انگريز قوم جي مٿين ٽن ڪتبن وارين تربتن کانسواءِ
ٻئي ڪابه تربت ناري پٽ جي قبرستانن ۾ نه ملي سگهي
آهي.
مضمون جي لحاظ کان ڪتبن جون مختلف لکتون
هن علائقي جي قبرستانن جي ڪتبن جو جائزو وٺندي اهو
معلوم ٿي ويو ته هن پٽ جي قبرستانن ۾ جيڪي لکتون
آهن اُهي گهڻو ڪري عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو ٻولين
۾ ملن ٿيون. انهيءَ سان گڏ پٽ ۾ انگريزي ٻولي جا
ٽي ڪتبا ۽ پشتو ٻولي جا ٻه ڪتبا پڻ مليا آهن. جن
سڀني جو بيان هن باب جي منڍ ۾ اچي چڪو آهي. هينئر
هتي اسين فقط انهن ڪتبن جو جائزو پيش ڪنداسون جيڪي
مضمون جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان ڪنهن نه ڪنهن نموني
مختلف آهن.
انهن ڪتبن جي جيڪر ڇنڊڇاڻ ڪبي ته مختصر طور اُهي
هيٺئين نموني جي ورهاست ۾ اچي ويندا.
الف: فقط فوتيءَ جو نالو
هن پٽ جي قبرستانن ۾ ڪي اهڙا به ڪتبا مليا آهن جن
تي فقط فوتي جو نالو ۽ ذات لکيل آهن، وفات جي
تاريخ يا ڏينهن، مهينو يا سال لکيل ڪونهي، جنهن
مان اهو پيو معلوم ٿئيته انهن قبرن تي اهي جيڪي
ڪتبا لکائي رکيا ويا آهن سي واسطيدارن جي گهٽ توجه
جو نتيجو آهن. انهن ڪتبن مان اهو پڻ ثابت ٿو ٿئي
ته فوتين جي وفات کان گهڻو پوءِ ٺهرايا ويا آهن ۽
وفات جو سن ياد نه هئڻ ڪري فقط فوتي جو نالو ۽ ذات
لکيا ويا آهن ته جيئن خبر پوي ته هي قبر فلاڻي جي
آهي.
ب: فقط وفات جي تاريخ، مهينو ۽ سال ٻڌائيندڙ ڪتبا
هتي اهڙا ڪئين ڪتبا لڀن ٿا جن مان فقط فوتيءَ جي
وفات جي تاريخ، مهيني ۽ سال جو پتو پوي ٿو، جيئن
هيٺيون ڪتبو آهي:
تاريخ وفات محمد عثمان ولد حاجي نبي بخش پلي
14- محرم 1389هه
ج: وفات جو ڏينهن، وقت ۽ ٽاڻو ٻڌائيندڙ ڪتبا
قبرستانن ۾ ڪي اهڙا ڪتبا به مليا آهن جيڪي فوتيءَ
جي لاڏاڻي جي تاريخ، مهيني ۽ سال کان اڳتي وڌي
ڏينهن ۽ وقت پڻ ٻڌائين ٿا، جيئن هيٺئين ڪتبي ۾
آهي:
وصال مرحوم مغفور جنت مڪان ميان يار محمد خان بن
مرحوم غلام حيدر خان قوم باگڙاڻي بتاريخ وفات 1
ماه ذوالقعد بروز آچر وقت ظهر سنه 1305هه.
ڪن هنڌن تي وري روز شنبه، وقت صبح صادق ۽ ڪٿي وري
يوم آچر، وقت اشراق ۽ ڪن هنڌن تي وري بروز اتوار
شام بجه
وغيره لکيل لڀن ٿا. جن مان ڪتبن واريون سرون
ٺهرائيندڙن جي ذهني ترقيءَ جو پتو پوي ٿو.
د: فوتيءَ کي دفن ڪرڻ وارو وقت ٻڌائيندڙ ڪتبا
هتي جي مقامن ۾ ڪي اهڙا ڪتبا پڻ مليا آهن جيڪي
سال، مهيني، تاريخ، ڏينهن ۽ ٽاڻي کان به اڳتي وڌي،
فوتيءَ کي دفنائڻ وارو ٽائيم به ٻڌائين ٿا، جيئن
هيٺئين ڪتبي ۾ آهي:
ياداشت وفات محمد حنيف ولد نبي احمد ذات آرائين،
ديهه ڪنري تحصيل عمرڪوٽ ضلع ميرپورخاص عمر 14 سال
وقت انتقال بروز جمعه 8 بجه رات. تدفين هفته 10
بجه ڏينهن 22 ڊسمبر 1954ع مطابق 28 ربيع الثاني
سنه 1374هه.
مٿئين ڪتبي ۾ نه رڳو وفات ۽ تدفين جو وقت ڄاڻايل
آهي پر اُن سان گڏ فوتيءَ جي ڳوٺ، ديهه، تعلقي ۽
ضلعي ۽ عمر بابت ڄاڻ ڏنل آهي.
ههڙا ڪتبا ئي مفيد ۽ ڪارائتا آهن. اهڙيءَ طرح
ڪيترن ئي ڪتبن ۾ فوتين جي وڏي ڄمار پڻ ڄاڻايل آهي.
جيئن بيبي مٺيءَ جي مقام ۾ ڪن فوتين جي وفات وارين
تاريخن سان گڏ هيئن به لکيل آهي ته:
1. مائي ودني زوجه پولا وفات وقت عمر 111 سال
2. رنگريز شمس الدين وفات وقت عمر 100 سال
3. حاجي ڳاڙهو ڪپري وفات وقت عمر 80 سال
هه: فوتي جو پيشو ٻڌائيندڙ ڪتبا
مقامن ۾ ڪيترا اهڙا پڻ ڪتبا مليا آهن جن مان فوتي
جي پيشي يا ڌنڌي جي ڄاڻ پئي ٿي، جيئن هيٺئين ڪتبن
۾ آهي:
1. وصال مرحوم مغفور ميان مستري ورو ذات سمون
تاريخ 12 ماه ربيع الاول 1376هه.
2. مرحوم مغفور مسافر ماستر احمد علي ”مهجور“ ولد
آڍو خان کوسو 26 ربيع الآخر 1361هه.
3. ميان قاسم مرحوم مغفور ذات چانهيو ميهار سائن
جو تاريخ 8 محرم 1352هه.
و: فوتي جو ٻين سان رشتو ٻڌائيندڙ ڪتبا
هتي ڪيترا اهڙا ڪتبا به مليا آهن جن ۾ فوتيءَ جي
ٻين سان رشتي داري ۽ مائٽي جي خبر پوي ٿي. جيئن
هيٺئين ڪتبن ۾ آهي:
1. وصال مرحومه مسمات سنگهار نياڻي حيات پنوهر جي.
2. وصال مرحومه مسمات مائي راڻي پرديسياڻي ماءُ
منوجي ذات هنڱورجو.
3. مرحومه امامت ٻائي بنت خليفه فضل والده
عبدالواحد و ڪمال الدين آريسر 22 ربيع الاول
1387هه رحلت ڪرد.
ز: فوتيءَ جو پاڙو ٻڌائيندڙ ڪتبا
هتي اهڙا ڪئين ڪتبا مليا آهن جيڪي فوتيءَ جي ذات
سان گڏ پاڙو به ٻڌائين ٿا جيئن هيٺئين ڪتبي ۾ آهي:
وصال مرحوم مغفور سيٺ محمد عرس ولد حاجي ذات سمون
پاڙو نوراڻي 27 ذوالحج.
ح: فوتي جو اصل وطن، تپو، تعلقو، ديهه، ڳوٺ وغيره
ٻڌائيندڙ ڪتبا
هتي جن مقامن ۾ اهڙا ڪئين ڪتبا مليا آهن جن مان
فوتي جي اصل وطن يا ڳوٺ وغيره جو پتو پوي ٿو. جيئن
هيٺين ڪتبن ۾ آهي:
1. مرحومه مائي ڀاڳڀري ذات لغاري بلوچ پرديسڻ ويٺل
حيدرآباد سنڌ.
2. وفات مائي حوا بنت نائڪه پير بخش ذات لغاري
بلوچ ويٺل ڳوٺ بلوچ خان لغاري، مسوڀرڳڙي تپوڪاشري
تعلقه حيدرآباد.
3. وصال مرحومه بيبي ڇتل بنت علي شاهه ڳوٺ
والهاريه تعلقه ننگرپارڪر.
4. وفات مرحوم عقلو پٽ صمد راهمون اصل ڳوٺ نئون تڙ
(هندستان) 24 صفر 1373هه.
5. مرحوم محمد علي مولا بخش جيشلمير والا.
6. تربت خالد اقبال مرحوم ولد ميان محمد رفيق صاحب
چنيوٽ ضلع جهنگ سيال حال ساڪن ڪريسنٽ ڪاٽن فيڪٽري
شادي پلي.
ط: فوتي جي وفات جو سبب ٻڌائيندڙ ڪتبا
هن پٽ جي مقامن ۾ اهڙا به ڪتبا مليا آهن جن مان
فوتين جي وفات جو سبب معلوم ٿئي ٿو جيئن هيٺين
ڪتبن ۾ آهي:
1. وفات مرحوم ولي محمد ذات دل ولد مقيم دل بيمار
سلهه جو، هن جهان فاني مان 11 محرم 1343هه تي
دارالبقا ڏي ويو.
2. وفات حسرت آيات مائي حوا سبب شهادت 14 ذوالحج
1380هه
3. مرحوم دوست محمد ولد عبدالڪريم عم 28 سال ڀٽي
صاحب جي جلوس ۾ ايڪسيڊنٽ ٿيو، 14 پريل 1970ع ڏينهن
اربع بمقام ڪنري.
ي: فوتي جي وفات سان گڏ جنم جي تاريخ ٻڌائڻ وارا
ڪتبا
هتي جي مقامن ۾ ٻه ٽي اهڙا ڪتبا به مليا آهن جن ۾
وفات جي تاريخن سان گڏ جنم جون تاريخون پڻ ڏنل
آهن، جيئن هيٺئين ڪتبي ۾ آهي:
سید
الطاف علی
ولد سید
امیر
علی
مرحوم گارڈ
ساگر سبی۔
پی
تاریخ
پیدائش
4 جنوری
1984ء تاریخ
وفات 8 مارچ 1982ء بروز سنیچر
1 بجکر 1 منٹ
شب پر انتقال کر گئے
بمقام دمہورو نارو سندھ۔
اهڙو ڪتبو انگريزي زبان ۾ پڻ مليو آهي جنهن جو
احوال هن کان اڳوڻي فصل ۾ اچي چڪو آهي.
ڪ: مقام جو نالو ٻڌائيندڙ ڪتبا
هن ايريا جي مقامن ۾ ڪي اهڙيون لکتون به مليون آهن
جن مان مقامن جي نالن جي ڄاڻ ملي ٿي. جيئن هيٺين
ڪتبن ۾ آهي:
1. مرحوم حاجي محمد امين ولد حاجي محمد راول ڪنڀار
ڳوٺ وهرو شريف تاريخ وفات 27 شوال 1372هه مڪان
ميون جان محمد.
2. لعل بخش ولد منٺار خاصخيلي وفات ڪئي تاريخ 16
فيبروري 1969ع مڪان ڀنڊاري.
3. نواب پٽ آچار ذات ڪنڀار وفات ڪئي مهينو محرم
تاريخ 27 ڏينهن سومار سنه 1336هه مڪان رائلو.
4. اميد علي پٽ عبدالحڪيم پلي، قبرستان رام جاڳو.
ل: عورتن جون صحيح ذاتيون ٻڌائڻ وارا ڪتبا
اسان وٽ پراڻي وقت کان رواج آهي ته اسم مؤنث جي
ذات کي به مؤنث جي رنگ ۾ ٻڌائبو آهي جيئن سومرو
مان سومري، ميمڻ مان ميمڻياڻي، ٿيٻو مان ٿيٻي
وغيره، پر هن وقت اسان جو تعليم يافته طبقو ئي
ٻوليءَ جي انهيءَ صحيح ڀڃ گهڙ کي ڇڏي، غلط طريقو
اختيار ڪري چڪو آهي.
هن قت تعليم يافته ڇوڪريون پنهنجي ذات کي جنس مؤنث
۾ لکڻ جي بجاءِ جنس مذڪر ۾ لکي لسانيات سان مسخري
ڪري رهيون آهن. جيئن:
1. محترمه اقبال پروين سومرو
2. محترمه ناز ٿيٻو
3. محترمه رضيه ڀٽو
4. محترمه جميله سمون
5. محترمه مريم نوحاڻي
6. مس نيلوفر جويو وغيره.
پر حقيقت ۾ اهي ذاتيون نمبر وار سومري، ٿيٻي، ڀٽي،
سمي، نوحاڻڻ، جوئي وغيره لکڻ گهرجن.
نهايت خوشي جي ڳالهه آهي جو ناري پٽ جي مقامن جي
لکتن ۾ اسم مؤنث جي پويان جنس جو صحيح استعمال ملي
ٿو. جن مان چند مثال ڏجن ٿا:
1. مرحومه مائي خطيجت ڌيءَ مريد ذات جي پلياڻي،
تاريخ وفات 7 ربيع الاول 1365هه (مقام کيجڙياري)
2. مائي امينت ڌيءَ پير محمد ذات سميجي (مومل جي
ماڙي)
3. مائي وسندي ڌيءَ بادو ذات ڄام جوڻيجي (مومل جي
ماڙي)
4. مائي پلي ڌيءَ چاڪر خان ذات کوسياڻي (مقام رام
جاڳو)
5. مائي مينهن ٻائي ذات مڱرياڻي (مقام درس ميّد)
6. مسمات مراد خاتون بنت محمد ابراهيم هاليپوٽياڻي
(مقام اسماعلي شاهه)
اهڙيءَ طرح ٻيون به ڪيتريون ئي ذاتيون جنس مؤنث ۾
لکيل ملن ٿيون جيئن ڀنڀري، ٿيٻي، پنوهرياڻي وغيره.
م: گذارشي ڪتبا
ڪن ڪتبن تي مائٽن کان يا بزرگن کان دعا گهريل آهي
جيئن گجوراڻي جي هڪ ڪتبي ۾ آهي. جنهن ۾ پٽ پنهنجي
پيءُ کان دعا جي طلب ڪندي سندس قبر تي لکي ٿو ته
”بابا سائين مون يتيم جو دعاگو رهج“.
ن: دعائيه ڪتبا
ڪن
ڪتبن تي دعا بابت هيٺيان جملا لکيل مليا آهن جيئن:
خدا شال جنت نصيب ڪريس، شل سرڳواسي هجي، شال مٿس
رب جي رحمت هجي وغيره.
س: ننڍڙا ڪتبا
ناري جي ڪن مقامن ۾ ڪي ننڍڙا ڪتبا به موجود آهن
جيڪي مختصر هوندي به پورا آهن. جيئن عمرڪوٽ جي
شاهه بخاري واري قبرستان ۾ آهن.
1. مرحوم عبدالله وفات 23 رجب 1966ع
هن مقام ۾ ههڙا ٻيا به ڪافي ڪتبا آهن.
ع: خوامخواهه طويل ڪتبا
هتي جي مقامن ۾ ڪي اهڙا به ڪتبا مليا آهن جن ۾
ڀرتيءَ جا لفظ وجهي کين خوامخواهه طويل بنايو ويو
آهي، جيئن وهري جي قبرستان ۾ هيٺيون ڪتبو آهي:
1. يا الاهي فقط والسلام عاقبت الخير تاريخ وفات
حسرت آيات جنت مڪان مرحومه مسمات ٻائي عرف رحمت
ڌيءُ عرف دختر ميان مجاهد حاجي محمد عمر سومرو
صاحب ولد ميان عبدالغفور سومرا صاحب ساڪن و باشنده
ڳوٺ جناب فقير صاحب ميان محمد ٽالهو وڏيرو جوڻيجو
تعلقه عمرڪوٽ ضلع ٿرپارڪر و سنڌ والسلام فقط تاريخ
29 ماه المبارڪ ربيع الاول 1378 هجري الشريف بروز
جمع.
ف: اشتهاري ڪتبا
هن پٽ جي قبرستانن ۾ ڪيترا اهڙا ڪتبا پڻ مليا آهن،
جن ۾ سرون ٺهرائيندڙن جا نالا، سرون ٺاهڻ وارن جا
نالا ۽ ائڊريسون، قبرن ٻڌائڻ وارن جا نالا ۽ سرن
جون قيمتون پڻ ملن ٿيون. جيئن هيٺين ڪتبن ۾ آهي:
1. وفات يافت مرحوم مغفور جنت مڪان درويش فقير
سالڪ ويرسي فقير پٽ سُرجڻ، مريد حضرت روضي ڌڻي
رحمت الله عليه جو، ويٺل ڳوٺ ڇڇي رحلت 1361هه
سر ٺهرائيندڙ: محمد صوبدار سندس پٽ
سرجي قيمت: 3 روپيه
سران درگاهه تي ٺهن ٿيون.
2. محمد سگهو ولد محمد قاسم وفات تاريخ 27 صفر
1370هه بروز سومر- مستري محمد اصغر پٿر وارو قلعه
دروازه حيدرآباد، سنڌ.
اهڙيءَ طرح پٿر جي دڪاندارن ۽ دڪانن جا نالا فوتين
جي مرشدن جا نالا جيئن خليفو مُلاڪاتيار جو يا
مريد حضرت روضي ڌڻيءَ جو يا طالب سائن جو وغيره.
ڪتبن جي مٿين مختلف نمونن کانسواءِ ڪيترن ئي سنڌي
ماڻهن جي قبرن تي اردو ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتبن واريون
سرون پيل آهن، جن منجهان سنڌين جي اٻوجهائي ۽
سادگي ۽ ڌارين جي چالاڪي معلوم ٿئي ٿي.
اهڙيءَ طرح هزارين ڪتبا اهڙا به ملن ٿا جن جون
ترتيبون، الفاظ ۽ جملا بي ترتيب ۽ غلط ملن ٿا، جن
مان سرن ٺهرائيندڙن ۽ ٺاهڻ وارن جي ڪم علمي ۽
ڪتابت جي فن کان اڻ ڄاڻائي جو شبهو ظاهر ٿئي ٿو.
انهيءَ هوندي به ناري پٽ جا نثر ۾ لکيل ڪتبا سنڌ
جي ٻين حصن جي ڪتبن کان پوئتي پيل ۽ گهٽ ڪين آهن.
عربي، فارسي، سنڌي، اردو، انگريزي ۽ پشتو ٻولين
جون لکتون ثابت ٿيون ڪن ته هن خطي جي ماڻهن جو
تعليم سان سٺو ناتو ۽ لاڳاپو رهيو آهي ۽ رهندو پيو
اچي.
منظوم ڪتبا
هن خطي جي قبرستانن ۾ به سنڌ جي ٻين مشهور
قبرستانن جي ڪتبن وانگر ڪيترائي منظوم ڪتبا ملن ٿا
جيڪي سنڌي، فارسي ۽ اردو زبانن ۾ آهن.
انهن منظوم ڪتبن مان فوتين جي وفات جون تاريخون ٻن
نمونن سان ملن ٿيون، جن مان پهريون آهن منظوم
ساديون، قطع تاريخون، جن ۾ اهو ٻڌايل آهي ته فلاڻو
ماڻهو، فلاڻي سال جي فلاڻي مهيني جي فلاڻي تاريخ
تي، فلاڻي ڏينهن گذاري ويو هو ۽ ٻيون لکتون آهن.
ابجد جي حساب سان ڪڍيل تاريخون، مهينا ۽ سال وغيره
جن کي نظم ۾ قطع تاريخ جي صنف ڪوٺيو وڃي ٿو. هاڻي
ٻنهي نمونن جي لکتن کي نمبروار پيش ڪجي ٿو:
الف: منظوم ساديون قِطع تاريخون
ديهه کيجڙياري جي شهيد واري مقام ۾ ناري پٽ جي
مشهور سخي مرد سيد هاشم شاهه جي مزار جو ڪتبو.
هوالشافي
هوت هاشم شاهه فائق، اڄ مڃيو فرمانِ حق،
جنت الفردوس راحت، ڪيو مٿس رضوانِ حق.
*
ٿئو حوالي حرم حورن جي هلي هن هنڌ کان،
موڪلئو موليٰ مٿس، نت نور جو نيشانِ حق.
*
ذوالقعد جي ماه ۾ وريام فرمايو وصال،
فقط پندرهين مرد ٿئو مالڪه سندو مهمانِ حق.
*
ڏينهن اڱارو عرش کان ٿئو حڪم حضرت کي،
حضور ڪيو قريشيءَ کي عطا، آگي سچو ايمانِ حق.
*
سن سچو هجري هو، تيرهن سؤ اٺيتاليهه سو،
وئو لڏي هن لوڪ مان سيد ڀلو سلطانِ حق.
*
ديهه هاسير جي ساڀي واري مقام ۾ مشهور شخصيت حافظ
محمد مراد فقير مڱرئي جي مزار تي هڪ وڏو ڪتبو لکيل
هو جنهن جا آخرين بيت ڊهي ويل آهن. باقي جيڪي بيت
مليا آهن اُهي به ذري گهٽ ڪامل ڪتبي جي حيثيت رکن
ٿا مگر اُن ۾ بحر وزن جون خاميون ضرور آهن. تنهن
هوندي به اهي هرو ڀرو وٺ پڪڙ جي ضد ۾ آڻڻ جوڳيون
نه آهن.
786
سال تيرهن سؤ ٻاويهه(22) سڀ ٿا چون،
سن هجري جو هو ساريو ٿا لکن.
ذوالقعد جي ٻاويهين تاريخ پُني،
رات آچر جي عجب بازي بني.
اوچتو هڪ حادثو برپا ٿئو،
تقدير جو تدبير تي غلبو ٿيو.
يار پنهنجي اصل ڏي تياري ڪئي،
ويو دلاسو خوب پنهنجي دل کي ڏئي.
هن فنا جي جاءِ کان آجو ٿئو،
جاءِ باقيءَ ڏي روانو ٿي ويو.
ڪُوس رحلت جو هنيو محمد مراد،
پيس شايد اصل جو ديدار ياد.
دارفاني تي نه ڪيائين اعتبار،
دار باقيءَ کي ڪيائين اختيار.
ابنِ ابراهيم جو مڱريو فقير،
جنت الفردوس ۾ ٿيو جائگير.
هن جهان فانيءَ ۾ بس ريءَ خدا،
ڪين رهندو ماسوا رب جي بجا.
ويا گذاري هت گهڻا دولت ڌڻي،
بار بدين جا ۽ نيڪين جا کڻي.
ڪئين مٺا هئا، منهن مٽيءَ ۾ فوت ٿيا،
تا قيامت سي اسان کان ڏرو ٿيا.
ڪئين سخي سالم صفا صاحب جمال،
اڄ رهيو باقي نه تنجو قيل قال.
رام جاڳي جي قبرستان ۾ ناري جي هڪ سخي مرد فقير
حاجي دلاور آريسر جي قبر تان جيڪو ڪتبو حاصل ٿيو
آهي سو آخرين ٻن بيتن کانسواءِ هن طرح آهي جيڪي ٻه
سٽون ضايع ٿيل آهن.
786
هئو حاجي دلاور نيڪ بيشڪ،
حياتيءَ ۾ هليو سو راههِ برحق.
جيڪي انسان ۾ اخلاق اعليٰ،
عطا سڀ ڪيا تنهين کي رب تعاليٰ.
مگر جيئن هن دنيا کي ڪو بقا ناهِ،
وٺي هي پڻ هليو ويو رب جي راه.
مگر نالو ڇڏي ويو نيڪ نروار،
ڪندو اڳتي به تنهن تي فضل ستار.
هئي تاريخ ٻاويهين حج مهينو،
جمع جي رات ٿيو رب ڏي روانو.
جڏهين حاجي دلاور فوت ٿيڙو،
سو تيرهن سؤ ۽ ٽيهٽ 63هه سن هُيڙو.
عجب جهڙو منجهس هو گڻ سخا جو،
سڳوري ڏينهن دفن تنهن کي عطا ٿيو.
*
ساڀي جي قبرستان ۾ مشهور شخصيت فقير شير محمد جي
مزار جو فارسي زبان وارو سادو ڪتبو.
786
فغان زین روزگارِ ناموافق،
کہ دروی نیست خرم نیک وفاسق۔
کند مجروح با تیغِ جدائی،
ازیں ہجرت نیا بدگس رہائی۔
گذشتہ ہفت سہ از بعد سہہ دھ،
ششم ماہِ صفر روزِ دو شنبہ۔
فقیر اللہ شاکر شیر محمد،
مدامی متقی بر دین احمد۔
بحسن اخلاق زی بینم نہ ثانی،
بوجہ اللہ بہر کس یار جانی۔
رسومِ دوستیِ دارد اندیش،
وفا کیش و وفا کیش و وفا کیش۔
علم کش را نباشد ہیچ یارا،
کہ گوید وصف آں مردِ خدارا۔
لہٰذا برکنم دستِ دعارا،
عطاء اللہ فی الجنت بقارا۔
نقابِ روئی خود از دار فانی،
مبدّل کرد جانب جا ودانی۔
کاروڙي پٽ جي بيبي مٺان واري مقام ۾ سيد حاجي غلام
علي شاهه صاحب جي مزار تي فارسي زبان ۾ سادو ڪتبو.
786
ہمہ وقت حمدِ خدا یاد دار،
جریمان و افسان دنیا گذار۔
صلواۃ خدا بر نبی بی شمار،
یکی نیک گفتار نیک اعتقاد،
بخدمت گری خلق بستہ کمر،
مشرف خدا گشت حاجی حجاز،
بایمان و عرفان و علم و عمل،
ہزارران فیوض از ازل تا ابد،
چو اجل الٰھی فراتر رسید،
شد آں داع آں داغ بر قرب خویش،
یزدہ صد آں سن ہجری حمید،
چہاریس تاریخ ربیع دوم شہرداں،
بفضلِ خدا یافت جنت مکاں، |
باصحاب اتباع او رازدار۔
سخاوت صفا کرد انصاف داد۔
بخوفِ خدا بردہ عمر بسر۔
غلامِ علی شاہ بعجز و نیاز۔
مکمل شد ارکان قصرِ عمل۔
عنایت عطا شد بآن نامزد۔
بتھلیل تکبیر گفتہ و زید۔
کہ مردم بہ مردم ز آفاق بیش۔
کہ پنجاہ نہم برآں مد پدید۔
بروز ہمایوں یکشنبہ خواں،
بود نور نازل ابر آسماں۔ |
الٰھی عفو کن بہ بند عصیم،
بعصیان غرقان عبدالکریم۔
ساڳئي مقام ۾ هڪ فارسي زبان جو سادو ڪتبو آهي.
جيڪو سيد ڄامن شاه جي مزار تي لکيل آهي.
786
اسم جامَن شاہ، اطہر آن حضرت مدینہ
یزدہ صد سال بود او نصف بردو بنہ،
رحلتش بودی جنا با روز جمع از جہاں،
ماہ محرم شانزدہ تاریخ بود از بی گمان۔
ب: ابجد جي حساب سان تاريخون، مهينا ۽ سال
ڏيکاريندڙ سنڌي ۽ فارسي ۽ اردو ٻولين جا ڪتبا
ابجد جي حساب موجب فوتين جي وفات جا سن، مهينا ۽
تاريخون ڏيندڙ جيڪي ڪتبا مليا آهن انهن سڀني ۾
”معمور“ يوسفاڻي جو چيل تاريخي قطعو لاجواب آهي،
جيڪو هن پنهنجي رفيقهءِ حيات جي وفات وقت چيو ۽
پوءِ سرتي لکارائي قبر تي رکي ڇڏيو آهي.
”باب“
هئي تاريخ، جاتوکي ملي!
5
”آهه“
سو مهينو وڇوڙي جو پرين!!
7
سال رحلت جو ٿيو، ”داغِ فراق“
1386هه
موت هو ”معمور“ جي لئي، او پرين!
چيلهه جي قبرستان ۾ مشهور سخي مرد سيد علي اصغر
شاهه جي مزار تي تاريخي ڪتبو.
عزيزن کان جدا جڏهين ٿيو سيد علي اصغر،
محرم جي هئي تاريخ ٻي، ماتم پيو گهر گهر.
ڪيو پرواز جنت ڏي جهين دم روح سيّد جي،
پڇم رحلت جو سن، بي دم ٿي، هاتف چيو
”علي اصغر“
44 1357
=
44-1401
ساڀي جي قبرستان ۾ فقير محمد مراد مڱرئي جي مزار
تي فارسي زبان جو تاريخ قطعو.
ذوالقعد شہر راچو بیست و دویم،
صد یزدہ ز سال برآن بیت ودو زاد۔
رحلت زدار فانی کرد شب یکشنبہ،
منزل بدار باقی درجنتش فتاد۔
جست از فرد خیالم، تاریخ سال او،
از آخرین کلام با سمش نشان داد۔
تحلیل گشت چار (۴) ع ناصر ز طبع آں،
بپردہ جانِ حق را، "حافظ محمد مراد"
1326ھ
1322
=4-1326
عمرڪوٽ جي گجوراڻي واري قبرستان ۾ اردو زبان جو
تاريخي ڪتبو.
هيءَ ڪتبو عمرڪوٽ جي سابق پوسٽ ماستر سيد اصغر
حسين جو لکيل آهي جيڪو هن پنهنجي نياڻي حوربانو جي
وفات تي سال 1368هه ۾ لکيو هو ۽پوءِ اهو سِر تي
لکرائي قبر تي رکائي ڇڏيو اٿس.
ڪتبو ٻن سٽن جو هڪ بيت آهي جنهن جي پوئين سٽ مان
وفات جو سال نڪري ٿو، جيڪو 1368هه جي بدران 1367هه
آهي پر شاعر پوئين سٽ جي پويان الف وڌائي پورو سال
ڪڍيو آهي.
ڪتبو هن طرح آهي:
میری دختر پہ رب کی رحمت ہو،
حور بانو کا خواب جنت ہو!
1368هه
هندن جي قبرن تي لکتون
هن ضلعي ۾ قديم سنڌين (اڇوتن) جا قبرستان به ڪافي
تعداد ۾ آهن، پر جيئن ته انهن قومن کي سماجي طور
هر ڳالهه ۾ پوئتي رکيو ويو آهي جنهنڪري انهن جي
قبرستانن ۾، قبرن تي لکتون يا ڪتبا به تمام ٿورڙا
لڀن ٿا.
هيءَ قومون جن کي هندو آريا نفرت جي نگاهه سان
ڏسندا ۽ کين اڇوت ڪوٺيندا آهن، سي سنڌ جي قديم نسل
سان واسطو رکن ٿا ۽ سندن پوڄا پاٽ ۽ رسم و رواج به
هندن کان مختلف آهن.
هندو کين پاڻ سان تڏهين شامل ڪن ٿا جڏهين ڪو انهن
کي سياسي مونجهارو ٿيندو آهي ۽ ان جي حل لاءِ هنن
کي هندو ڀاءُ سڏي کانئن ڪم وٺندا آهن. انهيءَ
هوندي به رڪارڊ ۾ کين فقط گهٽ ذات ڪري لکندا آهن.
اهڙين قومن ۾ شڪاري، ڀيل، اوڏ، ڪولهي، ميگهواڙ
وغيره اچي وڃن ٿا، جيڪي هندن جي لاشن ساڙڻ واري
رواج کي نه مڃيندي، پنهنجن وڏن جي طريقي موجب لاشن
کي پوريندا اچن.
هنن هندن جي جن قبرستانن ۾ قبرن تي ڪجهه لکتون
مليون آهن اُهي رائلي، مومل جي ماڙي، جانهيري،
چيلهه، بيبي مٺي، ولهيٽ، شادي پلي، پٿوري ۽ صوفي
فقير جا قبرستان آهن.
مذڪوره هندن جي قبرستانن ۾، قبرن تي جيڪي لکتون
مليون آهن انهن ۾ ٻئي ته ڪا اهڙي خاص ڳالهه ڪونه
آهي جنهن کي بيان ڪجي پر ڪجهه اهڙا اکر آهن جن جو
ذڪر ڪرڻ جدت کان خالي ڪونه آهي.
رائلي مقام جا ٻه ڪتبا
1. اوم – مرحوم ڀڳت ٿانارام پٽ جئيسنگ ذات اوڏ
ڏينهن اربع ٽائم اٺ بجه صبح جو فوت ٿيو تاريخ 20
مانگهه 2028 سنبت، تاريخ 1972-02-16 مڪان رائلو-
جوڙائيندڙ نيڀن.
2. شال خدا وند ڪريم جنت نصيب ڪري.
اتمون پٽ پچاڻ ذات اوڏ تاريخ پهرين مهينو فيبروري
ڏينهن سومار سنه 1970ع مڪان رائلو.
قبرستان چيلهه:
1. لڇمان ٻائي زال ڀورو مل ڪنري، ميمڻ.
بيبي مٺيءَ جي مقام لڳ:
1. سرڳواسي ڀڳت ڪلا رام ڳوٺ لاڪڙ کڏيو تعلقه
ننگرپارڪر تاريخ 1974-05-12.
مقام شادي پلي اسٽيشن:
1. وفات سونا ٻائي 7 مارچ 1971 مطابق 11 ڦڳڻ 2027.
اڇوتن جي قبرن تي اهڙي قسم جي لکتن کانسواءِ ٻيو
ڪوبه رنگ ڪونه آهي ۽ اهڙيون لکتون به ڪٿي ڪٿي مس
لڀن ٿيون. |