سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: عمرڪوٽ ضلعي جي قبرستانن جي ڪتبن جو مطالعو

باب:

صفحو:1

عمرڪوٽ ضلعي جي قبرستانن جي ڪتبن جو مطالعو

 

مترجم: الهه بچايو ”مشتاق“ آريسر

ڇپائيندڙ پاران

هِن ڪتاب جي نالي ”عمرڪوٽ ضلعي جي قبرستانن جي ڪَتبن جو مطالعو“ مان ئي ظاهر آهي، ته هيءُ پنهنجي نوعيت جو منفرد ۽ نئون موضوع آهي. هِن ڪتاب ۾ عمرڪوٽ ضلعي جو جاگرافيائي ۽ تاريخي پس منظر بيان ڪيو ويو آهي ۽ اُتي جي قبرستانن جي تاريخ ۽ قبرن جي ڪَتبن جي پڙهڻين کي ۽ ايندڙ نسلن جي ڄاڻ لاءِ محفوظ ڪيو ويو آهي.

هيءُ ڪتاب محترم الله بچايو ”مشتاق“ آريسر جي تحقيق ۽ محنت جو نتيجو آهي، جنهن صاحب عمرڪوٽ ضلعي جي پراڻن ۽ مشهور قبرستانن ۾ موجود قبرن جي تاريخ کي ثقافتي ۽ آرڪيالاجيڪل روءِ ۾ بيان ڪيو آهي ۽ قبرن جي تاريخي ڪتبن سان گڏوگڏ قبرستانن ۾ دفن ٿيل مشاهيرن جو احوال پڻ محفوظ ڪيو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، سنڌ جي تاريخ تي مشتمل اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن.
سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن. ان کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾ رکيل مختلف موضوعن جي قلمي مخطوطن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾ موجود اڻڇپيل مسودن جي اشاعت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن.

عزتمآب جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن طرفان شروع ڪرايل هڪ سؤ صحفن واري اشاعتي اسڪيم تحت منفرد موضوع تي لکيل هيءُ ڪتاب ”عمرڪوٽ ضلعي جي قبرستانن جي ڪَتبن جو مطالعو“ اِن سلسلي جي ڪڙي آهي. جنهن جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي سرڪردگيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

توقع آهي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش سنڌ جي عالمن ۽ اسڪالرن وٽ مڃتا ماڻيندي.

12- جمادي الثاني 1442هه       سيد سڪندر علي شاهه

26- جنوري 2021ع                    سيڪريٽري

ڊاڪٽر اسد جمال پلي

مقدمو

 

هيءَ تمام اهم تحقيقي موضوع آهي، جنهن تي ڇڙوڇڙ ڪم ته ملي ٿو، باقي ڪنهن هڪ علائقي کي محور بنائي هئي، هيءَ پهرين تحقيق آهي جيڪا اسان جي محترم الله بچايو مشتاق آريسر صاحب ڪئي آهي.

تحقيق جو علم سدائين اُڃايل رهيو آهي. ڪٿي به تحقيق جي تڪميل ۽ تحقيق لاءِ دروازا بند ناهن ٿيا.

غور ۽ فڪر سان ڪئين نوان موضوع، ڪئين نيون ڳالهيون وري نَون ذريعن سان معلوم ٿين ٿيون. اهوئي سبب آهي جو هي تحقيق جو سَلو سدائين انگوربو رهي ٿو ۽ نوان گونچ ڪڍندو مکڙيون ۽ گل ڦُلاريندو رهي ٿو. هڪ محقق لاءِ اهو ضروري آهي ته هو تحقيق جي جديد لاڙن جو مطالعو ڪندو رهي ۽ تحقيق جي فن ۽ ان جي جديد ڍانچي جو سڀني زاوين کان مطالعو ڪري، ان جي تقاضائن کي پورو ڪندو رهي. اسان جون ڪچهريون، داستان گويون، قصا ۽ ڪهاڻيون سڀئي هاڻي ’حوالن‘ جي مُهر سان تصديق جي ترازو ۾ تُرن ٿيون يعني تحقيق جي قالب ۾ سنواربيون وڃن ٿيون. هن جديد دؤر ۾ هاڻي ’حوالو‘ تحقيق لاءِ بنيادي شرط آهي. اڳي چئبو هئو ته ”ڳالهه ٿا ڪن ته! هاڻي يڪدم چئبو ته ’ڪير ٿا ڳالهه ڪن! يا چئبو ته ”ڪتابن ۾ لکيل آهي ته! هاڻي ڇاڪاڻ ته ’قلمي مسودا‘ ڦهلبا ۽ هزارين ڪاپين (مسودن) جي شڪل وٺندا وڃن ان ڪري پڇبو ته ڪهڙن ڪتابن ۾ لکيل آهي، ۽ اهي ڪتاب ڪنهن لکيا، ڪنهن ڇپايا ۽ ماڳهين هاڻي ته اهو پڇجي ٿو ته اُهي ڪتاب ’نيٽ‘ تي آهن يا نه. انهن جو ’آن لائين‘ تي موجود هجڻ وڏي سهولت ٿي پيو آهي. حالانڪ هنن سهولتن ڪجهه مصنوعي محقق به ايجاد ڪري ورتا آهن. پر انهن جي پڪڙجڻ جا شڪنجا به انهيءَ نيٽ ۾ ئي موجود آهن، جديد سائنسي تحقيق لاءِ ته ان ۾ ڪيترا قانون ۽ سزائون پڻ مقرر ٿي چڪيون آهن ۽ وقت پري ڪونهي ته انهن قانونن جو منهن ۽ اطلاق ’ادبي تحقيق‘ ڏانهن به ٿي پوي.

ادبي تحقيق ۾ ڪتابي علم ۽ انهن جي حوالن سان گڏ مشاهدي جو وڏو عمل دخل آهي، اسان جي محقق جو هيءُ ڪتاب ”مطالعي ۽ مشاهدي“ جو بهترين امتزاج آهي. هن ڪتاب جي مطالعاتي مواد کي تڏهن ئي چار چنڊ لڳا آهن جڏهن پاڻ مشتاق آريسر صاحب پنهنجي استاد محترم معمور يوسفاڻي صاحب سان گڏ ضلعي عمرڪوٽ جي قبرستانن جي ڪتبن کي وڃي اُتاريو ۽ پيرين پنڌ هڪ هڪ تربت تائين پهچي هنن لکتن جو مشاهدو ڪيو، ابتدائي طور تي هي ’مونوگراف‘ هئو بعد ۾ سائين مشتاق صاحب هن کي نظرثاني ڪري وڌيڪ بهتر بنايو آهي.

محترم الله بچايو مشتاق آريسر صاحب اٺين فيبروري اوڻيهه سؤ انونجاهه (1949ع-2-8) تي ڳوٺ حاجي دلاور آريسر موجوده تعلقو پٿورو ضلعو عمرڪوٽ ۾ سُڄاڻ، سگهڙ ۽ معزز شخص پنهون آريسر جي گهر ۾ پيدا ٿيو. آريسر ذات جو ’حسن‘ (حسڻ) پاڙو سندن نُک آهي. سندن ڀائر گل محمد، دوست محمد ۽ محمد ابراهيم ٿيا. گل محمد ادبي ذوق وارو آهي ۽ سندس ڪجهه مقالا ۽ مضمون شايع به ٿيل آهن. مشتاق صاحب بي.ايڊ (B.Ed) ايم.ايڊ (M.Ed) کان علاوه اديب فاضل سنڌي، منشي فاضل فارسي (فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن) ايم.اي اسلامڪ ڪلچر ايم.اي سنڌي جون ڊگريون حاصل ڪيون. ابتدائي طور مارڪيٽ ڪميٽي غلام نبي شاهه ۽ پٿورو ۾ نوڪري ڪرڻ بعد 68-1-10 کان پرائمري استاد ڀرتي ٿيو.

ان بعد مختلف ڪمرشل انسٽيٽيوٽس ۽ اسڪولن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائون، صوفي فقير، حاجي محمد عالم پلي، پٿورو، ڪراچي، نواب شاهه، پاٽويون، هوت خان لغاري، حاجي عبدالحڪيم آريسر، حيدرآباد، لطيف آباد ۾ مختلف ٽرينگس ۽ خدمات بعد 2009-2-7 تي ڪمرشل انسٽيٽيوٽ ميرپورخاص مان رٽائر ڪيائون.

1973ع کان شاعري شروع ڪيائون. ابتدائي طور محترم ولي سروري سندن رهنمائي ڪئي ۽ 1975ع کان باقاعده معمور يوسفاڻي صاحب کي استاد ڪري ورتائون ۽ باقي سڄو عرصو معمور يوسفاڻي صاحب جي شاگردي ۾ رهي، شاعري ۾ مچي مڙس ٿيا ۽ پاڻ شاعرن جا استاد ٿيا، نواب شاهه ۾ ڪجهه وقت محترم حميد ’شهيد‘ ميمڻ صاحب کان به اصلاح ورتائون، ۽ کين به پنهنجو استاد تسليم ڪيائون. پاڻ عام ڪچهرين ۾ نه صرف حميد ’شهيد‘ ميمڻ صاحب ڳالهيون انتهائي احترام سان ڪن ٿا بلڪه سندن ڳڻ ڳائيندا رهن ٿا.

هڪ مستند شاعر کان علاوه پاڻ سُٺا نثرنگار آهن ۽ مضمون نگاري خواهه مقاله نگاري ۾ محترم معمور يوسفاڻي کي پنهنجو استاد ۽ رهنما مڃين ٿا، سندن ڪافي تحقيقي مقالن ۽ مضمونن کان سواءِ ’معمور يوسفاڻي‘ سان گڏ گهاريل گهڙين تي هڪ ڪتاب ’بيباڪ شخصيت‘ (مطالعو معمور جو جلد-1) پڻ شايع ٿيل آهي. الله پاڪ کين نيڪ اولاد سان گڏ حج جي سعادت پڻ نصيب ڪئي، سندن نياڻيون ٻه فرزند زاهد حسين ۽ اختر علي تعليم جي زيور سان آراسته آهن.

محترم سائين الله بچايو مشتاق آريسر جو هيءُ تحقيقي ڪم ان دؤر ۾ شروع ٿيو جڏهن آئون اڃان مڊل اسڪول ۾ هئس ۽ سائين اسان جي ڪلاس کي پڙهائيندو هئو. اڪثر رات جو اسان جي اوطاق تي ادبي ڪچهري ٿيندي هئي ۽ هن تحقيقي ڪم جون خبرون چارون هونديون هيون، هن تحقيق ڪم ۾ بابا سائين، معمور يوسفاڻي صاحب رهنما طور گڏ هوندو هئو ۽ آريسر صاحب سان سڄي ضلعي عمرڪوٽ جا قبرستان ڏٺائون ۽ مشاهدو ڪيائون.

محترم سائين الله بچايو مشتاق نه صرف منهنجو ۽ ادا حزب الله ۽ سيف الله خالد جو مڊل اسڪول جو استاد رهيو پر ادبي سفر ۾ رهنما ۽ ساٿي رهيو آهي. بابا سائين (معمور يوسفاڻي) جي حياتي ۾ ۽ خاص طرح وفات هن بزرگ شخص اسان کي اڪيلو ڇڏيو ئي نه آهي. ’جشن معمور‘ جون ساليانه نشستون هجن يا مرڻي- پرڻي جا موقعا هجن سائين اسان وٽان ڀيرو ڀڳوئي ناهي. هميشه سندن دعائن جا هٿ الله پاڪ جي حضور ۾ سندس استاد جي خاندان لاءِ کڄندا رهيا آهن. (آمين)

سندن هن ڪتاب ۾ يقيناً ڪنهن هڪ- ٻن قبرستانن کان سواءِ مشڪل سان ڪو اهڙو قبرستان هوندو جنهن جو ذڪر نه هجي. خاص طرح سان ڪتبن جي مطالعي جي سلسلي ۾ ڪو ڪتبو رهيل آهي ئي ڪونه. عمرڪوٽ ضلعي جي ٿر واري علائقي جا ماڻهو اڪثر مهراڻي ۽ ناري پٽ جي قبرستانن ۾ تدفين ڪندا رهيا آهن، موجود پاڪستان- هندستان جي بارڊر جي اوڀر طرف تاملور (جيسندر) ۽ تاملهيار جي ڳوٺن جا قديمي قبرستان آهن جتي هن طرف جي بزرگن جي تدفين ٿيندي رهي آهي. باقي عمرڪوٽ جي هن علائقي ۾ 1949ع بعد وڏي لڏپلاڻ ٿي آهي. هن علائقي جا ماڻهو نقل مڪاني ڪري هُن طرف ويا آهن ۽ هُن طرف جا هيڏانهن آيا آهن. انڪري عمرڪوٽ جي ٿر واري علائقي ۾ قبرستان قديم وقت جا آهن ئي ڪونه البته ڪجهه ضرور ملن ٿا. جاگرافيائي حدبندين جي ڪري انهن جو ذڪر به هِن ڪتاب ۾ شامل ڪونهي. جناب مولوي مراد علي راهمون صاحب جي چوڻ موجب ’وهراڙو‘ جو قبرستان البته ڪافي قديم آهن پر ان ۾ ’ڪتبن‘ جو مختلف نمونو موجود نه آهي. هن وقت بئراج علائقي وانگيان ٿر ۾ به ڪافي نوان قبرستان ٺهي ويا آهن. جيئن خود مراد علي صاحب جي ڳوٺ ’ڪيرلو‘ جو قبرستان آهي، مون هِن قبرستان ۾ راوت فقير جي تربت تي آبومائونٽ جو پٿر به ڏٺو ۽ وقت جي بزرگ حاجي فقير عنايت الله راهمون جي مقبري تي به فاتح پڙهي. هن بزرگ جي ڪرامت اها آهي جو مڪمل بي سروساماني ۾ سندس فرزند حاجي محمد حنيف ”الارهر يونيورسٽي“ مصر مان عربي جو ڪورس ڪري آيو آهي. هنن سڀني قبرستان جي قبرن ۽ مقبرن جي فن تعمير تي ته لکي سگهجي ٿو باقي ڪتبن ۾ ڪا خاص تبديل يا قدامت نه آهي.

هن علائقي ۾ جيڪي غير مسلم ذاتيون سنڌ جي تصوف جي درگاهن ۽ درسگاهن سان واڳيل رهيون آهن، انهن جا قبرستان ته ڪافي آهن پر هن ڪتاب جي موضوع مطابق ڪتبا يا ته آهن ڪونه يا ڪي مختلف نه آهن جو بحث ۾ شامل ڪيا وڃن.

هن علائقي ۾ جيڪا تعميرات جي نواڻ آهي اُها نئين تاج محل جي تعمير، جيڪو ’آگره‘ واري بادشاهي تاج محل جي شڪل تي محترم عبدالرسول پلي صاحب پنهنجي زوجه مرحومه جي تربت مٿان تعمير ڪرايو آهي. ’ڊيٻو‘ قاضي نورمحمد پلي جي قبرستان ۾ خطير رقم سان هي تعمير يقيناً اصل بادشاهي ’تاج محل‘ سان ته نه ڀيٽبي پر زمينداري ’تاج محل‘ دنيا ۾  اهو پهريون آهي ۽ ’تاج محلن‘ جي تاريخ ۾ اهو ٻيو ’تاج محل‘ شامل ڪبو. جيڪو هن علائقي ۾ تعمير ٿيل آهي.

هن ڪتاب ۾ چند مشاهيرن جو به ذڪر ڪيل آهي. حالانڪ هيءُ موضوع تمام وسيع آهي ۽ طوالت کان بچڻ خاطر هن ڪتاب ۾ علائقي جا ٿورا مشاهير ڏنا ويا آهن، ٻي حالت ۾ هن موضوع تي هڪ جامع ڪتاب لکي سگهجي ٿو.

سڄي سنڌ وانگيان هن علائقي ۾ به، جيئن قديم ۽  وڏن ڳوٺن مان نوان ڳوٺ ٺهيا آهن، تيئن نون ڳوٺن جي سهولت لاءِ نوان قبرستان ٺهيا آهن ۽ لڳ ڀڳ هر نئين ڳوٺ، بستي ۽ ڍاڻي لڳ نئون قبرستان پڻ آهي. پر هتي قديم قبرستانن جي ’ڪتبن‘ کي شامل ڪيو ويو آهي. هن علائقي ۾ گذريل صدي جي شروعات کان ڪافي نيون ذاتيون به نقل مڪاني ڪري آيون آهن، انهن جو به ذڪربه نه هئڻ جي برابر ڪيو ويو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين محترم قبله سعيدالزمان ’عاطف ۽ پبليڪيشن ڪميٽي جي ميمبرن جو اهو اعليٰ ذوق چئبو جو هن بهترين تحقيق کي اشاعت ۾ آندو آهي. يقيناً پبليڪيشن سيڪشن ۽ بورڊ ۾ سيڪريٽري صاحب به هن ڪم لاءِ مبارڪ جا مستحق آهن.

قبله سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جي عهد ۾ بورڊ ۾ جيڪي به اهم ڪم ٿيا آهن، يقيناً هن ڪتاب جي اشاعت به ان ۾ شامل آهي، جو سنڌي ادب ۾ هن موضوع تي هي پهريون ڪتاب آهي.

ٻه اکر

 

 

هن تحقيق جي ابتدا مون ايم.اي سنڌي جي تياري وقت محترم محمد عمر معمور يوسفاڻي ۽مولوي محمد ادريس جوڻيجو صاحب جي مشوري سان ڪئي. هنن ٻنهي بزرگن مون کي سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب سان مشوري لاءِ موڪليو. منهنجي تحقيق جو عنوان ”ناري سب ڊويزن جي قبرستانن جي ڪتبن جو مطالعو“ منظور ٿيو، هن ڪم لاءِ ڳوٿري هٿ ۾ کڻي ڪڏهن لاري ۾ ڪڏهن ريل گاڏي ۾ ڪڏهن گهوڙي تي ڪڏهن اُٺ تي ڪڏهن پنڌ هلندي، مس مس وڃي هيءُ ڪم پورو ڪيم. الانا صاحب جي همت افزائي مون ۾ وڏو حوصلو آندو ۽ هن سڄي سفر ۾ سائين معمور يوسفاڻي جي رفاقت ۽ رهنمائي ۾ هيءُ ڪم مڪمل ٿيو.

عنوان بحال ٿيڻ ته سولو هو پر اُن جو مڪمل ٿيڻ وڏو مسئلو ٿي پيو، ڇو ته جڏهن اُونهاري جي وئڪيشن ۾، قبرستانن جو جائزو وٺڻ لاءِ نڪتس ته اهو ثابت ٿي ويو ته هن عنوان کي مڪمل ڪرڻ لاءِ دل، دماغ ۽ هٿن سان گڏ پيرن کي به وڏو ڪم ڪرڻو آهي، بس پوءِ ڳوٿري هٿ ۾ ڪڏهن بس ۾، ڪڏهن ريل گاڏيءَ ۾، ڪڏهن گهوڙي تي، ڪڏهن اُٺ تي ته ڪڏهن پيادو هلندي چئن مهينن جي عرصي اندر مس مس وڃي قبرستانن جي سروي مڪمل ٿي.

گڏ ٿيل مواد جڏهن جناب الانا صاحب جن جي آڏو حاضر ڪيم ته پاڻ ان کي پنجن بابن ۾ ورهائڻ لاءِ مشورو ڏنائون ۽ مون سمورو مواد سامهون رکي پنج ئي باب پنهنجي ڄاتي موجب مڪمل ڪيا، جيڪي پڙهندڙن جي آڏو حاضر آهن.

آئون الانا صاحب جن سان گڏ جناب ”معمور“ يوسفاڻي جو پڻ گهڻو شڪر گذار آهيان جو هو نه رڳو قبرستانن جي سروي وقت مون سان همسفر رهيا، پر پنهنجا قيمتي قلمي ڪتاب پڻ مون کي مطالعي لاءِ ڏنائون. جن تان مون مدد وٺي هن تحقيق جا پهريون، ٻيو ۽ پنجون باب تيار ڪيا، انهيءَ کانسواءِ ڪڏهن ڪڏهن مون کي پنهنجن نيڪ مشورن سان پڻ نوازيائون.

جناب مولانا مولوي محمد ادريس صاحب جو شڪريو پڻ واجب سمجهان ٿو، جو پاڻ عالمن ۽ بزرگن جي احوال ۾ منهنجي مدد ڪيائون.

انهيءَ سان گڏوگڏ  آءٌ جناب محترم صدرالدين آريسر، مولانا عزيز الله قريشي سيوهاڻي، جناب حاجي ولي محمد ڪنڀار، جناب سنڀومل ڪي راماڻي، جناب پرواز سروري، جناب فقير محمد آريسر ۽ ٻين دوستن جو پڻ ٿورائتو آهيان جن ڪنهن نه ڪنهن طرح منهنجي هن ڏِس ۾ مدد يا رهنمائي ڪئي.

وقت گذري ويو خبر ئي نه پئي ان وقت جي هيءَ نارا سب ڊويزن چئن تعلقن عمرڪوٽ، ڪُنري، پٿورو ۽ سامارو ۾ ورهائجي عمرڪوٽ ضلعو ٿي وئي، تازو وري هن تحقيق کي ٻيهر وڌائي سنواري سڌاري بورڊ جي چيئرمين سائين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ کي پيش ڪيم جنهن پبليڪيشن ڪميٽي جي حوالي ڪئي ۽ منظور ٿي ڇپجي توهان جي هٿن ۾ پهتي آهي.

ڪائو ڪمايوم، موتي مون نه وڻجيا.

الهه بچايو ”مشتاق“ آريسر

ميرپورخاص

 

باب پهريون

 

عمرڪوٽ ضلعي جو جاگرافيائي پس منظر

 

پراڻي ٿرپارڪر ضلعي جي وچ واري هيءَ نارا سب ڊويزن هاڻي عمرڪوٽ ضلعي جي شڪل ۾ سنڌ جي نقشي تي نمايان آهي، هيءُ ضلعو طبعي لحاظ کان ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، جيڪي هن طرح آهن:

1. ناري وارو ڀاڱو

هن ڀاڱي ۾ سامارو ۽ پٿورو تعلقا سڄا، عمرڪوٽ ۽ ڪُنري تعلقن جو اولهندي وارو سنئون پٽ اچي وڃن ٿا، جيڪي هن ضلعي جي ايراضيءَ جو وڏو حصو والارين ٿا.

2. مُهراڻي وارو ڀاڱو

مُهراڻو لفظ ”مُهر يا مُوهر“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي موهيندڙ يا پاڻ ڏي ڇڪيندڙ. هن ڀاڱي ۾ ڪُنري ۽ عمرڪوٽ تعلقن جي ڏاڍي زمين ۽ ڀٽن وارو اُهو ڀاڱو اچي وڃن ٿا، جنهن ۾ ٿوهر جا وڻ گهڻائيءَ ۾ آهن، هن خطي ۾ اولهه طرف ڪڙيا ۽ ڪسيون، ڍورا ۽ ڍنڍون، ته اوڀر طرف واريءَ جا وڏا دڙا، مَڙها ۽ ڀٽون آهن جن جو نظارو اهڙو ته موهيندڙ آهي جو هر ڪنهن جي واتان واهه واهه جا لفظ نڪريو وڃن.

مُوهر جي لفظ کي ڪيترن ئي شاعرن استعمال ڪري سندس اهميت وڌائي ڇڏي آهي، هڪ روايت موجب اهو لفظ ويدن جي دؤر جو آهي.

3. کاهُڙ وارو ڀاڱو

ٿر علائقي جو اُتر ۽ اُوڀر وارو ڀاڱو جنهن کي کاهُڙ ي اکائُڙ سڏيندا آهن، تنهن جو ڪجهه حصو عمرڪوٽ ضلعي ۾ به اچي وڃي ٿو، جيڪو مُهراڻي واري ڀاڱي جي اُوڀر ۽ اتر اوڀر ۾ اچي وڃي ٿو. هن ٽُڪري جا وڻ ۽ ٻوٽا ڇوٽا ۽ ننڍا، زمين ننڍن دڙن واري، پاڻي کارو ۽ ٻاڙو هئڻ ڪري هتي جي رهاڪن جا ڏند ڳاڙها ٿين. هتي تَڙ ٻن قسمن جا ٿين ٿا، هڪڙا اونها جن کي عام طرح تڙها ڪري سڏين جن جو پاڻي کارو آهي ۽ ٻيا مٿانهان جن کي پار سڏين، جن جو پاڻي مٺو ۽ ٿورو وقت جٽاءُ ڪندڙ آهي.

کائُڙ جو ذڪر سنڌ جي سڀني شاعرن گهڻو ڪري بيتن ۽ ڪافين ۾ ڪيو آهي.

حدون

هن ضلعي جي اولهه ڏکڻ ۾ ميرپورخاص ضلعو اوڀر ڏکڻ ۾ ٿرپارڪر ضلعو (مٺي) ۾ هندوستان جي جوڌپور رياست ۽ اُتر ۾ جوڌپور رياست ۽ کپرو تعلقو (ضلعو سانگهڙ) اچي وڃن ٿا. هن سموري ايراضيءَ جو قديم نالو نارو سب ڊويزن يا نارا ويلي سب ڊويزن هئو.

پراڻا وهڪرا

دستور آهي ته ڪنهن به ملڪ جي پراڻي دؤر جي خوشحالي بابت اُن جي حدن اندر سڀ کان پهرين وهڪرن جي نشانن کي ڳوليو ويندو آهي جن جو هئڻ اهو ثابت ڪندو آهي ته ڪو ملڪ پراڻي دؤر ۾ سڌريل ۽ خوشحال هو. هن خطي ۾ به اهڙا آثار ملن ٿا، جيڪي ثابت ٿا ڪن ته سنڌ جو هيءُ حصو اڳوڻي دؤر ۾ وسندڙ ۽ آباد هو.

عمرڪوٽ ضلعي ۾ جيڪي وهڪرا ۽ اُنهن جا نشان ملن ٿا سي هن طرح آهن.

الف: مهراڻ ندي

هن خطي ۾ مُهراڻي واري ايراضيءَ ۾ ڳوٺ ٻانڌي، نونهيين، حويلي ۽ ڇور وٽان هلندي، آهوري مانڌل، کاروڙي، عمرڪوٽ، کيجڙياري، جانهيري، چيلهه ۽ نبيسر لڳ مٺي پاڻيءَ جي وهڪري وارين سُتين، ڪوڏن وغيره جو ايترو ته تعداد ملي ٿو جيڪو ثابت ٿو ڪري ته اتان ڪا ندي ضرور وهندڙ هئي جيڪا بکر وٽان ڏکڻ ڏي ايندي. مُهراڻي جي ايراضيءَ مان لنگهي هيٺ سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي جنهن بابت نه رڳو زباني ۽ تاريخي روايتون ملن ٿيون پر نئين ڪوٽ جي ڀرسان مهراڻ جي ڍنڍ زندهه ثبوت آهي، نه رڳو ايترو پر نئين ڪوٽ کان ڏکڻ طرف ڪافي پنڌ تي ڏيپلي تعلقي ۽ ٽنڊي محمد خان تعلقي جي وچ ۾ ”وسائي جون ماڙيون“ جا کنڊر اِهو ٻڌائين ٿا ته محمد بن قاسم ڏاهر جي تخت راوڙ تي حملي ڪرڻ لاءِ ويندي انهيءَ هنڌان مکي پٽ وسائي جي مدد سان ٻيڙين جي پُل ذريعي مهراڻ ندي اُڪريو هو ۽ جڏهن محمد بن قاسم راوڙ تي قبضو ڪري ڏاهر کي شڪست ڏني تڏهن مکي پٽ وسائي کي اهو علائقو وڄوتري (وڄوٽي) سميت جاگير طور ڏنو ۽ وڄوتري جو ڳوٺ نئين ڪوٽ کان مٺيءَ واري رستي تي اڄ به موجود آهي.

ب: هاڪڙو

مهراڻ کانپوءِ هن ايراضيءَ جو ٻيو وڏو ۽ پراڻو وهڪرو هاڪڙو آهي جيڪو اروڙ جي بند وٽان سنڌو نديءَ مان جدا ٿي خيرپور ۽ سانگهڙ ضلعن مان وهندو ڳوٺ غلام نبي شاهه وٽان اچي ٿرپارڪر جي هن سب ڊويزن ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ اڳتي هلندو نئين ڪوٽ کان هيٺ مهراڻ سان ملي وڃي ٿو.

اهوئي هاڪڙو آهي جنهن تي ڏيپلي تعلقي جي ڪلوئي ڳوٺ سامهون ڄام سمي جي راڄڌاني هئي جنهن جا آثار اڄ به ”ارڻيءَ جي دڙي“ جي صورت ۾ موجود آهن.

اِهو ئي سمون ڄام هو جنهن کي دعا ڪندي ماموئي فقيرن بيت چيا هئا ته:

ڀڄندي ٻنڌ اروڙ، هاڪه وهندو هاڪڙو،

بِهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ايندا سوکڙي.

۽ وڌيڪ چيو هئائون ته:

وڃي وِهجو ماڻهوئا، ننگر جي آڌار،

پراڻا پرار، نوان مَ اڏجو نِجهرا.

هن بيت مان اِهو ثابت ٿو ٿئي ته فقيرن، ماڻهن کي پراڻ کان پريان ويهڻ جي منع ڪندي ننگر جي پاسي ۾ ويهڻ لاءِ چيو هو. ٻئي طرف ماموئي فقيرن جون قبرون پڻ پراڻ جي ڪناري ٽنڊي جان محمد جي ويجهو آمريءَ جي قبرستان ۾ آهن، باقي جيڪي اسان جا اديب انهيءَ واقعي کي ٺٽي ۽ ڄام تماچيءَ سان ملائين ٿا، اُهي فقط خوش فهميءَ ۾ مبتلا آهن.

هاڪڙي کي ”نارو“ ۽ ڍورو پڻ چوندا آهن جنهن جي ثبوت ۾ سومرن جي دؤر کان اڄ تائين جي ڪيترن ئي شاعرن جا بيت ملن ٿا.

ج: پراڻ ندي جون شاخون

سنڌ جي مشهور ”پراڻ ندي“ جنهن کي ”پراڻ دريا“ به چوندا آهن، تنهن جون ڪي شاخون ساماري جي تاريخي شهر ڀرسان وهنديون ڪِنجهيجي اسٽيشن کان ويجهو لنگهندي ڏکڻ طرف وهنديون هيون، جنهن لاءِ سنڌ جي مشهور شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ بيت ۾ فرمايو آهي ته:

”وُٺا پٽ پراڻ جا، وٺيون ساماري“

۽ شاهه عنات رضوي اهو بيان وري هيئن ڪيو آهي ته:

”وُٺا پٽ پراڻ جا، اڪڙي، سامارو“

انهن کانسواءِ به پراڻ کي وڏي شهرت حاصل آهي.

عمرڪوٽ جا پراڻا ڀِڙا ۽ کنڊرات

هن علائقي ۾ مٿين وهڪرن جي ڪنارن تي ۽ آسپاس ڪيترائي ڀڙا ۽ پراڻن شهرن جا کنڊر ملن ٿا جيڪي پراڻي دؤر جي سڌاري ۽ ترقيءَ جو وڏو ثبوت آهن ۽ هتي جيڪي اهڙا ڀڙا ۽ ٻيا آثار آهن اُنهن جو مختصر احوال هيئن آهي:

الف: داسڙن جو ڀڙو

هي ڀڙو شادي پلي اسٽيشن کان اولهه طرف اڌ ميل کن پنڌ تي ريلوي لائين کان ڏکڻ پاسي هڪ بلاڪ جي ايراضيءَ ۾ موجود آهي جنهن جي اُتانهين اٽڪل چاليهه فوٽ کن ٿيندي.

چون ٿا ته هتي داسڙي يا داسڙن جي بادشاهي هئي، مگر ڪهڙي دؤر ۾ هئي تنهن بابت معلوم ڪونه ٿي سگهيو آهي.

ب: ڀوريءَ جو ڀڙو

صالح ڀنڀري جي اسٽيشن کان اُتر اولهه طرف اٽڪل ٻن ميلن پنڌ تي کن فارم جي ڀرسان هڪ پراڻي شهر جا آثار ملن ٿا جن کي اڄ به مقامي ماڻهو ”ڀوريءَ جو شهر“ سڏيندا آهن. جتي هينئر به سرن جا وڏا چوڪا، ننڍيون سرون ۽ جاين جا نشان ملن ٿا ۽ انهن نشانن سان مليل ڏکڻ طرف به هڪ ٻئي ڦٽل شهر جا نشان آهن جن لاءِ روايت آهي ته اهو ’خانپور‘ يا ’کن‘ جو شهر هو جتي مير مبارڪ ۽ سندس پٽن جي جاگير هئي جيڪي پوءِ ابن فقير جي پاراتي سبب تباهه ٿي شهر ڇڏي هليا ويا ۽ لاڙ طرف نئون شهر راڄو خاناڻي وڃي ٻڌائون جتي سندن اولاد اڃان تائين موجود آهي.

ج: ڳاڙهو ڀڙو

ساماري شهر ۽ ساماري روڊ جي وچ تي رستي جي لڳ اُتر طرف هڪ وڏي ڀڙي جا نشان موجود آهن جنهن کي ڳاڙهو ڀڙو سڏيندا آهن ۽ اُن جي ئي پويان اها ديهه پڻ ”ڳاڙهو ڀڙو“ سڏجي ٿي.

د: حسن باغبان جو ڀڙو

ساماري شهر ۽ ساماري روڊ جي وچ تي شاهي رستي کان ٻه ميل کن ڏکڻ طرف مشهور درويش حسن باغبان وٽ هڪ وڏو ڀڙو موجود آهي جيڪو ڪيترن ئي وڏن دڙن تي مشتمل آهي، جن مان ڏکڻ واري دڙي تي حسن باغبان جي قبر مٿان تجر اڏيل آهي، جنهن مان ثابت ٿو ٿئي ته اهو دڙو بلڪل پراڻو آهي.

هڪ روايت موجب انهيءَ کي ”ليلان جو شهر“ پڻ سڏيندا آهن، جيڪا راءِ چنيسر داسڙي جي محبوبه زال هئي. ٻي روايت موجب ”ڍول مارو“ جو داتان پڻ هن دڙي سان وابسته آهي.

هه: پٽڻ جو ڀڙو

حسن باغبان کان ٽي چار ميل لولان ۽ ڪنجهيجي ديهن جي اندر هڪ وڏي ڀڙي جا آثار موجود آهن جنهن لاءِ چون ٿا ته اتي ڪو زمانو راءِ چنيسر داسڙي جي پڻ حڪومت هئي.

هن ئي ايراضيءَ ۾ ليلان جي ماڙي، ڪونئرو جي ماڙي، ليلان جي ڪنڊي، ليلان جي ترائي، جادوءَ جي بَڙَ ۽ ڪينجهه جي دڙي جا نشان موجود اهن. جيڪي سڀئي راءِ چنيسر جي دؤر سان واسطو رکن ٿا.

و: ٽٻُهين جو شهر

ساماري روڊ کان اُتر طرف جمال خان ڌونڪائي جي ڳوٺ لڳ هڪ پراڻي شهر جا نشان موجود آهن جنهن لاءِ چون ٿا ته انهيءَ هنڌ ٽٻهين جو پراڻو شهر هو، جنهن کي ڪي ماڻهو پراڻو سامارو پڻ چوندا آهن.

ز: پچٽ جو ڀڙو

ٽٻهينءَ جي کنڊرن کان پنج ڇهه ميل اوڀر طرف هاڪڙي جي اولهه پاسي ديهه ٻاويهين ۽ ٽيويهين هيرل ويجهو خانصاحب عبدالڪريم ’ڪريم‘ جي اسٽيٽ ۾ هڪ قديم ڀڙو آهي جنهن تان لوهه جا ٽڪر، چوڙيون، پراڻا سڪا ۽ پراڻن ٿانون جا ٽڪرا لڀندا رهن ٿا. جنهن لاءِ چون ٿا ته اهو سامي نسل جي مشهور جادوگر ۽ عياش حاڪم پچٽ راءِ جو تختگاهه هو، جتي شاهي محل ۾ روزانو آسپاس جون حسين عورتون هن جي سلاميءَ لاءِ اينديون هيون جن مان ليلان به هڪ هئي.

ح: همير جو ڀڙو

ڳوٺ صوفي فقير کان ڏکڻ طرف اٽڪل ميل کن پنڌ تي هاڪڙي جي ساڄي ڪناري تي هڪ تمام وڏي ڀڙي جا نشان موجود اهن، جن کي هميراڻو ۽ همير جو ڀڙو نالن سان سڏيندا آهن. جنهن جي اوتانهين 80 کان 100 فوٽن تائين ٿيندي ۽ دڙن جي پکيڙ چئن بلاڪن کان به مٿي ٿيندي.

هن دڙي تي سومرن جي آخري حاڪم همير سومري جو راڄ شايد آخري راڄ هو جنهن کي سنڌ جي مشهور شاعر سمنگ چارڻ هن طرح پاراتو ڏنو هو ته:

ڍُري ”ڍوري راءِ“ جنهن جو چارڻ سان کاهه،

پتڻ پٽئي جو ٿيو، سيج وِتايو ساهه،

هميران پوءِ راهه، راڄ نه ڪندا سومرا.

برسات جي مند ۾ هن ڀڙي تان لوهه، سون جا ٽڪرا، سڪا، چوڙيون، ٿانون جا نمونا ۽ ماڻهن جا هڏا عام لڀندا آهن.

ننڍيون سرون ۽ سرن جا وڏا چوڪا ته ايترا گهڻا ملن ٿا جو آسپاس جا غريب ماڻهو اُنهن مان پنهنجون جايون پيا ٺاهين.هن وقت ڀڙي جي اولهه طرف تمام ويڪري ڪوٽ جي ديوار پڻ ظاهر ٿي آهي.

دڙن تي جاين جو مٿيون سطح ۽ ڀڙي جي اُتر ۾ اصحابيءَ جي پنجويهه فوٽ ڊگهي تربت ثابت ٿا ڪن ته هيءُ ڀڙو عربن جي دؤر کان به آڳاٽو آهي.

ط: راڻي جو ڀڙو

همير جي ڀڙي کان ميل کن اوڀر طرف هاڪڙي جي اُڀرندئين پاسي راڻي مينڌري جو مشهور ڀڙو آهي جنهن تان پڻ همير جي دڙي واريون ساڳيون شيون لڀنديون آهن. هن دڙي جي ڏکڻ اولهه ۾ مومل جي ڀڙي آهي جتي مومل اچي رهي هئي ۽ ناڪاميءَ جي حالت ۾ اِتيئي پاڻ کي ساڙيو هئائين.

راڻي جي ڀڙي کان ڏکڻ اوڀر طرف اٽڪل ميل ڏيڍ پنڌ تي صوفي شاخ جي اولهه طرف هڪ پراڻو دڙو آهي، جنهن جي مٽي ۽ سرون پڻ همير جي ڀڙي ۽ راڻي جي ڀڙي سان ملندڙ جلندڙ آهن. جن مان اِهو پيو ثابت ٿئي ته اِتي به همير جي ڪنهن راجواڙي وزير جو محل هو. اهڙيءَ طرح هميراڻي جي اولهه طرف هيرل واهه جي ساڄي پاسي هڪ ڀڙي آهي جيڪا ’ستڙيون ديرو‘ سڏجي ٿو. جنهن جي ويجهو اسماعيل شاهه جي ڀڙي پڻ آهي. هيءُ ٻئي ’همير‘ جي وزيرن جا شهر  هئا.

ي: سونپور جي ڀڙي

ٿر واهه جي ڪرنا موريءَ کان اوڀر طرف شاهي رستي جي ڏکڻ پاسي، رستي کان ٻن فرلانگن جي پنڌ تي ديهه سونپور ۾ هڪ پراڻو دڙو موجود آهي، جنهن جي اُتانهين هن وقت به عام سطح کان ويهه- پنجويهه فوٽ کن ٿيندي، جنهن لاءِ چون ٿا ته ڪلهوڙن جي شروعاتي دؤر ۾ اتي هڪڙو ڦٽل کوهه موجود هو جيڪو سمورو هرڻن جي سنڱن سان ٻڌل هو. جنهن مان اهو ٿو ثابت ٿئي ته اتي ڪنهن وڏي راجواڙي جي راڄڌاني هئي.

ڪ: مومل جي ماڙي

عمرڪوٽ جي شهر ۾ ڏکڻ طرف ڪُنري روڊ جي اوڀر ڪناري سان هڪ وڏي دڙي تي پراڻي شهر جا نشان موجود آهن، جنهن جي ڏاکڻيئي ڇيڙي وٽ مومل جي ماڙيءَ جا کنڊر آهن.

سومرن جي شروعاتي دؤر ۾ اتي ڍولئي نرور ”ناري واري“ جي راڄڌاني هئي جنهن کي مومل نالي هڪ حسينه موهي سندس مڱ مارل کان روڪي رکيو هو، جيڪا جيسلمير علائقي جي مشهور حاڪم پنگڙ يا پنگلراءِ جي ڌيءَ هئي جنهن کان همير سومري يارهين صديءَ ۾ عمرڪوٽ جو شهر کسي ورتو هو.

ل: اَمراڻو

عمرڪوٽ جي موجوده شهر کان ٽي ميل کن اُتر طرف نماڻي شاهه جي کاروڙي جي اُتر پاسي ۽ اوڀر ڏي شِو جي مندر تائين تمام وڏي ايراضيءَ ۾ امراڻي جي شهر جا آثار موجود آهن، جنهن جي ڏکڻ ۾ هڪ وڏو ڏهر موجود آهي جنهن کي ”ولهار“ جي نالي سان ياد ڪندا آهن جيڪو اَمراڻي کان عمرڪوٽ تائين ڊگهو آهي، جنهن جو ذڪر شاهه صاحب سر سارنگ ۾ هيئن ڪيو آهي ته:

”ڪن اچي عمرڪوٽ تان وسايا ولهار“

هڪ روايت موجب مها ڀارت جي زماني ۾ سنڌ جي مشهور حاڪم راجا جئدراٿ پڻ هتي رهندو هو، جنهن پانڊون ۽ ڪورون جي لڙائيءَ ۾ ڪُورون جي مدد ڪئي هئي.

هنن آثارن جي اُتر ۾ کاروڙي جو مشهور پراڻو ڳوٺ آهي جنهن کي اڄ ”چارڻن جو کاروڙو“ نالي سان سڏيندا آهن.

محترم معمور يوسفاڻي صاحب جي تحقيق موجب عمر سومري جي دؤر ۾ مارئيءَ جا مائٽ پڻ اتي رهندا هئا، جيڪي مارئي جي قيد ٿيڻ کانپوءِ اهو ڳوٺ ڇڏي پائُر طرف هليا ويا، جنهن جو ثبوت شاهه سائين جي رسالي مان پڻ ملي ٿو:

کاروڙيا کڻي، ويڙهيءَ جهپ ويا،

سيڻ منهنجا سيد چئي، هاڻي هت هئا،

پسي پڊ اُنهن جا، لڙي لڙڪ پيا،

ڏيهي ڏور ٿيا، ڏيان ڏوراپا ڪن کي.

انهن ڀڙن ۽ کنڊرن کانسواءِ هن ضلعي ۾ نئين ڇور جي اُتر طرف ميل کن پنڌ تي هڪ ڦٽل شهر جا نشان، اڪڙي شهر کان ڏکڻ اوڀر طرف ديهه چنڊهل ۾ هڪ پراڻي ڀڙي ۽ اُن ڀڙيءَ کان اوڀر طرف ٻه ميل ريڌان ڳوٺ کان ڏکڻ پاسي اڌ ميل تي به هڪ پراڻي ڀڙيءَ جا آثار ملن ٿا. جنهن تان برسات جي مند ۾ مختلف قسمن جا مڻيا لڌا ويا آهن. اهڙيءَ طرح هيرل اسٽيشن کان ڏکڻ اوڀر پاسي اڌ ميل پنڌ تي به هڪ پراڻي شهر جا نشان ملن ٿا جن بابت اڃا تائين ڪابه معلومات ملي نه سگهي آهي. هيءَ پڙي ڳوٺ ريڌان (هوندو آريسر) کان ڏکڻ، ديهه يارهين آريسر ۾ آهي.

ڍنڍون

نارو پٽ نه رڳو وهڪرن جو مرڪز رهيو آهي پر هتي انيڪ ڍنڍون موجود هيون جن ۾ پکي، مڇي ۽ ٻوراني وغيره جام ملندا هئا، جن مان ڪن مشهور ڍنڍن جا نالا هن طرح آهن:

ٻانهياري، بُگري، ٽيڀري، آهوري، تَلو، ڏوماڻو، ڳموري، ڪپوراڙو، اَهُر، لنڱڻي وغيره. جن مان هن وقت فقط هڪ ڳموري جي ڍنڍ چاليهه ايڪڙ ايراضيءَ ۾ موجود آهي پر پاڻي نه هئڻ سبب ڪوبه نفعو پهچائي نٿي سگهي.

ڍنڍن کانسواءِ هن پٽ ۾ ڪيتريون ڇنون پڻ موجود هيون جن جا نالا اڄ به ديهن ۽ تپن تي يادگار بيٺا آهن جيئن ڪونجيلي، ڀڏيلي، ٻوکلي، ناڙا هڏي، گوڙا هڏي، ٻيرڇن، قبول ڇن وغيره.

مذهبي ۽ ڌرمي آثار

هن پٽ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو اهو پڻ ثبوت آهي ته هتي ڪيترائي مذهبي ۽ ڌرمي آثار ملن ٿا، جيڪي مختلف ڌرمن سان واسطو رکندڙ آهن.

هن پٽ ۾ سڀ کان پراڻو آثار تيرهين ميل هيرل ويجهو ڏاهرين ۽ هاليپوٽن جي ڳوٺن وچ ۾ ”ڏاڏي آدم جي ٻني“ جا آثار موجود آهن، جن کي ويجهو مشهور مالدار ساري سنگهار جي ترائي ۽ اُن ترائي جي ڪناري تي هڪ وڏو تاريخي پٿر موجود هو جيڪو چند سال اڳ خانصاحب محمد اسماعيل خان نون ڪڍائي کڻي ويو. انهيءَ پٿر جهڙا ٻيا به پٿر هن علائقي ۾ ڪن تراين تي موجود آهن جن تي ڪي تصويرون ۽ اکر پڻ اُڪريل آهن جيڪي پڙهي ڪونه ٿا سگهجن.

اِنهن کانسواءِ عمرڪوٽ جي شهر ۾ جَين ڌرم جو هڪ پراڻو مندر، امراڻي جي کنڊرن ۾ شِو جو پراڻو مندر، کيجڙياري ڳوٺ جي ويجهو”ٻڌن جو کوهه“، هاڙهه جي ترائيءَ ڪناري ”ستين جو ٿان“ جانهيري جي ڳوٺ لڳ کنگهار پير جو اوٽو، ڳموري ديهه ۾ کيتپار جي ڪنڊي، پچٽ جي ڀڙي جي آسپاس ستين جو ڏِهرو ۽ جوڳي جو ڍير قديم تهذيب جو ثبوت آهن. انهن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي آثار ملن ٿا. جن جو بيان هن ننڍڙي مقالي ۾ ڪري طويل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org