪدم گهر اندر داخل ڪونه ٿبو هو، پر هڪ اهڙي
ڪمري اندر اچبو هو، جيڪو رهائشگاهه ڪونه هوندو هو
۽ ان کي گهِڙڻ وارو ڪمرو سڏبو هو. ان کان پوءِ (Transit
room)
يعني وقتي طور استعمال جو ڪمرو هوندو هو. آخر ۾
اهو ڪمرو هوندو هو، جتي ڪٽنب جا ڀاتي رهندا هئا.
کوهه ڏانهن وڃڻ لاءِ گهر مان ۽ ٻاهران به رستو هو.
ڪن گهرن اندر ڦيرو ڪري داخل ٿبو هو، يعني انهن ۾
ڏيڍيون ٺهيل هيون نه ته عام طرح گهر اهڙا هوندا
هئا، جو انهن ۾ سڌو داخل ٿبو هو. لوٿل واري قديم
ماڳ ۾ ساڳي ڳالهه ڏسجي ٿي. مڻين جي صنعت ۾ ڏيڍي
لڳل هئي.
چانهونءَ جو دڙو:
هيءُ ماڳ موهن جي دڙي کان 129 ڪلوميٽر ڏور ۽ ڏکڻ
ڏس تي واقع آهي، جيڪو سنڌو- شهنشاهت جي ٽن اهم
شهرن مان هڪ آهي. هن ماڳ جا کنڊر سنڌ جي مشهور شهر
سڪرنڊ ڀرسان جمال ڪيرئي ڳوٺ ويجهو واقع آهن، جن کي
اين. جي. مجمدار 1931ع ۾ ڳولي لڌو هو. ان جي
کوٽائي ۽ کوجنا به ٿوري ٿڪي ڪئي وئي هئي. جنهن مان
پتو پيو هو ته هي سنڌو- تهذيب جو اهم ماڳ هو. هن
جي وڏي پيماني تي کوٽائي مئڪي ڪرائي هئي، جيڪو (first
American Archeological expiation)
سان واسطو رکندڙ قديم آثارن جو ماهر هو، جنهن کي
هندستان ڏانهن کوٽائي ۽کوجنا لاءِ موڪليو ويو هو
(15)
سنڌو- تهذيب واري دؤر ۾ سنڌو درياهه هن ماڳ سان
گَهَندي ڏئي گذرندو هو. پر هاڻي اهو 20 ڪلوميٽر
پري وهي رهيو آهي. هن کنڊر ۾ فقط ٽي دڙا آهن، جن
جو انساني آباديءَ سان واسطو آهي. هنن مان ٻه دڙا
ته هڪ جيترا آهن ۽ هر هڪ جي ايراضي 305 ميٽر آهي.
پر سنڌو- تهذيب جي هن ماڳ جي ڪل پکيڙ لوٿل جي
پکيڙجي اڌ جيتري ٿيندي. مئڪي جي خيال موجب هن ماڳ
جا ٽي ثقافتي مرحلا آهن. هن جو پهريون مرحلو سنڌو-
تهذيب جي عروج سان واسطو رکي ٿو. جڏهن ته ٻيو
”جهڪر“ ۽ ٽيون ”جهانگار“ ثقافت واري دؤر سان
لاڳاپيل آهي. اسٽوئرٽ پِگٽ (Stuart
piggat)
هن ماڳ جي مختلف دورن جي نئين جوڙجڪ ڪئي آهي، جيڪا
هن ريت آهي:
چانهون جو دڙو-
III
جهانگار (Jhangar)
ثقافت
چانهون جو دڙو-
II
جهڪر ثقافت
چانهونءَ جو دڙوI
سنڌوتهذيب جي عروج
وارو
دؤر
C.B.A
هن ماڳ جا (Sub-periods)
ٻئي دڙي (mound-II)
جي تعمير واري مرحلي سان واسطو رکن ٿا. هتي دلچسپ
ڳالهه هيءَ ڏسجي ٿي ته چانهونءَ جي دڙي کي هر دؤر
۾ سنڌوءَ جي چاڙهه واري پاڻي ٻوڙي ناس ڪيو آهي ۽
اتان جي ماڻهن وري نئين وسندي وسائي آهي. پر لوٿل
۾ ٻين هنڌن تي ائين ڪونه ٿيو آهي، معلوم ائين ٿي
رهيو آهي، ته شهر جي وڌڻ ۽ گهٽجڻ جي صورت ۾ ماڻهن
وري به ساڳي پڊ ۽ پوٺي کي وڃي وسايو آهي. چانهونءَ
دڙي جي هڪ دؤر کان پوءِ ٻئي دؤر جي آبادي ۾ ٿوري
وٿي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن ماڳ جي مرحلي-1 ۾ ڪچسرا اوچا
ٿلها نظر ڪونه ٿا اچن، جن تي سندن گهر اڏيل هجن.
لوٿل جي مرحلي ۾ به ڪچسرا ٿلها ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن.
چانهون جي دڙي ۾ اهڙا ٿلها مرحلي وار -1 (b)
۾ نظر اچن ٿا، جڏهن ته لوٿل ۾ اهڙن ٿلهن جو رواج
مرحلي اي-II
(Phase
A-II)
۾ ڏسجي ٿو. چانهونءَ جي دڙي ۾ ٻوڏ جي بچاءَ کان
ويڪرو ٿلهو ڪونه ٿو ڏسجي. ڇاڪاڻ ته هن ماڳ کي ٻوڏ
جو پاڻي تڪڙو تڪڙو ٻوڙي ناس ڪري ڇڏيندو هو.
شهر جي ناس ٿي وڃڻ کان پوءِ نئين آبادڪاريءَ ۾ دير
لڳي ويندي هئي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته
چانهونءَ جي دڙي واري انتظاميه سُست هئي ۽ ماڻهن
کي وقت سر سهوليتون ڏئي ڪانه سگهندي هئي. هن ماڳ
جا رهواسي ڪاريگر هئا، جن مان ڪي وينجهار هئا ۽
قيمتي پٿرن مان مڻيا جوڙينداهئا. ڪن جو ڌنڌو سپن،
ڪوڏن ۽ سنکن مان چوڙيون، مڻيا ۽ ٻيون شيون جوڙڻ
هو. انهن مان ڪجهه ماڻهو وري ٽامي جا ڪاريگر هئا.
هڪ ذڪر لائق بَٺي آهي، جنهن جي چوڌاري پڪي فرشبندي
ٿيل ڏسجي ٿي ۽ چوڌاري (Flies)
ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. کوٽائي ڪندڙ ماهر جو خيال آهي
ته هن ٿاڪ ڏانهن اچڻ لاءِ ٻه لنگهه هئا ۽ چوڌاري
اڏيل ڀت ويڪري هئي. هتي قائم ٿيل بٺيءَ تي اسٽائين
(Steatite)
پٿر جي مڻين کي گرم ڪري چمڪدار بڻايو ويندو هو.
لوٿل ۾ به اهڙي هڪ بٺي ڏسجي ٿي. پر اها چانهون جي
دڙي واري بٺي کان ٿوري مختلف آهي.هتي به قيمتي پٿر
جي مڻين کي گرم ڪري چمڪدار بڻايو ويندو هو.
کوٽائي ۽ کوجنا وسيلي معلوم ٿيو آهي، ته چانهونءَ
جي دڙي وارو ماڳ،
Phase- I, b
دوران ڏاڍو سکيو ستابو هو. ڇاڪاڻ ته هن دؤر ۾ ٽامي
جا اوزار تور جا پٿر جا وٽ، مهرون ۽ ڳهه ڳٺا تمام
جهجهي انداز ۾ نظر اچن ٿا. مرحلو
I-e
دڙي
I
(Mound-1)
کان وڌيڪ ٻئي دڙي (Mound-II)
۾ نمايان ڏسجي ٿو، جتي گهر، گهٽيون ۽ ڪني پاڻيءَ
جي نيڪال جو طريقو وڌيڪ سٺو نظر اچي ٿو. ان کان
سواءِ هتي 1.5 ميٽر ويڪري ۽ 24.38 ميٽر ڊگهي پڪسري
ڀت ڏسجي ٿي. کوٽائي ڪندڙ ماهر جو خيال آهي، ته اها
ڀت اناج جي ڀانڊي جو حصو آهي. پر هت ٿلهو (Platform)
ان تي هجڻ واري جڳهه جو نانءُ نشان به ڪونه آهي.
تنهن ڪري ان اڪيلي ڀت کي اناج جي ڀانڊي واري جاءِ
سمجهڻ مناسب ڪونه آهي. پر باقي ٻي ڀت ڏاڍي سنهڙي
آهي. لوٿل جي اتر پاسي به ايتري ديوار ڏسجي ٿي،
جيڪا پڪ سري آهي، هن ڀت جي اڏڻ جو مقصد هيٺئين شهر
کي ٻوڏ کان بچائڻ آهي.
هن وقت تائين هي نقطهء نظر قائم هو ته چانهونءَ جي
دڙي واري ماڳ کي سنڌو- تهذيب جي عروج واري زماني
I-c
۾ سنڌو- تهذيب جي ماڻهن ڦٽائي ناس ڪري ڇڏيو هو. ان
کان پوءِ هن ماڳ ۾ اهڙا ماڻهو اچي آباد ٿيا هئا،
جيڪي جهڪر جي ٿانءُ جهڙا ٿانءُ ٺاهيندا هئا. پر
سنڌو- تهذيب جي عروج واري زماني ۾ موهن جي دڙي جي
مٿئين تهه تي جهڪر جي ٿانءُ سان گڏ موهن جي دڙي
جا ٺڪر جا ٿانءُ به ڏسجن ٿا، تنهن ڪري اهو سمجهڻ
غلط آهي ته چانهونءَ جي دڙي وارن ماڻهن کي ختم ڪري
جهڪر جا ماڻهو اچي هتي آباد ٿيا هئا. پر اهو چوڻ
وڌيڪ صحيح ٿيندو ته سنڌو- تهذيب جي عروج واري
زماني ۾ جهڪر جا ماڻهو موهن جي دڙي وارن ماڻهن جا
سهيوڳي هئا. سندن دؤر به مختصر آهي. هنن جا موهن
جي دڙي جي ماڻهن سان اقتصادي ۽ سماجي ناتا هئا.
ساڳيءَ ريت جهڪر جي ٿانءُ جون ٺڪريون ۽ مهرون
لوٿل مان به هٿ لڳيون آهن. اهو به چيو ويندو آهي
ته جهڪر جي ماڻهن چانهونءَ جي دڙي جي ڇڏيل گهرن کي
اچي آباد ڪيو هو ۽ هي سنڌو- تهذيب جي عروج وارو
زمانو هو. هنن چوڪنڊا ۽ همچورس گهر ٺاهي ورتا هئا،
جن جي ڇتين تي ڪک پن رکي مٿي ڇانو ڪئي هئائون. ڪن
گهرن کي ڀتين بدران تڏا ۽ پترون ڏنيون ويون هيون.
گهرن جي فرشبنديءَ ۾ پڪين سرن جا ٽڪرا ٽوٽا ڪم
آندا ويا هئا. جهڪر جي ماڻهن جي خاص خوبي اها آهي
ته هنن انهن جڳهن جي چوڌاري حفاظت جي خيال کان
ننڍڙي ڀت ڏني آهي، جن اندر باهه ٻارڻ جون جايون
موجود آهن. شڪ آهي ته اهي مانيءَ پچائڻ وارن تنورن
جي جڳهه ڪانه آهي. قوي امڪان آهي ته اهي مذهبي
رسمن جي ادا ڪرڻ واريون جڳهون آهن، جتي آڳ جي پوڄا
ڪئي ويندي هئي.
جهڪر جو ٿانءُ سنڌو- تهذيب جي ٿانءُ کان الڳ ۽
سڃاپرو آهي. هن جو خاص ٿانءُ پڙڳي تري واري ڦيلهي
(dish-on-stand)،
اونهي تري وارو ٿانءُ (پاٽوڙو) اونهي تري وارو (Basic)
(ڪوناري) ڊگهيءَ ڳچيءَ ۽ اوچائي تري وارو ٿانءُ
(دلو- گهڙو) ۽ اڀن ڪنن وارو پيالو (جمني، ڪُپو؟)
اهي ٿانءُ پوئين دؤر (late
Indus)
واري مرحلي ۾ به موجود ڏسجن ٿا. ساڳيءَ ريت لوٿل-
B
واري عبوري ثقافتي دؤر ۾ به موجود هئا. جيڪڏهن
جهڪر جي مختلف ننڍن دورن (Sub-phases)
بابت معلومات ملي وئي، ته ان جي ارتقائي مرحلن جو
به چڱيءَ ريت پتو پئجي ويندو.
جهڪر جو ڪنڀر پنهنجي ٿانءُ تي ٻه- رنگي چٽسالي
ڪندو هو، جيڪا موهن جي دڙي واري هڪ رنگي چٽساليءَ
کان وَرنَ ۽ وڙ ۾ گهٽ هئي. ٻي ڳالهه ته هي ڪنڀر
ڀوري رنگ جي ڌاءَ (Slip)
تي ڪاري يا واڱڻائي ڪاري سان گڏ ڳاڙهي رنگ جي
چٽسالي ڪندو هو. نظر ائين اچي ٿو ته هن ڪنڀر ۾
سنڌو- تهذيب جي ڪنڀر واري ڏاهپ ۽ ڏات ڪانه هئي،
مڙئي ٽِڪو پنجو ڪري جند ڇڏائي ويندو هو. سندس چٽ
سڌين ۽ ڏنگين ڦڏين ليڪن تي مشتمل هو. جڏهن ته
سنڌو- تهذيب جو ڪنڀر فطرتي ۽ نيم- فطرتي نظارن جي
چٽسالي ڪندو هو. اهڙيءَ ريت جهڪر جي ٿانءُ تي ڪڏهن
ڪڏهن گول دائرا ۽ مڇي به ڏسبي هئي. ساڳي ريت جهڪر
جون مهرون ٺڪر جون ۽ فيانس (faience)
جون آهن. شڪل صورت ۾ گول آهن ۽ منجهن چوڪنڊن ۽
همچورس خانن جي اڪر ٿيل ڏسجي ٿي. اهڙيون ساڳيون
مهرون آنائو (III-
Anau)
۽ حصار (III-Hissar)
مان هٿ لڳيون آهن. ايران جي ڪن ماڳن مان ٻين
کانسواءِ هي شيون جهڙوڪ: (ouble-spiral-headed-peu)
۽ پاهي واري ڪُهاڙي (Shaft
hole)
هٿ لڳي آهي. جيڪي سنڌو- تهذيب جي ماڳن مان هٿ آيل
شين جهڙيون آهن.
تنهن ڪري مليل شاهدين جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته
چانهون جي دڙي جو دؤر
I-a
۽
I-b
سنڌو تهذيب جي عروج واري دؤر ۽ چانهون جي دڙي جو
I-c
دؤر (late
Indus)
جو سهيوڳي آهي.
ڪوٽڏجي:
(Kotdigi)
هيءُ ماڳ خيرپور کان 24 ڪلو ميٽر ڏکڻ ۽ موهن جي
دڙي کان 40 ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي، جنهن جي کوٽائي
1957ع (16) ۾ ايف.اي.خان جي نگرانيءَ ۾ ٿي هئي،
هيءُ کنڊر سنڌو تهذيب جي شروعاتي دؤر (Pre
Indus)
سان تعلق رکي ٿو، جنهن جي 16 تهن مان 12 ڊهي دڙو
ٿي چڪا هئا. مٿيان 3 تهه سنڌو- تهذيب جي عروج واري
دؤر سان لاڳاپيل آهن. جڏهن ته چوٿين تهه تي سنڌو-
تهذيب ۽ ڪوٽڏجي ثقافت جون شيون گڏيل صورت ۾ رکيل
آهن. پر گهڻائي ڪوٽڏجي جي ثقافت جي ٺڪر ٿانءُ جي
آهي. ڪوٽڏجي وارو ٿانءُ وڙ ۾ سنهو ۽ ڳاڙهي گلابي
رنگ جو آهي ۽ ڳچيءَ هيٺان فقط ڪارو پٽو اٿس، ڪن
ٿانءُ کي گول ڇلا ۽ ورن وڪڙن واريون ليڪون آهن.
اهڙو هڙاپا جو (Pre-
defence)
وارو چٽ به ڏسجي ٿو (خاڪو- 10(
ڪيترن ٿانءُ کي مڇيءَ جي ڇلر جهڙا چٽ به ڏسجن ٿا.
هتي ٺڪر جون ٽڪنڊيون ٽڪيون به هٿ لڳيون آهن، جن
سان گڏ پٿر جا اوزار (Chart
blades)
به آهن. اهڙيون شيون هڙاپا ثقافت ۾ به موجود هيون.
جڏهن ته ڪوٽڏجي واريون ثقافتي شيون ڪنهن اڳ واري
دؤر سان واسطو رکن ٿيون. پر ڪوٽڏجي ۾ ٽامون موجود
نظر ڪونه ٿو اچي. عام طور تي نظر ائين آيو آهي ته
سنڌو تهذيب جا ماڻهو ڪچسرن گهرن ۾ رهندا هئا، جن
جي پيڙهه ۾ پٿر ڪم ايندو هو. ان کان سواءِ هو
ٽامي، ڪنجهي جا ڳهه پائيندا هئا ۽ ڏڦن ۾ پٿر جون
اڻيون استعمال ڪندا هئا. اهڙيون ثقافتي شيون مهر
ڳڙهه مان مليون آهن، جيڪو بلوچستان ۾ آهي، جنهن جو
تعلق پٿر جي پوئين ۽ ڪنجهي دؤر سان آهي.
بالاڪوٽ:
(Balakot)
هيءُ هڪ قديم وسندي آهي، جيڪا وندر نئن جي ڪناري
سان واقع هئي. سونمياڻي کان هن جو فاصلو 12 ڪلو
ميٽر ٿيندو. جيڪو ضلعي لس ٻيلي (بلوچستان) جو
سامونڊي پٽي وارو ماڳ آهي، جنهن کي رابرٽ ايل.
رئڪس
Robert L. Raikes
سنڌو درياهه جو هڪ بندر تصور ڪيو هو. هن ماڳ جي
بي. ايف ڊيلس 1973ع کان 1975ع تائين کوٽائي ڪئي
هئي. کوجنا جو اهو ڪم هن برڪلي جي ڪئليفورنيا
يونيورسٽي جي معرفت ڪيو هو. (17)
بالاڪوٽ سنڌو- تهذيب جو هڪ ماڳ آهي، جنهن جي
ايراضي
180x160
ميٽر ٿيندي. آبادي وارو دڙو 9.7 ميٽر آهي. هي قديم
دؤر جي هڪ بندر جو ماڳ آهي، جيڪو مڪران واري
سامونڊي ڪناري ڀرسان آهي. هن جي کوٽائي ۽ کوجنا
وسيلي سنڌو- سمير تهذيبن وچ ۾ هلندڙ تجارت بابت
اهم شاهدي ملي آهي. ان کانسواءِ سنڌو تهذيب جي
اوائلي دؤر (Pre-
Indus)
۽ سنڌو تهذيب جي عروج واري دؤر سان لاڳاپيل تهه به
هٿ لڳا آهن. (Period-
A)
واري تهه تان سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر جون
ثقافتي شيون جهڙوڪ: پٿر جا اوزار (Chert
blades)
تور جا پٿر جا وٽ، سنڌو- تهذيب خاص طور ٺڪر جا
ٿانءُ چٽيل ۽ سادا ۽ ڪجهه مهرون لڌيون آهن. پر
جيتري قدر تعمير جو تعلق آهي ته هتان فقط ٻه
ڪچسريون ڀتيون مليون آهن. هڪ وڏي آوي يا بٺي (Furnas)
۽ ڪيتريون ئي تنوريون مليون آهن، جيڪي مذڪوره ڀتين
جي ٻاهران موجود ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. اهڙين ڳالهين مان
لڳي ٿو ته اها ڪا صنعتي ايراضي هئي، جتي اهڙيون
شيون تيار ڪيون وينديون هيون. جيڪي بٺين ۽ تنورين
وسيلي تيار ڪيون وينديون آهن. جهڙوڪ: ٺڪر جون
جانورن جون مورتيون ۽ ننڍا وڏا ٺڪر جا ٿانءُ
وغيره. هتان جي دؤر جي (Period-
B)
جو تعلق سنڌو تهذيب کان شروعاتي دؤر (Pre
Indus)
واري دؤر سان آهي، جنهن کي ڊيلس
(Early Harappa)
Early Indus
سڏيو آهي. هن دؤر سان لاڳاپيل ۽ ڌرتي جي مٿاڇري تي
مختلف تهه موجود آهن ۽ ڪچسريون تعميرون به ڏسڻ ۾
آيون آهن. معلوم ائين ٿي رهيو آهي، ته انهن جڳهن
جون ڪنڊون قطب نما مکيه طرفن ڏانهن آهن، نظر ائين
اچي رهيو آهي ته سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر ۾
هر جڳهه جي ڪنڊ مکيه طرفن مطابق رکي وئي آهي.
(Period- B)
ٺڪر ٿانءُ جي نقطه نظر کان نهايت شاهوڪار دؤر
ڏسجي ٿو، جيڪو آڳاٽي دؤر (Pre
Indus)
جو سهيوڳي زمانو آهي. هن دؤر جو ٿانءُ گهڻ رنگو
آهي، جيڪو (Nal
Cemetery ware)
سڏيو ويندو آهي. اهو مرحلي- 1 کان وٺي
IX
تائين لڳاتار ڏسجي ٿو. کوٽائي ڪندڙ ماهرجو خيال
آهي ته هتان جو (Pre
Indus)
وارو دؤر ڏکڻ بلوچستان جي نالو روايت سان ڳنڍيل
آهي، جهڙوڪ: قلات جو انجيئر (Anjare)
وارو تسلسل وغيره. مثال طور بالا ڪوٽ جي مرحلي- 1
کان
V
تائين واري ٿانءُ تي جانورن جي ٽولن جي چٽسالي
ٿيل آهي، جيڪا اسان کي (Togau-C)
۾ به نظر اچي ٿي. جڏهن ته مرحلي
X
۽
XI
۾ نال (Nal)
جي روايتن جو دؤر آهي. هي اهو دؤر هو جنهن ۾ آمري
جو ٿانءُ به نظر اچڻ شروع ٿئي ٿو، جيڪو (Pre
Indus)
دؤر جو ويڪري تري وارو هو. اهو ٿانءُ عبوري روايتي
دورن مان گذري سنڌو- ثقافت جي عروج واري زماني ۾
داخل ٿيو هو. نظر ائين اچي ٿو ته هن ٿانءُ جي
اصليت (Pre
Indus)
واري تهه کان شروع ٿئي ٿي. اچرج جهڙي ڳالهه اها
آهي ته (Pre
Indus)
دؤر سان لاڳاپيل هن ٿانءُ تي وڻن ٻوٽن جهڙي چٽسالي
ڏسجي ٿي. ڪن ٿانوَن تي چوپائي مال جا سڱ به چٽيل
ڏسجن ٿا. اهڙي ريت پانڌي واهي جي هڪ ٿانءُ تي ڀوري
رنگ جي ڌاءَ (Slip)
تي ڪاري رنگ جي چٽسالي ڏسجي ٿي، جنهن ۾ ڪونڊيءَ ۾
هڪ ٻوٽو ڏسجي ٿو، ٿانءُ جو رنگ پيلو، ڀورو ۽ ٻوٽي
جي ڦل يا ڦول جو رنگ ڪارسُرو ڳاڙهو نظر اچي رهيو
آهي. اهڙي چٽساليءَ ۾ هر سڱ ۽ ٻوٽي جي ٽاريءَ کي
ور ڏنو ويو آهي. پر هڪ ڳالهه جو هتي ذڪر ڪرڻ لازمي
ٿيندو، ته هتان جي ڪجهه ٺڪر جي ٿانءُ تي سنڌو-
لکت جون نشانيون اُڪريل آهن، جيڪي مهرن تي نظر اچن
ٿيون.
ان کان سواءِ هتان جي (Pre-Indus)
۽ سنڌو تهذيب جي عروج واري دؤر سان لاڳاپيل تهن
تان ٽامي ۽ ڪنجهي جون ٺهيل شيون به هٿ لڳيون هيون.
اهڙي ريت هتان ڏڦن ۽ تيرن جون اڻيون به مليون
هيون. هتان هٿ آيل اسٽيٽائين پٿر جي ٻن مهرن تي پڻ
سنڌو- لکت جون نشانيون به ڏسڻ ۾ آيون آهن. ان کان
سواءِ ٺڪر جي هڪ ٽڪنڊي ٽڪيءَ تي پڻ سنڌو لکت جون
نشانيون موجود آهن. ٺڪر جون شيون، شطرنج جي ڳوٽن،
ٻاراڻي ڏاند- گاڏي، فريم، ڪُنڀٽ ۽ بنا ڪُنڀٽ وارن
ڍڳن تي مشتمل آهن. پر ڪجهه وَٽَ ۽ فيانس اسٽيٽائيٽ
۽ عقيق جا مڻيا هتان ڪونه مليا آهن، جيڪي عام طور
سنڌو- تهذيب جي هر ماڳ ۾ ملندا آهن. اهڙي وايو
منڊل مان ڄاڻ ملي ٿي ته بالاڪوٽ ۾ (Pre
Indus)
واري دؤر جي تهه تي تجارت سان لاڳاپيل شيون جهڙوڪ:
مهرون، وٽ موجود ڪونه آهن ۽ نه وري شهر جي تعمير
جي ڪا منصوبه بندي ڏسجي ٿي. (Pre
Indus)
جي هن ٽنهي اهم شين جي غير موجودگي ڪري چئي سگهجي
ٿو ته هن ماڳ ترقي يافته سنڌو تهذيب (Mature
Indus Culture)
لاءِ پنهنجو ڪو ڪردار ادا ڪونه ڪيو هوندو.
آمري:
Amri
هن قديم ماڳ کي اين.جي مجمدار ڳولي لڌو هو (18)
سنڌ جو هي اهم ماڳ موهن جي دڙي جي ڏکڻ ۾ واقع آهي.
هن ماڳ جي کوٽائي 1927ع ۾ ڪئي وئي هئي. هي قديم
آثارن جو پهريون ماهر هو، جنهن اندازو ڪري ورتو
هو، ته هن ماڳ جي سنڌو- تهذيب جي عروج سان لاڳاپيل
تهن ۾ هتان جي آڳاٽي دؤر (Pre
Indus)
وارو قديم دؤر موجود آهي. هن آمري-1 جي ٻه رنگي
ڀوري رنگ جي ٿانءُ کي سنڌو- تهذيب جي رنگ جي ٿانءُ
کي سڃاڻي الڳ ڪري بيهاريو هو، جنهن تي ڪاري رنگ جي
چٽسالي ٿيل هئي، جنهن کي قديم آثارن جا ماهر ڪارو
۽ ڳاڙهو (Black
or Red)
ٿانءُ سڏيندا آهن. آمري ثقافت کي آڳاٽي دؤر (Pre
Indus)
جي قديم ثقافت طور سڃاتو ويو آهي. هتان سنهي گهاڙ
جو ٺڪر جو ٿانءُ لڌو ويو آهي، جنهن جي ڳچيءَ تي
ڳاڙهي ڀوري رنگ جو پٽو ڏسجي ٿو. چپ جي اندرئين
پاسي جاميٽري طرز جي چٽسالي ڳچيءَ کان هيٺ ڪلهن تي
چاڪليٽي يا هلڪي گلابي، ڪن ٿانءُ تي ڀوري رنگ جي
ليئَه تي چٽسالي موجود ڏسجي ٿي. هن ماڳ جي قديم
دؤر واري چٽسالي اهڙي سهڻي ۽ جاذبِ نظر ڪانه آهي،
جهڙي مٿين تهن واري سنڌو- تهذيب جي عروج واري ٺڪر
جي ٿانءُ تي ڏسجي ٿي. آمري جو (Sabriquet)
۽ (Bichrome)
ٿانءُ سنهي وَڙ ۽ گهاڙ جو آهي، جنهن تي ٿيل چٽسالي
به ٽِه-رنگي آهي. هن وَرَنَ جا ٿانءُ سنڌ جي واهي
پانڌي، ٻنڌڻي، دمب بُٺي ۽ ٻين ماڳن مان مليا آهن.
مجمدار آمري جي ٿانءُ کي سڃاڻي نال واري ٿانءُ
کان الڳ ڪري بيهاريو هو، جن تي ٽن کان وڌيڪ رنگن
جي چٽسالي ڏسجي ٿي. هن کان پوءِ وڏي پيماني تي
کوٽائي 1961ع ۾ جي.ايم.ڪاسل (G.M
Casel)
جي زير نگراني ٿي هئي، جنهن معلومات ۾ اهم اضافو
ڪيو هو. هن ماهر آمريءَ جا پنج دؤر ڳولي لڌا هئا،
جيڪي وري گهڻن ننڍن دورن (Sub-periods)
۾ ورهايل هئا (19). اهڙو وچور هيٺ ڏجي ٿو.
آمري ثقافت جو دور-1 (Period-1)
ٻه رنگي (bichrome)
ٿانءُ ڪري اهم آهي. هن قسم جا ٻه رنگا ۽ گهڻ- رنگا
ٿانءُ بلوچستان جي قديم ماڳن تان به مليا آهن.
قديم آثارن جي ماهر جي. ايم. ڪاسل هن ماڳ جي ننڍن
دورن اي پي سي ۽ ڊي (Sub-periods)
(A
۽
B،
C
۽
D)
جي ٿانءُ کي سڃاڻي ڌار ڌار ڪري بيهاريو آهي.
اهڙيءَ ريت معلوم ٿيو آهي، ته ننڍي دؤر اي ۽ بي (Sub-periods)
جي دؤر
A
۽
D
دورن جا ٿانءُ چَڪَ وسيلي جوڙيا ويا آهن. مجمدار
جو بيان آهي ته آمري جو ڪلاسيڪل ٻه- رنگو ٿانءُ
C
۽
D
دورن ۾ پڻ موجود آهي.
C-14
جي آزمائش مطابق
IB
۽
IC
دؤر 3700 کان 3000 ق. م تائين نظر
اچن ٿا. هي دؤر منڊيگاڪ 1، 2، 3 سان سهمت آهي،
جيڪو 3900 کان 3700 ق. م جي برابر بيهي ٿو. ڪاسل
جي خيال موجب آمري- 11، وچون دؤر آهي، جنهن ۾
سنڌو- تهذيب جا عروج وارا خاص ٿانءُ ڏسجن ٿا، جيڪي
آمري جي ٿانءُ سان هڪ تهه تي موجود آهن. پر انهن
جو تعداد ٿورو آهي. جڏهن ته ان دؤر ۾ آمري وارو
ٿانءُ پنهنجي ارتقائي مرحلن مان گذري چڪو آهي،
ڪاسل هڪ اشارو ڏنو آهي، جيڪو اهميت کان خالي ڪونه
آهي. سندس خيال موجب جيئن ته سنڌو- تهذيب جي ٿانءُ
جون ٺڪريون
ID
واري تهه تان پڻ مليون آهن. تنهنڪري سنڌو- تهذيب
جي عروج وارو دؤر 3000 ق.م سمجهي سگهجي ٿو. سندس
هي به بيان آهي ته ٻيو دؤر (period-II)
وچ وارو زمانو آهي، جنهن ۾ سنڌو- تهذيب ۽ آمريءَ
جا ٿانءُ هڪ تهه تي گڏ ملن ٿا. جڏهن ته (period-III)
۾ آمري جو ٿانءُ مڪمل غائب ڏسجي ٿو. هي سنڌو-
تهذيب جي عروج واري زماني سان سهمت آهي. هتي ڳاڙهي
چمڪدار ٿانءُ تي اهڙي چٽساليءَ وارو سنڌو ٿانءُ
ڏسجي ٿو، جيڪو موهن جي دڙي جي قديم تهن تان هٿ لڳو
آهي. اهڙي ورن جو ٿانءُ چانهونءَ جي دڙي-1 ۾ پڻ
موجود آهي. هن مرحلي واري ٿانءُ تي هڪ ٻئي کي
پائيندڙ گول دائرن، مڇي ۽ مور جهڙي چٽسالي ڏسجي
ٿي.
هڪ ٻئي کي پائيندڙ گول دائرن وارو چٽ آمري جي (Period-II)
۾ موجود آهي، جنهن کي ٻنهي ثقافتن جي وچ وارو دؤر
ڪوٺيو ويو آهي. اها ڏاڍي دلچسپ حقيقت آهي. آمري-III
مان پڙڳي تري سان ڦيلهي
(dish-on-stand)
ملي آهي. پر آمري مان مليل هن ڦيلهي جو ترو ڪجهه
ويٺورڙو آهي، جڏهن ته سنڌو- تهذيب جي ڦيلهي جو ترو
وڌيڪ ڊگهو ۽ کڙو آهي ۽ ڦيلهي به پيالي جهڙي ڏسجي
ٿي. پڙڳي تري واري ڦيلهي جا ٻئي نمونا لوٿل-
A
۾ موجود مليا آهن، جن سان گڏ اهڙا ٿانءُ به رکيل
آهن، جن تي هڪ ٻئي کي پائيندڙ گول دائرن جهڙو چٽ،
مور ۽ مڇي به آهي. ويٺوڙي پَڙڳي تري واري ڦيلهي
جهڙو ٿانءُ لوٿل جي قديم تهن تان گهٽ، پر پوين تهن
تان گهڻي تعداد ۾ مليو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو
ته انهيءَ وڙ جو ٿانءُ پوئين دؤر ۾ وڌيڪ مقبول نظر
اچي ٿو. آمري
IIIC
دؤر ۾ پڙڳي تري واريءَ ڦيلهيءَ جي
نئين طرز ڏسجي ٿي، جنهن جو مٿيون پاسو ڪجهه وڌيڪ
اُڀاڻو آهي. اهڙو ٿانءُ لوٿل-
A
۽
B
۾ به موجود ڏسجي ٿو. ان کان سواءِ هتي پيالي (bowl)
۽ ڪوناري (bagin)
جي طرزن ۾ پڻ تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جڏهن ته
چٽساليءَ جي پس منظر ۾ ڳاڙهي بدران چاڪليٽي ۽ ڀورو
رنگ نظر اچي رهيو آهي. هڪ ٿانءُ اهڙو به آهي، جنهن
تي ڌاءُ جو نانءُ نشان به ڪونه آهي. پر مٿس هلڪي
گلابي رنگ جي پس منظر ۾ واڱڻائي رنگ جا هڪ ٻئي کي
پائيندڙ گول دائرا آهن، جيڪي هيٺ ملندا ڏسڻ ۾ اچن
ٿا. ان کان سواءِ اڀين ۽ پاسيرين ليڪن جهڙي چٽسالي
ڏسجي ٿي، جيڪا لوٿل-
B
۾ به موجود آهي.
جُهڪر ثقافت جو ٿانءُ آمري-
IV
مان هٿ لڳو آهي، جنهن جو تعداد ٿورو آهي. ڪاسل کي
آمري
IIIC
سنڌو- تهذيب واري چٽسالي ڏسڻ ۾ آئي هئي. هن دؤر کي
هي ماهر
IIID
سان ڳنڍي ٿو. کيس هن دؤر ۾ جهڪر جي ٿانءُ جي پڻ
موجودگي ڏسڻ ۾ آئي هئي، جنهن کي هن سنڌو- تهذيب جي
بگاڙ واري دؤر جو ٿانءُ سمجهيو هو.
جيڪڏهن ڪاسل جي هٿ ڪيل مشاهدن تي تبصرو ڪبو، ته
آمري
Pre Indus))
دؤر جي هڪ وسندي هئي، جيڪو هڪ ثقافتي مرڪز به هو.
هن اسري ۽ ترقي ڪري موهن جي دڙي واري ترقي يافته
تهذيب سان تعلقات پيدا ڪري ورتا هئا ۽ سندس
I -D
دؤر ۾ اهڙا تعلقات واضح نموني سان
موجود ڏسجن ٿا. هن ماڳ جو (Period-II)
ٻنهي ثقافتن جو وچ وارو دؤر هو، جنهن ۾ هن جا
سنڌو- تهذيب سان تعلقات وڌندا ۽ گهٽبا ڏسجن ٿا.
سندس (Period-III)
هڙاپا واري ثقافت جو سهيوڳي آهي. هن دؤر ۾ هيءُ
ماڳ ترقي ڪرڻ ۽ وڌڻ بدران سُسي ننڍڙو ٿي ويو هو.
ڪئت ناهي ته انهيءَ زماني ۾ مارڪيٽ واري هڪ شهر
بدران ڳوٺ بڻجي ويو هو، هن جي (Period-III
C)
۾ ٻن ٺڪرن تي سنڌو- لکت جون نشانيون ڏسڻ ۾ اچن
ٿيون، جيڪي لکيل نه، پر اڪريل صورت ۾ آهن. آمري جي
(III
C)
دؤر ڏانهن سنڌو- لکت جي اهڙي مهر منسوب ڪئي ويندي
آهي، جنهن ۾ نظر ايندڙ جانور کي ٽي منڍيون آهن.
ڪاسل جي اها به سوچ آهي ته آمري
III-B
واري دؤر ۾ (Geomorphological)
تبديليون آيون هيون. تنهنڪري موهن جي دڙي جا ڪجهه
ماڻهو لڏي اچي آمريءَ ۾ ويٺا هئا. جڏهن ته مورٽيمر
ويلر جو خيال آهي ته موهن جي دڙي جي ماڻهن آرين جي
حملن ڪري اتان لڏپلاڻ ڪئي هئي. کوٽائي ڪندڙ ماهر
جو نقطهء نظر آهي، ته جهڪر ثقافت وارا ماڻهو
بلوچستان کان اچي جهڪر ۾ ويٺا هئا (ليڪن بلوچستان
جو نالو ۽ نقشو اڪبر مغل جي دؤر جي پيداوار آهي.
هن مغل حڪمران کان اڳ سنڌ جون حدون ايران سان
ملنديون هيون). ڊيلس جو نقطهء نظر آهي ته جهڪر
ثقافت جي نمائندگي ڪندڙ گروه سنڌو- تهذيب جي ماڻهن
سان واپار ڪندو هو. هي ماڻهو چانهون جي دڙي ۽
بالاڪوٽ ۾ به نظر اچن ٿا. هن موضوع تي اڳتي هلي ان
وقت بحث ڪيو ويندو، جڏهن سنڌو تهذيب جي اصلي بُڻ
بڻياد تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ويندي.
الهڏنو ساند:
(Alladino Sand)
هي قديم ماڳ ڪراچي کان 40 ڪلو ميٽر اوڀر ۽ سنڌوءَ
کان 16 ڪلو ميٽر اوڀر- اتر- اوڀر واقع آهي. سندس
قدامت سنڌو- تهذيب جي عروج واري دؤر سان سهمت آهي.
ماڻهو هن کي نيل بزار (Nel
Bazar)
به سڏيندا آهن. هن ماڳ جي کوٽائي والٽر اي. فيئر
سروس (watter
A. Four service)
ڪرائي، جيڪا 1973ع کان 1977ع (20) تائين هلي هئي.
هن ماڳ جي کوٽائيءَ جو مقصد هو ته جيئن معلوم ڪري
سگهجي ته سنڌو- تهذيب جي عروج سان لاڳاپيل ڳوٺ
ڪيئن ٿي سگهي ٿو ۽ شهري ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ سماجي
فرق موجود هو يا نه.
اهڙيءَ ريت هن ماڳ جي مختلف مرحلن کي ڌار ڌار ڪري
بيهاريو ويو آهي. مرحلو-1 پوئين دؤر سان واسطو رکي
ٿو، جنهن مان پئسا ۽ پايون هٿ لڳيون آهن، جڏهن ته
هيٺئين مرحلي ۾ ڪچسرائي ۽ پٿر جون ٺهيل جڳهون هٿ
لڳيون آهن. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته هي ماڳ بار
بار ٺهندو ۽ ڊهندو رهيو آهي. مرحلي-2 ۾ ڪچسريون
جڳهون ۽ آڏو اڱڻ ڏسڻ ۾ آيو آهي. مرحلي-3 ۾ ڪجهه
جڳهون هٿ آيون هيون، صفا هيٺئين مرحلي ۾ پٿر جون
ٺهيل ثقافتي شيون نظر آيون، جن ۾
(Micro leths)
به شامل آهن. هر مرحلي تان رءِ پڪل ڳاڙهو ٿانءُ
مليو، جنهن تي ڪاري رنگ جي چٽسالي ٿيل هئي، جنهن
کي ((Black
on Red
ٿانءُ به سڏيو ويو آهي، جيڪو
سنڌو-تهذيب جي عروج واري دؤر جي نمائندگي ڪري رهيو
هو. جڳهون ڪچسريون ڏسڻ ۾ آيون. جنهن جون پيڙهيون
پٿر جون هيون ۽ پيڙهه وارا آئرا 1.25 ميٽر هيٺ
کوٽيل ڏٺا ويا هئا. کوهن جي تعمير ۾ پڪين سرن
بدران پٿر ڪم آندو ويو هو. ڪني پاڻيءَ جي نيڪال
واريون ڪسيون به پڪين سرن بدران پٿر جون ٺهيل
هيون. فرشبندي ۾ به پڪين سرن بجاءِ پٿر ڪم آندو
ويو ٿو ڏسجي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته پڪين سرن کان
پٿر حاصل ڪرڻ وڌيڪ سولو هو. هن ماڳ جي تعمير ۾
منصوبه بندي نظر ڪانه ٿي اچي، پر هر گهر جي جڳهه ۾
باقاعدگي ضرور موجود آهي، ڪچسرين اوچن ٿلهن تي
ٺهيل وڏين جڳهن يا پٿر جي فرشبندي سان پاڻي جي وڏن
تلائن جي موجودگي نظر ڪانه آئي. نه وري پٿرن سان
اوساري ٿيل وڏا کوهه ڪٿي هٿ لڳا آهن. ان کان سواءِ
هتي گهڻن ڪمرن واريون جڳهون به نظر ڪونه آيون ۽ نه
وري انهن ۾ ٿيندڙ ڪم ڪار جو ڪو نانءُ نشان هو.
ٻيا قديم ماڳ
هتان جي قديم ماڳ ۾ ٺرو ٽڪري (Tharro-hill)
(21) ۽ ڪوٺڙا بُٺي
Khothra Buttin))
(22) به آهن، جن جو واسطو آمري ثقافت سان آهي. ٺرو
ٽڪريءَ جي کوٽائي ۽ کوجنا وسيلي اهو به معلوم ٿيو
آهي ته ان جي هڪ تهه تي سنڌو- تهذيب جي عروج
واريون ثقافتون موجود هيون. پر ان جو واسطو آمري
ثقافت سان هو. هتي پٿر جون ٺهيل بيضوي طرز جون
ننڍڙيون ڪوٺيون آهن. چيو وڃي ٿو ته اهي قبرون آهن.
پر انهن جي باري ۾ يقين سان ڪجهه به چئي ڪونه ٿو
سگهجي. ڪن ٽڪرين تي سنڌو لکت (Indus
script)
جهڙيون نشانيون آهن، جيڪي گهري لڪير ڪڍي ٺاهيون
ويون آهن. هنن ٽڪرين تي اهڙي لکت ڪنهن اهميت کان
خالي ڪانه آهي.
سنڌو- شهنشاهت (Indus
empire)
جي وچين صوبي ۾ ڪوٺڙا واري بٺي ۽ علي مراد (23) ٻه
اهم ماڳ آهن. هنن ٻنهي مان ڪوٺڙا بٺي جو واسطو
آمري ثقافت سان ۽ علي مراد جو سنڌو- تهذيب سان
تعلق آهي جيڪو هڪ قلعبند ننڍڙو شهر هو. چوڌاري ڏنل
ڪوٽ جي اوساريءَ ۾ پٿر ڪتب آندو ويو آهي، جنهن جي
ماپ
0.3 x 0.6
سينٽر آهي. ٻيٽ دوارڪا جي ڪوٽ ۾ به ساڳيءَ ماپ جو
پٿر ڪم آندل ڏسجي ٿو. مجمدار کي جاچ پڙتال دوران
معلوم ٿيو ته قلعي جي ڏکڻ واريءَ ٻانهين ۾ ڦاٽڪ
ٺهيل ۽ ڀرسان کوهه موجود هو. شهر اندر کيس پٿر جون
اوساريل جڳهون ڏسڻ ۾ آيون هيون. هن ماڳ جي ڪوٽ جي
ٻاهرئين پاسي به کيس ڪن جڳهن جي باقيات ڏسڻ ۾ آئي
هئي. ان کان سواءِ کيس هتي سنڌو- ثقافت جون شيون
جهڙوڪ: پٿر جون ڇريون (Chert
blades)
ٽامي جي ڪهاڙي (Copper
celt)،
اسٽيٽائيٽ (Steatite)
پٿر جا مڻيا، قيمتي پٿر، ٺڪر جون ٽڪنڊيون ٽڪيون ۽
جانورن جون ٺڪر جون مورتيون هٿ لڳيون هيون.
REFERENCES
1.
Misra V.N. (1984) Climate, factor in the rise
and fall of the Indus Civilization. FIC
474-484
2.
Agrwal D.P. et. al (1980) 'Quaternary studies in
Rajasthan: Preliminary results', Recent
Research in Geology, 9: 186-199
3.
Singh G. (1971) 'The Indus Valley Culture (seen
in the context of Post Glacial Climate and
Ecological Studies in North-West India).
Archaeology and Physical Anthropology in Oceania.
6 (2): 177-189
4.
Cunningham A. (1875) Archaeological Survey
oof India Report for the year. 1872-73, vol.
V, 105-8
5.
Hargreaves H. (1929) op.cit
6.
Mughal M.R. (1973) The Present State of
Research on the Indus Valley Civilization:
International Symposium on Mohenjo-daro:
1-28
7.
Vats, M.S. (1940) op, cit
8.
Wheeler R.E.M. (1947) op. cit. 58-130
9.
Dales G.F. and Kenoyer J.M. (1988) 'Preliminary
Report on the Third Season (January- March 1988)
of Research at Harappa.
10.
Marshall, Sir John (1924) 'Fresh Light on Long
Forgotten Civilisation', Illustrated London
News. 20 Septemver.
Marshall, Sir John (1926) ARASI,
1923-24
Marshall, Sir John (1931) op, cit.
11.
Mackay E.J.H. (1938) op.cit
12.
wheeler Sir Mortimer (1968) op.cit. 43-44
13.
dales G.F. (1965) New Investigations at
Mohenjo-daro, Archaeology vol. 18, No. 2:
145-150
14.
Jansen M. (1984) 'Architectural Remains in
Mohenjo-daro', FIC 74-88
15.
Mackay E.J.H. (1943) Chanhu-daro Excavations,
American Oriental Series, Boston Museum.
16.
Khan F.A. (1965) 'Excavations at Kot-diji',
Pakistan Archaeology, vol. 2, 13-85
17.
Dales G.F. (1981) 'Reflections on Four Years of
Excavation at Balakot', Indus Civilozation
New Perspectioves 9ed) A.H. Dani.
18.
Majumdar N.G. (1934) 'Explorations in Sind'
MASI no. 48, 24-48
19.
Casal J.M. (1964) 'Fresh Digging at Amri',
Pakistan Archaeology op.cit bol.I, 57-65
20.
Fairservis W.A. Jr. (1977) Excavations at
Allahdino I-III Papers of the Allahdino
Expedition, New York.
21.
Majumdar N.G. (1934) op.cit.
22.
Ibid
23.
Ibid
pp. 89-91 |