ڪشمور بندر
ڪشمور پراڻي زماني ۾ واپار جو مرڪز هو، وچ ايشيا
جا واپاري قافلا، هتان لنگهي سنڌ ۾ ايندا هئا،
جيڪي هتان ’الور‘ ۽ ’ڀنڀور‘ تائين به ويندا هئا.
درياء جي ڪناري تي هئڻ ڪري واپاري ٻيڙا هتان ٿي
ڀنڀور ۽ ديبل تائين ويندا هئا. گويا ڪشمور بري ۽
بحري ٻنهي واپارن جو مرڪز هو. ڪلهوڙن جي زماني ۾
ڪشمور هڪ مشغول ترين دريائي بندر هو. قلات جي والي
مير نصير خان ڪشمور جي سرحد تي ’عمرڪوٽ‘ نالي هڪ
قلعو ٺهرائي، براهوئي لشڪر وهاريو، مشهور سياح ابن
بطوطه درياء رستي ڪشمور به آيو ۽ هڪ رات هِتان جي
جامع مسجد ۾ رهيو. انگريزن جي دور ۾ به ڪشمور بندر
جي حيثيت ۾ ڪم ايندو هو. سر رچرڊ برٽن لکي ٿو ته:
”سنڌ ۾ برطانوي تسلط جي اوائل ۾ ڪشمور سنڌو درياء
جي ڪناري تي هڪ چڱو خاصو بندر ۽ اتر سنڌ جو مشهور
شهر هو.
ڪشمور اڄ به سنڌو درياءَ جي ڪپ کان ڪو گهڻو پري
ڪونهي پر گڊوءَ تي پل ٺهڻ ڪري هاڻي گهڻو واپار
ٽرڪن ۽ لارين رستي هلي ٿو. جيڪڏهن اڄ به ٻيڙين ۽
جهازن رستي مال موڪليو وڃي، ته ڪشمور سٺو بندر ٿي
سگهي ٿو.
اروڙ بندر
سنڌو درياء، سنڌ کي قدرت طرفان هڪ سوغات مليل آهي.
سنڌ، سنڌوءَ سان لانئون لڌيون آهن. ٻاروتڻ کان وٺي
سنڌ واسين جو سنڌوءَ سان واسطو پيو آهي. تاريخ
شاهد آهي، ته جتي به سنڌو پير پاتو اتي زندگي ڪر
کنيو، ۽ شهر آباد ٿيا. آبادي ٿي، پوکون ٿيون،
خوشحالي ٿي. سنگهار سکيا ستابا ٿيا، پر جڏهن
سنچوءَ منهن متايو، جدائي ڪئي، ته اهي وستيون ۽
واهڻ، شهر ۽ ڳوٺ مٽيءَ جا ڍير بڻجي پيا ۽ صرف
ماضيءَ جا نشان باقي وڃي رهيا، جن جي دڙن تي بيهي
اڄ اسين پنهنجي شاندار تاريخ جو وڏي فخر سان ذڪر
ڪريون ٿا. اهڙي شاندار ماضيءَ جو نشان ’اروڙ‘ به
آهي.
روهڙي شهر کان 5 ميل پري، ڏکڻ اوڀر ۾، اروڙ جي
ٽڪريءَ تي هن ڦٽل شهر جا نشان ملن ٿا. اروڙ ڪنهن
زماني ۾، سنڌ جو عظيم بندرگاهه، تجارتي شهر ۽
گاديءَ جو هنڌ هو. هيءُ شهر مهراڻ نديءَ جي الهندي
ڪپ تي ٻڌل هڪ وسيع شهر هو، جو قدامت جي لحاظ کان
آريا ورت جي قديم شهرن: هستاپور، اندر پرستا دهلي،
پتاليپوترا (پاٽنا) جو ثاني هو. محققن جو خيال
آهي، ته اروڙ جو بنياد دراوڙن جي دور ۾ پيو، جڏهن
آرين سنڌ جا وسيل ۽ شاهوڪار شهر قبضي هيٺ آندا،
تڏهن هنن اروڙ کي محفوظ ۽ اُتاهين جڳهه تي ڏسي،
مٿس بالم ٿي بيهي رهيا ۽ هن شهر کي محنت سان عروج
تي پهچايائون. ويدن جي زماني ۾ هن شهر تي هڪ راڻي
راڄ ڪندي هئي، جنهن جو نالو ’روماسا‘ هو، سا نهايت
ٻاجهاري ۽ فن موسيقيءَ جي ماهر هئي، سندس شان ۾
سلوڪ به ملن ٿا. ’مهاڀارت‘ ۽ ’رامائڻ‘ جي دور ۾
اروڙ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. اروڙ جا پويان
حڪمران چندرونسي، اروڙ ونسي خاندان جا راجا، جن جو
لقب راءُ هو، مان هئا. هنن سنه 450ع کان سنه 642ع
تائين حڪومت ڪئي. چندرونسي کان اڳ سورج ونسي
راجپوتن مان راجا بليڪا جي پٽن، 1100 ق.م ۾ هن شهر
تي راڄ ڪيو ۽ ان کي اوج تي رسايو. جڏهن سڪندر
مقطونيءَ سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هو اروڙ ۾ به آيو.
هن جا ٻيڙا درياء ۾ ملتان کان اروڙ پهتا. ان وقت
هتان جو راجا، ’موسيڪانوز‘ هو. جنهن ساڻس سخت
مقابلو ڪيو. راءِ سهارس (ٻئي) جي ڏينهن ۾، جڏهن
ايران جي شهنشاهه نيمروز، سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن
راءِ سهاسيءَ(ٻئي) هن سان مقابلو ڪيو. سنه 711هه ۾
جڏهن عربن اروڙ تي حملو ڪيو، تڏهن هيءُ سنڌ جي
گاديءَ جو هنڌ هو. عربن جي دور ۾ اروڙ جو اهو
ٺٺ
ٺانگر ختم ٿي ويو، ويتر جڏهن ارغونن جي قبضي ۾
سنڌ آئي، تڏهن ڌاريجن کي سزا ڏيڻ جي خيال کان بيگ
اروڙ ۾ ڇانوڻي هڻي ويٺو ۽ هتي ڌاريجن سان ٽي چار
لڙايون لڙيو ۽ کين شڪست ڏئي ڀڄائي ڪڍيائين.
اروڙ تاريخ جي هر دور ۾، سکيو ستابو شهر رهيو.
سنڌو درياء جي ڪپ تي هئڻ ڪري، هيءُ مشغول ترين
بندر گاهه هو. هن شهر کي مضبوط عالم پناهه ديوار
ڏنل هئي. چندر ونسي راجائن جي دور ۾ هيءُ شهر دولت
سان مالامال هو. سندس ڀر وارين ٽڪرين ۾ سونَ ۽
چانديءَ جون کاڻيون هيون. ’موسيڪانوز‘ جي ڏينهن ۾
هيءُ هڪ تمام مصروف بندر هو. يوناني مؤرخن هن جي
وڏي تعريف ڪئي آهي. هو لکن ٿا ته :” هيءُ شهر تمام
شاهوڪار ۽ سرسبز هو، جتي هر قسم جي پيداوار ججهي
انداز ۾ ٿيندي هئي. شهر محلاتن ۽ باغن سان ڀريل
هو. ماڻهو بهادر، بيڊپا ۽ علم طب ۾ ماهر هئا. هنن
راڳ وسيلي، نانگن جو زهر ڪڍيو ۽ هو جانورن جو به
علاج ڪندا هئا. هتان جا ماڻهو صحتمند، گهڻو جيئندڙ
۽ سٺين عادتن وارا هئا. امن امان ايترو هو، جو ڪا
ڪورٽ ورلي ويهندي هئي. حڪومت رڳو ڳرن ڏوهن ڏانهن
ڌيان ڏيندي هئي، باقي ڏي وٺ جا مسئلا عوام جي
اختيار ۾ هئا.“
هندو راجائن جي دور ۾ هيءُ شهر اوج تي هو. مؤرخ
مولائي شيدائي لکي ٿو ته: ”هندن جي وقت ۾ اروڙ هڪ
وڏو بندر هو، جتان جهازن کان محصول ورتو ويندو هو.
هندستان جا ڪيترائي راجا، اروڙ جي دربار کي ڍل
ڏيندا هئا.“ چچ نامي ۾ آهي ته: ”هيءُ شهر هند ۽
سنڌ جو تختگاهه آهي، جو مهراڻ نديءَ جي ڪپ تي ٻڌل
آهي. هيءُ قسمين قسمين ماڙين ۽ محلاتن، چراگاهن،
گلن، باغن، حوضن، نهرن، ۽ گليڪارن سان سينگاريل هڪ
وڏو شهر آهي. هن رونق واري شهر ۾، راءِ سهارس نالي
هڪ راجا راڄ ڪندو هو، جنهن وٽ ججها خزانه ۽ پوريل
ناڻو هو.“ اروڙ جي آبهوا وڻندڙ ۽ دلڪش هئي، ان ڪري
واپاري سڄو سال هتي رهندا هئا. هتان جا هنر مند،
پورهيت ۽ فنڪار پنهنجي ڌنڌي ۽ فن ۾ مشهور هئا. اهو
ئي سبب آهي جو راڻي لاڏي، محمد بن قاسم کي ٻڌايو
هو ته: ”هن شهر جا ماڻهو ڪاريگر، واپاري ۽ هاري
آهن، ان ڪري ئي هيءُ شهر آسودو ۽ شاهوڪار آهي. هنن
سان ئي هن ديس جي دولت آهي ۽ شهر خزانن سان ڀريل
آهي. جيڪڏهن تون هنن کي ختم ڪندين، ته هيءُ سڀ
مال متاع ختم ٿي ويندو.“ ان ڪري ئي محمد بن قاسم
اروڙ جي شهرن کي آزادي ڏني ۽ کسيل ملڪيتون کين
واپس ڪيون، صرف شاهي خزانو مرڪز ڏانهن
اُماڻايائين.
عربن کان پوءِ به اروڙ بندرگاهه ۽ هڪ وسندڙ شهر
هو. مغلن جي دور جو هڪ مؤرخ شيخ ابوالفضل لکي ٿو
ته: ”هيءُ شهر ملتان جيڏو هو ۽ سندس چوگرد باغ
هئا. هيءُ شهر، سنڌو نديءَ جي اڀرندي ڪپ تي، بکر
کان ستن ميلن جي فاصلي تي هڪ ٽڪريءَ تي ٻڌل هو ۽
ٻوڏ کان بچيل هو.“ اڪبري دربار جي مؤرخ مير معصوم
بکريءَ جو چوڻ آهي ته: ”اروڙ هڪ وڏي عالم پناهه
ديوار سان مهراڻ جي ڪپ تي وسيل هڪ وڏو شهر هو،
جيڪو محلاتن، ميويدار وڻن ۽ نهرن سان ڀرپور هو. ان
۾ تمدن ۽ شهريت جو اهو سڀ سامان هو، جنهن جي هڪ
مسافر کي ضرورت هجي.“ مؤرخ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ،
اروڙ جي تجارتي حيثيت بابت لکي ٿو ته: ”اروڙ تمام
شاهوڪار شهر هو. ان جي چوڌاري نهرون ۽ چراگاهه
هئا. هيءُ شهر علم، هنر، صنعت، حرفت ۽ تجارت جو
مرڪز هو ۽ ايشيا جو ناميارو بندرگاهه هو. هن بندر
جي ڀرسان هاڪڙو درياء وهندو هو. هيءُ شهر اناج جي
وڏي منڊي هو. اروڙ صنعت، تجارت ۽ بندرگاهه کان
سواءِ هڪ علم جو مرڪز به هو. قاضي اسماعيل، شيخ
مخدوم محمد قطب، قاضي ستابو شاهه، شڪر گنج ۽ ڇٽو
اَمراڻي هتان جا مشهور بزرگ ٿي گذريا آهن. هِتان
جي مشهور علمي شخصيت، قاضي موسيٰ بن يعقوب جي پڙ
پوٽي قاضي محمد اسماعيل بن علي ابن محمد طائي سنڌ
جي تاريخ ’منهاج المسالڪ‘ عربي ۾ لکي، جنهن کي علي
بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي، فارسيءَ ۾ ترجمو ڪري ’فتح
نامه‘ عرف ’چچنامو‘ نالو ڏنو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي
پهرئين تاريخ هن سرزمين تي لکي ويئي.“
هيءُ شهر 4 صدي هجري ڌاري، درياء جي رُخ مٽجڻ ڪري
ڦِٽي ويو. ان ڪري واپار ۽ تجارت به ختم ٿي ويئي.
عربن به منصوره کي وڃي گاديءَ جو هنڌ بنايو. ان
ڪري هوريان هوريان هيءُ شهر اُجڙندو ويو ۽ هاڻي
هيءُ عظيم شهر صرف 50-60 گهرن تي مشتمل هڪ ڳوٺڙو
آهي.
بکر بندر
بکر مهراڻ جي ڪپ تي هئڻ ڪري سنڌ جو مشغول ترين
بندگاهه ۽ واپار جو خاص مرڪز هو. هيءُ سهڻو ستابو
شهر گهڻي وقت تائين اتر سنڌ جو تختگاهه ۽ وڏي
مارڪيٽ هو. اروڙ جي ڦٽڻ کان پوءِ هن جي صنعت، حرفت
۽ واپار ۾ واڌارو آيو. خاص ڪري مغلن جي دور ۾ هن
وڏي ترقي ڪئي. ان زماني ۾ بکر جي اپت 114947 دام
هئي. في رپيو چاليهه دام جي برابر هو. واپار جي
لحاظ کان بکر هندستان جي وڏي مارڪيٽ ليکيو ويندو
هو. هن جو واپار ڏورانهن ملڪن سان هلندو هو. هتان
ڪيترائي رستا ڦٽي نڪرندا هئا، جيڪي سنڌ کي ٻين
ٻاهرين ملڪن سان ڳنڍيندا هئا. اتر هندستان ۽ وچ
ايشيا سان، جن رستي واپار هلندو هو، انهن کي هيءُ
شهر ڳنڍيندڙ هو. افعانستان ۽ ٻين اترين ملڪن سان
واپار، هڪ شاهي رستي هلندو هو، جيڪو بکر کان شروع
ٿي سليمان هالار جي جبلن جي قطار جي آسان لڪن
وچان، بولان دريءَ مان لنگهي، قنڌار، مري روڊ مان
ٿيندو ترڪمانستان ۾ وڃي ختم ٿيندو هو. ڊاڪٽر بال
ڪرشنا لکي ٿو ته: ” آگري کان مال اٺن تي بکر ايندو
هو، جتان پوءِ ٺٽي ۽ لهري بندر موڪليو ويندو هو.
سترهين صدي جي شروعات ۾ بکر کي درياء جي ڪناري تي
هجڻ ڪري سياسي ۽ تجارتي حيثيت حاصل هئي. مختلف
ملڪن جا ٻيڙا هن بندر تي مال آڻيندا ۽ نيندا هئا.
هتان جون بازارون هر وقت مال ۽ ماڻهن سان ڀريل
هوندوين هيون. پورچوگيز سيلاني مسٽر سباسٽن لکي ٿو
ته: ”اُتر سنڌ جو مکيه شهر بکر هڪ سهڻو شهر هو،
جنهن جي چوڌاري چمن ۽ باغ باغيچا هئا. سندس بازار،
هر ڪنهن قسم جي مال سان ڀرپور هئي. هن جي آبهوا
وڻندڙ ۽ پاڻي مٺو هو.“ مانريق لکي ٿو ته:”بکر ۾
باغن جي ڪري ميوو تمام گهڻو آهي ۽ ملڪ ڏاڍو سرسبز
۽ شاداب آهي. هتان هر سال ايران ۽ خراسان ڏانهن،
اٺن جا قافلا مال کڻي ويندا آهن.“ ان دور ۾ سنڌ ۾
عاليشان قسم جو ڪپڙو تيار ڪرڻ جا جيڪي مرڪز هئا،
تن ۾ بکر به هڪ هو. هتي جنگي هٿيار به ٺاهيا ويندا
هئا. جوزف سئلبئنڪ لکي ٿو ته:”بکر ۾ ٻئي سامان کان
سواءِ تلوارون به ڏاڍيون سستيون ۽ عمديون هيون.“
بکر جي کير مکڻ بابت انگريز ايجنٽ لکن ٿا ته: ”بکر
۾ ڏُڌ ۽ لسي بهترين قسم جي تيار ٿئي ٿي. هتي تمام
گهڻو مکڻ ۽ گيهه جو واپار هلي ٿو.“
اهڙيءَ طرح بکر جو شهر سنڌ جي تاريخ ۽ تجارت ۾
عظيم ڪردار ادا ڪيو. تجارت ۽ سياست کان سواءِ بکر
علمي لحاظ کان به وڏي ترقي ڪئي. حضرت نوح بکري،
سيد محمد مڪي ۽ سندس فرزند شاهه صدرالدين خطيب
جهڙا عالم ۽ بزرگ هتي ديني تعليم ڏيندا هئا. سنه
1314ع ۾ جڏهن ابن بطوطه سنڌ آيو، تڏهن هن بکر جي
عالمن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سندس ساراهه ڪئي. سمن
جي دور ۾ بکر جنهن کي تاريخ ۾ فرشته جي مبارڪ نالي
سان سڏيو ويو آهي، سا پاڪ سرزمين يقين وارن جي
ملجا ۽ عارفن جو سرچشمو رهي آهي. سڄي سنڌ ۾ بکر
جهڙي مردم خيز زمين پيدا نه ٿي. هن ڌرتي جا ماڻهو
سير ۽ صفائيءَ جا ڪوڏيا، علم پروڙ ۽ لياقت جي ڳولا
۾ مشهور هئا. گرميءَ جي ڏينهن ۾ پاڻي جي چڙهڻ ۽
ميون جي پچڻ جي موسم ۾ ننڍا وڏا سردار خواهه نوڪر
مرد ۽ زالون باغن ۾ خلوتن ۽ محفلن ۾ ڏينهن
گذاريندا هئا. هن سرزمين ۾ خاص ڳالهه هيءَ هُئي،
ته هتي جا گل نهايت خوشبودار هئا. هن سرزمين تي
ڪيترن ئي بزرگن، عالمن ۽ ولين جو مزارون آهن.
بکر، پراڻي زماني ۾ هڪ ٻيٽ جي صورت ۾ مهراڻ جي وچ
۾ هو. بکر جي قلعي ۽ پراڻي سکر جي وچ ۾ جيڪا درياء
جي شاخ آهي، سا سوا سؤ گز ويڪري آهي. بکر جي قلعي
کان اٽڪل 7 ميلن جي مفاصلي تي اروڙ ويران دڙن جي
صورت ۾ موجود آهي. تاريخ ۾ بکر جو نالو هندن جي
دور ۾ نٿو ملي، چوڻ ۾ اچي ٿو، ته اروڙ جي ويرانيءَ
کان پوءِ اتان جا رهاڪو لڏي اچي بکر ۾ رهيا ۽ ستين
صدي هجريءَ ۾ مٿس بکر نالو پيو. جنهن لاءِ عام
روايت آهي، ته سيد محمد مڪي رح، بڪره (باک ڦٽڻ)
مهل هن جاءِ تي آيو ۽ ان وقت چيائين ته: ”جعل الله
بکرتي في يفعة المبارڪة“، ”يعني الله تعاليٰ
منهنجو صبح برڪت واري هنڌ تي ڪيو آهي.“ تنهن کان
پوءِ هن جاءِ وارو شهر ’بڪره‘ سڏجڻ لڳو ۽ هوريان
هوريان سنڌيءَ ۾ بکر ٿي ويو.
بکر، پراڻي زماني کان وٺي پنهنجي قلعي کان مشهور
آهي، جيڪو سنڌ تي پنجاب ۽ اڀرندي جي ڪاهن کان
بچاءَ جو دروازو هو. ان جي فتح کان پوءِ پنجاب يا
اڀرندي کان ڪاهي ايندڙ دشمن اندرئين سنڌ ڏانهن ٿي
وڌيا. هيءُ قلعو عباسي خليفي هارون رشيد، جيڪو سنه
170 هه ۾ تخت تي ويٺو ۽ تعمير ڪرايو ۽ شيخ ابو
تراب جي حوالي ڪيو. ان ڏينهن کان پوءِ بکر جي قلعي
تي مختلف بادشاهن ۽ حڪمرانن پئي ڪاهون ڪيون، پر
هيءُ شهرپاڻ کي سالم رکيو آيو. مغلن جي دور ۾ بکر
مڪمل سرڪار جي صورت ۾ هو، جنهن کي اٺن پرڳڻن ۾
ورهايو ويو هو، جن مان پنج مهراڻ جي کاٻي ڪپ تي، ۽
ٽي ساڄي ڪپ تي واقع هئا. بکر جزيره نما قلعي وارو
بندر هو، جيڪو سنڌو ندي جي وهڪري جي وچ ۾ چُن جي
ٽڪرين تي اڏيل هو. نديءَ جو وهڪرو ڏکڻ طرف اٽڪل
پنجاهه ميلن ۾ وڃي ٿو. اٺين صدي ۾ سنڌو ندي پنهنجو
وهڪرو مٽائي اروڙ کي اجاڙي، ٽڪرين جي قطار کي هتان
اچي ڪٽيو، پر بکر وٽ زمين پختي هئي، جنهن درياء جي
کاڌ جو مقابلو ڪيو. بکر جو قديم نالو فرشته آهي
ائلئيٽ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ ۾ لکيو آهي، ته عربن جي
ڪاهه وقت هيءُ بندر وجود ۾ ڪو نه آيو هو. تيرهين
صديءَ جي شروعات ۾، بکر بندر جو نالو تاريخ ۾ اچي
ٿو. سکر ۽ روهڙي جا بندر پوءِ جا آهن.
سنه 1026ع ۾ محمود غزنوي، سنڌ تي ڪاهه ڪئي. پهرين
بکر جي قلعي ۽ بندر کي فتح ڪيو پوءِ سيوهڻ ۽ ٺٽي
ڏانهن ويو.
سنه 1277ع ۾ ايلتمش بکر جو قلعو ۽ بندر هٿ ڪيو.
سنه 1330ع ۾ غياث الدين تغلق، خواجه خطير کي بکر
جو حاڪم ڪري موڪليو.
سنه 1351ع ۾ فيروز شاهه، بکر ۾ ويهه ڏينهن رهيو ۽
ملڪ رڪن الدين کي اتان جو نائب مقرر ڪيائين.
سنه 1370ع ۾ فيروز شاهه، بکر هٿ ڪيو.
سنه 1490ع ۾ بکر تي ڄام انڙ قبضو ڪيو.
سنه 1520ع ۾ ڄام فيروز سمي جي وقت ۾ شاهه بيگ
ارغون سنڌ ۾ آيو. انهيءَ وقت بکر ۾ ڌاريجن فساد
ڪيو.
سنه 1542ع ۾ همايون بکر ۾ آيو.
سنه 1555ع ۾ مرزا عيسيٰ خان ترخان ۽ سلطان محمود
خان جي بکر ۾ لڙائي لڳي.
سنه 1574ع ۾ سلطان محمود خان جي مرڻ تي اڪبر
بادشاهه، گيسو خان کي گورنر ڪري موڪليو.
سنه 1838ع ۾ مير نصير خان کان انگريزن بکر جو قلعو
اڌارو ورتو، جو اُتي هنن جو قلمي شوري جو وڏو
ڪارخانو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وقت کان لڳل هو.
هن دور ۾ بکر تي دهليءَ مان گورنر مقرر ٿي ايندا
هئا. بکر جي سرزمين پنهنجي سيني تي ڪيئي قهر ۽
ڪلور ٿيندي ڏٺا. ارغونن ۽ ترخانن جا راتاها، شاهه
بيگ جون ڌاريجن سان چوٽون ۽ انهن جي رت سان هولي
کيڏڻ، همايون جي تنگدستي بکر پاڻ ڏٺي. مرزا باقيءَ
جا فساد ۽ محمود بکري سان ’ڪُئو ٻلي‘ واري راند،
دارا شڪوه جي ڪسمپرسي ۽ قيدي بڻجڻ واري حالت، پوءِ
مغليه گورنر جا ظلم زيادتيون، ڦر لٽ جا قصا بکر نه
صرف ٻڌا پر ڏٺا به. اهي ڪوسي تيل جا ڪڻاهه، جن ۾
سنڌين کي وڌو ويندو هو، اهي بکر جي سرزمين تي تيار
ٿيندا هئا ۽ ڪڙهندا هئا. هتي هڪ وڏو اسلامي مدرسو
هو، جتي طالبن کي تعليم سان گڏ کاڌو ۽ ڪپڙو کين
مفت ڏنو ويندو هو. هن مدرسي جي عراق ۽ عجم تائين
مشهوري ۽ هاڪ هئي ۽ اُتان جا عالم لڏي هتي اچي
رهيا. ارغونن جي دور ۾ بکر پنهنجي علمي عظمت ڪري
ارض معموره سڏبو هو، ۽ هيءُ سکيو ستابو علم ۽
تجارت جو مرڪزي شهر، جنهن لاءِ قانع لکي ٿو
ته:”هيءُ تفريگاهن ۽ دل کي وڻندڙ باغن سان
سينگاريل شهر، جنهن جا گل سنگهڻ لائق آهن، هميشه
لاءِ ختم ٿي ويو ۽ مسجدن، پراڻين جاين ۽ قلعي جي
ديوارن جا چند نشان وڃي بچيا آهن.
سکر جو بندر
”سکر سونهارو گلن جو کارو“ سونهن ۽ سرهاڻ، امن ۽
آسودگي خوشحالي ۽ سرسبزي جي علامت آهي. جهڙو اٿس
نالو پيارو ۽ مِٺ ڀريو، تهڙي وري اٿس تاريخ نرالي
۽ نياري. ڪن کيس سڏيو’سکر‘ معنيٰ’شاهوڪار‘، ڪن وري
کيس سڏيو’شڪر‘ معنيٰ کنڊ، ته ڪن وري هن کي
چيو:”ساگر يعني درياء“ آهن سڀ نالا سڻڀا، پيارا ۽
وڻندڙ، پر اصل ۾ سکر ٺيٺ سنڌي لفظ آهي، جنهن جي
معنيٰ آهي ’سٺو‘ وڏي ساک ۽ ڀاڳ وارو، ۽ آهي به
ائين. سنڌو درياء جي ڪپ تي سنڌ جو هيءُ ٽيون وڏو
شهر، سنڌ جي ادب، ثقافت ۽ تاريخ جو مرڪز رهيو آهي،
جنهن جو ماضي ۽ حال ڪنهن به تعارف جو محتاج نه
آهي.
آثار قديمه جي ماهرن جو رايو آهي، ته سکر جي
سرزمين قديم زماني کان، آباد رهندي ٿي اچي. هتان
درياء جي تري مان ۽ ٽڪرين مان پٿر جي دور جو شيون
هٿ آيون آهن، جن کي ڏسي، آڳاٽن آثارن جي ماهر
ليفٽيننٽ نيوم لو لکيو آهي، ته:” هيءَ پٿريلي
سرزمين، پٿر جي دور ۾ به آباد هئي ۽ اتي هڪ وڏو
وسندڙ شهر آباد هو.“ ساڳي طرح ڊاڪٽر بلئمفورڊ جو
چوڻ آهي، ته: ”سکر جي سرزمين مان لڌل شيون،
هندستان جي ٻين هنڌن تان اهڙي قسم جي لڌل شين کان
وڌيڪ خوبصورت آهن. جيڪي ميڪسيڪو جي پراڻي تهذيب
سان ڀيٽي سگهجن ٿيون.“
تاريخ جي ڄاڻن جو چوڻ آهي، ته سکر جو شهر اٽڪل ست
سؤ سال قبل مسيح، سنڌو درياء جي ساڄي ڪپ تي هڪ
وسندڙ ۽ آباد شهر هو. هتي اسلام کان گهڻو اڳ سوڍن
راڻن جي حڪومت هئي، جن سکر کي ٺاهڻ ۽ جوڙڻ ۾ وڏو
ڪردار ادا ڪيو. جڏهن عربن سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تڏهن
سکر جي سر زمين تي به هنن جي گهوڙن جي هڻڪار جو
پڙاڏو پيو، ۽ هن هتان جي گرمي برداشت نه ڪندي سکر
کي ”سقر“ سڏڻ شروع ڪيو.
سکر هميشه کان ترقي ڪندو رهيو آهي. ٻاهرين ملڪن
خصوصاً اتر هندستان ڏي ويندڙ مال سکر بندر تان
چڙهندو هو. سکر ۾ اندرون سنڌ کان مڇيءَ جو جهجهو
مقدار برآمد ٿيندو هو، جو مقامي کپت کان پوءِ ان
کي سڪائي ٻاهر موڪليو ويندو هو. باربوسا سنه 1516ع
۾ سنڌ جي عاليشان مڇيءَ جي قنعت جو ذڪر ڪيو آهي.
سنڌ جي سري سکر کان سواءِ (ان ۾ روهڙي ۽ بکر جا
بندر به شامل آهن.)ٻيو ڪو موزون شهر نه هو،
تنهنڪري لاهور، ڪشمير، صوبه سرحد، ديرجات، قنڌار،
بيڪانير، جيسلمير ۽ ملتان جو مال مهراڻ وسيلي سنڌ
جي ڊيلٽا واري بندرن کان ٻاهر موڪليو ويندو هو.
وٿنگٽن، مغل شهنشاهه جهانگير جي دور ۾ اهڙا جهاز
ڏٺا. مال آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ سکر ۾ جهاز سازيءَ جو
ڪارخانو هو. اڄ به مياڻيءَ ۾ ڪاٺ جون مڏيون ۽
ٻيڙيون جڙن ٿيون. سامونڊي واپار ۾ جيستائين عام
سهولتون پيدا ڪونه ٿيون هيون، تيستائين وچ ايشيا ۾
خراسان جون مختلف جنسون قافلن ذريعي سکر پهچنديون
هيون ۽ سکر بندر تان ٻيڙين وسيلي ڊيلٽا جي بندرن
تان ڏيسارو ڏانهن برآمد ٿينديون هيون. سنڌ جا
بندر، اورنگا بندر، شاهبندر، پستا بندر، علي بندر
۽ ڪراچي، ملبار، بمبئي، سورت، مانڊوي، مسقط، هرمز،
بحرين ۽ زنگبار ڏانهن مال روانو ڪندا هئا. اهڙي
طرح سکر کان قافلا ڀرجي هندستان جو مال خشڪيءَ
رستي کڻي استنبول، مصر ۽ يورپ ڏانهن ويندا هئا.
امير تيمور لنگ ثمرقند کان طبريز تائين واپاري
رستو تعمير ڪرايو ۽ اتي سهوليت لاءِ مهمان سرائون
ٺهرايو. ڪلهوڙن جي دور ۾ گيهه ججهي انداز ۾ پيدا
ٿيندو هو، جو ڪلهوڙا ڀاڳيا ماڻهو هئا. اهو گيهه
سکر بندر کان ٺٽي پهچندو هو. وليم فرينچ 1611ع ۾
سنڌ ۾ آيو هو، چوي ٿو ته ٺٽو، روهڙي ۽ سکر جو
واپار پنجاب جي وڏن شهرن سان هلي ٿو. هتي آفيم جا
وڏا ذخيرا هئا. اورنگزيب عالمگير جي وقت
(وفات:1707ع) ۾ مٿيون واپار ڌڪجي پيو. ميان غلام
شاهه ڪلهوڙي ۽ سندس ڀائرن جي وچ ۾ نا اتفاقي ۽ مدد
خان پٺاڻ جي ڦر لٽ ڪري سموري سنڌ وڳوڙن ۽ مونجهارن
جو شڪار ٿي پئي. سنڌ جي واپار ۾ مقامي صنعتن ۾
هوريان هوريان زوال اچڻ لڳو. سنه 1764ع ۾ سنڌ جي
واپار تي عام جمود ڇانئجي ويو.
سومرن جي دور ۾ ”پراڻو سکر“ موجود هو. جڏهن سمن جي
ڏينهن ۾ شاهه بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو ۽ بکر جي
ڌاريجن، ماڇين ۽ ساداتن کي قتل ڪرائي، سندن سر
درياء ۾ ڦٽا ڪرايا، تڏهن بکر مان ماڻهو لڏي سکر ۾
اچي ويٺا. هندستان جي مغل شهزادي اورنگزيب، دارا
شڪوه کي بکر مان پڪڙي جڏهن دهلي روانو ڪيو، تڏهن
سکر جي سرزمين تاريخ جو اهو المناڪ نظارو اکين سان
ڏٺو ۽ بکر مان روئيندڙ ۽ ڀڄندڙ ماڻهن کي، پنهنجي
ڪُشادي سيني ۾ جاءِ ڏيئي کين آٿت ڏنو، سندن ڏک
ونڊيو ۽ انهن جي زخمن جي مرهم پٽي ڪئي. ارڙهين
عيسوي صدي جي پوئين اڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽
شڪارپور نئين طرح اُسرڻ لڳا. اڻويهين صدي عيسوي
۾، سکر شهر انگريزن جي فوجي ڪارواين ۽ سياسي
سرگرمين جو مرڪز رهيو. هن شهر جي فوجي ڇانوڻي مان
ئي فوج نڪري ڪڇ، بهاولپور، افغانستان ۽ بولان دري
ڏانهن وينديون هيون. انگريزي فوج جي سپهه سالار
نيپيئر 15- آڪٽوبر 1842ع تي حيدرآباد جي حڪمرانن
تي ڪاهه ڪرڻ جو فيصلو به هن شهر ۾ ويهي ڪيو.
سکر شهر سنڌو درياء جي ڪپ تي هئڻ ڪري، پراڻي زماني
۾ سنڌ جو مشغول ترين بندر ۽ تجارت جو مرڪز رهيو
آهي. بلوچستان، پنجاب ۽ افعانستان کان مال ايندو
هو. درياء رستي اهو مال پنجاب ۽ ڪشمير موڪليو
ويندو هو ۽ سنڌوندي رستي اوڀر ۽ اولهه اتر توڙي
ڏکڻ جي ملڪن سان واپار ڪيو ويندو هو. مغلن ۽
ڪلهوڙن جي دور ۾ سکر صنعت ۽ واپار جو اهم مرڪز هو،
جوزف سئلبئنڪ لکي ٿو ته: ”سکر ۾ گهڻو ڪري ڪورين ۽
رنگريزن جا ڪٽنب رهن ٿا، جي اتي جي آسپاس ماڻهن جو
ڪم ڪن ٿا. انهن هنڌن تي بهترين قسم جو نير وڪامي
ٿو.“ سنه 1838ع ۾ افغان ويڙهه جي زماني ۾ هتي ڇپري
بندر جوڙيو ويو، جتي انگريزن جي فوج کي راشن ملندو
هو. ڇپري بندر ڪري هوريان هوريان اڳتي وڌندا هئا،
تن ڏينهن ۾ فوج جي رهائش لاءِ سکر جي ٽڪرين تي
بيرڪون ۽ بنگلا به ٺهرايا ويا. سنه 1842ع تائين
هيءُ ڇپري بندر واپار جي منڊي بنجي پيو ۽ هوريان
هوريان ترقي ڪرڻ لڳو. فوج کي مال پهچائڻ لاءِ
پارسين، ميمڻن ۽ ٺيڪيدارن جايون جوڙيون، اهڙيءَ
طرح سکر تجارت سان گڏ فوجي ڇانوڻين جو به مرڪز
بڻجي پيو، جنهن سندس معيشيت کي هٿي ڏني.
سنه 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي. هنن سکر کي
تجارتي مرڪز بنائڻ لاءِ 1858ع ۾ سر بارٽل فريئر جي
زماني ۾ ڪراچي ۽ ڪوٽڙي جي وچ ۾ ريلوي لائين وڇائي.
انهيءَ زماني ۾ انڊس فلوٽيلا ڪمپني جا بار کندڙ
دريائي جهاز، ڪراچي، ڪوٽڙي، ملتان ۽ شيرشاهه جي
رستي سکر ايندا هئا.سکر ۾ ڪمپني جو دفتر هو. سکر
جو موجوده ميونسيپل هال جهازن جي رهنمائي لاءِ
اشاريگاهه(Signal
House)
طور ڪم ايندو هو. جهازن جي اچ وڃ سبب سکر واپار جو
مرڪز بڻجي پيو. ان زماني مان ڪوٽڙي کان سکر تائين
۽ دادو کان لاڙڪاڻي تائين ريلوي لائين وڇائي
ويئي. اهڙيءَ طرح هنن شهرن کان مال اسٽيشن تي
لهي، سکر جي دريائي بندر تي آندو ويندو هو، جتان
پوءِ ٻيڙين رستي ملڪ جي مٿيئين حصي ڏانهن اماڻبو
هو. سنه 1889ع ۾ ’لئنسڊائون‘ پل ٺهڻ ڪري ڪوئٽا ۽
پشين تائين ريلوي لائن ٺهي، جنهن ڪري سکر ۽
قنڌارجي وچ ۾ تجارت جو سڌو سنئون رستو کلي ويو، ۽
سکر شهر حيدرآباد، ملتان، ڪوئيٽا ۽ جيڪب آباد جي
وچ ۾ هئڻ ڪري صنعت ۽ تجارت جي لحاظ کان مرڪزي
حيثيت حاصل ڪري ورتي.ريلوي لائين ٺهڻ ڪري سکر بندر
جي حيثيت گهڻي گهٽجي ويئي، ۽ واپاري مال ريل رستي
ڪراچي ۽ ڪوئيٽا کان سڌو، پنجاب ۽ افغانستان وڃڻ
لڳو، ريلوي رستي مال موڪلڻ ۾ وقت جي به بچت ٿيندي
هئي ۽ مال خراب به نه ٿيندو هو.
سکر شهر قديم روايتن موجب پنهنجي مهذب ۽ تمدني
باشندن ۽ باغات جي ڪري مشهور ٿيو. ماضي ۾ هتي کجين
جا وڻ ۽ سرسبز کيت هئا. هتي ڪمند جي پوک گهڻي
ٿيندي هئي. انڪري هيءُ شهر شڪر(ڳاڙهي کنڊ) کان
مشهور هو. مير قانع لکي ٿو ته: ”لاڙ ۾ ’ٺٽو‘ سري ۾
’سکر‘ ٻئي شهر تمدني مراڪز ۽ نزهتگاهون آهن ۽
ماڻهن ۾ انسانيت جا گڻ ۽ قابليت آهي.“ ساڳي طرح سر
رچرڊ برٽن لکي ٿو ته: ”جيڪڏهن ڪو شخص سکر جي سونهن
۽ حيثيت کي ڏسڻ چاهي، ته معصوم شاهه مناري تي چڙهي
ديدار ڪري سگهي ٿو، ته اهڙي طرح سکر پنهنجي سندرتا
ڪري مشهور هو.“
سکر هڪ مردم خيز خطو به رهيو آهي، هتان جي بزرگن
علم، ادب، طب، صحافت ۽ سياست ۾ به وڏو ڪردار ادا
ڪيو آهي. سيد محمد معصوم شاهه بکري، سيد شيرالدين
جيلاني، سيد بچل شاهه ۽ منشي عبدالرحمٰن، ماضي
بعيد جا اهي بزرگ ۽ عالم آهن، جن جو نالو ملڪان
ملڪ مشهور هو ۽ اڄ به سکر هن ڏس ۾ پوئتي ڪونهي ۽
هن وقت به اهي نامور فرزند ڄڻيا آهن، جن ملڪ جي هر
شعبي ۾ پنهنجو مثالي ڪردار ادا ڪري، پنهنجي تاريخي
روايتن کي برقرار رکيو آهي. |