سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ جا قديم سامونڊي بندر

 

صفحو:5 

3 مارچ 1957ع تي ڏٺا هئا. جڏهن ته لاھري بندر جا آثار 29 مارچ 1957ع تي ڏٺا هئا. جن جو احوال هن پنھنجي ڪتاب ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ ۾ صفحي 99 ۽ 100 تي چٽو ڏنو آهي. اها به حقيقت آهي ته ڪنھن زماني کان وٺي لڳاتار سمنڊ جو پاڻي سُڪي ڏانھن ڌوڪيندو پيو اچي ۽ ڇوڙ واري علائقي ۾ لڳاتار ڦيرڦار اچي رھي آھي، تنھن ڪري اُن دور جي سامونڊي بندرن جا آثار هاڻي رڳو سُڪي تي ڳولڻ ڀُل آھي. ارڙهين صديءَ واري يا گهڻو پوءِ 1819ع ۾ جيڪو زلزلو آيو ھو، تنھن به ھن علائقي ۾ وڏي ڦيرڦار آندي ھئي. ڀيرومل ، ’تحفة الڪرام‘ جي حوالي سان لکي ٿو ته: تحفة الڪرام ۾ لکيل آھي ته بلوچي ۽ مڪراني چور ھن بندر تي چوريون ڪرڻ ايندا ھئا، تنھن ڪري بچاءُ لاءِ بندر جي چوڌاري ڪوٽ جڙيل ھوندو ھو. انھيءَ ڪوٽ ۽ ٿورين ٻين ڊٺل جاين جا نشان اڄ تائين بگهاڙ واھ جي پڇڙيءَ وٽ ظاھر بيٺا آھن ۽ سمنڊ جون لھرون اُتي پيون لوڏا ڏين. ڪيترن ورھين کان ھتي ھر ڪنھن سال بالو شاھ جو ميلو لڳندو آھي. جنھن ۾ اڪثر مھاڻا ۽ جت وڃي ڪٺا ٿيندا آھن. ميلي واري وقت بستي ٿيندي آھي، باقي پوءِ ته اُتي سُڃ پئي واڪا ڪندي آھي“.(113)

        سن 1838ع ۾ اليگزينڊر برنس جڏھن اچي ڊيلٽا وارو علائقو ڏٺو وائٺو ھو، ته کيس ٻڌايو ويو ھو ته بگهياڙ ٽي سال اڳ ۾ لٽجي چڪو آھي، جنھن جي ڪري لاھري بندر جا نشان به لٽجي ۽ سمنڊ جي ويرن سان ملي چڪا آھن.(114) مطلب ته برنس اهي آثار پاڻ نه ڏٺا هئا،پر ٻڌل ڳالهين جي آڌار تي لکيو ته: ”آثار لٽجي چڪا آهن“، پر تڏهن ته اڃا گهڻا آثار موجود هوندا. معلوم ٿئي ٿو ته ويھين صديءَ جي پوئين اڌ کان ئي لاھري بندر جا آثار ختم ٿيڻ لڳا. البت تنهن کان پوءِ به ڪجهه حصي جا آثار موجود هئا، جن مان به گهڻا 1973ع ۽ 1976ع واري عرصي ۾ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا.

اڄڪلهه لاھري بندر جا سمورا آثار ڏسڻ ته ڏکيا آھن، ڇو ته ڇوڙ واري علائقي ۾ وڏي ڦيرڦار ٿيندي رھي آھي. ذڪر  ٿي چڪو آهي ته پھرين ته اٺين کان ڏهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري، جڏھن سنڌونديءَ پنھنجو وھڪرو ڦيريو ته ڪيترائي بندر ۽ شھر اُجڙي ويران ٿي ويا. پراڻيون وستيون ڦٽي ويون، نيون وستيون آباد ٿيون، ايئن گهڻو پوءِ وري ارڙهين صديءَ ۾ ھڪ وڏو زلزلو آيو ھو ۽ ڌرتي ڌٻي ھئي. تنھن کان پوءِ 1819ع ۾ به تمام وڏو زلزلو آيو جنھن جي ڪري ڪڇ کان ڪراچيءَ تائين خاص ڪري هن علائقي ۾ وڏي تباهي ۽ تبديلي آئي.ان زماني کان پوءِ سنڌوءَ جا ڪيترائي وهڪرا تبديل ٿيا يا ختم ٿي ويا. ان ئي دور ۾ لاهري بندر سخت متاثر ٿيو. انهيءَ زماني کان پوءِ به زلزلا ۽ درياهي ڦيرگهير ٿيندي رهي. انھيءَ ڪري به ڪيئي ماڳ اُجڙيا ۽ وري نوان جُڙيا. جين فئيرلي لکيو آھي ته: ”سنڌؤَ ڪيترائي ڀريا تُريا شھر پائي ناس ڪري ڇڏيا آھن. ھتي ھزار چورس ميل ھڪ سنئون سڌو پٽ آھي، جتي سنڌو جڏھن ۽ جيڏانھن وڻندو اٿس، تڏھن ۽ تيڏانھن آر ڪندو آھي. ھڪڙن کي سائو ڪندو آھي ۽ ٻين کي سڪائيندو آھي.“ (115)

اها حقيقت آهي ته سنڌؤَ جي ڦيرڦار جي ڪري سمنڊ جي ڪناري واري علائقي تي تمام گهڻا اثر پيا. مختلف سببن جي ڪري سمنڊ خشڪيءَ ڏانھن وڌنڌو رھيو آھي. مانواري محقق پٿاوالا لکيو آھي ته: ”ان ڳالهه جون چٽيون شاھديون آھن ته ڊيلٽائي ايريا جيئن پوءِ تيئن وڌنڌي رھي آھي ۽ ان ۾ ڦيرڦار ٿيندي رھي آھي.“(116) اھڙي ريت ڪيترائي ماڳ سامونڊي پاڻي ھيٺ اچي چڪا آھن، انهن ۾ لاهري بندر به آهي. جنھن ٻيٽ تي هاڻي جاڪي جا آثار موجود آهن، ستر واري ڏهاڪي تائين اهو ٻيٽ نه پر سُڪي جو ڀاڱو هو. 1984ع ۾ صورتحال بدليل ڏٺي ويئي، اُن وقت تائين به فقط هڪ ننڍي کاري لنگهڻي پوندي هئي. اُن دور تائين هن ٺھيل ٻيٽ جي پکيڙ گهڻي ايراضيءَ ۾ هئي. اوڀر طرف ’مُلان ڪوٽ‘ جي جڳھين جي ڀتين وغيره جا نشان به گهڻا موجود هئا. اوڀر طرف هڪ علائقو جنھن کي سَرن وارو (ٻيلو) چيو وڃي ٿو، اُتي هاڻي وانگر پاڻي جون ڍوريون نه هيون، پر اُتي اڳوڻي ٻيلي جي وڻن جا ٿڙ موجود ڏسبا هئا. اوڀر اتر پاسي وڏو قبرستان هو، ان علائقي کي ’مقامن وارو‘ چوندا هئا/ آهن. 1984ع جي شروع ۾ ڪوٽ مُلان وٽان ويندي اسان هڪ ننڍي واهيءَ مان لنگهيا هئاسين، جنھن کي ڇتري چوندا هئا. اها واهي لنگهڻ کان پوءِ جانڪي ڪوٽ تائين آثارن مان پيادل لنگهي ويا هئاسين، هڪ ڀيري ’دريا پير‘ ويجهو گاڏين مان لهي جانڪي ايندي واهي لنگهي پوءِ پيادل ڪوٽ تائين پھتا هئاسين. ڪوٽ جي آثارن کان محمود شيرازيءَ (117) جي قبر تائين اڏاوتن جا نشان چٽا موجود هئا. ڪٿي ڪٿي ته ڪمرن جي ڀتين جا مڪمل آثار موجود هئا. ٺڪراٺو ته تمام گهڻو هو. ڳاڙهيون سرون، چوڪا ۽ سارين ڏرڻ جون جنڊيون ۽ ٻيون ٺڪر جون شيون پٽن تي پيل هونديون هيون، محمود شيرازيءَ جي مزار جي ڏکڻ اولهه ۾ وير لهڻ مهل وڏا وڏا، پٿر پيل ڏسبا هئا.

پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ته هي علائقو سامونڊي پاڻيءَ کان بنهه آجو هو. آسپاس ۾ هڱورن، ڪاتيارن، مُليپوٽن ۽ ٻين قبيلن ۽ ذاتين جي ماڻهن جون زرعي زمينون هُيون، جن جو اڄ به گهڻن وٽ رڪارڊ موجود آهي. سٺ واري ڏهاڪي ۾ مانوارو محقق ڊاڪٽر غلام علي الانا تحقيق جي سلسلي ۾ جڏهن هتي آيو هو، تڏهن به حالتون مختلف هيون، اهڙو احوال هن پنھنجي تحقيقي ڪتاب ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ ۾چٽيءَ ريت ڏنو آهي. سندس احوال مان معلوم ٿئي ٿو ته تڏهن تائين سامونڊي پاڻي هن پٽ تائين وڌي نه پهتو هو، آثار بنھه گهڻي ايراضيءَ ۾ پکڙيل موجود هئا.

هي بندر سنڌؤَ جي جنھن وهڪري تي هو سو ته گهڻا سال اڳ ۾ ئي بند ٿي ويو، پوءِ ڪي ناليون وغيره جيڪي هتي اچي ڇوڙ ڪنديون هيون سي به گهڻو وقت اڳ ۾ بڻياد کان ئي بند ڪيون ويون. سنڌؤَ جي مٺي پاڻي تي جتي حيات جھان سُکيو ستابو هو، اُتي جا ماڻهو هاڻي مٺي پاڻيءَ جي سُرڪ لاءِ به سڪن ٿا. هن وقت بندر ۽ شھر جا گهڻا آثار سامونڊي پاڻيءَ هيٺ اچي چڪا آهن. هاڻي رڳو اُتر ۽ اولهه طرف وارا آثار وڃي بچيا آهن. ڪوٽ جي اولهه، اولهه ڏکڻ، اُتر توڙي اوڀر وارن پاسن کان ڪن جڳھين جي ديوارن جا آثار اڃا موجود آهن. کاريءَ جي ڪناري کان ڪوٽ تائين وارو پٽ جيڪو سُڪو آهي، اُتي ٺڪراٺو تمام گهڻو آهي.

ملندڙ شيون:

سٺي معيار جون ٺڪرن جون ڳاڙهيون سِرون نفاست سان ٺھيل ٿانوَ وغيره ڪي سڄا ته ڪي ڀڳل ٺڪرن جي شڪل ۾ موجود آهن. ڪيترائي لوٽا، مٽ، ماٽيون پاٽيون، ڇلون، ڏيئا ته اهڙا به ڏسجن ٿا، جن جا رڳو ڪي ڪنا وغيره ڀڳل آهن، باقي سڄا آهن. سالن کان کارو پاڻي به کين ڳاري نه سگهيو آهي. سارين ڏرڻ جي جنڊيءَ جي پُڙن جا اڌ ۽ ٽڪرا به جتي ڪٿي پيل آهن. ڪٿي چينيءَ جي ٿانوَن ته ڪٿي ڪٿي شيشي جا ٽڪرا به ملن ٿا. ٺڪر مان ڪاريگريءَ سان ٺاهي پچايل ٻارن جا رانديڪا، جن ۾ مختلف جانور، پکي، ٻيڙيون وغيره به جام موجود آهن. انهن ۾ نفاست سان ٺھيل ٺڪر جا اُٺ ته هر هنڌ پٽن تي پيل آهن. اُتي هڪ ڀيري اسان کي ٺڪر مان ٺھيل ڳاڙهو رڱ ڏنل سهڻا مڻيا به مليا، جن کي هڪ سڳي ۾ پُوئڻ سان هڪ هار بڻجي پيو. مختلف قسمن جا قيمتي پٿر به ملن ٿا. ڪٿي ڪٿي لوهه جا ڳريل ڪِير وغيره به ڏسجن ٿا. وير لهڻ وقت ماڻهن کي هنن هنڌن تان ڳريل حالت ۾ سڪا ۽ سون (    ) به ملي ٿو. اهڙا ڪيترائي سڪا اسان کي به ڏيکاريا ويا، جيڪي گهڻو ڳري وڃڻ جي ڪري پڙهي نه ٿا سگهجن. انهن سڪن ۾ فقط هڪ اهڙو سڪو ڏٺوسين جنھن تي 650 هه لکيل آهي.

هنن آثارن مان تازو ٽي سالم سڪا (118) ۽ هڪ ننڍو ٽڪرو سون جو به مليو آهي، جيڪو ڪنھن زيور جو ٽٽل ڀاڱو ٿو لڳي. سڪن مان هڪ کي صاف ڪرڻ لاءِ وڌيڪ گسائڻ جي ڪري، لکت مٽجي چڪي آهي، باقي ٻه سڪا بنھه صاف ۽ چٽا آهن جن جي پڙهڻي هن ريت آهي: هڪ سڪي تي ’سلطان غياث الدين‘ لکيل آهي. (حڪومتي دور 720 کان 726 هه موجب 1320ع کان 1325ع) ٻئي سڪي تي ’سلطان ناصر الدين محمد شاهه‘ (حڪومتي دور 791هه کان 796هه موجب 1389ع کان 1394ع) لکيل آهي. ڪوٽ جا سڀئي آثار چٽا موجود آهن. زمين کان اٺ فُٽ اوچي سطح تي ٺھيل ڪوٽ جو هڪ ئي مک دروازو آهي، جيڪو اوڀر پاسي کان آهي، جنھن جي ويڪر 15 فٽ آهي. دروازي جي ٻنهي پاسن کان 15 فٽن جي فاصلي تي برج آهن، جن جي ويڪر 15 فٽ آهي. انهن کان سواءِ ٻيا به 10 بُرج آهن، جيڪي ديوار کان ساڍا چار فٽ مٿي ٺھيل آهن. سندن اوچائي 19 فٽ آهي، چئن ڪنڊن ۽ دروازي جي پاسن وارا برج وڌيڪ مضبوط آهن، دروازي واريون ٻئي ديوارون اندر طرف ساڍا اٺ فٽ وريل ۽ وڌيل آهن. دروازي جي ٻاهران ڪجهه فٽن جي وٿين تي ڪي اوٽون به ٺھيل هُيون، جن جون سرون پيل آهن. ڪوٽ ۾ ٺڪر جون سٺيون پڪل ڳاڙهيون سرون استعمال ٿيل آهن. سامونڊي گهم ۾ وڪوڙيل ۽ هيترا زمانا گذرڻ باوجود سرون پنھنجي مضبوطيءَ جي پاڻ ئي ساک ڏين ٿيون، ديوارن جي بنياد ۾ پٿر پڻ پيل آهن. سرن جي ماپ 8x4 ۽ ڪن جي 9x9 آهي ته 10x10 انچن جا چوڪا به آهن. ڪوٽ چورس ٺھيل آهي، جنھن جي ديوارن اندران ڊيگهه 316 فٽ ته ويڪر به 316 فٽ آهي، ڀتيون اَٺ فٽ موڪريون آهن. ڪوٽ ۾ داخل ٿيندي ئي دروازي جي اندرئين ڏاکڻي ڀر ۾ اڏاوتن جا چٽا آثار موجود آهن. مستطيل ديوارن اندر 16x14 جو هڪ ڪمرو آهي، اُن ڀرسان ٻئي ڪمري جي ماپ 14x7 آهي ته ٽيون ۽ چوٿون وري 7x8 جو ڪمرو آهي اُن سان گڏ اُتر اولهه لڳ پاڻيءَ جي هودي ۽ غسلخانا به ٺھيل آهن. غسلخانن ۾ ٺڪر جي گينڊي ۽ گينڊيءَ کان ٻاهر نيڪال جي ناليءَ تائين ٺڪر جو لڳل پائيپ به موجود آهي.

ڪوٽ جي اولهه طرف ڪجهه قبرون به آهن، جتي هڪ مزار کي ’جهونا شاهه‘ جي درگاهه سڏين ٿا، جنھن تي لڳل جهنڊا ۽ بانبٽيون پيون ڦڙڪنديون آهن، منھنجي خيال ۾ اها مزار بالو شاهه(119) جي آهي، جنھن جو ذڪر تحفة الڪرام‘ ص 119 ۾ ملي ٿو. ڏکڻ طرف محمود شيرازيءَ جي مزار آهي، جنھن کي پاڻي گهيري ويو آهي.

اوڀر ۾ کاريءَ جي ڪناري کان قلعي تائين چڱي ايراضي پاڻيءَ کان آجي آهي، جنھن جي اُتر واري ڀاڱي ۾ سِرن جي هڪ پيل ڍير مان اندازو ٿئي ٿو ته اُتي جيڪا جڳھه ٺھيل هُئي سا چڱي اوچائيءَ تي هُئي. اوڀر طرف کاريءَ جي اوڀارين ڪناري سان ’مُلان ڪوٽ‘ جا گهڻا آثار اڃا به موجود آهن، جنھن جو ذڪر ٿي چڪو آهي. اوڀر طرف ڪجهه ڪلوميٽرن جي فاصلي تي دريا پير (120) جي مزار آهي، جتي ساليانو ميلو به لڳندو آهي ته عام ڏينھن تي به هتي جا ماڻهو ۽ هتان کان ريڙهي مياڻ ۽ ٻين هنڌن تي لڏي ويل ماڻهو، هتي اچي سلامي ٿيندا آهن.

مطلب ته اڄ نه اھو لاھري بندر آھي، جنھن تي رات ڏينھن ڏيھي ۽ پرڏيھي ماڻهن جا ميڙا ھئا، ۽ نه ئي اھو شھر آھي. جيڪو هر وقت مصروف هو. ھاڻي ته اھو مست ٿي وھندڙ سنڌوءَ جو پاڻي ۽ سندس اُھي وھڪرا ئي نه رھيا آھن، جنھن تي ھي سارو علائقو آباد ۽ حيات موجود ھو ۽ جنھن تي اُهي بندر ۽ بازاريون موجود هيون. ھاڻي ته فقط ڳالھيون ۽ ڳاراڻا وڃي رھيا آھن.

نه سـي تـڙ ھوڙاڪ، نه وايـون وڻجارن جـون

سرتيون سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ

مـــاريــنـــم فـــراق، پــاڙيـچــيـــون پــريـــن جــا.

 (شاهه لطيف)

حوالا ۽ حاشيا

 

1.    “Alberuni`s India” Edited with notes and indices by Edwerd C Sachau, Printed under authority of Government of west Pakistan Lahor, Vol:1, 1962, P 275 and Vol:2 P 438

۽ ڏسجي البيروني ابوريحان، ’ڪتاب الھند‘ خدا بخش اورينٽل پبلڪ لائبريري پٽنا، 1912ع، ص 70 ۽ پڻ ڏسجي ڪتاب جي تحقيق ماللهند از البيروني المعروف ڪتاب الهند مطبوعه مجلس دائره معارف عثمانيه حيدرآباد دکن 1958ع (ٻيو حصو ص 270)

2.    ابن بطوطه، سفرنامه ابن بطوطه اردو ترجمه: رئيس احمد جعفري، نفيس اڪيڊمي ڪراچي، ڇاپو پنجون 1986ع ص 19

3.    جين فيئرلي، سنڌو شينھن درياهه مترجم عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/حيدرآباد 1995ع، ص 327

4.    Panwhar M H, ‘An Ilustrated HistoricalAtlas of Soomra Kingdom of Sindh’ Soomra National Council Pakistan, 2003, P 80

5.    Same

6.    Same

7.    ‘Alberuni`s India’ P 275

8.    ابن بطوطه، ’سفرنامو ابن بطوطه ‘ ص19

9.     ڏسجي ’سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو’ سنڌي ترجمو عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 1995ع مترجم جو حاشيو ص 274

10.    ھيگ اليگزينڊر، سنڌؤَ جو ڇوڙ وارو علائقو سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، ص 121

11.    قليچ بيگ مرزا، ’قديم سنڌ، ان جا مشھور شھر ۽ ماڻهو‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1981ع ص 91

12.    آڏواڻي ڀيرومل مھرچند، ’سنڌ جي ھندن جي تاريخ‘ ڀاڱو ٻيو-گلشن     پبليڪيشن حيدرآباد، 2003ع ص 36

13.    بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ’جامع سنڌي لغات‘، جلد پنجون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1988ع، ص 2459، “لاڙي بندر سنڌو نديءَ جي هڪ قديم بندر جو نالو.

14.    بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر جو ذاتي خط، بتاريخ 31 جنوري 2008ع.

15.    الانا غلام علي ڊاڪٽر، ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘، انسٽيٽيوٽ سنڌالاجي، ڄام شورو. 1974ع  ص 99

16.    هن کاري واري هنڌ کي هتي جا مقامي ماڻهو ’لاڙو‘ يا ’لاڙو تڙ‘ به چون ٿا.

17.    انصاري اشتياق، سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 1996ع ص 160

18.    ’جامع سنڌي لغات‘ جلد ٻيو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، ص

19.    ليمبرڪ ايڇ.ٽي، سنڌ جلد پھريون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1968ع  ص 327

20.    ابن بطوطه، ’سفرنامه ابن بطوطه‘ اردو ترجمه، نفيس اڪيڊمي ڪراچي 1961ع، ص 490

21.    جين فيئرلي، سنڌو شينھن درياھ‘، ص 327

22.    ابن بطوطه، ص 490

23.    ھيگ اليگزينڊر، ’سنڌؤَ جو ڇوڙ وارو علائقو‘، ص 121

24. Hamilton Allexander “An Account of East India” Amsterdam 1970, P 75 

25. Same P 78

26. Same P 79                                                                           

27. Same p 79

28.  ڏسجي نائونمل، ’يادگيريون‘ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1968ع ص 53

29.  “Captain McMurdo`s Memoir on the Indus River” McMurdo`s & Delhsote`s Account of Sindh Edited by Dr.Mubarak Ali, Takhleeqat Lahor PP 93, 94, 96

30. Pithawala M.B "Sind’s changing Map’ An Album, cantaing 51 old and rare Maps of Sindh with crifical and Explantory Notes Karchi, 1938 sheet no: 22

31.    ڪننگھام اليگزينڊر، سنڌ- ھند جي جاگرافي سنڌي ترجمو عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 2007ع، ص 29

32.    ساڳيو حوالو، ص 291

33.    ساڳيو حوالو، ص 282

34.    ساڳيو حوالو، ص 282

35.    ساڳيو حوالو، ص 288

36.    ساڳيو حوالو، ص 299

37.    ساڳيو حوالو، ص 299

38.    ساڳيو حوالو، ص 296

39.    ساڳيو حوالو، ص 297

40.    آڏواڻي ڀيرومل مھرچند، ’سنڌ جي ھندن جي تاريخ‘  ڀاڱو ٻيو-  ص 36

41.       Panwhar M.H, An Illustrated Historical Atlas of Soomra kingdom of Sindh’ P 81

42.       Same P 119

43.       Same P  149

44.    انصاري اشتياق، سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‘، ص 158

45.     ساڳيو، ص 160

46.    محترم عبدالقادر مليپوٽو، اصل رهاڪو ڪوٽ ملان.

47.    الانا غلام علي ڊاڪٽر، ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘، ص 99

48.    ابن بطوطه ’سفرنامو ابن بطوطه‘، ص 19

49.    وفائي دين محمد مولانا، شاهه جو مطالعو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1991ع ص 118

50.    سورلي ايڇ.ٽي، ’ڀٽ جو شاھ‘ سنڌي ترجمو عطا محمد ڀنڀرو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1994ع ص131

51.       Sarkar Jadunath Sir "History of Auragnzeb" Volume 1-11, South Asian Publication Karachi, 1992, P 68

52.       Hamilton Allexander “An Account of East India” P 77

53.    صحرائي تاج، ڪچھري بتاريخ 22 مارچ 1997ع

54.    ڇٻلاڻي ايس پي ڊاڪٽر، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1995ع، ص 143

55.    ساڳيو، ص 144

56.    ساڳيو، ص 147

57.    مولائي شيدائي رحيمداد، ’جنت السنڌ‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1993ع ص 374

58.    ڇٻلاڻي ايس.بي ڊاڪٽر، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘، ص 145

59.    سورلي ايڇ ٽي، ’ڀٽ جو شاھ‘، ص 128

60.    ساڳيو، ص 128

61.    ساڳيو، ص 130

62.    آڏواڻي ڀيرومل مھرچند، ’سنڌ جي ھندن جي تاريخ‘  ڀاڱو ٻيو، ص 26

63.    ڇٻلاڻي ايس.پي، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘، ص 143

64.    ساڳيو ص 143

65.    ساڳيو ص 87

66.    مبارڪ علي ڊاڪٽر، ’مضمون لاري بندر‘ ڪتاب ’سنڌ خاموشي ڪي آواز‘ فڪشن ھائوس 1994ع، ص 240

67.    مولائي شيدائي، جنت السنڌ‘، ص 375

68.       Panwhar M.H ‘An Atllustreted Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh’- P 88

69.    فدائي خان، اصل نالو مير ظريف، پھريائين شاھجھان بادشاھ جو خدمت گذار/ملازم ھو. شاھجھان کي گھوڙن جو گهڻو شوق ھو، جنھن کيس ھڪ ڀيري سفير سان گڏ ايران گھوڙا وٺڻ لاءِ موڪليو ھو پر ڪو چڱو گھوڙو آڻڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ھو. تنھن کان پوءِ به ھو گھوڙن وٺڻ لاءِ مختلف ھنڌن جا سفر ڪري چڪو ھو. ھو ايران وڃڻ لاءِ لاڙي بندر تان ويو ۽ موٽيو به ساڳئي بندر تان ھو. شاھجھان بادشاھ بادشاھيءَ جي تيرھين سال مير ظريف کي فدائي خان جو لقب ڏيئي، ھڪ ھزار پيادل ۽ ٻه سو سوار ڏنا. تربيت خان جي تبديليءَ کان پوءِ آخته بيگيءَ جي خدمت تي مقرر ٿيو ۽ انھيءَ زماني ۾ کيس لاھري بندر جي حڪومت ملي. شاھجھان بادشاھ جي چوڏھين سال يعني 1051ھ موجب 1640ع ۾ وفات ڪري ويو. سموري احوال لاءِ ڏسجي “ماثر الاُمرا” صمصام الدوله شاھنواز خان، جلد ٽيون، اردو ترجمو پروفيسر محمد قادري، مرڪزي اردو بورڊ لاھور 1970ع، ص 109 ۽ 11

70.    صمصام الدوله شاھنواز خان، ماثرالاُمرا جلد ٽيون، اردو ترجمو پروفيسر محمد ايوب قادري، مرڪزي اردو بورڊ لاھور 1970ع، ص 11

71.       Hamalton Allexander “A Account of East India”, P 77

72.    مبارڪ علي ڊاڪٽر، ’مضمون لاري بندر‘- ڪتاب ’سنڌ خاموشي ڪي آواز ‘ ص240

73.    چيتن ماڙيوالا/ايم ايڇ پنھور، ’قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ‘ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، روشني پبليڪيشن   ڪنڊيارو ص .139

74.    راورٽي ’سنڌ جو مھراڻ‘ ص 464.

75.    ساڳيو ص 464

76.       Manucci, N, "Storia do magor or Mughul India" London 1907,   P 57

77.    مولائي شيدائي رحيمداد، ’جنت السنڌ‘ ص 476

78.    ڇٻلاڻي ايس.پي، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ص 157

79.       Sarkar  Jadunath, “Aurangzeb” PP 114 116

80.    طاھر محمد نسياني سيد ’تاريخ طاھري‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1988ع ص 120.

81.    سورلي ايڇ.ٽي، ’ڀٽ جو شاھ‘ ص 133

82.    ساڳيو ص 133

83.    ھينري پاٽنجر، ’سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1993ع ص 416

84.    مولائي شيدائي رحيمداد، ’جنت السنڌ‘ ص 489

85.    ساڳيو ص 489

86.       Hamilton Allexander “An Account of East Indies”, P 76

87.       Same P 77

88.       Same P 77

89.    قانع ٺٽوي مير علي شير، ’تحفة الڪرام‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1994ع، ص 173

90.    شيخ محمد اعظم ٺٽوي، ’تحفة الطاھرين‘ سنڌي ترجمو عبدالرسول قادري سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو 1990ع، ص 103 ۽ 104

91.    ھيگ جنرل، ’سنڌؤَ جو ڇوڙ وارو علائقو‘، ص 149

92.    ساڳيو، ص 149

93.    ساڳيو، ص 150

94.    مولائي شيدائي رحيمداد، ’جنت السنڌ‘، ص 431

95.       قانع ٺٽوي مير علي شير، تحفـﺔ الڪرام، ص 174

96.    ساڳيو، ص 174

97.    ڏسجي مولائي شيدائي، ’جنت السنڌ‘، ص 431

98.    مير محمد سيد بن جلال ٺٽوي، ’ترخان نامه‘ باھتمام سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1965ع، ص 71

99.    ساڳيو ص 72

100. ساڳيو ص 72

101. ميرڪ يوسف ’تاريخ مظهر شاهجهاني‘ ص 182 ۽  ڏسجي:

Siddiqui Muhammad Hussain "History of Arguns and Turkhans" Institute of Sindheology, Jam Shoro 1972, P-204

102. مبارڪ علي ڊاڪٽر، ”لاري بندر“ ’سنڌ خاموشي ڪي آواز‘، ص 244

103. ’عھدنامجات و اقرار نامجات و سندھاي متعلق سنڌ، فارس، ترڪستان‘ جلد ھفتم مطبع منشي نول ڪشور، لکنو 1869ع ص 6 کان 82

104. ٽي پوسٽنس ’سنڌ جيئن مون ڏٺي‘ سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 1997ع ص 120

105. ھيگ جنرل، ’سنڌ جو ڇوڙ وارو علائقو‘، ص 1  

106.   Crow, Nathan: "Account of the Country of Sindh" Lord Reay Memorial Library, Karachi. P-27 ۽ پڻ ڏسجي

      Smyth, J.w "Gazetteer of the Province of Sindh, Karachi District" Indus Publications Karachi, 2003, P 95

107.   Same P-27

108.   Same P-28

109.   قانع ٺٽوي مير علي شير، تحفـﺔ الڪرام، ص 489

110. ڇٻلاڻي ايس.پي، ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘، ص 36

111. آڏواڻي ڀيرو مل مھرچند، سنڌ جي ھندن جي تاريخ‘، ص 32

112. جين فيئرلي، ’سنڌو شينھن درياھ‘ ص 327

113. آڏواڻي ڀيرومل مھرچند، ’سنڌ جي ھندن جي تاريخ‘، ص 39

114. برنس اليگزينڊر،

115. جين فيئرلي، ’سنڌو شينهن درياهه‘، ص 327

116.   Pithawala M.B "A Physical and Economic Geography of Sindh", P 207 

117. محمود شيرازيءَ جي مزار بابت احوال ڏسجي ’تحفة الڪرام‘، ص 623

118. ڳريل حالت ۾ ته سڪا ڳوٺاڻن کي ملندا رهندا آهن هي ٽي سڪا ۽ سون جي زيور جو ٽڪرو امير بخش خاصخيلي (ويٺل ڳوٺ محموداڻي) کي مليو، انهن سڪن بابت مون کي محمد حسن ڪاتيار (           ) ڏس ڏنو، جيڪي آئون مانواري عبدالقادر مليپوٽي جي مدد سان ڏسي سگهيس.

119. بالو شاهه، منھنجي خيال ۾ بلو خان لوڌي آهي، جنھن جو احوال مير علي شير قانع ٺٽوي جي ڪتاب ’تحفة الڪرام‘ جي صفحي 623 تي پڙهي سگهجي ٿو.

دريا پير، اصل ۾ ’ملاح موج دريا‘ آهي. هن بزرگ بابت مير علي شير ’قانع‘ ’تحفة الڪرام‘ جي صفحي623 تي احوال ڏنو آهي، سندس بيان موجب بندر لاهري ويجهو ’شڪرگهاٽ‘ جي اورين ڀرسان اهل الله جو وڏو مرڪز آهي. هن درگاهه تي اڃا تائين ساليانو ميلو لڳندو رهندو آهي. عام ڏينهن تي به ماڻهو ايندا رهندا آهن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org