شاهه
بندر
سنڌ ساڻيھه جو هيءُ مشھور سامونڊي بندر رهيو آهي. خاص ڪري 18هين ۽ 19هين صدي عيسويءَ
۾ گهڻو مشھور ۽ مُک بندر رهيو آهي. ڪلهوڙا دور جي هاڪاري حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي
جي شروعاتي دور ۾ ڪجهه وقت لاءِ ته سنڌ ملڪ جي
گاديءَ جو هنڌ به رهيو آهي. انگريز واپارين اورنگا
بندر کانپوءِ پنھنجي واپاري ڪوٺي هن بندر ۾ قائم
ڪئي. انگريزن انهيءَ دور ۾ ئي سنڌ جي حاڪمن سان
واپاري معاهدا ڪيا، جيڪي تاريخي رڪارڊ تي موجود
آهن. هن بندر جي اهميت انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿي
ته سنڌ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ انگريزن جي شروعاتي
دور ۾ ڪيتري زماني تائين شاهه بندر
اهم بندر سان گڏو گڏ ڊويزن ۽
ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ رهيو.
هيوز جي گزيٽيئر ۾ ڄاڻايل آهي ته:”هيءَ بنھه وڏي
ڊويزن ۽ ڪراچي ضلعي جي ڪليڪٽوريٽ آهي، جيڪا سنڌ جي
ڏاکڻي ڇيڙي واري علائقي تي مشتمل آهي. سندس حدون
اُتر ۽ اوڀر کان حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جي ٽنڊي محمد
خان ڊويزن سان ۽ ڪجهه ڪوري کاريءَ سان، اولهه ۾
سنڌوءَ سان ۽ ڏکڻ ۾ سنڌ جي سمنڊ ۽ ڪوري کاريءَ جي
ڪجهه ڀاڱي سان ملن ٿيون. هن جي ڊيگهه اُتر کان ڏکڻ
۾ اٽڪل 85 ميل ۽ ويڪر 75 ميل آهي ۽ ايراضي ڊپٽي
ڪليڪٽر موجب اٽڪل 3378 چورس ميل آهي، پر روينيو سروي کاتي جي ماپ
موجب اها ماپ 4142 چورس ميل آهي.“(1) اڳتي ڄاڻايل
آهي ته:
”هيءَ چئن تعلقن (يعني: 1. ميرپوربٺورو، 2. ٻيلو 3. جاتي، 4. شاهه بندر) ۽ 21 تپن ۾
ورهايل آهي، جنھن جي آدمشماري 1872ع موجب 103887
آهي يا 25 ماڻهو هڪ چورس ميل ۾ رهن ٿا. آباديءَ کي
سولائيءَ سان سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي وسيلي
گهيريل ڊگهي ايراضيءَ سان سلهاڙي سگهجي ٿو.
هيءُ علائقو بيشمار کارين ۽ وهڪرن وسيلي ڳنڍيل ۽
ورهايل آهي. هيءَ به حقيقت آهي ته هن جو ڏاکڻو
_اوڀرندو ڀاڱو گپ چڪ يا ڌُٻڻين ۽ ڍنڍن سان گهيريل
آهي، تنھن ڪري پوکيءَ لاءِ نامناسب آهي. 1872ع
واري آدمشماريءَ کان گهٽجي 951 ماڻهن تائين رهجي
ويئي آهي ڇاڪاڻ ته ڪيٽي هاشم تپي کي جهرڪ سان
ملايو ويو آهي.“(2) اڄڪلهه صوتحال ان جي بنھه ابتڙ
آهي، جنھن جو واحد سبب سنڌوءَ جو پاڻي هيستائين نه
پھچڻ آهي. هيوز جي گزيٽيئر ۾ شاهه بندر تعلقي جي
ايراضي 699 چورس
ميل
ڏيکاريل آهي. 5 تپا جن ۾ 1. شاهه بندر،
2. ستاهه، 3. گُونگاڻي، 4. جلباڻي،
5. مُٽڻي آهن. 116 ڳوٺ، 20095 آبادي ڏنل آهي. زمين جو حساب هن ريت ڏنل آهي:
ڪُل ايراضي 447298، پوکيل ايراضي 29897، پوکيءَ
لائق 70069، ۽ غيرآباد ايراضي 347332 ايڪڙ آهي.(3)
هتي اسان جو مقصد شاهه بندر آڳاٽي ڊويزن،
ڪليڪٽوريٽ يا تعلقو نه پر بندر آهي تنھن ڪري
انهيءَ ڳالهه کي ڇڏي هتي فقط بندر جو ذڪر
ڪنداسين.
شاهه بندرجو ٺـ
ھڻ:
سنڌ ساڻيھه جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ڪڪرالي(4) وارو پٽ اهم رهيو آهي، جتي اورنگا بندر،
سنڊو بندر ۽ شاهه بندر خاص سامونڊي بندر رهيا آهن.
هن علائقي جي جاگرافيائي اهميت به خاص رهي آهي.(5)
سنڌوءَ جي ڇوڙ تي ساريال ۽ نير
جي ڀلن فصلن، قيمتي ڪاٺ ۽
قلمي شوري سان مالامال شاهه بندر وارو علائقو گهڻن لحاظن کان اهم ۽ مشھور
رهيو آهي. عام طور تي لکيو ۽ سمجهيو ائين وڃي ٿو
ته شاھ بندر جو بڻياد ئي ميان غلام شاھ ڪلھوڙي
رکايو هو، پر حقيقت ائين نه آھي. ڇاڪاڻ ته غلام
شاھ ڪلھوڙي کان به گهڻائي سال اڳ ھن بندر جي موجود
ھئڻ جو ڏس مختلف تاريخي لکتن ۾ موجود آهي. اھڙو
ذڪر ڪيترن ئي تاريخي ڪتابن ۽ يورپي سياحن ۽
واپارين جي سفرنامن (1612ع) ۾ ملي ٿو، جڏھن ته
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي پھرئين دور (1631ع کان
1662ع) جي ڪجهه رپورٽن ۾ به موجود آھي. ارغون/ترخان دور ۾ به شاهه بندر موجود هو، سندس اهڙو ذڪر مختلف لکتن ۾ ملي ٿو.
البت اهو چئي سگهجي ٿو ته شاهه بندر جيڪو توڙي جو
سمن جي آخري دور کان هڪ ننڍو بندر
رهيو هو، سو پوئين بندر کان ٿورو اڳتي ڏکڻ طرف هو. ڏٺو وڃي ته ڪلهوڙن جي دور
تائين سرڪاري طور اورنگا بندر استعمال ٿي رهيو هو.
هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته غلام شاهه وري شاهه بندر
کي گهڻو سڌاري، نئين سر تعمير ڪرائي، هڪ وڏي بندر
جي حيثيت ڏيئي، سرڪاري استعمال ۾ آندو. انهيءَ
حقيقت کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ لاءِ بھتر ٿيندو ته ڪجهه
آڳاٽن لکتن تي نظر ڌرجي.
’قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ ‘
جو مصنف ڪتاب جي صفحي نمبر 139 تي اورنگا بندر جو
ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”ان کان پوءِ غلام شاھ ڪلھوڙي
جي دور ۾ شاھ بندر جي نالي سان ھڪ بندر وجود ۾ اچي
ويو ھو“. ساڳئي صفحي تي مصنف اڳتي لکي ٿو ته: ”ان
(اورنگا بندر) کان پوءِ 1760ع ۾ شاھ بندروجود ۾
اچي وڃي ٿو.“(6) جڏھن ته ساڳئي ڪتاب جي صفحي 142 ۽
صفحي 143 تي شاھ بندر 1756ع ۾ موجود ڏيکاريل آھي.
ليکڪ پاڻ ئي لکي ٿو ته: ”تڏھن سنڌ جو حاڪم مرادياب
ڪلھوڙو ھو. اورنگا بندر ۽ شاھ بندر ۾ ڊچن جون
واپاري ڪوٺيون ھيون.“(7) جڏھن ته غلام شاھ ڪلھوڙي
حڪومت جون واڳون سنڀاليون ئي نه ھيون ۽ غلام شاهه
وارو
بندر اڃا ٺهيو ئي نه
هو ته اُتي ڊچن واپاري ڪوٺيون قائم ڪيئن ڪيون؟ صاف ظاهر آهي ته اهو بندر اڳ ئي موجود هو. اھڙي طرح گھڻن تاريخدانن کان
مونجهارا ٿيا آھن. مطلب ته شاھ بندر غلام شاھ
ڪلھوڙي جي دور کان به اڳ ۾ موجود ھو. اھا ڳالهه ٿي
چڪي آھي ته غلام شاھ ڪلھوڙي ھن بندر کي وڌيڪ تعمير
ڪرائي اڳي کان گهڻو وڌايو. انهيءَ ڳالهه ۾ به ڪو
وڌاءُ ناهي ته ھي بندر سندس دور ۾ ئي گهڻو مشھور
ٿيو. هونئن ته گھڻو آڳاٽو اورنگزيب جي دور ۾ به ھن
بندر جي موجود ھُئڻ جي چٽي شاھدي ملي ٿي.
مطلب ته سنڌ جي مقامي ماڻهن پاران گهڻو آڳاٽي جوڙايل ھن بندر کي ڪجهه عرصي
لاءِ ارغونن/ترخانن جي دور ۾ به استعمال ڪيو ويو. هِيءُ بندر آڳاٽي دور کان سنڌي
سامونڊين، واپارين، وڻجارن ۽ ملاحن جي استعمال ۾
ايندو رھيو هو، جتان سنڌ جا وڻجارا، وڻج واپار
لاءِ ڏور ڏيھن لاءِ ايندا ويندا ھئا. ھن بندر جو
ذڪر 1555ع ۾ به ملي ٿو. جنھن زماني ۾ ارغونن ۽
ترخانن سنڌ ملڪ تي حملوڪري، ڦري لٽي قبضو ڪيو.
تنھن زماني ۾ شاھ بيگ جي پٽ حسن بيگ جي وفات کان
پوءِ جڏھن مرزا عيسى خان ترخان سنڌ جو حاڪم ٿيو،
تڏھن به ھن وقت جي ضرورت کي محسوس ڪندي، شاھ بندر
کي ڪجهه وڌيڪ تعمير ڪرائي
ڪجهه وقت لاءِ سرڪاري استعمال ۾ آندو. اھڙيون شاھديون اسان کي چٽيءَ طرح ملن ٿيون.
مانوارو مرزا قليچ بيگ پنھنجي ڪتاب ’قديم سنڌ، ان
جا مشھور شھر ۽ ماڻھو‘ ۾ پورچوگيزن جو ذڪر ڪندي
لکي ٿو ته: ”سن 923ھه/ 1555ع ڌاري يورپي ماڻهن ٺٽي
شھر تي ڪاھ ڪري، نقصان رسايو. تنھن کان پوءِ مرزا
عيسى خان ترخان شاھ بندر نئون ٻڌو.“(8) تاريخ تي
نظر ڦيرائڻ سان پتو پوي ٿو ته 1555ع ۾ ٺٽي جي حاڪم
عيسى خان ترخان ۽ بکر جي حاڪم سلطان محمود جي وچ ۾
جڏھن جنگ جي نوبت آئي، تڏھن سلطان محمود کي منھن
ڏيڻ لاءِ مرزا عيسى خان، پورچوگيزن کان مدد گهري ۽
پاڻ پنھنجي فوجن سميت بکر طرف ھليو ويو. سِگهو ئي
مرزا عيسى خان ۽ سلطان محمود ۾ ٺاھ ٿي ويو.
جيستائين مرزا عيسى خان واپس پھچي، ان کان اڳ ۾ ئي
پورچوگيز ٺٽي پھچي ويا. اُتي جنگ ٽري وڃڻ جو ٻڌي ۽
مرزا عيسى خان
کي غير حاضر ڏسي، ڪاوڙ ۾ اچي ٺٽي ۾ وڏي مار ڌاڙ ۽
ڦرلٽ ڪيائون. انھيءَ ڦرلٽ ۽ مار ڌاڙ ۾ ٺٽي شھر ۾
اٺ ھزار ماڻهو
قتل ڪيا ويا ۽ اربين رُپين جو
خزانو لٽيو ويو. ويندي ويندي ٺٽي شھر کي باھ ڏيئي
ڇڏيائون، جيڪو ڪيترن ڏينھن تائين سڙندو رھيو. وڃڻ
وقت لاھري بندر ۾ ڦرلٽ ڪري، باھيون ڏيندا ويا.
انھيءَ واقعي کان پوءِ مرزا عيسى خان لاهري بندر
واري نار لٽائي سوڙھي ڪرائي ڇڏي، جيئن اُتي جھاز
آسانيءَ سان اچي نه سگهن، ۽ وري آڳاٽو بندر، شاھ
بندر ٻيھر سڌاري، وڌائي استعمال ۾ آندو. پر تڪڙوئي
وري لاهري بندر واري نار ويڪري ٿي ويئي، تنھنڪري
اھو بندر وري سٺي نموني سان استعمال ٿيڻ لڳو. مرزا
قليچ بيگ لکي ٿو ته: ”اُتي مرزا عيسى خان ترخان ھڪ
قلعو
’شاھ ڳڙھ‘ نالي تعمير ڪرايو ھو.“(9) مرزا قليچ بيگ اڳتي لکي ٿو ته: ”سن 998ھ/ 1589ع ۾
جڏھن نواب خانِ خانان، اڪبر جي حڪم موجب سنڌ ۾
آيو، تڏھن ھو مرزا جاني بيگ تي ڪاھي آيو، پر قلعو
وٺي نه سگهيو. تنھنڪري پاڻ ٺٽي ۾ رھيو ۽ شاھ بيگ
کي شاھ ڳڙھ موڪليائين ۽ سيوھڻ ۽ ٻين پاسن ڏانھن
ٻيا موڪليائين. ابوالقاسم ارغون قلعي کي بچائڻ جي
ڪئي پر شاھ بيگ وڙھي قلعو ھٿ ڪيو“(10)
مانوارو محقق ڀيرومل مھر چند آڏواڻي پنھنجي ڪتاب
’سنڌ جي ھندن جي تاريخ‘ ۾ شاھ بندر جو ذڪر ڪندي
لکي ٿو ته: ”سن 1555ع ۾ پورچوگيزن، ٺٽي جو شھر
جلائي ڀسم ڪيو ته مرزا عيسى ترخان ڪڪرالي پرڳڻي ۾
ھاڻوڪي شاھ بندر طرف نئون شھر ٻڌو، پر اھو ٻن
سَوَن ورھين کان پوءِ ڦٽي ويو. سن 1759ع ۾ ميان
غلام شاھ ڪلھوڙي ڪڪرالي جي ڄام کي ڪڍي اُتي نئون
شھر/بندر ٻڌايو جو ناميارو بندر ھوندو ھو.“(11)
”ٻن سَوَن ورهين کان پوءِ ڦٽي ويو“ واري ڳالهه
آئون ڀانيان ٿو ته درست ناهي پر مرزا عيسيٰ ترخان
جي زماني ۾ تڪڙو ئي شاهه بندر کي ڇڏي وري لاهري
بندر کي استعمال ڪيو ويو. ٻيون به ڪيتريون ئي
شاھديون ملن ٿيون، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ھي بندر
عيسى خان ترخان کان اڳ
۾
ئي به موجود ھو. جنھن کي مرزا
عيسى خان ترخان ڪجھه وڌيڪ تعمير ڪرايو ھو. مانوارو ماڻڪ پٿاوالا صاحب پنھنجي مشھور ڪتاب
Physical and Economic Geography of Sindh'
‘
۾
ڇوڙ واري علائقي ۾ تبديلين
اچڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”مرزا عيسى خان ترخان
جو 1555ع ۾ شاھ بندر قائم ڪرڻ خود اھا ڳالهه واضح
ڪري ٿو ته ڇوڙ واري علائقي ۾ تبديليون ۽ واڌارا
ٿيندا رھندا آھن.“(12) ساڳئي ڪتاب جي صفحي نمبر
309 تي به اھڙو ذڪر آھي، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته
ھي بندر غلام شاھ کان گھڻو اڳ ۾ موجود ھو ۽ ميان
غلام شاھ پنھنجي وقت ۾ ھن بندر کي ٻيھر ٿورو اُتر
ڀر ۾ تعمير ڪرايو ھو.
اورنگزيب جي زماني ۾ به شاھ بندر جي موجود ھئڻ جو
ذڪر ھڪ خط مان بنھه چٽيءَ طرح ملي ٿو. سورلي
پنھنجي ڪتاب ’ڀٽ جو شاھ‘ ۾ ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته: ”سن
1652ع ۾ اورنگزيب جو ملتان جي گورنريءَ جو دور
پورو ٿيو. انھن ڏينھن ۾ اورنگزيب کي، سنڌو درياھ
جي ڇوڙ واري جاءِ تي ٻيڙن مان سامان لاھڻ ۽ چاڙھڻ
واري طريقي
کي سڌارڻ جو خيال ٿيو. انڪري پاڻ ھڪ نئون بندر
جوڙايائين. ڇاڪاڻ ته لاھري بندر لٽ سان ڀرجي وڃڻ
جي ڪري ڏکيو ٿي پيو ھو. اورنگزيب جو ھي نئون بندر
اورنگا بندر يا ڪڪرالو سڏيو ويو. ان جو 31 مارچ
1652ع واري خط ۾ اتفاق سان ذڪر اچي ويو آھي.“(13)
جيڪو ھن ريت آھي: ”سورت وارو ٻيڙو جيڪو ملتان جي
شھزادي جي ماڻھن سان سٿيو پيو ھو، جو سندس ڪڪرالي
بندر ڏانھن وڃڻو ھو، سو زوريءَ اتي بيهاريو ويو ۽
شاهه بندر وارن به ان کي وڃڻ ڪو نه ڏنو ۽ ٻيڙي جي
مالڪ کي ان بدران ايران ڏانھن مال کڻي وڃڻ لاءِ
چيو.“(14) ان مان ظاھر ٿئي ٿو ته شاھ بندر 1652ع ۾
به موجود ھو. جنھن ۾ وڏا ٻيڙا به اچي سگهندا ھئا.
مٿين حوالن ۽ شاھدين کان پوءِ اھو واضح ٿي چڪو آھي
ته شاھ بندر غلام شاھ ڪلھوڙي ڇا پر مرزا عيسى خان
ترخان کان به گهڻو اڳ ۾ موجود ھو. سنڌ ۾ جيڪي به
بندر آھن، انھن متعلق کوجنا ڪندي معلوم ٿيندو ته
اُهي گهڻو ڪري سنڌ جي وڻجارن جا جوڙايل بندر آھن.
جن کي پوءِ مختلف حاڪمن وڌيڪ تعمير يا مرمت ڪرائي
سرڪاري استعمال ۾ آندو آھي. سنڌ جي ھزارين سالن جي
تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته ڌارين قابض
حڪمرانن سنڌ جي بندرن، شھرن وغيره کي سدائين تباھ
ڪيو آھي. جڏھن ته ڌرتيءَ ڌڻين ھميشه تھذيبي ۽
تمدني جوڙون جوڙيون آھن. اھو ضرور آھي ته قابض
ڌارين حاڪمن پنھنجي مفادن خاطر ڪي ڪم ضرور ڪيا
آھن، جيڪي اڳتي ھلي سنڌ جي ماڻهن جي ڪوششن سان سنڌ
جي ڀلي ۽ ترقي جو سبب به بڻيا آھن.
انگريز سرڪار 1635-1632ع کان سنڌ ۾ پنھنجي واپار
جي شروعات ڪئي.1634ع کان وٺي انگريزن جون ڪيتريون
ئي اھڙيون رپورٽون وغيره ملن ٿيون، جيڪي شاھ بندر
جي سلسلي ۾ بنھه اھم آھن، ڇو ته انھن ۾ سنڌ ساڻيھه
۽ اُن جي بندر، شاھ بندر متعلق گهڻو ۽ چٽو ذڪر ملي
ٿو. انھن رپورٽن ۾ نه فقط شاھ بندر جي موجود ھئڻ
جو ذڪر ملي ٿو پر سندس وڻج واپار، صنعت
۽
ماڻهن
متعلق
به معلومات ملي ٿي، جيڪي انگريز ڪمپنيءَ جي رڪارڊ ۾ آھن ۽ انهن مان ڪي
منھنجي ذاتي لائبريريءَ ۾ به موجود آھن.
جن مان هن بندر جي اهميت جي ڄاڻ ملي ٿي.
ايڇ ٽي سورلي پنھنجي شاهڪار تحقيق ’ڀٽ
جو
شاهه‘ ۾ انهن رپورٽن مان ڪجهه
حوالا ڏنا آهن، جنھن ۾ شاھ بندر جو ذڪر ھن ريت
آھي:
”4 تاريخ ڊسمبر- شاھ بندر جي ڪسٽم ھائوس ۾
پھتاسين. اُتي ھڪ واپاريءَ جو پٽ جنھن کي سندس پئُ
اسان کي وٺڻ لاءِ موڪليو ھو، سو اسان سان درياھ جي
پاسي سان سمنڊ جي ڪناري تي مليو، جنھن سان ھڪ ٻيو
واپاري به ساڻ ھو. ھو اسان سان پنھنجي پئُ تائين
گڏجي ھليو، جنھن اسان جي وڏيءَ عزت ۽ آڌر سان
آجيان ڪئي. اسان جي رھائش واسطي شھر ۾ ھڪ تمام سٺي
گھر جو بندوبست ڪرايو ۽ اُتي پھچڻ واسطي سَت يا
اَٺ گهوڙا به مھيا ڪيا. ڪسٽم ھائوس درياھ جي
ڪناري سان کلي جاءِ تي آھي ۽ شھر اُتان ٻن سڏن جي
پنڌ تي ٿيندو. شھر ڏاڍو آباد آھي. گهڻا گهر ڪچا
آھن. جيڪي ڪچي ڪاٺ جي ٽيڪن تي بيٺل آھن. اچرج ٿئي
ٿو ته اھي بيٺا ڪيئن آھن. گھر جي ڪوٺين ۾ ھوا جي
اچڻ واسطي منگهه ٺھيل آھن.“ (15)
انگريز سرڪار جي انھيءَ رپورٽ ۾ اڳتي لکيل آھي ته
”7 ڊسمبر تي اسان کي شاھ بندر ۾ دعوت تي ڪوٺايو
ويو، جنھن ۾ اسان کي ٻڪريون، ڪڪڙيون، ماني، گل،
چانور، کنڊ، مکڻ ڏنا ويا. تنھن کان پوءِ ڪمپني ٺٽي
رواني ٿي. جتي آغا افضل بخش ۽ ٻيا مکيه واپاري رھن
ٿا.“
(16)
سن 1647ع جي به گهڻين رپورٽن ۾ شاھ بندر جو ذڪر
ملي ٿو. ھڪ ھنڌ تي ھن ريت رپورٽ درج ٿيل آھي:
”بياھ
'Byah'جيڪو
شاھ بندر کي ويجهو ھڪ ماڻھو آھي، ان اسان کي ٻيڙيءَ ۾ مال سٿائيءَ جي، ٽي
رپيا وڌيڪ مزوريءَ جي آڇ ڪئي. ان مال جو بادشاھ
سان تعلق ھو. اسان ھن جي آڇ قبول ڪئي، پر موسم جي
خرابيءَ جي ڪري، مال جي ٻيڙي تي سٿائي ڪا نه ٿي
سگھي. ٻيڙيءَ کي ڪناري ڏانھن ويجهو ھاڪاري اچڻ جي
اسان کي جرئت ڪا نه پئي ٿي.....“(17)
مٿين حقيقتن مان به چڱيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو ته شاھ
بندر ميان غلام شاھ ڪلھوڙي جي دور کان گهڻا زمانا
اڳ ۾ تعمير ٿيل ھو. جنھن جو ذڪر 1647ع تائين ملي
ٿو. البت 1647ع کان پوءِ ھن بندر جو ذڪر ڪجهه گهٽ
ملي ٿو. شايد پوءِ ڪن سببن جي ڪري ھِيءُ بندر گهٽ
استعمال ۾ رھيو. شاهه بندر جو وري تڏھن کان گهڻو
ذڪر ملي ٿو جڏھن ميان غلام شاھ ھن بندر کي ٻيھر
تعمير يا مرمت ڪرايو جيڪو سندس ڪارنامو آهي.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سندس ئي دور ۾ هي بندر
عظمت، شھرت، شان ۽ ڪمال تي پھتو.
ميان غلام شاهه جو ٻيـ
ھر شاهه بندر تعمير ڪرائڻ:
ھيءَ تڏھن جي ڳالهه آھي، جڏھن ميان غلام شاھ ۽
سندس ڀائرن ۾ ڏڦيڙ پيو. ٿيو ھيئن جو جڏھن ڪلھوڙا
خاندان (18) جي نواب ميان نور محمد جي وفات (12
صفر 1167ھ/ 1753ع) کان پوءِ سندس وڏي پٽ مرادياب
تخت سنڀاليو، پر ھو حڪومت ھلائڻ ۾ ناڪام ويو. ٽن سالن جي مختصر عرصي کان پوءِ ڀاڻس غلام
شاھ کيس تخت تان لاھي، پاڻ حڪومت ھٿ ڪئي. غلام شاھ
جي خلاف وري سندس ٻين ٻن ڀائرن عطر خان ۽ احمد يار
خان بغاوت ڪئي. عطر خان ايران جي حاڪم کان سنڌ جي
حاڪميت جو پروانو وٺي آيو.(19) ميان غلام شاھ وقت
جي مصلحت تحت ساري لشڪر سميت ٿر ڏانھن نڪري
ويو.(20) ڪجهه مھينن کان پوءِ غلام شاھ پنھنجي
تياري ڪري، پنھنجو خاندان، پنھنجي پٽ سرفراز خان
جي حوالي ڪري، 1171ھ رمضان مھيني جي وچ ڌاري سنڌ
ڏانھن روانو ٿيو. عطر خان اڳتي وڌي سندس سامھون
ٿيو. روھڙيءَ جي ٻاھران امرڪس واھ جي ڪناري تي
رمضان مھيني جي پوئين تاريخ لڙائي لڳي. غلام شاھ
ٿوري لشڪر ھوندي به سوڀارو ٿيو. عطر خان ۽ احمد
يار خان شڪست کاڌي. 1171ھ وارو باقي سال غلام شاھ
حڪومت ڪندي مس گذاريو ته ٻئي سال وري غلام شاھ جي
ڀائرن بغاوت ڪئي. مير علي شير قانع ٺٽوي پنھنجي
شاھڪار تصنيف ’تحفته الڪرام‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سال
1172ھ ۾ وري ڏڦيڙ ٿيو......... عطر خان ۽ احمد
يار خان اڳئين شڪست کان پوءِ قلات ھليا ويا. جتي
محمد نصير خان، ميان غلام شاھ سان اخلاص ھجڻ سبب
کين پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيو. آخر ھن (نصير خان) جي بي
فرمانيءَ ڪري، مٿس شاھي فوج چڙھائي ڪئي. بادشاھ جي
فتحمند ٿيڻ کان پوءِ، ھنن (عطر خان ۽ احمد يار
خان)ڪئمپ ۾ پھچي ڪن وسيلن جي ذريعي سنڌ ملڪ جي
حڪومت جو پروانو نئين سر حاصل ڪيو. احمد يار خان
حضور ۾ رھي پيو ۽ عطر خان عطائي خان نالي ھڪ امير
کي مدد ۾ وٺي، سنڌ ڏانھن روانو ٿيو. ھيڏانھن ميان
غلام شاھ وقت جي مصلحت خاطر، ربيع الثاني 1172ھ ۾
ديري ڏانھن روانو ٿي وڃي، ڪجي پھتو. اورنگا بندر
ٽپي ڪجي تي شاھ ڪره (شاھ ڳڙھ) نالو رکي، ان کي
رھائشگاھ بنايائين.“(21) شاھ ڪري جي آمھون سامھون
شاھ بندر نالي ھڪ بندر ٻڌائي، حويلي ۽ مضبوط قلعو
ٺھرائي اھل و عيال حريفن جي ٻانھن سميت پنھنجي
ناليري فرزند سرفراز خان وٽ ڇڏي، ڀاءُ جي مقابلي
لاءِ تيار ٿيو.“(22) اھڙي نموني ميان غلام شاهه ۽
ٻي طرف کان عطر خان پٺاڻن سان گڏجي چاچڪان وٽ جنگ
لاءِ پھتا پر سنڌ جي ڪن سڄڻن وچ ۾ پئي معاملو
ٽاريو ته سَھي، پر افسوس جو سنڌ ملڪ کي ٽن ڀاڱن ۾
ورھايو ويو. ’تحفته الڪرام‘ جو مصنف لکي ٿو ته:
”شاھ ڪري کان نصرپور تائين غلام شاھ جي حصي ۾ آيو
۽ ٺٽو باقي سموري سنڌ سميت ٻين ڀائرن کي مليو.
انھيءَ ڪري ميان غلام شاھ، شاھ ڪري تشريف فرما ٿيو
۽ عطر خان وڃي نوشھري رھيو.“(23) ڪجهه ڏينھن کان
پوءِ وري احمد خان پنھنجو پٽ ضمانت طور ايران جي
بادشاھ کي ڏيئي، حڪومت جو پروانو پنھنجي نالي وٺي
آيو. مير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته: ”ميان غلام شاھ ھن
حقيقت کان واقف ٿي رمضان 1173ھ ۾ ڪاميابي جو پڪو
خيال ڪري سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. عطر خان
ھيڏانھن غلام شاھ جي چرپر ۽ ھوڏانھن احمد يار خان
کي ايندو ڏسي، حواس باخته ٿي نوشھري کان ڀڄي ويو.
ميان غلام شاھ رمضان جي عيد ڏينھن نصرپور جي پريان
ھيءَ خبر ٻڌي اڳتي وڌيو. احمد يار خان اوڏانھن ئي
رھيو. اھڙي طرح سمورو ملڪ ميان غلام شاھ کي ھٿ
آيو.“(24) مصنف اڳتي لکي ٿو ته: ”ھاڻي جڏھن دشمنن
خواھ ملڪ جي فتح جي طرف کان پوري دلجاءِ ٿيس، تڏھن
تاريخ 25 محرم الحرام 1173ھ تي نئين وسايل شھر
شاھپور ۾ سوڀاري ڇانوڻي ھڻي، صاحبزادي کي متعلقين
سميت شاھ ڪره کان پاڻ وٽ گهرائي ورتائين.“(25)
’تاريخ ڪلھوڙا دور‘ جي مصنف شاھ بندر جو احوال ھن
ريت ڏنو آھي: ”جنھن زماني ۾ ميان عطرخان ۽ ميان
احمد يارخان، عطائي خان کي پاڻ سان وٺي سنڌ تي
چڙھائي ڪئي ھئي، تڏھن ميان غلام شاھ ڏکڻ علائقي
طرف ھٽي ويو. ھن گجي کي مرڪز بڻائي ان جو نالو شاھ
ڳڙھ رکيو. اورنگا بندر مان ماڻھن کي لڏائي اچي ھن
نئين شھر ۾ کين آباد ڪيو. ميان صاحب ھن شھر جي
لاءِ، ڀر ۾ ئي ھڪ بندرگاھ جو پڻ بندوبست ڪيو، جنھن
تي شاھ بندر نالو پيو.“(26) هن احوال ۾ منھنجي
خيال ۾ گجي جي سلسلي ۾ مصنف کان غلطي ٿي آهي.
ڇاڪاڻ ته گجو شاهه بندر کان چڱو پري آهي.
اهو ڪَجه يا ڪَره ٿي سگهي ٿو.
ٽي پوسٽنس پنھنجي ڪتاب ’سنڌ
جيئن مون ڏٺي‘ ۾ ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”اھڙي طرح غلام شاھ ڪلھوڙو سنڌ ڏانھن سوڀارو ٿي
موٽيو ۽ بنا کٽڪي سڄي سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳو. ھو
نھايت ڏاھو انسان ھو ۽ سندس اختيار ڪيل سڀ حڪمت
عمليون ڪامياب ثابت ٿيون ھيون. کيس سڄي سنڌ جي
حڪومت جي پرواني حاصل ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي ڪانه ٿي ۽
کيس اھڙا خطاب به ڏنا ويا جيڪي مشرق ۾ آزاد
حڪمرانن کي ڏيڻ جو رواج آھي. شايد ھي اھو زمانو ھو
جڏھن 1758ع ۾ انگريزن پنھنجون واپاري ڪوٺيون ٺٽي ۽
شاھ بندر ۾ کوليون.“(27) اڳتي هلي جڏھن خانه جنگي ختم ٿي ويئي ۽ ساري سنڌ ميان غلام شاھ جي قبضي
ھيٺ آئي،
تڏھن ھن انھيءَ مرڪز کي ترڪ ڪيو.
مٿئين احوال مان معلوم ٿئي ٿو ته ميان غلام شاھ
ربيع الثاني 1172ھ / ڊسمبر 1758ع ۾ شاھ بندر ٻيھر
تعمير ڪرايو ۽ پنھنجي حڪومت تي اُتان ئي حڪمراني
ڪرڻ لڳو. 25 محرم الحرام 1173ھ تي ھو شاھ بندر
وارو علائقو ڇڏي وڃي، نئين اڏايل شھر شاھپور ۾
رھيو. اھڙي ريت ميان غلام شاھ، شاھ بندر واري
علائقي کي ربيع الثاني 1172ھ کان 5 محرم الحرام
1173ھ تائين ڪل ست مھينا پنھنجو تختگاهه بنائي
رھيو.
ميان غلام شاھ جي لاڙ خاص ڪري شاهبندر مان ھليو
وڃڻ کان پوءِ به ملڪ جو مکيه بندر شاهه بندر ئي
رهيو، بلڪِ اڃا به وڌيڪ ترقي ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته اورنگا بندر کان پوءِ سنڌ ملڪ جو
ھاڻي اھو ئي خاص بندر ھو. ھتان ئي دنيا جي ملڪن
سان وڻج واپار ٿيڻ لڳو. مشھور محقق هيوز جي
گزيٽيئر ’پراونس آف سنڌ‘ ۾ شاهه بندر
‘Kings Port’
جي سري سان هن ريت احوال
لکيل آهي:
”اهو شاهه بندر هو، جتي
انگريزن جي ڪوٺيءَ کي اورنگا بندر کان کڻي هتي
آندو ويو. جڏهن ان علائقي کي سنڌوءَ اُجاڙي ڇڏيو
هو. اها حقيقت رڪارڊ تي آهي ته 1775ع ۾ ڪوٺيءَ کي
بند ڪرڻ کان اڳ، ڪوٺيءَ جو گھڻو واپاري سامان
ٻيڙين وسيلي هتي کڄي ايندو هو. انهيءَ عملي ۾ 14
ننڍا ٻيڙا شامل هوندا هئا، جن مان هر هڪ تي اٽڪل
40 ٽن وزن کڻبو هو.“(28) مانوارو محقق ڊاڪٽر غلام
علي الانا پنھنجي ڪتاب
’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ ۾ مسٽر سمٿ جي حوالي سان لکي ٿو ته: “ھن بندر تي ميان غلام شاھ جا 15 جھاز
بيٺل ھوندا ھئا.“(29)
نالو
شاهه بندر جو نالو غلام شاهه ڪلهوڙي جي نالي سان
سلهاڙيو وڃي ٿو، پر ذڪر ٿي چڪو آهي ته غلام شاهه
جي زماني کان اڳ هي بندر انهيءَ نالي سان موجود
هو، آءٌ ڀانيان ٿو ته پنهنجي زماني ۾ لاهري بندر
کان پوءِ وڏو بندر هئڻ سبب هن بندر کي شاهه يعني
وڏو بندر سڏيو ويو ۽ اڳتي هلي مٿس نالو ئي اهو
پئجي ويو.
بيـ
ھڪ:
شاھ بندر سامونڊي تبديلين جي ڪري، مختلف زمانن ۾
پنھنجون جايون تبديل ڪندو رھيو. گهڻي زماني کان
جيئن سنڌو پنھنجي وهڪري وارو هنڌ بدلائيندو رهيو
آهي يا سمنڊ خشڪيءَ طرف وڌندو رھيو آھي، تيئن تيئن
شاھ بندر کي سمنڊ جو پاڻي اُجاڙيندو رھيو ۽ منتقل
ڪندو رھيو آھي . ھڪ ڀيري سنڌؤَ جي پالوٽ به کيس
لوڙھي ڇڏيو. اھڙيءَ ريت مختلف دورن ۾ شاھ بندر وري
نئين سِر ٺھندو رھيو آھي. سوين سالن جي تاريخ تي
نظر ڦيرائڻ سان پتو پوي ٿو ته ھاڻوڪا آثار ٽئين
شاھ بندر جا آھن. شاهه بندر جا موجود آثار
1024، 4667 ڊگهائي/ويڪرائي ڦاڪ تي آهن. پويون ۽ ذڪر ٿيندڙ شاھ بندر، چوھڙ جمالي شھر کان
22 ميل ڏکڻ اولهه طرف، مشھور درگاھ شاھ يقيق کان
24 ميل ڏکڻ اولهه ۾،
ڇٽڙين (آثارن) کان ويهه ميل، مشھور
آڳاٽي علائقي/ رياست ڪڪرالي واري ايراضيءَ ۾ سنڌؤَ
جي ’مول‘ (ھن وھڪري کي مل يا ملهه به سڏيو ويندو
ھو/ آھي) وھڪري تي موجود ھو، جتي سندس آثار(30) اڄ
به تمام گهڻي علائقي ۾ پکڙيل آھن. هيوز جي گزيٽيئر
۾ ڄاڻايل آهي ته: ”شاهه بندر ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جي
ساڳئي نالي واري تعلقي جو مک شھر آهي، جيڪو اُتر
ويڪرائي ڦاڪ ۾ 24 10 ڊگرين ۽ ڏکڻ ڊگهائي ڦاڪ ۾ 67
46 ڊگرين تي مغل (مُگر) ڀين کان ڏکڻ_اولهه ۾ 30
ميل ۽ سجاول کان ڏکڻ ۾ 32 ميلن جي فاصلي تي آهي.
اهو سنڌو درياهه جي ڇوڙ ۾، ۽ اڳئين وهڪري جي اوڀر
ڪناري تي موجود هو. هن وقت اهو سنڌو درياهه جي
ويجھي ۾ ويجھي ماڳ کان 10 ميل پري آهي.“(31) اڳتي
لکيل آهي ته: “لوڻ جو ڊگھو رڻ هن شھر جي ڏکڻ اوڀر
۾ اٽڪل هڪ ميل کان شروع ٿئي ٿو، ۽ اُن جي اولهندي
طرف کان ڊگھي گاهه جا وڏا وڏا جھنگ آهن، جن کي
مقامي ماڻهو دن يا بَن جي نالي سان سڏيندا
آهن.“(32) مانوارو محقق ماڻڪ پٿا والا پنھنجي ڪتاب 'Historical Geography of Sindh
۾ لکي ٿو ته: “اھو سنڌؤَ جي ڇوڙ
وٽ ھاڻوڪي سنڌؤَ جي وھڪري کان اٽڪل ڏھ ميلن جي
مفاصلي تي ھو. ھن شھر جي ڏکڻ اوڀر ۾ اٽڪل ھڪ ميل
جي مفاصلي تي لوڻ جو
هڪ وڏو رڻ آھي. ھن
جي اولهه پاسي وڏا وڏا جهنگ ۽ ٻيلا آھن. جتي تمام ڊگهي قسم جو گاھ ٿئي ٿو. مقامي طور تي ان کي دين يا بين(Bin)
چيو وڃي ٿو.“(33) پر اڄڪلهه اھا صورتحال به ناھي.
ھاڻي فقط انھيءَ جا آثار موجود آھن، ٻيلن بدران
سُڃ آھي ڇو ته ھاڻي سنڌؤَ جو لُڙاٽيل پاڻي ڇوڙ
واري علائقي تائين پھچڻ
نٿو
ڏنو وڃي، جنھن تي اُھي ٻيلا، بندر ۽ بازاريون آباد ھيون.
هتي هيءَ ڳالھه سمجهڻ تمام ضروري آهي ته انهيءَ زماني ۾ سنڌو درياءَ جي جن شاخن جو ذڪر ٿيل
آهي يا جن کي شاخون چيو ويو آهي اهي ڪي ننڍيون
شاخون نه پر هاڻوڪي وهندڙ سڄي درياهه کان به گهڻيون وڏيون ۽ گهريون هيون. هيوز سنڌ گزيٽيئر ۾ تڏهن سنڌوءَ جي
شاخن ۾ وڏا جهاز هاڪارڻ جو چٽو ذڪر ڪيو آهي. هو
سنڌ جي جهازن جو ذڪر ڪندي
لکي ٿو ته:
”سنڌ جي حڪمرانن وٽ به 15
جهازن جو هڪڙو فوجي سامونڊي ٻيڙو شاهه بندر تي
بيٺل هوندو هو ۽ هتي جي تاريخن ۾ ڄاڻايل آهي، ته
اُهي ڪڏهن ڪڏهن درياهه ۾ هاڪاري ٺٽي تائين به
ويندا هئا. سمنڊ کان شاهه بندر تائين اُهي جيڪو
رستو وٺندا هئا، تنهن ڏانھن مقامي ماڻهو ٻڌائين ٿا ته، اُهي ريڇل
ذريعي داخل ٿي سگھندا هئا،
جيڪا اڪيلي هاڪارڻ جهڙي شاخ هئي. اتان حجامڙي ۾
داخل ٿي، جنھن کي هاڻي
’کيديواري‘ سڏيو وڃي ٿو، اتان وِڪر
(بندر) مٿان اٽڪل 10 ميلن تي انهيءَ درياهه ۾ داخل ٿي سگھندا هئا، جتي اها بيگنا ۾ شامل ٿيندي هئي، جنھن کي
هاڻي
’مل‘ سڏيو وڃي ٿو، جنھن جي هيٺاهين پاسي سان شاهه بندر هو.“ (34)
سنڌ گزيٽيئر ۾ ڄاڻايل آهي ته:
”ڪئپٽن ڪارليس 1837ع
۾
سنڌوءَ بابت لکيل پنھنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو ته، ان موقعي تي درياهه
۾ انهيءَ خطي
۾ تمام گهڻي تبديلي آئي هئي،
جتي ستاهه واهه جي ڇوڙ
۾ پاڻي اچڻ لڳو، جيڪو ان ۾ اڳ ايندڙ پاڻيءَ کان گهڻو وڌيڪ هو ۽ ان جي
پاڻيءَ ۾ گهڻو واڌارو ٿيو. هر ايندڙ سال اها
تبديلي وڌڻ لڳي. نيٺ مک درياهه پنھنجو وهڪرو بگهياڙ کي ڇڏي، ستاهه ڏانھن موڙي ڇڏيو، پوءِ
پاڻيءَ اهو وهڪرو نه ورتو جيئن اها شاخ اڳ ڪئين ميل ڪندي وهندي هئي.“ (35)
وڻج واپار
شاھ بندر ھڪ اھڙو سولو، سَھنجو بندر ھو، جيڪو گهڻن لحاظن کان اهم هو. سنڌوءَ جي مُنھن تي هئڻ ڪري خاص
اهميت
رکندڙ هي بندر
ٻيڙين جي اچ وڃ جي لحاظ کان چڱو بندر ھو. ھتي ھڪ ويڪرو ۽ گھرو ڪنارو ھئڻ ڪري،
وڏا
ٻيڙا آسانيءَ سان
ايندا
ويندا
ھئا. تنھن ڪري دنيا مان پري پري جي ملڪن کان واپاري ٻيڙا ايندا ۽ ويندا
رھندا ھئا. ھُونئن به اوڻيھينءَ صديءَ جي شروعات
تائين سنڌ جو وڻج واپار دنيا ۾ مشھور رھيو آھي.
’تاريخ ڪلھوڙا دور‘ جو مصنف غلام رسول مھر سنڌ جي
واپار
بابت لکي ٿو ته: ”سنڌ
قدرتي طرح اھڙي ھنڌ ھئي جو انھيءَ سببان ڪيترن ئي
ٻاھرين ملڪن جو سامان به ھتان ئي ايندو، ويندو ھو.
جيئن خاص ڪري اُتر ھندستان جي سموري مال جي ٻاھر
موڪلڻ لاءِ رستو سنڌ کان سواءِ ٻيو ڪو به ڪونه ھو.
مارواڙ، بيڪانير، جيسلير، ملتان، پنجاب، ڪشمير،
سرحد، بلوچستان ۽ افغانستان بحري رستي سان جيڪو
سامان ٻاھر موڪليندا ھئا، اھو پھريائين سنڌ ۾
پھچندو ھو ۽ پوءِ ھتان ئي جھازن ۾
رکيو ويندو ھو. جيڪو سامان ٻاهران
ايندو هو، سو به سڀ کان اول سنڌ جي بندرن تي لھندو ھو. سنڌ جا بندر انھيءَ سبب ساري
دنيا ۾ مشھور ھئا. مثال طور: ديبل بندر ۽ پوءِ جي
زماني ۾ لاھري بندر، اورنگا بندر، شاھ بندر، بسته
بندر ۽ علي بندر جتان بصري، بندرعباس، ھرمز، مسقط
۽ بحرين وغيره ڏانھن مال موڪليو ويندو
ھو. مختلف ھنڌان ھتي خشڪيءَ جي رستي قسطنطنيه يا مصر روانو ٿي ويندو ھو.
پوءِ اُتان يورپ روانو ڪيو ويندو ھو. اھڙيءَ ريت
انھن ساڳئي رستن سان ٻاھريون مال اسان جي ملڪ ۾
ايندو ھو. ھندستان جي مختلف علائقن تائين سنڌ مان
وڏا وڏا رستا ٺھيل ھئا، جن جي ذريعي تجارتي قافلا
ھميشه ايندا ويندا رھيا ٿي.“(36)
مطلب ته
سنڌ ملڪ جو
واپاري ڪاروبار ھن بندر
وسيلي ٿيندو ھو. ھن بندر تي واپاري جھاز ايندا
ويندا رھندا ھئا. آمدرفت جو مرڪز ھئڻ ڪري واپاري
ھن طرف اچڻ لڳا. ھتي جا
واپاري جن ۾ لوهاڻا، ميمڻ،
ڪڇي ۽ ڀاٽيا، مسقط ۽ ٻين ملڪن
سان واپار ڪندا ھئا.
شاهوڪار زرعي ۽ صنعتي
ھن علائقي ۾ اورنگا بندر کان پوءِ ھن بندر تمام
گھڻي ترقي ڪئي. ھتي گيهه، چانور، نير، شوري، چمڙي،
ڪپڙي، اَن، لوڻ، ڪاٺ جي سامان وغيره
جو سٺو واپار ٿيندو ھو. ھتان کان ئي ايراني نار جي
بندرن بصري، گومبرون (بندر عباس)، آرمز،
مسقط، ڪانگو (ايران جو ڪانگن بندر) ۽ بحرين تائين
واپار ٿيندو ھو. ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو ته: ”اورنگا
بندر، لاھري بندر، وسطا بندر ۽ شاھ بندر کان
ايراني نار طرف سامونڊي تجارت وڏي ترقي ڪئي. جنھن
۾ ھڪ طرح ھن جي تجارتي تعلقات بصري، گومبرون (بندر
عباس)، مسقط،
ڪانگو ۽ بحرين سان ھئا ته ٻئي طرف گجرات جي ڪامبلي ۽ سورت سان به ھئا.“(37)
ڪيتري ئي واپار سان گڏ ھن بندر جي سُڪل مڇي ۽
مڇيءَ جي تيل جو واپار به گھڻو ٿيندو ھو. ايڇ ٽي
سورلي مختلف حوالن سان لکي ٿو ته: ”سنڌ ھميشه مٺي
پاڻيءَ جي ۽ سامونڊي سٺي قسم جي مڇيءَ جي ڪري ڏاڍي
مشھور رھي آھي. ھندن جي ويشنو طبقي کان سواءِ باقي
سڀ ماڻھو مڇيءَ جو ھڪ خوراڪي وٿ جي لحاظ سان ڏاڍو
قدر ڪندا آھن. سنڌ ۾ ايندڙ ھر سياح، منڊيءَ ۾
مڇيءَ جي ڍيرن ۽ سستي ھئڻ جا حوالا ڇڏيا آھن.
مئنرڪ ان ڪاريگريءَ کي بيان ڪيو آھي، جنھن سان
پلو، جنھن جو انگريزيءَ ۾ نالو
'Clupeaillisha' آھي.
سنڌو درياھ ۾ ڦاسايو ويندو آھي. جنھن ۾ دِلن تي تري اھو شڪار ڪندا آھن ۽ ان
صنعت کي مھاڻا اڄ تائين ائين ئي کنيو پيا
اچن.“(38) ھئملٽن جي حوالي سان مسٽر سورلي لکي ٿو
ته: ”ٺٽي ۾ گلابي ڀوري رنگ وارو کڳو
(Crap)
کاڌو.
اھڙو سوادي کاڌو
نه ھن ڪڏھن ڏٺو ۽ نه وري اڳي کاڌو ھو. انھن مان
ڪجهه ويهه پائونڊن جا آھن. اسان اھڙي جيئري جاڳندي
مڇي ٺٽي جي مڇي مارڪيٽ ۾ ڏٺي.“(39) سورلي آئين
اڪبري جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”سنڌ جي لاڙ واري علائقي جي مکيه خوراڪ مڇي ۽ چانور آھي. مڇي کي سيڪي ۽
سُڪائي ٻين شھرن ڏانھن ۽ ڏيساور موڪليو ويندو آھي
۽ گھڻو ناڻو ڪمايو ويندو آھي. مڇيءَ مان تيل به
ڪڍيو ويندو آھي، جيڪو ٻيڙي سازيءَ ۾ ڪم ايندو آھي.“(40) پر حقيقت ۾ مڇيءَ جو تيل
نه رڳو ٻيڙيءَ سازيءَ جي ڪم ايندو آھي، پر ماڻھو
کاڌي ۾ به استعمال ڪندا آھن. گھڻو ڪري مڇيءَ ۾
چانور
رڌا ويندا آھن. مڇيءَ جو تيل سلهه جي مريضن کي دوا طور (کاڌي ۾) کارايو ويندو
آھي ۽ پڻ اکين جي بينائي لاءِ به بھترين چيو ويندو
آھي.
اها حقيقت آهي ته
شاھ بندر ۾ مڇي سڪائڻ ۽ منجھانئس تيل ڪڍي ٻاھر
موڪلي چڱو ناڻو ڪمايو ويندو ھو. شاھ بندر جي آثارن
۾ اڄ به مڇي سڪائڻ ۽ منجھائنس تيل ڪڍڻ واري ھنڌن
جا نشان چڱيءَ ريت ڏسي سگهجن ٿا. جيڪي شاھ بندر جي
پکڙيل آثارن ۾ خاص ڪري، اوڀر اُتر جي ڪنڊ تي موجود
آھن. شاھ بندر واري علائقي ۾ لوڻ جون کاڻيون به
ھيون، جتان لکين مڻ لوڻ حاصل ٿيندو ھو. جيڪو
ڏيساور موڪليو ويندو ھو. اھڙيءَ ريت مقامي طور
پيدا ٿيندڙ جيڪي شيون ھيون تن ۾ شورو، لوڻ، مختلف
قسمن جا چانور، ڪپھه، گيھه، تيل، نير، کنئور، تيلي
ٻج،
منگرو (شارڪ) مڇيءَ جو تيل، چمڙي رڱڻ جا
ڇوڏا، کار، ڪپڙو ۽ کلون وغيره شامل آھن ۽ جيڪي
شيون اُتر وارن ملڪن ۽ بادشاھين کان ٻاھرين ملڪن
ڏانھن روانيون ڪرڻ لاءِ خاص طور واپاري ھت آڻيندا
ھئا، تن ۾ زعفران، گهوڙا، صاف ڪيل چمڙو، کلون،
مشڪ، ڦٽڪي، مختلف قسم جون نشيدار دوائون، ڪشميري
شالون، سُڪل ميوو، ھيرا، لعلون، فيروزا ۽ ٻين قسمن
جا قيمتي پٿر شامل ھوندا ھئا. ھندستان کان برآمد
ٿيندڙ شيون لوھ، رڪ، شيھو، ٽامو، عاج، مصالحا،
شيشو، ناريل، سوپاريون، داليون وغيره ھيون. خراسان،
مڪران، ايران، عربستان کان سنڌي ماڻھو پنھنجي
گهريلو استعمال لاءِ تراريون، ريشم، غاليچا،
کارڪون، گلاب جو پاڻي، تماڪ، قھو ۽ ڪلياڻ (حقا)
گهرائيندا ھئا. سنڌ جا واپاري ايران، شام،
لبنان، مسقط
۽ حجاز تائين چڪر ھڻي، اُتان سامان کڻندا ھئا. ظاھر آھي ته اُن زماني ۾ اھو
مال ايندو ۽ ويندو شاھ بندر تان ئي ھو.
رحيم داد مولائي شيدائي لکي ٿو ته:
”ڪراچيءَ جي ڪنارن تي لوڻ ٺھندو ھو. ان کان سواءِ ڪچو لوھ به نڪرندو ھو، جيڪو
خاص ڪري، ٺٽي مان لڀندو ھو. شاھ بندر ۽ اورنگا
بندر ۾ شورو چڙھندو ھو.“(41)
جين فيئرلي ٺٽي جي واپار
متعلق لکي ٿو ته:
”ھي پنھنجي زماني جو ھڪ وڏو شھر ھو. ايران جي بادشاھ ھِيءُ ماڳ 1742ع ۾ ايران
سان ملايو ھو. ڪنھن زماني ۾ ھن شھر ۾ چاليهه ھزار
ڪوري، ويهه ھزار ٻيا ھنرمند ۽ سٺ ھزار تاجر رھندا
ھئا.“(42) ان زماني جي ھڪ يورپي ماڻھؤَ لکيو آھي
ته: ”ملتان جو سوٽي ڪئليڪٽ ڪپڙو ججھي انداز ۾ سنڌو
رستي کڄي ٺٽي ايندو ھو، جتي مختلف ملڪن جا واپاري
خريد ڪري ٻاھر موڪليندا ھئا.“(43) انھيءَ کان
سواءِ سنڌ خاص ڪري ڇوڙ وارو علائقو، جنھن ۾ شاھ
بندر ھو، زرعي پيداوار جي لحاظ سان مشھور ھو. گھڻو
آڳاٽن زمانن کان ئي هيءُ
علائقو گھڻو سرسبز ھو پر انگريز دور تائين به پاڻ
ڀرو ھو. اليگزينڊر برنس، جنھن 1831ع ۾ سنڌؤَ جو
سفر ڪيو، سو ھن علائقي جو ذڪر ڪندي، ھڪ ھنڌ لکي ٿو
ته:
”ٺٽي جي باغن ۾ زمين جي سٺي
پيداوار، زمين جي ڀلي ھجڻ جو ثبوت آھي. ھتي انگور،
انجير، ڏاڙھون ڏاڍا سٺا ٿين ٿا. صوفن جا وڻ به جام
آھن پر، ان جو ميوو ننڍڙو آھي.
جيڪو حيدرآباد جي اوسي پاسي ڏاڍو
گھڻو ٿئي ٿو. زمين جي آباد ٽڪرن ۾ ڪڻڪ ۽ جَوَ سان
گڏ ٻيا فصل ٿين ٿا. ڪمند، نير ۽ تماڪ ڏاڍو ڀلو ٿئي
ٿو.“(44) ھنن لکتن مان واضح ٿئي ٿو ته اھوئي سبب آھي جو ٻاھرين واپارين جي ھن
علائقي تي گھري نظر ھئي. ڊچ به واپاري لحاظ سان
ھتي رھيا ھئا ۽ کين ھي علائقو دلچسپ لڳو ھو.
مٿين ڳالھين مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته، جنھن ملڪ
۾ مٿيون اھم شيون ٿينديون ۽ ملنديون ھجن ۽ جنھن
بندر تان واپاري اھي شيون خريد ڪندا ھجن ۽ مختلف
ملڪن ڏانھن کڻي ويندا ھجن، ان بندر جي واپار جي
اھميت ڪيڏي وڏي ھوندي. نه رڳو ڪلھوڙن جي دور ۾ پر
ميرن جي دور ۾ به ھن بندر تي تمام گھڻو واپار
ٿيندو ھو. رحيم داد مولائي شيدائي پنھنجي ڪتاب
’ٽالپرن جي مختصر تاريخ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ جو
سوٽي ڪپڙو، نير ۽ قلمي شورو گھڻن ملڪن جا واپاري
خريد ڪري ويندا ھئا. ٽالپرن جا ايجنٽ ڪابل، ايران،
شام، فلسطين ۽ مسقط بلڪه حجاز تائين چڪر ھڻي اُتان
سامان کڻي ايندا ھئا. روھڙي، سيوھڻ، حيدرآباد، شاھ
بندر، ٺٽو ۽ ڪراچي مکيه بندر ھئا.“(45)
تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته
ڊچن کي شاھ بندر ھڪ سٺي جڳهه محسوس ٿي ھئي.
تنھنڪري اُتي واپاري ڪوٺي کولڻ جي اجازت ورتي
ھئائون. اُن کان سواءِ اورنگا بندر واري ماڳ تي
رھائش لاءِ ننڍيون وڏيون جڳھيون جوڙي ورتيون
ھئائون. شاھ بندر جو گورنر ھن مٿان گھڻو مھربان
ھو، ڇاڪاڻ ته ڊچن جي واپار مان گھڻو محصول اڳڙي
رھيو ھو.(46)
ھن بندر جي محصول متعلق جيڪي انگ اکر ملن ٿا، انھن
اکرن مان چڱيءَ ريت معلوم ٿئي ٿو ته اُن وقت سنڌ
توڙي ھند جي گھڻن بندرن توڙي شھرن جي اُپت سوائي ھئي. شاھ بندر جي سالياني اُپت،
مُلڪي معيشت جي خوشحاليءَ جو سبب بڻيل رھي ھئي. جڏھن ته معيشت زندگيءَ جي ٻين ڪيترن ئي
پھلوئن ۽ مضمونن جو سھارو ۽ سگهه ھوندي آھي.
ايستائين جو تھذيب، علم ۽ ادب جو دارومدار به
معاشي حالتن تي ھوندو آھي. انھيءَ ڳالهه ۾ ڪو به
شڪ نه آھي ته گھڻين ڳالھين سان گڏوگڏ شاھ بندر جي
محصول جي اھميت نمايان ھئي. ڪلھوڙن توڙي ميرن جي
دور ۾ ھن بندر
تان محصول جي اُڳاڙي چڱي نموني سان ٿي رھي ھئي. انگريز ڪمپنيءَ جو عملدار ناٿن
ڪرو پنھنجي رپورٽ ۾ لکي ٿو ته: ”ٻين ٽيڪسن کان
سواءِ ڪراچيءَ جي محصول جي آمدني اسي ھزار رپيه
آھي. ٺٽي ۽ شاھ بندر جيڪو ھڪ ئي شمار ٿئي ٿو، اُن
جي محصول جي آمدني ھڪ لک ويهه ھزار روپيه
آھي.“(47)
شاھ بندر جو واپار اوڻھينءَ
صديءَ جي شروعاتي چوٿائي تائين تمام سٺو رھيو.
توڙي جو 1819ع واري زلزلي جي ڪري شاھ بندر گھڻو
متاثر ٿيو، پر پوءِ به ھن بندر تان واپار ٿيندو رھيو. سن 1831ع ۾ جڏھن اليگزينڊر برنس
سنڌو درياھ پار ڪيو، تڏھن بگھياڙ شاخ ٽن سالن کان سڪي چڪي ھئي ۽ واپار جو خاص مرڪز شاھ بندر ۽ وڪر بندر
ھئا. شاھ بندر جي ذريعي ملڪي واپار ايران، مصر ۽
يورپ جي ملڪن تائين ھلندو ھو. عربستان ڏانھن به اچ
وڃ جو سلسلو ھن ئي بندر تان ٿيندو ھو.
هتي جي چانورن جا مختلف قسم مشھور هئا. ويهين
صديءَ جي پنجاهه واري ڏهاڪي تائين به هتي چانور
تمام گھڻا ٿيندا هئا. اُن وقت جي مشھور
اخبارالوحيد پهرين ڊسمبر 1944ع تي فوڊ گرين
سئنڊيڪيٽ طرفان شاهه
بندر سب ڊويزن مان چانور نه کڻڻ واري پاليسيءَ تي هڪ مذمتي تبصرو شايع ڪيو،
جنھن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته آبادگارن سان انصاف ڪيو
وڃي. مطلب ته انهيءَ دور تائين شاهه بندر آباد
رهيو.
ايسٽ انڊيا ڪمپني:
ھونئن ته انگريز ھن علائقي ۾ ڪجهه آڳاٽو اچڻ لڳا
ھئا، پر هنن پھريائين سنڌ ۾ واپار
ڪرڻ جي ڪوشش 1631ع کان ڪئي ھئي، پر ھنن ان تجارت
کي ڪا خاص اھميت ڪا نه ڏني. جڏھن ته سنڌ ۾ ايسٽ
انڊيا ڪمپنيءَ پھريون ڀيرو قسمت آزمائي 1635ع ۾
ڪئي.(48) پر اڳتي ھلي ھندستان ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۽ مغل
سلطنت جي غير يقينيءَ جي ڪري، 1662ع ۾ سنڌ ۾ ڪوٺي
بند ڪئي ويئي. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي انھيءَ پھرين
دور ۾ به ڪمپنيءَ جا ڪي عملدار شاھ بندر ۾ رھيا
ھئا. جنھن
جو ذڪر
هن کان اڳ ٿي چڪو آھي.
انگريزن پھرين
ڪوٺي بند ٿيڻ کان پوءِ وري به سنڌ سان تجارتي
تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ سوچيو ۽ 1758ع ۾ ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ ٻيھر سنڌ ۾ واپار شروع ڪيو. ايڇ ٽي سورلي پنھنجي تصنيف ’ڀٽ جو شاھ‘ ۾ انھيءَ
دور جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”ان جي صورتحال 1635ع
- 1662ع کان گھڻي مختلف ھئي. سنڌ ھندستان جي ٻين
ڀاڱن کان گھٽ گڙٻڙ جو شڪار ڪونه ھئي. ڪلھوڙا ڀائر
پنھنجي برتريءَ واسطي پاڻ ۾ برسر
جنگ ھئا...... افغانن، سکن ۽ مرھٽن
جا پنجاب جي سرزمين تي ھڪ ٻئي جي ڳچين ۾ ھٿ ھئا.
فساد دوران ڪمپنيءَ سنڌ طرف، پنھنجيءَ لالچ جي ڪري
متوجهه ٿي. سندس مقصد سنڌ مان ملندڙ شوري تي ھڪ ھٽي ڄمائڻ ھو. جنھن مان ڪمپنيءَ جا ٻه ننڍا
مقصد ھئا. پھريون مقصد افغانستان جي فوجين، ھندستان جي اترين علائقن ۽ وچ ايشيا جي ماڻھن
کي اوني ڪپڙو وڪرو ڪرڻ ۽ ٻيو مقصد ھو، سنڌ جو
بھترين قسم جو چوپايو مال خريد ڪري بمبئي مارڪيٽ ۾
وڪرو ڪرڻ.“(49)
ڪمپنيءَ جي ٻئي ڀيري اچڻ وقت، سنڌ ملڪ تي ميان
غلام شاھ جي حڪمراني قائم ٿي چڪي ھئي. ميان صاحب
ئي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي سنڌ ۾ واپار جي اجازت
ڏني ۽ ساڻس لکت ۾ واپاري معاهدا ڪيا. مانوارو غلام
رسول مھر لکي ٿو ته: ”22 سيپٽمبر 1758ع جو، غلام
شاهه ڪلهوڙي جي درٻار مان کين واپار ڪرڻ جو پروانو
مليو. رابرٽ سيمپٽن پرواني حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهه
ٻولهه هلائي هئي. جارج بوشيئر جيڪو بمبئي جي
ضربخاني جو آفيسر هو، سو سنڌ ۾ واپاري ڪوٺيءَ جو
انتظام سنڀاليندڙ مقرر ٿيو، ۽ سيموئل بيون کي سندس
نائب مقرر ڪيو ويو“.(50) اھڙيءَ ريت انھيءَ دور ۾
جيڪو واپار يا آمدرفت ٿيندي ھئي، اُھا شاھ بندر
وسيلي ئي ٿيندي ھئي. ماڻڪ پٿاوالا پنھنجي شاھڪار
ڪتاب
'Historical Geography of Sindh' ۾
لکي
ٿو ته: ”اھو شاھ بندر ئي ھو، جتي اورنگا
بندر جي تباھ ٿيڻ کان پوءِ انگريزن ڪوٺي قائم ڪئي.
ھڪ اندازي موجب اھا فيڪٽري 1775ع ۾ آندي ويئي ھئي.
ھتي جھازراني وڌيڪ آسان ھئي. ھڪ ئي وقت چوڏھن
ننڍيون ٻيڙيون ھيون ۽ ھر ٻيڙي چاليهه ٽن وزن کڻي
اچي سگھندي ھئي.“(51)
انھيءَ زماني ۾ انگريزن سنڌ ملڪ جي سياسي ۽
جاگرافيائي اھميت کي چڱيءَ ريت سمجهيو. تنھن ڪري
ھنن واپاري ۽ سياسي بنيادن کي اوليت ڏيندي، سنڌ
ملڪ جي حاڪم ميان غلام شاھ سان واپاري معاھدا ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه شروع
ڪئي. انگريز گھڻو دورانديش ۽ لالچي ھئا. تنھن ڪري
ھنن انھيءَ ڏس ۾ نيٺ ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو. انگريزن سنڌ
ملڪ جي بندر، شاھ بندر ۽ انھيءَ زماني جي تمام وڏي
صنعتي ۽ واپاري مرڪز ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺيون کولڻ ۽
پنھنجي رھائش اختيار ڪرڻ لاءِ نه رڳو اجازت ورتي،
پر پنھنجي واپار ۽ ڪوٺي اڏڻ لاءِ تمام گھڻيون
سھوليتون حاصل ڪرڻ لاءِ معاھدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا.
اھڙي نموني سان انگريز ھن علائقي ۾ نه رڳو پنھنجا
پير پختا ڪرڻ لڳا، پر سازشون ڪري، اڳتي وڌڻ لڳا. ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو ته: ”ارڙھين صديءَ جي
وڳوڙي دور ۾ اسان ڪمپنيءَ سان لاڳاپيل ٺٽي ۽ شاھ
بندر ۾ رھندڙ نمائندن کي خاص اختيارن استعمال ڪرڻ
وقت ڏاڍا ڏاھا ۽ دورانديش ڏسون ٿا ۽ ڪمپنيءَ جي
انتظامي ڏاھپ ان وقت به ڏسون ٿا، جڏھن ڪلائيو
بنگال جو ديوان ٿيو، ان تجارتي ڪارپوريشن کي سياسي قوت بڻائي
ڇڏيو.“(52)
انگريزن، ميان غلام شاھ سان شاھ بندر، شاھپور ۽
ٻين هنڌن تي ملاقاتون ڪري، پنھنجي واپار جي واڌاري، محصول جي ڇوٽ ۽ واپاري ھڪ ھٽي قائم ڪرڻ لاءِ
ڳالھيون ھلائي، ڪامياب ٿيا.
هو ميان غلام شاھ کان
اهڙا پروانا حاصل ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿيا. اُھي پروانا، محترم غلام رسول مھر
پنھنجي ڪتاب ۾ ڏنا آھن. انھن پروانن جو تعلق به ھن
شاھ بندر سان ئي آھي.
سنڌ جي حاڪم غلام شاهه جو خط
رابرٽ سمپٽن ڏانھن تاريخ 11 ڊسمبر1758ع
واضح رھي ته اسان پنھنجن شاھ بندر ۾ سڀني ملازمن کي ھن ڳالهه بابت ھدايت ڪئي آھي ته ڪنھن به
سامان تي، جيڪو شاھي واپاري شاھ بندر ۾ آڻين، ڪوبه
محصول نه ورتو وڃي ۽ جيڪو سامان ھو ھتان کڻي وڃن،
ان تي به مقرر ڪيل شرح موجب محصول ورتو وڃي. ان
ڪري اسين اوھان کي اطلاع ٿا ڏيون ته اوھين دل جي
تسلي ۽ بلڪل شوق سان، جيڪو سامان جتان وڻيوَ اُتان
خريد ڪري، ھتي اچي واپار ھلايو. اُميد ته اوھين
ڪنھن ماڻھوءَ کي جاءِ جي تياري
۽ ڪم جي پسنديءَ لاءِ روانو
ڪندا.(53)
ڪنهن به ڌارين قوم کي ڇوٽ ڏيڻ جي ڪابه حد نه رهي.
ھنن پروانن مان اھو به ظاھر
ٿئي ٿو ته انگريز علمدار يا ٻيا واپاري ھن دور ۾
فقط شاھ بندر تي ايندا ھئا. ڇاڪاڻ ته اھوئي بندر
ھن دور ۾ استعمال ٿيندڙ بندر ھو. ٽي پوسٽنس پنھنجي
ڪتاب ۾ اھڙو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته: ”انگريزن کي بنا
ڪنھن ھٽڪي کٽڪي جي واپار ڪرڻ جي موڪل ھئي.“(54) ھو
اڳتي لکي ٿو ته: ”ھي غلام شاھ ڪلھوڙي ۽ انگريز
عملدارن جي وچ ۾ پھريون دستاويز آھي. ساڳئي سال جي
ڊسمبر مھيني جي 11 تاريخ سنڌ جي حڪمران ساڳئي
انگريز عملدار رابرٽ سيمپٽن کي برآمدي محصول کان
سواءِ ٻيا سڀ محصول معاف ڪيا ويا ھئا. ان فرمان ۾
ھڪ وڌيڪ فقرو اھو به ڏسڻ ۾ ايندو ته مسٽر سيمپٽن
پنھنجو ڪو ماڻھو موڪلي شاھ بندر ۾ واپاري ڪوٺي يا
گھر اڏڻ لاءِ مناسب زمين جو ٽڪرو پسند ڪري سگھي
ٿو.“(55)
غلام شاهه جي طرفان
ڪستم داس مـ
ھتي جي نالي
حڪم نامو:
قاضي صاحب جي مھر لڳل تاريخ 18- ڊسمبر 1758ع
ڪنھن به ٻاھران ايندڙ سامان تي
محصول نه وٺ، ۽ جنھن به ھنڌ صاحب موصوف پنھنجي ڪارخاني لاءِ جاءِ ٺھرائڻ جي رٿ ڪري، اُتي ٺھرائڻ ڏي ۽ انھيءَ جاءِ جي
ٺھرائڻ ۾ کيس چڱيءَ طرح مدد ڪر. تون صاحب موصوف
سان يگانگت حاصل ڪر، ته جيئن ھو بلڪل آسانيءَ سان
سوداگريءَ جو سامان آڻي، جنھن ۾ بندر گاھ جي بھتري آھي.(56)
سن 1760ع ۾ رابرٽ سيمپٽن کان پوءِ بمبئيءَ پاران رابرٽ ارسڪن ميان غلام شاھ سان شاھ بندر ۾
ملاقات ڪرڻ وقت، سنڌي عملدارن خلاف شڪايت ڪئي.
ميان صاحب ساڻس تجارتي عھدنامو ڪيو.
ساڳئي سال انگريز ريزيڊنٽ،
ميان غلام شاھ سان شاھپور درٻار جي موقعي تي
ملاقات ڪئي، ميان صاحب ريزيڊنٽ کي ھڪڙو ڪيمخواب جو
چوغو، ھڪڙي شال، ھڪڙو پٽڪو، ھڪ خنجر، ھڪ سون سان
مڙھيل ترار،
چانديءَ جي سنجن سان ايراني
گھوڙو، سروپا طور مرحمت ڪيا. انگريز ريزيڊنٽ، ھڪڙي
اشرفي، ھڪ مخمل جو ٿان ۽ ڪي آرسيون سوکڙيءَ طور
پيش ڪيون.(57)
ٽي پروانا سنڌ جي حاڪم جي
طرفان
جيڪي سال 1761ع ۾ جاري ٿيا
(1)
ترجمو پھرئين پرواني جو، جيڪو سنڌ جي حاڪم غلام
شاھ طرفان تاريخ 22- اپريل 1761ع تي جاري ٿيو.
جملي فقيرن، عملدارن ۽ ٻين موجوده توڙي آئيندي محصول اڳاڙيندڙ عھديدارن، شھر ٺٽو، شاھ بندر، اورنگا
بندر، ڪراچي يا ڌاراجا ۽ ٻين جانورن وغيره جي
محصول کاتي جي عملي وارن- يعني نخاس، اناج ۽ چرسا
وغيره ۽ گاٽ، چواير، سرڪار چاچڪان، ڪڪرالو، سرڪار
نصرپور، ھالا ڪنڊي، سرڪار سيوستان، خدا آباد،
روھڙي ۽ ٻيا جملي علائقا جيڪي اسان جي حڪومت ۾
آھن، تن سڀني کي معلوم ھجي ته مسٽر ارسڪن صاحب،
انگريز سرڪار جي ريزيڊنٽ، اسان جي ملڪ سنڌ ۾
پنھنجي تجارتي ڪاروبار کي وڌائڻ لاءِ درخواست ڪئي:
اسان جي سرڪار ۽ آنرايبل ڪمپنيءَ جي پاڻ ۾ انتھائي
دوستيءَ سبب اسان سندس درخواست کي منظور ڪيو ۽ حڪم
ٿا ڏيون ته سواءِ انگريزن جي ٻيءَ ڪنھن به ولائتي
قوم کي، واپار جون جنسون، سنڌ ملڪ، يا ٺٽي ۽ بچور
۾، خواھ اسان جي حڪومت اندر ڪنھن به بندر گاھ تي،
کڻي اچڻ يا کڻي وڃڻ جي اجازت نه رھندي.
واضح رھي ته ڪوبه سوداگريءَ جو سامان، مٿينءَ
ڪمپنيءَ جو يا ان جي ڪنھن رعيتي ماڻھؤَ جو، جيڪو
اسان جي ڪنھن به ملڪي بندر گاھ تان روانو ٿئي، ته
اھو اڳئين حڪم نامي موجب محصول جوڳو نه رھندو ۽
انھن کان ڪنھن به طرح جو مطالبو نه ڪيو ويندو.
جيڪڏھن ھو ڪو به سامان ڪنھن بندر گاھ تان، اڳي
مقرر ڪيل شرح مطابق محصول ڏيڻ کان پوءِ، ٺٽي ۾ کڻي
اچن، ته اھڙيءَ صورت ۾ کين سرٽيفڪيٽ ڏيڻ گهرجي، ۽
ڪنھن به طرح جو مطالبو نه ڪرڻ گھرجي، ته جيئن ھو
پنھنجو تجارتي ڪاروبار اطمينان ۽ آرام سان ڪن.
جيڪي به جنسون ھو ڪنھن بندر گاھ کان ڪيڏانھن کڻي
وڃن، ته اُتي اسان جي اڳئين پرواني موجب، ڏيڍ
روپئي سيڪڙي جي حساب سان محصول ورتو وڃي، اھڙيءَ صورت ۾، اڳ مقرر ڪيل
شرح کان سواءِ، وڌيڪ محصول جو مطالبو نه ڪيو وڃي.
واضح ھجي ته سواءِ ريزيڊنٽ موصوف جي، ٻئي ڪنھن به
سوداگر کي سنڌ يا اسان جي حڪومت جي ڪنھن به حد
اندر، شوري جي خريد ڪرڻ يا وڪڻڻ جي اختياري نه
آھي، جيڪڏھن ڪو سوداگر ائين ڪندو- يعني شورو خريد
ڪري روانو ڪندو، ته ان لاءِ کيس اھڙي سزا ڏني
ويندي، جيئن آئيندي لاءِ اھڙيءَ حرڪت کان باز اچي.
ريزيڊنٽ ڪمپني موصوف، اسان جي حڪومت مان ڪنھن به ھنڌان شورو خريد ڪري، يا ڪنھن
سوداگر کان وٺي، ته انھيءَ حالت ۾ محصول اڳاڙيندڙ
عملدار اڳئين شرح موجب محصول اڳاڙين- جيئن ڪمپني
موصوف پنھنجو تجارتي ڪاروبار دلجاءِ ساڻ ڪري. سندس
دَنگين ۽ ٻيڙين وغيره کي، اجازت
حاصل ڪرڻ بعد، ڪابه روڪ ٽوڪ نه ٿئي ۽ نه سندس
واپاري جھازن کي، جي شاھڳڙھ کان ٿيندا وڃن، جھازن
جي نگھباني ڪرڻ وارا عملدار روڪين: مطلب ته ڪنھن به طرح کيس تڪليف ڏيڻ ۾ نه اچي.
خدانخواسته جيڪڏھن سندس ڪو جھاز يا ٻيڙي، پوي، ٻيٽاريءَ تي اچي ڦاسي پوي يا ڪنھن
نموني اسان جي حد ۾ ڀڄي ته اھڙيءَ صورت ۾ سرڪار جي
ملازمن تي لازم آھي ته کيس چڱيءَ ريت مدد ڏين، ۽
جيڪو به انھيءَ صورت ۾ سرڪار جي ماڻھن تي لازم آھي
ته کيس چڱيءَ ريت مدد ڏين، ۽ جيڪو به انھيءَ جھاز
جو سامان وغيره رھجي وڃي، سو فوراً ريزيڊنٽ موصوف
جي حوالي ڪيو وڃي: صاحب موصوف جھاز بچائڻ جي لاءِ
ڪيل محنت ۽ مشقت جو معقول انعام ڏيندو. جيڪڏھن
ريزيڊنٽ موصوف شاھ بندر ۾ ڪنھن پڪي جاءِ ٺھرائڻ جو
ارادو ڪري، يا باغ پوکائڻ جو خيال ڪري ته صاحب
موصوف کي اختيار آھي ته جنھن به ھنڌ کي ھو پسند
ڪري، اُتي ٺھرائي، ۽ سرڪار جي ماڻھن تي لازم آھي
ته ھو صاحب موصوف جي مدد ڪن، ته جيئن جڳهه جي
تعمير ۾ جلدائي ٿئي. واضح ھجي ته اڳيون سندون ڪنھن
به طرح باطل نه آھن ۽ انھن جي ڪاروائي بنا عذر
ٿيندي رھي. جيئن ته اسان جي منشاء آھي ته انگريز
سرڪار کي راضي رکجي، ان ڪري ھن پرواني جي تعميل نھايت احتياط سان ٿيندي رھي، ۽
ٻئي نئين پرواني جو انتظار نه رھي.
16- رمضان 1174ھ، يعني 22- اپريل 1761ع
(58)
(2)
سنڌ جي حاڪم غلام شاهه طرفان
تاريخ: 23 اپريل، 1761ع
شاھ بندر ۽ ڪڪرالي جي سڀني محصول اڳاڙيندڙ عملدارن
خواھ ٺيڪيدارن کي واضح ھجي ته مسٽر ارسڪن صاحب،
انگريز سرڪار جي سنڌ ۾ ريزيڊنٽ، اڄ ھن ڳالھه بنسبت درخواست ڪئي آھي ته
“موري” محصول، اڳي ھر جھاز تي پنجويهه سيڪڙو امام
کي ڏنو ويندو ھو، سو سندن جھازن تان معاف ڪيو وڃي،
اسين، اھا درخواست منظور ڪري، موري محصول معاف
ڪري، اوھان کي لکون ٿا ته ھنن کان موري محصول جي طلب نه ڪريو. جيڪڏھن اڳي پنجويھن جي شرح کان وڌيڪ في جھاز تي
ڏنو ويو ھجي، ته انھيءَ صورت ۾ جيتريقدر زياده
ورتو ويو ھجي، سو واپس موٽائي ڏنو وڃي- ان لاءِ
وڌيڪ تاڪيد ڄاڻو.
تاريخ 17- رمضان 1174ھ، يعني 23- اپريل 1761ع (59)
(3)
سنڌ جي حاڪم غلام شاهه طرفان
تاريخ: 22 اپريل، 1761ع.
جملي فقيرن، عملدارن ۽ ٻين عھديدارن کي، جيڪي محصول اڳاڙيندڙ توڙي سامونڊي محصول جي ٺيڪي وارا، سمنڊ کان واري تائين
۽ اسان جي حڪومت جي حدن اندر، جيڪي مقرر ٿيل آھن
يا آئيندي ٿيندا، واضح ھجي ته آنرايبل ريزيڊنٽ
ڪمپني سرڪار، ملڪ سنڌ، ارسڪن صاحب، پنھنجون ٻيڙيون
۽ اُٺ، سوداگريءَ جي سامان سان لڏيل، اسان جي
حڪومت ۾ روانا ڪري ٿو، انھيءَ ڪري اوھان کي لکجي
ٿو ته ھن پرواني ڏسڻ سان محصول موري، مصري ۽
گزرباني يا سوزڪو. انھن کان نه وٺو ۽ نه ڪنھن به قسم جو ڪم کانئن وٺو ۽
نڪي اسان جو ڪو زيردست کين ايذاءُ رسائي ۽ نه وري
سندن اُٺن ۽ ٻيڙين وغيره کي ڪا روڪ ڪرڻ ۾ اچي، ته
جيئن ھو پنھنجو ڪاروبار بلڪل آرام سان ڪن، جنھن
مان اسان جي محصول جي آمدنيءَ جو واڌارو ٿئي ان
لاءِ وڌيڪ تاڪيد ڄاڻو ۽ انھيءَ ۾ ڪنھن به قسم جو
اعتراض نه ٿيڻ کپي.
تاريخ: 16 رمضان 1174ھ مطابق 22-
اپريل، 1761ع (60)
مٿين پروانن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته،
انگريزن پنھنجي واپار جي ھڪ ھٽي قائم ڪرڻ لاءِ،
پنھنجي واپاري ڪوٺي ۽ پنھنجي رھائش قائم ڪرڻ لاءِ
۽ جڳهه اڏڻ لاءِ ميان غلام شاھ سان ڳالهه ٻولهه
ڪري، پنھنجي منشاء موجب پروانا جاري ڪرايا. ميان
غلام شاھ سنڌ ملڪ جي تجارت کي
شايد
ترقي ڏيارڻ لاءِ ساڻن معاھده ڪري، اھڙا پروانا جاري ڪيا پر اھا وڏي غلطي
ھئي. ڪنھن به ڌارئين کي ھر ڳالهه ۾ ايتري ڇوٽ ڏيڻ
نه جڳائي. جڏھن ته انگريزن جي رٿائن ۾ فقط
ايستائين منزل نه ھئي پر ھنن جي سازش ۾ گھڻو ڪجهه
شامل ھو، جنھن جو نتيجو پوءِ سڄي دنيا ڏٺو، ڇاڪاڻ
ته انگريزن وٽ ھر موقعي لاءِ ھر قسم جي رٿابندي
پھرين کان تيار ھئي. ھنن سنڌو نديءَ ۽ سنڌ جي
سامونڊي ڪناري جي
جانچ پڙتال به
ڪري ڇڏي ھئي. اھو سڀ ڪجهه ھنن ھڪ خاص موقعي تي
قبضو ڪرڻ لاءِ ڪيو ھو. جڏھن ته شروع ۾ ھنن فقط
واپار ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ رٿيو ھو. انگريزن
جي انھيءَ زماني جي ڏنل رپورٽن مان به اھڙيون
ڳالھيون ظاھر ٿين ٿيون. ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو ته:
”1760ع وارو خط ڪمپنيءَ جي تجارت جي تحفظ واسطي
سامونڊي ھٿياربند فوج جي ضرورت جي نشاندھي ڪري ٿو.
انڪري جيئن ڪمپنيءَ جي شوري جي واپار جي ھڪ ھٽي
ختم ٿيڻ واري ڳالهه وڏي اھميت جي لائق ھئي. سنڌ ۾
ڪمپنيءَ جو مفاد به انھيءَ ڳالهه ۾ ھو ته جيئن اھا
شوري جي اڪيلي سر تجارت ڪري ۽ ان کي سنڌ کان ٻاھر
به برآمد ڪري. سڀ مقامي واپاري ڪمپنيءَ جي معرفت
واپار ڪرڻ لاءِ ٻڌل ھئا ۽ شوري جي آمدرفت رڳو
ڪمپنيءَ جي جھازن ۾ ئي ٿي سگھندي ھئي.“(61)
معاھدن موجب سنڌ مان شوري جو واپار فقط انگريز ئي
ڪري سگھيا ٿي ۽ شوري جي
برآمد فقط ڪمپنيءَ جي جھازن
۾ ئي ٿي سگھي ٿي، پر سنڌ ملڪ جي مقامي واپاري
پنھنجو ۽ پنھنجي ملڪ جو نقصان ٿيندو محسوس ڪندي،
ٻين ملڪن سان به شوري جو واپار ڪندا رھيا، خاص ڪري
شاھ بندر جا واپاري. ايڇ ٽي سورلي ڪمپني رڪارڊ جي
حوالي سان، ميان غلام شاھ کي لکيل خط جو ھڪ ٽڪرو
ڏنو آھي، جنھن سان اُن ڳالهه جي معلومات ملي ٿي.
خط جو ھڪ حصو ھن ريت آھي: ”جيتوڻيڪ اوھان عزت ماب
ڪمپنيءَ کي پروانو ڏنو آھي ته اھا اڪيلي سر
ڪاروبار ڪري ۽ سنڌ کان ٻاھر برآمد ڪري پر حالت اھا
آھي ته پوري بندر ۽ شاھ بندر جا واپاري کليو کلايو
شورو خريد ڪن ٿا ۽ توھان جي آفيسرن جي ڪنھن کي به
رنڊڪ وجھڻ کان سواءِ ھو ٻاھر برآمد به ڪن ٿا ۽
پرواني ملڻ کان پوءِ ته اھو معاملو ڏاڍو وڌي ويو
آھي.“(62)
اھڙيءَ ريت سنڌي ماڻھن شاھ بندر ۾ ڌارين سان ڪيل
معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪري، پنھنجي خود مختياريءَ جو
چتاءُ ڏنو. منھنجي خيال ۾ اھو عمل ھڪ غلط فيصلي
خلاف بغاوت ھئي. بھرحال ايسٽ انڊيا ڪمپني پنھنجا
پير پختا ڪندي رھي. سن 1764ع کان وٺي 1775ع تائين
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ڪارخانو ۽ واپار شاھ بندر ۾
ھلندو رھيو. 1775ع تائين جي ڪمپنيءَ رڪارڊ ۾ شاھ
بندر جو گھڻو ذڪر ملي ٿو، جنھن مان ھن بندر جي
اھميت جي معلومات ملي ٿي. 1775ع ۾ سنڌ اندر سياسي
ابتريءَ جي ڪري انگريزن ٺٽي مان پنھنجي واپاري
ڪوٺي بند ڪري ڇڏي ۽ شاھ بندر ۾ شوري جو ڪارخانو به
بند ڪري ڇڏيو جيڪو پوءِ وري به قائم ڪيو ويو ھو سو
سن 1800ع ۾ بند ڪيو ويو.
ڪلھوڙن کان پوءِ سنڌ ملڪ تي ٽالپرن جي حڪمراني
رھي. ٽالپرن جي زماني ۾ به شاھ بندر ھن ملڪ جو اھم
بندر رھيو. ٽالپر دور ۾ سنڌ جو وڻج واپار ھن بندر
تان ٿيندو ھو. جنھن جو ذڪر اڳتي ايندو. انگريز
ڪمپنيءَ جو مشھور عملدار ناٿن ڪرو پنھنجي ھڪ رپورٽ
۾ شاھ بندر جي ٽالپور دور ۾ انتظامي حدن جو ذڪر
ڪندي لکي ٿو ته: ”مغرب ۾ بلوچستان ۽ مڪران جا جبل
آھن ۽ ڏکڻ ۾ ھندي سمنڊ. مذڪوره علائقي ۾ مير سھراب
خان، سنڌو درياھ جي سمورن اوڀر وارن علائقن تي
قابض آھي، جو نوشور ۽ اوباويرا جي ڳوٺن تائين، ڪڇ
رڻ تائين ڦھليل آھي. ميرطره خان جو علائقو، ھن ڇوڙ
جي اوڀارين حصي ۾، ٺٽي جي اُتر- اوڀر کان شروع ٿي،
شاھ بندر ۽ سنڪرا
(Nalla Sankra)
کان
ويندي سمنڊ تائين آھي.“(63) انگريز جي دور ۾
ڪراچيءَ کي اهميت ملي ته وري اهو بندر وڌڻ لڳو.
انتظام:
هيءَ حقيقت آهي ته ميان غلام
شاھ ڪلھوڙي پاران شاھ بندر جي تحفظ، ٽيڪس وغيره جو
بھترين انتظام رکيل ھو. شاھ بندر ۾ لھندڙ ۽ چڙھندڙ
مال ٺٽي تائين پھچائڻ جو بھترين نظام ھوندو ھو.
شاھ بندر جي ويجھوئي ميان غلام شاھ، وسيع باغ
پوکرايو، جنھن ۾ مختلف ميوا ھميشه
ٿيندا رھندا ھئا. ”ميان غلام شاھ ٺٽي ۽ شاھ بندر
تي پنھنجا تجربيڪار نائب مقرر ڪيا ھئا. سن 1770ع
تائين فقير حبيب نائچ، ٺٽي مٿان نائب ھو. فقير
مراد نظاماڻي، ميان سرفراز خان جي ڏينھن تائين ٺٽي
جو نائب رھيو. ڪلھوڙن حاڪمن، ڪن ارغونن کي به وڏا عھدا ڏنا ھئا، مگر سنڌين سان سندن ھلت سٺي نه ھئي،
تنھنڪري کين عھدن تان ھٽائي، سنڌين کي عھدا ڏنا
ويا. ميان غلام شاھ جي ڏينھن ۾ محمد قائم ڪوڪلتاش
ٺٽي جو ناظم ھو، پر پوءِ ھتان ھٽايو ويو.“(64)
جڏھن انگريز ڪمپنيءَ طرفان رابرٽ سيمپٽن سان ھتي
جي واپار متعلق غلام شاھ جي ڳالهه ٻولهه ھلي ھئي،
تڏھن پريتمداس روپچند مقامي واپاري ھوندو ھو. جنھن
کي قلمي شورو پھچائڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو ھو.
هيوز جي سنڌ گزيٽيئر ۾ آهي ته: ”شاهه بندر هن وقت
تعلقي مختيار ڪار ۽ تپيدار جو هيڊ ڪواٽر آهي. هتي
هڪ پوليس ٿاڻو آهي، جنھن جي عملي ۾ 13 ماڻهو (جن ۾
ٻه گھوڙيسوار) آهن. هتي هڪ ميونسپالٽي به آهي جيڪا
1856ع ۾ ٺهي هئي، جنھن جي 1874ع ۾ آمدني 1092 رپيا
هئي. هڪ رهائشي بنگلو ۽ ڍڪ به آهي.“ (65)
شاھه
بندر جو شـ
ھر:
انھيءَ دور جي تاريخي ڪتابن جي مطالعي مان معلوم
ٿئي ٿو ته شاھ بندر، جيڪو بندر سان گڏوگڏ ھڪ شھر
جي به حيثيت حاصل ڪري چڪو ھو، اھو ھڪ ڀريو تريو
شھر ھو. جنھن ۾ زندگيءَ جي ضرورتن جون سموريون
شيون بنهه سستي اگهه تي ۽ آسانيءَ سان ملي
سگھنديون ھيون. ايڇ ٽي سورلي مختلف حوالن سان لکي
ٿو ته: “شھر ۾ ضرورت زندگيءَ متعلق ھر چيز ملي
سگھي ٿي. مڇي ۽ ميوات ته تمام گھڻي آھي ۽ بي حد
سستي، چئن پائين ۾ ھڪ ڪڪڙ، ھڪ رپئي ۾ رڍ، چانور،
مکڻ ۽ ٻيو کاڌو خوراڪ به ڏاڍا سَھانگا آھن. (66)
اھڙي ريت ھڪ ٻئي رپورٽ مان به شاھ بندر جي شھر جي
حالت جي سُڌ پئي ٿي، جيڪا ھن ريت آھي: ”ڊسمبر تي
شاھ بندر تي اسان کي دعوت تي ڪوٺايو ويو، جنھن ۾
اسان کي ٻڪريون، ڪڪڙ، ماني، چانور ۽ مکڻ ڏنا
ويا.“(67)
مختلف رپورٽن ۽ لکتن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاھ بندر
جي شھر ۾ ڏاھا طبيب به ھوندا ھئا، جيڪي اگھن ماڻھن
جو سُٺو علاج ڪندا ھئا. ھڪ رپورٽ/ڊائري ھن ريت
آھي: ”11 اپريل 1764ع- جيئن ته ڪوبه ناليوارو
ڊاڪٽر ھتي شاھ بندر ۾ موجود ڪونه آھي ۽ اسان جا
ماڻھو مسلسل بيمار آھن. مان اھو ضروري ٿو سمجھان
ته ھتان جي ڪنھن ڏاھي طبيب جي خدمتن کي حاصل ڪريان
۽ ان ضرورت جي ڪري مون حاجي محمد کي 15 رپيا مھينو
پگھار ۽ دوائن جي خرچ سان مقرر ڪيو آھي. جيئن ھو
گاليوٽ جي خلاصين ۽ بمبئيءَ جي سپاھين جي دوا درمل
ڪري ۽ ڪمپنيءَ جي ڪوٺين جي ماڻھن کي ضرورت وقت ڏسي
سگھي.“(68)
سن 1764ع جي ھڪ خط ۾ آھي ته: ”16 جولائي 1764ع - بيماريءَ جي ڪري جيڪا اسان جي تباھي ٿي
آھي، تنھن حقيقت ۾ اسان تي وڏو اثر وڌو آھي. ان
ضرورت مون کي ان ڳالهه تي آڻي بيھاريو آھي جو آئون
مقامي ڊاڪٽر کي مقرر ڪرڻ کان لنوائي ڪونه ٿو
سگھان، جيڪو مسلسل شاھ بندر تي رھندڙ سپاھين سان
لشڪر ۾ رھندو ۽ سندن دوا دارون ڪندو. ٻيو وري ھن
جاءِ تي ھڪ برھمڻ تاريه نالي جنھن، ڪنھن زماني ۾
مسٽر ارسڪن جو ٺٽي ۾ علاج ڪيو ھو، سو ھوندو جيڪو
منھنجي ۽ مسٽر پئري جي به دوا درمل ڪندو.“(69)
مٿين احوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاھ بندر ۾ حاجي
محمد ۽ تاريه سُٺا مقامي حڪيم ھئا. جيڪي پنھنجا
فرض سرانجام ڏيندي، ھتي جي ماڻھن جي خدمت ڪندا
ھئا. 1901ع ۾ به ھتي جي آدمشماري چڱي ھئي، ايتري
تائين جو فقط مھاڻن (ذات) جي آبادي به 4550
ھئي.(70)
1852ع ۾ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس لاڳو ٿيو. جنھن
موجب جنھن شھر جي آدمشماري گهٽ
۾ گهٽ ٻه هزار هوندي. اُتي ميونسپل قائم ڪئي
ويندي. اُن آرڊيننس تحت 1853ع ۾ شاهبندر کي
ميونسپل جو درجو ڏنو ويو. 1902ع ۾ سينيٽريءَ جو
درجو مليو ۽ پوءِ .Notified eara
موجب 1953ع ۾ شاهبندر، سجاول، جاتي، چوهڙ ۽
گونگاڻي ميونسپل هيون. شاهبندر ۾ 1893ع کان پوءِ
محصول جي آفيس هئي. نئين سروي جي لحاظ کان اسٽنٽ
ڪليڪٽر شاهبندر ’ايم ايڇ لارنس‘ کي حڪم ڪيو ويو ته
هو پنھنجي تعلقي جي تفصيلي رپورٽ تيار ڪري.
اُنهيءَ حڪم جي پوئواريءَ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شاهبندر 8 نومبر 1887ع تي پنھنجي آفيس
ليٽر نمبر 5690 ۾ ڪليڪٽر ڪراچي مسٽر آگلس کي هڪ
تفصيلي رپورٽ موڪلي، جنھن ۾ هن علائقي جا اهم انگ
اکر آهن.
18 فيبروري 1930ع تي الوحيد اخبار ۾ شاهبندر جي
پوليس انسپيڪٽر ساجن سنگهه تي هڪ مظلوم جي مقدمي
جي خبر شايع ٿي. ساڳي اخبار ۾ 11 جون 1931ع تي
شاهبندر ۾ ٻڍل شاهه نالي هڪ پير طرفان ٻهراڙيءَ جي
ماڻهن کي ڦرڻ جي خبر شايع ٿيل آهي. توڙي جو اهڙا
واقعا جتي ڪٿي ٿين ٿا، پر هتي اهو ذڪر ڏيڻ جو مقصد شاهه بندر شھر جي سماجي حالتن جي ڄاڻ ڏيڻ آهي.
شاهه بندر جا عام ماڻهو:
هيءُ بندر سنھنجو، وڏو ۽ واپاري لحاظ جي ڪري مشھور ته گهڻو هو، پر هتي جا رهاڪو به اُن وقت
جي لحاظ کان ڪنھن به ترقي يافتا شهرکان گھٽ نه هئا. هيوز پنھنجي سنڌ گزيٽيئر ۾ هتي 116 ڳوٺ ۽ 095 20 آبادي
ڄاڻائي آهي، پر اڳتي لکي ٿو ته: ”شاهه بندر ڊويزن
جي ڪل آدمشماري مسلمانن ۽ هندن سميت 1872ع ۾ ٿيل
آدمشماريءَ جي انگن اکرن موجب 936،102 هئي، پر ان ۾ ڪيٽي هاشم تپي جي
آدمشماري شامل نه آهي، جنھن کي تازو جھرڪ ڊويزن ۾
شامل ڪيو ويو آهي. انهن ۾ 90،349 مسلمان ۽ 12،575
هندو شامل آهن. اهڙيءَ ريت 25 ماڻهو هڪ چورس ميل ۾
رهن ٿا. پر ان ۾ حيرت جي ڳالهه نه آهي ڇو ته هن
ڊويزن ۾ گھڻي ايراضي ڍنڍن ۽ ڌُٻڻين تي مشتمل آهي،
جتي ڪو به ماڻهو نه ٿو رهي.“(71) هيءَ ته هئي
ڊويزن جي ڳالهه پر مٿين انگن اکرن مان شاهه بندر
شھر جي آبادي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
مختلف سفرنامن ۽ ٻين لکتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ھتي
جا ماڻهو سڄي سنڌ وانگر سادي زندگي گذاريندا ھئا.
بندر/شھر جا ماڻهو گهڻو ڪري وڻج واپار ڪندا ھئا.
ڪي واپاري ماڻھو ته دنيا جي گھڻن ملڪن سان واپار
ڪندا ھئا. ڪن خاندانن جا ته شوري جا ننڍا ننڍا
يونٽ به ھوندا ھئا. نير جو ڌنڌو به گھڻو ڪيو ويندو
ھو. ھتي ڪاٺ جو سامان جن ۾ ھنا، پاکڙا، پينگھا
وغيره ھوندا ھئا، سي ٻاھر موڪليا ويندا ھئا. احمد
نالي سان مشھور واڍي جي ڪاريگريءَ جون ڳالھيون اڄ
به ڳايون وڃن ٿيون. ھتي جا ماڻھو سفر وغيره لاءِ
ٻيڙيون ۽ خشڪيءَ لاءِ اُٺ رکندا ھئا، جيڪي واپارين
کي ڀاڙي لاءِ ڏنا ويندا ھئا. ڀاڙو توڙي جو گھٽ
ھوندو ھو پر ڀاڙي سان گڏ، اُٺن جي جت جي ڏھاڙي به
لڳائي ويندي ھئي. سندن اُجرتون تمام ٿوريون
ھونديون ھيون، جنھن مان ھو پنھنجو گذر مس ڪري
سگهندا ھئا. ڌاڳي، ڪپڙي، چمڙي جي گھرو صنعت
به چڱي موجود ھئي. ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو ته: ”ارڙھين
صديءَ جي سڀاڳي دور ۾ گهڻا ڳوٺ صنعت ۽ زراعت جو
مرڪز ھئا ۽ خاص قسم جو ڌنڌو ڄاڻندڙ ماڻهؤَ سان ملي
سگهبو ھو پوءِ اھو ڪيئن چئجي ته اھو اڻپڙھيو
ڳوٺاڻو ھَرمُٺي جھلڻ کان سواءِ ڪجهه به ڪرڻ ڪونه
ڄاڻندو ھو.“(72)
شاھ بندر جي آسپاس جون زمينون ڀليون ۽ گهڻي اُپت
ڏيندڙ ھُيون. آسپاس جا ڳوٺاڻا پنھنجو گذران گهڻو
ڪري زراعت ۽ چوپائي مال تي ڪندا ھئا. ٻين پوکن سان
گڏوگڏ ھتي جا چانور ملڪن ۾ مشھور ھئا ۽ اُنھن جون
واکاڻون ورھين گذرڻ کان پوءِ اڄ به ڪيون وڃن ٿيون.
مطلب ته ھتي جو عام ماڻهو اناج ۽ گھرو صنعت جي
لحاظ سان پاڻ ڀرو ھو. گهڻو پوءِ سورلي لکي ٿو ته:
”چوڌاري ملڪ سائو، سکيو ۽ ستابو لڳو پيو آھي. ڪڻڪ،
چانور، دالين ۽ بُھه ڀوسي ۾ ريان گيان لڳي پئي
آھي. گهوڙا ٻھيڙا، مال متاع خوش، سنڌ کي ته اھا خبر ئي نه آھي ته ڏڪار ڇا کي چئبو آھي.
ڇاڪاڻ ته سنڌو درياھ اپريل، مئي ۽ جون جي مھينن ۾
ٻوڏ ڪري ھيٺاھان پٽ ۽ پوٺا پسائي ڇڏيندو آھي. جڏھن
ٻوڏ جو پاڻي سڪي ويندو آھي ته زمين مٿان لٽ جا تھه ڄمي ويندا آھن. ھاري ٻج ڇٽي
کيڙي ڇڏيندا آھن ته فصل ججها ٿي پوندا آھن.“(73)
سورلي ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته: ”ھي ماحول سترھين ۽
ارڙھين صديءَ واري سنڌ سان ميل کائي ٿو. عام طور
تي ڳوٺاڻو زرعي معاشرو ھو، گھرو ھنر چوڏس پکڙيل
ھو.“(74) تنھن ڪري بک ۽ بي روزگاري نه ھئي. ھر
ماڻھو پنھنجي گذر سفر ۾ سَرھو ھوندو ھو.
عام ماڻهن جي رھڻ جون جايون ۽ گھر گھڻو ڪري ڪاٺ جا
ٺھيل ھوندا ھئا، جن کي تيڪي جا
گهر چيو ويندو آهي. ڪاٺ کي گهڙي پٽين جي صورت ۾ اھڙي نموني
سان ٺوڪي، ملايو ويندو ھو، جو هو/ اُھي ديوار جي شڪل ۾ ٿي بيھنديون ھيون. ديوارن
کي اندران ۽ ٻاھران مٽيءَ جي گاري جو ليپو ڏنو
ويندو
آهي. گھڻو ڪري چُن ۽ ريتيءَ جو
گارو ٺاھي اُن ۾ سِڻي ملائي اُنھيءَ جو راڳو ڪيو
ويندو ھو/ آهي. جنھن کي نيرو چيو ويندو
ھو. اھو نيرو نه رڳو گھڻو مضبوط، گھم ۽ مينھن جي
پاڻيءَ کان بچاءُ ڪندو ھو پر بنهه سھڻو ۽ لسو ٿي
بيھندو ھو. انھن گھرن ۾ ھوا جي لاءِ ڇتين ۾ منگهه
(ھوادان) به ھوندا ھئا.
کلا اڱڻ رکندڙ ھن گھرن جو ڏکڻ اولهه وارو پاسو کلو رکيو ويندو ھو. گھرن جي درن،
درين، ڪاڃڻ، بوندن ۽ شھتيرن تي سھڻي ٽُڪ ۽
چترڪاريءَ جو ڪم ٿيل ھوندو ھو. شاھ بندر جي آثارن
۾ پيل ڪاٺ جي ٽڪرن تي انھيءَ ٽُڪ ۽ چترڪاريءَ جي
نموني کي اڄ به ڏسي سگھجي ٿو ته اھا ڪيتري نه سھڻي
۽ صفائيءَ سان ڪيل آھي.
شاھ بندر ۾ ھونئن ته ڪيترائي ماڻھو رھندا ھئا.
جيڪي سرڪاري يا غير سرڪاري ڌنڌن واسطي ھتي آيل ھئا
پر مستقل رھندڙ ذاتين ۾ لوھاڻا، ڀاٽيا،
کٽي، سما، مھاڻا، قريشي،
ڪلمتي، آخوند، سُرھيا، سيّد ۽ خواجا رھندا ھئا. ميٽائي ميمڻ ۽ ڪڇي به گھڻائيءَ ۾ رھندا ھئا. ھتي جا ڪڇي ڀاٽيا
ڏور ڏيھن سان واپار ڪندا ھئا. جن مان ڪجهه مسقط ۽
سائوٿ آفريڪا ۾ وڃي رھيا ۽ اُتي چڱا واپاري آھن.
ھتي جا رھندڙ خواجا، جن جو شاھ بندر ۾ جماعت خانو
به ھو، سي لڏي اچي جاتيءَ ۽ تڙ خواجا ۾ رھيا.
آخوند، کٽي ۽ ميٽائي ميمڻ لڏي اچي چوھڙ جمالي ۾
رھيا.
شاهه بندر جو ڦٽڻ
شاهه بندر مختلف وقتن تي ڦٽندو ۽ وري اڏجندو رهيو.
شروع ۾ پويون ۽ آخري
شاھ بندر جي ڦٽڻ جو سبب 16 جون 1819ع وارو
زلزلو ھو. جنھن نه رڳو سنڌؤَ جو وھڪرو تبديل ڪري
ڇڏيو، پر سامونڊي ڪناري ۾ به وڏي
تبديلي آندي. ”انھيءَ زلزلي جي ڪري، درياھ جي اھا
شاخ
گهٽجي ويئي، جنھن تي شاھ بندر
اڏيل ھو.“ هيوز جي سنڌ گزيٽيئر ۾ انهيءَ زلزلي ۽
شاهه بندر جي ڦٽڻ بابت هن ريت لکيل آهي: “حقيقت
هيءَ آهي ته اها وڏي ٻوڏ جيڪا سنڌ ۾ 1819ع ۾ آئي
هئي، سا سنڌوءَ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ بنھه وڏي تبديليءَ جو ڪارڻ بڻي ۽ جنھن شاخ تي
شاهه بندر هو تنهن ۾ پاڻيءَ جي رڪجڻ (يا گهٽجڻ)
سان شاهه بندر جي تباهيءَ ۾ تيزي آئي.“ (75) ڏٺو
وڃي شاهه بندر گھڻو پوءِ تائين به وڏو بندر رهيو
پر مٿين لکت مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه بندر گهڻي
زماني کان متاثر ٿيڻ شروع ٿيو. ٻئي هنڌ هيوز
ڄاڻايو آهي ته: “هيءُ شھر جيڪو جڏهن درياهه تي
موجود هو تڏهن تمام گهڻي واپار جي ڪري سندس وڏي هاڪ هئي پر هاڻي اهو گهٽجي
گمناميءَ ۾ هليو ويو آهي.“(76) پٿاوالا صاحب
پنھنجي ڪتاب
'Physical and Economic History of Sind' ۾ 1819ع واري زلزلي جو تمام گھڻو ذڪر ڪيو آھي. ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته: ”ارڙھين
صديءَ جي شروعات ۾ يارھن مُنھن بگهياڙ سان واضح
ھئا. جن ۾ فوجي ٻيڙا اچي ٿي سگھيا. 1819ع جي
زلزلي انھن ۾ تبديليون آنديون. ڪوري کاري تمام
ويڪري ٿي ويئي. جڏھن ته شاھ بندر جيڪو بيگنا يا
مول تي ھو، سو بند ٿي ويو.“(77) پٿا والا صاحب
پنھنجي ھڪ ٻئي تحقيقي ڪتاب'Historical Geography of Sind'
۾لکي ٿو ته: ”سن 1819ع ۾
ھڪ وڏي (زلزلو) سامونڊي ٻوڏ آئي. اھو ئي وقت ھو
جڏھن ڪڇ ۾ وڏو زلزلو آيو. جنھن نه فقط سنڌؤَ جي
ڇوڙ واري پاسي تبديليون آنديون، پر شاھ بندر جي تباھيءَ جو سبب بڻيون، ڇو ته درياھ جي جنھن وھڪري تي شاھ
بندر قائم ھو، اھو تبديل ٿي ويو.“(78)
جڏھن ته مسٽر جيمس مئڪمرڊو پنھنجي دلچسپ تحقيقي
ڪتاب ’سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻھو‘ ۾ سنڌ جي سامونڊي
بندرن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”شاھ بندر سنڌؤَ جي
ڦاٽن ۾ گهٽ وڌ پاڻي ھجڻ ڪري ناس ٿي ويو آھي.“(79)
مانوارو محقق ڀيرو مل مھرچند آڏواڻي پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جي ھندن جي تاريخ‘ جي جلد ٻئين ۾ شاھه بندر جي ڦٽڻ جو ذڪر ڪندي لکي
ٿو ته: ”سن 1819ع ۾ ھن پاسي ڌرتي ڌٻي ته شاھ بندر
جو اڳوڻو اوج اُڏامي ويو. ھن وقت شاھ بندر ھڪ
ننڍڙو ڳوٺ آھي ۽ اھڙو نه آھي جو تعلقي مختيارڪار
اُتي پنھنجو ھيڊڪوارٽر ڪري سگهي. ڪجهه وقت شاھ
بندر جي مختيارڪار جي آفيس ’مُٽَڻي‘ ۾ ھئي. سن
1892ع جي آخر ۾ مختيارڪار جو ھيڊ ڪوارٽر ڦيرائي
ڳوٺ لاڏين ۾ ڪيائون.“(80)
سن 1883ع ۾ وڏو سامونڊي طوفان آيو. جنھن علائقي کي
سخت متاثر ڪيو. 5 آڪٽوبر 1898ع تي زلزلو ۽ طوفان
آيو ۽ سامونڊي وير به چڙھي جنھن ڪري نه رڳو، باقي
رھيل شاھ بندر کي نقصان رسيو پر آسپاس ۾ به وڏي
تباھي ٿي. ھتي جون زمينون تباھ ٿيون. اھڙيءَ ريت
ھتي 1902ع ۽ 14 آگسٽ 1903ع ۾ به زلزلن ۽ سامونڊي
ويرن وغيرھ شاھ بندر کي وڌيڪ اُجاڙي ڇڏيو.(81)
ايترين تباھين باوجود شاھ بندر جي آسپاس جون
زمينون 1924ع تائين به چڱي نموني فصل ڏينديون
رھيون. مٿئين سبب کان سواءِ ڊاڪٽر سورلي شاھ بندر
جي نظر انداز ٿيڻ جو ھڪ ٻيو به سبب ڄاڻايو آھي،
جنھن سان محترم بدر ابڙو به سھمت ٿيندي لکي ٿو ته:
”ڪلھوڙن، افغانن ۽ انگريز واپارين جي وچ ۾ واپاري
ٽڪراءُ اڀريو. اصل ۾ ڪلھوڙا، افغانن جا ڏن ڀرو
ھئا. کين افغان سرڪار وٽ ڏن ڀرڻو پوندو ھو. انگريز
پنھنجو اوني ڪپڙو سنڌؤَ جي رستي افغانستان
موڪليندا ھئا. ڪلھوڙا انھيءَ اوني سامان تي ڪسٽم ۾
محصول مڙھيندا ھئا. ڪلھوڙا انگريزن کان اوني ڪپڙو
سستي اگهه تي خريد ڪري، مھانگي اگهه تي افغانين کي
وڪڻندا ھئا ۽ ويندي ويندي چُنگي به وصول ڪندا ھئا،
ان ڪري افغانن جي مرضي ٿي ته اھي انگريزن سان سڌو
واپار ڪن ۽ واپار لاءِ ڪراچي يا مڪران جو ڪو بندر
استعمال ڪن، پوءِ ائين ٿيو ۽ ڪراچي بندر کي اھميت
ملي ۽ شاھ بندر جي اھميت گھٽجي ويئي.“(82) ڪراچيءَ
جي تاريخ جو ليکڪ محترم احسان حليم پنھنجي خوبصورت
ڪتاب ’ڪلاچيءَ جي ڪُن کان ڪراچيءَ تائين‘ ۾ مختلف
حوالن سان ڪراچيءَ جي وڌڻ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”ڪراچيءَ جي ٻئي پاسي شاھ بندر، جيڪو سنڌو نديءَ
جي ڇوڙ وٽ اھم بندر ھوندو ھو، آھستي آھستي لٽجڻ
شروع ٿيو ھو ۽ جنھن ڪري اُتان جا ماڻھو لڏي اچي
ڪراچي ۾ آباد ٿي رھيا ھئا.“(83) مطلب ته شاھ بندر
جي ڦٽڻ جو اهم سبب اھو ھو ته جنھن وھڪري تي شاھ
بندر ھو، سو ھاڻي ريٽجڻ جي ڪري، بند ٿي چڪو ھو.
حقيقت ۾
شروع واري
شاھ بندر جي تباھ ٿيڻ جو سبب 1819ع وارو زلزلوئي
هو، پر شاهه بندر اُن کان پوءِ ٻيھر وري به اڏجي
اُڀريو هو. جنھن شاخ تي شاھ بندر قائم ھو، 1819ع
جي زلزلي ۾ اھا سنڌؤَ جي شاخ آهستي آهستي گهٽجڻ
لڳي، ٻيو سبب ڪراچي بندر جو وڌيڪ زور وٺڻ ھو،
ڇاڪاڻ ته جاگرافيائي لحاظ سان ھاڻي شاھ بندر کان
ڪراچي بندر وڌيڪ ڪارائتو ھو. اڳ ۾ افغانستان،
پنجاب ۽ ھندستان جي علائقن مان فقط سنڌو درياھ
وسيلي واپار ٿيندو ھو، جڏھن ته پوءِ ريل وسيلي
ڪراچيءَ تائين آسانيءَ سان رسائي ٿيڻ لڳي. ان کان
پوءِ به گهڻن سالن
ويندي 1948ع
تائين ھي بندر ۽ شھر قائم
رهيو. جيڪو پوءِ آھستي آھستي خاص ڪري سنڌؤ جو پاڻي گهٽجڻ جي ڪري نيٺ ختم ٿي ويو.
جڏھن ڀيرومل ھن طرف آيو ھو ته ان وقت ھتي ھڪ ننڍو
ڳوٺ موجود ھو ۽ شاھ بندر اُجهاڻو پيو ھو.(84) نيٺ
ويھين صديءَ جي پھرئين اڌ ۾ اھو به ختم ٿي ويو.
شاهه بندر جا آثار
شاھ بندر ۾ ھاڻي ڪابه خاص وسندي نه آھي. آسپاس ۾
اُپلاڻا جتن، سرواڻن ۽ مھاڻن جا ننڍا
ننڍا ڳوٺ آھن. شاھ بندر واري علائقي کي ٽن طرفن
کان مسلسل سمنڊ جو پاڻي وڌندو ۽ شاھ بندر جا آثار
ميساريندو رھيو آھي. فقط ھڪ پاسي کان خشڪي آھي.
سمنڊ جي پاڻيءَ کان جيڪي آثار بچيل آھن، اُھي به
ڪافي علائقي ۾ پکڙيل آھن. (85)
اُجڙي ويل بندر/شھر جي پکڙيل
ھنن آثارن ويجھو ديري وارن پيرن جو قبرستان موجود
آھي ۽ ڪجهه بزرگن جا آستانا ۽ مزارون به موجود
آھن. جن تي مقامي ماڻھو اڃان تائين ڏھاڙا
ملهائيندا اچن. هتي
شمشاد علي قادري عرف
ٻاپو ميان جي درگاهه به آهي، جتي ساليانو ميلو
لڳندو آهي. ميلي وارن ڏهاڙن کان سواءِ به هتي جا
ماڻهو ايندو رهندا آهن. ھتي ھڪ ٻِي اھم جڳهه به موجود آھي، اھا آھي ’وار
مبارڪ‘ جنھن جي زيارت ھر سال عيدالضٰحى جي موقعي تي ڪرائي ويندي آھي. اُنهيءَ موقعي
تي پري پري کان ھزارين ماڻھو اچي زيارت ڪندا آھن.
وار مبارڪ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اھو وار مبارڪ، بزرگ
ميان ابراھيم آندو ھو. ھي بزرگ شاھ عبدالڪريم
بلڙيءَ واري جي مرشد حاجي ابراھيم کاري واري جو
ساٿياري ھو. ابراھيم شاھ واڙيءَ وارو شاھ بندر کان
ڪافي فاصلو سمنڊ اندر ھڪ ٻيٽاريءَ تي آھي. جتي ھر
سال ميلو لڳندو آھي. مختلف علائقن کان ميلي تي
ويندڙ ماڻهو گهڻو ڪري شاھ بندر کان ٻيڙين وسيلي
ويندا آھن. وار مبارڪ جي زيارت مختلف زمانن ۾
مختلف بزرگ ڪرائيندا رھيا آھن.(86) ڪافي سالن کان
وار مبارڪ جي زيارت مشھور بزرگ شخص حاجي الھڏنو
منڌرو صاحب ڪرائيندو ھو، پر پاڻ 8 آڪٽوبر 2002ع ۾
وفات ڪري ويو، تنھن کان پوءِ سيد غلام رسول شاھ
زيارت ڪرائيندو آھي. ھن وقت وار مبارڪ واري جڳهه
کان سواءِ ھڪ مسجد به آھي، جيڪا پھريائين ميٽائي
ميمڻن جوڙائي ھئي، پر پوءِ وري نئين سر تعلقي
شاھ بندر جي مختيارڪار محترم رحمت قريشيءَ جي ڪوشش
سان جڙي. جڏھن ته
هتي هاڻي فقط هڪ سيڌي جو دڪان آهي، جتان ٻيڙائتا ۽ آسپاس جا ماڻهو اچي وکر وٺندا آھن. ھڪ ھوٽل ۽ پان جو دڪان
به آھي.
شاھ بندر جتي ڪنھن زماني ۾ محل ۽ ماڙيون ھئا، ڀانت
ڀانت جا ماڻھو ايندا ويندا رھندا ھئا، ھڪڙا ٻيڙا
پيا ايندا ھئا ته ٻيا پيا ويندا ھئا، جتي بندر ۽
بازاريون ھيون، اُتي ھاڻي ويراني
پئي واڪا ڪري. شايد شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ ھن ھھڙي
ئي ڪنھن منظر لاءِ چيو ھو ته:
نه سي تڙ هوڙا، نه وايون وڻجارن جون.
هِتي
پيل تمام گهڻي ٺڪراٺي ۾
خوبصورت ٺڪر جي ٿانوَن جا ٽڪرا، جن تي مختلف ٻوٽن
۽ ولين جا چٽ چٽيل آھن. چڪ تي جُڙيل اُنھن ٺڪر جي
ٿانوَن مان ڪن تي پکين جا چِٽ چِٽيل آھن. انھيءَ
کان سواءِ شيشي
۽ چينيءَ جا ٽڪرا جام آھن. اُنهيءَ ٺڪراٺي ۾
گهڻي ۾ گهڻا ٽڪرا سارين ڏرڻ جي جنڊيءَ جا آھن.
جنھن مان ھتي چانورن جي گهڻي پيدائش ھئڻ جو پتو
پئي ٿو. ھڪ سالم جنڊي ۽ جنڊ جو ھڪ پڙ به ڏٺو ويو.
ڪجهه سڪا به ڏسڻ ۾ آيا آھن، پر سڪن جي ڳري وڃڻ جي
ڪري، سڪن تي لکت وغيره سمجهه ۾ نه ٿي اچي. البت ھڪ
اھڙو سڪو مليو جنھن جي ھڪ پاسي تي
1196هه اُڪريل آھي، جڏھن ته
ٻيو پاسو ڳري چڪو آھي. ھڪ اھڙو پٿر به پيل آھي،
جنھن تي سن
1276هه اُڪريل آھي. جڏھن ته
پٿر جو ھيٺيون حصو ٽٽي چڪو آھي. ھڪ وڏو پٿر جنھن
جي ڊيگهه اَٺ فوٽ ۽ ٿولهه ۽ ويڪر ٽي ٽي فوٽ آھي،
ان جي ٻن پاسن کان قرآن جون آيتون اُڪريل آھن، سو
اولهه ۽ ڏکڻ طرف واري گپ کان آجو آھي. شاھ بندر جي
آثارن مان ڪيترائي آثار جيڪي سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ اچي
چڪا آھن، اُنھن مان ڪجهه آثار وٿيريڪين ٻيٽارين تي
به ڏسي سگھجن ٿا.
حوالا ۽ حاشيا
1.
A.W Hughes, “Gazetteer of the Province of Sindh”
3rd edition, Indus Publication
Karachi, 1996, P728
2.
Same P 725
3.
Same P 726
4.
ڪڪرالو، سنڌ
جي انهيءَ سامونڊي ڪناري واري پٽيءَ کي چيو ويندو
ھو، جيڪا ھندستان جي رڻ کان شروع ٿي ڪيٽي بندر
واري علائقي تائين ختم ٿيندي ھئي. ھاڻوڪي جاتي،
شاھ بندر ۽ گھوڙاٻاري تعلقن جو وڏو حصو انھيءَ
علائقي ۾ اچي ويندا ھئا. انهيءَ علائقي تي ڄامن ۽
ڪيھرن جي صاحبي ھوندي ھئي.
5.
Pithawala
Maneck B.'Historical Geography of Sind'
Institute of Sindiology Jam Shoro 1978,
P
198
Refs: Hughes
'Gazetteer of the Province of Sind.
6.
چيتن ماڙيوالا
/ايم.ايڇ
پنھور ’قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ‘ سنڌيڪار، عطا
محمد ڀنڀرو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2004ع ص 139
7.
ساڳيو ص 142 ۽ 143
8.
قليچ
بيگ مرزا، ’قديم سنڌ، اُن جا مشھور شھر
۽ ماڻھو‘ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1981ع، ص 264
9.
ساڳيو، ص 264
10.
ساڳيو، ص 265
11.
آڏواڻي ڀيرو
مل مھر چند، ’سنڌ جي ھندن جي تاريخ ‘ جلد ٻيو گلشن پبليڪيشن حيدرآباد 2003ع ص 41
12.
Pithawala Maneck B. 'A physical and economic
history of Sind' Sindhi Adabi Board Jam Shoro.
1976 P
360
13.
ايڇ
ٽي سورلي، ’ڀٽ جو شاھ ‘ سنڌيڪار عطا
محمد ڀنڀرو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1992ع ص 70
14.
ساڳيو
حوالو،
ص 71
15.
ساڳيو حوالو، ص 62 ۽ پڻ ڏسجي،
'History
of Sindh' Compiler, Tiped Book 1892
P 9,10
16.
ساڳيو حوالو، ص 62.
17.
ساڳيو حوالو، ص 69
18.
ڪلھوڙا سنڌ
۾ پيريءَ وسيلي اڳتي وڌيا. سنڌ ۾ ھن خاندان جي
ماتحتي
حڪمراني جو بنياد ميان نصير
محمد 82- 1681ع ڌاري رکيو. تنھن کان پوءِ ميان دين
محمد آيو پر ڪلھوڙا حڪومت جو باقاعدي بنياد دين
محمد کان پوءِ ميان يار محمد رکيو. پوءِ سلسيوار
ميان نور محمد، ميان مرادياب، ميان عطر خان، ميان
غلام شاھ، ميان سرفراز خان، ميان محمود خان (ڪجهه
ڏينھن)، ميان غلام نبي، ميان صادق علي (ڪجهه
ڏينھن) ۽ ميان عبدالنبي خان ، ھن خاندان مان سنڌ
جا حاڪم بڻيا. لڳ ڀڳ ھڪ صدي ھن خاندان حڪومت ڪئي.
19.
ڪلھوڙا دور ۾ سنڌ جا حاڪم پھريائين دھلي، پوءِ
ايران ۽ پوءِ افغانستان جا ڏن ڀرو رھيا. سنڌ جي
حاڪميت حاصل ڪرڻ لاءِ انھن ملڪن جي بادشاھن کان
فرمان ۽ پروانا وٺڻ ضروري ھوندا ھئا.
20.
قانع ٺٽوي مير علي شير، ’تحفـة الڪرام‘ سنڌي ترجمو، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد ڇاپو چوٿون 1994ع، ص 277
21.
ساڳيو حوالو، ص 277
22.
ساڳيو حوالو، ص 277
23.
ساڳيو حوالو، ص 278
24.
ساڳيو حوالو، ص 278
25.
ساڳيو حوالو، ص 279
26.
مھر غلام رسول، ’تاريخ سنڌ ڪلھوڙا دور‘
مترجم ابن حيات پنوھر ۽ شمشيرالحيدري، ثقافت ۽
سياحت کاتو سنڌ، 1996ع ص 975 ۽ 976.
27.
ٽي پوسٽنس، ’سنڌ جيئن مون ڏٺي‘ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو،
سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي1997ع ص 122
28.
A.W Hughes “Gazetter of Province of Sindh” P 767
29.
الانا غلام
علي ڊاڪٽر، ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي
تاريخ‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو 1977ع ص
100 بحواله :
Symth, JW. 'Gazetteer of Province of Sind'
30.
هتي ويجهو ئي ٻيا به ڪيترائي آثار اڃا موجود آهن
شايد اهي انهيءَ ڪوٽ جا آهن جيڪو غلام شاهه ڪلهوڙي
اڏايو هو.
31.
A.W Hughes, P767
32.
Same P 767
33.
Pithawala Manek B,
“Hitorical Geography of Sindh” Institute of
Sindhology Jam Shoro, 1978, p 198
34.
A.W Hughes,
“Gasetteer of Province of Sindh” P738
35.
Same P 728
36.
مھر
غلام رسول، ’تاريخ سنڌ-ڪلھوڙا دور‘ ص 564.
37.
ايڇ
ٽي سورلي، ’ڀٽ جو شاھ‘ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، ص
142
38.
ساڳيو حوالو، ص 145
39.
ساڳيو حوالو، ص 146
40.
ساڳيو
حوالو، ص 146.
41.
مولائي
شيدائي رحيمداد، ’ٽالپورن جي مختصر تاريخ‘ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو 983ع
ص------
42.
جين فئيرلي،
’سنڌو شينھن درياھ‘ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو،
سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1999ع ص 328
43.
ساڳيو ص 328
44.
اليگزينڊر برنس،
’سنڌؤَ جو سفر 1831‘ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1994ع ص
165
45.
مولائي
شيدائي رحيمداد،
’ٽالپورن جي مختصر تاريخ‘ ص 54
46.
چيتن ماڙيوالا/ايم ايڇ پنھور ’قديم سنڌ جي تجارتي
تاريخ‘ ص 140
47.
Crow, Nathan: "Account of country Sindh"
Archeavs
Department Karachi P 24
48.
ايڇ
ٽي سورلي،
’ڀٽ جو شاھ‘ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، 75
49.
ساڳيو حوالو،
ص 145
50.
مهر غلام رسول، ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور‘ ص 564
51.
Pithawala Maneck B.'Historical Geography of
Sind' Institute of Sindiology Jam Shoro 1978, P
198
52.
ايڇ
ٽي سورلي،
’ڀٽ جو شاھ‘ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، ص 76
53.
مھر
غلام رسول،
’تاريخ سنڌ-ڪلھوڙا دور‘ ص 580.
54.
ٽي
پونسٽن،
’سنڌ جيئن مون ڏٺي‘ ص 193
55.
ساڳيو حوالو ص 580
56.
مولائي
شيدائي رحيمداد،
’جنت السنڌ‘ ص 539
57.
مھر
غلام رسول،
’تاريخ سنڌ-ڪلھوڙا دور‘ ص 583 کان ص 585.
58.
ساڳيو حوالو
ص 585.
59.
ساڳيو حوالو ص 586.
60.
ساڳيو حوالو ص 587.
61.
ايڇ
ٽي سورلي،
’ڀٽ جو شاھ‘ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، ص 89
62.
ساڳيو حوالو ص 90
63.
Crow, Nathan: "Account of country Sindh" P 16
64.
مولائي
شيدائي رحيمداد، ’جنت السنڌ‘ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ڇاپو ٽيون 1993ع، ص 538
65.
A.W Hughes 768
66.
ايڇ
ٽي سورلي، ’ڀٽ جو شاھ‘ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، ص
62
67.
ساڳيو حوالو ص
201
68.
“History of
Sindh”, Compiled, tiped book, 1892, p 12
69.
ايڇ
ٽي سورلي، ’ڀٽ جو شاھ‘ سنڌيڪار عطا
محمد ڀنڀرو، ص 201
70.
ائٽڪن اِي ايڇ ’سنڌ گزيٽيئر‘ سنڌي ترجمو: حسين
بادشاھ- روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2006ع ص 351
71.
A.W Hughes P 769
72.
ايڇ ٽي سورلي، ’ڀٽ جو شاھ‘ سنڌيڪار عطا
محمد ڀنڀرو، ص 160
73.
ساڳيو حوالو ص 168
74.
ساڳيو حوالو ص 169
75.
A.W.Hughes, P 769
76.
Same P
770
77.
Pithawala Maneck
B. 'A physical and economic history of Sind'
Sindhi Adabi Board Jam Shoro. 1976 P
48
78.
Pithawala Maneck
B.'Historical Geography of Sind' Institute of
Sindiology Jam Shoro 1978, P
198
79.
جيمس مئڪمرڊو، ’سکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو‘
سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
1998ع ص 31
80.
آڏواڻي ڀيرو مل مھر چند ’سنڌ جي ھندن جي تاريخ‘
ص 39
81.
سن 1758ع ۾ هن علائقي ۾ هڪ زلزلو آيو، جنھن جي
نتيجي ۾ ڪلريءَ وارو وهڪرو جيڪو گهاري ڪريڪ کان
سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، سو سخت متاثر ٿيو. توڙي جو
اهو وهڪرو پوءِ به ٿورو گهڻو وهندو رهيو پر اهي
1826ع ۾ ختم ٿي ويو.
82.
ابڙو بدر، ’سنڌؤَ جو سفر‘ سنڌيڪا
اڪيڊمي ڪراچي 1994ع ص 487
83.
احسان حليم ’ڪلاچيءَ جي ڪُن کان ڪراچيءَ تائين‘
سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 2002ع ص 28
84.
آڏواڻي ڀيرو مل مھر چند، ’سنڌ جي ھندن جي تاريخ‘ ص
42
85.
شاھ بندر جا آثار جن جو ذڪر ڪيل آھي، اُھي مارچ
1988ع ۾
تفصيلي
ڏٺا ويا، انھيءَ کان
پوءِ به مسلسل ڏسندا رھياسين ۽ جڏھن مارچ 1999ع ۾
ڏٺا ويا تڏھن
ناليوارو محقق عالم ۽ استاد
پروفيسر ڊاڪٽر نواز علي شوق به گڏ ھو.
86.
1906ع ۾ سيد الھڏنو
شاھ، 1907ع ۾ ميان محمد ھارون، سن 1916ع کان 1927ع
تائين آخوند عبدالقادر، 1928ع کان 1929ع تائين پير
محمد شاھ، 1930ع کان 1947ع تائين مولانا محمد عمر
ميمڻ، 1947ع کان 1948ع تائين آخوند عبدالله، 1948ع
کان 1949ع تائين ميان محمد ھاشم کٽي، 1949ع ۾
عالمن ۽ بزرگن جي فيصلي موجب سيد احمد شاھ ۽ ساڻس
گڏ مشھور حاجي الھڏني مينڌري صاحب کي وار مبارڪ جي
زيارت سونپي ويئي. جڏھن ته 1998ع ۾ سيد احمد شاھ
جي گذاري وڃڻ بعد غلام رسول شاھ زيارت ڪرائيندو
آھي |