گهڻو گهڻو اڳي، جڏهن سنڌ، فرات ۽ دجلا جا پاڻ ۾
تجارتي ناتا قائم هئا، تڏهن فرات، دجلا جا قافلا
قنڌار، ڪوئيٽا ۽ قلات کان ٿيندا سنڌ ۾ داخل ٿيندا
هئا ۽ ’بولان لڪ‘ اڪري سري، ’جهڏير جي دڙي‘ کان
لنگهي شڪارپور کان ٿيندا، ’موئن جي دڙي‘ تائين
پهچندا هئا. جتان پوءِ لهم جي دڙي، ماڻڪ تاري
موندر، مرکپور کان ٿيندا سيوهڻ ڏانهن ويندا هئا.
سيوهڻ کان انهن قافلن کي لڪي ۽ نيرون پهاڙن واري
قطار جو اولهه وارو پاسو ڏيئي لنگهڻو پوندو هو.
سيوهڻ کان 12 ميل پري جهانگارن وٽ اهو رستو ٻن
شاخن
۾ ڦٽندو هو، هڪ شاخ ڪائي نينگ کان لاهوت تائين
ويندي هئي. ٻي شاخ دنب بٺي، ٻنڌڙي، چورلي، ڪرجات ۽
ٿاڻي عارب کان ڪلاچي جي ڪن مٿان لنگهي لاهوت لس
ٻيلي وٽان ٿيندي، مڪران جي حدن ۾، سمنڊ جي ڪناري
مٿان، جبلن جي قطار جي پريان هلندي اُر تائين
ويندي هئي. سنڌ ۾ ان شاهراهه تي، جيڪي مکيه جنڪشن
جي حيثيت رکندڙ شهر هئا، انهن ۾ شڪارپور وٽ هڪ
دڙو، سيوهڻ ۽ ڪرچات به هئا،اسين هتي جنهن شڪارپور
شهر جو ذڪر ڪريون ٿا، سو سنه 1617ع ۾ دائود پوٽن
اڏايو، اهڙي طرح عظيم شاهراهه ۽ سياسي سهوليتن سبب
هيءُ شهر سنڌ جو مکيه واپاري شهر بنجي ويو.
ابتدائي دور کان وٺي انگريزن جي زماني تائين
شڪارپور جو واپار ڪابل ۽ قنڌار، سمرقند ۽ بخارا،
قلات ۽ خراسان، ملتان ۽ لاهور، ڪيچ مڪران ۽ سون
مياڻيءَ سان هلندو هو.
شڪارپور جا واپاري اڃا نه وسيع هئا، جيڪي هڪ طرف
بلوچستان کان وٺي افغانستان بلڪه روسي ترڪستان
تائين ۽ ٻئي طرف احمد آباد بمبئي ڪاٺياواڙ،
حيدرآباد دکن، مدراس، مينگلور، ڪلڪتي بڪله برما جي
گاديءَ جي هنڌ رنگون تائين وڌيڪ هئا. ڪپڙي جي
واپار سان گڏ بلوچستان، افغانستان ۽ روسي ترڪستان
مان تازو ۽ خشڪ ميوو سنڌ ۾ ايندو هو ۽ هتان سنڌ جي
ٻين شهرن ڏانهن اماڻيو ويندو هو. ان کان سواءِ
نيشاپور جي خاص مٽي، ريشم، سُڪو ميوو، ڀرت جو
ريشم، عاج، ٽامي ۽ پتل جا ٿانوَ، رنگ ۽ ٻيو خام
مال ٻاهران ايندو هو.
شڪارپور واپارين ۽ سيٺين جو شهر هو. شڪارپور جا
واپاري اوڀر هانگ ڪانگ ۽ سينگاپور تائين وڃي پهتا
۽ ڏکڻ ۽ اولهه ۾ نائيجيريا ۽ يوگنڊا تائين وڃي
رسيا. انهن سيٺن هتان جي واپار کي چوٽ چاڙهيو.
جيمس برنس لکي ٿو ته: ”شڪارپور ۾ ڪامياب ترين
بئنڪر يا خراف هئا، جيڪي ان وقت وڏيون بئنڪون يا
ڏيتي ليتيءَ جا ادارا هئا، جن جا گماشتا سڀني
مشهور هنڌن جهڙوڪ: اولهه ۾ ڪئسپين سمنڊ جو ڪنارو،
اوڀر ۾ ڪلڪتي ۽ ڏکڻ ۾ حيدرآباد دکن ۾ هوندا هئا.
وڏي واپار لاءِ اهي موڙيون پيدا ڪندا هئا ۽ سندن
هُنڍيون هر هنڌ هلنديون هيون.“ ميسن لکي ٿو ته:
شڪارپور جا سيٺيون سڀ هندو آهن ۽ انهن جو واپار
ڪيترن ئي ملڪن سان هلي ٿو.“ انهن واپارين شڪارپور
۾ بازارون قائم ڪيون، جيڪي نزاڪت ۽ نفاست ۾ پنهنجو
مٽ پاڻ هيون، جن ۾ روزانو هزارين رپين جو واپار ۽
ڪاروبار هلندو هو. انهن بازارن مان ٻه بازارون
تاريخي اهميت رکن ٿيون . 1- ڍڪ بازار ۽ 2- بجاج
بازار. ڪي اضافي بازارون به هيون. جهڙوڪ: صرافڪي
بازار، چوڙيگر بازار، بوٽن جي بازار، ڪاغذي بازار
وغيره پر مٿين ٻن بازارن کي خاص اهميت هئي.
1. ڍڪ بازار:
هيءَ بازار اڌ ميل ڊگهي هئي ۽ ساري بازار ساڳ جي
ڪاٺين جي ڪئنچين جي مٿان ٽاٽ رکي ڍڪي وئي هئي.
هيءَ بازار، سخت گرم مند ۾ به ٿڌي هوندي هئي.
بازار، شڪارپور جو مکيه واپاري مرڪز هئي، جتي وچ
ايشيا ۽ اوڀر اولهه
هندستان جا واپاري ايندا هئا. چئين بجي ڌاري هت
تجارتي سرگرميون زور وٺي وينديون هيون. هتي مکيه
دڪان هوندا هئا جتي هر قسم جو سامان سڙو ملندو هو.
انگريزن جي اوائلي دور ۾ هتي اناج، ڪپهه، ڪپڙي،
ريشم، ڌاتن، عاج، ميوي، ڀاڄين، عطر ۽ خوشبودار شين
جا 9 سؤ دڪان هئا. واٽر بيلو لکي ٿو، ته: هتان جي
بازار سڄي ڪاٺ جي جڙاوت سان ڍڪيل آهي، انهيءَ ڪري
سخت گرم مند ۾ به ٿڌي هوندي آهي. هيءَ بازار واپار
جو وڏو مرڪز هئي، هن بازار ۾ دنيا جون سڀ قومون
اچي گڏ ٿينديون هيون. پوشاڪ، هلت چلت، رنگت ۽
ٻولين جي اختلافن وغيره جي ڪري عجيب منظر لڳندو
هو. ڪريم بخش خالد لکي ٿو ته: ”شڪارپور جي هن
بازار ۾ هڪ اهڙي گاڏڙ زبان به ڳالهائي ويندي هئي،
جيڪا فارسي، سنڌي ۽ ٻين مقامي ٻولين جو مرڪب هئي.“
بخارا، سمرقند ۽ استمبول جي شهرن مٿان ڏنل ڇت
وانگر ڍڪ بازار ٺهرائي ويئي هئي ۽ ان نسبت سان ئي
کيس ڍڪ بازار سڏيو ويو.
2. بجاج بازار:
شڪارپور ڪپڙي جي بازار جو مرڪز هو. هتي ڪپڙي جي
عليحده مارڪيٽ هئي، جنهن کي ’بجاج بازار‘ سڏيندا
هئا. هتان جا هندو سيٺ جيڪي ڪپڙي جو واپار ڪندا
هئا، تن کي بجاج سڏيو ويندو هو. سندن ڪپڙي جو
واپار بخارا، قنڌار، سينگاپور، هانگ ڪانگ،
نائيجيريا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن سان هلندو هو. ميسن
لکي ٿو ته: ”شڪارپور خوشحال ۽ شاهوڪار شهر آهي،
هتان جي بازار، عاليشان آهي، جتي هر قسم جو ڪپڙو
با آساني ۽ رعايت سان ملي سگهي ٿو.“
هنن ٻنهي بازارن شڪارپور جي تجارت ۽ واپار ۾ مغزي
ڏوري وارو ڪردار ادا ڪيو. اڄ ڪلهه ڍڪ بازار جو رنگ
روپ ختم ٿي چڪو آهي، ڪيترن ئي هنڌن تان سڙي ڪري به
پئي آهي ۽ بجاج بازار جي منهن وٽ مينا بازار اچي
جڳهه ورتي آهي. مطلب ته: ”اڇو پاڻي لڙ ٿيو
ڪانگاريو ڪنگن.“
حيدرآباد سنڌ جو نهايت پراڻو تاريخي ۽ تمدني شهر
آهي. تاريخي روايتن مطابق هن شهر جي آبادي جو
سلسلو ”نيرون“ جي ٺهڻ کان پوءِ شروع ٿيو، جيڪو 6
صدي ۾ راءِ گهراڻي‘ جي حڪومت ۾، برهمڻ آباد جي
گورنر جي هٿ ۾ هو. ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ هن
شهر کي ضلعي جي حيثيت مليل هئي. مغلن جي زماني ۾
هيءُ شهر ٺٽي ضلعي جو ماتحت هو. مغلن کان پوءِ
ڪلهوڙن جي دور ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جنوري
1789ع ۾ قلعي جي نئين سر تعمير ڪرائي، نئين شهر جو
بنياد رکيو ۽ ان کي حيدرآباد جو نالو ڏيئي
حيدرآباد کي سنڌ جو تختگاهه بنايو ويو. قلعي جي
تعمير اهڙي ته ڪئي وئي جو’قانع‘ جي لفظن ۾ قلعي جي
مضبوطيءَ جو ڪهڙو بيان ڪجي. واقعي هن کان اڳ اهڙو
قلعو ڪو ورلي نظر ايندو.
حيدرآباد جي صنعت ۽ حرفت، هنر ۽ ڪاريگريءَ جو مرڪز
هو. آسپاس زرخيز زمينون، هڪ پاسي ٽن ميلن جي پنڌ
تي درياء ۽ ٻئي پاسي وهندڙ ڦليلي. هتان مکيه
صوبائي رستا ڦٽي ٿي نڪتا ۽ ان ڪري صوبي جي مکيه
واپاري مرڪز سان، خشڪي رستن جي ذريعي هيءُ شهر
ڳنڍيل هو. جڏهن انگريز واپاري هتي آيا، تڏهن هن
شهر کي آباد ۽ خوشحال ڏٺو. پاٽنجر لکي ٿو:
”حيدرآباد، هڪ ٻيٽ تي ٻڌل آهي ۽ ڦليلي جو وهڪرو،
قلعي کان هڪ هزار قدمن تي ٿيندو، پر انهيءَ مان هڪ
شاخ قلعي جي بلڪل نزديڪ وهندي هئي، جنهن ۾ ٻيڙيون
وغيره لنگر اچي هڻنديون هيون.“ ان زماني ۾ هتي
شاندار ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو تيار ٿيندو هو. هتي
هٿيار به سُٺا ٺهندا هئا. جنهن ۾ منهن ڀرتيون
بندوقون، تلوارون ۽ خنجر به عمده ٺهندا هئا، جي
ڪنهن به طرح يورپ جي هٿيارن کان گهٽ نه هئا.
حيدرآباد جي ” شاهي بازار“ هتان جي سونهن هئي.
ڪلهوڙا دور کان پوءِ جڏهن مير فتح علي خان هتان جو
حاڪم ٿيو، تڏهن هن هڪ باقاعده اسڪيم هيٺ شهر جي
سٽاءَ ۽ آباديءَ طرف ڌيان ڏنو ۽ قلعي جي دروازي جي
سامهون هڪ ”سڌي بازار“ قائم ڪيائين، جنهن کي پوءِ
”شاهي بازار“ سڏيو ويو. هن بازار جي اوڀر طرف
مسلمانن کي آباد ڪيو ويو، جا اڳتي هلي ’جمن شاهه
جي پڙ‘ تائين پهتي. شهر جي ترقيءَ لاءِ ڪاريگرن،
ڪاسبين ۽ هنرمندن کي آباد ڪري، شاهي بازار ۾ کين
مفت دڪان ڏنا ويا. اهڙيءَ طرح هن بازار ۾ ڪوري،
کٽي، کنبهاٽي، ٺاٺارا، رنگريز، زردوز، پاٽولي،
زرگر، چوڙيگر، نقاش، لوهار ۽ ڪاسائي ڪم ڪرڻ لڳا.
هنن ڪاريگرن جا گهر بازار جي پٺيان هوندا هئا. وقت
جي حڪمرانن نوابن ۽ زيردستن جون جايون شاهي بازار
جي ٻنهي پاسي هيون، جن کي پاڙي يا پڙن جي نالي سان
سڏيو ويندو هو. حيدرآباد جي شاهي بازار جا ٻه حصا
هئا:
(الف) شاهي بازار جو اُلهندو پاسو:
هيءُ پاسو، ڏکڻ کان اتر طرف هو، قلعي جي وڏي برج
تان شاهي بازار جي اُلهندي ۽ اُڀرندي طرف نظر
پوندي هئي. هن جي آڏو مير نصير خان ۽ مير محمد خان
جاپَڙ ۽ ڀائي خان جي چاڙهي هئي. بازار جي هن حصي ۾
خاطو بندن جي گهٽي هئي، جنهن کي ”چوڙيگرن جي گهٽي“
چئبو هو، جيڪا هاڻي ”ريشم گلي“ جي نالي سڏجي ٿي.
هتي اهڙا دڪان هئا، جيڪي خاطوبنديءَ جو ڪم ڪندا
هئا. خاطو بند، آرسين ۽ اهڙين ٻين شين کي ڪاٺ جي
چوکٽ ۾ فٽ ڪندا هئا. اڄ ڪلهه هن ڪم کي ”فريم سازي“
چئجي ٿو. چوڙيگر، ڪاٺ ۽ عاج مان ٻانهيون ٺاهيندا
هئا.
(ب) شاهي بازار جو اُڀرندو حصو:
شاهي بازار جو هيءُ حصو ڏکڻ کان اتر طرف هو، جيڪو
قلعي جي بلڪل سامهون هو. بازار جي هن حصي کي ’طاهر
بازار‘ سڏيو ويندو هو. هن تي اهو نالو خدمتگار
نواب سرائي جي نالي پٺيان پيو. هتان لونگ ڀڳت جي
گهٽي نڪرندي هئي، جنهن ۾ صيفل گتيوارا رهندا هئا.
جيڪي تلوارون صاف ڪندا هئا. هتان ٿورو اڳتي
کهنباٽن جي گهٽي هئي، جي رڱاوٽ جو ڪم ڪندا هئا.
زردوزي به اهو ڪم ڪندا هئا. هن بازار جي هڪ ڪنڊ ۾
مڇيءَ جا هٽ هئا، جتي ساٽي اچي مڇي وڪرو ڪندا هئا.
سنڌ جي مشهور مڇي’پلو‘ هتان ڏيساور موڪلي ويندي
هئي. شاهي بازار مان ٻيون سنهيون گهٽيون نڪرنديون
هيون.
حيدرآباد جو شهر جيئن ته وڏي شاهراهه تي هو، هيءَ
شاهراهه عراق، ايران ۽ مڪران کان ديبل پهچندي هئي
۽ ديبل کان حيدرآباد، منصوره ۽ اروڙ کان ٿيندي
ملتان ويندي هئي. ايڏي اعليٰ شاهراهه تي هئڻ ڪري
هتان جي شاهي بازار ۾ هميشه سودي سلف جو سامان
خريد و فروخت تي گرهاڪن جي اٿاهه پيهه رهندي هئي.
صبح شام هتي تاجرن جي رش هوندي هئي. جڏهن انگريز
واپاري هتي آيا، تڏهن هنن هتان جي شاهي بازار جي
وڏي ساراهه ڪئي. هئملٽن لکي ٿو ته: ”هتي هڪ وڏي
بازار آهي، جنهن جي دڪانن تي هر قسم جون جنسون
ڪثرت سان موجود آهن ۽ گهڻو ڪري هندو ئي دڪانداريءَ
جو ڌنڌو ڪندا هئا.“ هتان جي شاهي بازار هڪ ميل
ڊگهي آهي. مرزا حبيب الله پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي
ٿو ته: ”شاهي بازار ۾ روشنيءَ جي انتظام لاءِ
گاسليٽ جو بتيون ٻاريون وينديون هيون، جن کي ڪڇي ۽
ڪولهي نينگر ڇڪيندا هئا، هنن کي روزانو ٽڪو يا آنو
خرچي ملندي هئي.
حيدرآباد جي شاهي بازار، ماضي ۾ گويا واپار جو
مرڪز هئي ۽ روزاني ڏيتي ليتي ۽ ڌنڌي ڌاڙي جو خاص
هنڌ هئي. انگريزن جي وڃڻ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ
هيءَ بازار ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي آهي. پر زندگيءَ جي
جديد سهوليتن سان آراسته آهي ۽ اڄ به تجارت جو
مرڪز آهي.
نصرپور جون بازارون
نصرپور،
سنڌ جو هڪ پراڻو تاريخي ۽ تهذيبي شهر آهي، جيڪو
پراڻي زماني کان وٺي تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ عرفان جو
مرڪز رهيو آهي. هيءُ شهر دهليءَ جي شهنشاهه فيروز
تغلق سنه 752هه ۾ ’ساگري ڍنڍ‘ جي ڪناري تي اڏايو
۽اتي هن هڪ قلعو به ٺهرايو، جتي امير نصير خان کي
هڪ هزار سوارن سان مقرر ڪيائين ۽ ملڪ بهرام کي،
انهيءَ علائقي جو فوجدار مقرر ڪيائين. هن جي دور ۾
نصرپور جي نئين ٻڌايل شهر ترقي ڪئي، درياء جي
ويجهو هجڻ سببان هيءُ شهر سرسبز ۽ آباد هو ۽
ڏينهون ڏينهن سندس آبادي وڌندي رهي. اهڙيءَ طرح
ارغونن، ترخانن خواهه ڪلهوڙن جي دور ۾ نصرپور
انتطامي توڙي فوجي لحاظ کان هڪ علائقائي شهر جي
صورت اختيار ڪري ويو.
مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ هن شهر واپار ۾ وڏي ترقي
ماڻي، جيئن ته هيءُ شهر سنڌو نديءَ جي ڪناري تي
آباد هو، ان ڪري هتي عمدي قسم جا باغ رکيل هئا.
ميان محمد مرادياب ڪلهوڙي، تاجپوشيءَ جي خوشي وارو
جشن، هن شهر جي باغن ۾ ملهايو. 17 صديءَ ۾ هيءُ
شهر وڏو ۽ وڌندڙ شهر هو. انگريز ايجنٽ لکن ٿا ته:
”هيءُ شهر ٺٽي کان وڏو نه آهي، ته برابر جيڏو بيشڪ
آهي.“ هن شهر جي ويجهو درياء هو، ان ڪري شهر جي
پکيڙ درياء جي ايراضي تائين هئي. درياء جو پتڻ،
سامان جي لاهڻ ۽ کڻڻ، ٻيڙين لنگر انداز ٿيڻ ۽
مسافرن لاءِ رهڻ جي شهر ۾ سهوليت هوندي هئي. هتان
جو مال ٻيڙين رستي ٺٽي پهچندو هو، جتان جي وڏين
مارڪيٽن ڏانهن کڄي ويندو هو.
نصرپور پراڻي زماني کان هنر ۽ ڪاريگريءَ ۾ مشهور
هو. خاص ڪري ڪپڙي جي صنعت جو وڏو مرڪز هو. هتي
هرک، بافتا ۽ سوسين جا سٺا ڪپڙا تيار ٿيندا هئا.
موسڙا به تمام سُٺا ٺهندا هئا، جيڪي ارغونن ۽
ترخانن جون زالون، خاص ڪري ڪم آڻينديون هيون. هتان
جا ڪوٽ ڏاڍا مشهور هئا، جيڪي جاگيردار، نواب ۽
زميندار شوق سان استعمال ڪندا هئا. مغل دور ۾ دهلي
۽ آگري جي امير طبقي جا ماڻهو نصرپور جو ڪپڙو ڪتب
آڻيندا هئا. انگريز ايجنٽن هتان جو ڪپڙو وڏي انداز
۾ خريد ڪيو ۽ اتي آفيس کولي ريزيڊنٽ مقرر ڪيائون.
هو لکن ٿا ته نصرپور ڪپڙي تيار ڪرڻ جو اهم مرڪز
آهي. ان زماني هتان جو بافتو گهڻو مشهور هو.
ڏيسارو ۾ ان جي تمام گهڻي گهرج هئي، انهيءَ ڪري
ڪمپني جي نمائندن هڪ ڀيري نصرپور مان بافتي جا ڇهه
هزار وال خريد ڪري وڏي نفعي سان وڪرو ڪيا.
نصرپور جيئن ته تجارت جو اهم مرڪز هو، ان ڪري
هتان جو بازارون به هر وقت ماڻهن سان ڳُتيل ۽
روزمرهه جي واپاري سامان سان ٽٻ ٿيل هيون. نصرپور
۾ ٻه بازارون هيون:
الف- وڏي بازار: هيءَ بازار نصرپور جي قديمي ۽
شاهي بازار آهي. هتي وڏن وڏن ڪاريگرن جا دڪان هئا.
هيءُ شهر جيئن ته هُنر ۽ ڪاريگريءَ جو مرڪز هو، ان
ڪري هتي ڪوري، ڪاسيگر، دبگر، سونارا ۽ ڪاغذ ڪٽا
رهندا هئا. خاص ڪري هن بازار ۾ ڪورين جو ڌنڌو وڏو
هلندو هو. چون ٿا، ته هتي ڪورين جا ٽي هزار خاندان
هئا، جن جا هن بازار ۾ خاص دڪان هئا. ارغونن ۽
ترخانن جي دورِ حڪومت ۾ هن بازار جو وڏو اوج هو.
قريشي حامد علي خانائي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو
ته: ”نصرپور ۾ وڏا وڏا سکر واپاري تجارت ڪندا هئا.
واپارين جو مال ڏيساورن سان ٻيڙين رستي هلندو هو.“
هيءَ بازار بي بي نور ڀري جي نالي سان به سڏبي
هئي، جنهن جي مزار آهي. هن بازار ۾ سنڌ جي مشهور
مڇي ’پلي‘ جا خاص دڪان هئا. جڏهن انگريزن نصرپور
مان ڪپڙو خريد ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن هنن به وڏي
بازار ۾ دڪان کوليا ۽ پنهنجا گماشتا ويهاريا. هن
بازار ۾ سوٽي ڪپڙي جو خاص واپار هلندو هو.
ب- ننڍي بازار:
هيءَ بازار، ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو يادگار آهي. هن
بازار جي منڍ ۾ ابراهيم شاهه نالي هڪ درويش جي
مزار آهي. بازار جي ڇيڙي پٽ ۾ ٻه ٽي قبرون آهن.
جڏهن نصرپور ڪلهوڙن جي هٿ ۾ آيو تڏهن هنن هن بازار
۾ خاص قسم جا دڪان کولرايا ۽ هنرمندن ۽ ڪاريگرن کي
مالي قرض ۽ سهوليتون ڏيئي، بازار کي آباد ڪرايو.
هن بازار جي ايڏي ته هاڪ هئي جو ٺٽي جا نواب امير
دريائي رستي هتي ايندا هئا. ۽ خريداري ڪري موٽي
ويندا هئا. هن بازار ۾ مسافر خانه به هوندا هئا،
جتي ٻاهران آيل واپاري آرام به ڪري سگهندا هئا.
نصرپور جون هي ٻه خاص بازارون، سنڌ جي قدامت ۽
واپاري اهميت کي اڄ به نمايان ڪن ٿيون ۽ ٻڌائين
ٿيون، ته ماضيءَ ۾ هيءُ شهر پنهنجي پر رونق ۽ پر
وقار بازارن سببان سنڌ جي سونهن هو.
سنڌ جو تاريخي شهر ٺٽو، واپار جي ڪري ايشيا جي
دولتمند شهرن ۾ شمار ٿيندو هو. هيءُ شهر 14 صديءَ
جي وچ کان وٺي 18 صديءَ جي وچ واري عرصي تائين،
سنڌ جو اهم ترين شهر هو. سڄي اتر هندستان ۾ ڪوبه
شهر اهڙو نه هو، جنهن ۾ ٺٽي کان وڌيڪ واپار ٿيندو
هجي. فريدي لکي ٿو ته: ”ٺٽي کي ڌرتيءَ جي جنت سڏي
سگهجي ٿو. هتي جي رهواسين ڪڏهن به ڏکن جي گهٽيءَ ۾
پير نه پاتو آهي. هنن جي دلين تي خوشي ۽ راحت آهي.
ٿورن لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته، ٺٽو عراق ثاني
آهي.“ ليفٽيننٽ هينري پاٽينجر لکي ٿو ته:”جڏهن سنڌ
جي مقامي شهزادن، عربن جي طوق مان پنهنجي گردن
آزاد ڪرائي، آزادي حاصل ڪئي، تڏهن انهن پنهنجي
گادي ٺٽي ۾ قائم ڪئي ۽ اهو شهر جلد ئي ايشيا جي
انتهائي دولتمند ۽ خوشحال شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو ۽
انهيءَ جي ڪري وڻج واپار جو مرڪز بڻجي پيو، جيڪو
هندستان واري اپٻيٽ ۽ ايشيا کنڊ جي انهيءَ حصي جي
درميان هلندو هو، ۽ ان جي اترئين ۽ الهندي طرفن ۾
جاري هو. انهن شهزادن شهر کي خوبصورت عمارتن جي
تعمير، دلپسند ۽ سهڻن باغيچن قائم ڪرڻ ذريعي،
شاندار بنائڻ ۾ محنت ۽ پيسي، خرچ ڪرڻ ۾ ڪوبه بخل
نه ڪيو ۽ ساڳئي وقت تي هنن سنڌو ندي مان جيڪا انهي
شهر جي اڀرندي ۾ چئن ميلن جي مفاصلي تي وهي رهي
آهي. واهن کوٽائڻ جي ذريعي دور دراز علائقن کان
مال آڻي واپارين جي دروازن وٽ مهيا ڪيو ۽ واپاري
طبقي کي سهوليت ۽ آساني پهچائڻ جي وڌيڪ اهم مقصدن
کي پوري ڪرڻ ۾ ڪوشان رهندا هئا.“
ان زماني ۾ ٺٽو واپار جي لحاظ کان لاهور ۽ ملتان
کان وڌيڪ دولتمند هو. سنڌو درياء جون شاخون شهر
تائين پهچنديون هيون، جن جي ڪپن تي واپارين جا
گودام جڙيل هئا. انهن گودامن ۾ ٻيڙين رستي مال
پهچندو هو. ٺٽي جو واپار عربستان، افغانستان،
ايران، ترڪي، ميسوپوٽيما، آگري، احمد آباد، گووا،
ڊيو، ايشيا مائينز، الهندي يورپ ۽ چين سان هلندو
هو. جڏهن ’ايسٽ انڊيا ڪمپني‘ سنڌ ۾ واپار شروع
ڪيو، تڏهن هن جي ايجنٽن ٺٽي جي دل کولي تعريف ڪئي.
والٽر پيٽن لکي ٿو ته:”ٺٽو هڪ وڏو صنعتي مرڪز ۽
عظيم واپاري شهر آهي ۽ هندستان جي مشهور ترين
منڊين مان هڪ آهي.“ ٿيوناٽ لکي ٿو ته: ”سنڌ جي شهر
ٺٽي ۾ تمام گهڻو واپار هلي ٿو. هتان هندستان جا
واپاري مقامي ماڻهن جون ٺهيل عجيب ۽ غريب شيون
خريد ڪن ٿا. هتي جا ماڻهو سڀني قسمن جي هنرن جا بي
انتها ماهر آهن.“
انهن حوالن مان صاف ظاهر آهي ته، ٺٽو، هند سنڌ جو
مکيه واپاري مرڪز هو ۽ صنعت، حرفت، هنر، ڪاريگريءَ
۾ بلند مقام تي پهتل هو. ان ڪري هتان جو بازارون
به رونقدار ۽ واپار جون مرڪز هيون. انهن مان خاص
بازارن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
1. اناج بازار:
هن بازار جو بنياد ارغونن جي ڏينهن ۾ پيو. هن
بازار واري ايراضي کي محله غلا بازار چئبو هو. هن
بازار ۾ سيد شاهه مسڪين جي مزار به آهي، جيڪو
پورچوگيزن جي ٺٽي تي حملي وقت شهيد ٿيو هو. هن
بازار جي الهندي ۾ مخدوم معين عرف ’ميان ٺاري‘ جو
مدرسو هو، جتي سوين شاگرد تعليم حاصل ڪندا هئا.
هيءَ بازار ٺٽي جي مکيه بازارن مان هڪ هئي، جتي
اَناج جو واپار ٿيندو هو. هتان ٻيڙين ۽ اٺن رستي
اَناج ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هو. پير
حسام الدين راشدي لکي ٿو ته: ”هن بازار ۾ اَناج جو
وڻج واپار ٿيندو هو. هتي ان جا گودام هئا ۽ ان جي
واپارين جون ڪوٺيون ۽ گودام هئا. سموري ٺٽي پرڳڻي
جو اَن اتي اچي لهندو هو ۽ اتان ئي خريد و فروخت
ٿيندي هئي. بازار جي واپار ۽ اگهن وغيره تي،
نگراني ڪرڻ لاءِ، حڪومت طرفان هڪ داروغو مقرر ڪيو
ويندو هو. نواب همت دلير خان مغل گورنر جي ڏينهن ۾
جيڪو سنه 1145هه ۾ ٺٽي ۾ وارد ٿيو، ديوان منشارام
انهيءَ بازار جو داروغو هو.“ هيءَ بازار سنه
1181هه تائين قائم رهي.
2. مرزائي بازار:
هيءَ بازار مرزا محمد باقيءَ جي ڏينهن ۾ قائم ٿي.
هن بازار جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ ارغون سردار ۽ اتر ۾
بادشاهه ۽ آفيسر رهندا هئا. اميرن ۽ آفيسرن جي رهڻ
ڪري بازار جي رونق وڌيل هئي ۽ اٺ ئي پهر کليل
رهندي هئي. ساقي خانه ۽ ٻيو عيش جو سامان هر وقت
موجود هوندو هو. ’ترخان نامه‘ جو مؤلف لکي ٿو ته:
”هڪ دفعي ارغون سردار بغاوت ڪئي ۽ بادشاهه کي
چوائي موڪليائون، ته بازار جي اتر حصي وارو شهر
تنهنجو ۽ ڏاکڻي حصي وارو شهر اسان جو، ۽ انهن کي
پنهنجي حصي ۾ اچڻ نه ٿي ڏنائون. آخرڪار مرزا باقي
کين مذاڪرات جي بهاني، پاڻ وٽ گهرائي، سڀني کي قتل
ڪرائي ڇڏيو.“ هن معاملي کان پوءِ هن کي خوني بازار
به سڏبو هو.
3. گدا بازار:
هيءَ بازار، ملا گدا علي ڀائي، جيڪو مرزا جاني بيگ
جو امير هو، جي نالي پٺيان سڏبي هئي. هن بازار ۾
ڪپهه ۽ ڪپڙي جا وڏا وڏا دڪان هئا. پير حسام الدين
راشدي لکي ٿو ته:”هيءَ بازار ٺٽي جي اهم بازارن
مان هئي. انهيءَ بازار جي نالي تي هڪ محلو به سڏبو
هو ۽ انهي محلي ۾ ئي اها بازار هئي. هن بازار ۾
پير لڌي جو مشهور دڪان به هو.“
4. بازار امير بيگ:
هيءَ بازار مرزا جاني بيگ جي امير مرزا امير بيگ
جي نالي تي هئي، جنهن جا هن بازار جي منهن وٽ
بنگلا هئا. هيءَ بازار ٺٽي جي ڳُتيل بازارن ۾ ڳڻبي
هئي. هتي هر وقت واپارين ۽ خريدارن جي رش ۽ ناڻي
جي ريل ڦيل هئي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن پورچوگيزن
ٺٽي تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هن پنهنجي ڦرلٽ جو پهريون
نشانو بازار کي بنايو. ’تحفة الطاهرين‘ مطابق هن
بازار ۾ ٻه ٽي ماڻهو شهيد ٿيا.
هنن بازارن کان سواءِ ٺٽي ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي
بازارون هيون، جن سنڌ جي هن شهر کي دنيا ۾ مشهور
ڪيو.
مددي ڪتاب
حوالا:
’ڪتاب الهند‘– البيروني
’تاريخ طاهري‘– سيد طاهر محمد نسياني ٺٽوي
’ترخان نامه‘ – سيد مير محمد بن سيد جلال ٺٽوي
’لاهوري بندر‘ (جنگ اخبار) – ڊاڪٽر مبارڪ
’سنڌوءَ جو پڇاڙ وارو علائقو‘ – ڪليم لاشاري(عوامي
آواز ڪراچي) علي رضا
’ڪراچي 1941ع ۾‘ – آءِ. اين. ايلن
’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘ – ڊاڪٽر غلام علي
الانا
’قلعا ۽ ڪوٽ‘ – اشتياق انصاري
’پيغام‘ – اپريل 1987ع
’ميان غلام شاهه ڪلهوڙو‘ – مرتب: اسلم عباسي
’نئين زندگي‘
’الوحيد‘– خاص نمبر
’قديم سنڌ ۽ ان جا شهر ۽ ماڻهو‘– مرزا قليچ بيگ
’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘– ڊاڪٽر ايس. پي. ڇٻلاڻي
’تاريخ ريگستان‘– رائچند هريجن
’پيغام‘ رسالو– جنوري 1974ع
’مهراڻ‘ رسالو – 2-1
/
1982ع
’عرب و هند کي تعلقات‘ – سليمان ندوي
’تمدن سنڌ‘ – رحيمداد خان مولائي شيدائي
’سنڌو جو سفر‘- بدر ابڙو
’سنڌ جي تاريخ‘(سما ۽ سومرا دور) 1936ع -
عبدالغني عبدالله
1. Chronological Dictionary of Sindh,-M.H.
Panhawer
2. Historical Geography of Sindh, - Manik
Pithawala