باب ٻيو
عمرڪوٽ
ضلعي جو تاريخي پس منظر
هن علائقي جي تاريخ به ايترو پراڻي آهي، جيترو
خود سنڌ جي تاريخ. هن خِطي جي تاريخ جيڪا اصل ۾
سنڌ جي قديم تاريخ ئي آهي سا ڪن ڀٽن، ڀانن، چارڻن
۽ سگهڙن جي زباني ئي ملي ٿي. تاريخي ڪتابن ۾ ۽
ڌرمي پستڪن ۾ به هن خطي جي تاريخ جا اهڃاڻ ملن ٿا،
جن کي ڀٽن وغيره جي بيانن سان ملائي تاريخ مرتب
ڪرڻ وڏو ڪٺن ڪم آهي، جيڪو مون جهڙي طالب العلم جي
توفيق کان گهڻو پري ۽ ڏاڍو ڏکيو آهي.
اهو ڪم جيتوڻيڪ ڏکيو آهي ته به دلچسپ ۽ معلوماتي
ضرور آهي انهيءَ ڪري آئون حاصل ڪيل معلومات مان
جيڪا مون کي قلمي ڪتابن، تاريخي شهپارن ۽ سگهڙن
کان ملي آهي سا عالمن جي آڏو رکان ٿو، جنهن تي
وڌيڪ کوجنا ڪرڻ ۽ اُن کي تاريخ جي مالها ۾ پوئڻ
اُنهن عالمن جو ئي ڪم آهي.
هن پٽ جي سڀ کان پراڻي تاريخ هن طرح ملي آهي ته
هتي مها ڀارت واري دؤر ۾ راجا جئدراٿ جو راڄ هو
جنهن پانڊون ۽ ڪورون جي لڙائيءَ ۾ ڪورون جو ساٿ
ڏنو هو.
جئدراٿ کان پوءِ پنجين صدي عيسويءَ تائين ڪابه
تاريخي معلومات ملي نٿي سگهي جنهن جي آڌار تي چئي
سگهجي ته هتي فلاڻي يا فلاڻي قوم حڪمران هئي.
عمرڪوٽ ضلعي جون حاڪم قومون
ناري پٽ ۾ ڪڏهن هڪڙي قوم، ڪڏهن ٻن قومن ۽ ڪڏهن
وڌيڪ قومن جي گڏوگڏ بادشاهتن جا احوال ملن ٿا.
هن خطي ۾ سڀ کان پراڻي حڪمران قوم پرمار آهن جيڪي
جَين ڌرم سان واسطو رکندڙ هئا جن عمرڪوٽ تي ڇهين
صدي عيسويءَ کان يارهين صدي عيسويءَ تائين حڪومت
ڪئي.
هن پٽ جي ٻي مشهور حاڪم قوم سومرا هئي جن يارهين
صديءَ کان پندرهين صديءَ جي وچ تائين هن پٽ جي
مختلف حصن تي مختلف وقتن ۾ راڄ ڪيو، جن جا آثار
عمرڪوٽ، هميراڻي ۽ پَراڻ جي پَٽن ۾ ملن ٿا.
هن ايراضيءَ جي ٽي مشهور حاڪم قوم سوڍا آهن جن جي
مختلف قبيلن کي سومرن جي دؤر ۾ ئي رياستون مليون،
ڪلهوڙن جي دؤر تائين عمرڪوٽ، اڪڙي ۽ ٻين هنڌن تي
قائم رهيون.
هن علائقي جي چوٿين حاڪم قوم راٺوڙ هئي جن کاهُڙ
واري حصي تي ڪافي ورهيه راڄ ڪيو جن مان مشهور حاڪم
راجا رڻمل ٿي گذريو آهي جنهن بابت مشهور چوڻي آهي
ته:
ڪاڪو جنهن جو ڪو نپجي، ڀائي ڀارمل،
گهوڙو جنهن جو نولکيو، سو راوتيو رڻمل.
هن علائقي جي پنجين پراڻي حاڪم قوم داسڙا هئي جيڪا
سما خاندان جي هڪ شاخ هئي، جن مان راءِ چنيسر
داسڙو مشهور حاڪم ٿي گذريو آهي، جنهن جو تختگاهه
تعلقي ساماري جي ڏاکڻئين حصي ۾ ”پٽن“ شهر ۾ هو،
جنهن جي چوڌاري انهيءَ دؤر جا ٻيا به آثار ملن ٿا
۽ شادي پَلي اسٽيشن جي لڳ داسڙن جو ڀڙو پڻ هن قوم
جو يادگار آهي.
ناري جي ڇهين حاڪم قوم سهتا آهي جن نُهٽي شهر ۾
پنهنجي بادشاهت جو پايو وجهي وڏي ترقي ڪئي. هن دؤر
۾ ناري پٽ جي آباديءَ جو اهو حال هو جو چوندا آهن
ته ڍوري ناري کان جيڪڏهن پاٽي ڪنهن جي هٿ ۾ ڏبي
هئي ته اُها هٿو هٿ هلندي نُهٽي تائين پهچي ويندي
هئي.
هن قوم جو مشهور حاڪم راءِ جکرو بن راءِ ڌورنگ هو
جنهن لاءِ چوڻي آهي ته:
جڏهن واري جکري، تڏهن نُهٽي نَوَ سؤ هٽ،
پري کان ئي پانڌين کي، ٿي آئي عطر ڇٽ،
محبت سندا مٽ، هئا مُهراڻي جي ملڪ ۾.
مٿين قومن کانپوءِ ناري پٽ ۾ سما راڄ جي ٻين
ذاتين، ڪلهوڙن، ڪُوڪڙين، ميرن ۽ انگريزن جي حڪومت
ٿي جن جو احوال گهڻي ڀاڱي ڇپيل تاريخن ۾ ملي ٿو.
عمرڪوٽ جون ٻيون مشهور قومون
هن پٽ ۾ جتي ڪن قومن حڪومت پئي ڪئي ته اُتي اُنهن
سان هن تر جون ٻيون به ڪئين ذاتيون ٻانهن ٻيلي
هيون، جيڪي راجپوتن، بلوچن، اڇوتن ۽ سماٽ نسل ۾
اچي وڃن ٿيون، جن مان چند مشهور ذاتيون هن طرح
آهن. سوڍا، راٺوڙ، چانڊيا، رند، ڀرڳڙي، بنگلاڻي،
ساند، رونجها، پلي، آريسر، مڱريا، ميمڻ، جوڻيجا،
هاليپوٽا، سينهڙا، ڀٽي، ڏيانگ، ڀنڀرا، دل، ڪلر،
ڪالرو، ڳهيلڙا، ڌونڪاڻي، نقرچ، سيال، چاؤڙا،
گشڪوري، نهڙي، ابڙا، ڇورا، سما، سميجا، کوکر،
پنوهور، چاچڙ، رندپور، ماڇي، ڀيل، مهاڻا، اوڏ،
هاڏيري، سيد، ٿيٻا، ٿهيم، گجو، ڇڄا، ڪپري، ڪورائي،
درس، راڄڙ ۽ چانهيا وغيره.
جن مان چند پراڻا رهاڪو آهن ۽ ٻيا جدا جدا دؤرن ۾
هتي اچي آباد ٿيا آهن.
سوڍن جي انسان دوستي
”ناري مُهراڻي“ ايراضيءَ ۾ فقط سوڍن جي ئي قوم آهي
جنهن حاڪم ۽ جاگيردار هوندي به ٻين سڌريل قومن کي
سڱ ڏنا آهن جن ۾ سومرا، سما، نهڙي، راهمان،
ڪلهوڙا، ٽالپر، کوسا، ڀرڳڙي، بنگلاڻي ۽ سيد وغيره
اچي وڃن ٿا. جن سان اڄ تائين به سوڍن جو اهو رستو
هلندڙ آهي.
ٿر ۽ ناري جي قومن مان اهائي واحد قوم آهي جنهن جي
تهذيب کي پسند ڪندي سنڌ جي سدا حيات شاعر لاکيڻي
لطيف چئي ڇڏيو ته:
ڏونگها آچ مَ تنکي، ڪاسا جنين ڪم،
پنندي پرڏيهه مان، تن سوڍين ٿئي شرم،
اُٿن گهڻي ادب سان ڳالهائين نرم،
قادر ڪر ڪرم، ته اُن جي وطن ۾ وس ٿئي.
نه رڳو ايترو پر هن قوم جي غيرت جو اهو زندهه ثبوت
آهي ته ٿر ۾ سخت ڏڪارن، بکن ۽ تڪليفن جي باوجود به
هن قوم جي غريب کان غريب فرد جي عورت مزدوريءَ
لاءِ يا پورهئي لاءِ گهر کان ٻاهر نه نڪتي آهي.
سنڌ جي ڪابه قوم ههڙي غيرت، خودداري، بهادري ۽
استقلال ۽ توڪل جو ثبوت ڏيئي ڪانه سگهندي.
انهيءَ کانسواءِ هن قوم جي همت ۽ خودداري جو اهو
پڻ هڪ زندهه ثبوت آهي جو هن قوم جي اعليٰ کان
اعليٰ تعليم يافته فردن پنهنجو اصلوڪو ويس ۽ رسم
نه ڇڏي آهي. مطلب ته هيءَ قوم هن پٽ جي مشهور
سڌريل ۽ مهذب قوم آهي.
عمرڪوٽ جون تاريخي ۽ نيم تاريخي ڪهاڻيون
ڪنهن به ملڪ جي آسودگي ۽ خوشحاليءَ جو ثبوت
اُنهيءَ ملڪ جون تاريخي ۽ نيم تاريخي ڪهاڻيون ۽
عشقيه داستان آهن، ڇو ته انهن مان ئي حاڪمن جي
طاقت، رعيت جي طاقت، همت، اتفاق، انصاف ۽ وفاداري
وغيره جي خبر پئي ٿي.
ناري پٽ ۾ به ڪئين تاريخي ۽ نيم تاريخي عشقيه
ڪهاڻيون ملن ٿيون، جيڪي مقبول عام بڻجي لوڪ ڪهاڻين
جي درجي تي پهچي چڪيون آهن.
هن پٽ ۾ جيڪي مقبول لوڪ ڪهاڻيون ملن ٿيون اُهي آهن
ڍولو مارل، مومل مينڌرو، عمر مارئي، ليلا چنيسر،
ڀوري ۽ ڦل وڌيو، مهر ۽ لاکو، صابر ۽ نوران وغيره.
جن مان مومل، مارئي ۽ ليلان ته اسان جي عظيم شاعر
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ڳايو آهي. نه رڳو
ايترو پر سندس رسالي سان گڏ ”ڍولي مارل“ جا ٿري
دوها ملن ٿا ۽ راءِ لاکي جو پڻ ذڪر ملي ٿو.
هڪڙي ننڍڙي خطي ۾ ايترين سارين لوڪ ڪهاڻين جو
اُسرڻ ۽ مقبول عام بڻجڻ، ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو
عظيم ثبوت آهي. انهي کانسواءِ اُتر ۽ لاڙ جا ماڻهو
هميشه ڪنهن سکئي ماڻهو کي ائين چوندا آيا آهن ته
”تون ٿورو ئي ڪو ناري جو نواب آهين؟“
عمرڪوٽ صلعي جا ميلا، عرس، ڏهاڙا ۽ ڏِڻُ
ڪنهن به خطي ۾ ميلن جو ڪثرت سان لڳڻ ۽ ڏهاڙا
ملهائجڻ پڻ ملڪ جي ترقيءَ ۽ آسودگيءَ جو ڪارڻ آهي.
ناري پٽ ۾ جيڪي ميلا لڳن ٿا اُنهن جو مختصر تفصيل
هن طرح آهي:
1. اڪڙيءَ جي ڀرسان پير پٿوري جو ميلو، جيڪو سال ۾
ٻه دفعا ۽ ٻن روپن ۾ لڳندو آهي، جنهن ۾ واپاري
قسم جو ميلو ڪتيءَ جي مهيني ۾ لڳندو آهي ۽
ميگهواڙن جو ڌرمي ميلو چيٽ ۾ لڳندو آهي.
2. شِوَ جو ميلو: هيءَ ميلو عمرڪوٽ کان ٽي ميل
اُتر طرف امراڻي جي کنڊرن ۾ شِوَ جي مندر لڳ ٽي
ڏينهن ۽ راتيون ڌام ڌوم سان لڳندو آهي. جنهن ۾ ٻين
رنگن سان گڏ واڻڪي ڀڳت پڻ ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
3. رام جاڳي جو ميلو: هيءَ ميلو صالح ڀنڀري جي
اسٽيشن کان 4-5 ميل اولهه طرف رام جاڳي مقام لڳ
سيد عالي شير شاهه لڪياري جي مزار تي لڳندو آهي
جنهن ۾ ميلي جا سڀيئي رنگ موجود هوندا آهن.
4. صوفي فقير جو ميلو: هيءَ ميلو ڳوٺ صوفي فقير
جو 11، 12، 13، 14 چيٽ تي هر سال لڳندو آهي. جنهن
۾ ادبي محفل ۽ مشاعرن کانسواءِ ٽي ڏينهن لاڳيتو
صديق فقير ”صادق“ جو ڪلام سازن بنا ڳايو ويندو
آهي، جيڪو سنڌ ۾ انوکو رنگ آهي.
5. ميين جو ميلو: عمرڪوٽ کان 3 ميل کن ڏکڻ طرف
مشهور مجذوب بزرگ ميين جان محمد ڪيريي تي 17، 18،
19 چيٽ تي ڌام ڌوم سان لڳندو آهي. جنهن ۾ مولود
خواني ۽ ڀڳتن جو راڳ پڻ ٿيندو آهي.
6. نانگن جو ميلو: نبي سر روڊ جي اسٽيشن لڳ غلام
محمد لغاري جي ڪوشش سان هر سال نانگن جو ميلو
لڳندو آهي. جنهن ۾ ادبي ڪانفرنس ۽ هارين جا جلسا
پڻ ٿيندا آهن.
7. گجوراڻي جو ميلو: هيءَ ميلو عمرڪوٽ شهر جي اُتر
۾ گجوراڻي جي درگاهه لڳ هر سال ٽي ڏينهن لڳندو
آهي، جنهن ۾ گجو قوم جا ماڻهو ڪثرت سان شرڪت ڪندا
آهن.
8. ميين قاسم جو عرس: محمد رحيم ڪالرو جي اسٽيشن
لڳ مشهور عالم ۽ درويش ميان محمد قاسم ڪالرو جي
مزار ويجهو عرس مهيني جي سُهائي سومر رات هڪ وڏو
اجتماع ٿيندوآهي جنهن ۾ فقط قرآن خواني، مولود
خواني ۽ عالمانه تقريرون ٿينديون آهن. هن عرس جو
باني مرحوم حاجي نصرالله پلي هئو.
9. شهيد جي چوڏهين: مُهراڻي جي مشهور عظيم شخصيت
شهيد سيد محمد علي شاهه جي مزار تي، کيجڙياري جي
ڳوٺ ۾ مولود خواني ٿيندي آهي. جنهن کي تازو تبديل
ڪري 9 محرم رات مقرر ڪيو اٿن.
اهڙيءَ طرح هن پٽ ۾ ڇور نئين لڳ نصر الله ولي جو
ڏهاڙو، ڍوري ناري ۾ جمال شاهه جو ڏهارو، شادي پلي
لڳ قبول شاهه جو ڏهاڙو، اٺين ميل ميرل لڳ يار پير
جو ڏهاڙو ۽ هميراڻي لڳ اصحابي ۽ نور شاهه جو
ڏهاڙو، صوفي فقير ۾ شهيد صوفي قلندر بخش جو ڏهاڙو،
ناڙا هڏي ديهه ۾ جمعي فقير ڀونئريي جو ڏهاڙو،
ليلان جي ڀڙي تي حسن باغبان جو ڏهاڙو، ديهه مارو
واءِ ۾ عيسيٰ فقير دشتي جو ڏهاڙو، جانهيري ۾
کنگهار پير جو ڏِڻُ، هاڙهه ۾ سَتين جو ڏڻ ۽ سيد
غلام نبي شاهه جي ڳوٺ لڳ کٿڙ وليءَ جو پڻ ڏهارو
ملهايو ويندو آهي.
انهن کانسواءِ ٻين به ڪيترن ئي مقامن ۽ ٿانن تي
اجتماع ۽ ميڙ ٿيندا رهن ٿا جن جو تفصيل تمام وڏو ۽
گهڻو آهي.
عمرڪوٽ تي ڌارين جون ڪاهون
دستور آهي ته سڀڪو سولو سکيو ۽ آباد ملڪ ڀر وارن
حاسد ملڪن لاءِ تشويش جو باعث هوندو آهي.
ڪيترا ته اهڙا به حاڪم هوندا آهن جيڪي ڪنهن به
پاڙيسري ملڪ کي سائو ۽ سکيو ڏسڻ پسند نه ڪندا آهن.
انهيءَ ڪري ڪڏهن ڪڏهن هڪڙا ملڪ ٻين تي ڪاهي ڦريون
ڪري، ڌاڙا هڻي ٻين ملڪن لاءِ زوال جو باعث بڻبا
آهن.
عمرڪوٽ جو علائقو به سدا وسندڙ ۽ سائو ستابو هئڻ
ڪري ٻين ملڪن جي حملن ۽ ڪاهن جو مرڪز رهيو آهي.
جنهن ڪري ترقي جي منزلن تي پهچڻ لاءِ روڪ پئي ٿي
آهي.
هن علائقي تي جيڪي ٻاهران يا پاڙيسري ملڪن جون
ڪاهون ۽ حملا ٿيا آهن اُنهن جو تفصيل هن ريت آهي:
1020ع ۾ ڪڇ جي سمي حاڪم راءِ نوگهن جي عمرڪوٽ جي
حاڪم همير سومري تي ڪاهه، 1043ع ۾ جيسلمير جي
دُوساجيءَ جي عمرڪوٽ تي ڪاهه، 1055ع کان پائر جي
ڪيسر مڪواڻي جون عمرڪوٽ تي مسلسل ٽي ڪاهون، اُن
کانپوءِ سومرن ۽ سوڍن جون هڪ ٻئي تي ڪاهون،
ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي فوجين جون ڪاهون، سڀيئي
هن بهشتي علائقي لاءِ آزار جو ڪارڻ رهنديون آيون ۽
ماڻهو جيڪي قديم زماني ۾ بي فڪر ۽ آرام سان سمهندا
هئا، اُنهن جو سک ۽ چين هليو ويو.
انهي کانسواءِ ڌارين جي حملي وقت اُتان جا ڪي
قبيلا ساڻن گڏ اچي هن خطي جي سڪونت اختيار ڪندا
ويا، جنهن ڪري آهستي آهستي نيون ۽ پراڻيون قومون
هڪٻئي سان خلط ملط ٿيندي ڪيتريون ئي پراڻيون قومون
پنهنجي اصليت وڃائي، گاڏڙ بنجي ويون.
انهيءَ ميل ميلاپ سبب هڪ طرف ڪي نقصان رسيا ته ٻئي
طرف ڪي نفعا به پهچندا ويا.
باب ٽيون
عمرڪوٽ جا قبرستان
قدرت جڏهن انسان کي پيدا ڪيو ته اُن لاءِ مرڻ به
لازمي ٺهرايائين. موجوده آدم جي ڏاڏي حضرت آدم
عليه السلام جي پٽن پاڻ ۾ وڙهي جڏهن موت جي شروعات
ڪئي ته اهو مونجهارو پيدا ٿيو ته مئل ماڻهو جو لاش
ڪيڏانهن ڪجي؟ تڏهن الله تعاليٰ جي حڪم سان ٻه
فرشتا ڪانگن جي شڪل ۾ ٿي اُتي آيا ۽ هڪ ڪانگ ٻئي
ڪانگ کي ماري، پيرن سان کڏ کوٽي، اُن ۾ دفن ڪيو،
جنهن کي ڏسي آدم جي قاتل پٽ پنهنجي مقتول ڀاءُ کي
کڏ کوٽي زمين ۾ پوريو ۽ اهڙيءَ طرح موجوده نسل جي
انسان جي پهرين قبر ڌرتيءَ تي وجود ۾ آئي ۽ ان کان
پوءِ قبرستانن جو اهو سلسلو هلندو پيو اچي.
قبر عربي زبان جو لفظ آهي جنهن جو جمع آهي ”قبور“
پر فارسي زبان تي عربيءَ جي اثر ڪري اهو قبر لفظ
پنهنجي هم معنيٰ ”گور“ لفظ جي جاءِ والاري
”گورستان“ مان قبرستان بنجي ويو.
سنڌي زبان ۾ قبر کي چون ”بُٺي“ ۽ انهي لحاظ کان
قبرستان جو نالو هئڻ گهرجي ”بُٺيار“.
لاشن جي نيڪال جا طريقا:
دنيا ۾ مئلن جي لاشن کي نيڪال ڪرڻ جا مشهور طريقا
4 آهن: (1)پاڻيءَ ۾ لوڙهڻ (2) باهه ۾ ساڙڻ (3)
مسالن جي ذريعي لاشن کي خشڪ ڪري اُن جي ممي بنائي
رکڻ (4) لاشن کي قبرن ۾ دفنائڻ.
اسان جي سنڌ سڳوريءَ ۾ لاشن جي نيڪال لاءِ فقط ٻه
طريقا رائج آهن جن مان سڀ کان پراڻو طريقو آهي
مُردن کي قبرن ۾ پورڻ ۽ ٻيو رستو آهي لاشن کي
ساڙڻ.
ٻنهي طريقن کي سامهون رکي جاچ ڪبي ته ڏسڻ ۾ ايندو
ته سنڌ جا اصلي رهاڪو جن مان اسان وٽ هن وقت فقط
هاڏيري، مهاڻا، ماڇي وغيره آهن سي سڀئي قديم دؤر
کان لاشن کي پوريندا پيا اچن. جيئن ته سنڌ جي
تهذيب تمام پراڻي آهي ۽ اُن جو اثر ڪيترن ئي ملڪن
ورتو آهي جن مان عربستان به هڪ آهي. تنهنڪري اهو
فخر سان چئي سگهبو ته لاشن کي پورڻ وارو طريقو
اسان جو پنهنجو قديم طريقو آهي جيڪو عربستان ۽ ٻين
پاڙيسري ملڪن به اسان کان ئي سکيو آهي.
قبرن جا قسم
سنڌ جي ٻين حصن جي قبرستانن کي ڇڏي، اسين عمرڪوٽ
جي موجوده قبرستانن جي قبرن جو جائزو وٺنداسين، ته
اتي اسان کي ڪيترن ئي قسمن جون قبرون ڏسڻ ۾
اينديون جن جا گهاڙيٽا هن طرح آهن:
1. پٿرن جون ٺهيل ساديون ۽ چٽساليءَ واريون مختلف
نمونن جون قبرون.
2. سنگ مرمر جون مختلف نمونن واريون قبرون.
3. پڪين سرن جون ٻڌل قبرون.
4. ڪچين سرن جون ٺهيل قبرون.
5. سيمينٽ جون ٺاهيل قبرون.
6. سيمينٽ، چن ۽ پُوچيءَ جي ميلاپ واريون قبرون.
7. گنب واريون قبرون.
8. مٽيءَ جون ساديون قبرون.
جن جا وري ٻه قسم ٿيندا آهن (1) مصلي دار قبرون
(2) اُٺ ٿوهيون قبرون. انهن کانسواءِ ڪن هنڌن تي
ڪاشيءَ جي ٺهيل سرن جون قبرون پڻ ملن ٿيون.
قبرن کي سينگارڻ جا طريقا
عمرڪوٽ جي پٽ جي قبرستانن ۾ قبرن کي سينگارڻ جا
طريقا مليا آهن اُهي هن طرح آهن:
1. قبرن جي مٿان قبا، تجرون يا ڇٽيون ٺاهي اُنهن
کي مشهور ڪرڻ.
2. قبرن جي مٿان پکا اڏڻ.
3. قبرن تي ڳاڙها، ساوا، پيلا ۽ ٻين رنگن جا پڙ
ڍارڻ.
4. پڪين قبرن مٿان ڪاٺ جا سهڻا هندورا ٺهرائي
لڳائڻ ۽ انهن جي وچ ۾ ٻيو سينگار ڪرڻ.
5. قبرن جي مٿان مختلف نمونن جا مٽيءَ جا سهڻا ڪرا
ٺهرائي رکڻ.
6. ڪچين قبرن کي سُتين سان ڍڪي ڇڏڻ.
7. قبرن تي شيشي، چيني ۽ مٽيءَ جا چٽيل ٿانوَ يا
اُنهن جا ٽڪرا رکڻ.
8. قبرن جي پکن ۽ هندورن ۾ ڪپڙي جا رانديڪا ۽ ڪاٺ
جا رانديڪا جهڙوڪ: پينگهڙا، کٽون، منهن رکيون
وغيره ٺاهي ٽنگڻ.
9. قبرن کي گلن جي چادرن ۽ تازن گلن سان سينگارڻ ۽
خوشبودار بنائڻ.
10. قبرن تي تيل جا ڏِيا، اگربتيون ۽ ٻيون
خوشبودار شيون ساڙڻ.
انهن طريقن کانسواءِ قديم سنڌي اڇوتن ۾ اهو پڻ
رواج آهي ته هو مردن جي قبرن تان رليون چنيون ۽
ٻيا ڪپڙا ڍاري چوڌاري ڪِلا هڻي ڇڏيندا آهن.
قبرن تي سوکڙيون ۽ يادگار
هِنَ پٽ جي قبرستانن جو جائزو وٺندي ڏسڻ ۾ آيو آهي
ته جتي مسلمان پنهنجن عزيزن، دوستن ۽ بزرگن جي
قبرن تي قرآن پاڪ جا نسخا، وظائفن جا ڪتاب، زم زم
جي پاڻيءَ جون خالي ۽ ڀريل ڪُپيون ۽ عرب جي کجور
جون ککيون، خاڪ شفا ۽ عربستان جون پٿريون وغيره
رکندا آهن اُتي اڇوت وري مُردن جا ڪپڙا، ٿانوَ
سنوارت جا اوزار، ڏندڻ، ناس جون دٻليون، سلفيون
وار ۽ چوڙا وغيره رکي ڇڏيندا آهن.
قبرستانن تي نالي وارين سرن جا قسم
عمرڪوٽ جي قبرستانن ۾ قبرن جي سيراندي يا پيراندي
کان قبر واري جي نالي ۽ وفات جي تاريخ واريون جيڪي
سرون مليون آهن، اُنهن جا هيٺيان قسم آهن:
(1) پٿر جون گهڙيل سرون (2) مٽيءَ جون پچايل سرون
(3) ڪاشيءَ واريون سرون (4) سنگ مرمر جون سرون (5)
پالش واريون سرون، جيڪي گهڻو ڪري پير ڳوٺ جون ٺهيل
آهن جن تي سرن جي قيمت پڻ لکيل آهي ۽ آخر ۾
جيسلميري لهجي ۾ هيئن به لکيل آهي ته ”سران درگاهه
تي ٺهن ٿيون“ (6) ڪاٺ جا چونڪا، جن ۾ ننڍڙين
وينجهڙين جي استعمال سان لکت ڪيل آهي. ڪاٺ ۽ شيشي
جي فريم واريون سِرون، ڪن هنڌن تي مٽيءَ جون ڪچيون
سرون پڻ رکيل آهن.
عمرڪوٽ ضلعي جا پراڻا ۽ مشهور قبرستان
ناري ۾ هونئن ته لڳ ڀڳ سئو کن قبرستان آهن پر انهن
مان گهڻو تعداد نون قبرستانن جو آهي ۽ باقي جيڪي
پراڻا بچن ٿا اُنهن مان به ڪيترا ته مٽجي ۽ ختم ٿي
چڪا آهن ۽ باقي جيڪي بچن ٿا ۽ هلندڙ آهن، انهن جو
مختصر تفصيل هيئن آهي:
(الف) درس ميّد جو قبرستان
هيءَ قبرستان ڪنري ۽ چيلهه رستي جي ڏکڻ طرف ڍڍري
جي ڳوٺ کان ميل کن ڏکڻ اولهه طرف هڪ شاخ جي ساڄي
ڪناري تي گهاٽي جهنگ ۾ اٽڪل ٻن بلاڪن جي ايراضيءَ
۾ پکڙيل آهي. مقام ۾ ليار، ڪنڊين، ڄارين ۽ ٻيرن جا
وڻ تمام گهڻي تعداد ۾ آهن. مقام جي پوري وچ ۾ درس
ميّد جي تربت آهي جنهن جي سيرانديءَ کان ڀُوري پٿر
جي ننڍڙن پيرن واري هڪ صندلي رکيل آهي جنهن کي درس
ميّد جي ڪرسي چوندا آهن جنهن تي پالي خط جهڙا ڪي
حرف اُڪريل آهن.
هن قبرستان جي ڌرتي جيڪا اصل ۾ مٺي هئي، سا هاڻي
ڪلراٺي بڻجي ويئي آهي. هن مقام ۾ اٺين صدي هجري جي
شروع جون تربتون پڻ ملن ٿيون. هن مقام ۾ جيڪي سرون
ملن ٿيون، تن موجب هتي ڪنڀار، مڱريا، ڀنڀرا، سيد،
دل، چاچڙ، خاصخيلي، آرائين، درس، آريسر، حجام
پنجابي وغيره ذاتين جا ماڻهو دفنايل آهن.
ب: حسن باغبان جو مقام
هيءَ قبرستان ساماري شهر ۽ ساماري روڊ جي وچ تي
وڏي رستي کان ٻه ميل کن ڏکڻ، هڪ بلاڪ کان وڌيڪ
ايراضيءَ ۾ موجود آهي. سمورو مقام ڪلر ۾ کاڄي ختم
ٿي ويل آهي. ڀڙي جي ڪن دڙن تي واريءَ جي اڏامڻ سبب
ڪن لاشن جا هڏا به ظاهر ٿي آيا آهن.
هن قبرستان ۾ سرن جي لکيتن موجب خاصخيلي، ڪپري ۽
چاؤڙا قومن جا ماڻهو دفن ٿيل آهن.
ج: بيبي مٺيءَ جو مقام
هيءَ مقام ڪنري شهر جي اتر اولهه ۾ شهر کان اٽڪل
هڪ ميل پنڌ تي، ٻن بلاڪن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي.
قبرستان جي مٺي زمين کي هاڻي ڪلر وڪوڙيندو پيو
وڃي. هن مقام لاءِ چون ٿا ته اهو مغل بادشاهن جي
دؤر کان اڳي جو آهي ۽ هن ۾ تمام گهڻين ذاتين جا
ماڻهو دفن ٿيل آهن.
د: قبرستان وَليو پَليو
هيءَ قبرستان ڪنري سامارو روڊ کان اُتر طرف ٻه
فرلانگ پنڌ تي ۽ ڪنري شهر کان اُتر- اولهه طرف
اڍائي ميل کن پنڌ تي ڇهن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾
پکڙيل آهي. هيءَ قبرستان ڪلراٺي زمين ۾ آهي ۽
آڳاٽو ٿو معلوم ٿئي. ولئي ۽ پلئي جي لاءِ چون ٿا
ته ٻئي ڀائر هئا، جن جون قبرون پڻ هن مقام ۾ آهن.
هن مقام ۾ ڪپري، مومن، کوسا ۽ شيخ ذاتين جا ماڻهو
دفنايل آهن.
هه: قبرستان رام جاڳو
هيءَ مقام صالح ڀنڀري اسٽيشن کان 4-5 ميل اولهه
طرف تقريباً چئن بلاڪن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل، هن پٽ
جو سڀ کان وڏو ۽ تاريخي مقام آهي. هن مقام جي زمين
مٺي هئي مگر هاڻي سيلاب ۽ ڪلر وڪوڙيندو پيو وڃي.
هن مقام ۾ جن ذاتين جا ماڻهو دفنايل آهن. سي هن
طرح آهن:
هاليپوٽا، پلي، آريسر، سيد، ڪورائي، ڀنڀرا،
ڳهيلڙا، نقرچ، ماڇي، کوسا، ڏيانگ، سيال، خاصخيلي،
ڇورا، حجام، ڪنڀار،لوهار، ٿيٻا، ٿهيم، چانڊيا،
بنگلاڻي، دل، جوڻيجا، نهڙي، سميجا، راهمان، ڪالرو،
چانيها، راهو ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو دفنايل آهن.
وڏڙا چون ٿا ته هيءَ قبرستان، نه صرف ناري پٽ جي
ماڻهن جو آهي، پر ورهاڱي کان اڳ راجستان جي سڄي
علائقي مان سماٽ قوم جون اڪثر ذاتيون پنهنجن مري
ويلن کي هن مقام ۾ دفنائينديون هيون. هن مقام جون
آڳاٽي دؤر جون تمام گهڻيون تربتون زمين دوز ٿيل
آهن. هن قبرستان جي چوطرف ڏاڍو جهنگ هوندو هو مگر
هاڻي مقام جون حدون به پنجابين کيڙي ڇڏيون آهن.
رام جاڳي قبرستان ۾ مخدوم عبدالرحمان جاڳي جي تربت
مقام جي پوري وچ تي آهي جنهن جي نالي پويان ئي هن
مقام جو نالو رام جاڳو پيو.
مخدوم صاحب جي تربت تي پکو ٺهيل آهي ۽ سندس تربت
مٿان 5-6 فوٽ اوچو مٽيءَ جي ڪونئرن جو ڍير لڳي ويو
آهي، جيڪي ڪونئرا عقيدتمند سندس تربت مٿان رکندا
ويندا آهن. مٽيءَ جي ڪونئرن کانسواءِ ڪاٺ جا ننڍڙا
پينگهڙا، ڪپڙي جي اڳڙين جا ٺهيل چتون، پَڙ، چنيون
وائلا ۽ قرآن شريف به رکيل آهن.
مخدوم صاحب جي تربت واري پکي کان اتر اوڀر طرف
ٿوري پنڌ تي لنڱڻي وارن لڪياري سيدن جي تربتن مٿان
وڏي چوکنڊي جڙيل آهي. سيد علي شير شاهه جي تربت به
منجهس آهي. اُن کان ٿورو اُتر دونهائين وارن سيدن
مان سيد محمود شاهه مٿان وڏو روضو ٺهيل آهي. اُن
کان ٿورو اولهه طرف ميين محمد اسماعيل قاسم پليءَ
۽ سندس والد ميان محمد سلطان پلي جي تربتن مٿان
چوکنڊي جڙيل آهي.
چون ٿا ته هن مقام ۾ قرآن شريف جا ياد حافظ تمام
گهڻا دفنايل آهن. هيءَ قبرستان ڪلهوڙن جي شروعاتي
دؤر کان به اڳ جو ٿو ڀانئجي. هن قبرستان جي اولهه
واري حصي ۾ پلي ذات جي معززين بزرگن ابن فقير،
ڪمال فقير ’ڪڪر ڪاهو‘ مل محمود، اويڙ فقير، وڏيرو
محمد سگهو ۽ محمد عاقب پلي جون تربتون آهن.
و: قبرستان مير مبارڪ
هيءَ قبرستان رام جاڳي مقام کان اوڀر طرف صالح
ڀنڀري کان رام جاڳي ڏانهن ويندڙ رستي جي ڏکڻ طرف
رستي لڳ، رام جاڳي مقام کان فرلانگ، ڏيڍ پنڌ تي هڪ
بلاڪ کن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي.
مقام جي اُترئين ڇيڙي ۾ ميرمبارڪ ۽ سندس ڪٽنب جي
افرادن جون تربتون آهن، جيڪي سڀ چٽيل پٿر سان
جوڙيل آهن. مير مبارڪ جي قبر مٿان اٺن ٿنڀن سان
ڇٽي ٺهيل هئي، مگر ٿورو وقت اڳ پنج ٿنڀ ڇٽيءَ
سميت ڪري ويا، باقي ٽي ٿنڀ ٿوريءَ اٽڪ تي اڃان
بيٺل آهن. مير مبارڪ جي تربت کان اوڀر هڪ بنا
دريءَ ۽ دروازي جي هڪ تجرٺهيل هئي، جيڪا هاڻي ڊهي
ويئي آهي شايد هن ۾ مير صاحبن جا حرم دفنايل آهن.
پٿر تي چٽساليءَ جو ڪم ۽ آيتن، فارسي بيتن، سن ۽
نالن جي اَڪر جو ڪم جيڪو هن مقام ۾ ڏسڻ ۾ آيو سو
ٻئي هنڌ ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه آيو.
هن مقام ۾ ڌونڪائي، کوسا، ڀرڳڙي، خاصخيلي ۽ ٻين
بلوچ قومن جا ماڻهو دفنايل آهن. هيءَ قبرستن
ڪلهوڙن جي دؤر جو آهي هن قبرستان جي مٽي ڪجهه مٺي
۽ ڪجهه ڪلراٺي آهي.
ز: قبرستان اسماعيل شاهه
هيءَ قبرستان تيرهين ميل هيرل واري موري کان هڪ
ميل پنڌ تي نور علي شاهه جي ڀڙيءَ تي ڏيڍ بلاڪ کن
ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هيءَ قبرستان تاريخي ۽ قديم
زماني جو، تقريباً ست سئو سال کن پراڻو آهي.
چون ٿا ته ڪافي سال اڳ هڪ شينهن پنهنجي مقرر ٿيل
مدي تي هميشه اسماعيل شاهه جي مزار تي حاضري ڀرڻ
ايندو هو. اسماعيل شاهه جي قبر مٿان هن کان اڳ
روضو ٺهيل نه هو پر هينئر سيد سمن شاهه جي ڪوششن
سان روضو ٺهرايو ويو آهي. هن مقام جي زمين ڪلراٺي
آهي. هن مقام ۾ جن ذاتين جا ماڻهو دفنايل آهن سي
هن طرح آهن: سيد، ڌونڪائي، ڪالرو، مهر، مڱريا،
نهڙي ۽ سينهڙا وغيره.
ح: ميان ميران جو قبرستان
هيءَ قبرستان پٿوري اسٽيشن کان اتر اڀرندي طرف،
پراڻي تپيداري ٽريننگ اسڪول (جيڪو هاڻي هاءِ اسڪول
ٿيو آهي) کان فرلانگ کن اوڀر طرف، پٿوري کان گرهوڙ
ويندڙ رستي جي اوڀر ۾، ڇهن چوڪڙين جي ايراضيءَ ۾
پکڙيل آهي.
ميران جو مقام تاريخي ٿو معلوم ٿئي، پر سندس ڪابه
سنڀال نه آهي، ميران ذات جو دَل هئو ۽ جهوڪ جي
سلسلي جو بزرگ هئو. سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي
سيڪريٽري محترم ولي سروري ۽ سندس خاندان جون
تربتون هن قبرستان ۾ آهن.
ط: قبرستان صوفي فقير
هيءَ مقام ڳوٺ صوفي فقير کان ڏکڻ اوڀر طرف اٽڪل 8
ايڪڙ کن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. جنهن ۾ مشهور
صوفي، صديق فقير ”صادق“ جو روضو ۽ ٻين صوفي بزرگن
جي قبرن تي چوکنڊيون جڙيل آهن ۽ ٻيون قبرون گهڻي
ڀاڱي سڀ ڪچيون آهن.
هن مقام ۾ سواءِ هڪ پرديسي ماستر جي قبر جي، ٻين
بزرگن، اوليائن ۽ عام ماڻهن جي تربتن تي نالي
واريون سرون نه هيون.
هيڏي ساري مقام ۽ تاريخي شخصيتن جي قبرن کي ائين
بنا نالي جي ڏسندي ۽ خود صديق فقير جي روضي ڏانهن
نهاريندي سندس مشهور بيت ياد اچي وڃي ٿو ته:
ڌِڱ ڌرتي سنڀري، ڪئين جوڌا ۽ جوان،
هُئا هزارين ڪيترا، هت صوبا ۽ سلطان،
تنين جا مڪان، صادق سنڀري ڪونه ڪو.“
”صادق“
هن مقام ۾ مسلمانن جي تربتن کانسواءِ ڪن هندو ڀڳتن
جون تربتون پڻ آهن.
ي: ڊيپي جو مقام
هيءَ قبرستان ديهه ڊيٻو ۾ ڊِٻن واري زمين تي ڳوٺ
قاضي نور محمد پلي ۽ ڳوٺ چڱي پلي جي وچ تي، صوفي-
ڍورو نارو رستي جي اُڀرندي طرف اٽڪل 10-12 ايڪڙن
کن ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هن تاريخي مقام ۾ اڪثر
پلي، آريسر، هاليپوٽا، سهتا، جوڻيجا، مڱريا، راڄڙ،
ڪوري، درس، ماڇي، ڪنڀار وغيره ذاتين جا ماڻهو دفن
ٿيل آهن. هن قبرستان ۾ تاج محل جي نقشي تي هڪ ننڍو
تاج محل ٺهيل آهي، جيڪو سڄي برصغير ۾ ٻيو تاج محل
آهي، هيءُ تاج محل محترم قاضي عبدالرسول پلي
پنهنجي پياري زوجه جي تربت مٿان تعمير ڪرايو.
ڪ: ساڀي جو مقام
هيءَ قبرستان ساڀي جي مشهور ڳوٺ کان اُتر اوڀر ۽
هاسيسر جي اسٽيشن کان ٻن ميلن پنڌ تي ٻن ڀٽن جي وچ
۾ موجود آهي. جنهن جي ايراضي اٽڪل 6-7 کن ايڪڙ
ٿيندي.
هن جهوني مقام ۾ مڱريا فقير، آريسر، درس ۽ ساند
ذاتين جا ماڻهو دفنايل آهن.
ل: نونهيين جو قبرستان
هيءَ مقام هاسيسر اسٽيشن کان
ساڍا
ٽي ميل کن اُتر اوڀر طرف نونهيين ڳوٺ لڳ ريگستاني
ڌرتيءَ ۾، اٺن ايڪڙن کن ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هن
مقام ۾ اڪثر سومرا ۽ نهڙي قوم جا ماڻهو دفنايل
آهن.
م: حويلي جو مقام
هيءَ قبرستان ڇور اسٽيشن کان ٻه ميل کن اتر طرف
ڳوٺ ”حويلي آريسرن جي“ جي ڀرسان چئن ايڪڙن
ايراضيءَ ۾، وارياسي ڀٽ تي واقع آهي. هن مقام ۾
اڪثر آريسر، سهتا ۽ ڇڇر ذاتين جا ماڻهو دفنايل
آهن.
ن: تڳوسر جو مقام
هيءَ قديمي قبرستان نيو ڇور کان اڌ ميل کن پنڌ تي،
تڳو سر ڍنڍ جي ڪپ تي، ڀلي زمين ۾، هڪ بلاڪ کن جي
ايراضيءَ ۾ ديهه ٻانهياريءَ ۾ واقع آهي. هن
قبرستان ۾ نصر الله ولي جو روضو 1965ع جي هندو پاڪ
جنگ بعد ميجر مظهر عباسي جوڙايو آهي. نصر الله ولي
جي ڏکڻ ۾ 1965ع جي هندو پاڪ جنگ جي 18 فوجي شهيدن
جون تربتون پڪي چوديواريءَ ۾ موجود آهن.
هن مقام ۾ چانيها، نهڙي، سميجا، حجام، مڱڻهار،
سمان ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهون دفنايل آهن.
س: رائلي جو مقام
هيءَ پراڻو قبرستان عمرڪوٽ شهر کان تقريباً چار
ميل اُتر اوڀر طرف، عمرڪوٽ، ڇور رستي جي اڀرندئين
طرف ۽ کاروڙي چارڻن واري کان هڪ ميل کن پنڌ تي اتر
اولهه طرف، هڪ وڏي دڙي تي 8 ايڪڙن کن ايراضيءَ ۾
پکڙيل آهي. هن مقام ۾ اڪثر پلي، هاليپوٽا، نهڙي ۽
سميجا ذاتين جا ماڻهو دفنايل آهن.
ع: کڙڪي فقير جو مقام
هيءَ قبرستان سيدن واري کاروڙي جي ڀرسان ۽ عمرڪوٽ
کان ٽي ميل اتر اوڀر طرف چئن ايڪڙن کن ايراضيءَ ۾
پکڙيل، هڪ وڏيءَ ڀٽ تي واقع آهي. هن قبرستان ۾
اڪثر مڱريا ۽ ڪنڀار ذات جا ماڻهو دفنايل آهن.
ف: بيبي مٺان جو مقام
هيءَ تاريخي قبرستان کڙڪي فقير جي مقام لڳ ڏکڻ طرف
ساڳئي ڀٽ تي چئن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي.
کاروڙي سيدن جي مزارن جي چوگرد ڪچو ڪوٽ اڏيل آهي.
هن مقام ۾ سيدن کانسواءِ هاليپوٽا، بنگلاڻي ۽
چانيها ذاتين جا ماڻهو دفنايل آهن.
ص: نماڻي شاهه جو مقام
هيءَ قبرستان عمرڪوٽ کان ٽي ميل کن اتر اوڀر طرف
”کاروڙي سيدن واري“ کان هڪ ميل اڀرندي هڪ وڏي دڙي
تي چئن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ ”کاروڙي فقيرن واري“
جي ڀرسان هڪ اوچي ڀٽ تي واقع آهي.
نماڻي شاهه جي روضي جي اوچائي تمام گهڻي آهي، جيڪو
عمرڪوٽ جي قلعي واري ٺُلهه تان به ڏسجي پيو. هن
مقام ۾ اڪثر رند فقيرن، چانهين ۽ ٻين ذاتين جا
ماڻهو دفنايل آهن.
ق: قبرستان گجو راڻو
هيءَ قبرستان عمرڪوٽ شهر جي ڀرسان بس اسٽينڊ ۽
راندين جي ميدان لانٻي جي اتر طرف 4، 5 ايڪڙ کن
ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هن مقام ۾ گجو، پَلي،
راهمان، مکڻاڻي ذاتين کانسواءِ مهاجر ۽ پنجابي
قومن جا ماڻهو به دفنايل آهن.
رِ: مقام وهرو شريف
هيءَ قبرستان عمرڪوٽ شهر کان اڍائي ٽي ميل ڏکڻ
اوڀر، ڳوٺ وهري جي ڀرسان 2-3 ايڪڙ ايراضيءَ ۾
وارياسي زمين ۾ واقع آهي. ميان جان محمد ڪيرئي جو
روضو پڻ هن مقام ۾ آهي. هن مقام ۾ ڪيريا، سيد،
ٻٻر، سومرا، پلي، راهمان، ڪنڀر ۽ ٻين ذاتين جا
ماڻهو دفنايل آهن.
ش: رتي شاهه جو مقام
هيءَ قبرستان عمرڪوٽ کان چار ميل ڏکڻ طرف ڪنري،
عمرڪوٽ رستي کان اوڀر طرف هڪ وڏيءَ ڀٽ تي 5-6 ايڪڙ
ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هن مقام ۾ لاشاري، سيد،
سمان، نقرچ، پنوهر ذاتين جا ماڻهو دفنايل آهن. هن
مقام ۾ ڪاشيءَ جون سرون، وڏيون، پراڻي زماني جون ۽
عجيب چٽساليءَ سان ڏسڻ ۾ آيون.
ت: قبرستان کيجڙياري (شهيد جو قبرستان)
هيءَ قبرستان کيجڙياري ڳوٺ کان هڪ ميل کن اولهه
طرف ڪنري عمرڪوٽ رستي جي اوڀر ۾ لڳولڳ، وارياسي
ننڍي دڙي تي بلاڪ کن ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي.هن مقام
۾ ڪي ڪتبا سنگ مرمر جا به آهن پر اڪثر ڪتبا ڪاشيءَ
جا آهن. ڪتبن جو جهڙو نظارو هن قبرستان ۾ آهي تهڙو
ناري سب ڊويزن جي ڪنهن به مقام ۾ نه آهي. ڇو ته هن
مقام جي زمين هموار هئڻ بدران لانهين واري آهي. هن
مقام ۾ سيد، هاليپوٽا، پلي، هنڱورجا، چاچڙ، سمان ۽
خاصخيلي ذاتين جا ماڻهو دفنايل آهن. هِن مقام ۾
’عطائي پلي‘ جو خاندان ۽ شهيد محمد علي شاهه جي
مزار پڻ آهي.
ث: ڌني فقير جو مقام
هيءَ قبرستان سڀڙي ڳوٺ کان ميل سوا پنڌ تي، ڏکڻ
طرف هڪ وڏي ڀٽ تي چئن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾، ڪنري
عمرڪوٽ رستي کان اوڀر طرف ٽن ميلن مفاصلي تي ديهه
سڀڙي ۾ واقع آهي. هن قبرستان جي تربتن مٿان ۽ پاسن
۾ هزارن جي تعداد ۾، عجيب قسمن جا تمام وڏا ۽
ننڍڙا مٽيءَ جا ڪونئرا رکيل آهن. هن مقام ۾ سيد
منٺار شاهه جي تربت کان علاوه ٻيا سڀ ڪنڀار ذات جا
ماڻهو دفنايل آهن.
خ: قبرستان شهمير شاهه
هيءَ قبرستان ٻن ايڪڙن کن ايراضيءَ ۾ ڌني فقير جي
مقام واري دڙي جي ڏاکڻين لاهين ۾ آهي. هن مقام ۾
پلي، نهڙي ۽ سميجا ذاتين جا ماڻهو دفنايل آهن.
ذ: فقير عبدالڪريم جو مقام
هيءَ قبرستان جانهيري ڳوٺ کان ٻه ميل ڏکڻ اولهه
طرف ڪنري، عمرڪوٽ رستي کان هڪ ميل اوڀر طرف مٺي
زمين ۾ اٺن ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي.
هيءَ مقام ديهه ساڏوريءَ ۾ آهي. هن قبرستان جي
چوطرف ڪنڊين جي وڻن جو گهاٽو جهنگ آهي. هن مقام ۾
ٻٻر، کوکر، پنوهر ۽ ساند ذاتين جا ماڻهو دفنايل
آهن.
ض: چيلهه وارو مقام
هيءَ قبرستان چيلهه ڳوٺ کان اولهه طرف ٻه اڍائي
فرلانگ پنڌ تي، عمرڪوٽ ڪنري رستي جي بس اسٽينڊ
چيلهه بند کان اڌ ميل ڏکڻ اوڀر طرف 8 ايڪڙ کن
ايراضيءَ ۾ مٺي زمين ۾ واقع آهي.
هن مقام جي چوطرف ٿوهرن جا وڏا وڻ موجود آهن، ڏکڻ
۽ اولهه ۾ هندن جو قبرستان آهي. هن مقام ۾ سيد،
نهڙي، راهمان، ميمڻ ۽ ٻين ذاتين جا ماڻهو دفنايل
آهن.
ظ: قبرستان عيسيٰ فقير دشتي
عيسيٰ فقير جو قبرستان هاڪڙي واهه (ڍوري) جي ساڄي
ڪناري چيلهه ڪنري رستي کان اڌ ميل اتر طرف
منجهائيندڙ جهنگ ۾، چئن ايڪڙن ايراضيءَ ۾ پکڙيل
آهي. عيسيٰ فقير جي روضي ۾ عيسيٰ فقير کانسواءِ
مٺي فقير انڙ جي تربت به موجود آهي. هن مقام ۾
انڙ، ساند ۽ کوسا ذاتين جا ماڻهو دفنايل آهن.
ع: مقام شاهو فقير
هيءَ قبرستان ڪنري چيلهه رستي کان ڏکڻ طرف اڌ ميل
پنڌ تي درس ميّد جي مقام کان اوڀر لڳو لڳ هڪ بلاڪ
جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي.
هن جهوني قبرستان ۾ اڪثر رند قوم جا ماڻهو دفنايل
آهن. هن مقام ۾ اڪثر مرحومَ، 27 رمضان، 9 محرم ۽ 9
ذوالحج تي وفات ڪيل ڏسجن ٿا. هن مقام جي ڌرتي
اولهه طرف مٺي ۽ اوڀر طرف ڪلر واري آهي.
الف1: ڳموريءَ جو مقام
هيءَ قبرستان عمرڪوٽ ميرپورخاص واري رستي کان اتر
طرف هڪ ميل پري ڳموريءَ جي ڳوٺ ڀرسان 4-5 ايڪڙن جي
ايراضيءَ ۾، ڳموري ڍنڍ جي اڀرندئين ڪپ تي وارياسي
زمين ۾ واقع آهي.
هن قبرستان ۾ پلي، راڄڙ، ڪوري، کوسا، خاصخيلي ۽
ماڇي ذاتين جا ماڻهو دفنايل آهن.
ب2: قبرستان جمال ڪمال
هيءَ قبرستان بودر فارم جي ڳوٺ کان ميل کن اوڀر
طرف موجود آهي. مقام جي ايراضي 5-6 ايڪڙ کن ٿيندي.
مقام جي اتر واري حصي ۾ مسلمانن جون تربتون ۽ ڏکڻ
واري پاسي کان هندن جون تربتون آهن ۽ مقام جي پوري
وچ تي جمال ۽ ڪمال ڀائرن جي تربتن جو گڏيل ٿلهو
موجود آهي. جن لاءِ چون ٿا ته اهي ٻئي درويش ذات
جا هاليپوٽا هئا ۽ سومرن جي دؤر سان واسطو رکن ٿا.
مقام جي زمين ڪلراٺي ۽ اڪثر تربتون ڪچيون آهن.
|