سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌوءَ جا بندر ۽ بازارون

باب:

صفحو:3 

روهڙي بندر
 

روهڙي، حسن ۽ عشق جي سرزمين، پيار ۽ محبت جو ماڳ، درويشن ۽ الله لوڪن جو مرڪز، جنهن جي خاڪ پاڪ سوين عالمن، بزرگن، شاعرن ۽ ولين کي جنم ڏنو، تنهن جي ذري ذري ۾ ۽ قدم قدم تي الله جي پيارن جون مزارون آهن. هن شهر کي سوا لک پيرن جو شهر، ان ڪري ئي چيو ويو آهي، جو اتي خدا جي نيڪ ۽ پيارن ٻانهن، جون درگاهون ۽ مزارون گهڻي انداز ۾ آهن، جن خدا جي ٻانهن مان بغض، ڪينو ۽ ڪدورت  ڪڍي خدا جي هيڪڙائي ۽ ٻانهن سان پيار ڪرڻ جو درس ڏنو ۽ اهڙي طرح هتان جي رهاڪن ۾ انسان دوستي ۽ پاڻ سڃاڻڻ جا گڻ پيدا ڪيا.

روهڙيءَ جي سرزمين تمام اوائلي آهي. هينري ڪزنس ”ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته: ”هن شهر ۾ پٿر واري دور جي دراوڙن جي وستين ۽ غارن جا آثار جا بجا ملن ٿا.“ سر جان مارشل جو چوڻ آهي ته: ”نئين پٿر جي دور جي انسانن جي اجهن جا اڪيچار آثار، سنڌ ۾ لڪي ۽ کيرٿر جبلن جي قطارن ۽ روهڙي وارين ٽڪرين ۾ واقع آهن.“ ايڇ-ٽي-لئمبرڪ جو چوڻ آهي ته:”موئن جي دڙي واري تهذيب کان به گهڻو اڳ ڪا قوم اولهه کان اچي، درياء ٽپي روهڙي وارين ٽڪرين تي آباد ٿي هئي، انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو، ته روهڙي جي ڌرتي تمام آڳاٽي آهي.“

روهڙي جو شهر به پراڻي زماني کان آباد هو. ٽريمورائل ۽ مسٽر جان ٽيٽ، انهيءَ راءِ جا آهن، ته ”پٿر جي دور ۾ هن ٽڪريءَ تي ڪا قوم رهندي هئي.“ روهڙيءَ جا اهي ماڻهو تمدن ۽ تاجر لوڪ هئا، جيڪي درياء جي ڪپ تي رهڻ ڪري ٻيڙين ٺاهڻ ۽ هلائڻ جا ماهر هئا. سنڌ گزيٽيئر ۾ روهڙي کي ’لوهري‘ سڏيو ويو آهي، جنهن لاءِ چون ٿا، ته اها لوهر قوم هئي ۽ ان ڪري ئي جي. اي. ويسٽ هن شهر جو پراڻو نالو ’لوهرڪوٽ‘ لکيو آهي. اسان جي ڏيهي مؤرخ مولائي شيدائي جو رايو آهي ته: ”روهڙي، دراصل ’روڙي‘ ڀاشا جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ننڍو پٿر يعني ٽڪري.“ سنه 954ع ۾ جڏهن الور کان درياء رخ بدلايو، تڏهن اتان جا ماڻهو لڏي اچي هتي رهيا. مرزا قليچ بيگ جو به ساڳي رايو آهي، ته الور جي ڦٽڻ کان پوءِ ماڻهو اتان لڏي اچي هتي رهيا، پر هيءَ حقيقت آهي ، ته هيءُ شهر ڪيترائي دفعا ويران به ٿيو، ته آباد به ٿيو. ريورٽي مهراڻ آف سنڌ ۾ لکيو آهي ته:” آبڪلاڻيءَ جي مندن ۾ مهراڻ پنجاهه فوٽن جي بلندي تي شهرن جي ديوارن هيٺان وهندو هو.“

روهڙي جي سرزمين به تاريخ ۾ ڪيئي دور ڏٺا. جڏهن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن سان هتان جي ماڻهن چڪريون کاڌيون ۽ ديس مان ڌارين کي ڪڍڻ لاءِ سر ۽ تن جا سودا ڪيا، تڏنهن هنن انهن تلوارن جا ڌڪ سهي به آڻ نه مڃي ۽ مغل شهزادي اورنگزيب، دارا کي قتل ڪرايو، تڏهن روهڙي جو شهر موجود هو ۽ هيءُ رت هاڻو نظارو اکين سان ڏٺو.

روهڙي درياء جي ڪپ تي هئڻ ڪري تجارتي ۽ صنعتي شهر هو. هو واپار جي منڊي هو هتي تجارتي سامان سان، ٻاهران ٻيڙا ڀرجي ايندا هئا. هن شهر ۾ آگري کان قافلا سورنهن ڏينهن ۾ پهچندا هئا. هتي واپاري مال جي مٽا سٽا ٿيندي هئي. هتان مال سنڌو درياء رستي هيٺين ۽ مٿين ايراضين ڏانهن ويندو هو. ٽالپرن جي دور تائين هيءُ شهر ٻيڙين جو شهر سڏبو هو. هيءُ شهر بلوچستان، پنجاب ۽ افغانستان لاءِ اهم تجارتي مرڪز جي حيثيت سان مشهور هو. اڳ سنڌونديءَ رستي اوڀر ۽ اولهه- اُتر توڙي ڏکڻ جي ملڪن سان هتان جو واپار روهڙي رستي هلندو هو. انگريزن هن شهر کي ترقي ڏيارڻ، سکر سان ڳنڍڻ لاءِ ۽ آمدرفت جي سهولت خاطر سنه 1889ع ۾ هڪ پل ٺهرائي، هن پل جي ٺهڻ ڪري ڪراچي کان وٺي پنجاب تائين ريل گاڏي هلڻ شروع ٿي ۽ واپار کي هٿي ملي. ان کان سواءِ روهڙي کي ڪوئيٽا ۽ پشين سان به ملايو ويو. اهڙي طرح روهڙي شهر تجارت ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لڳو. ان وقت روهڙي هڪ ڳتيل ۽ آباد شهر هو ۽ منجهس تمام گهڻي آبادي موجود هئي، جنهن ۾ هر قسم جا ڪاريگر ۽ هنر مند موجود هئا. جوزف سئلبئنڪ، جيڪو سنه 1909ع ۾ هتي آيو، لکي ٿو ته: ”هتي جا شهري پنهنجن پنهنجن ڌنڌن ۾ محنتي ۽ ڪاريگر آهن، اڪثر هتان جا ماڻهو سوٽي ڪپڙي، نير ۽ ٻين شين جو واپار ڪن ٿا. اهي هلت چلت ۽ وهنوار ۾ ڏاڍا سڌا سنوان ۽ امن پسند ماڻهو آهن. ان زماني ۾ روهڙي ڪپڙي جي صنعت ۾ ديسان ديس مشهور هو. 24 جنوري سنه 1839ع ۾ انگريزي فوج، لارڊ اسڪندر برس جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ٽيم جاگرافيائي ۽ تجارتي تحقيقات لاءِ احمد پور کان روهڙي موڪلي، هن علائقي جو جائزو وٺي، بکر، سکر ۽ روهڙي جا بندر پنهنجي ڪم لاءِ ورتا.

قديم زماني کان وٺي، روهڙي اتر سنڌ جو هڪ سهڻو، سکيو ۽ ستابو شهر هو. مغلن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي ڏينهن ۾ روهڙي هنر ۽ ڪاريگريءَ جو وڏو مرڪز هو. سنه 1609ع ۾ هيءُ شهر ريشمي ڪپڙي، نير جي اپت ۽ باغات لاءِ مشهور هو. ابن حوقل، ادريسي، ابوالفضل ۽ ٻين سياحن ۽ يورپي مؤرخن هتان جي باغن، ميون، گلن، کارڪن، مڇي ۽ پلن جي واپار جي گهڻي تعريف ڪئي آهي. پورچوگيز سياح مانر (1241ع) لکي ٿو ته: ”اتر سنڌ ۾ روهڙي باغات جي ڪري مشهور آهي ۽ کيس سنڌ جو چمن ڪري سڏجي ٿو.“ پوسٽنس، هن شهر کي واپار جو مرڪز ۽ وڏو بندر سڏيو آهي.

وليم فنچ(11-1608ع) ٻڌائي ٿو ته:”سنڌ جي عظيم شهر ٺٽي ۽ بکر سان گڏ روهڙيءَ جو ڪپڙو ”دريائي“ ديسان ديس مشهور هو، ايراني واپاري وڏي شوق سان خريد ڪندا هئا. خراسان جا قافلا سياري ۾ بکر ۽ روهڙي ايندا هئا ۽ آگري جا واپاري قافلا سورنهن ڏينهن ۾ روهڙي پهچي ويندا هئا. اهي واپاري، روهڙي شهر مان ملتاني سوٽي ڪپڙو، ريشم ۽ رنگ خريد ڪندا هئا.

پاٽنجر جو چوڻ آهي، ته روهڙي ۾ کجين جي وڻن جا جهڳٽا ۽ باغ پري پري تائين هليا ويندا هئا. روهڙي لاءِ پوسٽنس چوي ٿو، ته:”روهڙي اڳ ۾ واپاري اهميت رکندڙ شهر هو، پر خيرپور جي ميرن جي هٻڇ ۽ ظلم ڪري ڦٽي ويو. گهڻا ماڻهو شهر مان لڏي ويا ۽ سندس شاهوڪار واپاري، ٽالپرن جي ظلمن جي ڪري شهر ڇڏيندا ويا ۽ گهٽبا ويا.“ خاص ڪري هتان جي ڪپڙي ”دريائي سر“ جي وڏي ساک هئي.

روهڙي شهر پراڻي زماني کان جنڪشن جو ڪم ڏي ٿو. انگريزن کان اڳ هيءُ ٻيڙين ۽ دنگين جو جنڪشن هو ۽ انگريزن جي دور ۾ ريلوي لائين ۽ لئنسڊائون پل ٺهڻ ڪري گاڏين جو جنڪشن بڻجي پيو. بلوچستان، ڪوئيٽا، پشين ۽ جيڪب آباد جو مال هتان ئي پنجاب، ملتان، حيدرآباد ۽ ڪراچي وڃڻ لڳو. ان ڪري هن شهر واپار ۽ صنعت ۾ وڏي ترقي ڪئي.

پراڻي زماني ۾ روهڙي کي سُڳنڌ ۽ سُرهاڻ ڪري”سنڌ جو چمن“ سڏيندا هئا. مانريق لکي ٿو، ته: ”اتر سنڌ ۾ روهڙي واري ٽڪري باغات جي ڪري مشهور آهي ۽ کيس سنڌ جو چمن چوندا هئا.“ بوسٽن لکي ٿو ته: ” روهڙي ۾ بهترين قسم جا عاليشان باغ آهن ۽ اونهاري جي موسم شروع ٿيڻ سان سڄو ملڪ گلن خاص ڪري گلاب جي گلن سان ڍڪيو پيو هوندو آهي. هن مان صاف ظاهر آهي، ته هيءُ سندر سُهڻو ۽ من مهڻو شهر هو، جنهن جا رهواسي به خليق، ملنسار، عالم ۽ اديب هئا. جڏهن ابن بطوطه ٻيڙين رستي هتي آيو، تڏهن هتان جي ماڻهن سندن وڏي آجيان ڪئي. روهڙيءَ جا رضوي ۽ موسوي سادات ماضيءَ کان وٺي هن دور تائين علميت جي مسند تي فائز رهيا آهن.“

روهڙي اڄ به خاص اهميت رکندڙ ۽ تجارتي شهر آهي، جتان هر سال هزارين ٽن سيمينٽ ٻاهر وڃي ٿو ۽ ساليانو هزارين مڻ ڇوهارا ۽ کارڪون ٻاهرين ملڪن کي موڪليون وڃن ٿيون. ريلوي لائين ۽ روڊ ٺهڻ ڪري هن شهر جي دريائي حيثيت هاڻي ختم ٿيل آهي، پر سندس  تجارت عروج تي آهي. اهي ٻيڙيون جيڪي ڪڏهن انهن شهرن ۽ ڏورانهن ڏيهن مان مال سان ڀرجي هتي اينديون هيون، اهي هاڻي مڇين مارڻ ۽ ماڻهن جي سير تفريح لاءِ وڃي بچيون آهن.  

منصوره بندر

 

 

محمد بن قاسم جي سنڌ مان واپس وڃڻ کان پوءِ، سنڌ مٿان عرب گورنر مقرر ٿي ايندا هئا. جن جي سياسي مصلحتن ۽ ستت تبديلين ڪري، سموري ملت ۾ بدانتظامي پيدا ٿي پئي. ڪيترن ئي ڏيهي سردارن ان ڪمزوريءَ جو فائدو وٺي، خودمختياري جو عَلَمُ کڙو ڪيو. ان بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ عرب جي مرڪزي سرڪار طرفان حڪم بن عوام قلبي سنڌ جو گورنر ٿي آيو. هيءُ هڪ جبرو حاڪم ۽ سٺو منتظم هو. هن پاڻ سان گڏ عمرو بن محمد بن قاسم کي به آندو. عمرو گورنر جي حڪم سان، سنڌ جو سمورو اندروني انتطام درست ڪيو ۽ جيڪي علائقا خود مختيار ٿي ويا هئا، تن کي ٻيهر فتح ڪيو. انهيءَ فتوحات جي خوشيءَ ۾ عمرو بن محمد قاسم، مهراڻ جي اُلهندي ڪناري تي موجود برهمڻ آباد کان، ٻن ميلن جي مفاصلي ته هڪ شهر اڏايو، جنهن جو نالو ’المنصوره‘ يعني فتح جي جاءِ رکيو ويو. اهو زمانو سنه 723ع کان سنه 738ع جو آهي. هيءُ شهر پکيڙ ۾ هڪ چورس ميل هو ۽ چوڌاري نديءَ جي شاخ هئس، ان ڪري هتي هر وقت تجارتي ٻيڙا موجود رهندا هئا.

’منصوره‘ جو شهر جيئن ته عرب حڪمرانن پنهنجي مرضيءَ ۽ ڇانوڻي طور ٺهرايو هو، ان ڪري هيءُ شهر تعميري لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. شهر جي چوڌاري عالم پناهه ديوار ڏنل هئي، جنهن کي چار دروازا هئا، جيڪي دشمن جي حملي وقت بند ڪيا ويندا هئا. انهن دروازن جا نالا هي هئا: باب البصر، باب طوران، باب سندان ۽ بابِ ملتان. هن شهر جي قلعي ۾ فوج لاءِ بالڪونيون هيون ۽ پنجاهه هزار فوج هر وقت تيار رهندي هئي. مسعدي لکي ٿو ته: ”منصوره جي فوج جو تعداد چاليهه هزار هو. ان فوج سان اسي جنگي هاٿي هئا ۽ هر هڪ سان پنجن سون پيادن جو دستو رهندو هو. منصوره ان دؤر ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهن جون حدون ديبل کان الور تائين ڦهليل هيون. رياست اندر 3 لک ڳوٺ هئا. هتان جون جايون دمشق وانگر ڪاٺ ۽ مٽيءَ جون جڙيل هيون. جيڪي ڪيترن ئي منزلن تي مشتمل هيون. هي باقائدي سرڪاري آفيسون هيون. اسپتالن، عدالتن ۽ رسد خانن جا جدا جدا کاتا هئا. چراگاهن لاءِ ميدان ڇڏيل هئا ۽ گهوڙن جي نسل جي افزائش  ڪئي ويندي هئي، سرڪاري محصول شريعت موجب وصول ڪيا ويندا هئا.

منصوره جا ماڻهو امير ۽ بااخلاق هئا. بشاري لکي ٿو ته: ”منصوره جا باشنده لائق، بامروت، مهمان نواز، صوم و صلات جا پابند ۽ فياض آهن. وٽن اسلام جي تازگي آهي. پاڻ اهلِ علم آهن. منجهن ذهانت ۽ زڪاوت آهي. هو نيڪ ۽ سخي آهن. خير خيراتون ڏاڍيون ڪن ٿا.“ ابن حوقل لکي ٿو ته: ”هتان جي ماڻهن ۾ بدڪاري ۽ شرابخوري ڪانهي، سرسبزي ۽ دولت گهڻي آهي.“ ساڳئي طرح ادرسي لکي ٿو ته: ”منصوره جو شهر گرم آهي. برسات گهٽ پوندي آهي ۽ ماڻهو درياء جو پاڻي پيئندا آهن. حڪومت منصفاڻي آهي. پردو سخت آهي، بازار ۾ ڪا به عورت سينگار ڪيل ڪانه ملندي ۽ نه وري  ساڻن ڪو بنا روڪ ٽوڪ جي ڳالهائي سگهندو. زندگي عيش عشرت، مسرت، خوشدلي ۽ مروت جي آهي. جسم ۾ تندرستي آهي. ماڻهن جو رنگ ڪڻڪائون ۽ ڪارو آهي.“

منصوره پنهنجي اوج واري زماني ۾ واپار جو مکيه مرڪز هو. سنڌو ندي تي هئڻ ڪري هتي هر وقت تجارتي ٻيڙا موجود رهندا هئا. اصطخري لکي ٿو ته: ”هي شهر هڪ چورس ميل ۾ آهي ۽ ان جي چوڌاري، سنڌو ندي ٻاروهي وهي ٿي، جنهن ڪري ٻيٽ وانگر ٿي پيو آهي.“ بلا ذري لکي ٿو ته: ”منصوره شهر سمنڊ جي ڪناري کي ويجهي هئڻ سبب عراق، عمان ، ايراني نار، گجرات ۽ مهراڻ ذريعي ملتان سان سندس واپار هلي ٿو. اهڙي طرح منصوره بري ۽ بحري تجارت جو مرڪز هو.  هن جو واپا ر ڏورانهن ڏيهن سان هلندو هو. مڪران ۽ خراسان جي رستي، واپاري قافلا، عرب ملڪن ڏانهن ويندا هئا. منصوره کي ٻين مکيه شهرن سان واپاري رستن ذريعي ڳنڍيو ويو. جهڙوڪ: ”ديبل کان ارما بيل، منجابري درڪ ۽ ڏکڻ اڀرندي ڪاٺياواڙ سان ڳنڍيل آهي. ادريسي جو چوڻ آهي ته: ”منصوره جيڪو وچئين دؤر جي ٽن وڏن شهرن بغداد، ايمبيسيا ۽ ميسوپوٽيما سان گڏ شمار ڪيو ويندو هو. جيڪو هڪ زرخيز ملڪ جي وچ ۾ تفريح ۽ خوشحالي جي مقام سان گڏوگڏ وڏو شاهوڪار ۽ واپاري شهر هو.

 

ساڳئي طرح هو منصوره جي تجارتي اهميت جي باري ۾ لکي ٿو ته: ”هتي کجور ۽ ڪمند جي پيداوار تمام گهڻي آهي. هتي چانورن جي پوک ۽ باغات آهن. هتي ليمان ۽ نارنگيون به ٿين ٿيون. هتي تاجر گهڻا آهن.“ بشاري منصوره جي تجارتي اوج متعلق لکي ٿو ته: ”منصوره مان هاٿي، هاٿيءَ جا ڏند، جَڙي ٻوٽيون ۽ اعليٰ قسم جون شيون ٻاهر موڪليون وڃن ٿيون. هتان جون جُتيون مشهور هيون، جيڪي اصل ۾ کنڀات کان هتي اينديون هيون ۽ هتان بغداد وينديون هيون. هنن جُتين جو عرب دنيا ۾ وڏو قدر ڪيو ويندو هو.“ امام احمد بن حمبل لکي ٿو ته:” هتان جون ڀڀڪيدار جُتيون، آفريڪا، موراڪو، بغداد ۽ مصر جي الاقصيٰ شهر ۾  فقط شهزادا ۽ امير خريد ڪري سگهندا هئا. عجائب الهند ۾ آيل آهي ته قند هندي، ڪشمير کان چمڙي جي دٻن ۾ بند ٿي مهراڻ رستي چاليهن ڏينهن اندر، منصوره پهچندي هئي. منصوره باغن جوشهر هو. هتان جون نارنگيون مشهور هيون. ان کان سواءِ انب، ليمان، ۽ شفتالو به عرب دنيا ۾ هتان ويندا هئا. منصوره جو واپار نه صرف عرب دنيا پر اتر اوڀر ۾ ڪشمير سان، اُتر اولهه ۾ قنڌار سان، هندستان جي ساحلي ملڪن سان، جاوا، سوماترا، ۽ چين سان اولهه طرف عربستان خصوصاً عراق سان هلندو هو. ان بين الاقوامي واپار لاءِ سڪن جي مٽا سٽا لاءِ، منصوره ۾ هڪ وڏي منڊي به هوندي هئي، جنهن ڪري پرڏيهي واپار ۾ سهولت به ٿيندي هئي.

المنصوره جيئن ته اسلامي حڪومت جو تختگاهه هو، ان ڪري وڏا وڏا عالم ٻاهران لڏي هتي اچي رهيا ۽ هتان جا ديني مدرسا عالمي دنيا ۾ مشهور هئا.  هيءُ شهر علمي لحاظ کان دمشق ۽ بغداد ثاني هو. هتان جي عالمن ڪتابي دنيا ۾ معتبر ۽ مستند ڪتابن جو وڏو ذخيرو ڇڏيو آهي. منصوره ۾ قرآن مجيد جو پهريون سنڌي ترجمو ٿيو ۽ هتي پهريون ديني مدرسو کليو. منصوره جو بندر سنڌو ندي جي وهڪري ڦيرائڻ ڪري عيسوي 13 صدي جي وچ ڌاري تباهه ٿي ويو. اڄ هن تاريخي شهر جا کنڊرات سانگهڙ ضلعي جي سنجهوري تعلقي ۾ شهدادپور کان اٺن ميلن جي مفاصلي تي موجود آهن، جن جي کوٽائي آثار قديمه جي کاتي وارن ڪرائي هئي ۽ اهڙيءَ طرح هن تاريخي شهر پنهنجي دؤر ۾ عظمت کي نمايان ڪيو آهي.

 

نصرپور بندر

                        

 

هي سنڌ جو هڪ پراڻو تاريخي ۽ تهذيبي شهر آهي، جيڪو قديم زماني کان تهذيب، تمدن، علم ۽ عرفان جو مرڪز رهيو آهي. هيءُ شهر، دهليءَ جي شهنشاهه فيروز تغلق سنه 752هه ۾ ساڱري ڍنڍ جي ڪناري تي اڏايو ۽ اتي هن هڪ قلعو به ٺهرايو، جتي نصر خان کي هڪ هزار سوارن سان مقرر ڪيائين ۽ ’ملڪ بهرام‘ کي انهي علائقي جو فوجدار مقرر ڪيائين.

نصر پور جو شهر جيئن ته درياء جي ويجهو هو، ان ڪري سر سبز ۽ آباد هو ۽ ڏينهون ڏينهن سندس آبادي وڌندي ويئي. اهڙيءَ طرح ارغونن، ترخانن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ هيءُ شهر تجارت جو مرڪز ۽ فوج جو اڏو ٿي رهيو. ميان محمد مراد ياب ڪلهوڙي، تاجپوپوشيءَ وارو خوشي جو جشن به هن شهر ۾ سنڌو درياء جي باغن ۾ ملهايو. نصرپور سنڌ جو هڪ مشغول ترين بندر هو. شهر جي پکيڙ درياء جي ايراضي تائين پهتل هئي. محقق قريشي حامد علي خانائي لکي ٿو ته: ”سنڌو درياء ڪنهن زماني ۾ نصرپور جي ڀِڪَ سان وهندو هو، انهن ڪري هيءُ درياء جو پتڻ هو ۽ سامان جي لاهڻ کڻڻ، ٻيڙين جي لنگرانداز ٿيڻ ۽ مسافرن جي رهڻ لاءِ شهر ۾ مسافر خانا به جوڙيل هئا. هِتان مال، ٻيڙين رستي ٺٽي پهچندو هو ۽ اتان ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن ويندو هو.“

 

پٽالا بندرگاهه

 

سنڌ  سونهاريءَ جو البيلو ۽ سدا مست درياء پنهنجي ڀَر تي، جن مشهور ۽ وسندڙ شهرن کي بندرگاهن جي حيثيت بخشي، تن مان پٽالا به هڪ آهي هتي سنڌ جو هڪ پراڻو مرڪزي مندر هو، جيڪو سورج ونسي آرين ٺهرايو هو. هن مان صاف ظاهر آهي ته پٽالا سنڌ جو تمام پراڻو شهر هو. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي، ته هيءُ شهر، اصل ’پوٽا‘ لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ٻيڙي يا غوراب. پٽالا جيئن ته بحري ٻيڙين جو هڪ مشهور بندر هو، ان ڪري مٿس اهو نالو پيو. هن شهر تائين سامونڊي ٻيڙا، بي ڌڙڪ هليا ايندا هئا. هن بندر جي محل وقوع  جي باري ۾ لکن ٿا ته:”هيءُ درياء جي ڪناري تي هو. سنڌو درياء سندس اڀرندي طرف کان وهندو هو. هيءُ ديبل کان 75 ميلن جي مفاصلي تي هو. چين جو ناميارو ياتري ’هيون چانگ‘، جيڪو سنه 471ع ۾ هتي آيو، لکي ٿو ته: هيءُ شهر جنهن ٽڪريءَ تي ٻڌل هو ان جي ايراضي ساڍا ٽي ميل هم چورس هئي. هن وقت جامؤرخ لکن ٿا ته:”پٽالا ان ساڳئي هنڌ تي هو، جنهن کي هاڻي نيرون ڪوٽ سڏيون ٿا.“ علامه بلاذري’ فتوح البلدان‘ ۾ لکي ٿو ته: ”پٽالا سنڌوءَ جي اُلهندي ڪناري تي، ’ديبل‘ ۽ ’منصوره‘جي وچ ۾ آهي.“ الادريسي لکي ٿو ته: ”هيءُ شهر مهراڻ جي ڪپ تي آهي. ديبل کان منصوره ڏانهن ويندي ماڻهو درياء هتان اُڪرندا آهن. شهر جيتوڻيڪ ننڍو آهي پر ڏاڍو ڳتيل ۽ آباد آهي. ماڻهو سکيا سُتابا آهن، وڻ ٽڻ منجهس گهٽ آهن هتان جو قلعو مضبوط آهي. هن قلعي کي مؤرخ ’ڪافر قلعو‘ سڏين ٿا. يوناني سياح ’بطليموس‘ جو چوڻ آهي ته: ”پٽالا جو شهر سنڌوءَ جي ڊيلٽا جي مُنڍ وٽ، درياء جي اُڀرندي ڇوڙ ۽ ’اوساڪانا‘ جي شهر کان هڪ جيتري پنڌ تي ٺهيل هو. ڪن مؤرخن جو چوڻ آهي، ته پٽالا، ’پتاچلا‘ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ’سنئون ميدان‘ يا ’ٺوڙهو ٽڪر‘.

پٽالا ماضيءَ ۾ سنڌ جي مشغول ترين بندرگاهه هو. سنه 327.ق.م ۾ جڏهن سڪندر مقدوني سنڌ تي ڪاهي آيو، تڏهن لاڙ واري پرڳڻي جو صدر مقام’پٽالا‘ هو. جنهن ۾ سانگهڙ، ميرپورخاص، بدين ۽ حيدرآباد ضلعا اچي ٿا وڃن. هتان جي راجا جو نالو ’موڪريس‘ هو، جيڪو ’موئرس‘يا ’موريا‘ خاندان مان هو. هتي سوگدائي قبيلي جو راڄ هو. هيءُ صوبو خودمختيار هو ۽ هن جو سياسي نظام اسپارتا جهڙو هو. حڪومت جو انتظام  سندن وڏن آزمودگار ماڻهن جي هٿ ۾ هو. ميدان جنگ ۾ هنن جي نمائندگي ٻن گهراڻن جا سورما گڏجي ڪندا هئا.

پٽالا(نيرون ڪوٽ) سان ڪيتريون ئي اسلامي روايتون وابسته آهن جن مان هڪ هيءَ به آهي، ته سنه 6 هجريءَ ۾ حضور صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو پنجن اصحابن تي مشتمل هڪ وفد، اسلام جو پيغام کڻي سنڌ ۾ آيو، جيڪو نيرون ڪوٽ پٽالا پهتو هو، جنهن جي هتي سُٺي آجيان ڪئي وئي. هن وفد مان ٽي اصحابي سڳورا هتي اسلام جي تبليغ لاءِ رهي پيا ۽ ٻه اصحابي، سنڌي مسلمانن جو هڪ وفد وٺي واپس عربستان ويا، جن پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي دست مبارڪ تي بعيت ڪئي ۽ جيڪي ٽي اصحاب سڳورا هتي رهيا، تن جون مزارون پٽالا (نيرون ڪوٽ) ۾ موجود آهن. هي اعزاز ۽ فخر پٽالا جي سرزمين کي حاصل آهي، جيڪو سنڌ لاءِ ڪو ٿورو ناهي ۽ اهڙي طرح پٽالا جتي اسان جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، اتي سندس مذهبي عظمت کي به سلام آهي.

 

ڀنڀور جو بندر

 

ڀنڀور سنڌ جو ثقافتي ۽ تمدني شهر آهي. سنڌ جو رومانوي داستان ’سسئي پنهون‘ به هن شهر سان لاڳاپيل آهي. اسان جي شاعرن، پنهنجي ڪلام ۾، هن سرزمين جو ذڪر ڪري، کيس لازوال حيثيت بخشي آهي. هيءُ شهر ديس جي سونهن هو. عشق ۽ حسن جو مرڪز هو. پيار ۽ امن جي وادي هو. هتي ذات پات ۽ رنگ نسل جو فرق نه هو. هتي بهارون ئي بهارون هيون. باغ ۽ بستان هئا. درياء جي ڪناري زندگي مرڪندي نظر ايندي هئي. بازارون سجايل هيون. ماڻهو سکيا ستابا ۽ آسودا هئا. هي سرزمين، سُڳنڌ ۽ سُرهاڻ ورهائيندي هئي. هتان امن ۽ پيار جو پيغام کڻي، ساري ملڪ ۾ پهچائڻ لاءِ قافلا نڪرندا هئا.

ڀنڀور سنڌونديءَ جي اُلهندي شاخ گهارو ۽ سمنڊ جي کاري جي اُترئين ڪپ تي، مشغول ترين بندرگاهه ۽ عاليشان شهر هو. چون ٿا، ته هتي ’ڀنڀوراءِ‘ راجا راڄ ڪندو هو، ان ڪري هن تي ’ڀنڀور‘ نالو پيو. مشهور سنڌي مؤرخ گنگارام سمراٽ جو چوڻ آهي، ته آفريڪا جي بربر قوم هتي اچي آباد ٿي، ان ڪري هن شهر جو نالو ’بربريڪ‘ رکيو ويو، جيڪو اڳتي هلي ’ڀنڀور‘ ٿيو. اوائلي دور ۾ ڀنڀور، هندستاني واپار لاءِ پهريون بندر هو، ڇاڪاڻ ته ڳاڙهي سمنڊ کي پار ڪرڻ کان پوءِ، اول انهيءَ بندر تي لهبو هو. هيءُ شروعاتي عيسوي سن کان 11 صديءَ تائين هند ۽ سنڌ جو وڏي ۾ وڏي تجارتي بندر هئڻ سان گڏ، سنڌ ۽ هند جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ قافلن جو لنگهه هو. اندروني سنڌ جو مال ٻيڙين رستي هتي ايندو هو ۽ هتان اهو سامونڊي غورابن ۾ چڙهندو هو. يونانين جي ڪاهه وقت هن کي بين الاقوامي بندر جي حيثيت حاصل هئي. سنڌ، هند ۽ چين ۽ ڏور اوڀر جو تجارتي مال هن بندر تان ڏورانهين ڏور ويندو هو. چين جو ريشم، شاهراهه ريشم رستي ڀنڀور بندر تان روم ويندو هو. هيءُ بندر مختلف ملڪن سان سامونڊي، دريائي ۽ خشڪي رستن ذريعي ڳنڍيل هو. ڏکڻ هندستان، سيلون، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جو مال به پهريائين هتي پهچندو هو ۽ هتان مغربي ملڪن ۽ ايشيائي ملڪن ڏانهن ويندو هو. ڪيچ ۽ مڪران جا قافلا به هتي پهچندا هئا. هيءُ هڪ بين الملڪي ۽ بين الاقوامي ساک ڀريندڙ شهر هو، جتي ٻيڙيون ڏيسارو ڏانهن ويندڙ مال پهچائينديون هيون. واپارين کي ڪسٽم ڊيوٽي يا محصول ڏيڻو پوندو هو. مولائي شيدائي ”تاريخ تمدن سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته: ”شهر کان مال نڪرڻ وقت واپارين کي بندر ۽ سرحد تي، مال جي رقم جو پنجون حصو ڍل يا محصول طور ڏيڻو پوندو هو.“

ڀنڀور ۾ خشڪيءَ جو مال ٻن رستن کان ايندو هو  هڪڙو رستو هرات کان ايندو هو ۽ ٻيو مڪران جي ڪناري کان. سنڌ جو واپار ڀنڀور کان خشڪيءَ رستي ڪيچ جي هوت بلوچن جي قافلي جي معرفت قلات، ميلوا، قنڌار، همدان، سيستان، خراسان، ڪرمان ۽ فارس ويندو هو ۽ اتي جو مال هتي پهچندو هو. قافلا گهڻو ڪري رات جو سفر ڪندا هئا ۽ تارن جي روشنيءَ ۾ رستو معلوم ڪندا هئا. ان وقت جا قافلا مختلف ملڪن ۽ شهرن مان مختلف شيون مثلاً: کٿوري، شيراز جو عطر ۽ شراب، کجور، جابلو جڙي ٻوٽيون، سيستان جو اطلس، خراسان جا خشڪ تازا ميوا، قلات جون ڪلابتون ۽ سچا موتي، ڪرمان جا ريشمي ڪپڙا ۽ چمڙي جو سامان هتي وڪڻي هتان قيمتي شين مان سوٽي ۽ سنهي ململ، ريشمي ۽ اوني ڪپڙو، ننڍا ڦوٽا، خوشبودار مصالحا، نير، لاک، جواهرات ياقوت، الماس، عنبر، عاج، عمارتي ڪاٺ ۽ سون کڻي ٻين ملڪن ۾ وڪرو ڪرڻ ويندا هئا. پلٽي ڊي ايلڊر جو حوالو ڏيندي جناب ايم.ايڇ. پنهور، پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”ڀنڀور بندر تان هيرا، جواهر، سنگ مرمر جو سامان: سليماني پٿر، عقيق احمر، فيروزه، ياقوت، ڪودهل، سچو بلور، دوڌيو پٿر وغيره روم ويندا هئا. گينڊي جا سڱ ۽ کل، هاٿين جو عاج ۽ دريائي گهوڙا به هن بندر تان ٻاهر ويندا هئا. ڪجهه معدني شيون ۽ قيمتي پٿر، جن مان ڪي تاتار، ٻيٽ، چين، بدخشان، ۽ هندوڪش مان درياء رستي ڀنڀور ايندا هئا، سي هتان روم ويندا هئا.  پتل، شيهو، ٽامو، سلاجيت، شراب، سينکيو، سندور، قلئي، سون چاندي ۽ ٻيون معدنياتي شيون ڀنڀور بندر تان يونان وينديون هيون. روم هن بندر تان ايترو ته مال خريد ڪندو هو، جو اهو سنڌ کي هر سال 5500000 لک سير سون جي صورت ۾ محصول ڏيندو هو.

ڀنڀور ۾ فنيقيا، سامي ۽ رومي واپارين پنهنجي واپار ۽ ڏيتي ليتي لاءِ سامي ’خط‘ جاري ڪيو، جيڪو هو ڪپڙي تي لکندا هئا. اهو ساڳيو سامي خط، سنڌي واپارين جي وسيلي ننڍي کنڊ ۾ مهاراجا اشوڪ جي ڏينهن ۾ رواج ۾ آيو هو. هتي چمڙي رڱڻ جو به وڏو ڪارخانو هو، جتي ٻٻر جي ڇوڏن ۾ چمڙو رڱيو ويندو هو. ان کان سواءِ هتي تلوارن ٺاهڻ جو به اعليٰ قسم جو ڪارخانو هو. هتان جون تلوارون تمام مشهور هيون، جيڪي عرب ملڪن ۾ موڪليون وينديون هيون.

ڀنڀور سومرن جي دور تائين سنڌ جو وسندڙ شهر  ۽ مشغول ترين بندرگاهه هو، جيڪو سنڌ ۾ واپار، زرخيزي، تهذيب و تمدن جو اعليٰ مرڪز رهيو. ياقوت حموي مشهور عرب تاجر لکي ٿو ته: ”ڀنڀور، سنڌ جو هڪ مکيه بندر هو ۽ المنصوره، سنڌ جون ٽيون نمبر وڏي ۾ وڏو شهر هو. هن شهر جي آدمشماري تمام گهڻي هئي. ۽ اها ان ڪري جو هيءُ سنڌ جو هڪ مُکيه بندر هو، جنهن جو دنيا جي هر ملڪ سان واپار هلندڙ هو. ڀنڀور ۾ محمد بن قاسم ڇانوڻي به قائم ڪئي هئي ۽ هڪ شاهي مسجد به ٺهرائي هئي. هيءُ شهر، عربن جي دور ۾ ئي سنه 171هه مطابق سنه 787ع ۾ هڪ زلزلي ڪري ويران ٿي ويو، جڏهن سنڌو جي اُلهندي واري شاخ (گهارو) سڪي وئي. اهڙي طرح هي مردم خيز سدا گلاب، دولتمند تجارتي شهر، جيڪو باغن ۽ بستانن، ماڙين ۽ محلاتن، بنگلن ۽ بازارن جو مرڪز ۽ انڊو مسلم تهذيب جو گهوارو هو،  ختم ٿي ويو. صرف ڀڙون، ڀٽون، پهڻ ۽ پٿر تاريخي آثار طور رهجي ويا پر اهي وٿون بيڪار ناهن، انهن ۾ به مڻيا آهي. تاريخ آهي، اهي اسان جي وڃايل تاريخي ورق جي نشاندهي ڪن ٿا پر اها اک ۽ تڙپ رکڻ واري اها دل هجي.

 

پاري ننگر جو بندر

 

دنيا جون تهذيبون هميشه دريائي وهڪرن جي بنياد تي وڌيون ۽ ويجهيون آهن ۽ دريائن ئي کين جنم ڏنو آهي. سنڌ جا تهذيبي ۽ ثقافتي ماڳ ۽ مڪان، دريائي آبادين جي ڪري ئي آهن. سنڌ جي تهذيب دريائي وهڪرن سبب، ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. اڀرندي حصي کي هاڪڙو درياء آباد ڪندو هو، ته اولهندي حصي کي وري سنڌو آبياري ڪندو هو. ان ڪري الهندي حصي واري تهذيب کي موئن جو دڙو تهذيب ۽ اڀرندي حصي واري تهذيب کي هاڪڙا تهذيب سڏين ٿا. اهي ٻئي تهذيبي عنصر، سنڌو ماٿري جي عظيم تمدن جون ڪڙيون آهن.

هاڪڙو سنڌ جو هڪ مشهور ۽ الڳ درياء هو، جيڪو قديم زماني ۾ سنڌو نديءَ کان بلڪل الڳ وهندو هو. هيءُ درياء امبالا کان مٿان، هماليا جي شاخن: ”سيوالڪ“ جبل مان نڪري بهاولپور، بيڪانير ۽ سنڌ جي اڀرندي حصي کي، پنهنجن شاخن وسيلي آباد ڪندو لکپت جي نار وٽ ڇوڙ ڪندو هو. هاڪڙي جي ڪري، بهاولپور وارو ريگستاني علائقو ۽ ٿرپارڪر وارو وارياسو پٽ انتهائي سرسبز هئا. هتي گهاٽا ٻيلا هئا، جن ۾ هاٿي، شينهن، گينڊا ۽ ٻيا خوفناڪ جانور رهندا هئا. هن درياء جي ڪري لکپت ۾ سارين جو ڀلو فصل ٿيندو هو. هاڪڙي درياء تي ڪيترائي مشهور شهر ۽ بندر هئا، جن مان پاري ننگر به هڪ هو، جيڪو هاڪڙي تي ٿر واري علائقي ۾ بندرگاهه هو. نور علي ضامن لکي ٿو ته: ”هاڪڙو، چولستان جي ريگستان جو هڪ ڪشادو درياء هو ۽ هيءُ سنڌ جي ٿر واري علائقي کي سرسبز ۽ سائو رکندو هو. ان علائقي ۾ ئي درياء جي ڪناري تي پاري ننگر جو شهر ٻڌل هو. مسٽر رامسنگهه راٺوڙ ’ڪڇ جي اتهاس‘ ۾ لکي ٿو ته: ”پراڻي زماني ڪڇ جو رڻ کنڀات جي نار سان ڳنڍيل هو. هاڪڙو اتر ۾ پنج ندي وٽان نڪري بهاولپور اڀرندي سنڌ (ٿر) ۾ عمر ڪوٽ وٽان لنگهي، ننگرپارڪر وٽ رڻ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.“ اتي ئي پاري ننگر جو بندر هو. ڪن مؤرخن جو چوڻ آهي ته: ”ڪڇ جو رڻ سمنڊ هو ۽ هاڪڙو ان ۾ ڇوڙ ڪندو هو.“ ’سنڌ هسٽاريڪل جنرل‘ ۾ آيو آهي ته: ”اڳي سنڌو ندي جي هڪ شاخ هتان وهندي هئي ۽ ڪڇ واري سمنڊ ۾ دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا، جيڪي ڪنارن وارن بندرن تي اچي پڳهه هڻندا هئا. ٿر جا چار سامونڊي بندر هئا: وڳهه ڪوٽ، ويگنڊ، ٻلهاري ۽ ويرا واهه.“

پاري ننگر انهن سامونڊي بندرن  کان گهڻو پري هاڪڙي تي ٻڌل هو. هيءُ شهر ننگرپارڪر کان 14 ميلن جي مفاصلي تي، ويرا واهه جي ڀرسان بندرگاهه هوندو هو. پاري ننگر  بندر جو بنياد پهرين صدي عيسوي ۾ پيو. هيءُ بندر، پارڪر کان 14 ميلن جي فاصلي تي کنڊرن جي صورت ۾ آهي. ان وقت سندس آبادي چاليهه هزارن جي لڳ ڀڳ هئي، جنهن مان پنجاهه هزار ٻه سَوَ گهر جينين جا، نو سؤ گهر لوهارن جا، تيرنهن سؤ گهر لوهاڻن جا، ست سؤ گهر راجپوتن جا، ۽ ٻارنهن سؤ گهر مختلف ذاتين جا هئا. پاري ننگر ساموندي بندر تي واقع هو، تڏهن ڏوتڙ وٽ جهاز اچي لنگر انداز ٿيندا هئا. ان جا آثار اڄ به ويرا واهه کان ٻه ميل اولهه طرف ڏسجن ٿا.

پاري ننگر جي آثارن مان جيڪي شيون نمايان ڏسجن ٿيون، انهن ۾ هي آهن:

1-      ٻاون ڪچهري: هيءَ هڪ عمارت ٺهيل آهي، جنهن ۾ حاڪم ويهي حڪمراني هلائيندا هئا.

2-     انڌار ڀونرو: زمين ۾ اندر هڪ تهه خانو آهي، جيڪو وقت سر ڪم ايندو هو.

3-     ڪٽهڙو: پاري ننگر جي ڪجهه حصي ۾ لوهه جا ننڍا ننڍا ٽڪر نظر ايندا آهن. مقامي ماڻهن جي چوڻ مطابق، ته جڏهن هيءُ شهر آباد هو، ته هتي لوهه جو ڪارخانو هو.

عيسوي پهرين صدي ۾ پاري ننگر هن خطي جو بهترين ۽ مصروف بندرگاهه هو، کيس بين الاقوامي شهريت حاصل هئي. هتان ٻيڙا اناج، ڪپهه، کونئر، نير، لاک، ماکي، اَن ۽ ٻيون شيون کڻي، ڏکڻ اوڀر جي تجارتي ٻيٽن: جاوا ۽ سوماترا ويندا هئا. ۽ اتان ڦوٽا/الائچي، دارچيني، ڪارا مرچ ۽ گرم مصالحا سودي ايندا هئا.

پاري ننگر کي جڏهن دهليءَ جي مسلمان فوجن سنه 1226ع ۾ تباهه ڪيو، ته اتان جو واپاري طبقو لڏي وڃي ’ڀوڏيسر‘ ويٺو. ٻيو تباهي جو ڪارڻ ڏهين صدي ۾ غزبناڪ زلزلو آيو ۽ سمنڊ پوئتي هٽي ويو ۽ ڪڇ جو رڻ پيدا ٿيو. بندر تي جهازن جي آمد و رفت بند ٿي ۽ واپاري لڏي ويا.

ڪپتان ريڪس لکي ٿو، ته: ”سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ، ننگر پارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي، جنهن ۾ دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا ۽ ويرا واهه جي ڀرسان پاري ننگر جو مشهور بندر هو، جتي اچي بيهندا هئا.“ چون ٿا ته وڏن ۽ بار بردار جهازن کي روڪڻ لاءِ وڏا لوهي زنجير  پيل هوندا هئا، جن جا پهريان ڇيڙا درياء کان ٻاهر بندر تي، مضبوط ٿنبن ۾ جڪڙيل هئا.

هيءُ شهر ڪئپٽن ريڪس جي چوڻ موجب: 512.ق.م ۾ ٻڌايو ويو، جيڪو اڳتي هلي هڪ بين الاقوامي بندرگاهه جي حيثيت حاصل ڪري ويو. هن شهر ۾ هڪ لک گهر هئا هي نهايت شاداب، سرسبز ۽ وسندڙ شهر هو، منجهس  صنعت ۽ حرفت جو چرچو هو. قافلن جي اچ وڃ هئي، واپارين جي ڏي وٺ هئي. شاهوڪار سرمائيڪاري هئي. سمنڊ جي ويجهي هئڻ ڪري هن بندر جو ٻاهرين ملڪن سان به ناتو هو. ٻاهريان غوراب، ڪڇ واري سمنڊ رستي هتي پهچندا هئا ۽ هاڪڙي سان هِتان جو مال پنجاب، ڪشمير ۽ افغانستان ويندو هو. بندر تي هر وقت جهازن جي رش لڳي پئي هوندي هئي. واپارين، دلالن، گرهاڪن ۽ مزدورن جي چهل پهل ڪري، هتي وڏي رونق هوندي هئي ۽ رات ڏينهن شهر کليل رهندو هو. ٻاهرين شهرين جي آمد ڪري هتي سستائي هوندي هئي. جيئن ته هيءُ هڪ عالمي بندر هو ۽ هتي ٻيڙين ۽ جهازن جي آمد گهڻي هوندي هئي، ان ڪري هتي لوهه جا وڏا ڪارخانا هوندا هئا، جتي جهاز ۽ ٻيڙيون ٺهنديون هيون. بندر تي به جهازن جي مرمت جا دڪان هوندا هئا. هتان جي کنڊرن مان جيڪي شيون هٿ لڳيون آهن، تن ۾ شيخون ۽ پٿر مليا آهن، جيڪي جهازن ٺاهڻ ۽ بندر تي دِڪن ٺاهڻ ۾ ڪم ايندا هئا.“

پاري ننگر جي شهر ۾ ان وقت چاليهه هزار آدم رهندو هو، جن ۾ گهڻائي اوسواڙ يعني جين قوم وارن جي هئي. چون ٿا هتي سندن ئي حڪومت هئي. وڏا شاهوڪار ۽ پنهنجي مذهب سان سچا هئا، ان ڪري هتي سندن ڪيترائي مندر هئا. ’جنت السنڌ‘ جومصنف مولائي شيدائي لکي ٿو، ته:”هتي هڪ وڏو بت خانو هو، جتي ’پارس ناٿ‘ جين جي اوتار جو پتلو رکيل هو،  جتي هر سال وڏو ميلو لڳندو هو. ان وڏي مندر کان سواءِ هتي پٿر ۽ مورتين جا بي شمار مندر هئا. ’گوڙي جا ڏهڙا‘ هتان جو مشهور بندر آهي، جنهن جي زيارت لاءِ هتي گجرات ۽ هندستان جا امير ۽ شاهوڪار ايندا هئا، ان ڪري هتي پيسي جي گهڻائي هوندي هئي. ماڻهو امير ۽ بي فڪرا هئا. شيون سستيون ۽ جهجهيون هونديون هيون.

هاڪڙو درياء آرين جي اچڻ تائين، پنهنجي ايراضيءَ ۾ زمينون سيراب ۽ شهر آباد ڪندو رهيو ۽ ان کان پوءِ سڪندر جي اچڻ کان ٿورو اڳ خشڪ ٿي ويو، ڇو ته يوناني مؤرخن پنهنجن ڪتابن ۾ هاڪڙي جو ذڪر نه ڪيو آهي. هاڪڙي جي سڪڻ ڪري پاري ننگر جي بندرگاهه واري حيثيت ختم ٿي وئي، ويتر ڪڇ وارو سمنڊ به پوئتي هٽي ويو، ان ڪري هيءُ شهر برباديءَ ڏانهن وِک وڌائڻ لڳو ۽ ماڻهو لڏي ويا، ڪئپٽن ريڪسن جو چوڻ آهي، ته:”پاري ننگر جو شهر سنه 12 سؤ عيسوي ۾ مسلمان حاڪمن سان مقابلن ۽ لڙاين ۾ ناس ٿي ويو.“ اهڙيءَ طرح سنڌ جو هيءُ عظيم بندرگاهه هميشه لاءِ ختم ٿي ويو.

پاري ننگر اسان جي تاريخ ۽ ثقافت جو رنگين باب آهي. هتان جي رومانوي داستانن ۾  پاري ننگر جي راجا ’ساليواهن‘ جي پٽ ’سڏونت‘ ۽ جيني ڌرم جي هڪ ڪروڙ پتي واڻيي جي نياڻي ’سارنگا‘ جو قصو مشهور آهي، جنهن ۾ اچي ٿو، ته شهزادي ’سارنگا‘ جي شادي ’روپا شاهه‘ نالي هڪ سيٺ سان ڪرائي وئي هئي، انڪري ’سڏونت‘ پاري ننگر ڇڏي پرديس هليو ويو. ’سارنگا‘ پوءِ پاري ننگر ڇڏڻ وقت کيس هيءُ نياپو ڏياري موڪليو، جيڪو اڄ به هن ويران کنڊرن ۾ گونجي رهيو آهي:

پاري ننگر پنٿ گهڻو، سوڍان ڪيرو ديس،

وهلو ور جي والما، جوڳي سندي ويس.

 

ڪراچي بندر

 

ڪراچي، جيڪو اڄ پاڪستان جو عظيم سامونڊي بندر ۽ ’روشنين جو شهر‘ سڏجي ٿو، جيڪو اڄ کان ٻه ٽي صديون اڳ مهاڻن جي ننڍين ننڍين جهوپڙين تي مشتمل هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، جتي مهاڻا مڇي ماري گذارو ڪندا هئا. انهن مهاڻن جي وڏي مائيءَ جو نالو ’ڪلاچي‘ هو، جنهن تان هن شهر جو نالو ’ڪراچي‘ پيو. ان جي ڀرسان (کڙڪ) بندر نالي هڪ شهر هو، جو سامونڊي واپار لاءِ مشهور هو. هندو سيٺ ڀوڄ مل اتي وڃي رهيو، جنهن پنهنجا گماشتا ’گوادر ٻيلي‘ ۽ مسقط موڪليا جنهن کان پوءِ واپار کي هٿي ملڻ لڳي. کڙڪ بندر، حب نديءَ جي ڇوڙ وٽ هو، گهڻي وقت کان پوءِ بندر جو مُنهن سمنڊ جي طرف کان ريتي سان لٽجي ويو ۽ جهازن جو اچڻ بند ٿي ويو. بندر جي منهن پورجڻ ڪري واپارين کي تڪليف ٿيڻ لڳي. سيٺ ڀوڄي مل واپار جي سهوليت لاءِ ڪلاچي ڳوٺ ۾ اچي گهر ٺهرايا ۽ کڙڪ بندر مان سڀ ضروري سامان کڻي سال 1729ع ۾ اچي ڪراچي کي وسايو. ان وقت ڪراچي ۾ هڪ ننڍي کاري هوندي هئي، جيڪو جهازن جي لنگهه جو ڪم ڏيندي هئي. منهوڙي جي منهن وٽ ٽڪرين جي هڪ قطار هوندي هئي. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي زماني ۾ ئي ايراني نار ۽ عربي سمنڊ مان غوراب ۽ دنگيون جڏهن انهيءَ کاري ما لانگهائون ٿينديون هيون، ۽ مٿن سمنڊ جي سوڙهه پوندي هئي، تڏهن اهي اچي منهوڙي جي پهاڙيءَ وٽ پناهه وٺندا هئا، واپاري ڪراچي جي جهوپڙين مان سؤدو سَلف کڻندا هئا. ايراني نار رستي هتان پوءِ حاجي به روانا ٿيڻ لڳا.

سيٺ ڀوڄي مل جي اچڻ سان ڪراچيءَ جي ڳوٺ ۾ نئون روح پيو. هيءُ ڳوٺ پوءِ وڌڻ لڳو، سيٺ 17 جريبن جي ايراضي ڪراچي کي نئين روپ ڏيڻ لاءِ هڪ ڪوٽ ڏياريو ۽ واپارين کي وڌائڻ لاءِ سيٺ پنهنجي هڪ گماشتي کي بمبئي موڪليو، جتان هو پنهنجي ڪوٺي رستي بنگال ۽ چين واپار ڪرڻ لڳو. مسقط واري گماشتي هنسرامل ايران، بصري ۽ بحرين سان وهنوار رکيو، انهن جو شاخون ڪابل، قنڌار، هرات، قلات ۽ ڪشمير ۾ به هونديون هيون. هنن سيٺن جو ساريءَ دنيا سان واپار هلندو هو. سيٺ نائون مل لکي ٿو ته : ”اسان جي وڏن وٽ، ڪراچي ڪوٺي جي ڪاروبار لاءِ 40 يا 50 هر قسم ۽ مقدار جون ديسي ڪشتيون هونديون هيون، جيڪي هندستان جي مغربي ساحل جي بندرگاهن تي ڪرايو کڻنديون هيون ۽ عربستان، ايران ۽ بلوچستان جي ڪنارن تي اچ وڃ ڪنديون هيون.“ تنهن کان سواءِ هنن وٽ، يورپي نموني جا خواهه ٻيا جهاز به هئا، جن جو تعلق مسقط ۽ ڪلڪتي جي ڪوٺين سان هوندو هو. هن مان صاف ظاهر آهي ته ڪراچي بندر جي ترقي ۽ اوسر ۾ نائون مل جي خاندان وڏو حصو ورتو.

ڪراچي جي وڌندڙ رستي کي ڏسي خان قلات پاران محصول اڳاڙڻ ۽ شهر جي حفاظت ڪرڻ لاءِ هڪ حاڪم موڪليو ويو. اهڙي طرح ڪلهوڙن ۽ ٽالپر حڪمرانن هڪٻئي پٺيان ڪراچي تي قبضو ڪيو ۽ پنهنجا گورنر قائم ڪيا. مير حڪمرانن ڌارين جي سامونڊي ڪاهن کان بچاءَ لاءِ، منهوڙي ۾ پٿر جو ڪوٽ اڏائي اتي توبون رکيون ۽ بلوچن جي فوج جو هڪ دستو به اُتي مقرر ڪيو. انگريزن پاران 18 صديءَ جي آخر ۾ ”ناٿن ڪرو“ هڪ انگريز ايلچي ميرن جي دربار ۾ آيو، جنهن ڪراچيءَ جي بيهڪ ۽ بندر گاهه ڏسي ڪراچي تي عاشق ٿي پيو ۽ هتي بنگلو به ٺهرايائين. هن پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو، ته ڪراچي سٺو شهر آهي ۽ هتي پالتو جانور جام آهن، جنهنڪري گيهه ۽ گاهه گهڻو ملي ٿو. ان کان پوءِ ڪراچي سنڌ جو مکيه سامونڊي بندر گاهه آهي، جنهن جي سالياني آمدني 99 هزار رپيا آهي. هيءُ شهر مستقل طور، سُڌري رهيو آهي ۽ ان جو خاص سبب، هن بندر جي، جاگرافيائي بيهڪ مان حاصل ٿيندڙ اهي فائدا آهن، جيڪي ان کي هندستان ۽ ڪابل جي بادشاهه سڀني علائقن سان گڏوگڏ ايران، خراسان، بلخ، بغداد جي ڪين وچ ۾ هئڻ ڪري حاصل ٿي رهيا آهن. سنڌ جو ٻاهرين ملڪن سان واپار اڪثر ڪري ڪراچي ذريعي ٿئي ٿو. هتان جي روانگي مال ۾ اهي شيون آهن، جيڪي مقامي طور پيدا ٿيندڙ آهن، تن ۾ قلمي شورو، لوڻ، چانور، ڪپهه، گيهه، تيل، ٻج، شارڪ مڇيءَ جو تيل، چمڙي رڱڻ لاءِ ڇوڏا، کار  ۽ ڪپڙو شامل آهن ۽ جيڪي شيون اتر وارن ملڪن ۽ بادشاهن کان ٻاهرين ملڪن ڏانهن روانيون ڪرڻ لاءِ واپاري هتي آڻين ٿا، تن ۾ زعفران، گهوڙا، صاف ڪيل چمڙو، کلون، مشڪ، ڪشميري شالون، سڪل ميوو، هيرا، لعل ۽ ٻيا قيمتي پٿر شامل آهن. خراسان ، مڪران، ايران ۽ عربستان کان سنڌي ماڻهو پنهنجي گهريلو استعمال لاءِ تلوارون، غاليچا، کارڪون، گلاب جو پاڻي، تماڪ ۽ حقا گهرائيندا آهن، جيڪي هن بندر تي ايندا هئا. رچرڊ برٽن لکي ٿو ته: ”ڪراچي هڪ هنڌائتي جاءِ تي آهي، هتان جي آبهوا ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ صحت بخش ۽ وڻندڙ آهي، سندس بندر جو ايران، عربستان ۽ اولهه هندستان سان سٺو واپار هلي ٿو، ته ڪراچي بندر جي اهميت 18 صديءَ ۾ وڌندي رهي، ان وقت ڪراچي جي سڄي واپار جو تخمينو 625، 46، 21 لک رپيا هو. سنه 1853ع ۾ فريئر سربارٽل ڪراچي بندر جي اصلاح ڪئي ۽ منهوڙي تي لائيٽ هائوس ٺهرايو. انگريزن هتي ڪيترائي گهاٽ، گوديون ۽ گدام ٺهرايا ۽ ان دؤر ۾ هن بندر تي 28 ٻيڙا اهڙا ڪم ڪندا هئا، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه ۽ وڌ ۾ وڌ 150 ٽن کڻڻ جي گنجائش هئي. 1944ع ۾ هن بندر تي هر روز 78000 ٽن مال لاٿو ۽ چاڙهيو ويندو هو، جنهن مان 107 ڪروڙ رپين جي آمدني ٿيندي هئي. ڪراچيءَ کي ملڪ جي اندرئين حصي سان ڳنڍڻ لاءِ 108 ميل، ريلوي لائين ڪوٽڙي  تائين ٺهرائي ويئي، جنهن کي پوءِ ملتان تائين وڌايو ويو. اهڙيءَ طرح ڪراچي بندر اُڀرندي حصي ۾، ڪڻڪ موڪلڻ جو اهم وسيلو بنجي ويو. مال جي ڏي وٺ سبب برطانوي سرڪاري هن بندر رستي ڪافي فائدو حاصل ڪيو، خاص ڪري مهاڀاري جنگين ۾ مال جي اچ وڃ مان هتان جي واپارين کي گهڻو فائدو پهتو. هن دؤر ۾ ڪراچي بندر جي رستي واپار، جيڪا ترقي ڪئي آهي، ان جو اندازو ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي هنن انهن اکرن سان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي هن ريت آهن سنه 12-1911ع ۾ 3706 جهاز بندر ۾ داخل ٿيا ۽ انهن 197305 ٽن سامان کنيو، بندر ۾ 990 جهاز آگبوٽ داخل ٿيا هئا، سنه 13-1912ع ۾ جهازن 2183090 ٽن سامان ڍويو، ڪراچي ۾ 3742 جهاز داخل ٿيا، جن 199590 ٽن سامان کنيو. بندر تي پنج هزار ٽنن جا 161 جهاز آيا، شاهي بحري آر ماڙ جا 3 جهاز ۽ هندستاني ٻيڙي ۽ سپاهين کڻڻ جا ٻه جهاز بندر تي آيا ۽ 15316 ماڻهو لاٿا ۽ چاڙهيا ويا. مڪي مان 73 حاجي لٿا ۽ 201 حاجي روانا ٿيا.

بهرحال ڪراچي، سنڌ جو هڪ عظيم بندر گاهه هو، جنهن ٿوري عرصي ۾ وڏي ترقي ڪئي ۽ هاڻي اهو دنيا جي بهترين بندرگاهن ۾ شمار ٿئي ٿو. سر چارلس نيپيئر صحيح چيو آهي ته:”اي ڪراچي! ڪڏهن مشرق توتي ناز ڪندو ۽ جڏهن تون پنهنجي عروج جي بلندين تي رسي چڪو هوندين ۽ آءٌ شال ان وقت توکي ڏسي سگهان!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org