سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 3

 

فصل ٽيون

 

سنڌو ندي جو سفر

 

قاضي علاوه الملڪ وٽ ھڪڙو جھاز ھو، جنھن کي ”اھورة“  پئي سڏيائون جيئن اسان جي  ملڪ ۾ ”طريرة“  ٿيندو آھي، اھڙي ئي نموني جو ھي جھاز ھو، پر ان کان .طريرة،  ڪجھھ وڌيڪ ڊگھو ۽ ڪشادو ھو، ان جھاز  جي اڌ کي ڏاڪڻ وانگر ٺاھي ڪجھھ مٿانھون ڪيو ويو ھو،  جنھن تي وري  تختا  لڳائي ويھڻ جي جڳھھ ٺاھي وئي ھئي، ان جا ءِ تي قاضي ويھندو   ھو ۽ سندس نوڪر وري ساڄي کاٻي ۽ سامھون ويھندا ھئا، ھن جھاز کي  چاليھھ  ملاح ھلائيندا  ھئا ۽ ان سان گڏ چار  ننڍيون ٻيڙيون  پڻ  ان تي موجود ھيون،  جيڪي ٻھ ان جي کاٻي طرف ۽ ٻھ ساڄي طرف رکيل ھيون، انھن مان ٻن ٻيڙين تي ڳائڻ وارا ويھندا ھئا ۽ باقي ٻن تي  نقارا، شرنايون ۽ جھنڊو وغيره ھئا، جڏھن ھي ٻيڙي ھلندي ھئي تڏھن ڪنھن وقت  رڳو وڄت ٿيندي ھئي ۽ ڪنھن وقت ڳائيندڙ راڳ شروع ڪندا ھئا، اھڙيءَ طرح صبح  کان وٺي  ناشتي  جي وقت تائين ڳائيندا وڄائيندا ھلندا ھئا، جڏھن کاڌي جو وقت ٿيندو ھو، تڏھن سڀ  جھاز تي پھچي ويندا ھئا، ان بعد دستر خوان وڇايو ويندو ھو ۽ جيستائين امير علاءُ الملڪ ماني کائيندو ھو تيستائين راڳيندڙ ڳائيندا رھندا ھئا ۽ سڀ کان پوءِ ھو کائي پي وري پنھنجي پنھنجي ٻيڙين م ھليا ويندا ھئا.

        جڏھن رات ٿيندي ھئي تڏھن جھاز کي درياءَ جي ڪناري تي بيھاري زمين تي طنبو لڳايا ويندا ھئا، جن مان ھڪ ۾ امير علاءُ الملڪ رات بسر ڪندو ھو، جڏھن سڄو لشڪر رات جي ماني کائي پوري ڪندو ھو ۽ سڀ عشا جي نماز کان فارغ ٿيندا ھئا تڏھن سڀ آرام ڪندا ھئا ۽ چوڪيدار واري واري سان پھرو ڏيندا ھئا،  جڏھن ھڪڙو چوڪيدار  پنھنجو وارو ختم ڪندو ھو، تڏھن وڏي آواز سان پڪاري چوندو ھو تھ يا آخوند ملڪ ھيتري رات گزري چڪي آھي، صبح جي وقت نقارا ۽ شرنايون وڄڻ شروع ٿينديون ھيون، پوءِ صبح جي نماز پڙھي ، ماني کائي، وري اٿي ھلندا ھئا، جڏھن امير درياءَ جي رستي ھلڻ چاھيندو ھو تھ وڃي جھاز ۾ ويھندو ھو پر جيڪڏھن خڪشي جي رستي ھلڻ تي دل ٿيندي ھيس تھ سڀ کان اڳ ۾ لقارن وارا ھلندا  ھئا، ان کانپوءِ حاجب(پوليس جا عملدار) ھوندا ھئا، جن جي اڳيان ڇھھ عدد گھوڙا ھوندا ھئا، انھن مان ٽن گھوڙن تي نقارا ۽ ٽن تي شرناين وارا ھوندا ھئا.

        سواريءَ جي ڪنھن ڳوٺ يا شھر وٽان گذرڻ وقت خاص طرح سان نقارا وڄايا ويندا ھئا ۽ اھڙيءَ طرح ھلندي ھلندي، منجھند جي مانيءَ مھل منزل انداز ٿيندا ھئا، مان پڻ امير علاءُ الملڪ سان پنج ڏينھن رھيس، آخر پنجين ڏينھن اسين اچي لاھري شھر ۾ پھتاسين، ھيءُ نھايت خوبصورت شھر سمنڊ جي ڪناري تي بڌل آھي ۽ دريا سنڌ(سنڌو ندي) پڻ ان جي ئي ڀرسان اچي ٿو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري، اصل ۾ ھيءُ شھر ھڪ وڏو بندرگاھھ آھي، جتي يمن ۽ فارس جا جھاز ۽ واپاري تمام گھڻا ٿا اچن،  انھيءَ ڪري ئي ھيءُ شھر تمام مالدار آھي، ھتي محصول تمام گھڻو وصول ڪيو ويندو آھي.

        علاءُ الملڪ مون کي ٻڌايو تھ ھن بندر جو محصول سٺ لک دينار آھي ۽ کيس ان جو ويھون حصو ملندو  آھي، يعني ڏھين حصي جو اڌ، انھي حساب سان بادشاھھ(محمد شاھھ تغلق) پنھنجي ڪاردارن کي جدا جدا علائقا سپرد ڪندو  آھي.

 

عجيب کنڊر

       

ھڪ ڏينھن مان امير علاءُ الملڪ سان گڏجي سير تي نڪتس، شھر کان ستن ميلن جي مفاصلي تي ھڪ ڪشادو ميدان آھي،  جنھن کي ”نازنھ“ چوندا آھن، اتي بيشمار انسانن ۽ حيوانن جون پٿر مان تراشيل ڀڳل ٽٽل ۽ ڪي سالم مورتيون پکڙيون پيون ھيون، انھن ۾ اناج جي قسم جون شيون جھڙوڪ ڪڻڪ، چڻا، مھري ۽ اھڙي قسم جون ٻيون شيون پڻ پٿر مان تراشيل موجود ھيون، ازانسواءِ شھر پناھھ ۽ گھرن  جي چوديواري جا سامان پڻ ڏسڻ ۾ پئي آيا.

        انھن کنڍرن(1) ۾ پٿر اندر ھڪ جاءِ ھئي، جنھن جي پوري وچ تي ھڪ ٿلھو ٺھيل ھو، جو ھڪ ئي پٿر مان ٺاھيو ويو ھو، ھن ٿلھي تي پٿر جو تراشيل، ھڪ ماڻھو جو بت رکيل ھو، جنھن جو گردن ڪجھھ ڊگھو، وات ھڪ طرف ڦريل  ۽ ٻئي ھٿ  ڪمر جي پٺيان ٻڌل ھئا، انھي ھنڌ تمام بدبودار بيٺل  پاڻي پڻ موجود ھو، اتي ڪيترين ئي ديوارين تي سنڌي زبان ۾ ڪي اکر لکيل ھئا، امير علاوءُ الملڪ مون کي ٻڌايو تھ ھن ملڪ جي تاريخ دانن جو خيال آھي تھ ھي شھر برباد ٿي ويو ھو ۽ ٿلھي تي جيڪو بت آھي سو انھي وقت جو بادشاھھ  ھو،  اھو ئي سبب اھي جو ھاڻي بھ ھن جاءِ کي ”نرجا جو محل“ ڪري چوندا آھن ، ۽ ڪن ديوارين تي لکيل  اکرن مان معلوم  ٿو ٿئي تھ اھا بربادي تقريبن ھڪ ھزار سال اڳ ۾ ٿي گذري ھوندي. مان ھن امير وٽ پورا پنج ڏينھن ٽڪيس، ھن حد کان وڌيڪ  منھنجي خاطرداري ڪئي، پوءِ اتان بکر(1) ويس، ھيءُ ھڪ چڱو ۽ خوشنما شھر آھي، درياءَ سنڌ جي ھڪ شاخ ھن شھر جي بلڪل وچ مان لنگھي ٿي، جنھن جو وڌيڪ بيان مان اڳتي ھلي ڪندس، مذڪور شاخ جي وچ  ۾ ھڪ خانقاھھ آھي،  جتان مسافرن کي کاڌو ملندو آھي، ھيءَ خانقاھھ، ڪشلو خان (جنھن  جو بيان اڳتي ايندو) پنھنجي دور حڪومت ۾ ٺھرائي ھئي، ھن شھر ۾ منھنجي ملاقات فقيه (مولوي) امام الدين حنفي، شھر جي قاضي ابو حنيفه  ۽ شيخ شمس الدين محمد شيرازي سان ٿي ھئي،  جن مان شيخ شمس الدين  جي عمر سندس بيان  مطابق ھڪ سئو ويھھ سال ھئي،

پوءِ اسان بکر کان ھلي اچي اچ(1) جي شھر ۾ پھتاسين، ھيءَ سنڌو ندي جي ڪناري تي ھڪ وڏو شھڙ آھي ۽ منجھس تمام عمدي بازار ۽ مضبوط عمارتون آھن، انھن ڏينھن ھن شھر جو حاڪم جلال الدين ڪيجي ھو، جو بھادريءَ ۽ سخا جي ڪري مشھور ھو.

 

 

فصل چوٿون

 

بادشاھھ جي سخاوت

 

ھن امير (جلال الدين) سان منھنجي دوستي ٿي وئي،  تنھن ڪري منھنجو ھن سان گھڻو ميل جول رھندو ھو، ان بعد اسان دھلي ۾ پڻ ملياسين ، جڏھن بادشاھھ(محمد شاھھ تغلق ) دولت آباد  ويو ھو، تڏھن سيد جلال پڻ ھن سان گڏجي  ويو ۽ ويندي وقت مون کي اجازت ڏئي ويو ھو تھ جيڪڏھن  مون کي ڪا ضرورت پوي تھ  سندس ڳوٺ جو محصول وصول ڪري ان مان پنھنجو خرچ ھلائيندو رھان، تنھن ڪري مون ان (وصولي) مان پنج  ھزار خرچ ڪري ڇڏيا ھئا.

         ھن شھر م منھنجي ملاقات شيخ قطب الدين حيدري علوي سان ٿي، جيڪو ھڪ وڏو عابد، زاھد، متقي ۽ بزرگ شخص ھو، ھن مون کي پنھنجو چوغو پڻ عنايت ڪيو ھو، جيڪو ان ڏينھن تائين مون سانڍي رکيو، جنھن ڏينھن مون کي ڪافر سامونڊي ڊاڪن سمنڊ ۾ ڦريو ھو، ان بعد اچ  مان ڪوچ ڪري اچي ملتان(1) پھتاسين. اھو شھر سنڌ جي ملڪ جو دارالخلافھ آھن ۽ اتي جو امير الامراءُ بھ انھي ئي شھر ۾ رھندو آھي.

ھن شھر ۾ پھچڻ کان اڳ  اڳ ڏھھ ميل اورتي ھڪ وادي مان لنگھڻو پوي ٿو، ھي وادي تمام وڏي آھي، تنھن ڪري ٻيڙين کان سواءِ ان جي پار وڃڻ مشڪل آھي، ھن ھنڌ پار وڃن وارن جي حال احوال جي پڇا ڳاڇا ٿيندي  آھي ۽ سندن سامان جي تلاشي ورتي ويندي آھي، ان  زماني ۾ ، ھن جاءِ تي ھر ھڪ سوداگر کان سندس مال اسباب جو چوٿون حصو بطور  محصول ورتو ويندو ھو ۽ ھر ھڪ گھوڙي جا ست دينار محصول لڳندو  ھو، پر منھنجي ھندستان پھچڻ کان ٻھ سال پوءِ بادشاھھ اھي سڀ محصول  معاف ڪري ڇڏيا ۽ جڏھن بادشاھھ عباسي خليفي  جي بيعت ڪئي، تڏھن ھن جي حڪم موجب عشر ۽ زڪوات کانسواءِ ٻيو ڪو بھ محصول ڪو نھ ورتو ويندو ھو.

        مون کي تلاشيءَ جو تمام گھڻو فڪر ھو، ڇو تھ بظاھر منھنجو ساز و سامان تمام گھڻو ٿي معلوم ٿيو، پر اندر ڪجھھ بھ ڪين ھو،  جنھن ڪري مون کي ڊپ  لڳو تھ متان ڪٿي سڄو راز نھ کلي پوي، پر قطب الملڪ ملتان مان ھڪ فوجي آفيسر  موڪلي ڇڏيو ھو، جنھن کي ھدايت ڪئي ھئائين تھ ڪو بھ شخص منھنجي تلاشي نھ وٺي، تنھن ڪري ائين ئي ٿيو ۽ مون خداوند تعاليٰ  جو شڪر ڪيو، اھا رات اسان وادي  جي ڪناري تي ترسي پياسين، صبح جو مون وٽ دھقان سمر قنڊيءَ نالي ھڪ ٽپال جو آفيسر ، جو بادشاھھ جو اخبار نويس پڻ ھو، آيو، جنھن سان منھنجي ملاقات ٿي  ۽ پوءِ ساڻس گڏجي ملتان جي حاڪم وٽ ويس.

 

ملتان جو حاڪم

        انھن ڏينھين ملتان جو حاڪم قطب الملڪ ھو، ھيءُ شخص وڏو امير ۽ فاضل ھو ۽ جڏھن مان ھن وٽ ويس تڏھن ھو منھنجي تعظيم خاطر اٿي بيٺو  ۽ مون سان ھٿ ملائي مون کي  پنھنجي ڀرسان ويھاريائين . مون کيس ھڪ غلام ، ھڪ گھوڙو ۽ ڪشمش ۽ بادام تحفي طور  پيش ڪيا، ڪشمش  ۽ بادام سنڌ ملڪ ۾ ڪين ٿين، تنھن ڪري  اھي تحفي طور ڏنا ويندا آھن ۽ خراسان کان ايندا آھن، ھي امير (قطب الماڪ) بھ ھڪ ڪشادي ٿلھي تي ويٺو ھو، جنھن تي ھڪ عمدو  غاليچو وڇايل ھو، ھن وٽ ھالار نالي شھر جو قاضي ، ۽ شھر جو خطيب (پيش امام) جنھن جو نالو  مون کي ياد نھ آھي، ويٺا ھئا، سندس ساڄي ۽ کاٻي فوج جا آفيسر  ۽ سيراندي کان مسلح سپاھي بيٺا ھئا. سامھون لشڪر مارچ ڪري رھيو ھو، اتي تمام گھڻيون ڪمانون رکيل ھيون، لشڪر جي جنھن ماڻھوءَ تير اندازي جو ڪمال ڏيکارڻ ٿي چاھيو، تنھن انھن مان ڪا ڪمان کڻي پنھنجي طاقت آھر ان کي استعمال ٿي ڪيو.

جيڪڏھن ڪنھن (فوجي) گھوڙي سواري جو ڪمال ڏيکارڻ ٿي  چاھيو تھ ھو پنھنجو گھوڙو ڊوڙائي سامھون ديوار سان اٽڪايل نقاري تي پنھنجي نيزي کي اڇلائي ، ان تي نشان چٽيندو ٿي وتو، ھڪ ننڍي ديوار تي وري ھڪ منڍي رکيل ھئي، جنھن مان گھوڙي سوار پنھنجو گھوڙو ڊوڙائي، نيزي جي نوڪ ان مان لنگھائي. ان کي کڻي ٿي ويو. اتي ھڪ کينھون پڻ موجود ھو، جنھن کي گھوڙي سوار گھوڙي تان چوگان ھني پنھنجو ڪمال ڏيکاري رھيو ھو، ھنن راندين ۾ ڪو بھ (فوجي) جيترو ڪمال ڏيکاريندو ھو اوتروئي ان کي عھدي ۾ ترقي ملندي ھئي.

جڏھن اسان قطب الملڪ وٽ وڃي سندس سلامي  ڀري، تڏھن اسان کي حڪم ڏنائين تھ وڃي شيخ رڪن الدين وارن سان گڏجي رھو،  ھنن(شيخ رڪن  الدين ۽ ان جي ماڻھن) جو اھو دستور ھوندو ھو تھ حاڪم جي اجازت کان سواءِ ھو ڪنھن کي بھ پاڻ وٽ مھمان ڪري ڪين ٽڪائيندا  ھئا.

 

ھندستان جي بادشاھھ جي درٻار ۾ اسان جو ٻين مسافرن سان گڏجي وڃڻ

        ان شھر ۾ ٻيا بھ گھڻائي بزرگ شخص آيل ھئا، جيڪي بادشاھھ جي نوڪريءَ لاءِ دھلي وڃي رھيا ھئا، انھن مان خدا وند زاده(1) قوام الدين ترمذ جو قاضي(پنھنجي خاندان ۽ پٽن سان گڏ)، سندس ڀائر عماد الدين، ضياءُ الدين، برھان الدين سمرقند جو ھڪ رئيس مبارڪ شاھھ، بخارا جو ھڪ رئيس ارن بغا، ملڪ زاده، جو خدا وند زادھ قوام الدين جو ڀاڻيجو ھو ۽ بدر الدين فصال قابل ذڪر ھئا، انھن مان ھر ھڪ سان گڏ سندس دوست خادم ۽ ٻيا متعلقين پڻ شامل ھئا.

        ملتان ۾ پھچڻ کان ٻھ مھينا پوءِ بادشاھھ جو پوشنجي نالي ھڪ حاجب ۽ ملڪ محمد ھروي ڪوٽوال، خدا وند زادھ قوام الدين جي استقبال لاءِ آيا، انھن سان ٽي غلام بھ ھئا، جن کي بادشاھھ جي والده مخدو جھان، خدا وند زاده ۽ سندس بيگم جي استقبال لاءِ روانو ڪيو ويو، اھي پاڻ سان خداوند زاده ۽ ان جي اولاد لاءِ خلعتون پڻ کڻي آيا ھئا، مون چيو تھ منھنجو ارادو آخوند عالم يعني بادشاھھ وٽ نوڪري ڪرڻ جو آھي، بادشاھن کي ھتي جا ماڻھو آخوند عالم چوندا آھن، بادشاھھ جو حڪم ھو تھ جيڪو شخص خراسان جي طرف کان اچي ۽ سندس ارادو ھن ملڪ ۾ رھڻ جو نھ ھجي تھ ان کي اڳتي وڌڻ نھ ڏنو وڃي. جڏھن مون چيو تھ منھنجو ھن ملڪ ۾ رھڻ جو ارادو  آھي تڏھن ھڪدم قاضي ۽ گواه گھرايا ويا ۽ ھڪڙي عھد نامي تي مون کان صحيح ورتي وئي، منھنجي ساٿين مان ڪن صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ مون سفر جي تياري ڪئي، ملتان کان اڳتي چاليھن ڏينھن جو رستو آھي ۽ سڄي رستي سان آبادي ھلندي ٿي اچي.

حاجب ۽ ان جي ساٿين خدا وند زاده قوام الدين جي مھماني جو انتظام ملتان کان ئي ڪري ڇڏيو ۽ ويھھ بورچي پاڻ سان کنيا ھئائون . ھيءُ حاجب ھڪ ھڪ منزل اڳ ۾ روانو ٿيندو ھو ۽ خدا وند زاده جي منزل تي  پھچڻ کان اڳ سڄو انتظام ڪري ڇڏيندو ھو، جن ماڻھن جو مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو اھي، سي جدا جدا تنبن ۾ رھندا ھئا پر کاڌو ھڪ ئي دستر خوان تي خداوند زاده سان گڏجي کائيندا ھئا، مان فقط ھڪ دفعو انھن سان  کاڌي ۾ شريڪ ٿيو ھوس، کاڌو ھن ترتيب سان آڻيندا ھئا؛ پھريائين  مانيون آڻيندا ھئا، جيڪي سنھيون چپاتيون ھونديون  ھيون، ٻڪري کي ڀڃي ، ان جا چار ٽڪرا ڪري، ھر ھڪ ماڻھوءَ جي سامھون رکندا ويندا ھئا، پوءِ گيھھ ۾ تريل مانيون آڻيندا ھئا، جن جي  پيٽ ۾ حلوه صابو نيه  ڀريل  ھوندو ھو ۽ ھر ھڪ ٽڪي تي ھڪ مٺي ماني رکندا ويندا ھئا، جنھن کي نشاستي چوندا ھئا ۽ ان کي اٽي کنڊ ۽ گيھھ سان تيار ڪندا ھئا، پوءِ ھڪ سي آڻيندا ھئا، جنھن کي سمبوسا ڪري چوندا ھئا، جيڪي قيمي ڪيل گوشت ۾ پستا، بادام، جائفل، بصر ۽ گرم مصالحا ملائي، ان جي مٿان تمام سنھي ماني ويڙھي، گيھھ ۾ ترڻ سان ٺاھيندا ھئا، ھر ھڪ شخص جي اڳيان چار يا پنج سمبوسا رکندا ھئا، ان بعد گيھھ ۾ رڌل چانور آڻيندا ھئا، جنھن جي مٿان ھڪ پڪل ڪڪڙ ھوندو ھو، پوءِ لقيمات القاضي آڻيندا ھئا،  جنھن کي ھاشمي بھ چوندا ھئا، آخر ۾ قاھريھ آڻيندا ھئا، کاڌي شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ حاجب دسترخوان تي اٿي بيھندو ھو ۽ سڀني حاضرين سان  گڏجي بادشاھھ جي تعظيم ڪندو ھو.

        تعظيم ھن ملڪ ۾ ھيءَ آھي جو مٿو رڪوع وانگر ھيٺ جھڪائيندا آھن، جڏھن ھي سڀ ڪري رھندا آھن تڏھن دسترخوان تي ويھي رھندا آھن ۽ کاڌي شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ چاندي، سون ۽ شيشي جي پيالين ۾ مصريءَ ۽ گلاب جو شربت پي پورو ڪندا آھن. ان کان پوءِ حاجب بسم الله چوندو آھي ۽ ان  وقت سڀئي کاڌو کائڻ شروع ڪندا آھن، کاڌي ختم ٿيڻ تي فقاع(1) جا پيالا ايندا آھن ، جڏھن فقاع پي پورو ڪندا آھن، تڏھن پان سوپاري آڻيندا آھن ۽ پان سوپاري کان پوءِ حاجب بسم الله چوندو آھي تھ سڀ وري اٿي بيھندا آھن ۽ جيئن کاڌي کان اڳ تعظيم ڪئي ھئائون اھڙي طرح پوءِ بھ ساڳي طرح ڪري، دسترخوان تان اٿي ھليا ويندا آھن.

پھريون شھر جنھن ۾ ملتان کان ھلي اچي لٿاسين، اھو ھو ابوھز(2) جيڪو ھندستان جي شھرن مان پھريون شھر آھي، ھيءُ ھڪ ننڍو ۽ خوبصورت  شھر آھي، جنھن ۾ عمديون عمارتون آھن، منجھس نھرون ۽ وڻ بھ جام آھن. اسان جي ملڪ جي وڻن مان سواءِ ٻير جي وڻ جي ٻيو ڪو بھ وڻ ھتي ڪين ٿئي، ٻير اسان جي ملڪ جي ٻير کان وڏو ۽ تمام مٺو ٿيندو آھي ۽ حبة العفص(3) داڻي جي برابر ٿيندو آھي.


 

باب  ٻيون

 

فصل پھريون

 

ھندستان جي وڻن ۽ ميون جو بيان

 

ھندستان جو ھڪ ميوو انب ٿيندو آھي، ان جو  وڻ نارنگي جي وڻ جھڙو آھي پر ان کان گھڻو وڏو ۽ وڌيڪ پنن وارو ٿيندو آھي، ڇانو بھ گھاٽي ٿيندي  اٿس پر جو بھ ماڻھو ان جي ڇانو ۾ ننڊ ڪندو  آھي سو سست ٿي  پوندو آھي. ان جو ميوو  آلو بخاري کان وڏو ۽ پچڻ کان اڳ سائي رنگ جو ٿيندو آھي، اھڙي حالت ۾ جڏھن وڻ مان ڪري پوندو آھي تھ ان ۾ لوڻ وغيره وجھي آچار ٺاھيندا آھن جيئن اسان جي ملڪ ۾ کٽائي ۽ ليمي جو آچار ٺاھيندا آھن، اھڙيءَ طرح  سان ھتي ادرڪ ۽ مرچ جو آچار پڻ ٺاھيندا آھن ۽ ھر ھڪ لقمي سان گڏ ٿورو آچار کائيندا رھندا آھن.

جڏھن خريف جي موسم ۾ انب پچندو آھي تڏھن پيلي رنگ جو ٿي ويندو آھي ۽ ان کي صوف وانگي کائيندا آھن، ڪي ماڻھو ان کي ڇلي کائيندا آھن ۽ ڪي ان کي چوسيندا آھن ، ان ۾ مٺاڻ سان گڏ ڪجھھ ترشي بھ ٿيندي آھي، ککڙي وڏي نڪرندي اٿس ۽ ان کي پوکڻ سان وڻ ڄمي پوندو آھي، جيئن نارنگي جو ٻج پوکيندا آھن.

ٻيو وڻ شڪي ۽ برڪي(1) جو ٿيندو آھي. ھي وڻ ڪافي وڏوٿيندو آھي ۽ پن اخروٽ جي پنن جھڙا ٿيندا اٿس. ھن جو ميوو وڻ جي پاڙ ۾ لڳندو آھي، جيڪو ميوو زمين تي ٿيندو آھي ان کي برقي چوندا آھن ۽ مٺاڻ ۾ وڌيڪ چڱيءَ ذائقي وارو ٿيندو آھي، ۽ جيڪو مٿي وڻ ۾ لڳندو آھي، تنھن کي شڪي چوندا آھن. ان جو ميوو وڏي ڪدوءَ جيڏو ٿيندو آھي ۽ کل ڳئون جي کل جھڙي ٿيندي اٿس، جڏھن خريف جي مند ۾ تمام پيلو ٿي ويندو آھي، تڏھن ان کي پٽي ڪپيندا آھن تھ منجھانئس سو يا ٻھ سئو داڻا ٻجن جي صورت ۾ نڪرندا آھن. انھن داڻن جي وچ ۾ ھڪ پيلي رنگ جو  پردو ٿيندو آھي، ھر ھڪ داڻي ۾ ککڙي ٿيندي آھي، انھن ککڙين کي پچائي يا ڀڃي  کائيندا آھن انھن ککڙين کي ڳاڙھي مٽي ۾ پوري ڇڏيندا آھن تھ ٻئي سال تائين خراب ٿيڻ کان سواءِ رھي سگھنديون آھن. ھيءُ ميوو ھندستان جي تمام عمدن ميون مان ھڪ آھي.

تندو؛ آبنوس جي وڻ جو ميوو آھي ھي ذردالو جيڏو ٿيندو آھي ۽ رنگ بھ اھڙوئي ٿيندو اٿس، ھي تمام گھڻو مٺو ٿيندو آھي.

ڄمون؛ ھن جو وڻ وڏو ٿيندو آھي، ھي ميوو زيتون جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي، پر رنگ ڪارو ٿيندو اٿس ، ۽ زيتون وانگر ھن ۾ بھ ٻج ٿيندو آھي.

مٺي نارنگي: ھن ملڪ ۾ تمام گھڻي ٿيندي آھي پر کٽي نارنگي تمام گھٽ ٿي ٿئي، ھن مان ھڪ قسم کٽمٺو بھ ٿيندو آھي، جيڪو مون کي تمام خوش ذائقو معلوم ٿيندو ھو. مان ان کي ڏاڍي مزي سان کائيندو ھيس.

مھوا: ھي وڻ تمام وڏو ٿيندو آھي ۽ پن اخروٽ جي پنن  جھڙا پر ڳاڙھاڻ ۽ پيلاڻ ڏانھن مائل ٿيندا اٿس، ان جو ميوو ننڍي آلو بخاري جيڏو ۽ تمام مٺو ٿيندو آھي. ھر ھڪ داڻي جي مٿان انب جي ڦونڊ وانگر ھڪ ننڍو داڻو ٿيندو اٿس ۽ سندس وچ خالي ھوندو آھي. ھن ميوي جي گھڻي کائڻ ڪري مٿي ۾ سور ٿي پوندو آھي. اس تي سڪائڻ سان ھيءُ انجير جھڙو ٿي پوندو آھي. مان ان کي انجير جي بجاءِ استعمال ڪندو ھئس، ڇاڪاڻ تھ انجير ھندستان ۾ تمام گھٽ ٿيندو آھي.

انگور: ھي بھ انب جھڙو خوش ذائقھ ميوو ٿيندو آھي. ھي ھندستان ۾ تمام گھٽ ٿيندو آھي ۽ صرف دھلي يا ڪن ٻين ٿورن ھنڌن تي ٿيندو آھي. ھي ميوو سال ۾ ٻھ دفعا لھندو آھي ۽ ان جي ککڙين مان تيل ڪڍي ڏين ۾ ٻاريندا آھن.ھتي جي ميون مان ھڪ ٻيو ميوو بھ آھي جنھن کي ڪسيرا(1) ڪري چوندا آھن. ھن کي زمين مان کوٽي ڪڍيو ويندو آھي، جو تمام مٺو ۽ قسطل(1) جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي.

        اسان جي ملڪ جي ميون مان، ڏاڙھون بھ ھندستان ۾ ٿيندو آھي، ۽ سال ۾ ٻھ دفعا ميوو جھليندو آھي، جزائر ذيبة المھل(2) ۾ ڏٺو ھئم تھ اتي ھي ميوو ٻارھين مھيني لھندو ھو. ان کي انار سڏيندا آھن.


(1) جنرل ڪننگھام جي  تحقيقات موجب اھي کنڍرن جا نشان ديبل بندر جا ھئا ۽ لاھري بندر کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي ھئا، ابن بطوطھ ستن ميلن جو مفاصلو لکيو آھي، سوالاجي ڪئين.

(1) ھن وقت بکر فقط ان قلعي کي چوندا آھن جو سنڌو ندي جي وچ ۾ سکر ۽ روھڙي جي وچ تي آھي. مترجم

(1) ھيءُ  ھن وقت اچ بھاول پور رياست ۾ آھي ۽  ملتان کان ستر ميل پري آھي، ڪنھن زماني ۾ پنجاب جون پنج ئي نديون سنڌو نديءَ سان اچ وٽ اچي ملنديون ھيون، پر ھاڻي چاليھھ ميل ھيٺ مٺن ڪوٽ وٽ اچي ٿيون گڏجن، ناصرالدين قباچه جي وقت ۾ ھيءُ شھر سنڌ جو دارالخلافھ ھو، سادات بخاري ۽ جيلاني ھن شھر ۾ رھندا آھن، سيد جلال الدين بخاري ۽ مخدوم جھانيان جا مزار پڻ ھن شھر ۾ آھن.- مترجم

(1) ملتان تمام قديم شھر آھي ۽ اڳئين زماني کان وٺي اڄ تائين مشھور آھي، چچ نامي مان معلوم ٿو ٿئي تھ سنھ ٧١٤ھھ ۾ جڏھن محمد بن قاسم ثقفيءَ ھي شھر فتح ڪيو ھو، تڏھن ان وقت بياس ندي ھن ضلعي جي ڏکڻ ۽ اوڀر  تائين وھندي ھئي ۽ راوي ندي قلعي ۽ شھر جي وچ مان لنگھندي ھئي، انھي وقت ھن شھر ۾ مندر  ۽ گھڻائي بت موجود ھئا، ڪن تاريخن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي تھ سنھ ٨٧٥ع تائين ھتي ھڪ وڏو بت ھوندو ھو، جنھن لاءِ سڄي سنڌ ملڪ مان ياتري ايندا ھئا ۽ ڏاڙھي ۽ مٿو ڪوڙائي، ھن بت واري مندر  جو طواف ڪندا ھئا. - مترجم

(1) خدا وند زاھد، فرشتھ لکيو آھي تھ ان وقت جي اصطلاح موجب خداوند زاده ان کي چوندا ھئا جو سلاطين غور جي اولاد مان ھوندو  ھو ۽ مخدوم زاده ان کي چوندا ھئا جيڪو خلفاءِ عربيھ جو اولاد ھوندو ھو. ائين ٿو معلوم ٿئي تھ خدا ونده قوام الدين سيد ھو ۽ شايد والده جي طرف  کان سندس نسب سلاطين غور سان ملندو ھوندو، تنھن ڪري ھن کي انھي لقب سان سڏيو ٿي ويو.

(1) فقاع لغت ۾ پيلي رنگ  واري شيءِ ڪري لکيل آھي، تنھن ڪري ھيءَ ضرور ڪا پيڻ جي شيءِ ھوندي جيڪا ھن وقت استعمال نٿي ڪئي  وڃي. –مترجم

(2) اولھھ پنجاب جي ضلعي فيروزپور ۾ پاڪ پٽن ۽ سرسه واري رستي سان ، پاڪ پٽن کان اٽڪل سٺ ميل کن پري دھليءَ جي طرف سائوٿ پنجاب ريلوي تي موجود آھي.

(3) حبة العفص؛ ماوا(پسار جي دوائن مان ھڪ دوا ، جنھن جا ٻير جيڏا داڻا ٿيندا  آھن ۽ انھن کي دلي تي گھي، اکين ۾ ڦلي پوڻ ڪري وجھندا آھن) مترجم

(1) شڪي و برڪي - ھن ميوي جي معلومات لاءِ ڪافي وقت صرف ڪيو ويو ۽ ڪافي معلومات جي صاحبن کي تڪليف ڏني وئي، ڇاڪاڻ تھ ھي ھندستان جو ميوو آھي ۽ ٻيو ابن بطوطھ جي طرز بيان ڪجھھ منجھائيندڙ بھ آھي، تنھن ڪري گھڻن صاحبن کي ڪجھھ سمجھھ ۾ نھ آيو؛ پر جيڪي ڪجھھ ھٿ آيو سو عرض رکجي ٿو، شڪي چڪي جو معرب آھي ۽ چڪي ڪٺل ميوو کي چوندا آھن صاحب مخزن الاويه لکيو آھي؛

”چکي ثمر درختي جھ ست کھ بھندي و بنگالي کڻھل نامند  و در بنگالھ بھ ست بلاد ديگر وفوردارد و خوب مي شودو درخت آن عظيم و بزرگ تر از گردگان(اخروٽ).... کڻھل مشابھ بشکنھ (اوجھري) حيوانيست کھ اندرون آنرا بالا کرده او را از چيزي پر کنند، تخم آن را در جوف کرده باشند وباتش برپان کرده مي خورند“

صاحب مخزن الادوبه جو مٿيون بيان ابن بطوطھ جي بيان سان ٺھي اچي ٿو؛ جيئن مٿي ظاھر آھي مصنف سيد المتاخرين لکيو آھي تھ بنگال ۽ بيار ۾ ڪٺل ميوو ايڏو تھ وڏو ٿيندو آھي جو ھڪ ماڻھو بھ ان کي مشڪل سان کڻي سگھندو.

(1) ڪسيرا: اسان جي خيال موجب ابن بطوطھ گجر، گوگڙو يا بيھھ جو بيان ٿو ڪري، ڇو تھ زمين مان کوٽي ڪڍيو ويندو آھي؛ مترجم

(1) قسطل: ھڪ قسم جو عربي ميوو.

(2) مالديپ جا ٻيٽ: ذيبة – ديپ، مھل –مال.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ