سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌوءَ جا بندر ۽ بازارون

باب:

صفحو:1

سنڌوءَ جا بندر ۽ بازارون

مترجم: دادا سنڌي

ڇپائيندڙ پاران

هيءُ ڪتاب ”سنڌوءَ جا بندر ۽ بازارون“ سنڌ جي تاريخي بندرگاهن جي مختصر تاريخ تي مشتمل هڪ معلوماتي دستاويز آهي. هِن تاريخي ڪتاب جو ليکڪ محترم دادا سنڌي آهي. جنهن ۾ محترم دادا سنڌي صاحب نه رڳو سنڌ جي اوائلي بندرگاهن بابت معلومات فراهم ڪئي آهي، پر سنڌ واسين کي پنهنجي عظيم ورثي کان پڻ روشناس ڪرايو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، سنڌ جي تاريخ تي مشتمل اعليٰ درجي جا معياري ڪتاب اداري طرفان شايع ڪرايا وڃن. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘
صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن.
سندن علمي ۽ ادبي گھراڻي سان وابسته هئڻ سبب، بورڊ طرفان نوان ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي ميمبر صاحبان جي مشاورت سان بورڊ جي اشاعتي سلسلي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نت نوان پروگرام جوڙيا آهن. ان کانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾ رکيل مختلف موضوعن جي قلمي مخطوطن ۽ پبليڪيشن شعبي ۾ موجود اڻڇپيل مسودن جي اشاعت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهن.

عزتمآب جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن طرفان شروع ڪرايل هڪ سؤ صحفن واري اشاعتي اسڪيم تحت هيءُ ڪتاب ”سنڌوءَ جا بندر ۽ بازارون“ اِن سلسلي جي ڪڙي آهي. جنهن جو پهريون ڇاپو آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي سرڪردگيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سُرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

توقع آهي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش سنڌ جي عالمن ۽ اسڪالرن وٽ مڃتا ماڻيندي.

13- جمادي الثاني 1442هه           سيد سڪندر علي شاهه

27- جنوري 2021ع                        سيڪريٽري

ڊاڪٽر اسد جمال پلي

مقدمو

 

سنڌ سدا سرسبز ۽ شاداب وادي رهي ئي سنڌو درياء جي ڪري آهي. سنڌو ’درياء‘ جيئن ئي سنڌ جي سرزمين تي پهچي ٿو ته ان جا مختلف دؤرن ۾ مختلف وهڪرا وهندا نظر اچن ٿا. انهن وهڪرن جا نالا به علحده آهن ته هميشه هڪ وهڪرو انهن ۾ سگهارو هجي ٿو ۽  ٻيا وهڪرا ماٺار ۾ محسوس ٿين ٿا. سنڌوءَ جي وهڪرن جو تبديليءَ وارو رخ اوڀر کان اولهه طرف آهي. ممڪن آهي ته شروع جي اُٿل ڪنهن ٻي رُخ ۾ هجي پر تاريخ جي ڄاتل سڃاتل دؤر ۾ خصوصاً سڪندراعظم جي وقت کان هي رُخ اوڀر کان اولهه ڏانهن آهي. خاص طرح مهراڻ جا آثار اسان کي اوڀر ۾ ملن ٿا ۽ ٿرپارڪر جي محقق محترم معمور يوسفاڻيءَ جي تحقيق موجب هي جيڪا ميرپورخاص، کوکڙاپار، ريلوي لائين تي ’ڇور‘ جي ريلوي اسٽيشن آهي اِهو ڇوڙ وارو علائقو مهراڻ جي ’ڇوڙ‘ جو علائقو آهي. ان کان پوءِ هاڪڙو درياء سگهاري وهڪري جي شڪل ۾ هتي موجود آهي، ’هاڪڙو‘ هن وقت سانگهڙ مان اچي صوفي فقير وٽان سمنڊ تائين موجود آهي. ان کان پوءِ اولهه ۾ ريڻي درياء ۽ ان بعد اولهه ۾ پراڻ درياء پنهنجي وجود کي اڃان به برقرار رکيو اچي. ان کان پوءِ اولهه ۾ ساڱرو درياء آهي جنهن جي اولهه ۾ نصرپور وٽان ’سنڌو‘درياء جو وهڪرو نشانن ۽ آثارن سان موجود آهي. ان جي اولهه ۾ موجوده سنڌو درياء آهي. جنهن کي اولهه کان جبل جون قطارون تريون ڏيو بيٺيون آهن ته وچ پيٽ ۾ وري بئراجن جا بيلٽ ٻڌجي چڪا آهن جنهنڪري هاڻ درياء جي اُٿل پُٿل ۾ به سڪون ۽ سانت آهي ته آبادين جو ويران ٿيڻ جو امڪان به گهٽ آهي. ماضيءَ جي اُٿل پُٿل درياء تي آباد ڪيترين وسندين کي ويران ڪري ڇڏيو، جنهنڪري ڪيترائي بندرگاه پنهنجو وجود وڃائي ويٺا. بس درياء رُخ مٽايو ۽ بندرگاه غيرآباد ٿيا. ڪڏهن ته قدرتي آفتون، باهيون، زلزلا ۽ غنيمن جون ڪاهون ۽ ڦُرلُٽ، بندرگاهن کي بيران ڪري ويا، اُهي ويران بندر هاڻي اسان جي ’آثار قديم‘ جو حصو آهن.

درياهن جي هيءَ تبديلي ۽ پنهنجا گس ڇڏڻ واري ڪيفيت سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن علائقن ۾ اڃان به گهڻي آهي. هن علائقي ۾ خاص طرح ٿر ۽ لاڙ جي سرزمين تي اسان کي تمام گهڻا وهڪرا مختلف نالن سان ملن ٿا. هنن وهڪرن ۾ خاص طرح ڍاڳي، ڍور، وهيندو يا واهند، گهَلو، گاگڙو، گونگڙو وغيره اڃان به ڍورن ۽ ڍنڍن جي شڪل ۾ موجود آهن. دراصل وهڪرن جو هيءُ وچڙيل سُٽ سُلجهائڻ هن وقت تائين ڏکيو آهي. اها حقيقت به منجهائي ٿي ته سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن پٽن جا هي وهڪرا ڪهڙي ڪهڙي دؤر ۾ ڀرپور وهندا هئا. اهو بهرحال سمجهه ۾ اچي ٿو ته جڏهن به جيڪو وهڪرو ڀرپور وهندو هو. سمنڊ جي سوارين يعني جهازن ۽ ٻيڙين جو رُخ انهيءَ وهڪري ڏانهن هوندو هو. يقيناً انهي رُخ ۾ ئي واپاري ڪوٺيون ۽ بندرگاه به هئا. هي جيڪو اسين هن وقت سنڌ ۾ ويهارو کن بندرن جا نشان مس ڳڻي ٿا سگهون اهو تعداد يقيناً گهڻو هو ۽ بحري بندرن ۽ درياهي بندرن جا ڪيترائي نشان نه صرف سمنڊ پائي ويو آهي پر اڃان اسان جي محققن جي تلاش کان به اوجهل آهن. تازو ”پراڻ درياء جي مشاهداتي تاريخ“ جي محقق محترم زاهد ڪنڀار صرف پراڻ درياءَ تي به ڪافي بندرگاهن جا آثار ذڪر ڪيا آهن، جيڪي هن کان اڳ ڪنهن به محقق بحث ۾ نه آندا آهن. هن طريقي سان اگر اسين هرهڪ وهڪري جي مشاهداتي تاريخ تي تحقيق ڪريون ته سنڌو ۽ سنڌوءَ جي وهڪرن تي بندرگاهن جو تعداد اسان کي وڏي تعداد ۾ ملندو ۽ هن ڪتاب ۾ آيل ڪيترن ئي بندرگاهن جي تاريخ ۽ محل وقوع اڃان به چِٽا ۽ واضح ٿي ويندا. ٻي طرف جڏهن مقامي محقق پنهنجي مقامي قديم آثارن جي بچاءَ لاءِ واويلا ڪندا ته اهو آواز وڌيڪ سگهارو ٿي اُٿندو ۽ آثارن جي بحالي ۽ بچاءَ جا اُپاءُ يونين ڪائونسل جي سطح تائين وڌندا.

ان طريقي سان دادا سنڌي جو هيءُ دل ڏکوئيندڙ اظهار به پنهنجي داد رسيءَ جو مستحق ٿيندو. دادا سنڌي فرمائي ٿو ته ”وڄڙوٽ جو هينئر صرف هڪ وڏو دڙو وڃي بچيو آهي جيڪو به هڪ ٻن سالن ۾ ختم ٿي ويندو ۽ پوءِ سنڌ جي هن سونهري شهر جو تذڪرو صرف ڪتابن ۾ ملندو.“

دادا سنڌي هن ڪتاب ۾ سنڌ جي بندرگاهن سان گڏ ڪيترين ئي لوڪ ڪهاڻين جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. خاص طرح ڏَمڻ سوناري کان پوءِ مومل راڻي جو حوالو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته مومل لڊاڻي ۾ نه پر راڻي مينڌري جي ماڳ (صوفي فقير- عمرڪوٽ) لڳ پنهنجو محل ٺاهي ويٺي ۽ اتي ئي چکيا چڙهي. هيءُ جيڪا ڀٽ ڏيٿري ڏانهن خزاني سميت واپس اچڻ واري راويت آهي، اُها سومل سان ئي منسلڪ ٿي سگهي ٿي.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته دادا سنڌيءَ جا هي بندرگاهن تي لکيل مضمون جديد تحقيقي تقاضائن کان پاسيرا مگر درياهي بندرگاهن جي تاريخ متعلق تمام اهم مواد آهي. هي مضمون اسان کي ڪيترن ئي اهم نقطن تي تحقيق جو گس ڏسين ٿا، جنهن جا حوالا محقق پاڻ گڏ ڪري هڪ هڪ موضوع تي هڪ ڪتاب تيار ڪندا. اگرچه هنن مضمونن ۾ اندريان حوالا ڪونه آهن پر مواد جي سهيڙ دوران اِهو لکڻ ته البيروني هيءَ ڳالهه لکي آهي ۽ بلاذري هينئن ٿو چئي ۽ آخر ۾ مددي ڪتابن جا نالا نئين تحقيق ڪندڙ ن کي گس سونهائين ٿا. صرف هڪ ئي اشارو هن ڳالهه جي تصديق ٿو ڪري ته ”ڪشمور جي سرحد تي مير نصير خان قلات جي والي، عمرڪوٽ نالي قلعو تعمير ڪرايو“ هن اهم حوالي جي تلاش ئي تحقيق جي ابتدا آهي، ٻي هنڌ لکي ٿو ته ”اروڙ ۾ منهاج المسالڪ نالي سان سنڌ جي تاريخ قاضي محمد اسماعيل بن علي بن محمد طائي عربي ۾ لکي ۽ علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي ان جو فارسي ترجمو ’فتح نامه‘ عرف ’چچ نامي‘ جي نالي سان ڪيو، هيءُ سنڌ جي پهرين تاريخ آهي.“ اهڙي طرح دادا سنڌي ڪيترن اهم ماڳن تي اهم واقعن جو ذڪر نه ڪري اها ڳالهه واضح ڪئي آهي ته هو سنڌ جي تاريخ جي اڻڄاتل پهلوئن جو متلاشي آهي. سکر ۾ ’کرڙي‘ جي جنگ ۽ ان جي ميدان تي هو نٿو ڳالهائي. ٻي طرف ميان مرادياب جي تاجپوشي جيڪا عمرڪوٽ ۾ ٿي ان جو ذڪر به ڪونه ٿو ڪري پر ان تاجپوشي جو جشن جيڪو نصرپور ۾ ٿيو ان جو ذڪر ڪري ٿو. ائين هو تاريخ جي ڪيترن ئي واقعن جو ليکڪ کان وڌيڪ شاهد ٿي بيهي ٿو.

دادا سنڌي هنن بندرگاهن ۽ درياه جي وهڪرن جي بيان ۾ ’سرسوتي‘ جو ذڪر نه ڪري ڄڻ هن دؤر جي محققن جي اک ٿو کولي ڇڏي ته ’سرسوتي‘ جي تلاش لاءِ هي اوڙائون گس ڇڏي ڏين. هن وڃايل ندي جي تلاش لاءِ جيڪا ايندڙ ڏينهن ۾ اڃان به مشڪل آهي سنواٽو ٿي منڍ کان سفر شروع ڪري پوءِ مهراڻ جي اوڀر پاسي ڏانهن وڙول ڏين، ته حقيقتون پلئه پونديون. ساڳي طرح دادا وٽ ديبل جي مختلف ماڳن جو ذڪر آهي ۽ هو ديبل اول کان ديبل ثاني يا نئين ديبل جو ذڪر ڪري هن بحث ۾ وڏي گنجائش ٿو پيدا ڪري ۽ اها ڳالهه ڪيٽي بندر وٽ اچيو واضح ٿيو وڃي ته هي جيڪو اسين اڄ ڪيٽي بندر ڏسون ٿا اِهو درياهه ڌِڪي آڻي ٽيون ڪيٽي بندر بيهاريو آهي ۽ ٻه بندرگاهن جا ماڳ سمنڊ کائي ويو آهي. اهڙي طرح ڏيپلو، اصل ديبل بندر هجڻ واري روايت به اسان جي سامهون آهي ۽ نئين سگهه رکي ٿي.

دادا سنڌي صاحب منصوره تي به خوب لکيو آهي، منصوره تي مرحوم عبدالله ورياه هڪ شاندار سيمينار ڪرايو ۽ بعد ۾ انهن مقالن کي جيڪي اتي پڙهيا ويا منصوره/برهمڻ آباد جي نالي سان گڏ ڪري ڪتاب شايع ڪرايو. دادا حالانڪ اُن ڪتاب جو ذڪر نه ڪيو آهي پر گس اهوئي ورتو آهي. يعني هو سنڌ جي تحقيقي گسن جو سونهون آهي. پٽالا ڪٿي آهي اهو بحث تفصيلي آهي پر پٽالا بندرگاه کي پنهنجو محور ٺاهي هو اڳتي وڌيو آهي. ڀنڀور جي ذڪر ۾ هو ڀنڀور جي لغت کي ڪونه ٿو ڇيڙي پر اسان کي اها ڳالهه کٽڪي ۾ وجهي ڏي ٿو ته ڀنڀور جڏهن ڀنڀور نه هو ته اهو ڪهڙو بندرگاهه هو. ڇاڪاڻ ڀنڀور جو نالو سسئي پنهون جو ذڪر کان پوءِ ئي عام ٿيو آهي. هن لفظ جي معنيٰ تي جيڪو به بحث ڪندو ته حضرت شاهه عبداللطيف رحه جي هيءَ سٽ ڪر کڻي اڳيان ايندي ته:

ڀينر هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون. (شاهه)

يعني هيءَ ڀنڀور، سڙيل يا ڪاري رنگ وارو ته سسئي سان قيامت ٿيڻ کان پوءِ آهي، اڳ ۾ ڇا هو.

هن ڪتاب جو نالو ’سنڌ جا بندر ۽ بازارون‘ هو جيڪو اسان تبديل ڪري ”سنڌوءَ جا بندر ۽ بازارون“ رکيو آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل سڀ بندرگاه سنڌوءَ درياه جا آهن. سواءِ ڪراچي، لاڙي بندر ۽ شاه بندر جي، جيڪي سنڌوءَ جي مختلف ڇاڙن تي سمنڊ جي ڪناري سان آهن. هن ڪتاب ۾ ’ملتان بندرگاه‘ تي به لکيل آهي جيڪو آهي ته درياهي بندرگاه پر موجوده سنڌ جي جاگرافيءَ کان ٻاهر آهي ۽ قديم سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو. اهڙي طرح دادا سنڌي پنهنجي هن ڪتاب ۾  ننڍن سامونڊي بندرن جو پڻ ذڪر ڪري پنهنجي هڪ پئراگراف ۾ هڪ هڪ بندرگاه کي سمايو آهي. اهڙي طرح سنڌوءَ جي بندرگاهن سان گڏ بازارن جو ذڪر ڪري هن اسان جي ايندڙ دؤر جي محققن کي تحقيق لاءِ موضوعن جو ڏس ڏنو آهي. دادا جا هي سڀ مضمون ويجهي دؤر جا آهن ۽ پنهنجي حياتيءَ جي آخري ايامن ۾ لکيا اٿس. ممڪن آهي ته ڪو هڪ مضمون پهرين جو تحرير ٿيل هجي.

دادا سنڌي 5 جولاءِ 1945ع تي پيدا ٿيو ۽ پنهنجي ڀرپور ادبي ۽ علمي زندگي گذاري، 11 جنوري 1998ع بمطابق 12 رمضان المبارڪ 1418هه تي وفات ڪيائين. سندن جنم جو هنڌ ڳوٺ داد لغاري، تعلقو ڏهرڪي ۽ ضلعو گهوٽڪي هو. پاڻ ايم.اي سوشيالوجي 1973ع م سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. هو جڏهن مينا ننگر جي معنيٰ کي مڇي سان نسبت ٿو ڏئي، جيڪو معمور يوسفاڻي صاحب پنهنجي ڪتاب ’ڪائو ڪمايوم‘ ۾ ”موئن جي دڙي“ جي معنيٰ تي لفظ مويا ۽ موين جو دڙو تي بحث ڪري، ساڳي پاڻي ۽ مڇي جي نسبت ڏني آهي، وڌيڪ تقويت وارو بحث ٿئي ٿو ۽ موئن جي دڙي بجاءِ ’موين جو دڙو‘ وڌيڪ سهڻي معنيٰ وارو ۽ سمجهه ۾ ايندڙ نالو بيهي ٿو.

1966ع کان 1996ع تائين پرائمري استاد کان سبجيڪٽ اسپيشلسٽ تائين پهچي رٽائر ڪيائين. پنهنجي اصل نالي ڪريم بخش سومرو بدران ادبي نالي ’دادا سنڌي‘ سان 1963ع کان لکڻ جي شروعات ڪيائين. پنهنجي ادبي سفر ۾ ڪيترائي ادبي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيائين ۽ ڪيترين مقامي سنڌي ادب جي تنظيمن جو ميمبر پڻ رهيو. سندس هن ادبي جدوجهد ۾ سنڌ جو سرموڙ محقق مرحوم رحيمداد ڪريمداد مولائي شيدائي سندس ’استاد‘ ۽ سونهون رهيو. محترم رشيد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پڻ سندس استاد ۽ رهنما رهيا. پاڻ شاعري پڻ ڪيائون. سندن تحقيق ۽ تحرير جا موضوع دينِ اسلام، سيرت پاڪ، سنڌ جي تاريخ ۽ آثارِ قديمه کانسواءِ صوفياء ڪرام، علماءَ ڪرام، لطيفيات، گرامر ۽ سنڌي ادب خاص طرح رهيا. دينِ اسلام جو هيءُ شيدائي سنڌ جو به سچو عاشق هو. سندن 15 کن ڪتاب شايع ٿيل آهن ۽ اڃا به 20-22 مسودا اشاعت لاءِ واجهائن ٿا.

محترم ڪريم بخش سومرو صاحب المعروف دادا سنڌي جي هيءُ تصنيف نه صرف سنڌوءَ جي بندرگاهن جي تاريخ آهي بلڪ سنڌ جي وهڪرن ۽ سنڌ جي وڻج واپار ۽ اقتصاديات جو جائزو پڻ آهي. هن ڪتاب مان اها ڳالهه به واضح ٿئي ٿي ته هيءُ ديس قدرتي طرح بحري ۽ درياهي بندرگاهن سان ڳتيل هو ۽ خوشحال هو، انهيءَ ڪري ٻاهرين حملي آورن کي هميشه کٽڪندو رهيو.

سنڌ جي وڻج واپار جي هن بيان مان اسان جي ايندڙ نسل کي اهو پيغام ملي ٿو ته هو پنهنجي صدين جي شاندار معاشي تاريخ تي نه صرف فخر ڪن پر سنڌ جي وڻج واپار جي وارثي پڻ ڪن ته سنڌ پنهنجي ماضيءَ جي خوشحالي جو سڪون مستقبل ۾ به پوريون ڪري سگهي.

ڀٽ ڏيٿري جو بندرگاهه

 

هاڪڙي ماٿر جي قابلِ فخر ۽ شاندار تاريخ آهي. جنهن سنڌوماٿر سان گڏ سنڌ جي تهذيبي ۽ تمدني ساک پَتِ کي اوج تي رسايو آهي. هاڪڙا وادي مٿي بهاولپور ڊويزن جي علائقي ۽ هيٺ سنڌ جي سرحد، اٻاوڙي کان وٺي ننگر پارڪر تائين ۽ اولهه کان وٺي ريتي ۽ هيٺ ڏيپلو تائين پکڙي پيئي آهي. انهيءُ ماٿري جي ويڪر ڪٿي به پنجاهه ميلن کان گهٽ نه آهي. سنڌو ماٿر جو هيءُ عظيم درياء پنهنجي نڪرڻ واري جاءِ کان وٺي پٽالا تائين سرسوتي، بيڪانير تائين گهاگهرا، فورٽ عباس صادق آباد ۽ هيٺ پاري ننگر تائين ’هاڪڙا‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جڏهن هيءُ وهندو هو، ته سندس ڪنارن تي سوين وسندڙ سرسبز شهر ۽ انساني وسنديون هيون، جن ۾ ان وقت پٽاندڙ صنعتي ۽ تجارتي مرڪز، بچاءَ لاءِ قلعا ۽ آبي بندرگاهه هوندا هئا، جن جو بهتر تمدن ۽ رهڻي ڪهڻي به اعليٰ هوندي هئي. وقتاً بوقتاً جاگرافيائي تبديلين ڪري درياءَ خشڪ ٿي ويو ۽ اهي شهر، ڳوٺ، وستيون ۽ واهڻ ويران ٿي ويا. انهن ويران ٿيل وستين مان ڀٽ ڏيٿري به هڪ آهي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ بندر جو درجو رکندڙ شهر هو.

قديم زماني ۾ سنڌ جو هي شهر نهايت ڳُتيل ۽ تاريخي مرڪز هو. چون ٿا ته هتي راجا ڏيٿا حڪومت ڪندو هو، جنهنجي نالي جي پٺيان هيءُ ”ڏيٿري“ سڏجڻ لڳو. راجا ڏيٿا راجا نند جو مائٽ هو، جيڪو وري ماٿيلي تي حڪومت ڪندو هو. ڪن جو خيال آهي، ته ڏيٿي مهاڻي نالي هڪ عورت رهندي هئي، جيڪا تمام شاهوڪار ۽ سخي مائي هئي. ان ڪري هن شهر کي سندس نالي پٺيان ڏيٿري سڏيو ويندو هو.

ڀٽ ڏيٿري، ميرپور ماٿيلي شهر کان مغرب طرف، 12 ميلن جي مفاصلي تي يارو لُنڊ کان ٿورو اورتي سوڀي لُنڊ پتي ۾ آهي. اڳي جڏهن هتان هاڪڙو درياء وهندو هو تڏهن هيءُ پررونق شهر هو. ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي پنهنجي مضمون ’هاڪڙو درياء‘ ۾ لکي ٿو، ته: ”روهڙي کان مٿان ميرپور ماٿيلي لڳ ڏيٿري جو ڳوٺ آهي، جو اڳ هاڪڙي تي بندر هو. هن وقت ان جا آثار ڊٻ ڏيٿري ڳوٺ جي ڀرسان هڪ ڦٽل دڙي جي صورت ۾ موجود آهن. ڏيٿري ان دور ۾ سنڌ جي اُڀرندي حصي جو مشغول ترين بندر هو، جيڪو هاڪڙي تي پارينگر ۽ وڄڙوٽ جي وچ تي هو. هن شهر ۾ ڪڇ سمنڊ جو مال ٻيڙن رستي پارينگر کان پهچندو هو. ۽ هتان ٿي ملتان، پنجاب ۽ ڪشمير ويندو هو. جيسلمير کان اُٺن جا قافلا هتي پهچندا هئا. ان وقت ماٿيلي تي گجر ذات جو هڪ راجپوت حاڪم راجانند حڪومت ڪندو هو. سندس زماني ۾ ماٿيلي جو اوج هو ۽ ان جو واپار جيسلمير سان، ڏيٿري جي معرفت هلندو هو. ’ڏيٿري‘ ماٿيلي کان ويندڙ قافلن ۽ جيسلمير کان ايندڙ قافلن جو مرڪز هو. هتان ٻيڙين رستي درياءَ کان مال ٽپائي ماٿيلي آندو ويندو هو. گويا هيءُ بندر جنڪشن هوندو هو. هتي ڏيٿي مائي جا ست پٽ واپار ڪندا هئا ۽ درياء ۾ ٻيڙا هلائيندا هئا، جن جو جيسلمير سان خشڪي رستي ۽ ڪشمير سان درياءَ رستي واپار هلندو هو. شهباز علي يوسفاڻي روزاني’مهراڻ‘ جي سالگره نمبر جي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته:”ڀٽ ڏيٿري ڪنهن وقت سنڌ جو هڪ بارونق شهر هوندو هو ۽ هن جي مشهوري خاص بندرگاهه سان هوندي هئي. هيءُ شهر مختلف قومن جي وچ ۾ رابطي جو ڪم ڏيندو هو. هن شهر جا ماڻهو خوشحال ۽ آسوده رهندا هئا.“

ڀٽ ڏيٿري وٽان هڪ واهه هاڪڙي مان نڪري جيسلمير ۾ وڃي ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندو هو. انهن مان هڪ شاخ جو نالو ’لُڊاڻو‘ هو، جنهن مان ٻيڙيون مال سان ڀرجي هتي اينديون هيون. هن بندر تي هروقت ٻيڙين ۽ بحري جهازن جو ميڙو متل هوندو هو. سنه 1956ع تي کوهه کوٽيندي هتان ٻيڙي جي سلان جو هڪ حصو لڌو ويو هو، جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته واقعي هتان درياء وهندو هو ۽ هيءُ شهر واپار جو مرڪز هو. سنڌ جي رومانوي داستان ’مومل راڻي‘ جي مک ڪردار ’مومل‘ لاءِ چون ٿا، ته کانئس جڏهن راڻو ناراض ٿي ويو، ته هوءَ پنهنجي ڀيڻ ’سومل‘ سان گڏ ڊٻ ڏيٿري ۾ اچي ويٺي، ڇاڪاڻ ته هيءُ شهر شاهوڪار ۽ زندگي جي هر شيءِ مهيا ڪندڙ هو. مومل تمام گهڻي دولت کڻي آئي هئي، ان ڪري هن ڏيٿري جي شهر کي خوب سينگاريو ۽ آباد ڪيو. سندس زماني جا آثار، هن وقت به موجود آهن. هتي هڪ وڏو کوهه به آهي، جيڪو ’مومل جو کوهه‘ نالي سڏجي ٿو، عام روايتن ۾ اچي ٿو، ته جڏهن راڻي، مومل وٽ اچڻ کان صاف انڪار ڪيو، تڏهن مومل، ماٿيلي مان ساري دولت کڻي ڏيٿري جي هن کوهه ۾ دفن ڪري پاڻ راڻي ڏانهن لُڊاڻي هلي ويئي. ۽ وڃي چکيا چڙهي. ان خزاني کي حاصل ڪرڻ لاءِ مقامي زميندارن کوهه جي کوٽائي جي وڏي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب ٿي نه سگهيا.

ڏيٿري جو هيءُ شهر ۽ بندرگاهه هاڪڙي جي سُڪي وڃڻ ڪري ويران ٿي ويو ۽ ماڻهن لڏڻ شروع ڪيو. هوريان هوريان جايون ۽ بازارون ڊهڻ لڳيون، هوائن ۽ طوفانن لڳڻ ڪري هيءُ شهر واريءَ هيٺان دٻجي ويو ۽ هڪ واريءَ جي دڙي ۾ تبديل ٿي ويو، ۽ اهڙيءَ طرح هيءُ شهر ماڻهن جي اکين کان اوجهل ٿي ويو. پوءِ هن شهر جا کنڊر سڀ کان اول ايڇ.ٽي.لئمبرڪ سنه 1946ع ۾ ڳولي لڌا، جنهن جي مڪمل رپورٽ هن”جنرل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“ جي ڪتاب نمبر ٽئين ۾ ڏني. لئمبرڪ، مومل واري کوهه بابت لکي ٿو، ته: ”دڙي جي ڏکڻ اوڀر واري ڀت تي، هڪڙو کوهه لڌو ويو آهي، جيڪو زمين جي مٿاڇري کان چار فوٽ هيٺ آهي، اهو گهيري ۾ پنج فوٽ آهي، پر پاسن جي هر قطار ۾ رڳو نَو سرون اٿس، جيڪي سڀ هڪ ئي ماپي يا قالب جون نه آهن. اهي سرون اڀيون نه آهن، پر وڏيون گولائي ۾ لڳل آهن ۽ پاسي کان ڏسڻ تي ونگ جو ڏيک ڏين ٿيون. اوساريءَ جو اهو نمونو موئن جي دڙي جي انيڪ کوهن جي اوساري کان بنهه نيارو آهي.“

ڊٻ ڏيٿري جي دڙي مان ڪيتريون ئي شيون هٿ آيون آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ تمدن سان واسطو رکن ٿيون. خاص ڪري هتان ڪي ڪچيون سرون مليون آهن، جيڪي بيضوي شڪل جون هيون ۽ هر هڪ سر جي هڪ پاسي اڌ انچ کن اندر ٺپو لڳل هو، جنهن تي مينار جي عڪاسي ’گوتم ٻڌ‘ جي مندرن وانگر هئي ۽ ان جي هيٺان ڪجهه لکيل به هو. ان کان سواءِ ٺڪر جي ٿانوَن جا ٽڪرا به مليا آهن، جيڪي بناوٽ ۾ سنها آهن ۽ سندس ڊزائينون ۽ چٽسالي جاميٽري جي نموني ٿيل آهن. اهڙا شفاف پٿر به مليا آهن، جن ۾ ماڻهو پنهنجو عڪس ڏسي سگهي ٿو. هن ڀٽ لاءِ انگريز محقق مسٽر لوئس فليم هڪ هنڌ لکي ٿو ته:”هيءُ ماڳ هڪ هيڪٽر ۾ پکڙيل آهي. هتان لڀجندڙ ٿانوَ، ٽامي جا ٽڪر، پٿر جا مڻيا، جيڪي ميچوئر هڙپا جي دور سان ڀيٽي سگهجن ٿا.“ بهرحال ڏيٿري جو هيءُ شهر هاڪڙي جو مشهور بندر هو، جنهن تاريخ ۾ خاص مقام حاصل ڪيو ۽ اڄ هو واريءَ جو ڍڳ آهي.

 

وڄڙوٽ بندر

 

سکر ضلع ۾ سنڌ پنجاب جي سرحد، ريتي اسٽيشن کان ڪجهه ميل تي ڏکڻ طرف هڪ ڀِڙو نظر ايندو، جيڪو 40 ايڪڙن جي ايراضي ۾ پکڙيل آهي ۽ ان جا دڙا 10 کان 20 فوٽ اوچا آهن. هر طرف پڪين سرن جا ڍير سڙيل ڪاٺ ۽ ٿانون جا ننڍا ننڍا ٽڪر پيل آهن. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو، ته هيءُ قديم آثار ۽ کنڊرات سنڌ جي قديم تهذيب ۽ تمدن جا نشان آهن ۽ جتي ماضيءَ جون حسين ترين يادگيريون دفن ٿيل آهن. اهي کنڊرات وڄڙوٽ شهر جا آهن، جيڪو ڪنهن زماني ۾ وسندڙ شهر ۽ مشهور بندرگاهه هو.

وڄڙوٽ (وڄڻوٺ) هندستاني رڻ پٽ جي گم ٿيل درياء هاڪڙو، جيڪو مختلف دورن ۾ مختلف هندن تان وهيو ۽ سرسوتي، مبالا، گهاگهر هاڪڙي ريڻي، واهندا ۽ پراڻ جي مختلف نالن سان سڏيو ويندو هو. ان جي ڪنڌيءَ تي هيءُ بندر آباد هو. هن کنڊر جي قديم آثارن جي برطانوي ماهرن ۽ تاريخدانن جهڙوڪ: ٻيگوٽ، ايڇ.جي.راورٽي، هينري ڪزنس، ڊاڪٽر ايڇ.ٽي.سورلي ۽ لئمبرڪ ڳولا ڪئي ۽ ان بابت رپورٽ ڪئي. تاريخي ڪتابن ۾ هن شهر جامختلف نالا اچن ٿا. جهڙوڪ: وجورته، ونجهروٽ، رونجهه ڪوٽ، ونجوٽ، وجناٿ ۽ وڃراٺ وغيره، پر عام طرح هن ايراضيءَ ۾ هيءُ قديم تاريخي آثار وارو ماڳ ’وڄڙوٽ‘ جي نالي سان مشهور آهي.

وڄڙوٽ، هاڪڙو سڀيتا جو هڪ نهايت ئي اهم هنڌ هو، مسٽر هينري ڪزنس، Antiques Of Sindh ۾ لکي ٿو ته: ’وينجهروت يا وجڻاٿ‘ جو قديم شهر پراڻي زماني ۾ هاڪڙي يا وهندا جي ڪناري تي آباد هو. هيءَ شاخ سنڌو درياء مان نڪرندي هئي ۽ وينجهروت وٽان وهندي، عمر ڪوٽ جي الهندي کان لڙندي هئي. جيئن ته هيءُ شهر سنڌو درياء جي ان شاخ تي آباد ئي هو، ان ڪري ان جي شادابي ۽ خوشحاليءَ جو دارومدار به ان تي ئي هو. هن جي بيهڪ بابت هينري ڪزنس ساڳي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته: ”ريتي ريلوي اسٽيشن کان 5 ميل ڏکڻ ۽ روهڙيءَ کان 63 ميل اتر ڏکڻ ۾ وچڙوٽ بندر جا نشان دڙي جي صورت ۾ موجود آهن، چوڌاري ٺڪرين ۽ سرن جي ٽڪرن سان ڀريل آهي. ٺڪراٺو اسلام دور جو معلوم ٿئي ٿو. سرن جي ماپ 18x12x4 آهي، جيڪي سٺيون پڪل آهن ۽ رنگ پڪو ڳاڙهسرو اٿن. دڙو، ڏيڍ ميل ۾ پکڙيل آهي، جو ڊيگهه ۾ اڌ ميل ڏکڻ اولهه ۽ ويڪر ۾ اُتر ڏکڻ چوٿائي ميل کن ٿيندو. مشهور مؤرخ شمس الدين قريشي ”تاريخ آئينه قديم سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته: ”اوج جي زماني ۾ هيءُ شهر برهمڻ آباد جيڏو هو.“ انگريز مؤرخ مسٽر هينري ڪزنس هن شهر ۽ برهمڻ آباد جي تهذيب کي، ساڳي ۽ هڪجهڙي سڏيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته :”هتان جون سرون ۽ ٿانون جا ٽڪرا، اهڙا ئي آهن، جهڙا برهمڻ آباد جا آهن. “ هنن حوالن مان صاف ظاهر آهي، ته وڄڙوٽ قدامت جي لحاظ کان سنڌ جو هڪ قديم شهر ۽ تاريخي تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي جي سرزمين هو.

سنه 1896ع ۾ بمبئي جي محڪمئه آثار قديمه جي سپريڊنٽ مسٽر هينري ڪزنس  وڄڙوٽ دڙي جو دورو ڪيو. ان کان پوءِ ٻن انگريز آفيسرن مسٽر ’ڪولوفول‘ ۽’برين فل‘ وڄڙوٽ جا آٿر ڏسي رپوٽون تيار ڪيون. انهن رپوٽن ۾ انگريز ماهرن، وڄڙوٽ جي ثقافتي اهڃاڻ  جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:

”هِتان جيڪي چٽيل ٿانون جا ٽڪر لڌا ويا آهن، اهي ساڳي نموني جا آهن، جهڙا برهمڻ آباد ۾ هئا. ٺڪر جا ڀڳل ٿانوَ ڏاڍا سهڻا ۽ اعليٰ قسم جا آهن، جن تي روغن سان رنگ جو ڪم ٿيل آهي. هتان جيڪي سرون مليون آهن، اهي 15 انچ ڊگهيون 10 انچ ويڪريون ۽ اڍائي انچ ٿلهيون آهن. اهي سرون موئن جي دڙي وارين سرن کان ساخت، بناوت ۽ سونهن ۾ وڌيڪ آهن. وڄڙوٽ جي دڙي جي وچ تي هڪ چورس نما کليل ميدان آهي، جيڪو ٻن سون کان ٽي سو والن تائين ويڪرو آهي. ان جي اولهه واري پاسي کان امير ماڻهن جا رهائشي گهر آهن ۽ وچ ۾ پٿر ۽ پڪين سرن سان ٺهيل پٿر جو ڪم احمد آباد ۾، احمد شاهه جي مسجد ۾ ڏٺو ويو آهي. هتان جيڪي سڪا لڌا آهن، اهي ٽامي جا آهن. اهي ٿولهه ۾ انچ جو ڏهون حصو ويڪر ۾ اڌ انچ ۽ وزن ۾ 3 کان 4 گرين آهن. ڪجهه چاندي جا سڪا به مليا آهن جن جو وزن 4 کان 7 گرين آهي. ٻارن جا رانديڪا به مليا آهن، جيڪي پٿر ۽ مٽيءَ جا ٺهيل آهن. اهي رانديڪا گهڻو ڪري جانورن جا آهن. شيشي ۽ چيني جا رنگين ٽڪرا مليا آهن، جيڪي سائو نيرو ۽ سفيد رنگن مان آهن.  خاص ڪري بلور شيشي جا برتن سهڻا آهن. لوهيون ميخيون به مليون آهن، جيڪي گهرن جي ڇتين ۽ فرش ۾ استعمال ٿيل عمارتي ڪاٺ کي بند ڪرڻ ۾ ڪم اينديون هيون. شيشي ۽ پٿر جي ڪنگڙين جا ٽڪر، مڻڪا ۽ ٽامي ۽ پتل جا زيور ۽ گهنگهرو به مليا آهن. هٿيارن کي تکي ڪرڻ جون روهيون به مليون آهن. ان کان سواءِ سپين ۽ ڪوڏين جا ٽڪرا به هٿ آيا آهن.“

هن ساري ثقافتي رپورٽ مان ظاهر ٿئي ٿو، ته هيءُ شهر پراڻي زماني ۾ هڙپا، موئن جو دڙو ۽ برهمڻ آباد جو هم پلئه هو. هيءُ سکيو، ستابو، آباد، خوشحال ۽ امير ترين شهر هو، جتي زندگي جي هر سهوليت موجود هئي ۽ ماڻهن جو معيارِ زندگي بلند ترين هو. ماڻهو شانائتي زندگي گذاريندا هئا. هن بندر ۾ سنڌ جو مال، دنگين ۽ ٻيڙين ذريعي ايندو هو، جتان پوءِ پنجاب، ڪشمير ۽ بهاولپور ويندو هو. اترئين سنڌ ۽ ريگستاني علائقي ۾ هيءُ بندر گلگت، چترال، ڪشمير ۽ پنجاب وڃڻ لاءِ خاص رستو هو. هاڪڙي درياء جو هيءُ بندر سنڌ جي تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ لوڪ ادب ۾ به وڏي اهميت رکي ٿو. سنڌي رومانوي داستان ڏمڻ سوناري، جو قصو هن سرزمين سان وابسته آهي، جنهن جو انساني ۽ ثقافتي پهلو سنڌي تاريخ جو عطيم داستان آهي. خاص ڪري هيءَ ڳالهه لازوال حيثيت رکي ٿي:

اَڪ نه ڪجي ڏندڻين، سپ نه ڪجي ماهه،

اُتي نه لائجي نينهڙو،  جتي  نه توڙ   نڀاءَ.

سنڌ جو هيءُ عظيم الشان بندر، درياء جي رخ مٽجڻ ڪري تباهه ٿي ويو. چون ٿا ته سنه 962ع ۾ هڪ خوفناڪ زلزلو آيو، جنهن ڪري درياء رخ مٽايو هو ۽ هيءُ عاليشان شهر تباهه ٿي ويو. ڪاڪي ڀيرومل جو چوڻ آهي، ته: ”جڏهن روهڙي ۽ سکر ۾ زلزلو آيو ۽ اروڙ جون ٽڪريون تباهه ٿيون، تڏهن درياء رخ مٽائي ويو ۽ هيءُ شهر برباد ٿي ويو.“ اڄ هيءُ دڙو صرف 40-50 والن تي پکڙيل آهي. اهو به ڪن ماڻهن ٽريڪٽرن سان کوٽي زمين آباديءَ لائق بنائي، فصل پوکڻ شروع ڪيا آهن. هينئر صرف هڪ وڏو دڙو وڃي بچيو آهي، جيڪو به هڪ ٻن سالن ۾ ختم ٿي ويندو ۽ پوءِ سنڌ جي تاريخ جي هن سونهري شهر جوتذڪرو صرف ڪتابن ۾ وڃي رهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org