باب پنجون
عمرڪوٽ ضلعي
جي قبرستانن ۾
دفن ٿيل مشاهيرن جو احوال
هن خطي جي قبرستانن ۾ ڪئين عظيم انسان ۽ مشهور
شخصيتون دفن ٿيل آهن، جن جو احوال ايترو آهي جو
انهن تي جدا هڪ وڏو ڪتاب لکي سگهجي ٿو. هن ننڍڙي
مقالي جي هڪڙي باب ۾ انهن مشاهيرن جو احوال آڻڻ
اِيئن آهي جيئن ڪوزي ۾ دريا بند ڪرڻ.
انهيءَ ڪري سمورن بزرگن جو احوال ڏيڻ جي توفيق نه
ساريندي فقط چند مشاهيرن جو مختصر احوال پيش آهي.
1. اصحابي:
هن پٽ ۾ جتي ٻين ڪيترن ئي جهونن بزرگن جو احوال
حاصل ٿيو آهي، اُتي ڪن اصحابن جون قبرون ۽ اُنهن
بابت ڪجهه احوال پڻ ملي ٿو. جن جون قبرون (1) صوفي
فقير جي ڳوٺ کان ڏکڻ طرف هميرجي ڀڙي لڳ هاڪڙي جي
ساڄي ڪناري تي آهي ۽ ٻي قبر بودر فارم کان ٻه ٽي
ميل ڏکڻ طرف ڍوري لڳ آهي جنهن جي پويان انهيءَ
ديهه جو نالو اصحابو ديهه ۽ ڀر واري شاخ جو نالو
اصحابو شاخ مشهور ٿيا آهن. هن بزرگ جي لاءِ مشهور
آهي ته اتي جيڪو ٻار ويندو آهي تنهن کي ماتا ڪونه
نڪرندي آهي ۽ جيڪر ڪو ماتا ۾ ورتل اتي ويندو آهي
ته بلڪل چڱو ڀلو ٿي موٽندو آهي.
2. درس ميّد:
ڪنريءَ کان ڏکڻ- اوڀر طرف ۽ ڍڍري ڳوٺ کان ڏکڻ
اولهه طرف درس ميد جي مقام ۾ خود درس سَيّد جي
تربت پڻ آهي، جنهن جي ويهڻ جي پٿر جي ڪرسيءَ تي
پالي صورتخطي جهڙا ڪجهه لفظ لکيل آهن، جيڪي اڳ ۾
هن ئي مقالي ۾ ڄاڻايل آهن. درس لاءِ چون ٿا ته
سومرن جي شروعاتي دؤر جو مشهور بزرگ هو.
3. جمال ڪمال:
ڳوٺ بودر فارم جي اوڀر طرف ٻن ڀائرن جي گڏيل ٿَلهي
واري تربت موجود آهي جن جا جمال ۽ ڪمال نالا مشهور
آهن. چون ٿا ته اهي ٻئي بزرگ ذات جا هاليپوٽا هئا.
4. خير شاهه:
خانصاحب عطا محمد پليءَ جي ڳوٺ کان ڏکڻ طرف بند جي
کامن ۾ هڪ پراڻي تربت آهي جنهن تان لڌل پراڻي سر
جي ٽڪرن مان خير شاهه ۽ مصري شاهه نالا ٺهن ٿا.
چون ٿا ته اهو بزرگ محمود غزنوي جي دؤر جو هو.
اهڙيءَ طرح ڍوري ۾ نور شاهه ۽ مهراڻي جي ڪس ۾
شهمير شاهه، لقمان شاهه، ربو شاهه، ڪمال شاهه، رتو
شاهه بزرگن جون مزارون آهن جن لاءِ پڻ مشهور آهي
ته اهي به پراڻي دؤر جا بزرگ آهن.
5. ملوڪ شاهه:
ڊينيسر اسٽيٽ ۾ ملوڪ شاهه جي مزار موجود آهي، جنهن
لاءِ چون ٿا ته اهو به ڪلهوڙن جي دؤر کان اڳ جو
آهي.
6. مٺو شاهه:
بيبي مٺيءَ جي مقام ۾ مشهور بزرگ مٺي شاهه جو
اُتانهون قبو موجود آهي، جنهن لاءِ به چون ٿا ته
اهو پڻ پراڻي دؤر جو بزرگ آهي.
7. حسن باغبان:
هن کي مقامي طور ”حسڻ باگواڻو“ ڪري ڪوٺيندا آهن،
هن جو احوال تحفة الڪرام ۾ پڻ آهي، سندس ڪئين
ڪرامتون مشهور آهن. هن بزرگ جا مجاور چاوڙا آهن،
هيءُ بزرگ مخدوم بلاول جو خليفو هئو.
8. وليو پليو:
هيءُ ٻئي ڀاءُ بيبي مٺي جي مقام کان اتر اولهه
واري مشهور مقام ۾ دفن ٿيل آهن جيڪو سندن نالي سان
سڏجي ٿو. هيءُ ڪنري جي قاضي سلطان جو خاندان جو
آبائي قبرستان آهي.
9. نصر الله ولي:
نئين ڇور جي اتر اولهه پاسي تڳوسر واري مقام ۾ هن
جي مزار آهي جنهن تي فوجين قبو پڻ ٺهرائي ڇڏيو
آهي، هيءَ بزرگ به ڪرامتن جو صاحب ۽ فقير ٿي گذريو
آهي.
10. جمع ڀونئريو پير:
ديهه ناڙا هڏي ۾ جمع ڀونئري جي مزار آهي جنهن تي
ڪئين مالدار ۽ مرادوند ايندا آهن. چون ٿا ته هيءَ
فقير به ڪلهوڙن جي دؤر کان آڳاٽو آهي.
11. سُهو فقير:
ديهه سُونهينءَ ۾ سُهي واري مقام ۾ فقير سُهي جي
تربت موجود آهي، جنهن ۾ خزاني جو شڪ سمجهي ڪيترن
ئي ماڻهن اُن کي کوٽيو پر کين هڏن کان سواءِ ڪجهه
به حاصل نه ٿيو. هي قبرستان پلي ذات جي پيرج پاڙي
جو قديم قبرستان آهي ۽ ارغون- ترخان دؤر جو آهي.
12. سانگو فقير:
ديهه سونپور ۾ فقير سانگي جي مزار تي مالدار سال ۾
هڪ دفعو کير اچي ورهائيندا آهن ۽ رَک کڻي ويندا
آهن. جيڪا مال جي علاج لاءِ استعمال ڪندا آهن.
13. کٿڙ ولي:
ڳوٺ غلام نبي شاهه جي ٻاهران ڏکڻ طرف کٿڙ ولي جي
مزار آهي، جيڪو مقام پڻ سندس ئي نالي سان سڏجي ٿو
هن جون ڪيتريون ئي ڪرامتون مشهور آهن.
14. ڪبير شاهه:
ٻانڊي ڳوٺ لڳ هن جي مزار آهي جتي ڪئي بزرگ زيارت
لاءِ ڪَهي اچن ٿا.
15. گجو راڻو:
عمرڪوٽ شهر جي اتر اولهه پاسي راڻي نالي گجو جي
مزار تي قبو اڏيل آهي جنهن تي هر سال ميلو لڳندو
آهي. هن وقت اُن جي مجاورن قبي جي اڳيان صلاح
الدين عرف گجو راڻو لکي ڇڏيو آهي.
16. نماڻو شاهه:
معشوق علي شاهه عرف نماڻو شاهه دهلوي کاروڙي پٽ ۾
دفن ٿيل آهي. جتي سندس ڪرامتي کوهه مان ڇتي جا
کاڌل پاڻي پي شفاياب ٿيندا آهن. هيءَ بزرگ شاهه
عنايت جهوڪ واري جو مريد هو.
17. پير پٿورو:
سومرن جي آخري دؤر جو مشهور بزرگ پير پٿورو اڪڙيءَ
لڳ ماڙيءَ ۾ دفنايل آهي، جتي اصل ڏيوري ٺهيل هئي
جيڪا شهيد عبدالرحيم گرهوڙي ڊهرائي قبو ٺهرائي
ڇڏيائين ۽ جنهن کي عام طرح ’پٿوري جي ماڙي‘ سڏيندا
آهن ۽ ماڙيءَ لڳ هڪ ننڍي مسجد به ٺهرايائين، تاريخ
نگيران سنڌ (فارسي) ۾ سندس نالو شيخ نعمت الله
لکيل آهي، هيءُ بزرگ غوثيه جماعت جو خليفو هئو،
اصل ۾ ٺڪر هئو، ۽ پنهنجي والد ۽ والده سميت
مسلمان ٿيو، هن وقت سهروردي تحريڪ جي تصوف جي اثر
هيٺ غوث پاڪ جا عقيدتمند ميگهواڙ سندس مجاور ۽
درگاهه جا سنڀاليندڙ آهن.
18. قبول شاهه:
شادي پلي اسٽيشن جي اولهه پاسي قبول شاهه جو روضو
موجود آهي، جنهن تي ڪئين مرادوند ايندا آهن.
19. ميران شاهه:
ماڙي پير پٿوري جي ڏکڻ پاسي ميران شاهه جو مقام
آهي. جنهن لاءِ چون ٿا ته آڳاٽي دؤر جو وڏو فقير
بزرگ هو. ميان ميران ذات جو ’دل‘ هئو. جهوڪ جي
سلسلي جو بزرگ هئو، سندس قبرستان پٿوري جي ماڙي ۽
اڪڙي شهر جي وچ ۾ آهي، هيءُ بزرگ سيد نماڻي شاهه
جو همعصر آهي.
20. اسماعيل شاهه:
تيرهين ميل هيرل جي موريءَ کان ميل پنڌ اتر اولهه
پاسي هڪ پڙيءَ تي اسماعيل شاهه جو روضو موجود آهي.
جنهن لاءِ چون ٿا ته ٻه سؤ سال کن اڳ اُن جي قبر
تي هر سال هڪ شينهن ايندو هو، جيڪو زيارت ڪري موٽي
هليو ويندو هو. هيءَ بزرگ سومرن جي دؤر جو آهي.
21. ميهار فقير:
جانهيري کان ٻه ميل ڏکڻ پاسي هڪ ڀٽ تي ميهار فقير
جي قبر موجود آهي جنهن لاءِ چون ٿا ته وڏو فقير
هو.
22. رام جاڳو:
مخدوم عبدالرحمان عرف رام جاڳو ڪلهوڙن جي دؤر جو
مشهور بزرگ ۽ عالم ٿي گذريو آهي، جيڪو وڏو عالم،
حافظ ۽ مدرس هو، موجوده مقام واري ايريا ۾ سندس
مدرسو هو جتي سوين شاگرد اسلاميات ۽ ٻيا علم
پڙهندا هئا. سندس قبر تي ڪونئرن جو ڍير ۽ ڪپڙي جا
چتون ۽ ٻيو سامان رکيل آهي. هن جون ڪئين ڪرامتون
مشهور آهن.هيءُ بزرگ ذات جو ’دل‘ هئو ۽ ’جاڳو‘
سندس پاڙو هئو، غوثيه جماعت جو بزرگ هو، هن
قبرستان ۾ جيڪي ذاتيون پنهنجا مائٽ دفن ڪن ٿيون،
اُهي اڪثر سهروردي جماعت جون آهن. هيءُ پلي ذات جي
سومريجا پاڙي جو ابتدائي ۽ قديم قبرستان آهي، ان
سان گڏ مير موليڏني شاهه لڪياري جو اولاد به هتي
دفن آهي.
23. کڙڪو فقير:
کاروڙي پٽ ۾ بيبي مٺان جي مقام لڳ کڙڪي فقير جو
مقام آهي، جنهن جي لڳ اوڀر پاسي سندس تربت آهي،
پراڻي دؤر جو هئڻ ڪري سندس ذات پات وغيره جو پتو
ڪونه مليو آهي.
24. ڌنو فقير:
جانهيري جي ڳوٺ کان اتر پاسي ڌني فقير جو مشهور
قبرستان آهي، جنهن ۾ مٽيءَ جي ڪرن جا انيڪ قسم
آهن. ڌنو فقير ذات جو ڪنڀار ۽ وڏو ڪامل درويش ٿي
گذريو آهي. سندس وفات 27 رمضان 1312هه ۾ ٿي.
25. عيسيٰ فقير دشتي:
هيءَ فقير ذات جو انڙ هو، ڍوري جي ڪناري ديهه مارو
واءِ ۾ سندس مزار آهي سندن وفات جو سن 1243هه لکيل
آهي. هيءُ بزرگ لنواري شريف جي سلسلي جو ۽ محترم
محمد زمان لنواري واري جو خليفو هئو.
26. شاڪر فقير:
هيءَ ذات جو پلي ۽ ميرن جي دؤر جو فقير هو، سندس
تربت ديهه پنجوئي ۾ صوفي شاخ جي لڳ آهي.
27. ساهو فقير:
هيءَ ذات جو هاليپوٽو ۽ ميرن جي دؤر جو بزرگ هو،
سندس قبر ديهه پنجوئي ۾ ڳوٺ حاجي فتح محمد راڄڙ جي
اُتر ۾ چئن ايڪڙن جي پنڌ تي آهي.
28. مرڪڻ فقير:
هيءَ ذات جو ماڇي ۽ ڪلهوڙن جي دؤر جو بزرگ آهي.
سندس اولاد مرڪڻاڻي ماڇي سڏبا آهن. سندس قبر صوفي
غلام محمد جي ڳوٺ لڳ ديهه سونهي ۾ آهي.
29. يار پير:
اٺين ميل هيرل واري موري جي لڳ اتر اولهه طرف سندس
مزار آهي، جتي ميلا ملاکڙا لڳندا آهن.
30. ميهار فقير:
اٺين ميل هيرل جي موري کان اتر اوڀر اڌ ميل پنڌ تي
ميهار فقير جي مزار آهي، جنهن لاءِ چون ٿا ته
آڳاٽي دؤر جو مشهور بزرگ آهي.
31. اصحابي فقير:
ڳوٺ عبدالحڪيم آريسر جي اتر پاسي ديهه 2 هيرل ۾
سندس مزار آهي، هيءَ تمام آڳاٽي دؤر جو درويش آهي.
32. جمال شاهه:
ڍوري ناري اسٽيشن جي اتر پاسي لڳ سندس چوکنڊي آهي،
جتي ڪئين مراد وند ايندا رهن ٿا.
33. عاشق فقير:
نونهيين جي ڳوٺ ۽ انڙ آباد جي وچ تي، هڪ وڏي دڙي
جي چوٽي تي سندس مزار آهي، جنهن کي عام طرح عاشق
جو ٽوڙ سڏيندا آهن. فقيري صاحب بابت ڪئين ڪرامتون
مشهور آهن. هيءُ بزرگ جهوڪ جي فقيرن مان سيد نماڻي
شاهه جو همعصر هئو.
34. بيبي مٺي:
هيءَ فضل محمد شاهه جي ڌيءَ ۽ ٻسٽان واري سيدن مان
آهي، وڏي مشهور ۽ بزرگ عورت ٿي گذري آهي، 27 رمضان
1302هه ۾ وفات ڪيائين. ڪپري قوم جا ماڻهو سندس
مريد آهن. مقام سندس ئي نالي سان سڏجي ٿو.
35. غازي بچل شاهه بخاري:
ساماري شهر ۾ ڪورٽ جي پٺيان سندس چوکنڊي آهي،
آڳاٽي دؤر جو بزرگ هو.
36. سيد منگهن شاهه مٽياروي:
متوفي 10 محرم 715هه، وڏو درويش ۽ ڪامل بزرگ ٿي
گذريو آهي، سندس مزار درس ميد جي مقام ۾ آهي.
37.: سيد قاسم شاهه گهوٽ:
متوفي 11 محرم 1240هه مٽياروي بزرگ ۽ ٿر جو رهاڪو
هو، سندس ڪئين مريد ٻڌجن پيا، سندس ڪرامتون پڻ بي
انداز ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. درس ميّد جي مقام ۾ دفن
آهي.
38. سيد عالي شير شاهه:
ولد وڏل شاهه لڪياري متوفي 28 محرم 1336هه مدفن
قبرستان رام جاڳو. وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس
مزار تي هر سال وڏو ميلو لڳندو آهي.
39. سيد محمد شاهه لڪياري:
متوفي 20 ذوالقعد 1280هه، مشهور بزرگ هو، سندس
روضو رام جاڳي جي مقام ۾ آهي.
40. سيد مينئن شاهه:
ولد وڏل شاهه لڪياري متوفي 3 ربيع الاول 1358هه،
مشهور بزرگ هو، جنهن لاءِ سندس مريدن جا ڪيترا
قصيدا ملن ٿا، سندس قبر رام جاڳي جي مقام ۾ آهي.
41. نور شاهه:
ولد قائم شاهه لڪياري متوفي 3 ذوالقعد 1349هه،
مدفن مقام رام جاڳو، مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي.
42. سيد جڙيل شاهه:
ولد مينئن شاهه لڪياري متوفي 8 محرم 1393هه، مدفن
رام جاڳو، فقير ۽ شاعر مشهور هو.
43. نور علي شاهه:
ولد علي شاهه متوفي 11 جمادي الاول 1372هه،
اسماعيل شاه جي قبرستان ۾ دفن آهي ۽ اها قبرستان
واري ڀڙي اسماعيل شاهه جي نالي سان گڏ سندس نالي
پڻ سڏجي ٿي.
44. مير مبارڪ:
ولد عالي بن ڪڪه عرف سليمان ٽالپور بلوچ متوفي
1157هه، رام جاڳي لڳ مدفن آهي، سندس قبر جي
چوکنڊي ڊٺل آهي جنهن جي ڀر ۾ سندس پٽن هر هڪ مير
مقصود ۽ مير عالي عرف علوده ۽ ٻين جون قبرون آهن،
جيڪي لڪياري سيدن سان نه ٺهندي مشهور بزرگ ابن
فقير جي پاراتي سان تباهه ٿيا هئا، ابن فقير کين
جيڪو پاراتو ڏنو هو سو هن طرح آهي:
پلي اڳيئي پڌرو، ٻيو ٻيلي ٿيس”رام“،
علوده ۽ مقصوده جي، ڪنڍي رهندي ڪانه،
پيئي هن جي پٽ ۾، ڪم ڪندي ڪانه،
عرض ابن فقير جا، سڻ مديني جا ڄام،
خانپور جا خان، لڏي لاهوارا ٿيا.
ابن فقير جي پاراتي کانپوءِ خانپور جي شهر ۾
ماڪوڙا پيدا ٿيا، جن کان تنگ ٿي ماڻهو لڏي ويا ۽
مير ڀائر پڻ بيمار ٿي مري ويا باقي خاندان وارن
لاڙ ڏانهن رخ رکيو جتي نئون شهر راڄو خاناڻي وڃي
ٻڌائون. جتي سندن پويان رهن ٿا. خانپور جي ڦٽل شهر
جا آثار ديهه کن ۾ اڃان باقي آهن. تازو ڪنهن
نوجوان هڪ نئين روايت مير صاحبن جي دلجوئي لاءِ
گهڙي آهي ته ’خانپور‘ جو شهر ابن فقير جي پاراتي
سان نه بلڪ خشڪسالي جي ڪري غيرآباد ٿيو، حالانڪه
هيءَ علائقو جَهڪو ۽ وهڪرن جي پالوٽ سبب اڪثر ٻوڏ
۾ بچا بند پڻ انگريزن ٻڌايو ته جيئن باقي اوڀر
وارو علائقو ٻوڏ کان بچي سگهي. هن وقت هيءُ علائقو
هر سال برساتي موسم ۾ ڪنهن وڏي تالاب جو ڏيک ڏئي
ٿو. انهيءَ ڪري خشڪ سالي واري فرضي روايت ۾ ڪابه
صداقت ڪانه آهي.
45. صديق فقير ”صادق“ سومرو:
هيءَ وقت جو مشهور بزرگ ۽ سنڌ جو وڏو شاعر ٿي
گذريو آهي. سندس ۽ سندس اولاد مريدن ۽ خادمن جو
احوال ڪتاب وڻجارن وايون (عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي)
وڙهيا واڳيا واپريا (راڄ محمد پلي) ۽ رسالي مهراڻ
جي پرچن ۾ موجود آهي.
46. سيد نياز حسين شاهه بخاري:
متوفي 24 اپريل 1971ع، مشهور بزرگ بخاري جي اولاد
مان آهي ۽ سندس تربت قبرستان بخاري لڳ عمرڪوٽ ۾
آهي.
47. خانبهادر ڇٽو خان نومڙيو:
متوفي 30 جنوري 1878ع، مدفن عمرڪوٽ ٿرپاڪر پوليس ۾
رسالدار هو ۽ وقت جو مشهور ماڻهو ٿي گذريو آهي.
48. سيد محمد علي شاهه شهيد:
هيءَ بزرگ سيد محسن شاهه جو فرزنده ۽ مهراڻي جو
مور هو، کيجڙياري جو مقام سندس ئي نالي پٺيان،
شهيد جو مقام سڏجي ٿو، برطانيه حڪومت جي شروعاتي
دؤر ۾ راڻي رتن هٿان شهيد ٿيو هو، جيڪو احوال
تاريخ ريگستان ۾ موجود آهي.
49. سيد هاشم شاهه:
ولد سيد محمد علي شاهه شهيد، پيءَ کانپوءِ مشهور
ٿيو ۽ هن جيڪو پنهنجي پٽ جلال شاهه جي شاديءَ جو
ڀت ڪيو سو بيمثال هو جنهن بابت شاعر مل محمود پلي
هڪ مثنوي لکي جنهن جو هڪڙو بيت اِيئن به آهي ته:
جيڪي ڪين آيا انهيءَ ڀت تي،
سڻيو پوءِ ڳالهيون، رنا رت ٿي.
اها مثنوي لوڪ ادب جي واقعاتي بيتن واري ڪتاب ۾
موجود آهي. سيد بزرگ تاريخ 15 ذوالقعد 1348هه ۾
گذاري ويو. کانئس پوءِ سندس پٽ جلال شاهه به چڱو
مشهور ٿيو ۽ سندس ئي خاندان مان غازي غلام شاهه
متوفي 13 رجب 1378هه پڻ مشهور بزرگ آهي.
50. ميون جان محمد ڪيريو:
هيءَ وهري جي مشهور مدرس ۽ عالم ميان نور محمد
ڪيرئي جو پڙ پوٽو هو، وڏو درويش ۽ مجذوب طبع جو
مالڪ هو، سندس ڪئين ڪرامتون مشهور آهن. 27 رمضان
1348هه ۾ وفات ڪيائين. سندس نياڻي ٻائي راحت صاحبه
وڏي درويشياڻي ۽ بزرگ خاتون هئي.
51. سيد گلاب شاهه غازي:
لڪياري ساداتن مان هو، سندس مزار ڀوريءَ جي ڀڙن ۽
خانپور جي ڦٽل شهر ويجهو مشهور آهي، جتي وڏو
قبرستان پڻ آهي. جيڪو سندس ئي نالي سان سڏجي ٿو.
52. بيبي مٺان:
متوفي 26 ذوالحج 1336هه مشهور نيڪ ۽ درويشياڻي
هئي. سندس خاندان ۾ ٻيا به بزرگ جهڙوڪ علي غلام
شاهه متوفي 4 ربيع الآخر 1359هه ۽ ڄامن شاهه مشهور
ٿي گذريا آهن. سندس پويان کاروڙائي سيد سڏبا آهن.
کاروڙي جي سيدن مان سيد محمد مراد شاهه، سيد شاهه
مراد شاهه، سيد غلام رسول شاهه، سيد دادا شاهه
مشهور شخصيتون هيون، هن وقت درگاهه جو سجاده نشين
سيد سردار علي شاهه سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ۽ سنڌ
ڪابينا ۾ وزير پڻ آهي، کاروڙي جي سيد گهراڻي ۾ سيد
محمد ميان شاهه پڻ مشهور بزرگ هو. جنهن جو فرزند
سيد حاجي علي مردان شاهه پڻ ڪافي دفعا سنڌ اسيمبلي
جو ميمبر ۽ وزير رهيو. سندس ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر نور
علي شاهه هن علائقي جي سياست ۾ اهم حيثيت رکي ٿو.
53. عطائي پلي:
عطا محمد عرف عطائي پلي سومريجن جي پاڙي مان مشهور
مجاهد هو، جنهن مير شير محمد ماڻڪاڻي سان دٻي
(ناريجاڻي) واري جنگ ۾ پڻ فوجي ۽ مالي مدد ڪئي
هئي. سندس اولاد مان وڏيرو دودو ۽ ان جو پٽ
عبدالحڪيم ايم. بي.اي ۽ ان بعد خانصاحب عطا محمد
پلي متوفي 21 ربيع الآخر 1375هه ، تنهن بعد سندس
فرزند خانصاحب عبدالرحمان متوفي 1393هه مشهور
زميندار ٿي گذريو آهي. جنهن جا ڀاءُ جناب
عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي، ٻه دفعا سنڌ اسيمبلي جو
ميمبر رهيو ۽ مشهور علمي ادبي شخصيت هئو، سخاوت
سبب کيس سنڌ جو يارهون ڏاتار سڏيو ويو، سندس ٻه
ڀائر جناب راڄ محمد ۽ ولي وفا سنڌ جا مشهور شاعر ۽
اديب هئا. انهي خاندان جا سڀيئي بزرگ کيجڙياري جي
شهيد واري مقام ۾ دفنايل آهن. مشهور علمي ادبي
شخصيت هئو.
54. ميون قاسم ڪالرو:
ولد سلطان متوفي 3 ربيع الاول 1374هه ناري جو
مشهور عالم، مدرس ۽ فقير ٿي گذريو آهي. سندس مريدن
جو ۽ معتقدن جو وڏو تعداد آهي. سندس مزار محمد
رحيم ڪالرو اسٽيشن کان الهندي پاسي بند جي ڀرسان
آهي. جتي هر سال ربيع الاول جي پهرين سومر رات
سندس عرس ٿيندو آهي.
55. قاضي حسن پلي:
هيءَ بزرگ پلين جي پيرج، پاڙي مان ميرن جي دؤر جو
عالم هو ۽ ميرن جي دؤر جي آخر ۾ قضا جي عهدي تي
فائز هو ۽ هڪ دفعي سيدن ۽ ڀيلن جي هڪ فيصلي ۾
حڪومت جي هٿ سبب انصاف نه ٿيڻ ڪري عهدو ڇڏي
ڏنائين. سندس وفات 7 رمضان 1288هه ۾ ٿي، کانئن
پوءِ سندس خاندان مان قاضي محسن مشهور زميندار ۽
فقير، قاضي نور محمد متوفي 1950ع عالم ۽ زميندار
ٿي گذريو آهي. سندس ئي خاندان مان وڏيرو عبدالحليم
پلي ڳموري وارو برصغير جو مشهور توبچي هئو. سندس
تصوير برٽش ميوزم لنڊن (انگلينڊ) ۾ شهنشاهه جارج
پنجين سان گڏ لڳل آهي، سندن فرزند ڪامريڊ جان محمد
پلي متوفي 1950ع مشهور نشاني باز ۽ هاري تحريڪ سنڌ
جو جنرل سيڪريٽري هئو. انهي خاندان جي پوين مان
قاضي غلام رسول ولد ڪامريڊ جان محمد پلي ۽ قاضي
محمد محسن ولد قاضي نور محمد وڏا ماڻهو ۽ علم دوست
هئا.
56. مناهي آريسر:
هيءَ بزرگ آريسرن جي ”حسڻ“ پاڙي مان ميرن جي
شروعاتي دؤر جو مشهور مالدار ماڻهو هو. مناهي کي
ميرن جي درٻار ۾ ڪرسي مليل هئي ۽ صلاحڪار هو، سندس
خاندان مان ڄام لاکو ميرن جو صلاحڪار هو ۽ وڏو
مالوند ماڻهو هو. سندس ئي خاندان مان مناهي ٻيو
جيڪو منهنجو (راقم) پڙ ڏاڏو هو، سو لاڙ ۽ ناري جي
آريسر ذات جو پَٽيل هو ۽ سندس پٽن مان پٽيل گل
محمد وڏو ۽ داناءَ ۽ عالم ٿي گذريو آهي. ساڳئي دؤر
۾ ڄام لاکي جو پوٽو لاکو آريسر عرف حاجي جهنگلي
متوفي 1359هه وڏو مالدار ۽ فقير طبع ماڻهو هو،
تروٽ صاحب طرفان انگريزن جي حڪم سان زمينن جي
ورهاست وقت هيءَ مکيه صلاحڪار هو. وٽس چوپايو مال
ايترو ته گهڻو هو جو کيس ڳاڻاٽي جي خبر نه پوندي
هئي، گهڻي ڌڻ هئڻ جي ڪري کيس ”سارو سنگهار“ سڏيندا
هئا. حاجي جهنگلي جو پٽ حاجي دلاور متوفي 22
ذوالحج 1363هه وڏو سخي ۽ فياض ٿي گذريو آهي، پاڻ
1940ع ۾ ڳوٺ ۾ هڪ خيراتي کوهه کوٽايو ۽ هڪ عظيم
الشان مسجد پڻ جوڙائي، جيڪي اڃان تائين موجود آهن.
حاجي جهنگلي جو پوٽو خليفو عبدالواحد آريسر شهادت
8 رمضان 1390هه وڏو انشاءَ پرداز، برصغير جي
تقريباً سڀني ٻولين جو ڄاڻو، مشهور اديب ۽ مثنوي
گو شاعر، نڊر ۽ بهادر، مشهور توبچي ۽ پنهنجي ڳوٺ
جي باغ سان چاهه رکندڙ شخص هو. وٽس تمام گهڻا
هٿيار هوندا هئا، پاڻ رات جو هميشه پنهنجي مورچي
تي سجاڳ رهي پهرو ڏيندو هو، ورهاڱي کان اڳ ڌاڙيل
ڌمڪين ڏيڻ بعد ڏانهس ايند اڪونه هئا ۽ جي ايندا
هئا ته شڪست کائي موٽندا هئا. شعر و شاعري متعلق
سندس قلمي نسخا موجود آهن، مذڪوره مرحومن جون
تربتون رام جاڳي جي مقام ۾ آهن. هينئر سندس ننڍو
ڀاءُ محترم ڪمال الدين آريسر هتي جو بااثر ماڻهو
آهي.
57. سومرو آريسر:
ميان سومرو ولد ٺارو آريسر متوفي 12 رجب 1310هه
بزرگ ۽ فقير ٿي گذريو آهي. سندس پٽن مان حافظ صدر
الدين آريسر متوفي 1333هه وڏو عالم ۽ حافظ هو.
سندن تربتون مقام رام جاڳي ۾ آهن. سومري آريسر جو
پوٽو مولوي محمد امين آريسر متوفي 1 ربيع الاول
1380هه وڏو زميندار ۽ علم جو گوهر هو ۽ شهيد
گرهوڙي جي مقام ۾ دفنايل آهي. سندس ٽي پٽ ۽ پنج
ڀائيٽيا هن وقت وڏا زميندار آهن، جن مان صدرالدين
آريسر هن وقت چيمبر آف ايگريڪلچر ۽ مارڪيٽ ڪميٽي
تعلقه سامارو جو چيئرمين آهي ۽ سندس ڀاءُ محترم
پير محمد آريسر وڏو علم دوست ماڻهو آهي.
58. حافظ در محمد پلي:
هيءَ بزرگ 1892ع ڌاري تولد ٿيو ۽ 1940ع ۾ گذاري
ويو. هيءَ هڪ ئي وقت معلم، حڪيم ۽ شاعر پڻ هو.
سندس شاعري بيتن، ٽيهه اکرين، ڪافين ۽ مناظرن،
مناقبن ۽ ٻين صنفن تي ڪافي تعداد ۾ موجود آهي.
مدفن ڊيٻو. سندس ڪلام محترم معمور يوسفاڻي صاحب
ترتيب ڏنو آهي.
59. ابن فقير:
ڪلهوڙن جي دؤر جو مشهور بزرگ هو، دهلڙي ساڻ کڻندو
هو، سندس ئي پاراتي سان خانپور جي ميرن ۽ ميان نور
محمد ڪلهوڙي جي تباهي آئي. ميان نور محمد لاءِ
سندس پاراتي جو مشهور بيت هن طرح آهي:
واهه وهندو ڪين ڪي مَ ڪر ماڻهن کي ماهه،
ڪوٽ اڏبو ڪين ڪي، سرن جي سانباهه.
ڳوڙهياري وٽ ڳاهه، وڃي نورو ٿيندين نڪري.
مدفن: رام جاڳو.
60. حاجي برهان راڄڙ:
هيءَ مشهور پٽيل، جٽئي راڄڙ جو پٽ ۽ وقت جو مشهور
سگهڙ، سڄاڻ ۽ علم دوست هو، جنهن لاءِ مل فقير
پنهنجن ڪتابن ۾ دعائيه بيت چيا آهن، سندس وفات جي
تاريخ 9 اپريل 1957ع آهي.
61. بلال هاليپوٽو:
متوفي 1940ع وقت جو مشهور سخي مرد هو، ۽ هو پنهنجي
ماني به رات جو 2 بجه تائين رکيو ويٺو هوندو هو ته
من ڪو مهمان اچي. مدفن مقام ڊيٻو.
62. حافظ عبدالقادر پلي:
هيءَ بزرگ دائري جو شاگرد، مشهور عالم ۽ حافظ هو،
ڊيٻي جي ڳوٺ لڳ پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهائيندو هو. سندس
شاگردن مان ڪيترائي مشهور حافظ ٿي گذريا آهن.
جهڙوڪ: حافظ ملوڪ، حافظ حاميد ۽ حافظ شهاب الدين
سميجو، حافظ خان محمد ڪوري، حافظ نور محمد پلي
وغيره (مدفن: ڊيٻو).
63. حاجي حبيب الله پلي:
ولادت 1288هه ۽ وفات 1356هه، مشهور پهلوان، درويش
۽ فقيه هو، ڪل يارهن حج ڪيائين ۽ ڪيترن ئي ٻين
ماڻهن کي پڻ حج پڙهايائين. ڳموري مقام ۾ دفنايل
آهي. سندس عزيزن مان حاجي پرچو پلي نهايت مشهور
شخص ٿي گذريو آهي.
64. حافظ عبدالحميد پلي:
کيرل جي ڳوٺ جو مشهور بزرگ هو، گهڻو ڪري نانگ جي
شڪل ۾ سير ڪندو هو، ميرن جي دؤر ۾ وفات ڪيائين.
سندس خاندان مان مبارڪ پهلوان ۽ ستابو پهلوان ۽
محمد علي انشا پرداز ۽ مولوي محمد مبارڪ ”اثيم“
متوفي 28 ذوالحج 1357هه وقت جو مشهور عالم، اديب،
شاعر، صحافي ۽ مشهور مناظر ۽ مقرر ٿي گذريو آهي.
’اثيم‘ قِراني رسالي ولهيٽ جو مدير هئو ۽ ”موت
الحنود“ ۽ انڪشاف الحقيقت سندس مشهور تصنيفون آهن.
(مدفن: ڳموري)
65. مولوي عبدالخالق پلي:
ولد حاجي محمد يوسف پلي ولادت 12 رجب 1329هه، وفات
20 رمضان 1389هه، مشهور عالم مولانا محمد علي
جوڻيجي ۽ مولانا قرآني عليه رحمت جو شاگرد هو،
دستاربندي بعد ڳوٺ حاجي پير محمد پلي، مير گل حسن
جي لانڍي، ڳوٺ حاجي ابراهيم خاصخيلي، ڳوٺ ڪلواري،
ڳوٺ حاجي محمد علي هاليپوٽو، ڳوٺ ڳموري ۽ ڳوٺ حاجي
عبداللطيف پلي ۾ مدرس ٿي رهيو، وڏن ماڻهن، پيرن ۽
ملن سان نه پوندي هئس، سندس شاگردن مان مولانا
مبارڪ ’اثيم‘ پلي مرحوم، مولوي مهر علي ڪوري
مرحوم، مولوي شير محمد سميجو ٻانڌي وارو، مولوي
عبدالرشيد ساند ڪنري وارو، مولوي دين محمد ساند ٿر
وارو، مولوي محمد اسحاق جوڻيجو منتظم مدرسه عالم
پلي ۽ مولوي محمد ادريس جوڻيجو مشهور آهن. پاڻ
نحو، صرف، منطق ۽ ميراث جي فن جو وڏو عالم هو. پاڻ
حڪيم، اديب ۽ شاعر پڻ هو. سندس قلمي ذخيرو پوين وٽ
موجود آهي.
سندس وڏن مان حڪيم حاجي محمد متوفي 1373هه، حڪيم
حاجي محمد يوسف متوفي 1365هه، مشهور شاعر حاجي
ونهيل، مولوي الهڏنو ۽ علامه ارشد مشهور عالم ۽
مصنف ٿي گذريا آهن. جن مان ڪن جون تربتون سُهي جي
مقام ۾ ۽ ڪن جون ڳموري جي مقام ۾ آهن.
66. نهال خان لاشاري:
ديهه ساريٽي ۽ ڪائٿ جو مشهور زميندار ۽ راڄ جو
چڱو مڙس هو، سندس وفات 4 جمادي الثاني 1376هه ۾
ٿي. سندس وڏن مان ميان بجر خان متوفي 1 ربيع الاول
1333هه، ۽ اميد علي خان متوفي 11 صفر 1337هه ۽
جڙيل خان متوفي 24 ذوالقعد 1322هه مشهور شخصيتون
ٿي گذريا آهن ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ رئيس جڙيو خان
متوفي 10 ربيع الاول 1381هه به سپوٽ ساماڻو هو.
انهن سڀني جون قبرون کيجڙياري جي رتي شاهه واري
مقام ۾ موجود آهن. سندس خاندان مان اميد علي خان ۽
ولي محمد خان بااثر زميندار هئا.
67. خليفه حاجي دابود هاليپوٽو:
ولد مير محمد هاليپوٽو متوفي 26 جمادي الثاني
1360هه، مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس وڏن مان
خليفو حاجي نالي چڱو متوفي 12 رمضان 1320هه ۾
خليفه عدل مشهور بزرگ ٿي گذريا آهن. اهي سڀ
کيجڙياري جي شهيد واري مقام ۾ دفنايل آهن.
68. حافظ شهاب الدين سميجو:
متوفي 6 ذوالحج 1326هه، کيجڙياري جي ڳوٺ جو مشهور
مدرس هو، کانئس پوءِ سندس خاندان مان حافظ علي
محمد، حافظ منٺار، حافظ محمد رحيم، حافظ ڪانڀو،
حافظ بچل ۽ قاضي عبدالله مشهور ٿي گذريا آهن، جيڪي
سڀيئي کيجڙياري جي شهيد واري مقام ۾ دفن آهن.
69. ميان حسن علي پلي:
هيءَ ڳوٺ جتو پلي جو ويٺل ۽ مشهور گهوڙي سوار هو،
۽ انهيءَ دؤر ۾ سڀني ماڻهن کان وڏو پٽڪو ٻڌندو هو،
جنهن ڳالهه احمد شاهه ڏاڏاهي کي به ڪاوڙائي وڌو
هو. سندس وفات جي تاريخ 7 صفر 1319هه آهي. کانئس
پوءِ سندس خاندان مان وڏيرو جتو مشهور سگهڙ ۽ راڳ
جو ڄاڻو ٿي گذريو آهي.
70. حافظ محمد انس پلي:
ولد حافظ قادر ڏنو پلي متوفي 1316هه وقت جو مشهور
بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس خاندان مان ٻيا عالم حافظ
محمد، حافظ احمد، حافظ ابوبڪر، حافظ محمد ابراهيم،
حافظ راهو، حافظ موسيٰ ٿي گذريا آهن انهيءَ ئي
خاندان مان حاجي قادر ڏنو پلي مشهور حڪيم ۽ سندس
ڀاءُ حاجي لقمان متوفي 27 رمضان 1384هه ٿي گذريا
آهن، جيڪي سڀيئي رائلي جي مقام ۾ دفنايل آهن.
71. منٺار ڪارو:
هيءُ ذات جو پلي ۽ ڪوڪڙيي جو رهاڪو هو، هيءُ
پنهنجي دؤر جو مشهور پهلوان ۽ ٻيلهاڙي جو ڪاريگر
هو، هن جي خاندان مان حيسب ۽ بولو مشهور چويڙي پٽ
پهلوان ٿي گذريا آهن. جيڪي سڀ جانهيري جي شهمير
شاهه واري قبرستان ۾ دفنايل آهن.
72. ربو پلي:
رب ڏنو عرف ربو پلي مشهور چرچائي ۽ حاضر جواب هو،
سو به ايتريقدر جو وڏا وڏا چرچائي هن کي سامهون
ايندي لهرائيندا هئا سندس وفات 1330هه ۾ ٿي. سندس
تربت کيجڙياري جي شهيد واري مقام ۾ آهي.
73. خليفو محمد عارف پلي:
ولد عابد پلي متوفي 9 محرم 1392هه مدفن شهمير شاهه
جو مقام، مشهور گلوڪار، مولودي ۽ ملهه هو.
74. ڀورو ساند:
متوفي 1335هه جانهيري جو مشهور سپوٽ شخص ٿي گذريو
آهي، کانئس پوءِ سندس خاندان مان وڏيرو سکيو متوفي
4 محرم 1389هه، وڏيرو جمال مشهور اديب ۽ شاعر
مولوي مير محمد ”عنصري“ متوفي 1383هه ٿي گذريا
آهن. جيڪي سڀ ميان عبدالڪريم جي قبرستان ۾ دفن
آهن.
75. مولوي عبدالحڪيم ميمڻ:
ولد قادر بخش ميمڻ، متوفي 20 محرم 1362هه، چيلهه
جو مشهور عالم ۽ مدرس ٿي گذريو آهي. سندس پويان
سندس پٽ مولوي عبدالرحمان ”انيس“ ۽ حڪيم عبدالحي
موجوده دؤر جا مشهور شخص آهن. مولوي عبدالحڪيم
چيلهه جي مقام ۾ دفنايل آهي.
76. سيد حاجي فتح علي شاهه:
ولد ڪمال شاهه متوفي 25 محرم1323هه، وقت جو مشهور
شخص هو، کانئس پوءِ سندس خاندان مان سيد علي اصغر
شاهه متوفي 25 محرم 1357هه، مشهور سخي مرد ۽ حاجي
ميان محمد حسن شاهه متوفي 16 رمضان 1382هه مشهور
معلم ۽ فتح علي شاهه ثاني متوفي 1 ذوالحج 1371هه ۽
تاج محمد شاهه متوفي 1 سيپٽمبنر 1962ع نالي وارا
ٿي گذريا آهن. اهي سڀيئي چيلهه جي مقام ۾ دفن آهن.
77. قلندر شاهه:
انگريزن جي شروعاتي دؤر جو مشهور زميندار سخي ۽
مجاهد هو، کانئس پوءِ سندس اولاد مان سيد قلندر
شاهه شاعر ۽ سيد علي اڪبر شاهه اديب ۽ سيد امين
محمد شاهه وقت جا مشهور ماڻهو ٿيا. مرحوم قلندر
شاهه اول چيلهه جي قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي.
78. قاضي سلطان مومن:
ولد محمد صالح خاصخيلي متوفي 11 محرم 1391هه،
پنهنجي وقت جو مشهور ماڻهو، سپوٽ ۽ نيڪ انسان ٿي
گذريو آهي. ڪنريءَ ۾ سندس نالي تي هاءِ اسڪول پڻ
آهي. کانئس پوءِ سندس ڀائيٽو قاضي حاجي محمد
ابراهيم مومن (تمغه خدمت) ڪنريءَ جو ٺاهيندڙ ۽
هاري ليڊر هئو ۽ ٽوڀان لڳ دفن آهي.
قاضي سلطان جي مزار وليي پليي جي قبرستان ۾ آهي ۽
مٿانئس ننڍو قبو به هينئر جڙي راس ٿيو آهي. سندن
فرزند قاضي محمد عثمان ٿيو ۽ ان جا فرزند قاضي
سلطان (ثاني) ۽ قاضي شاهنواز حال حيات آهن.
79. سرمست خان رند:
ولد جيئند خان، متوفي 1382هه، مشهور زميندار ٿي
گذريو آهي، سندس نالي تي ڳوٺ قائم آهي، سندس قبر
شاهو فقير جي مقام ۾ آهي.
80. مهرو خان:
ولد پليو خان متوفي 1337هه، مدفن شاهو فقير،
کرڇيلي جو مشهور زميندار ۽ راڄ جو چڱو مڙس ٿي
گذريو آهي.
81. حاصل خان رند:
ولد جعفر خان،متوفي 1362هه وقت جو مشهور شخص ٿي
گذريو آهي، سندس اڳوڻن مان جعفر خان، سلطان خان ۽
حاصل خان متوفي 1192هه وقت جاءِ راڄ جا مشهور
ماڻهو هئا. سڀيئي شاهو فقير رند جي قبرستان ۾
دفنايل آهن.
82. شير محمد فقير:
متوفي 6 صفر 1337هه، وڏو مشهور ماڻهو، سخي ۽ نيڪ
انسان ٿي گذريو آهي، سندس خاندان مان ٻيا فقير
گنبو به متوفي 1347هه، فقير ابراهيم متوفي 1369هه
۽ حافظ محمد مراد متوفي 1322هه مشهور شخص ٿي گذريا
آهن، جيڪي سڀيئي ساڀي جي مقام ۾ دفنايل آهن.
83. عليم درس:
ساڀي جو هيءَ مرد مجاهد سڄي زندگي بدعتن جي خلاف
جهاد ڪندو رهيو. هيءَ تازو گذاري ويو آهي ۽ سندس
قبر ساڀي جي مقام ۾ آهي ۽ کيس چوڌاري لوهي تارن جو
لوڙهو ڏنل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وٽ ايندو
هئو. بلوچ صاحب ”رهاڻ هيرن کاڻ“ ۾ پڻ سندس ذڪر ڪيو
آهي.
84. محمد هاشم سومرو:
انگريزن جي شروعاتي دؤر جو مشهور زميندار، مالدار
۽ چڱو مڙس ٿي گذريو آهي، سندس خاندان جا ٻيا جيڪي
افراد مشهور ٿيا، تن مان حسين سومرو، همير سومرو
متوفي 1362هه، اسماعيل سومرو متوفي 1332هه، نالي
وارا شخص هئا. سندن تربتون نونهيين جي مقام ۾ آهن.
انهيءَ خاندان جا موجوده روشن چراغ ابوبڪ سومرو،
عبدالواحد سومرو ۽ ميرل فقير شاعر موجود آهن.
85. جڳمال آريسر:
هيءَ حويلي جو رهاڪو ۽ پنهنجي وقت جو مشهور مالدار
ماڻهو هو، سندس پٽ عبدالرحيم متوفي 1351هه، به
نالي وارو شخص هو، اهي ٻئي حويلي جي قبرستان ۾ دفن
آهن. هن وقت انهيءَ خاندان جي پوين مان مولوي
ثناءَ الله ۽ ماستر لعل محمد آريسر مشهور شخص آهن.
86. مهراڻ ڳهيلڙو:
ولد مٺال ڳهيلڙو متوفي 27 رمضان 1300هه، پنهنجي
دؤر جو مشهور ماڻهو هو، کانئس پوءِ سندس پٽ سهراب
متوفي 27 رجب 1345هه ۽ گاهي متوفي 7 ذوالحج
1377هه، مشهور شخصتون ٿي گذريا آهن. جيڪي سڀيئي
رام جاڳي جي قبرستان ۾ موجود آهن. سندن پوين مان
حاجي ماهي ۽ حاجي سهراب زميندار ٿيا.
87. صالح ڀنڀرو:
هيءَ انگريزن جي دؤر جو مشهور زميندار هو، جنهن جي
نالي تي صالح ڀنڀرو اسٽيشن موجود آهي. کانئس پوءِ
سندس پٽ حمزو متوفي 1384هه ۽ حاجي رسول بخش ولد
ڄام ڀنڀرو متوفي 11 رمضان 1378هه سابق پريزيڊنٽ
ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ٿرپارڪر مشهور ماڻهو ٿي گذريا
آهن. اهي سڀيئي رام جاڳي جي مقام ۾ دفنايل آهن.
سندن پوين مان عباس ”ساٿي“ ڀنڀرو نوجوان شاعر آهي.
88. سگهو پلي:
ولد محمد قاسم ولد محمد انس پلي متوفي 27 صفر
1370هه، مدفن رام جاڳو، شادي پلي جو مشهور
زميندار، سياح، علم دوست، حاضر جواب، سخي ۽ دلير
انسان هو، سندس ڪيئي ڪارناما مشهور آهن، سندس
عزازت مان حاجي علي بخش ولد عبدالحڪيم مشهور شاعر
۽ مدد علي ولد عمر مشهور زميندار ٿي گذريا آهن.
وڏيرو محمد سگهو علامه قِراني جو شاگرد هو، قائد
اعظم محمد علي جناح سان سندس دوستانه تعلقات هئا،
هيءَ ’رام جاڳو‘ ۾ دفن آهي.
89. ستار ڏنو پلي:
هيءَ وقت جو مشهور شخص هو، جنهن جي نالي تي ڳوٺ
قائم آهي، کانئس پوءِ سندس پٽ ميان غلام علي متوفي
16 رمضان 1360هه، ۽ سندس پوٽو جان محمد متوفي 27
شعبان 1387هه، نالي وارا ٿي گذريا آهن.
90. دار پلي:
ولد حافظ دائود پلي متوفي 1355هه، وقت جو نيڪ
انسان ٿي گذريو آهي ۽ سندس ئي نالي تي ڳوٺ قائم
آهي، سندن عزيزن مان محمد حسين ۽ راڻو پلي مشهور
ٿيا. راڻي جو فرزند جليل سروري پڻ مشهور شاعر هئو.
دار پلي رام جاڳي جي قبرستان ۾ دفنايل آهي.
91. فقير سليمان ڪورائي:
ولد ورو خان متوفي 19 ربيع الاول 1371هه، مشهور
شاعر ٿي گذريو آهي، کانئس پوءِ سندس پٽ مهراب فقير
متوفي 6 رجب 1360هه، شاعر ۽ فقير ۽ پليو ولد فقير
بخش متوفي 6 شعبان 1383هه مشهور گلوڪار ۽ موسيقار
هئا. سندن ئي خاندان مان فقير قاسم علي پڻ شاعر ٿي
گذريو آهي.
انهيءَ خاندان مان شاعر جهنڊل فقير ۽ سرت علي فقير
جيڪي گڏوگڏ ڳائڻا پڻ مشهور ٿيا.
92. ميان حاجي اڪبري:
هيءُ بزرگ ميان صابر ولهاري جي خاندان مان کنڀري
جو مشهور بزرگ، عالم ۽ مدرس ٿي گذريو آهي، جنهن جو
احوال رسالي مهراڻ جي سوانح نمبر ۾ موجود آهي.
کانئس پوءِ به خاندان ۾ عالم ٿيندا آيا آهن، جن
مان ميان عبدالله ولهاري (جنهن جو احوال پڻ مهراڻ
جي سوانح نمبر ۾ آهي) ۽ ميان احمد، ميان پير محمد،
ميان هدايت الله مشهور عالم، علم دوست ۽ نالي وارا
ٿي گذريا آهن. هن وقت انهيءَ خاندان جا چراغ ميان
عبدالحق ۽ ماستر احمد موجود آهن. مٿيان مرحوم
کنڀري جي قبرستان ۾ دفن آهن.
93. شڪور نهڙي:
هن دؤر جو مشهور ڌاڙيل هو ۽ 27 ڊسمبر 1971ع تي ٻن
ساٿين نواب ولد خيرالدين ۽ جمال ولد متاري سان
ٺڪرن جي مال تي کوسن سان وڙهندي مارجي ويا ۽ چيلهه
جي مقام ۾ دفنايل آهن.
94. حافظ محمد صالح نهڙي:
هيءُ بزرگ حافظ، عالم ۽ مدرس هو ڪافي عرصو مختلف
مڪتبن ۾ پڙهائيو هئائين، سندس وفات پهرين شوال
1392هه ۾ ٿي. هيءُ بزرگ مقام جمع ڀونئريي پير ديهه
ناڙا هڏي ۾ سندس ڳوٺ نزديڪ دفنايل آهي. سندس پوين
مان حاجي محمد دائم سندس نيڪ ۽ علم دوست فرزند
آهي.
95. حاجي هوتو:
ولد امام بخش ٻٻر متوفي 18 ذوالقعد 1393هه، مدفن
وهرو، وقت جو مشهور شخص ۽ راڄو چڱو مڙس ٿي گذريو
آهي.
96. ميون ابن:
ولد سلطان متوفي 18 ذوالقعد 1388هه مدفن وهرو،
ميان نور محمد ڪيرئي جي اولاد مان مشهور سگهڙ ۽
سڄاڻ شخص ٿي گذريو آهي.
97. مولانا محمد عثمان قراني رحه:
مدفن پروڙ جو مقام- سندس احوال مهراڻ رسالي جي
سوانح نمبر ۾ موجود آهي. سندس خاندان مان سندس
فرزند مولوي محمد سعيد مڪتب کي سهڻي نموني سان
هلائيو ۽ ٻيا به هڪ ٻه سٺا حڪيم پيدا ٿيا، سندن
پوٽو مولوي نورمحمد هن وقت مدرسو هلائي ٿو.
98. حاجي عبداللطيف پلي:
هيءُ پنهنجي دؤر جو مشهور نيڪ شخص ۽ اعليٰ ڪردار
جو مالڪ انسان ٿي گذريو آهي. سندس نالي تي ديهه
ٽمون مٺو ۾ ڳوٺ قائم آهي. کانئس پوءِ سندس پٽ حاجي
عبدالمنعم 1382هه مشهور شخص ٿي گذريا آهن. جن مان
پويان ٻئي ڳوٺ جي قبرستان ۾ ۽ پهريون قبرستان رام
جاڳي ۾ دفن آهي، هن جا وڏا درس و تدريس جو ڪم ڪندا
هئا. انهيءَ ڪري هن خاندان وارن کي ’درس پلي‘
ڪوٺيندا آهن.
عبدالمنعم جا ٽي فرزند حاجي عبداللطيف (ثاني) حاجي
محبوب ۽ عبدالعليم ٿيا. انگريزي ڊپارٽمينٽ سنڌ
يونيورسٽيءَ جو استاد عزيز پلي به هن خاندان مان
هئو. هن وقت ڳوٺ جا معززين محترم لطف علي پلي،
حاجي عبدالمالڪ پلي ۽ حاجي معشوق علي پلي هن
خاندان جا چشم و چراغ آهن.
هن جي وڏن مان درس عبدالمالڪ پلي مشهور بزرگ هو،
جنهن جي چوڻ تي سيد علي محمد شاهه دائري واري
مشهور ڪتاب مصلح المفتاح لکيو، جنهن کي عام طرح
”سيدن جي سنڌي“ چوندا آهن. مشهور شاعر مل محمود
پلي ۽ مشهور اديب محمد خان پلي پڻ هن ئي خاندان جا
چراغ هئا. هن وقت سندن پويان ڪافي ڪٽنب آهي.
99. احمد علي فقير:
احمد علي فقير رند متوفي 2 ربيع الاول 1385هه
مدفن مقام نماڻو شاهه- کاروڙي جو مشهور شخص ۽ چڱو
مڙس هو.
هن جا وڏا نماڻي شاهه سان گڏ لاڙ کان هن پٽ ۾ آيا
۽ نماڻي شاهه جي شهادت بعد مجاور ٿي ڳوٺ ٻڌي ويهي
رهيا. جن سان فقير اميد علي، فقير احسان علي، فقير
قادر بخش ۽ فقير محمد علي نالي وارا ٿي گذريا آهن.
100. فقير علي بخش هاليپوٽو:
متوفي 5 ربيع الاول 1350هه (مدفن مقام رائلو)
هاڙهه جو مشهور زميندار ۽ سنڌ جو مشهور حڪيم ٿي
گذريو آهي. سندس فرزندن مان ڊاڪٽر عبدالحفيظ ايف
آر سي ولايت ۾ ڊاڪٽر آهي ۽ فقير محمد هاشم علائقي
جو مشهور بزرگ سياستدان ۽ ڏاهو انسان آهي.
101. مولوي عبداللطيف سميجو:
متوفي 25 شعبان 1345هه اصل وطن رُڙ گهُڙ تعلقه
ڇاڇرو، جانهيري جي ڳوٺ ۾ مدرس ٿي اچي رهيو ۽ اتيئي
وفات ڪيائين. سندس قبر شهمير شاهه جي مقام ۾ آهي.
102. حافظ ڪريم بخش رونجهو:
پٿوري جو رهاڪو، مشهور نيڪ شخص ۽ حافظ ٿي گذريو
آهي، پٿوري لڳ ميران شاهه جي قبرستان ۾ دفنايل
آهي. سندن پوين مان محترم ولي محمد ولي ”سروري“
سندس فرزند اعليٰ تعليم يافته ۽ مشهور شاعر ٿي
گذريو آهي.
103. فقير عبدالڪريم انڙ:
عيسيٰ فقير دشتيءَ جو فرزند، جانهيري جي ڏکڻ ۾ ٻه
ميل پنڌ تي دفنايل آهي جيڪو قبرستان سندس ئي نالي
آهي. هيءَ مشهور بزرگ ۽ فقير ٿي گذريو آهي. سندس
پوين مان فقير عبدالله انڙ مشهور ۽ سڌريل زميندار
ٿيو.
104. مولوي عبدالهادي پنوهر:
ولد بيگ پنوهر متوفي 20 ذوالحج 1347هه ساڏوري جو
رهاڪو هو ۽ ميان عبدالڪريم جي قبرستان ۾ دفنايل
آهي. سندس خاندان مان پويان شاعر خان محمد پنوهر ۽
مجاهد مولوي محمد اسماعيل پنوهر ناميارا شخص آهن.
105. حاجي محمد صديق ڀنڀرو:
حاجي محمد صديق ڀنڀرو متوفي 12 رجب 1345هه، وڏو
نيڪ شخص ۽ عظيم بزرگ ٿي گذريو آهي. کانئس پوءِ
سندس پٽ مولوي حافظ محمد سليمان متوفي 11 رمضان
1347هه پڻ وقت جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. هيءَ ٻئي
بزرگ درس ميّد جي قبرستان ۾ دفنايل آهن.
106. حاجي ڳاڙهو ڪپري:
ولد صوڀو فقير ڪپري متوفي 1 ذوالقعد 1382هه، ڪپري
قوم جو عظيم ترين انسان ٿي گذريو آهي، جنهن سموري
زندگي حلال جي ڪمائي کائي يا ياد الاهي ۾ مصروف
رهيو. هن ڪيترائي حج پڻ ڪيا جن جو ڳاڻيٽو نه آهي.
هيءَ بزرگ بيبي مٺي جي مقام ۾ دفنايل آهي.
107. حافظ مير محمد چانڊيو:
هيءَ معذور ۽ مشهور نيڪ ۽ حافظ ٿي گذريو آهي، جنهن
جي صحبت مان ڪيترائي گنهگار انسان ۽ نيڪ بنجي ويا،
هيءَ حافظ ٿلهي جو مريد ۽ ملاڪاتيار جي بزرگن جو
معتقد هو. نبيسر جي مقام ۾ دفنايل آهي.
108. نيڪ محمد سمون:
نيڪ محمد سمون تخلص ”باطن“ سنڌي، اردو، فارسي ۽
عربي زبانن جو مشهور شاعر، انگريزي ۽ هندي ٻولين
جو ڄاڻو مشهور انشا پرداز ٿي گذريو آهي. وقت جي
شاعرن مان مير محمد ”عنصري“ ۽ حافظ ٿلهي (نارائي
گهوٽ) سان چوٽون هونديون هئس. آخري وقت ۾ مجذوب ٿي
ويو هو ۽ پيرن اگهاڙو پيو هلندو هو. انهيءَ حالت ۾
به جيڪر پٽ تي ڪو لکيل پنو ڏسندو هو ته چمي مٿي
رکي ڇڏيندو هو. سندس قبر نبي سر جي مقام ۾ آهي.
سندن ڪلام معمور يوسفاڻي صاحب ترتيب ڏنو آهي.
109. مولوي عبدالمجيد سميجو:
هيءَ بزرگ وقت جو مشهور عالم ۽ لاجواب حڪيم ٿي
گذريو آهي. سندس علاج حيرت انگيز هوندا هئا. سندس
قبر نبي سر جي مقام ۾ آهي.
110. درس مبارڪ:
نبي سر جي چڱن مڙسن مان برک شخصيت هو ۽ ساري ناري
پٽ ۾ پڻ ڄاتل سڃاتل ۽ نالي وارو هو، سندس پوين مان
هن وقت درس عمر بهترين ڪردار جو مالڪ آهي. قبرستان
نبي سر ۾ دفنايل آهي.
111. قاضي محمد جعفر آريسر:
هيءَ انسان دوست بزرگ ڳوٺ هوندي آريسر جي مولوي
محمد امين جو سوٽ ۽ عارب آريسر جو پٽ هو، نهايت
سخي ۽ عالم شخص هو، وٽس پرائي توڙي پنهنجي جو قدر
هوندو هو، هيءُ بزرگ 27 ربيع الثاني 1367هه ۾ وفات
ڪري ويو. سندس تربت رام جاڳي جي مقام ۾ آهي.
112. غلام محمد آريسر:
هيءُ بزرگ شخص ڳوٺ هوندي آريسر جو رهندڙ هو، پاڻ
عبادت گذار شخص هو ۽ سنه 1390هه ڌاري وفات ڪري
ويو. سندس پوين مان سندس ٻه فرزند رحمت الله ۽
وڏيرو محمد مشهور زميندار آهن ۽ عزيزن مان مولوي
مبارڪ مدرس ۽ ايوب فقير آريسر سنڌ جو مشهور شاعر
هئا جنهن جو ذڪر ۽ سندس ڪافيون ڪتاب وڻجارن وايون
۾ اچي چڪيون آهن.
113. محمد اسماعيل آريسر:
ولد مريد، تاريخ وفات صفر 1245هه، مدفن مقام صاڀو،
مشهور شخص هو. سندس پوين مان سندس پٽ محمد حسن
آريسر متوفي 4 جمادي الاول 1388هه مشهور شخص ٿي
گذريو آهي، جيڪو رام جاڳي مقام ۾ دفنايل آهي. سندس
پوين مان سندس پٽ اسماعيل آبدار ۽ حبيب الله ماستر
مشهور ٿيا.
114. مولوي محمد علي جوڻيجو:
مولانا صاحب 1300 هجريءَ ڌاري تولد ٿيو، سندن
ولادت ڳوٺ ڳموري تعلقه عمرڪوٽ ۾ ٿي ۽ اُتيئي حافظ
نور محمد پلي وٽ قرآن شريف پورو ڪري باقي تعليم
مولانا محمد عثمان قراني وٽان پوري طرح حاصل ڪري
1328هه ۾ فارغ التحصيل ٿيا. تنهن بعد هڪ سال ڳوٺ
هوندو پليءَ جي مڪتب ۾ معلم ٿي رهيا ۽ 1329هه ڌاري
ڳوٺ عالم پليءَ ۾ وڏيري احمد ۽ حاجي ولي محمد
پليءَ جي تعاون سان مدرسو جاري ڪري آخري وقت تائين
تعليم ڏيندا رهيا، پاڻ مقرر، محرر ۽ مناظر عالم پڻ
هئا، سندس شاگردن مان مولوي محمد عمر ”درويش“،
مولوي غلام محمد بلوچ، مولوي نوح آريسر، مولوي خير
محمد ڪنڀار، مولوي بلاول جوڻيجو، مولوي دائم
سميجو، ميون حفيظ الله ڊاسوڙيءَ وارو، مولوي
عبدالخالق پلي، مولوي عبدالعزيز ماڇي ۽ مولوي محمد
مبارڪ مشهور آهن. منهنجو (راقم) چاچو محمد سليم
آريسر به وٽن پڙهيو هو. پاڻ 1371هه ۾ لاڏاڻو
ڪيائون. سندن مزار ڊيٻي جي قبرستان ۾ آهي. هن وقت
پويان سندن اولاد مان مولانا محمد اسحاق، مولانا
محمد ادريس ۽ ٻيا سندن جانشين عالم ۽ معلم آهن.
115. حاجي ڪالي خان کوسو:
ولد الهداد خان کوسو متوفي 28 ربيع الاول 1378هه
مدفن مقام ڀنڊاري، هڪ غريب شخص هو، سپاهي جي حيثيت
سان ڀرتي ٿي ڊي. ايس. پي جي عهدي تان رٽائر
ڪيائين. پوليس کاتي ۾ ورلي ڪو جهڙو برجستو آفيسر
ٿيو هوندو. سندس پويان سکيا ستابا ۽ خوشحال آهن.
116. ڦلو داروغو:
ولد ونهيل خان هنڱورو، 12 آگسٽ 1970ع تي مخالفن
هٿان شهيد ٿي ويو، هيءَ رحيم هنڱوري مشهور ڌاڙيل
جو عزيز، وڏو بهادر ۽ دلير انسان هو، هيءَ مرحوم
داسڙي جي ڀڙي واري قبرستان ۾ دفنايل آهي.
117. ٻاروچو راڄڙ:
متوفي 4 اپريل 1967ع، مدفن مقام ڊيٻو. سموري زندگي
قاضي نور محمد پلي جي حاضري ۾ رهيو ۽ آخري وقت
راڄڙ قوم جو اڳواڻ بنجي ويو. هيءَ وڏو ذهين،
هوشيار ۽ سياڻو هو.
118. مولوي نعمت الله قريشي:
ولد مولانا عبدالرزاق قريشي عالم ابن عالم هو،
ڪجهه وقت پيءَ وانگر مدرس پڻ رهيو ۽ جوانيءَ ۾ ئي
هڪ انگريز عورت تي عاشق ٿي ديوانو بڻجي ويو ۽ باقي
سموري زندگي اُن جي پڇاڳاڇا ۽ ڳولا ۾ گذاريائين.
ڊيٻي مقام ۾ دفنايل آهي.
119. حافظ عمر پلي:
ولد عثمان پلي ولادت 1115هه وفات 1178هه قرآن پاڪ
جو ياد حافظ ۽ هوٿي مشائخ جي پوين جو شاگرد هو، هن
ٿر جهڙي ڀڙڀانگ علائقي ۾ ڳوٺ لوڻيو، ڳوٺ وليءَ جو
تڙ، ڳوٺ ڄامن جو تڙ ۽ ڳوٺ ڊاڀي ۾ مڪتب جاري ڪري
ماڻهن کي قرآن پاڪ پڙهايو، هن جو اولاد عمراڻي پلي
سڏجي ٿو. هن جي پوين مان سخي محمد ولد سيف الله
متوفي 1299هه، ترارين ٺاهڻ جو ڪاريگر ۽ ترارين جو
واپاري هو، احمد ولد وريل پلي متوفي 3 شعبان
1368هه، زبردست پهلوان ۽ بهادر هو، مال چاريندي هڪ
ڳورپٽ ۽ هڪ چيتو پڻ ماريو هئائين ۽ رات جي وقت رام
جاڳي جي مقام مان هڪ قبر کوٽيندڙ عورت کي قبر
منجهان پڪڙيو هئائين. هيءُ چويڙي پٽ پهلوان هو،
هن جي لٺ ڪوبه پهلوان جهلي نه سگهيو هو. هڪ سؤ ڏهه
(110) سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين ۽ انوقت به سڀيئ
ڏند ۽ نظر ٺيڪ هئس، وقت جي وڏن ماڻهن مان گورنر جو
درباري هو. حاجي محمد عالم پلي متوفي 1908ع
وائسراءِ جو درباري هو ۽ ڪيترائي آفرين ناما مليل
هئس. ناري جون زمين ورهائڻ وقت مکيه صلاحڪار هو.
انهن کانسواءِ سخي محمد ولد احمد متوفي 1968ع بينچ
ماجسٽريٽ، سگهڙ ۽ داناء شخص هو ۽ محمد رحيم ولد
حاجي ولي محمد متوفي 18 ربيع الاول 1369هه دلير،
بهادر، قومي ورڪر ۽ انجمن مسلم نوجوان ڍورو نارو
جي بانين مان هڪ هو. اهي سڀيئي بزرگ ڊيٻي جي
قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن. انهن کانسواءِ هن خاندان
جا ٻيا فرد حاجي مهر علي ۽ سندس فرزند وڏيرو محمد
۽ شهيد حاجي رحمت الله پڻ پنهنجي وقت جا مشهور شخص
هئا. جن مان محمد اهڙو پهلوان هو، جنهن جو پير
ڪوبه مروڙي نه سگهيو ۽ سان پاڏي کي آٻوٿي واري
دسيندو هو.
120. حاجي دين محمد ساند:
متوفي 1251هه، وڏو درويش ۽ ڪامل بزرگ هو، جڏهين
مينهن ڏسندو هو، ته لوٽيءَ مان ڪلم طيب جو ذڪر
جاري ٿيندو هو، سندس اولاد مان ميون نصير متوفي
1291هه معلم ۽ مدرسه ولهيٽ جو باني پڻ هو. جنهن
بعد سندس پٽ ميون عبدالرحيم متوفي 1344هه ۽ ميون
حبيب الله متوفي 1368هه مدرسي جا وارث بنيا، تنهن
کانپوءِ مولوي عبدالمطلب متوفي 1939ع ۽ مولوي
عبدالڪريم متوفي 1949ع ۽ مولوي عزيز الله متوفي 2
شوال 1386هه ۽ ميون احمد متوفي 8 ذوالحج 1386هه
مدرسي جي نمبر وار آبياري ڪندا آيا. جتان رسالو
قراني پڻ جاري ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر مولوي عزيز
الله ۽ نائب ايڊيٽر ميون احمد هئا. مٿين سڀيئي
بزرگ مولوي عزيز الله کانسواءِ سُهي جي مقام ۾
دفنايل آهن ۽ مولوي عزيز الله مدرسي جي مسجد جي
آڳنڌ ۾ دفن ٿيل آهي. مدرسو اڃان جاري آهي ۽ هن وقت
ان جو نگران مولوي عبدالسميع ساند آهي.
121. مولوي عبدالحق حقاني:
ڳوٺ گوئيداڻي، ديهه هوڙينگو جو رهاڪو هو، مولانا
قراني جي پهرين ۽ هوشيار شاگردن مان هو. ڪجهه وقت
ڳوٺ ڊيٻي ۾ ۽ باقي عمر ولهيٽ جي مدرسي ۾ تعليم
ڏنائين، 1918ع ۾ گذاري ويو، سندس قبر سُهي جي مقام
۾ آهي. پاڻ شاعر، اديب ۽ مصنف پڻ هو، علميت جي ڪري
کيس ”قراني ثاني“ سڏيندا هئا.
122. مولوي عبدالرحمان زنگي:
ساڏوري جو رهاڪو ۽ مولانا قراني جو شاگرد هو. 6-7
سال ولهيٽ جي مدرسي ۾ ۽ ڪجهه وقت خاصخيلين واري
چئونري ۾ درس ڏنو هئائين. سندس تربت ساڏوري جي
مقام ۾ آهي.
123. مولوي فضل محمد مڱڻهار:
ڳوٺ هوندي پلي جو رهاڪو ۽ مولانا محمد علي جوڻيجي
جو شاگرد هو. فارغ التحصيل ٿيڻ بعد ڳوٺ کاروڙي
سيدن واري ۾، پوءِ صوفي فقير ۽ ڪن ٻين هنڌن تي درس
و تدريس جو شغل رکندو آيو. 1955ع ۾ وفات ڪيائين.
سندس قبر صوفي فقير جي مقام ۾ آهي.
124. ڪمال راڄڙ:
ناري پٽ جي راڄڙ قوم ۾ ڪمال جهڙو خوشطبع، حاضر
جواب چرچائي، داناءَ ۽ دلير ڪونه لڀندو، هن جا
چرچا ڀوڳ ۽ فيصلا به ڏاڍا عجيب هوندا هئا. سچار ۽
سپوٽ جهڙس ڪونه ٿو. غريب ۽ ٿوري مال واري هوندي به
ڪنهن وڏي کان وڏي ڊنگ جي پرواهه ڪونه ڪيائين. چند
سال اڳ گذاري ويو ۽ ڊيٻي جي مقام ۾ سندس قبر آهي.
125. گلو فقير خاصخيلي:
ولد متل فقير خاصخيلي، صوفي فقير جو رهاڪو، سگهڙ،
شاعر ۽ علم دوست انسان هو، سچار ۽ بي ريا جهڙو ڪو
ورلي لڀندو، چند سال اڳ گذاري ويو. سندس قبر صوفي
فقير جي مقام ۾ آهي، هن جو وڏو ڀاءُ ٺارو فقير پڻ
شاعر هو. جنهن جو پٽ عبدالمجيد ”ماجد اهروي“ صوفي
فقير جي پراڻن شاعرن ۾ شامل هئو.
126. الهه رکيو پلي:
ولد جان محمد پلي ساڍر شريف جي پلين مان مشهور شخص
هو، ڪافي وقت زميندار ايسوسيئيشن ٿرپارڪر جو صدر
پڻ رهيو. حاجي محمود هالائي سان ٽڪر جي هڪ اخبار
’ترجمان‘ پڻ جاري ڪرائي هئائين پر اها گهڻو وقت نه
هلي. ڪجهه سال اڳ وفات ڪيائين. سندس قبر ساڍر جي
مقام ۾ آهي.
127. غلام نبي شاهه:
هيءَ ناري پٽ جو مشهور ترين شخص هو، جنهن جي نالي
تي ڳوٺ غلام نبي شاهه موجود آهي. هن جي خاندان مان
سيد جلال شاهه ۽ ان بعد سيد دامن علي شاهه متوفي
سنه 1959ع نالي وارا شخص ٿي گذريا آهن.
128. ميون سليمان ڪيريو:
هيءَ مشهور مدرس ميان نور محمد ڪيريي جو فرزند هو
۽ هاڙهه جي مدرسي ۾ مدرس ٿي رهيو هو ۽ آخري وقت
ڪجهه سال والد جي مدرسي ۾ پڻ تعليم ڏني هئائين.
129. حافظ نصير رونجهو:
هوندي پلي جو رهاڪو هو ۽ ڳوٺ جي لڳ هڪ لئي هيٺ
مدرسو جاري ڪري، آسپاس جي ٻارڙن کي قرآن شريف
پڙهائيندو هو. سندس قبر صوفي فقير جي مقام ۾ آهي.
130. حاجي نور محمد آريسر:
مدفن رام جاڳو- حاجي جهنگلي ۽ مناهي آريسر جو سوٽ
هو، ۽ وڏو ڀاڳيو ۽ مالدار ماڻهو هو، جنهن جي پٽن
مان طاهر محمد متوفي 11 ربيع الآخر 1350هه، وڏو
عالم هو. پاڻ مرحوم عبدالواحد آريسر جو والد صاحب
مرحوم شفيع محمد آريسر متوفي 8 محرم 1343هه، گڏ
پڙهندا هئا ۽ دستار بندي به گڏ ڪيائون، هيءُ ٻئي
مرحوم مولانا عثمان قراني جي مدرسي ۾ پڙهندا هئا.
حاجي نور محمد مرحوم جو ننڍو فرزند حاجي عبدالحڪيم
آريسر سابق چيئرمين يونين ڪائونسل غلام نبي شاهه
هن تر جو برک زميندار ۽ وڏو ماڻهو هو ۽ سندس وڏو
ڀاءُ حاجي محمد يونس آريسر وڏو ڀاڳيو ۽ مال جو
معالج آهي. آسپاس جي ماڻهن جو مال بيمار ٿيندو آهي
ته چاچا محمد يونس يا منهنجي چاچي محمد سليم وٽ
ايندا هئا. حاجي نور محمد جي خاندان مان سانوڻ
آريسر متوفي 1342هه وڏو پهلوان ۽ سگهارو ٿي گذريو
آهي. هڪ دفعي مينهن ڏهندي ٻئي مينهن جي ويجهي اچڻ
تي کيس هڪ هٿ سان لٺ هڻي هڪلڻ جي ڪوشش ڪيائين،
تنهن تي مينهن جون ٻه ٽي پاسريون ڀڄي پيون. ماڻهن
جي پڇڻ تي ٻڌايائين ته ”ابا مون ته ٿورو ٺُڙڪو ڏنو
هو“. هن تر ۾ انهيءَ دؤر ۾ ڳهيلڙو ذات جو هڪ شخص
”شينهن مار“ سڏبو هو جو هن اڪيلي سر شينهن کي
ماريو هو، پر ڪنهن تنازعي ڪري سانوڻ آريسر سان
مقابلي ۾ پنهنجون پاسريون ۽ ٻانهون ڀڃائي ويٺو.
131. محمد صالح آريسر:
مدفن رام جاڳو- محمد صالح عرف شمس الدين آريسر
مناهي ٻئي جو پوٽو ۽ منهنجو چاچو هو، وڏو حڪيم،
عالم ۽ مدرس ٿي گذريو آهي. پاڻ بچپن کان سماجي
بندشن کان آزاد ۽ باغي رهيا. ابتدائي تعليم پنهنجي
ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد ضلعي لاڙڪاڻي ۽ دادو جي مختلف
مدرسن ۾ پڙهڻ کانپوءِ مدرسو قراني، آراڙو، ڊينگاڻ
۽ ولهيٽ ۾ سندس سوٽ محمد علي پٽ جکرو مناهياڻي
آريسر متوفي 1376هه سان گڏ پڙهيو (جيڪو وڏو
زميندار ۽ سڄاڻ شخص هو). چاچا محمد صالح، پنهنجي
سئوٽ محمد علي آريسر سان گڏ عربي ۽ فارسي تعليم
مڪمل ڪرڻ بعد سنڌي تعليم جاري رکي فائنل جو امتحان
ڏيڻ بعد استادي پيشو اختيار ڪيائون. پاڻ ڪامل
استاد هئا، مختلف اسڪولن ۾ نوڪري ڪري اتي جي
رهواسين کي ۽ سندن ٻچن کي تعليم ڏنائون. سندس
شاگرد اڃا تائين کيس ياد ڪندا آهن. پاڻ جڏهين
پنهنجي ڳوٺ ۾ هيڊ ماستر هو تڏهين زناني تعليم کي
زور وٺايائون ۽ مذهبي تعليم تي پڻ زور ڏيندا هئا.
ناري سب ڊويزن جي ٻنهي تعلقن عمرڪوٽ ۽ ساماري جو
ڪافي عرصو تعلقه ماستر رهيو. حڪيم ۽ استاد هئڻ سان
گڏ شاعر پڻ هئا، حاجي دلاور آريسر جي تربت جي ڪتبي
وارو بيت سندن ئي جوڙيل آهي. 27 رجب 1376هه ۾ وفات
ڪيائون. سندن وڏو ڀاءُ محمد سليم آريسر به تازو
وفات ڪري ويو.
مددي ڪتابن جي نالن جي لسٽ
هن مقالي لکڻ وقت هيٺيان ڪتاب مطالعي هيٺ رهيا ۽
منجهائن گهڻي يا ٿوري مدد ورتي ويئي.
1. تاريخ ريگستان رائچند
هريجن
2. تحفة الڪرام سنڌي ادبي بورڊ
3. چچنامه سنڌي
ادبي بورڊ
4. پراڻو پارڪر سنڌي ادبي بورڊ
5. جنت السنڌ مولائي شيدائي
6. تمدن سنڌ مولائي شيدائي
7. تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دؤر) مولانا
غلام رسول مهر
8. رسالي مهراڻ جا مختلف پرچا سنڌي ادبي بورڊ
9. رسالي قراني جا مختلف پرچا ولهيٽ مدرسو
10. مهراڻي جا مور ”معمور“
يوسفاڻي
11. هي ڀونگا هي ڀيڻيون (قلمي) ”معمور“
يوسفاڻي
12. ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي (قلمي) ”معمور“
يوسفاڻي
13. ناري سب ڊويزن جو سنڌي ادب ۾ حصو ”معمور“
يوسفاڻي
14. وڻجارن وايون
عبدالڪريم پلي
15. ناري جو فارسي ادب مولوي محمد
ادريس جوڻيجو
16. وياسي وينجهار (قلمي) ”معمور“
يوسفاڻي |