سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جا قديم سامونڊي بندر

 

صفحو:3 


 

Text Box: لاهري بندر



 

البيرونيءَ کان پوءِ ابن بطوطه سن 1333ع ۾ سيوھڻ کان سير سفر ڪندو، ٻيڙيءَ رستي لاھري بندر پھتو ھو، تنھن به هن بندر جو چڱو ذڪر ڪيو آهي. هو لاهري بندر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”هي بنھه گهڻو سھڻو شھر سمنڊ ڪناري تي آهي. هن جي ڀر ۾ سنڌو اچي ڇوڙ ڪري ٿو.“ (20) جين فيئرلي پنھنجي ڪتاب ’سنڌو شينھن درياھ‘ ۾ ابن بطوطه جي سفر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: “ابن بطوطه پنھنجو درياھي سفر، جنھن بندر وٽ پورو ڪيو ھو، تنھن جو نالو لاڙي يا لاھري بندر ھو. جيڪو ھن ماڳ تي سامونڊي ڪناري سان واقع ھو، جتي سنڌو اچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آھي. ھي ڄاتل سڃاتل ماڳ آھي ۽ سنڌؤَ جي موجود ڇوڙ کان ڪجهه اولھه ۾ پرڀرو آھي“.(21) ان مسافريءَ ۾ کيس پنج ڏينھن لڳا ھئا. ابن بطوطه پنھنجي سفرنامي ۾ لاھري بندر جي ٺٺ ٺانگر، مشھوري ۽ اھميت سان گڏ ان هنڌ جي بيهڪ جو ذڪر ڪندي لکيو آھي ته: ”ھي سمنڊ جي ڪپر تي ھڪ سونھن ۽ سک ڀريو شھر آھي. سنڌو انھيءَ جي ڀرسان اچي سمنڊ ۾ پوي ٿو. اتي ھڪ وڏو بندر به آھي، جتي يمن، فارس، عربستان ۽ ايران ۽ ٻين ھنڌن جا ماڻھو واپار سانگي ايندا آھن.“(22) مطلب ته چوڏھين صديءَ جي شروع ۾ جڏھن ابن بطوطه لاهري بندر ڏٺو ھو، تڏھن ھِيءُ ھڪ اھم بندر شمار ٿيندو ھو ۽ سنڌؤَ جي ڇوڙ سان سمنڊ ڪناري تي موجود ھو. اتي بندر سان گڏ هڪ وڏو شھر به اڏجي چڪو هو. جنرل ھيگ لکيو آھي ته: ”ابن بطوطه جي احوالن مان اسان کي پتو پوي ٿو ته انھيءَ زماني ۾ ڇوڙ جي علائقي جو بندر لاھري ھو. جيڪو بگهياڙ جي ئي پڇڙيءَ تي راھو ڦاٽ جي ڪنڌيءَ سان آباد ھو. ھي تمام قديم بندر ديبل جيترو پراڻو ۽ ان جي مقابلي جھڙو ھو.“(23) مطلب ته هي بندر بگهياڙ جي ڇوڙ تي هو ۽ هن احوال موجب اهو ڇوڙ جانڪي کان ڏيڍ ميل اڳيان ڏکڻ طرف ٿيندو.

مشھور سياح ۽ واپاري اليگزينڊر ھيملٽن جيڪو سنڌ ۾ اچڻ وقت پنھنجو جھاز هن بندر تي اچي بيھاري ٺٽي ڏانھن ويو. هي بندر هن سٺي نموني سان ڏٺو وائٺو هو. هو سنڌ جي سفرنامي لکڻ جي شروعات هنن جملن سان ڪري ٿو ته ”سنڌ مغل بادشاهيءَ جي بنهه اولهه ۾ سمنڊ سان لڳندڙ صوبو آهي ۽ لاهري بندر هن جو بندر گاهه آهي، جيڪو سمنڊ کان 5 يا 6 ليگ سنڌؤَ جي هڪ شاخ آهي“.(24) سندس لکت موجب لاھري بندر کان ٺٽي تائين مفاصلو چاليھه ميل آھي. ھن پنھنجي سفرنامي ۾ سنڌ، خاص ڪري ٺٽي جو ذڪر ڏاڍيءَ دلچسپيءَ ۽ وضاحت سان ڪيو آھي. جنھن ۾ ھن لاهري بندر جو فاصلو بنھه چٽن لفظن ۾ ھن طرح لکيو آھي: ”ٺٽو ھن صوبي جو واپاري مرڪز آھي، ۽ ھر لحاظ سان وڏو دولتمند شھر آھي. ڊيگهه ۾ ٽن ميلن تائين ڦھليل آهي ۽ ان جي ويڪرائي ڏيڍ ميل ٿيندي. لاھري بندر کان ھي چاليھن ميلن جي فاصلي تي آھي.“(25) لاھري بندر کان ٺٽي جي رستي ۽ فاصلي جو ذڪر ڪندي ھيملٽن لکي ٿو ته: ”اڃا اسان 16 ميل سفر مس ڪيو ته مخبر اچي خبر ڏني ته اڳيان ويجهو ئي وڏي تعداد ۾ بلوچ ۽ مڪراني ڦورو اسان جي انتظار ۾ آھن.“(26) هو انھن ماڻھن کي منھن ڏئي وري اڳتي وڌيا. ھو لکي ٿو ته: ”اٽڪل چار ميل سفر ڪرڻ بعد ھڪ ڪچي قلعي ۾ پھتاسين. ھي قلعو لاھري بندر ۽ ٺٽي جي وچ ۾ موجود آھي. ھتي قافلن کي رھائڻ جو انتظام ٿيل آھي.“(27) پر افسوس جو هن وقت هيملٽن وارو بيان ڪيل نه اهو قلعو موجود آهي نه ئي ڪي اُن جا آثار بچيا آهن. هاڻي فقط اندازو ئي ڪري سگهجي ٿو.

مٿين لکت موجب 16 ۽ 4 ميل يعني ويھه ميل. اُھو قلعو لاھري بندر کان به ويھن ميلن تي ھو ته ٺٽي کان به ويھه ميل. ’20+20=40‘ ميل. مطلب ته اهو قلعو لاھري بندر ۽ ٺٽي شھر جي پوري وچ تي ھو. ھيملٽن، لاھري بندر کان ٺٽي جو فاصلو چاليھه ميل ڄاڻايو آھي، جيڪو انهيءَ حساب سان درست بيھي ٿو. سيٺ نائومل جنھن پنھنجي ڪتاب’يادگيريون‘ ۾ لاھري بندر جو ھڪ مشھور بندر طور ذڪر ڪيو آھي ۽ ساڳئي ڪتاب جي حاشيي تي لکيل آھي ته: “لاھوري بندر سمنڊ  کان سورنھن ڪلوميٽر اندر سنڌو نديءَ جي ڇوڙ جي کارين جي وچ ۾ ھو، ۽ گهاري ڦاٽ جي رستي تي ڪراچي سان ڳنڍيل ھوندو ھو”.(28) مطلب ته لاھري بندر سنڌوءَ جي ٻي شاخ جي ڪناري تي موجود ھو ۽ هنن بيانن موجب سمنڊ کان اٽڪل سورھن ميلن جي فاصلي تي سامونڊي کارين جي وچ ۾ ھو. مئڪمرڊو جي رپورٽن ۾ به لاهري بندر سنڌوءَ جي اولھائين منھن تي سمنڊ لڳ ڏيکاريو ويو آهي.(29)

ڊبليو ونسٽ 1805ع ۾ سنڌ جو نقشو جوڙيو ھو، جيڪو برطانوي سرڪار جي باقاعدي منظوريءَ کان پوءِ شايع ٿيو ھو. جنهن ۾ ڇوڙ واري هن علائقي کي خاص ڪري لاهري بندر ’لوري بندر‘ نالي سان چٽو ڏيکاريل آهي. (30) تنھن ۾ به لاھري بندر ساڪري شاخ جي پڇاڙيءَ تي ڏيکاريل آھي. انگريز دور ۾ پھريون ڀيرو سنڌ جو نقشو 1898ع ۾ تيار ڪيو ويو. ان نقشي ۾ لاھري بندر جي بيھڪ 37، 27، 24 اوڀر ۾ 29، 37، 49 اُتر تي بيھي ٿي. ورھاڱي کان پوءِ وارن نقشن ۾ لاھري بندر ان ھنڌ کان ٿورو پرڀرو ڏيکاريل آھي.

مشھور جاگرافيدان اليگزينڊر ڪننگهام پنھنجي مشھور ڪتاب ’سنڌ- ھند جي قديم جاگرافي‘ ۾ ديبل بندر جي بيھڪ متعلق آڳاٽن مصنفن ۽ تاريخدانن جي حوالن جي روشنيءَ ۾ اصل ھنڌ جي ڳولا ڪندي بحث ڪيو آھي. توڙي جو اھي حوالا ديبل بندر متعلق آھن، پر انھن حوالن ۾ ٺٽي، ديبل ۽ ٻين ھنڌن کان لاهري بندر جو فاصلو ڏيکاريل آھي، گڏوگڏ کارين ۽ سنڌؤَ  جي انھيءَ وھڪري جي نشاندھي به ٿيل آھي، جتي لاھري بندر موجود ھو. تنھنڪري لاهري بندر جي هنڌ کي چٽو سمجهڻ لاءِ اُھي حوالا ھتي پيش ڪجن ٿا. هو لکي ٿو ته: ”مئڪمرڊو جو بيان آھي ته پوري ريت سُڪي وڃڻ کان گهڻو اڳ گهاري وارو ڦاٽ جھازرانيءَ جوڳو ڪونه رھيو ھو. اھوئي سبب ھو جو ڀنڀور ۽ ديبل 1250ع ڌاران اُجڙي ناس ٿي ويا. ڇاڪاڻ ته سنڌؤَ ان ڦاٽ جو منھن لٽي ڇڏيو ھو. مون پاڻ به کوجنا ڪئي آھي، جنھن مان پتو پيو ته جڏھن جلال الدين خوارزم 1221ع ۾ سنڌ تي ڪاھي آيو ته ديبل موجود ھو، پر 1333ع ڌاران ڦٽي ويو. ان زماني ۾ ابن بطوطه سنڌ ۾ آيو ته لاھري بندر ڏوري اچي ڏٺو ھئائين، جيڪو ديبل جي ڦٽي وڃڻ کان پوءِ اڏيو ويو ھو.“(31) ڪننگهام’مين نگر، منحاباري يا ٺٽو‘ جي سري سان احوال ۾ لکي ٿو ته: ”سڀئي عرب مؤرخ ۽ جاگرافيدان ھن ڳالهه تي متفق آھن ته منحاباري، سنڌؤَ جي اولاھين ڪٺار سان آباد ھو ۽ اتان کان ديبل ٻن ڏينھن جي پنڌ تي ھو. ٺٽي جي جاگرافيائي بيھڪ به اھا ساڳي آھي، ڇاڪاڻ ته سنڌؤَ جي اولاھين ڪنڌيءَ سان ۽ لاڙي بندر کان چاليھن ميلن يا ٻن ڏينھن جي فاصلي تي آباد آھي.“(32) وري به ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي لکي ٿو ته: ”آئون ھيٺ اھا ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ته لاھري بندر ديبل کان تمام ٿوريءَ وٿيءَ تي آباد ھو.“(33) اھڙيءَ ريت نيرون ڪوٽ جي احوال ۾ لکي ٿو ته: ”حيدرآباد جو شھر برھمڻ يا منصوره جي ڦٽل دڙي کان چوھتر ميل پري آھي ۽ لاھري بندر کان سندس فاصلو ساٺيڪو ميل کن ٿيندو.“ (33) پاڻ وري لکي ٿو ته: ”ٻانڀڙا-ڪا-ٺل کان ستيتاليھه ميل ۽ لاڙي بندر کان پنجاسي ميل پري آھي.“(34) هو لکي ٿو ته: ”اسان جا جيڪي به ذريعا آھن، تن سڀني جو بيان آھي ته ديبل، مھراڻ جي اولاھين ڪٺار سان آباد ھو، جيڪو سنڌؤَ جو مکيه وھڪرو ھوندو ھو. ٿي سگهي ٿو ته بگهاڙ ڦاٽ ھجي، جيڪو لاهري بندر کان لنگهي، پنھنجي ڦاٽن جھڙوڪ: پٽي، ڦنڊي، ڪيار ۽ پٽياڻيءَ وسيلي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو.“(35)

ڪننگهام ديبل جي بيھڪ جي کوجنا ڪندي لکي ٿو ته: “انھن احوالن موجب ديبل بگهاڙ جي اولهه پاسي ان ٿاڪ وٽ ھوندو، جتي گهارو يا ساڱرو ڦاٽ اچي بگهاڙ سان سنگم ڪندو ھو. تنھنڪري ديبل جي جاگرافيائي بيھڪ مذڪوره سنگم جي ويجھو لاڙي بندر کان پنج ميل اتر ڀنڀور جي ماڳن کان سترھن ميل ڏکڻ-اولهه ۽ پٽي، پٽياڻي ڦاٽن جي ڇوڙن کان ٽيهه ميل پري ھئي. ڀنڀور جي ھيءَ جاگرافيائي بيھڪ سر ھينري اليٽ جون اھي گھرجون ته پوريون ڪري ٿي ته ديبل ڪراچيءَ ۽ لاڙي بندر جي وچ تي ڪٿي آباد ھو، جتي نڱامرا (Tangamara)  نيات جا ماڻھو رھندا ھئا.“(36)  ائين ڪننگهام جي تحقيق ۾  اسان کي ديبل سان گڏ لاهري بندر جو به چڱو احوال ملي ٿو. هو لکي ٿو ته: ”تيار ٿيل تازن نقشن مان معلوم ٿيندو ته ٺٽي ۽ گهاري جي وچ تي ھن ڦاٽ الھندي پاسي وري ٻي ڇاڙھ ڇڏي آھي، جيڪا اڳين وھڪري مان ويھه ميل پوروڇوٽ تي وھندي ڏکڻ ڏانھن موڙو کائي، لاڙي بندر کان ٿورو ھيٺ مکيه وھڪري سان ملندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مذڪوره ڇاڙھ ڀنڀور کان ٻه يا ٽي ميل پري ڏکڻ وارو پاسو ڏيئي وھندي ھئي. تنھنڪري ھن شھر تائين پٽي (Piti)،  ڦونڊي (Phundi)، ڪيار (kyar) ۽ پٽياڻي (Pinteani)، ڦاٽن وسيلي ھاڪاري پهچي سگهبو ھو.“(37) ”وچون وھڪرو جنھن کي ٽالمي کريفون اوسٽيم سڏي ٿو. سو اڪيلو جھازرانيءَ جي لائق ھوندو ھو. آئون کريفون ڦاٽ کي ڪيار نالي وارو موجود ڦاٽ سمجهان ٿو. اھو ان ماڳ وٽان وھندو نظر ايندو جتي گهاري کان ڏکڻان ايندڙ ڦاٽ اچي مکيه وھڪري سان لاڙي بندر ويجھو ملندو ھو.“(38)

ڪننگهام ھن بحث جي آخر ۾ لکي ٿو ته: مٿئين بحث وسيلي آئون ھن نتيجي تي پھتو آھيان ته گهاري کان اُتران مَٽيندڙ ڦاٽ سنڌؤَ جو اولاھيون وھڪرو ھوندو ھو، ۽ ھن ڦاٽ وسيلي سڪندر ۽ نيرڪس ھاڪاري وڃي سمنڊ تائين نڪتا ھئا. سن 200ع ڌاري ھن وھڪري گهاري کان ڏکڻان پنھنجو پيٽ جوڙي ورتو ھو. جيڪو وڌيڪ ڏکڻ ڏس تي موڙو کائي لاري بندر کان ٿورو ھيٺ سنڌؤَ جي مکيه وھڪري سان ھاڪاري باربريڪي (باربريڪان) پھچندا ھئا ۽ اُتي سامان لاھي ٻيڙين ۾ لڏي مين نگر پھچايو ويندو ھو، جيڪو تنھن زماني ۾ لاري بندر جي راڄڌاني ھو.“(39)

جڏھن ته مانواري ڀيرومل لاھري بندر جي احوال ۾ لکيو آھي ته: ”ننگر ٺٽي جي پريان ھن وقت جيڪو بگهاڙ واھ آھي، سو اڳي سنڌو نديءَ جو ڦاٽ ھو. بگهاڙ واھ شيشا کاريءَ ۾ وڃي پوي ٿو، ھي بندر اُن کاريءَ جي ويجهو ھو“.(40) مانوارو ايم ايڇ پنھور پنھنجي ڪتاب `An Illustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh` ۾ لکي ٿو ته: ”لاڙي بندر ڪلري واهڙ جي ڪَڙ سان هوندو هو. تنھن زماني ۾ ڪلري ئي اصل درياهه هوندو هو.“(41) هو ڪلريءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”1524ع ۾ ڪلري ئي اصل درياءَ هو ۽ شروعات وارا لاهري بندر سڀئي هن تي ٺھيا.“ (42) ٻئي هنڌ هو لکي ٿو ته: ”لاهري بندر پھريان ڪلري ۽ پوءِ بگهاڙ جي ڪپ تي هوندو هو ۽ جيتوڻيڪ ڪيترا ميل پري پري ٻين هنڌن ۽ ٻين مُنھن تي ٺھندو رهيو“(43) اهو ممڪن آهي ته لاهري بندر درياهي ڦيرڦار جي ڪري شروع ۾ پنھنجون جايون مٽايون هجن، پر آخري ڀيرو جيڪو لاهري بندر ڏهين صديءَ ۾ وجود ۾ آيو، تنھن ئي عروج ماڻيو ۽ دنيا جي ڏور ڏيھن تائين مشھور ٿيو. محترم اشتياق انصاريءَ پنھنجي ڪتاب ۾ لاهري بندر جي هنڌ بابت لکي ٿو ته: ”وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته جاڪي بندر وارو موجوده هنڌ ئي لاهري بندر آهي صرف نالي جو فرق آهي.“ (44) هو لکي ٿو ته: ”خاص ڪري ان مقام ڀرسان ونگو ۽ راهڙ کاري چڱي طرح سمجھڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.“(45) هيءَ حقيقت آهي ته هيءُ علائقو ئي لاهري بندر وارو آهي.

منھنجي خيال ۾ اصل لاهري بندر هاڻوڪن بچيل (قلعي جي) آثارن کان ڏکڻ طرف لاڙي/لاهري کاريءَ تي موجود هو، جنھن جو ذڪر اڳي ٿي چڪو آهي. هاڻوڪا آثار بندر جي قلعي ۽ شھر جا آهن، پر قلعي کانسواءِ به گهڻا آثار آسپاس ۾ موجود آهن جن مان ڪجهه سُڪي تي ته ڪي گپ چڪ ۾ آهن ته ڪي پاڻيءَ هيٺ اچي چڪا آهن. هتي جي بيهڪ کي سمجهڻ لاءِ آسپاس ۾ موجود کارين جو مختصر ذڪر به ضروري آهي، جيڪو هن ريت آهي: آثارن جي اُتر ۾ راهڙو کاري آهي، اُن کان اُتران بگهاڙن وارو ۽ ان جي ڀرسان گهارو گهار آهي، جيڪا ڀنڀور کان ڏکڻا ڇيڙو ڪري ٿي. اوڀر طرف تَلي کاري آهي، جنھن جي اوڀرئين ڪناري تي مُلان ڪوٽ/ملي پوٽن جا پٽ ۽ درياهه پير آهي، ڏکڻ طرف لڳو لڳ کُڏي کاري آهي، کُڏيءَ کان ڏکڻ طرف ٻانڊو آهي. اولهه پاسي سنھڙي کڏي، ان کان ڏکڻ ۾ لاياري/لاهياري/لوياري کاري آهي. (جنھن کاري تي اصل بندر هو) هتي ويجهو ٻگھي پٽ ۽ ان کان اولهه ۾ ليٽڻ آهي، جنھن کان پوءِ سمنڊ شروع ٿئي ٿو. جانڪيءَ کان لاياري/ لوياري تائين ٻيڙي ۾ ويندي ويھن منٽن کان اڌ ڪلاڪ لڳي ٿو. جاڪي کان اوڀر ڏکڻ ساڍن چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي لاڙو تڙ/ بندر آهي، اُتي ئي ٻيھي ڀٽ آهي جنھن جي ايراضي اٽڪل 8 کن چورس ميل ٿيندي.

بيـ ھڪ:

لاهري بندر سنڌوءَ جي مشھور ڪلري واري وهڪري بگهياڙ شاخ جي ڇوڙ تي موجود هو. اها شاخ ٺٽي جي ڏکڻ کان بگهياڙ مان نڪري، پير پٺي کان ڦرندي، ساڪري کان ٿيندي، اڳتي سمنڊ ڏانھن ويندي هئي. ان کي ئي نارڪي به چيو ويندو هو. ساڪري کان ٿورو اولھه واري موڙ وٽ سنڌوءَ جي قديم وهڪري ڪلريءَ جي ٻي ڇاڙهه به اچي منجھس پوندي هئي. نارڪي کُڏي کاريءَ کان ڏاکڻو پاسو ڏيئي پئٽياڻيءَ کاريءَ وٽان مڙي لھري لاياري/لاهياري کاريءَ وٽ سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي. سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان ٿورو اڳ اها شاخ پھريائين جتي پئٽياڻي، کاهي ۽ ٻين کارين جي وچ ۾ هوندي هئي، اتي نارڪيءَ جي پوڇڙ جي ڀٽ واري ماڳ تي لاياري/لاهري کاريءَجي ڪناري سان لاهري بندر موجود هو، جنھن هنڌ کي هاڻي تڙ ۽ بندر به سڏيو وڃي ٿو.  لاياري/ لاڙو/تڙ/بندر هاڻوڪي جاکي بندر جي آثارن کان اٽڪل ساڍا ٽي ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهن. آڳاٽو بندر انهيءَ هنڌ تي هو. گهڻن پيڙهين کان هتي رهندڙ سڄاڻ شخص عبدالقادر مُليپوٽي جو چوڻ آهي ته هُن اهو علائقو نه رڳو پاڻيءَ کان آجو ڏٺو، پر اتي ساريال جا ڀلا فصل به ڏٺا.(46) جيڪي بگهياڙ يا نارڪيءَ تي ٿيندا هئا. سندن ٻنيون ٻارا به اُتي لاهري بندر کان پھرين ۽ جاکيءَ جي آثارن کان ڏکڻ طرف چڱي فاصلي تي هئا، جتي هاڻي سمنڊ ڪاهي آيو آهي. انهيءَ بيان مان به چڱو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اصل بندر ڪھڙي هنڌ تي موجود هو. هتي مانواري محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي ڳالهه بنھه درست ۽ چٽي آهي. هن صاحب اهي آثار 1957ع ۾ مختلف هنڌن تي الڳ الڳ ڏٺا هئا. سندس لکڻ/ چوڻ موجب هن لاڙي بندر جا آثار 29 مارچ 1957ع تي ڏٺا هئا ۽ جاڪي بندر جا پٽ ٻئي ڏينھن يعني 30 مارچ 1957ع تي وڃي ڏٺا هئا.(47) اُن کان گهڻو پوءِ اسان پھريون ڀيرو جڏهن اَسي واري ڏهاڪي ۾ اِهي پٽ اچي ڏٺا هئا تڏهن به هي آثار الڳ الڳ هئا.  حقيقت ۾ کُڏي کاري پوءِ ٿي آهي، جيڪا شروع ۾ ته نه هئي، پر گهڻو پوءِ به ننڍي ڪَسيءَ جيڏي هئي، جيڪا ويجهڙ ۾ ويڪري ٿي آهي. جيئن نقشي ۾ ڏيکاريل آهي. 1983ع تائين بندر واري ٻيٽ جي شڪل مستطيل هئي، پر هاڻي اها شڪل گهڻو بدلي آهي. تڏهن (84-1983ع تائين) هِيءُ هاڻوڪي آثارن وارو ٻيٽ اوڀر کان اولهه ۽ اولهه ڏکڻ تائين اٽڪل ڇهه ڪلوميٽر ۽ اُتر کان ڏکڻ طرف لڳ ڀڳ چار ڪلوميٽر ماپ ۾ هو. وقت گذرڻ سان پئٽياڻي به وڌي آهي ۽ کُڏي کاري جيڪا اڳ ۾ ننڍي هئي سا به گهڻو وڌي آهي. انهن کارين جي وڌڻ ڪري، بندر جا گهڻا آثار پاڻيءَ هيٺ اچي چڪا آهن. اَسِي واري ڏهاڪي تائين لاهريءَ جا آثار گهڻي ايراضيءَ ۾ پکڙيل چٽا ڏسي سگهبا هئا.

وڻج واپار:

لاهري بندر تان سڄي دنيا سان وڻج واپار ھلندو ھو. هي بندر، يارھين صدي عيسويءَ جي پھرين ڏهاڪن ۾ جڏهن ابوريحان البيرونيءَ ڏٺو هو، تڏهن به ھڪ وڏو بندر ھو. ان کان پوءِ جڏهن ابن بطوطه اچي هن هنڌ کي ڏٺو هو، تڏهن به هر وقت مصروف رهندڙ هن بندر جي وڏي اوج ۽ هاڪ هئي ۽ هتي يمن، فارس ۽ ٻين ھنڌن جا ماڻھو ايندا ويندا رهندا ھئا. تنھن زماني ۾ منجهائنس اٽڪل سٺ لک دينار ساليانو محصول ڪٺو ٿيندو ھو. سترھين صديءَ ۾ ھندستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هِيءُ ھڪ مکيه لنگهه ھو. ھيءَ به سُڌ پوي ٿي ته جيئن سنڌو ڊيلٽا اوڀر طرف لاڙو ڪيو ته ديبل بندر لٽجي ويو ۽ لاھري بندر انھيءَ جي جاءِ والاري، ۽ علائقي جو وڻج واپار ھن نئين بندر جي ذريعي شروع ٿي ويو. ابن بطوطه لکي ٿو ته: ”هي تمام خوبصورت شھر سمنڊ جي ڪناري تي آهي. ويجهو ئي سنڌو درياهه سمنڊ ۾ ڪري ٿو، هي شھر وڏو بندر گاهه آهي. يمن ۽ فارس جا جھاز ۽ واپاري گهڻا اچن ٿا، ان (واپار) جي ڪري هِيءُ شھر نھايت ئي مالدار آهي ۽ هن جو محصول تمام گهڻو آهي. عطاءُالملڪ مون کي ٻڌايو ته هن جو محصول سٺ لک دينار آهي. ۽ اميرالملڪ کي اُن زماني ۾ اُن مان ويھين پتي ملندي آهي. (48) ابن بطوطه ھن شھر ۽ بندر کي وسندڙ ۽ آباد ڏٺو ھو. سندس بيان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ان دور ۾ واپاري لحاظ کان ھِيءُ هڪ مصروف بندر ھو ۽ تڏھن ھن جي سالياني ڪمائي 60 لک دينار ھئي، جيڪا اُن زماني جي لحاظ سان گهڻي ڪمائي ھئي. مختلف سفرنامن، رپورٽن، تاريخي ڪتابن وغيره مان به معلوم ٿئي ٿو ته نه رڳو لاهري بندر مشھور ۽ وڏو بندرگاهه هو، گڏوگڏ هيءُ هڪ وڏي واپاري شھر جي شڪل پڻ اختيار ڪري چڪو هو. بندر تي هڪ ئي وقت هزارين ٻيڙيون ۽ ڪيترائي وڏا وڏا جھاز لنگر انداز ٿي سگهندا هئا. ابوالفضل (وفات 1602ع) موجب ھتي چار ھزار ٻيڙيون بيھي سگهنديون هيون. جڏھن ته ٻيا سياح ۽ تاريخدان به لکن ٿا ته ھتي جھازن ۽ ٻيڙين جا ھر وقت ھجوم رھن ٿا. مولانا دين محمد وفائي ان دور جي واپار جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”سنڌ جي جهوني کان جهوني تاريخ تي نظر ڪجي ٿي ته ديبل بندر جو واپار ايران، عراق، عرب ۽ هندستان سان سمنڊ رستي سان ڳنڍيو پيو هو.اسلام جي اچڻ کان پوءِ ڪنھن زماني تائين ديبل بندر آباد هو ۽ واپار جي وڏي منڊي هو. انهيءَ کان پوءِ، ان جي ڦٽڻ بعد ساڳئي هنڌ تي مٺي ۽ کاري درياءَ جي ميلاپ وارن هنڌن تي ننڍا ننڍا بندر قائم رهندا آيا، جن ۾ لاهري بندر وڏو هاڪارو بندر ٿي گذريو آهي.“(49)

     ايڇ. ٽي سورلي لکيو آھي ته: ”سنڌو نديءَ جي لڳ لاھري بندر، سنڌ جو اھم بندر ھو. جتي ٻه سؤ ٽَن کان ٽي سؤ ٽن وزني جھاز بيھي سگهندا ھئا، جيڪي ان دور ۾ وڏي ۾ وڏا جھاز ليکبا ھئا ۽ ان سان گڏ تجارتي بندوبست به اعليٰ ۽ اوچو ھو. ڏٺو وڃي ته هن بندر کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي واپارين 1636ع ڌاري ڏاڍو ساراھيو آھي.“(50) ڪيترن ئي احوالن مان ظاهر آهي ته ھن بندر جو ڪنارو سڻائو ھو، جتي ٻه سؤ کان ٽي سؤ ٽنن جا جھاز جيڪي ان وقت ۾ وڏا جھاز ليکبا ھئا، مال لاھڻ ۽ چاڙھڻ لاءِ اچي لنگر ھڻندا ھئا. وڏن واپارين لاءِ اها وڏي سَھنجائي هئي. ھسٽري آف اورنگزيب جو مصنف جادوناٿ سرڪار لکي ٿو ته: سڄي ھندستان ۾ سنڌ جي ٺٽي کانسواءِ ٻيو ڪو به واپاري مرڪز نه ھو. وڏي ۾ وڏو بندر لاري بندر ھو، جيڪو ٺٽي کان ٽن ڏينھن جي مسافريءَ تي ھو. ھنن کي ٺٽي کان لاھور

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org