سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 8

باب پنجون

 

فصل پھريون

بادشاھھ جي سخاوت ۽ نيڪي

 

مان ھن بادشاھھ جي سخاوت جي باري ۾ صرف اھو بيان ڪندس، جو مون پاڻ ڏٺو آھي، ۽ خدا وند ڪريم ٿو ڄاڻي تھ جيڪي بھ مان بيان ٿو ڪريان سو يمن، خراسان ۽ فارس جا سڀ ماڻھو ڄاڻن ٿا ۽ انھن جي شاھدي ئي منھنجي سچيءَ حقيقت کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي. مسافرن ۽ پرديسين تي ھن جيڪي مھربانيون ڪيون، تن جي باري ۾ ھنن ملڪن جي گھر گھر کي ڄاڻ آھي. ھو غيرملڪين جو تمام گھڻو قدر ڪندو آھي ۽ انھن کي ھندستانين تي ترجيح ڏيندو آھي، کين جاگيرون، انعام ۽ وڏا وڏا عھدا عطا ڪندو آھي. ان کان سواءِ ھن جو حڪم آھي تھ ڪنھن بھ غيرملڪيءَ کي ڌاريو نھ سمجھيو وڃي، بلڪ ان کي عزيز ڪري مخاطب ڪيو وڇي، ڇاڪاڻ تھ ھن جي خيال موجب غيرملڪي  ماڻھوءَ کي ڌاريو سڏڻ ھن جي دل شڪني ڪرڻي آھي.

 

بادشاھھ جو شھاب الدين گازرونيءَ کي بخشش ڏيڻ جو قصو

گارزون شيراز جي ڀرسان ھڪ شھر آھي، تنھن جو ھڪ وڏو واپاري پرويز نالي ھوندو ھو، جنھن کي ملڪ التجار بھ ڪري چوندا ھئا، شھاب الدين ھن جو گھرو دوست ھوندو ھو. ملڪ پرويز کي بادشاھھ جي طرفان کنڀات جو شھر جاگير ۾ مليل ھو ۽  بادشاھھ ھن سان وعدو ڪيو ھو تھ ھو کيس وزارت جو عھدو پڻ ڏيندو.ھن پنھنجي دوست شھاب الدين کي گھرائي ورتو ۽ ھن جي پھچڻ تي کيس چيائين تھ بادشاھھ جي لاءِ نذر تيار ڪر. ھو ريشمي ۽ ڪيمخواب مان گلن ۽ ٻوٽن جي زرين سان ڀرت ڀريل تنبو ۽ تولان، ٻيو سامان ۽ خچر وغيره ۽ ٻيون تمام قيمتي ۽ اعليٰ قسم جون شيون تيار ڪرائي، پنھنجي دوست ملڪ التجار وٽ کڻي آيو، جو اڳئي پنھنجي ملڪ جي ڍل ۽ نذر تيار ڪيو ويٺو ھو.

ھوڏانھن بادشاھھ جي وزير خواجھ جھان کي اھا خبر ھئي تھ بادشاھھ پرويز کي وزارت جي عھدي ڏيڻ جو ساڻس وعدو ڪيو آھي. ھيءَ ڳالھھ کيس تمام ناگوار لڳي، ۽ ڇاڪاڻ تھ ھن کان اڳ کنڀات ۽ گجرات کيس جاگير ۾ مليل ھئا ۽ اتي جي ماڻھن سان ھن جو دلي تعلق رھندو ھو، جن مان گھڻا اھڙا ھندو  ھوندا ھئا، جن جو بادشاھھ سان تڪرار ھلندو ھو. انھن مان ڪن کي ھن، يعني خواجھ جھان، اشارو ڪري ڇڏيو تھ ملڪ التجار کي رستي ۾ ئي ختم ڪيو وڃي. تنھن ڪري جڏھن ملڪ التجار نذر ۽ ڍل وغيره کڻي دارالخلافھ ڏانھن راھي ٿيو ۽ ھڪ ڏينھن، پھر کن ڏينھن چڙھئي جو نيرن جي وقت ھڪ منزل تي لھي سڀ پنھنجي ضرورت کان فارغ ٿيڻ ۾ مشغول ھئا ۽ ڪي تھ سمھي پيا، تڏھن اوچتو ھندن جو ھڪ وڏو  ڪٽڪ اچي ھنن تي ڪڙڪيو.

ملڪ التجار قتل ٿي ويو ۽ ھن جو سڀ  مال لٽيو ويو، پر ڍل ۽ سرڪاري نذر جو خزانو بھ اھي ھندو کڻي ويندا رھيا. شھاب الدين جو بھ سڀ سامان لٽجي ويو. مگر سندس جان بچي ويئي، بادشاھھ جي اخبار نويس سچي حقيقت بادشاھھ کي لکي ،جنھن جو حڪم آيو تھ نھروال جي خزاني مان ھن (شھاب الدين)کي ٽي ھزار دينار ڏنا وڃن، جيئن ھو پنھنجي ملڪ واپس وڃي سگھي. شھاب الدين کي جڏھن ھيءُ حڪم ٻڌايو ويو تڏھن ھن چيو تھ مان بادشاھھ جي زيارت لاءِ نڪتو آھيان، تنھن ڪري ضرور وڃي ھن جي چانئٺ چمندس. بادشاھھ ڏانھن ھن جو اھو جواب لکيو ويو، جنھن تي بادشاھھ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اجازت ڏنائين تھ شھاب الدين ڀلي دارالخلافھ ڏانھن ھليو اچي. جنھن ڏينھن ھو دارالخلافھ ۾ پھتو، تنھن ڏينھن اسان کي بھ بادشاھھ جي سامھون پيش ٿيڻو ھو، تنھن ڪري ھو بھ اسان سان گڏجي ھليو ھو. بادشاھھ اسان کي خلعتون ڏنيون ۽ ترسڻ لاءِ چيائين ۽ شھاب الدين کي بھ گھڻو ئي ڪجھھ ڏنائين. ان کان پوءِ بادشاھھ حڪم ڏنو تھ مون(ابن بطوطھ) کي ڇھھ ھزار تنڪا ڏنا وڃن. ۽ انھيءَ ئي ڏينھن شھاب الدين جي باري ۾ دريافت ڪيائين تھ ھو ڪٿي آھي. جنھن تي بھاءَ الدين ابن فلڪي چيو تھ ”آخوند عالم تميدانم“ معنيٰ خبر ڪا نھ اٿم، پر پوءِ چيائين تھ ”شنيدم زحمت دارد“ معنيٰ ٻڌو اٿم تھ ھو بيمار ٿي پيو آھي. تنھن تي بادشاھھ فرمايو تھ ”برو ھمين زمان در خزانت بک لک تنکھ“  ز ربگيري و پيش او ببري – تا دل او خش (خوش) يعني تھ ھن ئي وقت خزاني ۾ وڃي، ھن کي ھڪ ھزار تنڪا سون جا ڏيئي، ھن کي خوش ڪيو وڃي.

اھو بھ حڪم ڏنائين تھ ھندستان ۾ تيار ٿيل جيڪو بھ سامان ھن کي وڻي سو خريد ڪري ۽ جيستائين ھن جي خريداري جاري رھي، ان وقت تائين ڪو بھ شخص خريداري نھ ڪري، ازانسوءِ بادشاھھ جي حڪومت موجب ٽي جھاز سامان سان ڀريل ۽ راھ خرچ لاءِ پيسا پڻ کيس ڏنا ويا.

جڏھن شھاب الدين ھرمز پھتو، تڏھن اتي پنھنجي لاءِ ھڪ وڏو عاليشان گھر تيار ڪرايائين، انھيءَ شھاب الدين کي مون وري شيراز  ۾ ڏٺو ، تھ اتي ھو سلطان ابو اسحاق جي بخشش جو طلبگار لڳو ويٺو ھو، ڇو تھ ان وقت ھو پنھنجو سڀ ڪجھھ  خرچ ڪري بلڪل صفائيءَ تي ويٺو ھو. ھندستان جي دولت(1) جو حال ھي آھي، جو پھريائين تھ اھا دولت ھن ملڪ مان ٻاھر وڃي نٿي سگھي. پر جي کڻي اھا وڃي بھ تھ خدا تعاليٰ وري انھي کڻي ويندڙ تي اھڙي ڪا آفت نازل ٿو ڪري، جو اھا ھن وٽ اصل نٿي رھي سگھي. اھڙيءَ طرح سان شھاب الدين جي بيمشمار دولت بھ سندس ڀائٽين ۽ ھرمز جي بادشاھھ جي وچ ۾ ھلندڙ تنازعي ۾ بلڪل ختم ٿي ويئي.

شيخ الشيوخ رڪن الدين  کي بخشش

ھڪ دفعي بادشاھھ، مصر جي خليفي ابو العباس ڏانھن تحفا وغيره موڪلي، درخواست ڪئي تھ کيس سنڌ ۽ ھدستان تي حڪومت ڪرڻ جو اجازت نامو موڪليو وڃي. اصل ۾ ھيءَ درخواست فقط اعتقاد جي ڪري موڪلي ويئي ھئي. جنھن تي خليفي ابو العباس ھڪ اجازت نامو شيخ الشيوخ رڪن الدين جي ھٿان ڏياري موڪليس. جڏھن شيخ رڪن الدين دارالخلافھ ۾ پھتو، تڏھن بادشاھھ سندس استقبال تمام شاندار نموني سان ڪيو ۽ ڪا بھ ڪسر نھ ڇڏيائين، ازانسواءِ ھو جڏھن بھ بادشاھھ وٽ سلاميءَ لاءِ ايندو ھو تھ بادشاھھ اٿي بيھي کيس ادب سان ملندو ھو. تنھن کان سواءِ ھن کي جيڪي ڪجھھ بخشش ۾ ڏنائين تنھن جو تھ حساب ئي ڪونھي. رڳو گھوڙا جيڪي کيس ڏنائين، سي بھ سونن سنجن ۽ سامانن سوڌا ھئا. نھ رڳو ايترو پر بادشاھھ کيس اھو پڻ حڪم ڏنو ھو تھ موٽندي جڏھن ھو جھاز تان لھي خشڪيءَ تي ھلڻ شروع ڪري، تڏھن گھوڙي کي نعل بھ سون جا ھڻائي.

        پوءِ شيخ صاحب کنڀات ڏانھن راھي ٿيو، جتان جھاز ۾ چڙھي کيس پنھنجي ملڪ ڏانھن وڃڻو ھو. رستي تي قاضي جلال الدين بغاوت ڪري ابن الڪرمي ۽ شيخ رڪن الدين کي ڦري ھليو ويو. شيخ صاحب جان بچائي اچي بادشاھھ جي دربار ۾ نڪتو. بادشاھھ ھن کي ڏسي مذاق ۾ چيو؛ آمد کھ زر بري باد کري – دلربائي) صنم خوري زر نھ بري سرنھي“ پوءِ چيائين تھ تون خاطري ڪر، مان دشمنن تي چڙھائي ڪري، سندن اھڙو ئي حال ڪندس جھڙو ھنن تنھنجو ڪيو آھي، بلڪ انھي کان بھ وڌيڪ. جڏھن مان ھندستان مان وڃي رھيو ھوس ، تڏھن مون ٻڌو تھ بادشاھھ پنھنجو وعدو پورو ڪيو ۽ شيخ کي اڳئين کان بھ وڌيڪ انعام اڪرام ڏيئي روانو ڪيائين.

واعظ ترمذي ناصرالدين کي بخشش

ھيءُ فقيھھ واعظ ترمذي بادشاھھ جي خدمت ۾ سلام عرض ڪرڻ لاءِ پنھنجي ملڪ مان آيو ھو ۽ گھڻي وقت تائين سندس نوڪريءَ ۾رھندو آيو. آخر ھن کي پنھنجي وطن ورڻ جو شوق ٿيو. جنھن تي بادشاھھ کيس اجازت ڏني، اڃا تائين بادشاھھ سندس تقرير ۽ نصيحت ڪا نھ ٻڌي ھئي، تنھن ڪري ھن جي وڃڻ کان اڳ ۾ ھڪ دفعو سندس تقرير ٻڌڻ جو ارادو ڪيائين ۽ حڪم ڏنائين تھ سفيد صندل مقاشيري(1) مان ھڪ منبر تيار ڪيو وڃي، جنھن ۾ ڪوڪا ۽ ڪليون سون جا ھنيا وڃن ۽ ان جي مٿان ھڪ وڏو ياقوت رکيو وڃي، ازانسواءِ ناصرالدين کي ھڪ خلعت عباسيھ ڪاري رنگ جي، جنھن تي زري ۽ ھيرا ۽ موتي لڳل ھئا ۽ ھڪ عمامو (پڳ) پھرڻ لاءِ ڏنائين.

        انھيءَ جلسي جو انتظام ھڪ قيمتي خيمي ۾ ڪيو ويو، جتي بادشاھھ اچي تخت تي ويٺو ۽ سندس ساڄي ۽ کاٻي خاص خاص امير، قاضي ۽ مولوي پنھنجي جاين تي ويھي ويا. پوءِ  واعظ ترمذيءَ ھڪ خطبو نھايت فصاحت ۽ بلاغت واريءَ عبارت ۾ پڙھيو ۽ ان کان پوءِ تقرير ڪيائين. جيڪا ڪا خاص نصيحت آموز ڪا نھ ھئي. پر تقرير نھايت سٺي ڪيائين. جڏھن واعظ (ترمذي) منبر تان لٿو، تڏھن بادشاھھ ھن ڏانھن وڌي آيو ۽ ڀاڪر پائي کيس ڇاتيءَ سان لڳايائين ۽ پاڻ سان گڏ ھاٿيءَ تي سوار ڪرايائينس، سڀني ماڻھن کي حڪم ٿيو تھ ھن جي اڳيان پنڌ ھلن، جن ۾ مان پاڻ شامل ھوس. پوءِ ھن کي ھڪ سراجھ (خيمي) ۾ وٺي آيا جيڪو خاص ھن لاءِ کڙو ڪيو ويو ھو ۽ بادشاھھ جي خيمي جي سامھون ھو. ھي خيمو رنگ برنگي ريشمي ڪپڙي مان تيار ڪيل ھو ۽ ان جي قنات ۽ رسيون پڻ ريشم مان تيار ڪيون ويون ھيون.

خيمي جي ھڪ طرف سون جا برتن رکيل ھئا جيڪي بادشاھھ ھن کي انعام ۾ ڏنا ھئا. انھن برتنن ۾ ھڪ تنور، جنھن ۾ ھڪ ماڻھو آسانيءَ سان ويھي سگھي، ٻھ وڏيون ديڳيون، ٿالھيون جن جو تعداد مون کي ياد نھ رھيو آھي، ڪيترائي جگ ، ھڪ ڪونرو، ھڪ تمسينھ نالي چئن پيرن سان خوانچو ۽ ھڪ ڪتابن جي پيتي وغيرھ ھئا. ھيءُ  سڀ سامان سون جو ھو. عماد الدين سمنانيءَ انھيءَ خيمي جون ٻھ ڪليون کڻي جاچي ڏٺيون تھ ھڪ پتل ۽ ٻي قلعي ڪيل ٽامي جون ھيون، جي ائين پئي معلوم ٿيون ڄڻ تھ سون ۽ چانديءَ جون ٺھيل آھن، مگر اصل ۾ سون ۽ چانديءَ جون نھ ھيون، ازانسواءِ ھن کي ھڪ لک دنيار ۽ ٻھ سئو غلام پڻ بادشاھھ جي طرفان مليا، جو انھن غلامن مان ڪن کي ھن آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ڪي پاڻ وٽ رکيائين.

عبدالعزيز اردويليءَ کي بخشش

عبدالعزيز ھڪ فقيھ ۽ محدث ھوندو ھو، جنھن دمشق ۾، تقي الدين ابن تميھ برھان الدين البرڪح ، جمال الدين المزي ۽ شمس الدين ذھبي جھڙن عالمن وٽان علم حاصل ڪيو ھو. ھو جڏھن بادشاھھ وٽ نوڪريءَ لاءِ آيو تڏھين سندس تمام گھڻو قدر ڪيو ويو، ھڪ ڏينھن اتفاق سان ھن حضرت عباس ۽ سندس اولاد جي تعريف ۾ ڪي حديثون تمام سٺي نموني سان پيش ڪيون ۽ ڪن عباسي خليفن جو بھ بيان ڪيائين، بادشاھھ بني عباس سان تمام گھڻي محبت ۽ عقيدت رکندو ھو، سو ھي ڳالھيون کيس ڏاڍيون وڻيون ۽ يڪدم وڃي عبدالعزيز ارد ويليءَ جا قدم چميائين. پوءِحڪم ڏنائين تھ ھڪ سون جي ٿالھيءَ ۾ ٻھ ھزار مھرون کڻي اچو، جيڪي سڀ ھن کي بخشش ۾ ڏنائين.

شمس الدين اندڪائيءَ کي بخشش

فقيھھ اندڪاني ھڪ حڪيم ۽ شاعر ھوندو ھو. ھڪ دفعي ھن بادشاھھ جي تعريف ۾ ھڪ قصيدو پڙھيو، جنھن ۾ ستاويھھ شعر ھئا، بادشاھھ ھن کي ھر ھڪ بيت جي عيوض ھڪ ھزار درھم ڏنا. مون جيڪو وڌ ۾ وڌ انعام بابت ٻڌو ھيو، سو ھو تھ ڪنھن کي، ھر شعر جي عيوض ھڪ ھزار درھم ڏنا ويا ھئا، پر اھو بادشاھھ جي ھن انعام جي ڏھين پتيءَ جيترو مس ھو.

قاضي مجد الدين کي بخشش

بادشاھھ جڏھين شيراز جي قاضي مجد الدين جي، جيڪو عالم صالح ۽ ڪرامت وارو ھوندو ھو، تعريف ٻڌي، تڏھين ھن ڏانھن شيراز جي شھر ۾ شيخ زاده دمشقيءَ جي معرفت ڏھھ ھزار دينار موڪلي ڏنائين.

برھان الدين ساغر کي بخشش

برھان الدين ھڪ وڏو واعظي ھوندو ھو. ھو اھڙو تھ سخي ھو، جو جيڪي ڪجھھ بھ وٽس ھوندو ھو، سو غريبن ۽ بکايلن کي ڏيئي ڇڏيندو ھو،  بلڪ قرض کڻي بھ سخاوت جاري رکندو ھو. جڏھين بادشاھھ کي ھن جي خبر پھتي تڏھين ھن ڏانھن چاليھھ ھزار دينار موڪلي ڏنائين ۽ ھندستان اچڻ لاءِ بھ عرض ڪيائينس. برھان الدين اھي چاليھھ ھزار دينار وٺي ، پنھنجو قرض وغيره لاھي، بادشاھھ ڏانھن وڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ ھيئن چئي خطا جي ملڪ ڏانھن ھليو ويو تھ ”بادشاھھ عالمن کي پنھنجي سامھون بيھاري ٿو ڇڏي، تنھن ڪري مان اھڙي ماڻھوءَ جي نوڪري نھ ڪندس.“

حاجي ڪاون کي بخشش ۽ سندس ڳالھھ

حاجي ڪاون شاھھ عراق جو سوٽ ھو. سندس موسيٰ  نالي ڀاءُ عراق جي ڪنھن علائقي جو حاڪم ھو، جنھن حاجي ڪاون کي بادشاھھ وٽ سفير ڪري موڪليو. بادشاھھ ھن کي تمام گھڻي عزت ڏني ۽ ڪافي مال بھ ڏنائينس. ھڪ دفعي جي ڳالھھ آھي تھ وزير خواجھ جھان بادشاھھ ڏانھن تحفو موڪليو جنھن ۾ ٽي ٿالھيون بھ ھيون، جن مان ھڪ ۾ ياقوت، ٻيءَ ۾ زمرد ۽ ٽينءَ ۾ موتي ڀريل ھئا، ان وقت حاجي ڪاون پڻ موجود ھو، بادشاھھ ھن مال مان گھڻو ئي کيس ڏنو ۽ موڪلاڻي وقت بھ تمام گھڻو خزانو کيس ڏنائين، حاجي ڪاون جڏھين عراق پھتو تڏھين سندس ڀاءُ مري ويو ھو ۽ ان جي جاءِ تي سليمان حاڪم بنجي ويٺو. ھن پنھنجي ڀاءُ جو ورثو گھريو ۽ ملڪ جي دعويٰ پڻ ڪيائين. ماڻھن ۽ لشڪر سندس ھٿ تي بيعت ڪئي، جن سان گڏ ھو فارس ھليو ويو.

جڏھن ھو شونڪارھ جي شھر ۾ پھتو (ھن شھر جي امام عضدالدين جو بيان پھرئين حصي ۾ ڪري آيا آھيون)، تڏھين اتي جي چڱن ماڻھن ھن وٽ اچڻ ۾ ڪجھھ دير ڪئي ۽ پوءِ جڏھين آيا تڏھن ھنن کان دير ڪرڻ جو سبب پڇيائين. ھنن جيڪو سبب ڏنو سو ھن کي پسند نھ آيو ۽ يڪدم پنھنجن سپاھين کي حڪم ڏنائين تھ  قلج(جڪار) يعني تلوارون ڪڍو. ھنن تلوارون ڪڍي. چڱن مڙسن جا سر لاھي کڻي ڦٽا ڪيا. ان وقت ھن وٽ تمام گھڻو لشڪر ھو.

مٿئين واقعي جي خبر جڏھن اتي جي اميرن ۽ ماڻھن کي پئي تڏھن ھنن کي گھڻي مٺيان لڳي ۽ سڀني گڏجي شمس الدين سمنانيءَ کي جيڪو وڏو فقيھھ ۽ امير ھو، مدد لاءِ لکيو . ھو پنھنجو لشڪر وٺي اٿي کڙو ٿيو ۽ وڃي اتي جي ماڻھن سان مليو، جيڪي پنھنجن چڱن ماڻھن جي انتقام وٺڻ لاءِ گڏ ٿيا ھئا. ھنن حاجي ڪاون جي لشڪر تي رات جو حملو ڪيو ۽ انھن کي ڀڄائي ڪڍيائون. پوءِ حاجي ڪاون ، جيڪو شھر ۾ محل جي اندر ھو، جو اچي گھيرو ڪيائون، ھو وڃي بيت الطھارت(عسل خاني) ۾ لڪو. آخر ھن کي پڪڙي ، سندس سر وڍي، سليمان ڏانھن ڏياري موڪليائون ۽ باقي عضوا سڄي ملڪ ۾ ورھائي، پنھنجي انتقام جي باھھ وسايائون.

 

فصل ٻيو

ابن الخليفھ جو بادشاھھ وٽ اچڻ

امير غياث الدين محمد بن عبدالقادر بن يوسف بن عبدالعزيز بن خليفھ المستنصر ياالله عباسي بغدادي، النھر ماوراءِ جي بادشاھھ سلطان علاءُ الدين طرمشيرين وٽ آيو. سلطان کيس حضرت قثم بن عباس رضھ جي خانقاه جو متولي ڪري رکيو جتي ھو ڪيترائي سال رھيو.  ھڪ دفعي ھن ٻڌو تھ ھندستان جو بادشاھھ بني عباس جو شيدائي آھي. تنھن ڪري ھن پنھنجي طرفان محمد بن ابي شرفي حرياوي کي جيڪو سندس قديمي دوست ھو ، ۽ محمد ھمداني صوفيءَ کي قاصد ڪري موڪليو. ھو ٻيئي اچي بادشاھھ جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. ناصر الدين ترمذي ، جنھن جو مٿي بيان ڪري آيا آھيون، سو بھ امير غياث الدين کي سڃاڻندو ھو، ڇاڪاڻ تھ بغداد ۾ ھن جي حسب نسب جي ڪافي جاچ ڪئي ھئائين تھ اتي جي مشائخن بھ ھن جي خاندان جي تصديق ڪئي  ھئي، تنھن ڪري ھن بھ بادشاھھ سان اھو ئي احوالي ڪيو، جو قاصدن ڪيو ھو.

بادشاھھ قاصدن کي پنج ھزار دينار عنايت ڪيا ۽ امير غياث الدين ڏانھن ٽي ھزار دينار راھھ خرچ لاءِ موڪلي، ھڪ خط ۾ کيس ھندستان اچڻ لاءِ دعوت ڏياري موڪليائين. ھن خط پھچڻ شرط غياث الدين اٿي ھليو، جڏھن سنڌ ۾ پھتو تڏھن اخبار نويسن بادشاھھ کي خبر موڪلي ڏني، بادشاھھ دستور موجب سندس استقبال لاءِ ماڻھو موڪليا. جڏھن ھو مرسمھ ۾ پھتو تھ قاضي ڪمال الدين صدر جھان کي حڪم ڏنائين تھ ڪجھھ فقيھھ پاڻ وٺي وڃي ھن جي سواريءَ سان شامل ٿئي؛ پوءِ وري اميرن کي موڪيائين.

        جڏھين ھو مسعود آباد پھتو تڏھين بادشاھھ پاڻ پنھنجن خاص اميرن سان گڏجي سندس استقبال لاءِ ٻاھر آيو. جڏھين ملاقات ٿي، تڏھين غياث الدين گھوڙي تان لھي پنڌ ھلڻ لڳو، تھ بادشاھھ بھ پنھنجي سواريءَ تان ھيٺ لھي آيو. پوءِ دستور موجب غياث الدين بادشاھھ جي سامھون نوڙي کيس فرشي سلامي ڪيو تھ بادشاھھ پڻ سندس اڳيان اھڙي طرح سان نمي سلامي ڪيو. امير غياث الدين پاڻ سان ڪجھھ نذر بھ آندو ھو، جنھن ۾ ڪي ڪپڙي جا ٿان بھ ھئا. بادشاھھ انھن ٿانن مان ھڪ ٿان پنھنجي ڪلھي تي رکي، اھڙيءَ طرح کيس سلام ڪيو جھڙيءَ طرح کيس ٻيا ماڻھو سلام  ڪندا ھئا. پوءِ گھوڙا آندا ويا؛ ھڪ گھوڙي کي وٺي بادشاھھ غياث الدين کي قسم ڏيندي چيو تھ توھان ھن تي سواري ڪريو، ۽ پاڻ رڪاب جھلي بيھي رھيو.

        غياث الدين جي سوار ٿيڻ کان پوءِ بادشاھھ بھ سوار ٿيو ۽ ساڻس گڏ ھلڻ لڳو. ھنن ٻنھي جي مٿان ڇانو لاءِ شاھي ڇٽ کڙو ڪيو ويو ھو . پوءِ بادشاھھ پنھنجي ھٿ سان امير کي پان پيش ڪيو. ھيءَ سڀ کان وڏي خاطر تواضح ھئي، ڇو تھ بادشاھھ ڪڏھن بھ ڪنھن کي پنھنجي ھٿ سان پان نھ ڏيندو ھو. بادشاھھ ھيئن بھ چيس تھ جيڪڏھين مون خليفي ابو العباس جي بعيت نھ ڪئي ھجي ھا تھ ھينئر توھان جي بيعت ڪريان ھا. جنھن جي جواب ۾ ھن چيو تھ مون خود ابو العباس جي بيعت ڪئي آھي ۽ نھٺائيءَ سان فرمايائين تھ ؛رسول الله صلي الله عليھ وسلم جن جي حديث آھي تھ جنھن ڪلراٺي زمين کي آباد ڪيو ، اھا زمين ان جي ملڪيت آھي، سندس مطلب ھو تھ بادشاھھ جي احسانن ڄڻ تھ اسان کي نئين زندگي بخشي آھي. جنھن تي بادشاھھ گھڻي ادب سان ان جو جواب ڏنو.

جڏھين ھو خيمي ۾ پھتا جيڪو بادشاھھ جي لاءِ لڳايو ويو ھو، تڏھين بادشاھھ غياث الدين کي ان ۾ ٽڪايو ويو ۽ پنھنجي لاءِ وري ٻيو تنبو کوڙايو. اھا رات دارالخلافھ کان ٻاھر ترسيا ۽ ٻئي ڏينھن شھر ۾ داخل ٿيا. بادشاھھ سيريءَ وارو مھل جيڪو سلطان علاءَ الدين خلجي ۽ سلطان قطب الدين ٺھرايو ھو، سو ھن جي رھائش لاءِ مقرر ڪيو، ۽ پاڻ پنھنجي امير سان گڏ وڃي ان محل ۾ سڀ سامان موجود ڪيائين. ان سامان ۾ سون ۽ چانديءَ جي برتنن کان سواءِ ھڪ سون مان ٺھيل حمام غسل لاءِ پڻ موجود ڪيو ويو. پوءِ چار لک دينار انھيءَ ئي وقت سندس مٿي ڌوئارڻ لاءِ موڪليائين. ازانسواءِ ٻانھيون ۽ غلام ڇوڪرا بھ سندس خدمت لاءِ موڪليائين ۽ روزاني خرچ لاءِ ٽي سئو دينار مقرر ڪري ڏنائينس. ان کان علاوھ ھر وقت پنھنجي خاص دستر خوان مان کيس کاڌو موڪليندو رھندو ھو.

        ان کان پوءِ سيريءَ جو سڄو شھر گھرن، باغن، زمينن ۽ گودامن سميت کيس جاگير ۾ ڏنو ويو. ان کان سواءِ سئو ڳوٺ ٻيا بھ کيس جاگير ۾ ڏنا ويا ۽ دھليءَ جي اڀرندي پاسي وارن علائقن جي حڪومت بھ کيس عطا ڪئي ويئي. آخر ۾ ٽيھھ خچر زري لڳل زينن سان بھ کيس ڏنا ويا، جن جو داڻو سرڪاري گودامن مان ايندو ھو. ھن لاءِ بادشاھھ جو حڪم ھو تھ جڏھين شاھي محل ۾  اچي تڏھن گھوڙي تان اصل نھ لھي ۽ جيستائين بادشاھھ جي سواري ويندي آھي، ان جاءِ تائين اھڙيءَ طرح ھليو اچي. ٻيءَ صورت ۾ ڪنھن شخص کي سوار ٿي، شاھي محل م داخل ٿيڻ جي اصل اجازت ڪا نھ ھوندي ھئي، ماڻھن کي بادشاھھ جو حڪم ھو تھ جھڙيءَ طرح مون کي نمي فرشي سلام ڪندا آھيو، تھڙيءَ طرح ھن جي پڻ تعظيم ڪندا ڪريو.

جڏھن بھ ھو بادشاھھ جي خدمت ۾ ايندو ھو تھ بادشاھھ تخت(ڪرسي) تان ھيٺ لھي ايندو ھو ۽ جيڪڏھن تخت جي چوڪي اندر ھوندو ھو تھ اٿي بيھندو ھو. پوءِ ٻيئي ھڪ ٻئي کي سلام ڪندا ھئا ۽ بادشاھھ کيس پاڻ سان گڏ تخت تي ويھاريندو ھو ۽ جڏھين ھو موڪلائيندو ھو تڏھن وري بھ اٿي بيھندو ھو، پوءِ بادشاھھ ھن کي سلام ڪندو ھو ۽ ھو بادشاھھ کي. جڏھن ھو مجلس مان اٿي ٻاھر ويندو ھو تھ ٻاھر ھڪ مسند، جيڪا خاص ھن لاءِ وڇارائي ڇڏيندوھو، ان تي جيترو وقت کيس وڻندو ھو، وڃي ويھندو ھو. اھڙيءَ طرح ڏينھن ۾ ٻھ دفعا ٿيندو رھندو ھو.

حڪايت

امير غياث الدين دھليءَ ۾ مقيم ھو تھ بنگالي جو وزير آيو. بادشاھھ حڪم ڏنو تھ وڏا وڏا امير سندس استقبال لاءِ وڃن. پوءِ پاڻ بھ سندس استقبال لاءِ نڪتو ۽ ھن جي تمام گھڻي عزت ڪيائين. شھر کي بھ اھڙيءَ طرح سان سينگاريو ويو جيئن بادشاھھ جي اچڻ وقت ان کي سينگاريندا آھن. ابن الخليفو، امير غياث الدين، قاضي، فقيھھ ۽ مشائخ بھ ھن سان ملڻ لاءِ آيا. جڏھن بادشاھھ واپس آيو تڏھن وزير کي چيائين تھ تون مخدوم زاده جي گھر وڃ. وزير اتي ويو ۽ وڃي ٻھ ھزار اشرفيون ۽ ڪپڙن جا ٿان پيش ڪيائين. ھن سان گڏ امير قبولو ۽ مان بھ گڏجي ويا ھئاسين.

حڪايت

ھڪ دفعي بھرام نالي غزنيءَ جو حاڪم بادشاھھ وٽ آيو، ابن الخليفي ۽ ھن جي وچ ۾ قديمي دشمني ھوندي ھئي، بادشاھھ جو حڪم ٿيو تھ شاھھ غزنيءَ کي سيريءَ جي ھڪ گھر ۾ رھائش ڏني وڃي ۽ ھي بھ بادشاھھ جي طرفان حڪم ٿيو تھ ھن جي لاءِ اتي ھڪ نئون گھر ٺھرايو وڃي. ھيءَ خبر جڏھين ابن الخليفي کي پھتي تڏھن ڏاڍو غصو لڳس. ھو يڪدم بادشاھي محل ۾ وڃي پنھنجي مسند تي ويھي رھيو ۽ وزير کي گھرائي چيائين تھ آخوند عالم(بادشاھھ) کي وڃي چئو تھ جيڪي ڪجھھ توھان مون کي عطا ڪيو آھي سو سڀ ڪجھھ منھنجي گھر پيوآھي، مون ان مان ڪجھھ بھ خرچ نھ ڪيوآھي. پاڻ مون ڪيترو سامان وڌايو آھي ۽ ھاڻي مان ھتي وڌيڪ رھي ڪو نھ سگھندس. ائين چئي ھو محل مان ھليو ويو.

وزير  سندس دوستن کان سبب معلوم ڪيو، جن ٻڌايس تھ بادشاھھ غزنيءَ جي شاھھ لاءِ سيريءَ ۾ محل تعمير ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو آھي، تنھن ڪري ابن الخليفو ڪاوڙيو آھي. وزير سڄي حقيقت وڃي بادشاھھ سان ڪئي. بادشاھھ ٻڌڻ شرط پنھنجي ماڻھن کي ساڻ ڪري گھوڙي تي سوار ٿي ابن الخليفي جي جاءِ تي آيو. اتي پھچي ،گھوڙي تان لھي، ٻاھر بيھي، اندر وڃڻ جي اجازت گھريائين. پوءِ ابن الخليفي سان ملي، پنھنجي غلطي مڃي، پنھنجي حڪم جو مناسب سبب ڏنائين، جنھن تي ابن الخليفو راضي ٿيو. پر بادشاھھ چيو تھ اڃا بھ مون کي اطمينان ڪو نھ ٿيو آھي تھ توھان راضي ٿيا آھيو. ھاڻي جيستائين توھان منھنجي ڪنڌ تي پنھنجو پير نھ رکندو، تيستائين مان مطمئن ڪو نھ ٿيندس. جنھن تي ابن الخليفي چيو تھ چاھي بادشاھھ مون کي قتل بھ ڪري ڇڏي مگر مون کان اھڙي ڳالھھ ٿي نھ سگھندي. بادشاھھ کيس پنھنجي سر جو قسم ڏيندي چيو تھ توھان کي ائين ڪرڻو پوندو ۽ انھيءَ سان گڏ پنھنجو مٿو زمين تي کڻي رکيائين. ملڪ قبولي ڇا ڪيو جو ابن الخليفي جو پير وٺي بادشاھھ جي ڪنڌ تي کڻي رکيو. انھيءَ کان پوءِ بادشاھھ اٿي کڙو  ٿيو ۽ چيائين تھ ھاڻ مون کي پڪ ٿي تھ توھان مون مان راضي آھيو. اھڙي عجيب و غريب ڳالھھ مون اڄ تائين ڪنھن بھ ملڪ جي بادشاھھ بنسبت ڪانھ ٻڌي آھي.

        عيد جي ڏينھن مان مخدوم زاد، وٽ ويس تھ ملڪ ڪبير بادشاھھ جي طرفان ھن لاءِ ٽي خلعتون کڻي آيو،جن مان چوغن تي ريشمي ڦندڻن جي بجاءِ ٻير جيڏا وڏا وڏا موتي لڳل ھئا. ملڪ ڪبير اھي خلعتون کنيون دروازي تي بيٺو ھو ۽ جيئن ابن الخليفو ھيٺ لٿو تيئن کيس خلعت پھريائين. بادشاھھ ھن کي بي انداز مال ۽ خزانو ڏنو ھو، پر تنھن ھوندي بھ ھو انتھا درجي جو ڪنجوس انسان نڪتو ۽ جيتري قدر بادشاھھ  سخي ھو اوتري قدر وري ھو بخيل ثابت ٿيو. جن مان ڪي ڳالھيون ھيٺ ڏجن ٿيون.

ابن الخليفي جي ڪنجوسپائيءَ جون ڪي ڳالھيون

منھنجي ۽ ابن الخليفي جي وچ ۾ تمام گھري دوستي ٿي ويئي ھئي، تنھن ڪري مان ھن وٽ گھڻو ايندو ويندو ھوس. مان جڏھن سفر لاءِ نڪتس، تڏھين پنھنجي پٽ کي بھ ھن وٽ ڇڏي آيو ھوس، جنھن جي مون کي ھينئر تائين خبر نھ آھي تھ سندس الاجي ڪھڙو حال ٿيو. مون ھڪ ڏينھن کانئس پڇيو تھ توھان اڪيلا ڇو ٿا کائو ۽ پنھنجن دوستن کي دسترخوان ۾ ڇو نٿا شامل ڪيو؟ تنھن تي جواب ڏنائين تھ مان گھڻن ماڻھن کي پنھنجو کاڌو کائيندي ڏسي ، سھي نھ ٿو سگھان. اھو سبب آھي جو مان اڪيلو کائيندو آھيان.

        ھو فقط پنھنجي ھڪ خاص دوست محمد بن ابي شرفيءَ کي کائڻ لاءِ ڪجھھ ڏيندو ھو. باقي سڀ پاڻ کائيندو ھو، جڏھن مان سندس گھر ويندو ھوس تھ ٻاھرينءَ ڏيڍيءَ م اوندھھ لڳي پيئي ھوندي ھئي، ڇو تھ ڏيو ڪو نھ ٻاريو ويندو ھو، مون ڪيترائي ڀيرا ھن کي پنھنجي باغ ۾ ڪاٺيون ۽ ڪک گڏ ڪندي ڏٺو. ھن انھن ڪکن ۽ پنن سان پنھنجا گودام ڀرائي ڇڏيا ھئا، مون ھن کان پڇيو تھ جناب مخدوم زادا ھي ڇا ٿا ڪريو! تنھن تي جواب ڏنائين تھ ڪاٺين جي ڪڏھن ضرورت ٿي پوي، تنھن ڪري گڏ ڪندو ٿو وڃان. اھڙي طرح سان پنھنجن غلامن ، نوڪرين ۽ دوستن کان باغ ۾ ڪم ڪرائيندو ھو ۽ چوندو ھو تھ مان نٿو چاھيان تھ ھي سڀ ماڻھو مفت ۾ منھنجو کائي وڃن. ھڪ دفعي مون تي ڪجھھ قرض چڙھي ويو تنھن ڪري مون ان جي ادائگي لاءِ کانئس قرض گھريو. ھڪ ڏينھن چيائين تھ منھنجي دل گھڻيئي ٿي گھري تھ تنھنجو قرض ادا ڪري ڇڏيان، پر ڇا ڪريان ايتري ھمت ئي نٿي ٿئي. آخر مون کي ڪجھھ بھ نھ ڏنائين.

حڪايت

ھڪ ڏينھن ڳالھين ڪندي مون کي ٻڌايائين تھ ھڪ دفعي چار ڄڻا جن مان ھڪ سندس دوست محمد بن ابي شرفي بھ ھو، بغداد کان ٻاھر ٿي وياسين. اسان پنڌ وڃي رھيا ھئاسين ۽ کائڻ لاءِ ڪجھھ بھ نھ ڪو نھ ھئوسين. ھڪ چشمي وٽان لنگھندي ھڪ درھم لڌوسين. اسان سوچيو تھ ھڪ درھم کي ڇا ڪيون. آخر سڀني اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو تھ انھيءَ درھم جي ماني گھرائي کائجي. اسان مان ھڪ ماڻھو ماني وٺڻ لاءِ شھر ۾ ويو، نانبائيءَ چيس تھ مان ماني ۽ ان جو ڇاڻ گڏ وڪڻندو آھيان، جدا جدا مان ڪو نھ ڏيئي سگھندس. آخر ھن ھڪ قيراط(اڌ درھم) جي ماني خريد ڪئي ۽ ٻئي قيراط جو ڇاڻ وٺي اچي نڪتو، ڇاڻ جي تھ اسان کي ضرورت ڪا نھ ھئي(جو گھوڙو يا خچر ھوئي ڪونھ) سو کڻي ڦٽو ڪيوسين. باقي ماني مان ٽڪر ٽڪر ڪري کاڌوسين.

ٿورو ترسي وري چيائين تھ ھاڻي خدا تعاليٰ مون کي ڪيتري قدر نھ مال ڏنو آھي! تنھن تي مون چيس تھ خدا تعاليٰ جو شڪر بجا آڻيو ۽ غريبن ۽  مسڪينن کي خير خيرات ڪريو. چوڻ لڳو تھ ائين مون کان ٿي ڪو نھ سگھندو، مون ڪڏھين بھ ھن کي خيرات ڏيندو ڪو نھ ڏٺو، نھ ئي وري ڪنھن سان ڪا چڱائي ڪندي ڏٺومانس، خدا شال اھڙيءَ ڪنجوسپائيءَ کان پناھھ ڏئي.

حڪايت

ھندستان مان وڃڻ کان پوءِ مان بغداد ھليو ويو ھوس. ھڪ ڏينھن مستنصريھ مدرسي جي دروازي تي ويٺو ھوس، جيڪو سندس ڏاڏي المستنصر بالله ٺھرايو ھو، تھ مون ھڪ مفلوڪ الحال نوجوان کي ڏاڍو، جو ھڪ شخص جيڪو مدرسي کان نڪري رھيو ھو، تنھن جي پٺيان وڃي رھيو ھو، ھڪ طالب العلم مون کي ٻڌايو تھ اھو جوان امير غياث الدين جيڪو ھندستان ۾ آھي تنھن جو پٽ آھي. ھي ٻڌي، يڪدم مون ان نوجوان کي سڏ ڪري چيو تھ مان ھندوستان کان پيو اچان  ۽ تنھنجي پيءُ جي خبر کان تو کي واقف ڪري ٿو سگھان، تنھن تي ھو چوڻ لڳو تھ تازو سندس احوال مون کي پھتو آھي، ائين چئي وري بھ ان شخص جي پٺيان ڊوڙندو ھليو ويو.

        مون پڇا ڪئي تھ اھو شخص جنھن جي پٺيان اھو عباسي نوجوان وڃي رھيو ھو سو ڪير آھي، جنھن تي ڪنھن ماڻھوءَ مون کي ٻڌايو تھ اھو شخص جيلخاني جو ناظر آھي ۽ نوجوان اتان جي مسجد جو امام آھي، جتان کيس ھڪ درھم روز ملندو آھي، ۽ ان شخص کان پنھنجو روز وٺڻ لاءِ سندس پٺيان ڊوڙي رھيو ھو.  ھي ٻڌي مون کي تمام گھڻو عجب لڳو ۽ سوچڻ لڳس تھ ابن الخليفو پنھنجي خلعت مان جيڪڏھين رڳو ھڪ موتي ڪڍي کڻي ھن ڏانھن موڪلي ڏئي، تھ جيڪر ھن نوجوان کي عمر ڀر ڪمائن جي ڪا ضرورت ئي نھ ٿئي.


(1) ابن بطوطھ جو اھو خيال بڪل غلط آھي، ٿي سگھي ٿو تھ کيس پنھنجو ڪو تجربو ھجي، جو جڏھن ھندستان مان پنھنجي ملڪ موٽيو ٿي ويو، تڏھن ھن کي ڦري بلڪل ڪنگال ڪري ڇڏيو ويو ھو. جنھن جو تفصيل سان ذڪر  ديباچي ۾ ڪيل آھي. شايد پنھنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ بھ اھو خيال آڻي پنھنجي دل ٺاري اٿس، ۽ شھاب الدين جو مثال بھ کيس دل سان لڳو ٿو ڀانئجي ، تنھن تھ ھيڪاري سندس خيال کي وڌيڪ پختو ڪيو آھي ۽ دل جو ارمان نڪري ويو اٿس. ورنھ انگريز جو ھينئر ايترا شاھوڪار آھن، سي ڪيئن ٿيا؟ ھنن پنھنجي ھندستان جي  ٢٠٠ سالن جي دوران حڪومت ۾ جيڪو ھندستان جو خزانو لٽيو سا سڀني کي خبر آھي، ابن بطوطھ ۽ ٻين مورخن جي روايت موجب ھندستان ڪيڏو نھ شاھوڪار ملڪ ھو، جنھن ۾ ڪيترا ھيرا، جواھر، قيمتي پٿر ۽ سون چاندي ھئا. اھي سڀ مال ھو پنھنجي ملڪن ۾ کڻي ويا، ۽ اھو سڄو مال ۽ سامان کين ڦٻي ويو ۽ ھو دنيا جا وڏي ۾ وڏا تاجر بنجي ويا – مترجم

(1) جاوا ۽ پورليو جي ويجھو ھڪ ٻيٽ مڪاسر نالي آھي، اتي سفيد صندل پيدا ٿيندو آھي، جو تمام قيمتي ليکيو ويندو آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org