سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: عمرڪوٽ ضلعي جي قبرستانن جي ڪتبن جو مطالعو

باب:

صفحو:3 

باب چوٿون

قبرستانن جي ڪتبن جو جائزو

آثار قديمه وارن جي کوٽاين مان اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته انسان جڏهن کان لکڻ ۽ پڙهڻ سکيو ته هن پنهنجون ياداشتون مٽيءَ جي سرن تي يا جاين تي ۽ جبلن جي غارن وغيره ۾ لکيون ۽ پوين لاءِ يادگار بنجي ويون.

جيئن جيئن انسان ۽ سندس معاشرو ترقي ڪندا اڳتي آيا ته سندن لکتون به سڌريل صورت ۾ نمودار ٿيون.

انسان جيڪو ابتدا ۾ تصويري لکت جو باني هو سو آهستي آهستي ڪيترين ئي نمونن ۽ طريقن سان لکڻ لڳو. جيئن ئي سندس معاشرو وسيع ٿيو ۽ لهجا بدليا ته جدا جدا ٻوليون ٺهي پيون ۽ پوءِ آهستي آهستي هر ٻوليءَ پنهنجو دائرو ٺاهيو ۽ ڳالهائيندڙن ان کي پنهنجي نموني سان لکڻ شروع ڪيو.

هڪڙا انسان کاٻي کان ساڄي لکڻ لڳا ته ٻين وري ساڄي کان کاٻي ڏانهن لکڻ جو طريقو اختيار ڪيو، جنهن ڪري لکت جو هنر جدا جدا ٻولين، شڪلين ۽ صورتن سان گڏ جدا جدا خَطن ۾ پڻ ورهائجي ويو. هن وقت دنيا ۾ ڪيترائي وڏا خط ۽ انهن جون شاخون ۽ لفظن جا جدا جدا روپ موجود آهن جن جو بيان تمام وڏو آهي. لکتون ڪهڙي به دؤر جون هجن پر اُهي سڀيئي يا ته ڪن دڙن جي کوٽائي ڪندي، سرن ۽ سِڪن تي ملن ٿيون يا وري تهه خانن جي ديوارن ۽ قبرن تي لڀن ٿيون. جن مان انهن جو دؤر ۽ ان دؤر جي ماڻهن جي مادي، روحاني ۽ ذهني ترقيءَ جو پتو پوي ٿو، انهيءَ ڪري ڪنهن به دؤر جي لکتن جو ڄاڻڻ ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ تمام ضروري آهي.

تاريخ جي ماهرن جي ڄاڻ موجب دنيا جا جيڪي قديم ترين مهذب ملڪ آهن تن ۾ اسان جي پياري سنڌ به شامل آهي، جنهن ۾ نه رڳو موهن جو دڙو، ڪوٽ ڏيجي، آمري، برهمڻ آباد ۽ ڀنڀور جا دڙا تاريخي يادگار آهن پر ٻيا به انيڪ دڙا، ڀڙا، کنڊر ۽ قبرستان موجود آهن جيڪي پاڻ سان پنهنجي دؤر جي تاريخ ۽ تهذيب کڻيو بيٺا آهن.

انهن سڀني جي کوٽائي ڪري لکتون پروڙڻ حڪومت جي آرڪيالاجي کاتي وارن جو ڪم آهي، جنهنڪري آئون اهو ڪم اهڙن ماهرن جي ذِمي ڇڏيندي پنهنجي ننڍڙي مقالي جي عنوان ڏانهن وڌي ناري پٽ جي قبرستانن مان مليل ڪتبن جو مختصر جائزو عرض رکان ٿو، جيڪو پڻ تاريخ تهذيب ۽ لسانيات جي شائقن لاءِ هڪ ننڍڙي سوکڙي آهي.

ناري جي قبرستانن ۾ جيڪي لکتون مليون آهن، اهي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجن ٿيون، جيڪي آهن پڪين ٻڌل تربتن تي لکتون ۽ قبرن جي سيراندي يا پيراندي کان رکيل مختلف نمونن جي سرن واريون لکتون.

انهن ٻنهي روپن وارين لکتن کي جيڪڏهن سامهون رکبو ته اهي چئن ٻولين ۾ ظاهر ٿينديون، جيڪي آهن عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو. انهن کانسواءِ ڪن هنڌن تي انگريزي ٻوليءَ ۾ به لکتون مليون آهن. اهڙيءَ طرح ڪن ڪتبن جون ڪي سٽون يا جملا جيسلميري سنڌيءَ جا پڻ لڀن ٿا. انهن کانسواءِ ڪن قبرستانن ۾ ڪي اهڙا پراڻا پٿر به مليا آهن جن تي پالي ۽ هندي نموني جون ڪي لکتون پڻ مليون آهن، جيڪي اڃا تائين پڙهڻ ۾ ڪونه آيون آهن.

انهن سڀني ٻولين جي لکتن جو گڏوگڏ جائزو وٺڻ مونجهاري جو باعث ٿيندو، تنهنڪري هيٺ هر ٻوليءَ جي لکت بابت مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:

الف: عربي ٻوليءَ ۾ لکتون

ناري جي قبرستانن ۾ عربي زبان جون جيڪي لکتون مليون آهن، اُهي يا ته قرآن شريف جون آيتون يا صلواتون ۽ عربيءَ جا مشهور بيت آهن جيئن:

سورة فاتحه، سورة الفلق، سورة اخلاص، آية الڪرسي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي مختلف آيتون آهن، جهڙوڪ:

كُلُّ نَفْسٍ ذَاۗىِٕقَةُ الْمَوْتِ ۭ۔۔۔۔ كُلُّ مَنْ عَلَيْهَا فَانٍ

اِنَّا لِلّٰهِ وَاِنَّآ اِلَيْهِ رٰجِعُوْنَ  ۔۔۔۔۔ اَللّٰهُ وَلِيُّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا

زَعَمَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا ۔۔۔۔ يُؤْتِيْهِ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ وَاللّٰهُ ذُو الْفَضْلِ الْعَظِيْمِ

وَلَا تَـقُوْلُوْا لِمَنْ يُّقْتَلُ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ ۔۔۔۔ وغيره.

اهڙيءَ طرح بسم الله الرحمٰن الرحيم، ڪلمه طيب، ڪلمه شهادت، هو الباقي، هوالشافي، عليه الرحمت وغيره ۽ صلواتون ۽ ڪجهه عربي زبان جا بيت پڻ ملن ٿا. جهڙوڪ:

1. بلغ العليٰ بڪمالھ، ڪشف الدجيٰ بجمالھ،

حسنت جميع خصالھ، صلو عليھ وآ لھ.

2. قليل عمر فاني دار دنيا،

و مرحبنا اليٰ بيت التراب... وغيره

اهڙيءَ طرح ڪن قبرن تي پنجن تنن ۽ چئن خليفن جا نالا پڻ لکيل آهن. پر افسوس جو ڪوبه اهڙو عربي ڪتبو يا عربي لکت ڪونه ٿي ملي، جنهن منجهان، قبر واري جي وفات جي تاريخ يا سال جو پتو پئي سگهي. انهيءَ ڪري چئبو ته عربي جون سموريون لکتون ڀرتيءَ جون لکتون آهن جن مان ڪابه ڄاڻ نٿي ملي، سواءِ ان جي ته قبر ڪنهن ڪو مسلمان جي تدفين ٿيل آهي.

ب: فارسي ٻولي جون لکتون

ناري پٽ جي سڀني قبرستانن ۾ پراڻن ڪتبن تي جيڪي لکتون آهن اُهي يا نج فارسي يا فارسي گڏيل سنڌي ٻوليءَ جون لکتون آهن. اهڙي نموني جي لکتن جي گهڻي هجڻ جو ڪارڻ ڪاشيءَ جون سرون آهن جيڪي هالا ۽ مٽيارين وغيره طرف تيار ٿينديون آهن جن جا ڪاتب فارسي ٻوليءَ کان وڌيڪ متاثر ٿا ڏسجن.

هتي فارسي ڪتبن جا نمونا هن طرح آهن:

1. تاريخ وفات مرحوم مغفور ميان فقير محمد هاشم بتاريخ 18 ماه رمضان المبارڪ 1322 ازين دارالفنا بدارالبقا رحلت فرمود.

اهڙن ڪتبن جي آخر ۾ رحلت فرمود، رحلت کرد رحلت يافت، وفات يافت وغيره الفاظ ملن ٿا.

2. وفات مرحوم مغفور جناب فيض مآب معلي القاب قدوة السالکين و زبدة العارفين و مقصود الحآجين منور مخلوقين حضرت جناب سيد دوست محمد شاهه بتاريخ 19 رجب المرجب سنه 1320هه روز اربع وقت فجر ازين دارالفنا بدارالبقا رحلت کرد.

3. مرحوم مغفور گل محمد ولد ڀليڏنو هاليپوٽو تاريخ 17 شعبان 1336هه وفات نمود.

اهڙيءَ طرح انهيءَ قسم جي مخلوط فارسي لکتن کانسواءِ قبرن تي يا سرن تي جيڪي ڪتبا ملن ٿا، انهن تي فارسي ٻوليءَ جا ڪافي مشهور بيت ملن ٿا، جيڪي يا ته دعائيه آهن يا افسوس ۽ ارمان جي معنيٰ ظاهر ڪن ٿا. اهڙن بيتن مان چند مشهور بيت هن طرح آهن. جيئن:

1۔         بھر جا کہ باشی خدا یار تو،

محمد ہمیشہ نگہدار تو۔

2۔         خدایا بحق بنی فاطمہ،

کہ بر قول ایمان کنم خاتمہ۔

3۔         خدا یا بکن سوال مارا قبول،

بہ وہ جاء جنت بہ حرمت کریم۔

4۔         خدا یا تو ایں تربت رحم کن،

بہ باران رحمت شفایاب کن۔

5۔         خدارا بقاء خدارا بقا،

دگر ہرچہ بینی فنا در فنا۔

6۔         خدا یا بر آں تربت نامدار،

بفضلت کہ باران رحمت بیار۔

7۔         شنیدم کہ در روز اُمید بیم،

بداران بہ تیکاں بہ بخشد کریم۔

8۔         جہاں اے برادر نماند بہ کس،

دل اندر جہان آفریں بند بس۔

9۔         خیری کن اے فلاں غنیمت شمار عمر،

زاں پیشتر کہ بانگ برآید فلان نماند۔

10۔ مغفرت دارم اُمید از لطف تو،

زاں کہ  خود فرمود ای لاتقنطو۔

11۔ چُونکہ برما بگذری دامن کشان،

از سر اخلاص الحمد بخوان۔

12۔ حیف کہ در چشمِ زدن صحبتِ یار آخر شُد،

رُوئے گل سیر، ندیم و بہار آخر شُد۔

13۔ بر محمد مِے رَ سانم صد سلام،

از شفیع مجرمان یومَ القیام۔

14۔ بر قبر ما رحمت خدا افزون ہست،

برسرگورِ غریبان گنبذ گردون ہست۔

15۔ جہانت بکام و فلک یار باد،

جہاں آفرینت نگہدار باد۔

16۔ چراغ و مسجد و محراب و منبر،

ابوبکر و عمر عثمان حیدر۔

17۔ دورانِ بقا چو بادِ صحرا بگذشت،

تلخی خوشی رشت زیبا بگذبشت۔

18۔ بر مزارِ ماغریباں، نے چراغ و نے گلے،

نے پر پروانہ سوزد نے صدائے بلبلے۔

19۔ مکن تکیہ بر عمر ناپائدار،

مباش ایمن از بازی روزگار۔

چُو آہنگ رفتن کند جان پاک،

چہ بر تخت مردن چہ بر روئے خاک۔

ابر گرید گاہے گاہے، چشم گرید من مدام،

از فراقِ یار جانی، چشم را خوابِ حرام۔

اهڙي قسم جي اڪيلن بيتن کانسواءِ ڪن قبرن تي ڪي ڊگها نظم به اُڪريل آهن. اهڙيءَ طرح ڪي تاريخي قطعا پڻ لڀن ٿا جن جو بيان اڳتي ايندو.

فارسيءَ جي ڪتبن ۾ ڪٿي ڪٿي روز جي بدران يوم ۽ ڏينهن جي سنڌي نالن جي بدران شنبه، يڪشنبه، دو شنبه، سه شنبه، چهار شنبه ۽ پنج شنبه لکيل آهن.

اهڙيءَ طرح ڪن ڪتبن ۾ سن ۽ تاريخون پڻ فارسي زبان ۾ لڀن ٿيون جيئن مير مبارڪ جي تربت تي اهي:

1۔ خان مبارک فقیر ولد عالی بن ککہ بلوچ تالپر،

درسن یکہزار و یکصد و بجاہ وہفت وفات یافت۔

2۔ شادمان ولد دریا خان بن عالی تاریخ ماہ رجب،

سنہ ہزار و یکصد و نصف و یک دھ وفات یافت۔

هن قسم جا ڪتبا جيڪي نج فارسي آهن سي فقط مير مبارڪ جي قبرتان ۾ لڀن ٿا نه ته ٻين هنڌن تي فقط فارسي نما ۽ فارسي مخلوط لکتون مليون آهن.

ج: سنڌي ٻوليءَ جون لکتون

ناري پٽ جي قبرستانن ۾ قبرن ۽ سرن تي سنڌي زبان ۾ تمام گهڻيون لکتون ملن ٿيون پر جيئن ته اسان جي سنڌي اديبن ۽ عالمن پنهنجي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي لفظن کي پوئتي ڇڏي ۽ انهن جي جاين تي ڌارين ٻولين جا الفاظ ٽنبي ٻوليءَ کي خوامخواهه مخلوط بڻائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري هتي به جيڪي لکتون مليون آهن انهن کي نج سنڌي لکتون ته چئي نٿو سگهجي پر موجوده رواج موجب سنڌي ۾ ضرور آهي. اهو انهيءَ ڪري جو يا ته اُنهن جي اڳ ۾ وصال مرحوم معفور يا انتقال ميان مرحوم وغيره جهڙا الفاظ ۽ آخر ۾ رحلت فرموده رحلت کرَد يا وفات يافت وغيره جهڙا الفاظ لکيل آهن ۽ ڪن ڪتبن ۾ وري بروز يا بوقت جا فارسي الفاظ به ٽنبيل اهن جيئن هيٺئين ڪتبي ۾ آهي:

مرحوم لطف الله ولد محمد حسن پلي 17 ربيع الاول 1384هه مطابق 17 جولاءِ 1964ع بروز سومر بوقت صبح وفات ڪئي- يا

مرحوم عبدالرزاق ولد الهه رکيو مڱريو تاريخ وفات 16 آڪٽوبر 1967ع مطابق 11 رجب 1387هه بروز پير هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويو.

مري وڃڻ جو لفظ ڪٿي به استعمال ٿيل ڪونهي اُن جي جاءِ تي وصال، انتقال، وفات، رحلت ۽ فوت وغيره جا فارسي ۽ عربي لفظ لکيل آهن ۽ اُهي ايترو ته رواج ۾ اچي چڪا آهن جو اڄ تائين جيئن جو تيئن استعمال پيا ٿين.

انهيءَ رواج هوندي به ڪن سڌي سڄاڻن ڌارين لفظن کان آزاد ٿيڻ خاطر مري وڃڻ وارن لفظن کي ڪن سنڌي محاورن ۾ استعمال ڪيو آهي جيئن فلاني لاڏاڻو ڪيو يا فلاڻو فلاڻي تاريخ تي گهوڙي چڙهيو يا بهشت گهڙيو- ڪٿي ڪٿي مري ويو جي بدران پيالو پيتو جو محاورو پڻ ڪم آندو ويو آهي.

بهشت گهڙڻ واري محاوري وارو ڪتبو پيش آهي:

مرحوم مغفور عيدل فقير ولد بچي جو ذات جو مڱريو تاريخ 8 ذوالحج سنه 1360هه رات ڇنڇر جي بهشت ۾ گهڙيو آرام سان ويٺو.

سنڌي لکتن تي فقط سنڌي ٻوليءَ جا اُهي بيت ئي بهترين تخيل آهن جن ۾ موت جي تصور سان گڏ سنڌيت جو پورو رنگ آهي، جن مان چند اهم بيت هيٺ ڏجن ٿا:

1.      گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،

ڪڏهين منجهه ڪوٽن، ڪڏهين راهي رڻ جا.

 

2.      ڪڏهين ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهين مڙهه مڪان ۾،

واريءَ سندو ڪوٽ، اڏيو اڏبو ڪيترو.

 

3.      راڻن، هميرن، سڀني سمن ڪاڪ تي،

هُتان آيو ڪونه ڪو، هِتان لک وڃن،

ويندي ويچارن، عذر نه ڪيو اوڏهين.

 

4.      لڊاڻي مان لطيف چئي، کٽون کنيائون،

ڇڏي حيلا هليا، وڃي مومل ماڻيائون،

وڃي ڪاڪ ڪنڌيين، لڏون لاٿائون،

ڀيرو ڀڳائون، آسڻ آرامي ٿيا.

 

5.      اڄ نه اوطاقن ۾، تازا پٿر ڪک،

آديسي اُٿي ويا، پيئي اُڏامي رک،

سامي کڻي سنک، وڄائي واٽ ٿيا.

 

6.      جا ڀُون پيرين مون، ساڀُون مٿي سڄڻين،

ڌڱ لٽبي ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسون،

ڏينهن مڙيئي ڏُون، اُٿي لوچ لطيف چئي.

 

7.      شهادت شاهن سندي ڏاج ڪئي ڏاتار.

 

8.      ڀائر وڏي وکري، جي جيئرا هُون،

جيئري ٻر ٻانهن جو، مُئي ڪلها ڏين.

اهڙن بيتن کانسواءِ ڪي مناجاتي، دعائيه ۽ نياپي وارا بيت پڻ لڀن ٿا، جڪي هن طرح آهن:

1.      جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱان،

ري ٿنڀين، ري ٿوڻيين، تون ڇپر تون ڇانءُ،

ڪڄاڙو ڪهان، توکي معلوم سڀڪا.

 

2.      مديني جا شاهه، سڻج منهنجا سڏڙا،

ڪارڻ لڳ الله، سگهو رسج سپرين.

 

3.      لاکا لڄ سندياءِ، آءُ اوڏا گلي آهيان،

پکا سي پرتاءِ، جي اجهي تنهنجي اڏيا.

 

4.      ججها ڏج جهار، منجهان ماروئڙن کي،

گهڻو اُڪنڊي آهيان، پرچن شال پنوهار،

ويڙهيون وس ولهار، ڏٺي مونکي ڏينهن ٿيا.

مٿين سنڌي بيتن کانسواءِ علم عروض واري شاعريءَ جا به ٻه بيت مليا آهن جن مان پهريون مشهور فارسي بيت خدارا بقاءَ خدارا بقاءَ جو سنڌي ترجمو آهي:

1.      سدا رب تعاليٰ کي آهي بقا،

ٻيو جيڪي آهي فنا در فنا.

 

2.      رهيا باغن ۽ بنگلن ۾، وڏي تنهن ناز نخري سان،

ڏٺم تنجي مزارن تي، فقط هڪ ڍير واريءَ جو.

مٿين لکتن ۽ سنڌي بيتن کانسواءِ ڪتبن ۾ اهڙا ڪافي نج سنڌي لفظ ملن ٿا جيڪي مضمون جي پورائي لاءِ ڪافي آهن. جهڙوڪ:

ماءُ، نياڻي، ڌيءَ، زال، پٽ، مائي، ٻائي، ڏينهن، مهينو وغيره جيڪي فارسي ۽ عربي لفظن مادر، دختر، زوجه، بنت، بن، ولد، مرحومه روز ۽ ماه وغيره جي بدران ٺهڪي اچن ٿا.

جتي اسان وٽ ڪن بزرگن ۽ عالمن جي قبرن تي بحر العلوم، ميان حافظ ، حضرتنا شيخ وغيره جا القابي فقرا لکيا وڃن ٿا ۽ لکجن پيا، اُتي ڪن سنڌيءَ ٻولي جي سڄڻن ڀلارو، گهوٽ، نارائي گهوٽ، وڏيرو جهڙا نج سنڌي لفظ ڪم آڻي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ڪلچر جو منهن مٿي ڪيو آهي.

د: اردو ٻوليءَ جون لکتون

اردو ٻولي هونئن ته اسان وٽ ڪلهوڙن جي دؤر کان هلي پيئي ۽ ڪيترن ئي مشهور سنڌي شاعرن انهيءَ ٻوليءَ ۾ ڪجهه طبع آزمائي پڻ ڪئي آهي. تنهن هوندي به اردو جي باقاعدي لکت ۽ قبرن تي ڪتبن جو استعمال ورهاڱي کانپوءِ وجود ۾ آيو آهي.

اردو زبان جي انهيءَ ٿورڙي عمر هوندي به لکتن ۾ جيڪا ترقي ڏسون ٿا سا اسان لاءِ رِيس جو باعث هئڻ گهرجي، پر افسوس! جو اسان جي قوم جا اڳواڻ اڃا اکيون ڪونه ٿا پٽين.

وڏن شهرن کي ڇڏي اسين رڳو ناري پٽ جي قبرستانن ۾ اردو لکتن جو مطالعو ٿا ڪريون. جتي اردو ڳالهائڻ وارا فقط ٻه سيڪڙو به ڪونه آهن. ته به اسين هنن کي شاباس ۽ آفرين چوڻ کانسواءِ رهي نٿا سگهون. جن ٿوري تعداد هوندي به وڏي تعداد واري پراڻي قوم کان گهڻو اڳتي هليا ويا آهن.

ناري پٽ جي قبرستانن ۾ جيڪي اردو زبان جا ڪتبا مليا آهن، انهن مان نموني خاطر چند لکتون ڏجن ٿيون.

1. تاريخ وفات مرحوم عبدالعزيز خان دادا شمشاد احمد خان اے۔ ایس۔ ایم۔ یکم ربیع الثانی سنہ 1380ھ بمطابق 2 ستمبر 1961ء بروز سہ سنبہ بروقت پانچ بجے شام۔

2. ۷۸۶- آرامگاہ مرحوم زبیر احمد ولد حاجی نصیر احمد، تاریخ وفات 23 نومبر 1957ء مطابق 3 ربیع الآخر 1377ھ

3. ۷۸۶- بشیر احمد بنگھاس خان 18 سوال ہجری سن 1377 بروز جمع 1 مئی 1958ء۔

4۔ ۷۸۶-کلمہ طیب۔ سید مصباح السلام ولد سید عبدالرحیم مرحوم، تاریخ وفات 13 مارچ سنہ 1973ء بروز منگل عمر 61 سال۔

سنڌي لکتن جي مقابلي ۾ اردو لکتن تي اردو ٻوليءَ جا بيت تمام گهڻا ملن ٿا، جيتوڻيڪ اُهي سنڌيءَ جي پراڻن شاعرن جي بيتن اڳيان سادا ۽ هلڪا لڳن ٿا تڏهن به دلچسپيءَ کان خالي ڪونه آهن.

هتي جيڪي بيت مليا آهن، اُنهن ۾ گهڻو ڪري ٽن قسمن جو مضمون سمايل آهي. جيئن: (1) موت ۽ قبر جو تصور (2) گذارشون يا التجائون (3) دعائون ۽ مناجات وغيره هونئن ته اهڙي قسم جا بيت تمام گهڻا آهن پر هتي انهن مان چند نموني خاطر ڏجن ٿا:

1.      آگاہ اپنی موت سے، کوئی بشر نہیں،

سامان  سو برس کا پل کی خبر نہیں۔

2.      اِک نہ اِک دن ہوگا، تو خدا کے سامنے،

چل نہیں سکتی کسی کی، قضا کے سامنے۔

3.      عمر دراز مانگ کر، لائے تھے چار دن،

دو آرزو میں کٹ گئے، دو انتظار میں۔

4.      پھول تو دو دن بہار جانفزا دکھلا گئے،

حسرت اُن غنچوں پہ ہے، جو بن کھلے مرجھاگئے۔

5.      عجب سرا ہے یہ دنیا، کہ اس میں شام و سحر،

کسی کا کوچ کسی کا مقام ہوتا ہے۔

6.      یہ پھول اپنی لطافت کی داد پا نہ سکا،

کھلا ضرور، مگر کھل کر مسکرا نہ سکا۔

7.      آئے تھے مثل بلبل سیر گلشن کرچلے،

لی تو مالھی باغ اپنا، ہم مسافر گھر چلے۔

8.      او دیس والو، پردیس والو،

پڑہو فاتح اس غریب الوطن پر،

یہی تھا حکم رب قدیر کا،

لائی قضا وہاں کہ جہاں کا خمیر تھا۔

9.      کبھی تو زردار تھے، ہم بھی جہاں میں،

لیکن نہیں ہوں آج تمہارے جہاں میں،

پڑھو بس فاتحہ، اتنی میرے واسطے،

کہ مل جائے مجھے جگر، اگلے جہاں میں۔

10.    زردار تو تھے ہم کبھی، مگر آج نہیں ہیں،

شاہوں کے سر پہ تاج، مگر آج نہیں ہیں،

آئے ہو تو للہ پڑھو فاتحہ تم بھی،

بس اور کسی چیز کے محتاج نہیں ہیں۔

11.     مدت دراز ہوئی، جنگل میں ہے ٹھکانا،

اے جانے والے راہی، ہوکر ادھر سے جانا،

دستِ دعا اُٹھا کے، پڑھنا دورد پہلے،

گلہائے فاتحہ کے، تحفے چڑہاتے جانا۔

12.    رنگینیاں جہاں کے گلشن کی چھوڑیں ہم نے،

دنیا میں رہنے والو، جنگل میں گھر بنایا،

ٹہرو ذرا یہاں پر، پڑھ لو درود و فاتح،

گلشن کے رہنے والو، "شہر خموشاں" آیا۔

13.    کون کہتا ہے یہاں، پھول چڑہاتے جاؤ،

کون کہتا ہے یہاں، دیپ جلاتے جاؤ،

میری تربت سے، اے راہگیر گذرنے والو،

میری بخشش کے لیے، دو ہاتھ اُٹھاتے جاؤ۔

14.    شمعِ محفل بھی تھے، اِک روز تھے ہم بھی جواں،

چھوڑ کر نیرنگ دنیا، آکے پہنچے ہیں یہاں،

اِک بہمیں درکار ہے، اے دوستو حرفِ دعا،

یہ وہ دنیا ہے کہ آخر سب کو آنا ہے یہاں۔

15.    جو کوئی مومن کرے اِس پر نظر،

فاتح للہ پڑھے، اِس قبر پر۔

16.    فاتح مرقد ویراں پہ بھی پڑھتے جانا،

کہہ دو اُن سے جو ہیں اِس راہ سے جانے والے۔

17.    فاتحہ پڑھ کر جانا، میں بھی بیٹھا ہوں راستہ گھیر کر،

اے مسافر جانے والے، ذرا دیکھنا منہ پھیر کر۔

18.    میری عادت تھی، میں گھبراتی تھی، گھر میں اندھیرے سے،

اندھیری قبر ہے اِس لئے کچھ بخشش کر جانا۔

19.    بہت ہی خوب تھی، مرحومہ خاتوں مومن تھی،

اُٹھاؤ ہاتھ، پڑھو فاتحہ، خدا بخشے۔

20.    اے قبر میری بہن کو آرام سے رکھنا،

اِس نے کبھی قسمت سے بھی شکوہ نہ کیا ہے۔

21.    مرنے والے ہو تجھے گلشن فردوس نصیب،

ہر گھڑی فضلِ خداوند رہے تیرے قریب،

شاملِ حال ہمیشہ ہو عنایت اُس کی،

تیری تربت پہ برستی رہے رحمت اس کی۔

22.    خدا کی تجھ پہ رحمت ہو محمدﷺ کی شفاعت ہو،

سدا میری دعا یہ ہے تجھے جنت میں راحت ہو۔

23.    آسمان تیرے محمدﷺ پر پھول برسایا کرے،

جھومتی رحمت کی گھٹا کعبے سے آیا کرے۔

24.    باغ ئے جنت میں محمدﷺ مسکراتے جائینگے،

پھول رحمت کے گرینگے ہم اٹھاتے جائینگے۔

25.    مرقد پہ تیری، حق کا نزول ہو،

حامی تیرا خدا، اور خدا کا رسول ہو۔

26.    رحمتِ حق تجھ پر برسے، بے حساب و بے شمار،

عمر بھر ہم تو رہینگے، اشک بار و سوگوار،

ہر گھڑی برسے لحد پر، رحمتِ پروردگار،

حامی و ناصر ہوں تیرے سیّد والا تبار۔

27.    ابرِ رحمت تیری تربت پہ سدا چھایا رہے،

دامن خیرالبشر کا حشر میں سایہ رہے۔

28.    مثلِ ایوانِ سحر، مرقد فیروزاں ہو تیرا،

نور سے معمور یہ، خاکی شبستاں ہو تیرا۔

29.    او جانے والے تم نے تو مرکے کنارہ کرلیا،

روتے رہے ہم روز شب کیونکر گوارہ کرلیا،

چھوڑ کر پردیس میں تم تو گئے سوئے جناں،

قبر کے کونے میں یوں سوں گوارہ کرلیا۔

30.    آسمان تیری لحد پر شبنم افشانی کرے،

سبزہ نور سدا، اِس گھر کی نگہبانی کرے۔

31.    لازم ہے ہر بشر کو، خیالِ قضا رہے،

ہم کیا رہینگے، جو رسولِ خدا نہ رہے۔

32.    ہر اِک جاندار کی جاں، بے شبہ اِک دن جانی ہے،

خدا کی ذات کے سوا، ہر چیز فانی ہے،

نہیں معلوم بعد از مرگ، کیا کج روش آنی ہے،

نگہ دزح خلد، لائق مغفرت کی اِک نشانی ہے۔

اهڙيءَ طرح اردو ٻوليءَ جي ڪتبن مان، اردو ٻوليءَ جي بيتن کانسواءِ لقب القاب، ڌنڌو، سن، تاريخون ۽ نالا وغيره به ملن ٿا.

هه: پشتو ٻوليءَ جون لکتون

جتي ناري سب ڊويزن جي قبرستانن ۾ عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو جا بيشمار ڪتبا ملن ٿا اُتي ٻه ڪتبا پشتو زبان جا به ملن ٿا.

پٺاڻ هونئن ته اسان جي پٽ ۾ ڪافي عرصو اڳ کان رهندڙ آهن، پر اڪثر طرح قبرستانن ۾ دفنايل پٺاڻ ورهاڱي کانپوءِ ملن ٿا. جيڪي شهرن ۾ دوڪان يا ٻيون تجارتي ڪمپنيون کولي باقاعدگيءَ سان رهائش پذير هئا ۽ اڃان تائين واڌارو ٿيندو وڃي ٿو.

پشتو ٻوليءَ جا ٻئي ڪتبا هتي پيش ڪجن ٿا:

1۔ ۷۸۶- رسول خان ولد زان کھی ذات من زہی کل خیر پٹھان ساکن زرمت تعمیر سنہ 1965ء

2۔ ۷۸۶- یا اللہ یا محمد، کلمہ طیب۔ تاج الدین خان ولد زین الدین خان، قوم یارخیل ساکن چنخوا عمبروان فاروڈی وفات ستمبر 1957ء

و: انگريزي ٻوليءَ جون لکتون

انگريز، جيڪي اسان جي ملڪ تي هڪ سئو سال کان به وڌيڪ عرصو حڪومت ڪري ويا، تن جي به ٽن ڪتبن وارين تربتن جا نشان ناري پٽ جي قبرستانن ۾ ملن ٿا.

جيتوڻيڪ اسان جي ضلعي ٿرپارڪر ۾ انگريزن جو هڪ الڳ قبرستان ميرپورخاص شهر ۾ موجود آهي. پر ڪن سببن جي ڪري هن وقت ناري جي قبرستانن ۾ انگريزن جون تربتون موجود ٿيون ڏسجن. شايد انهن جو ڪارڻ اِهوئي آهي ته اهي آڳاٽا فوت ٿيا آهن، تڏهن سندن نِجو مقام نه هو.

هيٺ ٽيئي انگريزي ڪتبا پيش آهن:

1. In Memory of  Estherbai Beloved wife of Mr. Daniel Solomon Mhedeker Jailor of Nara Jail Died on 27th September 1885, Aged 30 years, May God Bless her soul.

2. In loving memory of Herbert to Fadward Waston Deputy commissioner Thar and Parker Died Feb: 27th 1894. Aged 47.

“Well done thou good and faithful servant enter thou into the joy of the lord.”

H.E. Watson sind commission for many years deputy commissioner of this district.

Born: 23 November 1846, Died 26 February 1894.

This memorial was Erected by the sub bordinate officials and the zamindars of thar and parker in remembrance of his good qualities and in taken of their affection for him.

3. هن ڪتبي جا مٿيان چند الفاظ ڪنهن يورپي رسم الخط يا ڪنهن آڳاٽي برصغير جي ٻوليءَ جا ٿا ڀانئجن.

In memory

Of

Doctor M. Shallome Wakulker

Who departed from this life in the year 1904.

May his soul rest in peace.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org