سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌوءَ جا بندر ۽ بازارون

باب:

صفحو:4 

ديبل بندر

ديبل سنڌ جو تمام پراڻو تاريخي شهر ۽ بندرگاهه آهي، چون ٿا ته گهڻا گهڻا سال اڳ جڏهن سنڌ ۾ ٻُڌ ڌرم جو زور هو، تڏهن سنڌ ۾ ديول ديو ۽ اُڊيسا، اڙياديول ۾ ٻڌ جا نامي گرامي چيلا رهندا هئا، جن کي ماڻهو ديوتا ڪري مڃيندا هئا. ديول سمنڊ جي ڪناري تي، پنهنجي نالي تي هڪ بت خانو تعمير ڪرائي، ٻڌ جي مورتي رکي هئي. ديول جي لغوي معنيٰ آهي: ’بتخانو. تاريخن ۾ اچي ٿو ته هيءُ بتخانو 544 ق.م ۾ ٺاهيو ويو. جيڪو ٻُڌ زماني جي اوج جو دؤر هو. ان کان پوءِ هوريان هوريان هيءُ شهر ترقي ڪندو ويو.

ديبل بندر، سمنڊ جي ڪناري تي سنڌو نديءَ جي ڇوڙ جي الهندي ۾ هڪڙي شاخ تي اڏيل هو. شهر جي ديوارن سان سمنڊ جون ڇوليون ٽڪرائبيون هيون، ۽ عجيب شور محسوس ٿيندو هو. هتان جي خاص عمارت، ٻُڌ وارو مندر هو جيڪو چاليهه گز اوچو هو، مندر جي بلند گنبذ، سمنڊ تان پريان نظر ايندو هو. سندس چئني ڪنڊن تي، چار وڏا برج هئا. گنبذ جي مٿان، پتل جي هڪڙي گهوڙي سوار جو مجسمو کُتل هو، هڪڙي ڊگهي بانس ۾، ڳاڙهو جهنڊو جيسين هوا ۾ ڦڙڪندو هو، تيسين ڪابه طاقت شهر کي فتح نه ڪري سگهندي هئي.  شهر جي ايراضي ڇهه ايڪڙ هئي، جنهن جي چوڌاري پٿرن جي ديوار ڏنل هئي، ديبل جي ٻاهران اُتر- اوڀر ۾ هڪ ڍنڍ هئي، جيڪا شهر وارن کي مٺو پاڻي مهيا ڪندي هئي. انهيءَ ڍنڍ تي وڃڻ لاءِ پٿرن جي ڏاڪڻ ٺهيل هئي، هت اتر ڏکڻ ۾ هڪ شاهي رستو، جنهن جي ٻنهي پاسن واريون جايون اهڙي نموني ٺهيل هيون، جيڪي ساڳئي وقت گهر، دڪان ۽ بيٺڪ جو ڪم ڏيئي پيون سگهن.

ديبل سمنڊ جي ڪناري تي هئڻ ڪري آبهوا جي لحاظ کان اعليٰ شهر هو هتي آدم جهجو رهندو هو، اڪثر ڪري واپاري طبقو هو. ماڻهو سکيا ستابا، تندرست، سهڻا سيبتا ۽ خوشحال هئا، راءِ سهاسي ۽ برهمڻن جي دؤر ۾، هيءُ شهر پنهنجي سياسي ۽ واپاري حالت مڃرائي چڪو هو. هتي هڪ مضبوط جيل خانو به هو ۽ شهر تي بادشاهه طرفان هڪ گورنر راڄ ڪندو هو، جيڪو مڪمل طرح خودمختيار هو.

سنه 711ع ۾ جڏهن عربن سنڌ تي قبضو ڪيو، تڏهن هو پهرين ديبل ۾ آيا، ان وقت ديبل هڪ وسندڙ شهر ۽ سنڌ جو هڪ مشغول ترين بندرگاهه هو. عربن هن شهر ۾ هڪ مسجد به جوڙائي. معتصم عباسيءَ جي ڏينهن ۾، مشهور مندر جي هڪ حصي کي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو. هتان جي اڪثر آبادي هندو هئي، جن جو مکيه ڌنڌو واپار ڪرڻ هو. ان وقت هن شهر ۾ اٽڪل ارڙهن لک ماڻهو رهندا هئا، ديبل واپار جو هڪ مکيه مرڪز هو، عربستان جي واپار جي خاص مرڪزن؛ يمن ۽ عمان سان ديبل جو سڌو سنئون واسطو هو. ديبل کان ئي سڀ جهاز بصري کان بغداد ۽ يمن ويندا هئا. عرب واپاري، جيڪي سنڌ سان واپار ڪندا هئا، سي ديبل کان پوءِ سنڌ جي اندرين شهرن ۾ پنهنجيون شيون وڪرو ڪندا هئا. هتي ڏيهي ۽ پرڏيهي واپارين جي سدائين پيهه رهندي هئي. ديبل ۾ چين، انڊونيشيا، هندستان، سيلون ۽ سنڌ جو مال اچي گڏ ٿيندو هو. اصظخري لکي ٿو ته: ”ديبل سنڌ جو وڏ بندر ۽ مکيه مرڪز آهي، سمنڊ جي ڀرسان هن شهر جي زمين بُٺ آهي ۽ صرف واپار جي لائق آهي.“ ساڳئي طرح بشاري المقدسي لکي ٿو: ”ديبل ساحلي شهر آهي. هن جي آسپاس اٽڪل روءِ هڪ سؤ ڳوٺ آباد آهن ۽ هتي جا رهاڪو، سڀ واپاري آهن. ديبل سنڌ جو بندرگاهه آهي ۽ وڏي اپت وارو آهي. هتان جا رهاڪو سلڇڻا۽ خوش پوشاڪ آهن.“ ابن حوقل لکي ٿو ته: ” هيءَ واپار جي تمام وڏي مارڪيٽ آهي ۽ هتي مختلف قسمن جا واپار ٿيندا آهن، هيءُ پرڳڻي جو خاص بندر آهي. هتي پوک گهٽ ٿيندي آهي. اهو هڪ خشڪ شهر آهي صرف ان کي تجارتي اهميت حاصل آهي.“ امام صاغاني لکي ٿو ته: ديبل سنڌ جي شهرن مان هڪ قصبو آهي، جتي بندرگاهه آهي، ۽ ٻيڙا پڳهه ڪن ٿا. ديبل جا رهاڪو نيڪ آهن.“ بهرحال ديبل هڪ ڳتيل شهر ۽ سنڌ جو عظيم بندرگاهه آهي. هت سمنڊ مان موتي نڪرندا هئا ۽ لوڻ به ٺهندو هو، هتي لوهه جون کاڻيون به هيون، اٽڪل چار هزار جهاز هر وقت واپار لاءِ تيار رهندا هئا. حڪومت کي هن بندر مان گهڻي آمدني ٿيندي هئي. ’خلاصة التواريخ‘ جي مصنف جو رايو آهي، ته ديبل هڪ بين الاقوامي بندر هو، جتي عمان، چين ۽ هندستان کان وڏا وڏا جهاز ڀرجي ايندا هئا. هتان جا رهواسي عام طرح آسودا ۽ شاهوڪار هئا، جيڪي ڪيترن ئي قسمن جي شين جو واپار ۽ ناڻو اڌارو ڏيڻ جو ڌنڌو ڪندا هئا.

ديبل جي تجارتي حيثيت کي نمايان ڪندي جناب رحيمداد خان مولائي شيدائي ’تاريخ تمدن‘ سنڌ ۾ لکي ٿو ته: ”جيڪا مشڪ ٻيٽ کان درياء رستي ديبل پهچندي هئي، سا خوشبوءِ جي لحاظ کان، دنيا ۾ چوٿون نمبر هئي. ٽاڻي جون ڇٽيون، سنڌ جي بندر، ديبل کان ٻاهر وينديون هيون، الائيچيون، لونگ ۽ ڪارا مرچ، سرانديپ ۽ ملبار کان ديبل پهچندا هئا. ڇو ته ايراني نار جي مُنهن ۾ هيءُ پهريون بندر هو. جتان اهي شيون، ٻاهر وينديون هيون. ناريل، ڪيلا، اَنب، ليمان، توت، وغيره ديبل کان ٻاهر ويندا هئا. عراق جي کجور جو سمورو واپارهن شهر سان هلندو هو. ديبل شهر جون فولادي تلوارون، گينڊي جون ڍالون ۽ شالون مشهور هيون. ديبل جون شالون ڪرماني پشم جون ٺهيل هيون، جيڪي عراق ۽ ايران تائين مشهور هيون. ايران ۾ اهي شالون ’شال ديبلي‘ جي نالي سان سڏبيون هيون.“

ديبل نه رڳو واپار جو وڏو بندر يا شهر هو، پر عربن جي اچڻ کان پوءِ علمي شهر بنجي ويو. عراق ۽ عرب کان ڪيترائي عالم هن شهر ۾ اچڻ لڳا ۽ خود، هن ئي شهر وڏا جيد عالم، محدث، مفسر ۽ فقيھ پيدا ڪيا، جن کي مورخن ’ديبلي‘ ڪري لکيو آهي. علامه سمعاني پنهنجي ڪتاب ۾ ديبل جي ڪيترن ئي عالمن جو ذڪر ڪيو آهي، جن عربي دنيا ۾ وڏو ڌاڪو ڄمايو. هنن بزرگن جا ديبل ۾ ڪيترائي مدرسه هئا. سنڌ جو هيءُ قديم شهر ۽ واپاري مرڪز عربن جي آخري دؤر ۾ اُجڙي ويو. خليفي معتصم عباسيءَ جي ڏينهن ۾ سخت زلزلو آيو، جنهن ۾ بيشمار جايون ڪري پيون ۽ اٽڪل ڏيڍ لک ماڻهو مري ويا ۽ گهڻا عرب سوداگر ديبل کان هجرت ڪري، سيوهڻ ۾ بيٺڪون جوڙي ويٺا. وقت گذرندو ويو ۽ سمنڊ جو پاڻي گهٽجندو ويو، تان جو ديبل ۽ سمنڊ جي وچ ۾ وڇوٽي پئجي ويئي. ٻئي طرف مقامي حالتن جي تبديلي ۽ سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وارين شاخن ۾ ڦيرگهير سبب خود نديءَ جي هڪ شاخ تي، هڪ نئين بندر لاءِ سهوليت پيدا ٿي، جنهن تي ’لاهري‘ نالو پيو ۽ اهڙي طرح ديبل جي بندر واري حيثيت ختم ٿي ويئي ۽ هوريان هوريان شهر ختم ٿيندو ويو، تان جو هاڻي صرف سندس تاريخ ۾ نالو وڃي رهيو آهي.

 

 

شاهه بندر

 

شاهه بندر هن وقت ٺٽي ضلعي ۾ هڪ تعلقي ۽ سب ڊويزن جو نالو آهي، پر ڪنهن وقت هي سنڌ جو مشهور ترين بندرگاهه ۽ هڪ وسندڙ ۽ مردم خيز شهر هو. اهو ڪلهوڙن جو دؤر هو، جنهن ۾ سنڌ، صنعت، حرفت ۽ زراعت جي ميدان ۾ اڳڀرو هئي. ڪلهوڙا، جيئن ته ديسي حڪمران هئا. پيريءَ مريديءَ مان، اُسري حڪومت جا مالڪ ٿيا هئا. ان ڪري، هنن سنڌ جي عوام جي معاشي حالتن کي سڌارڻ لاءِ زراعت سان گڏ واپار کي به فروغ ڏنو. ڪلهوڙا حڪمرانن مان ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو نالو، سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان جاءِ والاري ٿو، هن برجستي حاڪم، سنڌ کي سرسبز ۽ سهائي بنائڻ لاءِ، جيڪي قدم کنيا، تن مان شاهه بندر جي تعمير به هڪ مثالي قدم آهي.

ميان غلام شاهه، هيءُ بندر گاهه سنه 1659ع ۾ تعمير ڪرايو. هن کان اڳ لاڙ واري ايراضي ۾ اورنگا بندر رستي واپار هلندو هو، جيڪو شهزادي اورنگزيب سنه 1646ع ۾ ڪڪرالي واري خطي ۾ سمنڊ جي ڪناري تي ٺهرايو هو ۽ هو ان وقت هِن خطي جو نواب هو. هيءُ بندر ان وقت واپار جو مرڪز هو ۽ هر طرف کان جهاز هتي لنگرانداز ٿيندا هئا. هتي’ايسٽ انديا ڪمپني‘جي هڪ فيڪٽري به هئي، پر جڏهن شاهه بندر وجود ۾ آيو، تڏهن اورنگا بندر جي اهميت ختم ٿي ويئي ۽ ڪافي ماڻهو هتي لڏي اچي رهيا. ميان غلام شاهه هتي هڪ قلعو به ٺهرايو، جنهن جي ڀتين جا نشان اڄ به موجود آهن.

هن بندر جي محل وقوع لاءِ سنڌ گزيٽر ۾ آيو آهي، ته هيءُ بندر، ملير جي اڀرندي ڪناري تي، سنڌو جي هڪ ڇوڙ جي مُنهن تي هو. مسٽر عزيز چنو، پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”شاهه بندر سنڌ جي ڇوڙ واري علائقي جي دوآبي ۾ آهي، ان ڪري پراڻي زماني کان اهو واپار جو وڏو مرڪز رهيو آهي. شروعات ۾ جڏهن هيءُ بندر وجود ۾ آيو، تڏهن سنڌ جي حڪمرانن جا هر وقت 15 جهاز هتي موجود رهندا هئا ۽ پوءِ هوريان هوريان هيءُ بندر ترقي ڪرڻ لڳو. آخر شاهه بندر ڏيساور سان واپار ڪرڻ جو هڪ خاص ذريعو بڻجي پيو، جتان بصره، بندر عباس، هرمز، مسقط ۽ بحرين وغيره ڏانهن ملڪي سامان روانو ڪيو ويندو هو. واپاري آمد و رفت جي مرڪز بنجڻ سبب واپاري هن بندر تي اچڻ لڳا ۽ اهڙي طرح ڏيهي خواهه پرڏيهي واپار کي هٿي ملڻ لڳي. هتي جا ڪڇي ۽ ڀاٽيا مسقط ۽ ٻين ملڪن سان واپار ڪندا هئا. هنن واپارين جي معرفت شاهه بندر جي هاڪ ڏيهان ڏيهه پکڙجي ويئي. آخر ’ايسٽ انڊيا ڪمپني‘ به هتي پنهنجي ڪوٺي کولڻ جو ارادو ڪيو. ان ڪري ڪمپني سرڪار، سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سان ڳالهه ٻولهه چوري. آخر ميان غلام شاهه 11-ڊسمبر 1758ع ۾ واپاري پروانو جاري ڪيو، جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته :” شاهه بندر ۾ رهندڙ سڀني ملازمن کي، هن ڳالهه بابت هدايت ڪئي آهي، ته  ڪنهن به سامان تي، جيڪو شاهي واپاري شاهه بندر ۾ آڻين، ان تي کانئن ڪو به محصول نه ورتو وڃي ۽ جيڪو سامان هو هتان کڻي وڃن، ان تي به مقرر ڪيل شرح موجب محصول ورتو وڃي.  ان ڪري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪمپني جي نمائندي، رابرٽ سمپٽن کي هدايت ڪندي لکيو ته: ”اسين اوهان کي اطلاع ٿا ڏيون، ته اوهان دل جي تسلي ۽ بلڪل شوق سان، جيڪو سامان جتان وڻيو، اتان خريد ڪري، هتي اچي واپار هلايو، اُميد ته اوهين ڪنهن ماڻهوءَ کي جاءِ تياريءَ بابت خط لکي، ۽ ڪنهن ڪم جي رضامندي لاءِ روانو ڪندا. ساڳيءَ طرح سنڌ جي حاڪم طرفان شاهه بندر جي رکوالي ڪشن داس جي نالي خط لکيو ويو ته: ”تو کي حڪم ٿو ڏنو وڃي، ته سمپٽن صاحب جي ڪنهن به ٻاهران ايندڙ سامان تي محصول نه وٺ ۽ جنهن به هنڌ صاحب موصوف پنهنجي ڪارخاني ٺهرائڻ لاءِ رٿ ڪري، اتي ٺهرائڻ ڏي ۽ ان جي جاءِ ٺهرائڻ ۾ کيس چڱي طرح مدد ڪر. تون صاحب موصوف سان يگانگت حاصل ڪر، ته جيئن هو بلڪل آسانيءَ سان، سوداگريءَ جو سامان آڻي، جنهن ۾ بندرگاهه جي بهتري آهي. اهڙي طرح ڪمپني جي انچارج، سنڌ جي حڪم کان هيءَ اجازت حاصل ڪري 22- اپريل 1761ع ۾ شاهه بندر ۾ واپاري ڪوٺي کولي ۽ هڪ ديسي دلال پريتم داس روپچند کي قلمي شوري پهچائڻ جوٺيڪو ڏنو. ڪمپني، شاهه بندر تي قلمي شوري کي صاف ڪرڻ ۽ ان کي ڪاڙهي قلمي صورت ۾ آڻڻ لاءِ وڏي پيماني تي ڪم شروع ڪيو. ڪمپنيءَ 11- ڊسمبر 1775ع تي شاهه بندر ۾ شوري صاف ڪرڻ جو ڪارخانو کوليو ويو، جنهن ۾ ساليانو ڏهه هزار مڻ شورو صاف ٿيڻ لڳو. شاهبندر ۾ ڪارخاني کولڻ سان، انگريزن کي شوري جي تجارت ۾ هڪ هٽي حاصل ٿي ويئي. قلمي شوري کي هو پاڻ ڪڍڻ بجاءِ ڪنهن ٺيڪيدار کي ملازم رکندا هئا، جيڪو کين هڪ مقرر قيمت تي ڪچي شڪل ۾ اهو مهيا ڪندو هو. ان کان پوءِ ان کي ٻيڙين ذريعي شاهه بندر پهچايو ويندو هو. انگريزن کي رڳو ڏيڍ سيڪڙو محصول پيارڻو پوندو هو. ان وقت قلمي شوري جي قيمت 5 رپيا في مڻ هئي، هڪ انگريز ايجنٽ مسٽر ڪرو لکي ٿو ته: ”شاهه بندر تي، قلمي شوري کي صاف ڪرڻ ۽ ڪاڙهي قلمي صورت ۾ آڻڻ لاءِ وڏي پئماني  تي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، اهڙي طرح ’ايسٽ انڊيا ڪمپني‘ هتان قلمي شوري جون 1254 ڳوڻيون اميرالبحر ’ڪوڪاڪ‘ جي معرفت موڪليون، جنهن جي قيمت 15884 رپيا هئي، جيڪا ان زماني ۾ تمام وڏي رقم هئي.

هيءُ شهر جيئن ته سمنڊ جي ويجهو هو، ان ڪري هتان جي آبهوا معتدل ۽ وڻندڙ هئي، ان ڪري هيءُ شهر ماڻهن جي رهڻ جو مسڪن به هو، ’ايسٽ انڊيا ڪمپني‘ جا خاص آفيسر ۽ ڊاڪٽر هتي رهندا هئا. هتان جي عالمن ۾ آخوند عبدالفتاح مشهور عالم ۽ فقيھ ٿي گذريو آهي. حاجي محمود هتان جو مشهور سنڌي طبيب هو، جنهن کي ڪمپني پنهنجن ملازمن لاءِ خاص معالج مقرر ڪيو هو.

سنڌ جو هيءُ مشغول ترين ۽ مشهور بندرگاهه سنه 1819ع ۾ زمين جي ڌٻڻ ۽ سنڌو نديءَ جي رخ مٽائڻ ڪري تباهه ٿي ويو. پر تاريخ ۾ هي بندرگاهه پنهنجي سونهن ۽ سڀيتا جا اڻمٽ نشان ضرور ڇڏي ويو، جيڪي اڄ به سندس دؤر جي خوشحاليءَ جي گواهي ڏين ٿا.
 

لاڙي/لهري بندر

 

لهري يا لاڙي بندر سنڌ جو هڪ قديم تاريخي بندرگاهه آهي، جنهن سنڌ جي تجارت، معيشت ۽ تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هي بندر سومرن جي دور کان وٺي ڪلهوڙن جي دور تائين سنڌ جي تجارت ۾ وهائو تاري جي حيثيت رکي ٿو.

لهري بندر جو بنياد ڏهين صدي عيسوي ۾ پيو، جڏهن سنڌ ۾ عربن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ ديبل بندر ڦٽي ويو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرحوم چچنامي جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته، ”ڏهين صدي عيسوي ۾ جيئن سنڌ ۾ عربي حڪومت جو زور ٽُٽو، تيئن سندس طاقت ۽ واپار جي مرڪز ديبل جي اهميت ۽ حفاظت به گهٽجڻ لڳي. ٻئي طرف مقامي حالتن جي تبديلي ۽ سنڌوندي ۾ ڇوڙ وارين شاخن ۾ ڦيرگهير سبب خود نديءَ جي هڪ شاخ تي هڪ نئين بندر لاءِ سهولت پيدا ٿي پئي، جنهن تي لوهاراني نالو پيو، يارهين عيسوي صدي ۾ البيروني جڏهن سنڌ ۾ آيو، تڏهن هن ديبل سان گڏ لهري بندر جو به ذڪر ڪيو آهي. بهرحال هن بندر عربن جي حڪومت جي زوال کان پوءِ ترقي ڪئي.

لهري بندر موجوده ميرپورساڪري جي حدن اندر، سمنڊ کي ويجهو، کاري مير ڀاڱي ۾ هو، جنهن جي ڀرسان اُلهندي طرف سنڌو درياءَ جو قديم وهڪرو هو. ”تاريخ طاهري“ جو مصنف لکي ٿو ته، ”سنڌو درياءَ ٺٽي شهر جي ڏکڻ کان وهي، لهري بندر جي ڀرسان، سون مياڻي وٽ ڇوڙ ڪندو هو. ٺٽي شهر ۽ لهري بندر جي وچ ۾، ٻين ڏيهن جو خشڪي ۽ دريائي مسافري جيترو پنڌ آهي. انهي وچ ۾ هڪ سوڙهي کاري آهي، جنهن جي ويڪر ڏهه طناب آهي. سمنڊ ۽ بندر جي وچ ۾ هڪ ڳوٺ سون مياڻي هو.“ سنڌ گزيٽيئر وارو لکي ٿو ته، ”لهري بندر، سنڌو درياءَ جي اوڀري شاخ تي، سمنڊ کان 20 ميل اندر طرف هڪ ڳوٺ هو.“ هن بندر کي مختلف دورن ۾ مختلف نالا ڏنا ويا. ڪن کيس ديوئل سنڌي سڏيو. ڪن کيس لهري، ڪن کيس نئون ديبل سڏيو. پر موجوده دور جو محقق جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ لکي ٿو ته، ”هن بندر جو اصلي نالو لاڙي بندر آهي، جنهن تي لاڙ واري خطي ۾ هئڻ ڪري اهو نالو پيو.“ اسان به سمجهون ٿا ته ادبي، ثقافتي ۽ تاريخي لحاظ کان ٺيٺ سنڌي نالو ”لاڙي بندر“  آهي.

لاڙي بندر سومرن جي دور ۾ سنڌ جو مشغول ترين بندر هو. سنڌ جو واپار سمنڊ رستي هرمز، قيس، بحرين، عدن، گجرات، ملبار، ڪارو منڊل ۽ چين سان هلندو هو. مٿين ملڪن جي دولت، سنڌ جي بندر لاڙي ڏانهن ڇڪجي ايندي هئي. مٿيون واپار عربي ۽ چيني جهازن جي معرفت هلندو هو. چين جا جهاز جنڪ سڏبا هئا. انهن واپارين جي هٿان سنڌ جو ڪپڙو، هندستان جي بندرن تي نيڪال ٿيندو هو. معبر کان ريشمي ڪپڙو، خوشبودار شيون ۽ سچا موتي قافلن وسيلي خراسان تائين پهچندا هئا. تلوارون، گهوڙن جون زينون، ڪپڙو ۽ خوشبودار مصالحا سنڌ مان ٻاهر ويندا هئا. هرمز، قيس توڙي عدن کان هر سال ڏهه هزار گهوڙا سنڌ ۽ هندستان جي شهرن ۾ وڪرو ٿيندا هئا. لاڙي جي شهر ۾ اُٺ کان وٺي سئي تائين قيمتون مقرر هيون. ذخيره اندوزي جي سخت ممانت هئي. واپارين کي سرڪار پئسا ڏيندي هئي، جيئن هر قسم جون ديسي خواهه ڌارين ملڪن جون شيون مهيا ڪيون.

سمن جي دور ۾ لاڙي بندر کي ايڏي اهميت هئي جيڏي مصر جي شهر اسڪندريه کي واپار ڪري هئي. خلاصة التواريخ ۾ آهي ته، ”هندستان جا سمورا جهاز ايراني نار ڏانهن ويندي هت محصول ڀريندا هئا، هي سنڌ جو مکيه بندر هو. هت اٽڪل چار سؤ جهاز ۽ ٻيڙيون آهن. هِتان سمنڊ مان سچا موتي نڪرن ٿا. هت لوڻ به ٺهندو آهي ۽ لوهه جون کاڻيون به آهن.“ هن دور ۾ لاڙي بندر تان جيڪي شيون سنڌ جي شهرن ۾ وڪامنديون هيون، سي آهن وولگا جي چمڙي جا گوڏن تائين ڊگها بوٽ، قاهره ۽ شيراز جون تلوارون، خراسان ڪيمخوا يزد ۽ ڪرمان جون لونگيون، طبريز جو اطلس وغيره. يورپ جا واپاري مشرقي شين لاءِ سون ۽ چاندي ڏيندا هئا. واپار جو ڪاروبار هنڊين رستي هلندو هو.

ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ سمنڊ رستي واپار لاڙي بندر سان هلندڙ هو. سمنڊ تي پورچوگيزن جو قبضو هو. هنن لاڙي بندر ۾ تجارتي ڪوٺي قائم ڪئي، گمرگ ڪسٽم اُڳاڙڻ شروع ڪئي. سنڌ جو واپار عربن ۽ آفريقا سان به هلڻ لڳو. عربستان ۽ ايران جا سوداگر تيزاب، کنڀات ۽ لاڙي بندر تان گهوڙن جو واپار ڪري اتان ڪپهه، نير ۽ چمڙو خريد ڪندا هئا. محمد تغلق هي بندر قاضي علاؤالملڪ کي جاگير طور ڏنو. هن ئي زماني ۾ ابن بطوطھ سنڌ ۾ آيو. هو لاڙي بندر لاءِ لکي ٿو ته، ”لاڙي هڪ سٺو شهر آهي. هت سنڌو درياءَ سمنڊ ۾ ڪِري ٿو. هن شهر ۾ هڪ وڏو بندر به هو جتي يمن فارس ۽ ٻين هنڌن جا واپاري جهاز ذريعي مال آڻيندا هئا ۽ هِت انهن جون واپاري ڪوٺيون به هيون. هي بندر مالدار ۽ خوبصورت به هو. منجهانئس اٽڪل 20 لکن جو محصول ڪٺو ٿيندو هو.“ هن زماني ۾ لاڙي جي ڪري سنڌ جو واپار ساري دنيا سان جاري هو. ابن بطوطھ اسڪندريه ۾ سنڌي واپارين جي ڪوٺي ڏٺي هئي. لاڙي بندر تي مصر، شام ۽ عراق جا واپاري رهندا هئا. مغلن جي دور لاڙي بندر جي اوج جو دور هو. انوقت هي مشغول ترين بندر هو. ۽ هندستان جي پرڏيهي واپار ۽ سنڌ جي سامونڊي واپار جو مکيه هنڌ هو، جنهن پوءِ ڊچن ۽ انگريزن کي به ڇڪي آندو. هن بندر جو ڪنارو ڪشادو ۽ ويڪرو هو، جتي ٻن سون کان ٽي سئو جهاز، جيڪي ان وقت ۾ وڏي ۾ وڏا ليکيا ويندا هئا، اچي لنگر انداز ٿيندا هئا. لاڙي کان سمنڊ جو مال قافلن رستي ويندو هو. هِتان لاهور وڃڻ لاءِ چار هزار ٻيڙيون هر وقت تيار رهنديون هيون ۽ في ٻيڙي تي ٽن سؤ ٽنن جيترو مال چڙهندو هو. هن زماني ۾ انگريز تاجر به هِت آيا. جن ۾ هئملٽن جو نالو سرِفهرست آهي. هن ملبار کان ڏهن لکن پائونڊن جو سامان آندو هو. هن لاڙي بندر لاءِ لکيو آهي ته، ”سمنڊ کان 15 ميل پري، سنڌوندي جي هڪ شاخ جي ڪپ تي لاڙي بندر آهي، جتي ٻه سؤ ٽنن جا باربردار جهاز اچي سگهن ٿا. هت مسقط ۽ ٻين پاسن کان جيڪو مال ايندو هو، سو هن بندر تي اچي لهندو هو ۽ هِتان ٺٽي ڏانهن موڪليو ويندو هو.

لاڙي بندر جو عروج 18 صديءَ ۾ گهٽجڻ شروع ٿيو ڇو ته شاهبندر وجود ۾ اچي چڪو هو. ان کان سواءِ سنڌوندي جنهن جي وهڪري تي هي بندر هو، اها منهن مٽائڻ لڳي. ڊاڪٽر ڇٻلاڻي لکي ٿو ته، ”درياءَ جو پيٽ واري ۽ رَءُ سان ڀرجي پيو ۽ بندر تائين دريائي آمدرفت مشڪل ٿي پئي. ان دوران ٻيا بندر جهڙوڪ: اورنگا بندر، شاهبندر، راجا بندر ۽ ڪراچي بندر اُسري پيا ان ڪري هن بندر جي اهميت گهٽجي ويئي تان جو سندس نشان به نه رهيو.“ اهڙي طرح هي تاريخي بندر ۽ وسندڙ شهر هميشه لاءِ ختم ٿي ويو. صرف تاريخ جي ورقن ۾ سندس نالو وڃي رهيو آهي.

 

ننڍا بندر

 

قرآن مجيد ۾ آهي، ته اسان هر شيءِ جي زندگيءَ جو سبب پاڻي کي بڻايو آهي، ڇو ته ان کان سواءِ ڪابه شيءِ زنده رهي نه ٿي سگهي. ٻيءَ جاءِ تي آهي ته:”الله هر چرندڙ پُرندڙ شيءِ کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو.“ الله تعاليٰ جي قدرت سان سنڌو ندي قدرت جي انهن عظيم انعامن مان هڪ آهي. جيڪا الله پاڪ سنڌين کي عنايت ڪئي آهي. چون ٿا ته: ”جنت مان چار درياء نڪرن ٿا: نيل، فرات، جيحون ۽ سيحون. انهن دريائن مان سيحون سنڌو درياء آهي. سنڌو سنسڪرت لفظ ”سيند“ مان نڪتل آهي،جنهن جي معنيٰ آهي: ’وهڻ‘ سنڌو معنيٰ اها ندي، جيڪا سدائين پئي وهي ۽ ان وهندڙ ندي سنڌ کي سرسبز بنايو. خوشحال بنايو، زندگي بخشي ۽ جياپي جو مدار بڻي. سنڌوءَ ۾ ئي سنڌين جو جياپو آهي.“

سنڌوءَ جي سنڌ ۾ سلطنت ۽ سرداري رهي آهي. هو ازل کان آهي. ۽ ابد تائين وهندي رهندي. هن ئي نديءَ جي پاڻيءَ تي قومون آباد ٿيون ۽ نيون تهذيبون وجود ۾ آيون. هن جي ئي ڪناري تي جنم وٺندڙ عظيم تهذيب جي روشني جيڪا نيل، فرات، ۽ دجلا ندين جي، ٻين قديم تهذيبن وارين ماٿرين تائين پهتي، پر سائين، سنڌو جي طبيعت کي ڇا چئجي. ڪڏهن روح راڳن ۾ ته ڪڏهن بيتن کان بيزار، هن سوين آباديون آباد ڪري وري برباد ڪيون. وسندڙ وستيون، شهر، بازارون ۽ بندر پَل ڀر ۾ ٻوڙي ۽ لوڙهي ڇڏيا، ته ڪٿي وري ويران ۽ اُجڙيل جايون سرسبز ۽ آباد ڪيون. گهڙي گهڙي رخ ڦيري، هڪ پاسي نوان شهر ۽ بستيون، کيت ۽ باغ ٺاهيندي رهي آهي، ته ٻئي پاسي سرسبز ۽ آباد علائقن کي ٻوڙي زمين دوز ڪندي رهي آهي. ميجر راورٽي اهڙا ٽي سؤ نشان ڳولي لڌا آهن، جيڪي ڪن ڏينهن ۾ سنڌوءَ جي ڪناري تي آباد ۽ وسندڙ هئا، جتي زندگي مسڪرائيندي هئي. انهن بندرن جو تفصيلي ذڪر اڳ بيان ٿي چڪو آهي ۽ باقي ٻين جو مختصر تعارف هتي پيش ڪجي ٿو:

1. پاتال:- پاتال ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو عاليشان بندر ۽ وڏو واپاري مرڪز هو. ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ’قديم سنڌ‘ ۾ لکيو آهي ته: ”قديم زماني ۾، ڪراچي ضلعي، لاڙ ۾ ’پاتال‘ نالي هڪ ناميارو بندر هو، جتان سنڌو ندي ٻه شاخون ٿي وهندي هئي. عيسوي سن کان سوا ٽي سؤ ورهيه اڳ، سڪندر سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تنهن وقت’پاتال‘ نهايت مشهور بندر هو. جنهن ڪري يوناني تاريخ نويسن، ان جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. سڪندر هتي گودي به ٺهرائي هئي“. ميجر جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ ۾ ڄاڻايو آهي ته:”حضرت سليمان جي وقت ۾ دنگيون ۽ جهاز، سنڌو ندي جي پاتال بندر وٽ اچي بيٺا هئا. هتي سنڌو ندي اچي ڇوڙ ڪندي هئي. ڊيوڊ شڪورسن ”ائتلس آف ڪامرس“ ۾ لکي ٿو ته: ”مصر  ملڪ جا جهاز پاتال بندر تائين ايندا هئا.“

2. مينا ننگر:- هيءُ سنڌ جو قديم بندرگاهه هو، جيڪو مينا ذات وارن ٺهرايو هو. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڄاڻايو آهي ته:”’مين‘ قديم سنڌي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’مڇي‘ ان مان صاف ظاهر آهي، ته مين اهڙي هنڌ هو، جتي ڍنڍون ۽ ڍورا هئا ۽ هتي مڇيءَ جو شڪار جام ٿيندو هو.“ هيءُ لاڙ جو تجارتي مرڪز هو، هن کي هاڻي ٺٽي يا جهرڪ سان ڀيٽيو وڃي ٿو. هن تي پارٿيائي حڪمرانن جي حڪومت قائم هئي ۽ هتي پارٿي شهزادو يا گورنر رهندو هو.“ هتي ڪلداني، فنيفي ۽ مصري واپارين جا جهاز لنگر انداز ٿيندا هئا: جن ڏينهن ۾ سڪندر مقدوني سنڌ ۾ آيو، تن ڏينهن ۾ هيءُ هڪ مشغول ترين دريائي بندر هو، جتان مال پڙين رستي سامونڊي بندر ڏانهن ويندو هو. يوناني مؤرخ پيريپلن جي لکڻ موجب، هيءُ بندر ڀنڀور جي پٺيان هو. جڏهن جهاز ڀنڀور ۾ سامان لاهيندا هئا، تڏهن اهو دريائي رستي مينا ننگر جي بادشاهه جي دربار ۾ پهچندو هو. هتان وڏي مقدار ۾ اناج، چانور، ترن جو تيل، مکڻ، ململ، سوتي ڪپڙو، بيري گاهه ڏانهن برآمد ٿيندو هو. هتي سڪندر جي ڪاهه جا يادگار، قديم مختصر، ڇانوڻين جا بنياد ۽ وڏا وڏا کوهه اڄ به محفوظ آهن. ’مولائي شيدائي‘’تاريخ تمدن سنڌ‘ ۾ لکي ٿو ته: ”هتان ڪپهه به وڏي انداز ۾ ٻاهر ويندي هئي.“

3. ڪيٽي بندر:- شاهه بندر سنه 1819ع ۾ ڌرتي جي ڌُٻڻ ۽ سنڌو ندي جي رخ مٽائڻ سان جڏهن تباهه ٿي ويو، تڏهن ساڳي سرزمين تي هڪ ٻئي بندر جي ضرورت محسوس ٿيڻ لڳي. اهڙي طرح ڪيٽي بندر جو وجود پيو. هيءُ بندر ٺٽي کان ست ميل ڏکڻ اولهه طرف هو. هن بندر تي بمبئي، مدراس، ايراني نار، سون مياڻي ۽ مڪران کان مال ايندو هو. ’سيٺ نائو مل جون يادگيريون‘ جو مؤلف لکي ٿو ته:” ڪيٽيءَ ۾ 25-27 ماڻهو رهن ٿا. بندر عمارتي ڪاٺ ۽ ٻين ڳرين شين جي واپار لاءِ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي بندرن سان ساحلي تجارت لاءِ استعمال ٿيندو آهي.“

انگريزن جي حڪومت جي شروعاتي دور ۾، هن بندر وڏي ترقي ڪئي. ايسٽ انڊيا ڪمپني 641200 واپاري شيون هن بندر تان ٻاهر روانيون ڪيو، جن جي ماليت به ساڳي هئي، اهڙيءَ طرح هن بندر سنڌ جي معيشيت ۾ عظيم ڪردار ادا ڪيو. هن بندر کي ٽي دفعا درياء لوڙهي ويو ۽ کيس وري وري درياء جي ڪپ تي نئين سر تعمير ڪيو ويو.

4. گهوڙاٻاري:- هيءُ بندر ڪنهن زماني ۾ سمنڊ کان ڪجهه مفاصلي تي، ڪراچي کان 13 ميل پري سنڌو درياء تي هو ’يادگيريون‘ جو مؤلف لکي ٿو ته: ”گهوڙاٻاري سنڌ ۾ ڪراچي کان پوءِ، ٻين سڀني کان اهم بندرگاهه آهي، پر درياء جي ڦير ڦار جي ڪري اهو شهر بار بار نئين سر تعمير ڪيو پئي ويو آهي ۽ هي نئون اڏيل شهر، گهوڙاٻاري سڏبو رهيو آهي. انگريزن جي دور ۾ هيءُ مشهور بندر هو. سنه 1838ع ۾ انگريزن جي هڪ وڏي فوج ’سرجان ڪين‘ جي قيادت ۾ بمبئي کان گهوڙاٻاري آئي ۽ هتان رسد کڻي بامني ڪوٽ رواني ٿي ويئي. اندروني سنڌ جو مال سنڌو ندي رستي گهوڙاٻاري پهچندو هو، جتان ڪراچيءَ ۾ سامونڊي بندرگاهه تان ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هو. گهوڙاٻاري اڄ به ٺٽي ضلعي ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي.

4. سنڊي بندر:- جاتي شهر کان ڏکڻ اولهه طرف، چئن ميلن جي مفاصلي تي هي بندر، سنڌو ندي تي هو. سنه 1897ع ۾ هيءُ مشهور ۽ مشغول ترين بندرگاهه هو. هن بندر تي هروقت ٻيڙيون موجود هونديون هيون. هن بندر تان اناج جو واپار تمام گهڻو ٿيندو هو. لکپت ڏانهن جانورن جي روانگي هن بندر تان ٿيندي هئي. ايسٽ انڊيا ڪمپني سنه 1911ع کان سنه 1916ع تائين هن بندر تي 2350117 رپين جو مال آندو ۽ ساڳين سالن ۾ 84044 رپين جو مال هتان روانو ڪيو.

6. وڪر بندر:- سنڌو درياء جي ڊيلٽا وٽ سمنڊ کان ويهه ميل پري ’وڪر بندر‘ هو. اتي هڪ چڱو خاصو ڳوٺ به هو. سنه 1837ع ۾ ڪمانڊر ڪارلس، درياء جي ڊيلٽا جي ماپ ڪرڻ وقت هن بندر کي ڏٺو. ’وڪر جي قلعي‘ وٽ جهاز اچي بيهندا هئا. هڪڙو جهاز 28x 27 فوٽ هو، جنهن تي چوڏنهن ننڍيون توبون رکيل هيون. هي ٻه سؤ ٽن بار کڻي سگهندو هو ۽ هيءُ جهاز لڙائي ۾ به ڪم ايندو هو. هن جهاز کي سنڌي ماڻهو ’ارمات‘ چوندا هئا.

ٽالپرن جي دور ۾، هن بندر کي وڏي اهميت حاصل هئي. سنه 1836ع ۾ ٽالپر حڪمرانن کي، هن بندر تان هڪ لک رپين کان به وڌيڪ محصول حاصل ٿيو. هن بندر تان مانڊوي انجبار، جهونا ڳڙهه، بمبئي، پوربندر ۽ ملبار کان سواءِ سون مياڻي، گوادر ۽ مسقط سان واپار هلندو هو، جنهن ۾ چانور، گيهه ۽ ٻيو مال شامل هوندو هو. هيءُ بندر، انگريزن جي حڪومت واري دور ۾ جامڙي شاخ جي سُڪي وڃڻ ڪري بند ٿي ويو.

7. وينجهرو:- هيءُ ماڳ نواب شاهه ضلعي ۾ سڪرنڊ تعلقي ۾ موجوده سڪرنڊ شهر کان قاضي احمد ويندڙ قومي شاهراهه جي ڏکڻ ۾ ’مشائخ شاخ‘ جي وٽَ سان اُڀرندي طرف واقع آهي. پراڻي زماني ۾ هيءُ شهر سيوهڻ کان 13 ڪوهن جي مفاصلي تي واقع هو، جنهن ۾ سميجا ۽ انڙ رهندا هئا. ’تاريخ مظهر شاهجهاني‘ ۾ آهي ته: ”هيءُ شهر سنڌ جي هڪ قديم ذات’وينجهر‘ جي ماڻهن آباد ڪيو. هيءُ شهر ڍنڍ جي ڪناري تي آباد هو ۽ سنڌو درياء جي الهندي طرف کان وهندو هو“. هن شهر ۾ هڪ مضبوط قلعو هو، جيڪو 13 ايڪڙن تي ڦهليل هو. هن کي چوڌاري ڪچي مٽيءَ جي ڀت ڏنل هئي ۽ کيس ڌار دروازا هئا. مغلن جي دور ۾ قلعي مان سميجن کي تڙي ان جي نئين سر اڏاوت ڪرائي ويئي. ان ۾ مغل فوج توب خاني سان ويهاري ويئي ۽ ڦاسي گهاٽ ٺاهي، آزادي لاءِ وڙهندڙ سنڌي جوڌن کي لڙڪايو ويو.

وينجهر درياء جي ڪپ تي هئڻ ڪري واپار جو مرڪز هو ۽ هتي هروقت ٻيڙا سامان سان ڀرجي ايندا هئا. نامياري محقق قريشي حامد علي خانائي پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته: ”وينجهرو، سنڌ جي لاکاٽ پرڳڻي جو هڪ قديم شهر هو. گويا هيءُ شهر لاکاٽ ۽ خطي پرڳڻي جو دريائي پتڻ هو. واپاري قافلا ۽ فوجي نقل و حرڪت جو هيءُ مکيه مرڪز هو. لاکاٽ ۽ خطي پرڳڻي جو اناج ۽ ٻيو واپار  هن پتڻ جي ذريعي گجرات ۽ ڪاٺياواڙ سان هلندو هو.“ چون ٿا ته: ”هيءُ شهر اورنگزيب عالمگير جي حاڪميت  جي ڏينهن ۾ برباد ٿيو. حملي آورن شهر کي ڦري لٽي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. اڄ به ان جا نشان شهر جي سڙيل گهرن ۽ ڀتين مان پسجي رهيا آهن.“       

قلعو مروٽ بندر

قديم قلعو مروٽ درياءَ هاڪڙي  جي ڪناري تي واقع هو. هن قلعي جو معمار چتور جو حاڪم’ راجا مهروٽ‘ هو. بهاولپور گزيٽيئر مطابق هن جي دروازي تي هڪ سر تي لکيل هو: ”سنبت 1548 پرکي پوهه سوري مروٽ پاٿا ملڪ ڄام’سومرا ڪوٽ‘ پڪي کيل ڦرائي.“

هن مان معلوم ٿئي ٿيو، ته هيءُ قلعو ڄام سومري جي قبضي ۾ هو، ۽ ان جي مرمت سنه 1491ع ۾ ڪرائي. قلعي جي مسجد مغل بادشاهه اڪبر اعظم ٺهرائي.

ملتان ۽ دهلي جي عام شاهراهه تي هئڻ ڪري تجارتي قافلا قلعي مروٽ تي ڊاٻو ڪندا هئا. هيءُ رستو هانسي ۽ سرسه کان ٿي هتي ايندو هو. طبقات ناصريءَ جو مصنف منهاج الدين لکي ٿو ته:

”مروٽ ننڍو شهر آهي،  قلعو بند آهي، دهلي ۽ اُچ جي وچ ۾ آهي.“ هاڪڙي درياء جي سڪڻ ڪري مروٽ تباهه ٿي ويو. دفاعي لحاظ کان هن جي اهميت ختم نه ٿي. سنه 1749ع ۾ والي بهاولپور نواب مبارڪ خان هيءُ قلعو جيسلمير جي راجا کان کسي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.

ملتان بندر

تاريخ شاهد آهي، ته سنڌ پنهنجي قدامت ۽ وسعت جي لحاظ کان ساري دنيا ۾ منفرد مقام والاري ٿي. قديم زماني ۾ سنڌ پنهنجي پکيڙ جي لحاظ کان تمام وسيع ۽ ڪشادو ملڪ هو. ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر جو رايو آهي ته: ”اهو قديم سنڌ وارو ملڪ اتر ۽ سائبيريا، ڏکڻ ۾ ڪرهند، الهندي ۾ دجلا درياء ۽ اڀرندي ۾ چين واري سمنڊ تائين ڦهليل هو. ان ڪري هن چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو، ته انهيءَ زماني ۾ ذري گهٽ سمورو ايشيا کنڊ، سنڌ جي نالي سڏبو هو.“ مسلمانن جي اچڻ وقت سنڌ جون حدون، هن طرح هيون: اتر ۾ جهلم ندي تائين، جنهن ۾ ڪشمير جا هيٺيان حصا ۽ هندو ڪش جبل، اتر اولهه ۾ هيلمند نديءَ تائين، جن ۾ مڪران به شامل هو. ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪڇ جو رڻ ۽ اوڀر ۾ راجپوتانا ۽ جيسلمير جي سرحد تائين سنڌ هئي. خاص ڪري عرب مؤرخن، ملتان کي سنڌ ۾ ڳڻيو آهي، ان ڪري اسين هت سنڌ جي هن پراڻي بندرگاهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري  سمجهون ٿا.

ملتان دنيا جو تمام پراڻو تاريخي شهر آهي. چون ٿا ته ملتان جو اصلي نالو ’ميسان‘ هو. ڪن مؤرخن جو رايو آهي، ته جڏهن ملتان ۾ اديتيه مندر جو وجود پيو، تڏهن ان کي ’مول اسٿان‘ چيو ويو. ابن الشير لکي ٿو ته: ”اديتيه ديوتا جي ڪري ئي هن شهر کي ’مولتان‘ سڏيو ويو. هيءُ بت صدين کان هتي هو ۽ هن تي ڪيترن ئي تحفن جي بارش ٿيندي هئي. هن کي عربن (بيت الذهب) به سڏيو. هندن جي ڪتابن ۾ ملتان کي ’ڪشپ پور‘، ’هنس پور‘ ۽ ’سنڊ پور‘ سڏيو ويو. ڪن جو چوڻ آهي، ته ’مولتان‘ جو نالو ’مالي آسٿان‘ هو. ’مالي‘ هندن جي هڪ ذات، جيڪا هتي ڪثرت سان رهندي هئي. هن ذات وارن سڪندر مقدونيءَ سان به مقابلو ڪيو. ملتان تمام پراڻو شهر آهي.“ تاج الدين مفتي جو چوڻ آهي ته: ”حضرت نوح عليھ السلام جي طوفان وقت ملتان آباد هو.“ جڏهن بيروني ملتان ۾ آيو تڏهن کيس ٻڌايو ويو ته: ”هيءُ شهر 2 لک 14 هزار 4 سؤ ٽيهه سال پراڻو آهي. آرين جي اچڻ کان چار هزار سال اڳ هيءُ شهر آباد هو ۽ هتي دراوڙ رهندا هئا. پراڻي زماني ۾ ملتان نهايت وسيع علائقو هو.“ سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته: ”ملتان جو مطلب صرف هڪ شهر نه هو، پر رياست هو.“ مصر جي وزير مهابلي لکيو آهي ته:”هن جون حدون تمام ڪشاديون هيون. مڪران ۽ منصوره تائين هن جي وسعت هئي. درياء سنڌ وارو قنوج به هن ۾ هو. ان دؤر ۾ ملتان ۾ هڪ لک 55 ڳوٺ هئا.“ سانگ چين سنه 241ع م ملتان آيو. هو لکي ٿو ته: ”ملتان 5 ملين جي ايراضي تي پکڙيل آهي، ملتان تمام ڳتيل آبادي وارو شهر آهي، هتان جا ماڻهو تمام امير آهن، ۽ هتان جي مٽي به نهايت زرخيز آهي. آبهوا خوشگوا ر آهي. ماڻهو نهايت سادا ۽ ايماندار آهن. هڪٻئي جي عزت ڪن ۽ نيڪ اقدار سان محبت رکن ٿا. گهڻا ماڻهو روحن لاءِ قرباني ڪن ٿا. هن ٻڌ مذهب جون ست خانقاهون ۽ هندن جا اَٺ مندر آهن. هڪ مندر جيڪو سورج ديوتا جو آهي. پيلي سون جو ٺهيل آهي ۽ ان کي قيمتي جواهرات سان سينگاريو ويو آهي. مندر ۾ مختلف ذاتين جي ماڻهن جا نمائنده رهن ٿا.“ ملتان قديم زماني کان ئي تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز رهيو آهي. ابن حنيف ”سات دريائون ڪي زمين“ ۾ لکي ٿو ته: پراڻي زماني ۾ هڙپا ۽ موئن جو دڙو عظيم تهذيب جا مرڪز هئا، جن جي وچ ۾ چار سؤ ميلن جو مفاصلو هو. هنن ٻنهي شهرن جي وچ ۾ هڪ اهڙوشهر ضرور موجود هو جيڪو سياسي، فوجي، معاشي ۽ تجارتي لحاظ کان وچ واري علائقي کي ڪنٽرول ۾ آڻي پئي سگهيو، جنهن جي منڊين ۾ ڳوٺاڻا هاري، پنهنجون جنسون ۽ ٻيو سامان آڻي پئي سگهيا ۽ اهو هو ملتان. ملتان جاگرافيائي لحاظ کان، موئن جو دڙو ۽ هڙپا کان به وڌيڪ ضروري جاءِ تي آباد هو. ”ملتان تجارت جو مرڪز هو، جڏهن ته هيءُ شهر درياء راوي جي ڪناري تي آباد هو ۽ چناب ندي به هتي اچي راويءَ ۾ ملندي هئي. ان ڪري بحري لحاظ کان هيءُ شهر هڪ بندر هو. درياه گومل جي رستي تجارت ٿيندي هئي. هيءُ رستو ديره جات کان ٿيندو ملتان ويندو هو. انڪري پراڻي زماني ۾ افغانستان سان ملتان جو سڌوسنئون واپار هلندو هو. منشي عبدالرحمٰن لکي ٿو ته: ”تاريخي ۽ تاريخ کان اڳ واري دؤر ۾، تاجر ۽ تاجران جا قافلا ملتان ايندا ويندا هئا. آبي رستن ۽ خشڪي جي رستن ذريعي ملڪي ۽ بيروني آمد و رفت ٿيندي هئي. جيئن ته ملتان نه صرف ملوها پر سنڌ جي وچ ۾ هو، ان ڪري دريائي ۽ بحري تجارت کي ڪنٽرول ڪري پئي سگهيو. منهنجي خيال ۾ واديء سنڌ جي هڙپائي دؤر کان وٺي آرين جي آمد تائين ملتان کي تجارتي اهميت حاصل هئي. ان ڪري کيس نه صرف ملوها پر هڙپا ۽ موئن جي شهرن ۾ به کيس منفرد مقام حاصل هو.“ مختلف شاهدين جي روشنيءَ ۾ هيءَ ڳالهه پوري وثوق سان چئي سگهجي ٿي، ته بَري رستن کان علاوه پاڪستان جي طويل ساحل ۽ دريائن جي ذريعي نه صرف اندروني پر بين الاقوامي تجارت ٿيندي هئي ۽ اندروني تجارت جي سلسلي ۾ پنهنجي بيهڪ جي لحاظ کان ملتان خاص ڪردار ادا ڪندو رهيو هو. ملتان ۽ اُچ شريف هزارين سال اڳ وچ پاڪستان جا نهايت اهم ترين بندرگاهه هئا ۽ انهن جي رستي تي نه صرف پاڪستان جي هيٺين حصن جي تجارت هلندي هئي پر تجارتي جهاز هتان ٿيندا سمنڊ تائين ويندا هئا ۽ اُتان پوءِ ملوها ۽ امون جي تجارتي مال کي جهازن ذريعي کڻي، ماگان جي سامونڊي ڪنارن کان ٿيندا، عراق ويندا هئا. پراڻي زماني ۾ نه صرف ملتان ۽ اُچ پر هڙپا جو شهر پٽيالا ۽ پوءِ مٿي ڪلاوتي درياء سنڌ ۽ پنجاب جي پنجن دريائن سان ٿيندڙ تجارت جي ڪري مشهور هئا.

ملتان کي تاريخ جي هر دؤر ۾ تجارتي اهميت رهي آهي. بساري لکي ٿو ته: هتي ميوو سستو آهي، واپار چڱو ۽ وڌندڙ آهي. واپاري ڏيتي ليتي ايمانداريءَ سان ڪن ٿا، فارغ البالي ڪري، ماڻهن جي زندگي، عيش ۽ آرام سان گذري ٿي. آبادي گهڻي ڳتيل آهي. واپاري واپار ۾ ڪوڙ نه ڳالهائيندا آهن ۽ نه ڪي ماپ ۾ گهٽ وڌ ڪندا آهن. ضرورت ۽ آرام جون گهڻيون شيون آهن. شهر سهڻو آهي.“ ساڳئي طرح ابن حوقل لکي ٿو ته: ”هتي سستائي آهي، تجارت سٺي هلي ٿي، واپار ۾ ڪوڙ ناهي.“

بهرحال عربن جي آمد وقت سنڌ جي اترئين حصي جو هي وڏي ۾ وڏو شهر ملتان تجارت کان سواءِ علم، ادب، ثقافت، اسلامي درسگاهن کان به مشهور هو. تعليم ۽ تبليغ جي عروج ڪري کيس سنڌ جو بغداد، سڏيو ويندو هو. عرب دنيا مان ڪيترائي بزرگ لڏي هتي اچي رهيا ۽ مدرسا کولي درس ڏنائون. خود هتان جي عالمن به علمي دنيا ۾ وڌيڪ نالو ڪڍيو. جن ۾ هارون بن عبدالله ملتاني، جعفر محمد بن عبدالله، شيخ رڪن الدين، شيخ صدرالدين، شيخ عمادالدين وغيره جا نالا قابل ذڪر آهن. ان دؤر جي خاص ڳالهه هئي، ته ملتان ۾ عربيءَ سان گڏ سنڌي ٻولي به عام طور تي ڳالهائي ويندي هئي. مشهور مسلمان جاگرافيدان ابن حوقل جو چوڻ آهي ته: ”منصوره ۽ ملتان جي اڪثر حصن ۾ عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.“

ملتان اڄ به سنڌ جو قريبي ۽ پاڙيسري شهر آهي، جنهن جي در و ديوار مان سنڌي تهذيب ۽ تمدن جو ڏيک جهلڪ ڏيندي نظر اچي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org