سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جا قديم سامونڊي بندر

 

صفحو:7 

اورنگا بندر

اورنگا بندر پنهنجي دور ۾ سنڌ ساڻيھه جو مک بندر رهيو آهي. هن بندر جي جاگرافيائي بيھڪ ۽ موجود آثارن ۾ پٿر جي سھڻين اڏاوتن وغيره مان به سندس اهميت ۽ شاهوڪاريءَ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جا سامونڊي بندر ته سموري دنيا جي لاءِ دلچسپيءَ جو وڏو سبب رھيا آھن. بنھه آڳاٽن بندرن کي ڇڏي، ديبل بندر ۽ لاهري بندر کان پوءِ ھن ملڪ جو اورنگا بندر به گھڻي وقت تائين چڱو مشھور رھيو آھي.

بندرگاھ جو ٺـ ھڻ:

    ھِيءُ بندر 1652ع ۾ مغل حاڪم اورنگزيب تڏهن ٺھرايو ھو، جڏهن هو ملتان جو گورنر هو. جادو ناٿ سرڪار پنھنجي شاھڪار ڪتاب`History of Aurangzeb`  جي جلد پھرين ۾ لکيو آھي ته: ”اندروني امن قائم رکڻ سان گڏوگڏ اورنگزيب واپار ۽ آمدنيءَ جي اضافي لاءِ به سوچيو. سترھين صديءَ جي شروع ۾ ٺٽو ھندستان جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز ھو ۽ ھندستان جو گهڻي ۾ گهڻو واپار سنڌو درياھ جي رستي سان ھلندو ھو، پر سنڌو درياھ جو منھن (ڇوڙ) سال به سال ريٽجڻ جي ڪري، سمنڊ ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٻيڙن جو رستو رُڪجي ويو. اھڙي طرح ٺٽي جي واپاري مرڪزيت به ختم ٿي رهي هئي. ان کان پوءِ واپار وڌائڻ لاءِ اورنگزيب صوبي جي سامونڊي واپار جي لاءِ سھولتون ڏيڻ وڌايون. ان لاءِ ھن سنڌؤَ جي ڇوڙ وٽ بندرگاھ تعمير ڪرايو. اُتي ھڪ گودي ٺھرائي، ان کي تحفظ ڏيئي ڪارائتو بڻايو. سامونڊي واپارين کي سُڌ پوڻ ۾ ڪجهه وقت لڳو. ڪجهه مھينن تائينِ اُن بندر تي فقط ھڪڙو ٻيڙو ئي استعمال ٿيندو ھو. جيڪو شھزادي جو پنھنجو ھو. تجارتي ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ ھن بندر تي تجارتي ٽيڪس به معاف ڪيو ويو.“(1) ظاھر آھي ته پنھنجي حيثيت مڃائڻ ۾ اورنگا بندر کي ڪجهه وقت لڳو ھوندو. اھو به چئي سگھجي ٿو ته لاهري بندر واري حيثيت ته اورنگا بندر حاصل نه ڪري سگهيو، تنھن ھوندي به چڱو پورائو ڪندو رھيو. مشھــور بندر، لاهري بندر وارو ھنڌ جڏھن واريءَ سان ريٽجڻ لڳو ۽ اُتي جھازن جي اچڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ لڳـي، تــڏھن سندس اھميت گـهٽجي ويئي ته وري اورنگا بنــدر جــو بنياد پيو، جيڪو اورنگزيب انـھيءَ زماني ۾ جـــوڙايو، جڏھن ھو اڃان گورنريءَ جي عھدي (52- 1648ع) تي ھو.

ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي پنھنجي تحقيقي ڪتاب ’ڀٽ جو شاھ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سترھين صديءَ جي وچ ڌاري، لاھري بندر پنھنجي اھميت وڃائڻ شروع ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ ته اھو درياھ جي لٽ پوڻ جي ڪري لٽجي ويو ھو. اورنگزيب جڏھن 1648ع  کان 1651ع تائين ملتان جو گورنر ھو ته کيس ھن تبديليءَ متعلق خيال ڏياريو ويو. ان جي ڪوشش سان لاھري بندر جي ڀرسان، اورنگا بندر نالي ھڪ ٻيو بندر به تعمير ڪيو ويو ھو.“(2) هتي هيءَ حقيقت چٽي ڪجي ٿي ته ڊاڪٽر سورلي کان اها چُڪ ٿي آهي. حقيقت ۾ اورنگا بندر لاهري بندر جي ڀرسان نه پر گهڻي فاصلي تي هو. البت ساڳئي سامونڊي ڪناري تي ضرور هو. ھڪ ٻئي ھنڌ تي ڊاڪٽر سورلي اھڙو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”سن 1652ع ۾ اورنگزيب جو ملتان جي گورنريءَ جو دور پورو ٿيو، انھن ڏينھن ۾ اورنگزيب کي سنڌو درياھ جي ڇوڙ واري جاءِ تي ٻيڙن تان سامان لاھڻ ۽ چاڙھڻ واري طريقي کي سڌارڻ جو خيال ٿيو. ان ڪري پاڻ ھڪ نئون بندر جوڙايائين. ڇاڪاڻ ته لاھري بندر، لٽ سان ڀرجي وڃڻ جي ڪري ڏکيو ٿي پيو ھو. اورنگزيب جو ھي نئون بندر اورنگا بندر يا ڪڪرالو بندر سڏيو ويو.(3) ان جو 31 مارچ 1652ع واري خط ۾ اتفاق سان ذڪر اچي ويو آھي.“(4) جيڪو ھن ريت آھي: ”سورت وارو ٻيڙو جيڪو ملتان جي شھزادي جي ماڻھن سان سٿيو پيو ھو، جو سندس ڪڪرالي جي بندر ڏانھن وڃڻو ھو، سو زوريءَ اُتي بيھاريو ويو ۽ شاھبندر وارن به ان کي وڃڻ ڪونه ڏنو ۽ ٻيڙي جي مالڪ کي ان بدران، ايران ڏانھن مال کڻي وڃڻ لاءِ چيو ويو.“(5) ايڇ ٽي سورلي جي مٿين احوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته ‌اورنگا بندر 1652ع ۾ تعمير ڪرايو ويو. اورنگزيب جي انھيءَ سال واري عرصي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اھو سال ھن لاءِ ملتان ۾ مصروفيت ۽ مونجهاري وارو عرصو ھو ۽ ھن طرف پڻ حالتون سازگار نه رھيون، تنھن ڪري جيڪڏھن انھيءَ سال ۾ ئي اورنگا بندر جي تعمير ٿيڻ جو ڪم شروع ٿيو ھوندو ته به ان سال جي شروع وارن مھينن ۾ ٿيو ھوندو. اسان جي خيال ۾ اھو بندر اڳئين سال ٺھرايو ھوندائين.

سنڌ ملڪ جي تمام وڏي تاريخدان، مورخ ۽ محقق پير حسام الدين راشديءَ به ’تذڪره اميرخاني‘ ۾ مختصر پر جامع نموني اورنگا بندر جو احوال ڏنو آھي. ھو لکي ٿو ته: ”اورنگا بندر جنھن کي عالمگير(1060-61 ھ) جي مابين سمنڊ مان ٺٽي ڏانھن ھيٺ تي ايندڙ شاخ مٿان ٺھرايوھو ۽ جيڪو غلام شاھ ڪلھوڙي جي زماني تائين آباد ھو.“(6) راشدي صاحب اڳتي لکي ٿو ته: ”اھو بندرگاھ درحقيقت عالمگير اندروني وڳوڙ کي سامونڊي رستي سان منھن ڏيڻ لاءِ آباد ڪيو ھو ۽ ساڳئي وقت اھو خيال ھئس ته تجارتي فائدو پڻ حاصل ڪجي. چناچه سردست نفعي تي سندس مخالفن بادشاھ جا ڪن ڀريا ۽ کانئس بازپرس ٿي. جنھن جو جواب ھن پنھنجي ھڪ خط ۾ ڏنو آھي.“(7) مانواري پير حسام الدين راشدي صاحب ’مڪاتيب عالمگير‘ جي حوالي سان انھيءَ بازپرس جو جواب جنھن خط ۾ ڏنو آھي، سو ’تذڪره امير خاني‘ ۾ ڏنو آھي. خط جو اھو حصو ھيٺ ڏجي ٿو:

”حڪم اشرف صاد شدڪه: آن مريد، حقيقت حال بندري، ڪه در تته احد اث ڪرده، معروض دارد. قبله جھانيان سلامت! حاصل بنادر در دو چيز است. عشور مال تجارت  و نول و ڪرايهء جھازات، ھرگاھ عشور بتصدقِ فرقِ مبارک معاف شده باشد ويڪ منزل جھاز اين مريد، ڪه دربندر سورت بود، امسال از آنجا آورده اند وھنوز سفري نشده. و جھاز باد آورڪ. از سرڪارخالصه شريفه گرفته ، مڪمل نيست ، و راه آمدرفتِ جھازاتِ بنادرِ ديگر، و ترددِ سوگران اطراف باين بندر وانگشت، حاصل حقيقت چگونه ظاھر شود.

آنچه لازمه آبادانيء بنادر نو آباد است از ساختنِ قلعه و تعمير فرضه وغير آن از قرار بعمل آمده، انشاءالله تعاليٰ عنقريت رونق خواھد گرفت، و بمرور ايام تجاھل خواھد آمد.

مطلب اصلي اين مريد از احداثِ بندر آنست ڪ شايد بعض تحف و نوادر قابل پيشڪش بدست افند. الاحاصلِ آن معلوم چه خواھد بود؟“ (8)

مانواري محقق پير حسام الدين راشدي صاحب بندر جي تعمير ٿيڻ بابت هيءَ ڳالهه درست لکي آهي ته: ”عالمگير اھو قنڌار جي ٻيءَ مھم تي رواني ٿيڻ (16 ربيع الاول 1062ھ ) کان اڳ ٺھرايو. کيس 60-1061ھ جا ٻه سال مليا، جن مان ڪنھن به ھڪ سال ۾ اورنگا بندر ٺھيو ھوندو.“ (9)

مانواري تاريخدان ۽ محقق ڊاڪٽر مبارڪ علي صاحب پنھنجي ڪتاب ’سنڌ خاموشي ڪي آواز‘ جي ھڪ مضمون ’لاري بندر‘ ۽ ’اورنگا بندر جي ٺھڻ جو احوال به ڏنو آھي. جنھن ۾ ھو لکي ٿو ته: ”لاري بندر جي اھميت ان وقت ختم ٿيڻ شروع ٿي، جڏھن 1635ع ۾ ھرمز تي انگريزن جو قبضو ٿي ويو. ليڪن سياسي حالتن کان وڌيڪ فطري حالتون ان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيون. سترھين صديءَ کان ان ۾ مٽيءَ جا تھه گڏ ٿيڻ لڳا ۽ اتي جھازن جي اچڻ ۾ڏکيائي ٿيڻ لڳي. انھيءَ سبب جي ڪري شھزادي اورنگزيب جيڪو ملتان جو گورنر ھو، تنھن ھڪ ٻئي بندرگاھ جي تعمير جو حڪم ڏنو، جو اورنگ بندر يا ڪڪرالي جي نالي سان مشھور ٿيو.“ (10) مانواري محقق رحيم داد مولائي شيدائي پنھنجي ڪتاب ’جنت السنڌ‘ ۾ اهو احوال هن ريت لکيو آھي ته: ”لاھري بندر جو منھن شھزادي اورنگزيب جي ملتان واري نائبيءَ جي زماني ۾ واريءَ سان پورجڻ لڳو. تنھنڪري اورنگزيب سن 1652ع ۾ اورنگا آباد نالي نئون بندر تعمير ڪرايو، جو لاھريءَ کان پوءِ ترقي ڪرڻ لڳو پر لاھري بندر بلڪل مٽجي ڪين ويو هو.“ (11)

اسان جي تحقيق موجب انهيءَ ھنڌ تي اڳ ۾ ئي ٻيڙين جو گهاٽ موجود ھو. جنھن کي اورنگزيب وڌيڪ سڌاري، پنھنجو نالو ڏيئي هڪ وڏي بندر طور استعمال ۾ آندو. انھيءَ سڌاري کان پوءِ ھن بندر، اڳتي ھلي تمام گهڻي ترقي ڪئي ۽ ڏيھان ڏيھه مشھور ٿيو. جڏھن ته لاهري بندر به موجود رھندو آيو، پر سندس اھا اھميت نه رھي جيڪا اڳ ۾ ھئي. اُتي پوءِ وڏن ٻيڙن کي وڃڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ لڳي ته ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون اچي لنگرانداز ٿينديون ھيون.

نالو:

اورنگا بندر جنھن کي ڪن تاريخدانن اورنگ بندر، ڪن اورنگ آباد بندر، ڪن اورنگزيب بندر ته گهڻن وري چٽيءَ طرح اورنگا بندر جي نالي سان لکيو آھي. جيڪو سندس اصل نالو آھي. ھن بندر تي اورنگا جو نالو اورنگزيب عالمگير جي نالي سان پيو. ڇاڪاڻ ته ھيءُ بندر اورنگزيب ئي پنھنجي نوابيءَ واري دور ۾ ٺھرايو ھو، تنھن ڪري هن ان تي پنھنجو ئي نالو ڏنو جنھن نالي سان ئي هي بندر مشھور ٿي ويو.

بيـ ھڪ:

تاريخدان اورنگا بندر کي ڪڪرالي ۾ ڄاڻائين ٿا. ڪڪرالي بابت هيءَ وضاحت ڪرڻ به ضروري سمجهون ٿا ته آڳاٽي زماني ۾ ڪڪرالي وارو علائقو شاهه بندر جي ڇڇ کان وٺي ڪڇ واري علائقي تائين پکڙيل هو. گهڻو پوءِ به تعلقي شاهه بندر جي ڇڇ کان جاتي تعلقي جي تپي هاساڻي کان به اڳتي تائين سامونڊي ڪناري سان پکڙيل هو. انهيءَ علائقي جو وڏو ڀاڱو سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ اچي چڪو آهي.

محترم سائين محمد خان مجيدي، محترم حافظ حبيب سنڌي ۽ محترم رسول بخش تميمي صاحب جو چوڻ آهي ته ڪڪرالي ۽ ڇٽڙين وارو علائقو ئي اورنگا بندر وارو هنڌ آهي. سائين محمد خان مجيدي موجب: اورنگا بندر شاھ يقيق جي درگاھ کان ڏکڻ طرف ٻارنھن ميل چوھڙ جمالي شھر کان پندرنھن ميل، لاڏين کان ڏھ ميل ۽ شاھ بندر کان ويھه ميل سمنڊ جي ڪناري، سير پکار سان، سنڌؤَ جي ھڪ وھڪري تي موجود ھو. جتي اڃا به سندس ڪافي آثار موجود آھن.  محترم حافظ حبيب سنڌيءَ جو چوڻ آهي ته ڇٽڙين کان به اڳتي تپي ڇڇ جي ديهه لڌاڻي پٽي ۾ جيڪي آثار آهن، اُنهي علائقي ۾ هڪ جڳھه کي ’اورنگزيب جي ماڙي‘ چيو وڃي ٿو، اهو هنڌ ئي اورنگا بندر وارو آهي.

هتي هيءَ ڳالهه ڪرڻ به ضروري آهي ته ڪڪرالي واري علاقي ۾ ئي ڇٽڙين کان اٽڪل 17 ڪلو ميٽر اوڀر طرف تعلقي جاتي، تپي هاساڻي ديهه اورنگ آباد ۾ سمنڊ ڪناري سان انهيءَ هنڌ جتي گونگڙي وارو وهڪرو ڇوڙ ڪري ٿو، اُتي به ڪيترائي قديم آثار پکڙيل آهن. اهو به چيو وڃي ٿو ته اورنگا بندر ڇڇ کان انهيءَ هنڌ تائين پکڙيل هو. پر ڏٺو وڃي ته ڇٽڙين ۽ هميتون/ اُميتون وارن آثارن ۾ گهڻي وڇوٽي آهي. شاهه بندر تعلقي جي شهر چوڙ جمالي هو، آبپاشي کاتي جو رٽائرڊ ملازم ۽ اديب وزير صنم جو چوڻ آهي ته: ”ديهه اورنگ آباد‘ وارا آثار ئي اورنگا بندر جا ٿي سگهن ٿا.“ آءٌ ڀانئيان ٿو ته اورنگا بندر وارو اصل هنڌ ديهه اورنگ آباد وارو ئي آهي جن آثارن کي هاڻي هميتون جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ڇٽڙين نالي سان سڏجندڙ ماڳ ڪڪرالي جي بندر ۽ ڪيهرن جي راڄڌانيءَ جا آثار آهن. ديهه اورنگ آباد وارا آثار 230614 تي ۽ ڇڇ وارا 230695 ويڪرائي ڦاڪ تي آهن. اهي ٻنهي هنڌن وارا قديم آثار اڄ به گهڻي ڀاڱي موجود آهن.

 


 

 

مانواري حافظ حبيب سنڌيءَ پاران تيار ڪيل نقشو


 

وڻج واپار:

اورنگا بندر جيڪو اورنگزيب پنھنجي گورنريءَ جي آخري سال ۾ تعمير ڪرايو هو سو مغلن جي دور ۾ 1652ع کان وٺي ڪلھوڙن جي شروعاتي دور تائين سنڌ ملڪ جو مشھور ۽ مصروف بندر رھيو. انهيءَ دور ۾ سنڌ ساڻيھه جو واپار گهڻو ڪري ھن بندر تان ئي ٿيڻ لڳو. شوري، نير، چمڙي، ڪپڙي وغيره جي برآمدگي هن بندر رستي ٿيندي هئي ته مختلف شين جي درآمد به ھن بندر وسيلي ٿيندي ھئي. ’جنت السنڌ‘ جو مصنف ھڪ ھنڌ لکي ٿو ته: ”ھتي قلمي شوري جي قيمت في مڻ ڇھه روپيا ھئي. ايسٽ انڊيا ڪمپني 1799ع ۾ ٺٽي، لاھري بندر ۽ اورنگا بندر ۾ قلمي شوري صاف ڪرڻ جا ڪارخانا کوليا ھئا. اورنگزيب قلمي شوري جي روانگيءَ تي بندش وڌي ھئي، سندس چوڻ ھو ته فرنگي اُن مان بارود ٺاھي مسلمانن خلاف استعمال ڪن ٿا. ان بندش کان پوءِ ڪمپنيءَ جا گماشتا سن 1650ع ڌاري بھار مان قلمي شورو خريد ڪرڻ لڳا“.(12) جنھن علائقي ۾ اورنگا بندر ھو، ان علائقي ۾ چوپايو مال گهڻو ھئڻ ڪري، شوري لاءِ ڪارائتو ھو ۽ پڻ اھو علائقو زرعي آباديءَ جي لحاظ سان گهڻو اهم ھئڻ ڪري اناج وغيره تمام گهڻو ٿيندو ھو. ان جو واپار به ھن بندر تي ٿيندو ھو. 1849ع تائين به سنڌؤَ جو وھڪرو ھتان وھندو ھو، جنھن تي تمام گهڻيون زمينون آباد ٿينديون ھيون. محترم سائين محمد خان قيصر خان جتوئي جيڪو محمد خان مجيديءَ جي نالي سان سنڌ جو مشھور عوامي شاعر آھي ۽ کيس  سنڌ ملڪ جو هر ماڻهو ڄاڻي سڃاڻي ۽ پيار ڪري ٿو، سو 1947ع ڌاري ڇٽڙين واري اُجڙيل ڳوٺ جي ويجهو ئي پرائمري استاد رھيو. هن ان وقت انهن آثارن کي اکين سان ڏٺو ھو، جيڪي اڃا چٽا، واضح ۽ گهڻا موجود ھئا. سو پنھنجي ھڪ دلچسپ مضمون ’اورنگا بندر‘ ۾ لکي ٿو ته: ”شاھ بندر کان اڳي سنڌ جو سارو واپار ۽ آمدرفت انھيءَ بندر تي ھلندڙ ھو.“(13) هو لکي  ٿو ته: ”جيئن ته سنڌوندي اڳ شاھ يقيق جي اوڀر طرف وھندڙ ھئي ۽ ڇڇ جھان خان کان وھي، اورنگا بندر وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي ھئي. ڇڇ جھان خان وٽ ڪيترا وڏا ڇڇ آھن. جن تي پوک ٿئي ٿي. جنھن مان ھزارين رپين جو ڳڙ ٺھي ٿو. ھتي تمام وڏيون مڇيون به مرن ٿيون.“ (14) مختلف تاريخي احوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته  مغل دور ۾ لاھري بندر ۽ اورنگا بندر سنڌ جا مکيه بندر ھئا. رحيم داد مولائي شيدائي به پنھنجي ڪتاب ’جنت السنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته ”لاھري ۽ اورنگا آباد سمنڊ تي ٻه مکيه سنڌ جا بندر ھئا.“(15)

ڪيپٽن اليگزينڊر ھيملٽن جيڪو 1699ع ۾ ھن علائقي ۾ آيو ھو. هو ھڪ سامونڊي جهاز جو ڪيپٽن به هو جنھن (سندس چوڻ موجب) 1688ع کان 1723ع تائين سمنڊ ۽ خشڪيءَ رستي سياحت ۽ تجارت ڪئي. ڪيپ آف گُڊ ھوپ کان وٺي جپان جي ٻيٽ تائين، ھر ملڪ جي ڌرتي ڏٺي ۽ ھر ٻيٽ جي ياترا ڪئي. (16) سو سنڌ جي ھن علائقي ۾ به آيو ھو، سندس  لکت مان معلوم ٿئي تو ته اُن زماني ۾ هتي جا ماڻهو درياھن مان واھ کوٽي پنھنجي زمينن تائين آڻي، انھن تي ھُرلا /نار رکي، آباديون ڪندا ھئا. تنھن زماني تائين به ٺٽي ۾ بھترين قسم جو ڪپڙو ٺھندو ھو. جنھن کي ’جامه دار‘ چيو ويندو ھو. ان وقت ٺٽي ۾ اسي ھزار ڪوري ڪپڙو ۽ ريشم ٺاھيندا ھئا. شھر ۾ چار سؤ کان مٿي درسگاھون موجود ھيون. ٺٽي جو ٻين ملڪن سان گڏ چين سان به واپار ھلندو ھو. سيوھڻ، نصرپور، بکر ۽ ٻين ھنڌن تي به ڪپڙو، چمڙو وغيره ٺھندو ھو، جيڪو ٻاھر موڪليو ويندو ھو.(17) توڙي جو هيملٽن لاهري بندر تي اچي لٿو هو ۽ هن ان جوئي ذڪر ڪيو آهي پر هيءَ به حقيقت آھي ته لاهري بندر کان پوءِ اھو سمورو واپار اورنگا بندر تان ئي هلندو ھوندو.

ڪلھوڙن جي دور ۾ به ھي بندر سنڌ ملڪ جو اھم بندر ھو. ’قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ‘ جومصنف براھيءَ جي حوالي سان اورنگا بندر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”براھي اورنگا بندر تي 8 ڊسمبر تي آيو ھو. اُن سفر لاءِ ھن تراکڙي تري واري ٻيڙي ڪتب آندي ھئي، جنھن کي سنڌيءَ ۾ دنگي سڏيو ويندو ھو. ھن اُتان 10 ڊسمبر 1756ع تي سنڌ جي حڪمران ڏانھن خط لکيو ھو، جيڪو تن ڏينھن ۾ نصرپور ۾ رھندو ھو. اھو سندس اچڻ جو اطلاع ھو ۽ کائنس واپار ڪرڻ جي اجازت به طلب ڪئي ھئائين.“(18) مصنف اڳتي لکي ٿو ته: ”10 ڊسمبر 1756ع تي ھن اھو خط مرادياب خان ڏانھن لکيو ھوندو، جيڪو ان زماني ۾ نصرپور ڀرسان مرادآباد شھر ۾ موجود ھو. براھي ٻڌائي ٿو ته 1757ع ۾ سنڌو، ٺٽي کان پنجويھه ميل پري ھلي وئي ھئي. ھو اورنگا بندر کان پنج ڏينھن ھاڪاري 6 جنوري 1757ع تي ٺٽي پھتو. بندر ٺٽي کان ٽيھه ميل پري ھو، پر سنڌؤَ جي وھڪري ۾ نانگ وارا وڪڙ ھئا. تنھنڪري اُھو فاصلو وڌي پنجاھ ميل ٿي ويو ھو.“(19) انھيءَ زماني ۾ سنڌ جو حاڪم مرادياب ڪلھوڙو ھو. جنھن وٽان براھيءَ کي سندس خط جو جواب 23 ڊسمبر 1756ع تي مليو ھو. غلام شاھ ۽ سندس ڀائرن جي ويڙھ واري زماني  ۾ غلام شاھ مختلف علائقن مان ٿيندو، اچي ھي علائقو وسايو ھو. مير علي شير قانع ٺٽوي ’تحفـﺔ الڪرام‘ ۾ لکي ٿو ته: ”محمد عطر خان ۽ احمد يار خان پھرين شڪست کان پوءِ قلات ھليا ويا، جتي محمد نصير خان، ميان غلام شاھ سان اخلاص ھجڻ سبب کين پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيو. آخر ھن (محمد نصير خان) جي بيفرمانيءَ ڪري، مٿس شاھي فوج چڙھائي ڪئي. بادشاھ جي فتحمند ٿيڻ کان پوءِ ھنن (عطر خان ۽ احمد يار خان) ڪئمپ ۾ پھچي، ڪن وسيلن جي ذريعي سنڌ ملڪ جي حڪومت جو پروانو، نئين سر حاصل ڪيو. احمد يار خان، حضور ۾ رھجي پيو ۽ عطر خان، عطائي خان نالي ھڪ امير کي مدد ۾ وٺي سنڌ ڏانھن روانو ٿيو. ھيڏانھن ميان غلام شاھ وقت جي مصلحت خاطر ربيع الثاني سن 1172ھ ۾، ديري ڏانھن روانو ٿي وڃي ڪجي پھتو. اورنگا بندر ٽپي ڪجي تي، ’شاھ ڪره‘(20) نالو رکي (ان کي) رھائشگاھ بڻايائين. شاھ ڪره جي سامھون شاھ بندر نالي ھڪ بندر ٻڌائي، حويليءَ ۾ محفوظ قلعو ٺھرائي، اھل و عيال حريفن جي ٻانھن سميت پنھنجي ناليري فرزند محمد سرفراز خان وٽ ڇڏي، ڀاءُ جي مقابلي لاءِ تيار ٿيو.“(21) ڪجهه ڇڪتاڻ کان پوءِ نيٺ غلام شاهه ۽ سندس ڀائرن ۾ ٺاھ ٿيو. جيڪو ڪجهه وقت قائم رھيو، پر افسوس جو  انھيءَ دور ۾ سنڌ ملڪ کي مختلف ڀاڱن ۾ ورھايو ويو. شاھ ڳڙھه کان نصرپور تائين جنھن ۾ ٺٽو به شامل ھو، ميان غلام شاھ جي ڀاڱي ۾ آيو ۽ باقي سنڌ، سندس ڀائرن عطر خان ۽ احمد يار خان کي ملي. ھي دور غلام شاھ جي حڪومت جو ٻيو دور ھو. ھن دور ۾ ميان غلام شاھ، شاھ ڳڙھ ۾ ويٺو، ته عطر خان نوشھري فيروز کي پنھنجي رھائش بڻايو. جڏھن ته اڳتي ھلي سڄي سنڌ تي غلام شاھ پنھنجي حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سندس پويون دور نه رڳو لاڪس پر سنڌ لاءِ به تمام سٺو ثابت ٿيو.

ڪلھوڙن جي زماني ۾ انگريزن سنڌ ملڪ ۾ اچي، پنھنجون واپاري ڪوٺيون قائم ڪرڻ لاءِ (تمام وڏي چالاڪي سان) ملڪ جي حاڪم غلام شاھ (۽ پوءِ ٻين) کان سندن حق ۾ پروانا جاري ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اهڙا عهدناما ۽ لکپڙهه شاندار ڪتاب ’عهد نامجات و اقرار نامجات و سَند هاي متعلق سنڌ، فارس، ترڪستان، مطبع منشي نول ڪشور لکنو 1869ع ۾ موجود آهن. سنڌ بابت عهدنامن ۽ فرمانن تي مشتمل فائيل سنڌ آرڪائيوز جي رڪارڊ ۾ سُٺي حالت ۾ موجود آهي. سنڌ کي سترهين ۽ ارڙهين صدي، خاص ڪري ڪلهوڙن ۽ انگريزن جي شروعاتي دور کي سمجهڻ لاءِ هنن عهدنامن ۽ فرمانن جو اڀياس ڪرڻ بنهه ضروري آهي. انھن پروانن مان ڪجهه پروانا، مشھور محقق غلام رسول مھر صاحب پنھنجي لکيل تاريخ جي ڪتاب ’تاريخ سنڌ- ڪلھوڙا دور ۾‘ ڏنا آھن. ڇاڪاڻ ته انھن اھم خطن/پروانن ۾ اورنگا بندر جو به ذڪر آھي، تنھن ڪري مطالعي ۽ پرک لاءِ ھتي اھي خط پيش ڪجن ٿا، جن مان اورنگا بندر جو تاريخي ۽ واپاري اهميت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

1

پروانو، غلام شاهه ڪلهوڙو، 22 سيپٽمبر 1758ع ھٿ اکر لکيل دستخط قاضي محمد يحيٰ

جملي فوجين ۽ ملڪي آفيسرن، فقراء، آبادگارن ۽ دورات، لاھري بندر، اورنگا بندر، ڪراچي، ڌاراجا، چوترا، ماسوتڪ، نحاس، برٻنڊي، غله بازار، اگر، گزر راجا گنٿ، جوھي بار، سرڪار چاچڪان، ڪڪرالو، نصرپور، ھالا ڪنڊي، سرڪارسيوستان، خدا آباد، سرڪار نوشھرو وغيره سڀني سرڪار جي عملداريءَ ھيٺ آيل بستين جي رھاڪن تي واضح ھجي ته سمپٽن صاحب، انگريز ڪمپني جي سرڪاري گماشتي، اسان کي اڄ ھن ڳالهه بنسبت اطلاع ڏنو ته جملي انھيءَ سامان تي جيڪو صاحب موصوف سرڪاري ڪمپني واسطي ٿئي ٿو ته سندس ڪپڙن جون پيتيون به ھرگز نه کولائجن، ۽ نه ڪي سندس اچ وڃ ۾ ڪنھن به قسم جي دست اندازي ٿئي، ڇو ته ائين ڪرڻ قاعدي جي خلاف آھي. ازان سواءِ مٿس ڪوبه نئون محصول نه لڳايو وڃي، ۽ نه ئي ڪنھن قسم جي تڪليف کيس يا سندس ماڻھن کي رسي. کيس اختيار آھي ته ھو ڪابه اناج جي جنس ۽ ڪا به انگريزي جنس ڪھڙي به اگهه تي وڪڻي. گيھه ۽ تيل وغيره جي دٻن ۽ پڻ ٻين جنسن جي پيتين ۽ ٿانون وغيره تي انھن جي وزن موجب محصول لڳايو ويندو، ۽ وري ٻيھر انھن جي تور نه ٿيندي. عاج تي محصول وڪري جي قيمت موجب ٿيندو. جيڪڏھن سمپٽن صاحب اورنگا بندر خواھ ٺٽي ۾ ڪا جڳهه خريد ڪري يا ٺھرائي، ته اھڙيءَ صورت ۾ اسان جي زيردستن کي گھرجي ته جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي، ھو سندس مدد ڪن، ته جئين انھيءَ عمارت تي وڌيڪ خرچ نه لڳي. مطلب ته ھر طرح جي دلجوئي ۽ دلاسو صاحب موصوف کي سندس تجارتي ڪاروبار ۾ ملڻ کپي، جنھن ۾ سرڪار جي بھبودي آھي، مگر ڪنھن ٻئي انگريز کي جاءِ وغيره ڏيڻ نه گهرجي. جيئن ته انگريزن کي خوش رکڻ ۽ انھن جي دلجوئي ڪرڻ ھر طرح مناسب آھي، انڪري ھن حڪم جي پوئواري، ھر سال نئين حڪم جاري ٿيڻ جي انتظار کان سواءِ، چڱي طرح ٿيندي رھي.

(پروانو، غلام شاھ واليء سنڌ ڪمپني سرڪار، بمقام سنڌ تاريخ 22، سپٽمبر، 1758ء. (22)

 

2

شرح محصول وغيره

...

جملي فقيرن، يعني جملي شاھي قوم جي ھارين، اپر سنڌ جي رھاڪن، ديري وارن، متصدين جيڪي ھنيئر جومگيون ۾ موجود آھن، توڙي آئيندي اچن، سرڪار جي ھٿ ھيٺ توڙي ٺيڪي وارا، ٺٽي، لاھري بندر، اورنگا بندر، ڪراچي، ڌاراجا، چوتره، مسوٽي، نخلس، برٻندي، اناج بازار، خواھ اناج جي محصول جا ھنڌ، يعني اگر، گزر راجا گنت، جوھي بار، سرڪار چاچڪان، ڪڪرالو، سرڪار نصرپور، ھالا ڪنڊي، سرڪار سيوستان، خدا آباد، روھڙي ۽ ٻين سڀني اسان جي سلطنت ھيٺ آيل علائقن کي معلوم ھجي ته صاحب دولت، صاحب صداقت، صاحب ايمان، مشفق مھربان، سمپٽن صاحب، ڪمپني سرڪار جي ڪارندي، ھيءَ درخواست ڪئي آھي ته بمبئي ۽ ھندستان جي سرڪار موصوف کان سڀني واپار جي شين، ايندڙ ويندڙ، خريد توڙي فروخت تي، انھيءَ ھنڌ جي اصل قيمت موجب، ڏيڍ روپئي محصول ورتو وڃي، سو اسان منظور ڪيو. ازان سواءِ، ان بابت ھيءَ ھدايت ٿا ڪريون ته گماشتي موصوف کي جملي شين تي، جيڪي ھو ھِتان ھُتان آڻي، خدا آباد ، روھڙي ۽ ملتان وغيره ڏانھن روانو ڪري ٿو، ھڪ پٽو يعني اجازت نامو ملڻ کپي، ۽ جيڪو سامان ھو اتي خريد ڪري، ان تي به مٿي ڄاڻايل محصول کان وڌيڪ نه ورتو وڃي. پٽي ۾ درج ڪيل جنسن تي ”لوو سمه“، يعني رستي جي محصول تي جنسون، جھڙوڪ راھداري، دبره داري، منڪٽ ((Munket، نٽ (Nut)، فرھت (Furhut)، ننگا (Nunguna)، دسراھي دوانه (Duana)  ۽ موتا (Mouta)، جيڪي خدا آباد، ڪرڪا واري ۽ دولي ۾ ٿين ٿيون ۽ ٻين جھڙوڪ نوسيم، ڪالسي، دوانه پيشڪاري، جواب خانه وغيره، تي انھيءَ اگهه جو اڌ ورتو وڃي، جو ملتان جا واپاري ڏين ٿا ۽ واضح ھجي ته ھن ڳالهه جو پوري ريت احتياط ڪرڻ گھرجي. جنھن ھنڌ ملتان جي سوداگرن لاءِ ڪوبه اگهه مقرر نه ھجي، ته اھڙي صورت ۾، جيڪي ٻين وڏن وڏن واپارين کان ورتو وڃي ٿو، تنھن جو اڌ وٺڻ گهرجي ۽ ڪنھن به طرح ان کان وڌيڪ طلب نه ڪيو وڃي. جيڪڏھن ڪارندو موصوف ڪا به اھڙي جنس، جيڪا ھو اڳي نه کڻي آيو ھجي ۽ نه وٺي ويو ھجي ۽ جنھن جي لاءِ ڪو به اگهه به مقرر ٿيل نه ھجي، مثلاً ھنڱ يا نير وغيره. تاني کان کڻي اچي يا کڻي وڃي، ته اھڙيءَ صورت ۾ ’دوانه‘ وغيره محصول اڳاڙيندڙ کي مٿينءَ شرح موجب محصول وٺڻ کپي.  جيڪڏھن گماشتو موصوف اسان جي عملداريءَ اندر ڪنھن به ھنڌ شورو بنائي، يا ڪنھن ٻئي کان خريد ڪري ته اھڙيءَ صورت ۾ خريداري واري ھنڌ جي اصل قيمت تي ڏيڍ رپيو سيڪڙو محصول وٺڻ گھرجي. اسان جا متصدي ۽ محصول اڳاڙيندڙ، ديري دار، رواور، گذربان وغيره. جملي ملازم "مصري" توڙي اسان جي عملداريءَ ۾ ڪنھن به ھنڌ، ٻيڙين مريسر يا چٽ وغيره جي محصول توڙي معمولي محصول جي وصوليءَ جا مجاز نه آھن ۽ ان باري ۾ کيس ڪا به روڪ نه ڪئي وڃي. بھرحال گماشتي موصوف کي اختيار آھي ته ھو پنھنجي تجارت ۽ ڪاروبار، بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي، مرضيءَ مطابق ڪري. مٿي ڄاڻايل شيون صاحب موصوف کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه کڻي وڃي. جيڪو سامان نه وڪجڻ جي حالت ۾ صاحب موصوف واپس کڻي وڃي ته ان لاءِ ڪنھن به قسم جي روڪ نه ڪئي وڃي ۽ نه کانئس ان جو محصول طلب ڪيو وڃي. جيڪڏھن صاحب موصوف جو جھاز  اسان جي ڪنھن بندرگاھ تي پھچي ۽ ھو پنھنجي ساٿين جي ضرورت لاءِ ڍڳو، ڳئون، رڍون يا ٻڪريون وغيره، ٺٽي يا ڪنھن ٻئي ھنڌان خريد ڪري، جھاز تي کڻائي وڃي، ته ان تي کانئس محصول طلب نه ڪرڻ کپي، نڪي سندس باغ تي محصول ورتو وڃي، جيڪو ھن جي آرام لاءِ آھي، ۽ سندس باغبانن کي به ڪنھن قسم جي تڪليف نه ڏني وڃي.

اوھان کي سُڌ ھجي ته اسان کيس انھن مڙني ڳالھين کان آزاد ڪيو. سندس پھرڻ جي ڪپڙن جون پيتيون وغيره جيڪي ھو پاڻ سان کڻي وڃي، انھن کي ڪنھن به حالت ۾ کولايو نه ‌وڃي، ۽ نه وري ڪنھن به طرح انھن جي چڪاس ڪرڻ جي دعوا ڪئي وڃي. موري ۽ مصري وغيره تي جيڪي ھو کڻي وڃي، محصول طلب نه ڪيو وڃي، ۽ سندس ملازمن توڙي سندس ھٿ ھيٺ رھندڙ ماڻھن کان به ڪنھن به قسم جو محصول طلب نه ڪيو وڃي، نڪي اسان جي حڪم سان اڳاڙجڻ واري ڪنھن محصول ۾، يا نئين دستور موجب آئيندي جيڪو محصول اڳاڙيو وڃي، ان ۾ کين ڪا تڪليف پھچي. چانورن تي جيڪي، ٺٽي يا نيگانه ۾ وڪجن ٿا، نرگانه يا محصول نه ورتو وڃي، ۽ نه ڪپھه تي، جيڪو ھتان ھتان آندو وڃي ٿو، ڪو محصول طلب ڪيو وڃي. تيل يا گيهه لاءِ، دٻي تي مقرر ڪيل حساب مطابق، دستوري طرح حساب ڪري، محصول ورتو وڃي. دٻو وڏو ھجي توڙي ننڍو، في دٻو اٺ مڻ جي تور قائم ٿيڻ کپي. ”لووشنه“ يعني ھاٿيءَ جي ڏندن تي خريدي قيمت تي نو سيڪڙو محصول ورتو وڃي ۽ ان کان وڌيڪ نه

اورنگا بندر


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org