انتساب
سنڌ ساڻيھه جي انهن ميدن/مي/ملاحن جي نالي جن
هزارين سال اڳ پنھنجي سگهارن ٻيڙن وسيلي سمنڊ
جهاڳي، کنڊ کيڙي دنيا جي ڪُنڊ ڪُڙڇ تائين پھچي،
سنڌوسڀيتا جا مختلف وَڙ ۽ وَکر پھچائي، سڄي جڳ ۾
سنڌ جو نالو روشن ڪيو
۽
انهن مهاڻن جي نالي جن انگريزن جي شروعاتي دؤر ۾
جڏهن سمجهيو ته سندن سوچن ۾ مدائي آهي، تڏهن هنن
پنھنجون ٻيڙيون، انگريزن کي ڀاڙي تي ڏيڻ يا سندن
سامان کڻڻ کان (1839ع- ٺٽي ۾) انڪار ڪري، ساڻيھه
جي ساک رکي.
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
هن ڪتاب ”سنڌ جا قديم سامونڊي بندر“ ۾ سنڌ جي
انهن تاريخي ۽ قديم بندرن جو نهايت تفصيل سان ذڪر
ڪيل آهي، جيڪي سنڌ جي شاندار ماضيءَ جا عڪاس آهن.
هن ڪتاب جي ليکڪ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي صاحب
انتهائي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان انهن تاريخي اهميت جي
حامل بندرن جو پاڻ ذاتي طور مشاهدو ۽ تحقيق ڪري،
هي جامع ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ لاهري بندر، اورنگا
بندر، شاهه بندر ۽ ڪيٽي بندر اچي وڃن ٿا، جن جا
هاڻي باقي ڪجهه آثار ئي وڃي بچيا آهن. شايد اڳتي
هلي اهي نشان يا آثار به پنهنجو وجود برقرار رکي
نه سگهن، ته اِن ڏس ۾ هيءُ ڪتاب هڪ مڪمل تاريخي ۽
تحقيقي نقطئه نظر کان موجوده توڙي ايندڙ وقت ۾
يقيناً سنڌ ۽ دنيا لاءِ هڪ مشعلِ راهه ثابت ٿيندو
۽ سنڌ جي تاريخي، جغرافيائي، ثقافتي، سماجي ۽
معاشي توڙي سياسي حيثيت کي سمجهڻ ۾ ڀرپور مدد
ملندي. جنهن سان ايندڙ دور جي تحقيقدانن ۽ اسڪالرن
لاءِ سنڌ جي اوائلي بندرن جي ريسرچ ۽ وڏن منصوبن
ٺاهڻ ۾ هيءُ تحقيق ڪارگر ثابت ٿيندي. ان کان علاوه
سنڌ جي هاڪاري عالم ۽ اسڪالر جناب ڊاڪٽر نواز علي
شوق صاحب، هن ڪتاب بابت ٻه اکر لکي ڪتاب جي اهميت
کي وڌيڪ اُجاگر ڪيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي
ته، سنڌ جي تاريخ ۽ تحقيق
جي حوالي سان اهم ماخذ شايع
ڪرائي منظرعام تي آڻجن. موجوده وقت ۾ بورڊ جي
مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان
ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن.
سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ طرفان
نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي
آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر
صاحبان جي مشاورت سان، بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي
ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا ويا آهن.
ان کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾ رکيل
مختلف موضوعن جي قلمي مخطوطن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾
موجود اڻڇپيل مسودن جي اشاعت لاءِ هر ممڪن ڪوشش
ٿي
رهي آهي.
هن
ڪتاب ”سنڌ
جا قديم سامونڊي بندر“
جو
بورڊ طرفان
پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري ۽ هردلعزيز
چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي
نگراني ۽ رهنمائي ۾ شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهي
آهيان.
توقع آهي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش سنڌ جي
تاريخ سان دلچسپي رکندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.
12- شوال المڪرم 1444هه
گلبدن جاويد مرزا
3- مئي 2023ع
سيڪريٽري
ڪتاب بابت
سنڌو درياهه، سندس وهڪرا، پتڻ، ٻيڙيون، سِڙهه،
سُکان، پاتڻي، ناکئا، ٻيڙين تي ايندڙ ويندڙ ۽
گهيڙا منھنجي گهڻي دلچسپي رهيا آهن. انهيءَ
دلچسپيءَ جو وڏو سبب شايد سنڌوءَ ڪنڌيءَ جي
وارياسين ڀِٽن ڀر منھنجو ڄمڻ ۽ نپجڻ رهيو آهي. وري
جو 22 نومبر 1982ع تي پرائمري استاد جي حيثيت سان
ٺٽي ضلعي جي گهوڙا ٻاري تعلقي جي به ڇيڙهي ۾
سنڌوءَ جي ’اوچتو‘ وهڪري جي ڏاکڻي ڪنڌيءَ تي قديم
ڳوٺ لُڊاڻي جي پرائمري اسڪول ۾ مقرري ٿي ته ڇوڙ
وارو علائقو به ويجهوئي ٿي پيو. پرائمري اسڪول
لُڊاڻي جي ڀر ۾ ضلعي ڪائونسل جي ننڍي اسپتال جنھن
۾ مقرر ٿيل ڊاڪٽر (ڊسپينسر) اسلم کٽي جيڪو کاري
ڇاڻ جو ويٺل هو، ساڻس تڪڙو ئي ويجهڙائي هئڻ ڪري
کاري ڇاڻ ۽ انهن پٽن تي وڃڻ ٿيندو ئي رهندو هو.
تڏهن کارو نه پر سنڌوءَ جو لُڙاٽيل مٺو پاڻي پار
ڪري کاري ڇاڻ شھر رسبو هو. تڏهن کاري ڇاڻ ۽ اُن جي
آسپاس سُڃ نه پر ساوڪ ئي ساوڪ هئي، ڀَليون ٻنيون
ٻھڪندڙ هيون، سارين جي ڪيترين ئي قسمن سان گڏ ٻيا
به ڪيترائي فصل ۽ باغ موجود هئا. جتي انب، ڄمون ۽
ٻين وڻن جي ٿڌي ڇانوَ ۾ ويهي واس وٺبا هئا. اُتي
هاڻي ڪي سُڪل ٿُڙ به نه رهيا آهن، جتي قسمين قسمين
تازا ميوا کائڻ لاءِ موجود هوندا هئا، اتي هاڻي
رڳو هوائن تي واري اُڏامي اکين ۾ پئي ٿي، اُتي
هاڻي سَھا ۽ تِتر ته بنهه رهيا ئي نه آهن، پر اُتي
هاڻي رڳو نانگ ۽ ٻيون بلائون وڃي رهيون آهن. اُتي
هاڻي اُهي حالتون ۽ حقيقتون ته نه رهيون آهن، پر
اَسي واري ڏهاڪي تائين جون ڳالهيون به نه رهيون،
اُن وقت جون سارون ساريندي ۽ ٻڌائيندي هتي جا
ماڻهو روئڻ جهلي به جهلي نه سگهندا آهن.
مون 1982ع کان ڇوڙ وارن ڀِٽن ۽ اُتي موجود آثارن
کي جانچڻ شروع ڪيو. ڪجهه وقت وٿي اچڻ کان پوءِ وري
1993ع کان هنن ڀِٽن تي اچي رهي جانچڻ، هتي جا فوٽو
ڪڍڻ ۽ ٿورو گهڻو لکڻ لڳس. جنھن مان ڪجهه مواد
مختلف هنڌن تي ڇپجندو به رهيو. ائين 1998ع ۾ محترم
سائين ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب جي صلاح سان ڪتاب
فوٽن ۽ نقشن سميت هڪ اداري جي حوالي ڪيو. اداري
پاران تڪڙو ئي ڇپائيءَ لاءِ منظور لسٽ ۾ ڪتاب جو
نالو ڏسڻ ۾ به آيو، پر ڪتاب ڇپجي نه سگهيو ۽ پوءِ
گهڻي گهرڻ باوجود به مواد موٽي نه مليو. وري به
چڱو جو پراڻين بندين ۽ ڊائرين تي اهو مواد ورتل
هو، سي موجود هيون. مون وري انهن کي نئين سر لکڻ
شروع ڪيو، 2010ع ۾ جڏهن مون کي لياقت ميموريل
لائبريريءَ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو ته انهيءَ
عرصي ۾ مون وري به وڏي محنت ڪري، مواد مڪمل ڪري
ورتو. جڏهن ڪمپوز ٿيل مواد جا پروف پنھنجي ليپ ٽاپ
تي ڏسي ۽ ڪجهه واڌارا ڪري، آخري شڪل ڏيئي رهيو هئس
ته تڏهن هڪ رات لائبريريءَ ۾ موجود لکين روپين جا
ڪمپيوٽر ۽ ٻيون قيمتي شيون موجود هوندي، وڏي اٽڪل
۽ حرفت سان منھنجو اهو ٿيلهو جنھن ۾ منھنجو ليپ
ٽاپ، ڪئميرا، سوين فوٽو، پنا وغيره پيل هئا سو
چوري ٿي ويو. ٻئي ڏينهن تي انهيءَ واقعي جي
ڪراچيءَ جي نيو ٽائون ٿاڻي تي رپورٽ به داخل ڪرائي
ويئي، پر معمول موجب وريو سريو ڪجهه به نه. ڪجهه
وقت جي وٿيءَ کان پوءِ مون وري به ڪم ڪرڻ شروع
ڪيو، جيڪو نيٺ چڱي شڪل ۾ پورو ٿيو.
هتي هيءَ ڳالهه ڪرڻ به ضروري آهي ته اَسي ۽ نوي
وارن ڏهاڪن تائين مختلف آڳاٽن بندرن ۽ ماڳن جا
جيڪي گهڻا آثار موجود هئا، انهن مان هاڻي باقي ڪي
وڃي بچيا آهن. لاهري بندر جا گهڻا آثار سمنڊ جي
پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. اورنگا بندر جا آثار وري
1999ع واري وڏي سامونڊي وير چڙهڻ ڪري لڙهي ويا، ۽
هاڻي باقي ڪي وڃي بچيا آهن. حالتون ايڏيون بدليون
آهن جو اُتي هڪ علائقي اُميتون جي ڀر ۾ موجود
مهاڻن جو سڄي جو سڄو ڳوٺ (جنهن جي جهوني سان هن
ماڳ بابت ڪيتريون ئي ڪچهريون ڪيون). 1999ع واري
سامونڊي لھرن ۾ لُڙهي ختم ٿي ويو. گهر ته ٺهيو پر
منجهانئن هڪ فرد به زنده بچي نه سگهيو. ائين ئي
باقي به هِي سڄو سامونڊي علائقو برباد ٿي بنھه
ڏکوئيندڙ ڏيک بڻجي پيو آهي.
هيءَ حقيقت آهي ته هن موضوع تي گهڻي ڪم ڪرڻ جي
گهرج آهي، هن سلسلي ۾ مختلف هنڌن تي ڪيتروئي مواد
وکريل آهي، ان کي به گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي، منھنجو
هيءُ ڪتاب رڳو هڪ شروعاتي ڪوشش آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي مانواري چيئرمين سائين مخدوم
سعيدالزمان ’عاطف‘، سندس سموري سٿ، اداري جي
سيڪريٽري ۽ خاص ڪري پبليڪيشن ڪميٽيءَ جون
مهربانيون جن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي منظوري ڏني. بورڊ
جي ميمبر محترم ڊاڪٽر اسد جمال پلي ۽ محترم دبير
بيگ مرزا جو خلوص ۽ تعاون به رهيو. آئون مانواري
استاد سائين ڊاڪٽر نواز علي ’شوق‘ صاحب جو به
ٿورائتو آهيان جنھن هن ڪتاب بابت لکيو آهي.
ٻه اکر
ڊاڪٽر محمد علي ’مانجهي‘ منهنجو پيارو دوست آهي،
سچو ۽کرو انسان، سندس طبيعت ۾ نهٺائي ۽ نماڻائي
گهڻي آهي. وڏن عهدن تي فائز رهيو، تڏهن به منجهس
ڪو غرور نه آيو. سندس مزاج ۾ اهائي سادگي، سچائي ۽
سٻاجهائي رهي آهي.
پاڻ اصل تاريخي شهر جهرڪ جي ويجهو هڪ ڳوٺ ’دبيار‘
جو رهواسي آهي، هاڻي وڏي عرصي کان تاريخي ماڳ
مڪليءَ تي رهي ٿو. ڪافي عرصو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
مڪلي ۾ استاد ۽ ڪي سال پرنسپال به رهيو آهي. ٺٽي
۽ ڪينجهر ڪناري ڪيترائي يادگار علمي ۽ ادبي
پروگرام ڪرايائين. ڊاڪٽر مانجهي صاحب کي سنڌ جي
تهذيب ۽ قديم آثارن سان عشق آهي، پاڻ گهڻي وقت کان
سنڌ جي قديم آثارن، ماڳن مڪانن ۽ تاريخي شخصيتن تي
تحقيق ڪندو رهيو آهي. ڊاڪٽر مانجهيءَ گهڻو ڪري،
اهڙن قديم آثارن ۽ موضوعن تي لکيو آهي، جن تي اڳ ۾
يا ته لکيو ئي نه ويو آهي، جي لکيو ويو آهي ته به
گهٽ لکيو ويو آهي.
ڊاڪٽر مانجهي صاحب کي شاعريءَ سان به دلچسپي رهي
آهي، هي هڪ سٺو شاعر آهي، سندس ڪلام جا ٻه مجموعا
ڇپجي چڪا آهن. پهرئين مجموعي ’مڪلي ۽ مانجهي‘ جو
مهاڳ امداد حسينيءَ ۽ ٻئي مجموعي ’جهڙي سج ڪڪور‘
جو مهاڳ محمد ابراهيم جوئي صاحب لکيو آهي. اڳتي
هلي نثر ۾ به سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيا آهن. منهنجي
نگرانيءَ ۾ ’شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا
شاعر‘ تي پي.ايڇ ڊي ڪيائين.
هڪ ڀيري ٺٽي جي دوستن مانجهي صاحب سان هڪ شام
ملهائڻ جو پروگرام رٿيو. ٺٽي جي پريس ڪلب ۾ اهو
جلسو ٿيو. اتي هڪ مقرر چيو ته ”مانجهي صاحب هڪ سٺو
شاعر آهي، شوق صاحب اهو ظلم ڪيو آهي جو کانئس
شاعري ڇڏرائي آهي. اڄڪلهه هي شاعري ڇڏي، فضول
پراڻن قبرستانن ۽ سامونڊي ڪناري جي ويرانين ۾
رلندو رهي ٿو.“ تڏهن آخر ۾ مون پنهنجي تقرير ۾ چيو
ته: ”مون ڪو ظلم نه ڪيو آهي، مان سمجهان ٿو ته
مانجهي صاحب جي انهيءَ ڳالهه جو اوهان کي اڳتي هلي
احساس ٿيندو.“
ڊاڪٽر مانجهي صاحب جا جيڪي دوست پراڻن قبرستانن ۽
سامونڊي ڪناري جي کنڊرن تي وڃڻ کي فضول ۽ اجايو
سمجهندا هئا، سندس هِيءُ ڪتاب ڏسي تن کي هينئر پڪ
سان اهو احساس ٿيندو ته سندس اُهي پنڌ اجايا نه پر
سجايا هئا. جيڪڏهن هي رڳو شاعري ڪندو رهي ها ۽ هن
طرف توجه ڏيئي، هيڏي جاکوڙ نه ڪري ها ته ههڙو
شاندار ڪتاب اسان کي نه ملي سگهي ها.
دنيا جي مختلف ملڪن ۾
Marine Archaeology
ڊپارٽمينٽ آهن. ان ڊپارٽمينٽ جا عالم تحقيق ڪري،
سمنڊ جي اندر قديم بندر ڳولي رهيا آهن. اسان جي
پاڙيسري ملڪ هندوستان ۾ به اهڙو هڪ ڊپارٽمينٽ قائم
آهي، انهن ڪڇ ۾ ٽيڊيو
(Tidio)
نالي هڪ قديم بندر ڳولي لڌو آهي جتي سنڌ جا
وڻجارا، وڻج واپار لاءِ ويندا رهندا هئا. اهوئي
سبب آهي جو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي هڪ
بيت ۾ ان بندر جو ذڪر ڪيو آهي. پر ڀٽائي ان کي
’نيڊُو‘ سڏيو آهي. شايد اهو ٽيڊيو جي بگڙيل صورت
آهي، ڀٽائيءَ فرمايو آهي:
نينڍوءَ ۾ ناتاريون، وڻجارا وجهن.
نيڍو بابت مون هڪ مضمون لکيو هو، جيڪو هڪ سنڌي
اخبار جي مئگزين ۾ ڇپيو هو، سنڌ ۾ به ان قسم جو
ڊپارٽمينٽ هئڻ گهرجي ته جيئن سمنڊ ۾ گم ٿي ويل
بندر ڳولهي سگهجن يا في الحال ٻاهران ڪي ماهر
گهرايا وڃن، جيڪي هن سلسلي ۾ کوجنا ڪن. مثال طور
ديبل بندر بابت ڪا حتمي راءِ موجود نه آهي. مختلف
عالمن جا مختلف رايا آهن، ڪن جو خيال آهي ته اهو
سمنڊ جي اندر اچي ويو آهي. اها راءِ وڌيڪ وزندار
نظر اچي ٿي.
مون پنهنجي پياري دوست عطا محمد ڀنڀري کي مشورو
ڏنو هو ته سنڌ سان لاڳاپيل انگريزي ڪتابن جا سنڌي
زبان ۾ ترجما ڪري. هن لڳ ڀڳ هڪ سئو ڪتابن جو ترجما
ڪيا جيڪي اڪثر سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ قديم آثارن
متعلق آهن. مطلب اهو هو ته جيڪي دوست انگريزي ۾
لکيل سنڌ متعلق لکيل ڪتاب پڙهي نه ٿا سگهن، تن کي
سولي سنڌيءَ ۾ اهي ڪتاب ملندا ته سولائيءَ سان
پڙهي سگهندا. ۽ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ قديم
آثارن کان واقف ٿيندا. اهڙيءَ ريت ٿي سگهي ٿو ته
ڪن کي انهن موضوعن تي تحقيق ڪرڻ جو شوق پيدا ٿئي.
سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر مانجھي صاحب جو
هيءُ شاندار ڪتاب نه رڳو هڪ معياري تحقيق آهي پر
نوجوان محققن لاءِ هڪ مثال آهي. هن ڪتاب ۾ تمام
گهڻن مستند حوالن سان گڏ، مقامي روايتن ۽ خاص ڪري
هر هنڌ جي جانچ ڪري، اصل حقيقتن جو بنيادي احوال
ڏنو ويو آهي، هن موضوع تي ڪن محققن ڪجهه مضمون ۽
مقالا ضرور لکيا هئا، پر مڪمل ۽ شاندار نموني سان
هي پهريون ڪتاب آهي، جيڪو ڊاڪٽر مانجهي صاحب لکيو
آهي.
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي جي هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ
اهو محسوس ٿئي ٿو ته هن وڏي محنت ڪري تحقيق جو
صحيح حق ادا ڪيو آهي، مثال طور لاهري بندر بابت
جيڪا معلومات ڏني آهي، سا هيٺين ريت عنوانن مان
معلوم ڪري سگهجي ٿي:
·
لاهري بندر جو ٺهڻ
·
ان متعلق ضروري نقشا
·
بندر تي اهو نالو ڪيئن پيو؟
·
لاهري بندر ڪٿي هو؟
·
لاهري بندر جي بيهڪ
·
وڻج واپار
·
لاهري بندر تي ڌارين جون ڪاهون
·
لاهري بندر جو ڦِٽڻ
·
لاهري بندر مان مليل سڪا ۽ مٽيءَ جا پڪل ڳاڙها
مڻيا ۽ جنڊيون
·
لاهري بندر وٽان مليل ٺڪراٺو
·
لاهري بندر جا آثار
انهن سڀني عنوان تي مصنف ڀرپور تاريخي معلومات ڏني
آهي، ۽ ضروري تصويرون پڻ ڏنيون آهن، هن هڪ ئي بندر
متعلق مصنف ڪيترن ئي ڪتابن تان مدد ورتي ۽ ڪيئي
ڀيرا ان ماڳ تي وڃي، اتان جي مقامي ماڻهن وٽان
زباني معلومات حاصل ڪري هن ڪتاب ۾ شامل ڪئي. ضروري
نقشا تيار ڪيا ۽ تصويرون ڪڍيون. اهڙي ئي طريقي سان
فاضل مصنف ٻين سڀني بندرن بابت معلومات جامع ڏني
آهي.
هي تمام مشڪل ۽ محنت طلب ڪم هو، سالن جا سال ڪشالي
۽ تمام گهڻن ڪتابن جي مطالعي جي ضرورت هئي، ۽ اهڙو
ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ ڪم هو، جو هر ڪنهن جي وس ۾ نه هو،
ان لاءِ ڪنهن مانجهي مرد جي ضرورت هئي ۽ هن مانجهي
مرد اهو ڪم وڏي محنت سان مڪمل ڪري ڏيکاريو.
22 آڪٽوبر 2022ع
نواز علي شوق |