فصل ٽيون
ھزار امروھھ ڏانھن سفر
بادشاھھ جي حڪم موجب وزير مون کي فقط ڏھھ ھزار مڻ اناج ڏنو ۽
باقيءَ لاءِ حڪم نامو لکي ڏنائين(1)
تھ ھزار امروھھ مان ڏنو وڃي. ان وقت اتي جو والي
عزيز خمار ھو ۽ اتي جو امير شمس الدين بدخشاني ھو.
مون پنھنجا ماڻھو اوڏانھن موڪليا، جن وڃي ان
مذڪوره اناج مان ڪجھھ وصول ڪيو ۽ موٽي اچي عزيز
خمار جي سخت رويي جي شڪايت ڪيائون. پوءِ رھيل اناج
وٺڻ لاءِ مان خود اوڏانھن روانو ٿيس. ھي علائقو
دھليءَ کان ٽن ڏينھن جي سفر تي آھي، برسات جي موسم
ھئي، مان ٽيٽيھھ ماڻھو پاڻ سان وٺي ويو ھوس، ۽ ٻھ
تمام سٺا ڳائيندڙ، جيڪي ٻئي ڀائر ھئا، بھ ساڻ کنيا
ھئم.
اسان جڏھن بجنور(2)
۾ پھتاسين، تڏھن اتان مون ٽي ڳائڻا ٻيا بھ پاڻ سان
کنيا، ھو بھ ٽيئي ڀائر ھئا. مان ڪڏھين ٻن ڀائرن جو
راڳ ٻڌندو ھوس تھ ڪڏھن ھنن ٽن ڀائرن جو. آخر اچي
امروھھ ۾ پھتاسين. ھي ھڪ ننڍڙو مگر خوبصورت شھر
آھي. اتي جا رھواسي اسان جي استقبال لاءِ شھر کان
ٻاھر آيا، انھن ۾ شھر جو قاضي شريف علي ۽ خانقاه
جو شيخ بھ ھئا. جن ٻنھي گڏجي منھنجي چڱيءَ طرح سان
خاطر تواضع ڪئي . عزيز خمار ان وقت افغان پور ۾
ھو، جيڪو سرو درياءُ تي ٻڌل آھي. ھي درياءُ اسان
جي ۽ افغان پور جي وچ ۾ ھو، ان تي ھڪ ننڍي ٻڙي،
تيار ڪري سامان ان تي رکي، پار پھچايو ۽ اسان وري
ٻئي ڏينھن درياءُ پار ڪري وياسين.
عزيز خمار جو ڀاءُ نجيب پنھنجا ڪي ماڻھو وٺي اسان جي
استقبال لاءِ آيو ۽ اسان جي لاءِ انھن ھڪ ڪئمپ
ٺاھي. پوءِ ھن جو ڀاءُ جيڪو والي ھو، سو آيو. ھي
ظلم جي ڪري مشھور ھو. سندس ماتحت ڏيڍ ھزار ڳوٺ
ھئا، جن جي آمدني سٺ لک سالاني ھئي ۽ ھن کي ھن
آمدنيءَ جو ويھون حصو ملندو ھو. ھن درياءَ جي وري
ھڪ عجيب خاصيت آھي جا ھيءَ آھي تھ برسات جي موسم ۾
ڪو بھ ماڻھو ھن جو پاڻي استعمال نھ ڪندو آھي ۽ نھ
ئي وري ڪنھن جانور کي پياريو ويندو آھي.
اسان ٽي ڏينھن ان جي ڪناري تي ترسيل ھئاسين، پر اسان
مان ڪنھن بھ ان جو پاڻي نھ پيتو ۽ نھ ئي ڪوئي ان
جي ويجھو ويو. ھي درياءُ ھماليھ جبل مان نڪرندو
آھي، جنھن ۾ سون جي کاڻ آھي. ھيءُ درياءُ زھريلين
ٻوٽين جي مٿان وھي ايندو آھي، تنھن ڪري جيڪو بھ ان
جو پاڻي پيئندو آھي، سو مري ويندو آھي. ھيءُ جبل
ٽن مھينن جي سفر جيترو ڊگھو، سڌو ئي سڌو ھليو ٿو
وڃي ۽ ان جي ٻئي پاسي تبت جو ملڪ آھي جتي مشڪ وارا
ھرڻ ٿيندا آھن. ھن جبل ۾ مسلمانن جي لشڪر جي جيڪا
بري حالت ٿي ھئي، تنھن جو اڳ ۾ بيان ڪري آيا
آھيون.
ھن شھر ۾ مون وٽ حيدري فقيرن جي ھڪ ٽولي آئي جن
پھريائين تھ سماع ڪيو، پوءِ ھڪ وڏي باھھ ٻارائي سڀ
ان ۾ گھڙي ويا ۽ انھن کي ڪجھھ بھ نقصان نھ رسيو،
جنھن جو بيان اڳ بھ ڪري آيو آھيان، ھن علائقي جي
امير شمس الدين بدخشانيءَ ۽ والي عزيز خمار جي وچ
۾ ڪجھھ اڻبڻت ٿي پيئي ھئي تنھن ڪري شمس الدين ھن
سان لڙائي ڪرڻ آيو، پر عزيز خمار گھر ۾ لڪي ويھي
رھيو. پوءِ ٻنھي ھڪ ٻئي جي شڪايت وزير ڏانھن لکي
موڪلي، جنھن مون کي، ملڪ شاھھ امير اممالڪ ، جنھن
جي ھٿ ھيٺ چار ھزار شاھي غلام ھئا، ۽ شھاب الدين
روميءَ کي چوائي موڪليو تھ ھنن جي جھڳڙي جو فيصلو
ڪري، جيڪو ڏوھي ھجي، تنھن کي ٻڌي ، دارالخلافھ
ڏانھن موڪليو وڃي.
سڀ اچي منھنجي گھر ۾ گڏ ٿيا. عزيز خمار، شمس الدين تي گھڻيون ئي
دعوائون ڪيون جن مان ھڪ ھيءَ ھئي تھ شمس الدين جو
ھڪ ملازم رضي ملتاني نالي، سندس (عزيز خمار جي)
خزانچيءَ جي گھر اچي لٿو ۽ شراب پي خزانچيءَ جي
مال مان پنج ھزار دينار چورايائين. مون رضيءَ کان
پڇيو تھ جواب ڏنائين تھ”مون کي اٺ سال ٿيا آھن،
جڏھن ملتان کان آيو آھيان، شراب ڪو نھ پيتو آھيم“.
مون پڇيومانس تھ ”ڀلا ملتان ۾ تو شراب پيتو ھو؟“
تھ چيائين تھ ”ھائو“ مون يڪدم ھن کي اسي درا ھڻايا
۽ عزيز خمار جي مقدمي ۾ ھن کي جيل ۾ وجھايم.
مان امروھھ ۾ ٻھ مھينا رھي واپس موٽيس ۽ ھر روز پنھنجن ماڻھن
لاءِ ھڪ ڳئون ذبح ڪرائيندو ھوس. مان پنھنجي ساٿين
کي پوئتي ڇڏي آيو ھوس تھ عزيز خمار کان اناج وٺي
اچن. ھن ڳوٺ وارن کي لکي موڪليو تھ ويھھ ھزار مڻ
اناج ٽن ھزارن ڏاندن تي ڍوئي پھچائي ڏين. ھندستان
جا ماڻھو ڏاندن تي بار ڍوئيندا آھن ۽ سفر جو سامان
بھ انھن تي ئي لڏيندا آھن. گڏھھ تي سواري ڪرڻ عيب
سمجھندا آھن. ھن ملڪ ۾ گڏھھ ننڍي قد جا ٿيندا آھن
ڪنھن بھ ماڻھوءَ کي جيڪڏھن خوار ڪرڻنو ھوندو اٿن
تھ ان کي موچڙا ھڻي گڏھھ تي چاڙھي گھمائيندا آھن.
ڪن دوستن جي مون سان مھرباني ڪرڻ
سيد ناصرالدين اوھري جڏھن سفر تي ويو ھو تڏھن مون وٽ ٻھ سو سٺ
تنڪھ امانت طور ڇڏي ويو ھو، جيڪي مون خرچ ڪري ڇڏيا
ھئا. مان جڏھن امروھھ کان واپس آيس تڏھن خبر پيم
تھ ناصرالدين ان رقم وٺن لاءِ خداوند زادي قوام
الدين کي چئي ڇڏيو آھي، جيڪو وزير جو نائب ٿي آيو
ھو، مون کي ائين چوندي شرم ٿي آيو تھ مان اھا رقم
خرچ ڪري ڇڏي آھي، تنھن ڪري ان رقم جو ٽيون حصو تھ
مون ھن کي ڏيئي ڇڏيو ۽ ڪجھھ ڏينھن گھر کان ٻاھر ڪو
نھ نڪتس ۽ جلد ئي مشھور ٿي ويو تھ مان بيمار ٿي
پيو آھيان.
ناصرالدين خوار زمي صدر جھان مون سان ملاقات لاءِ آيو ۽
مون کي ڏسي چيائين تھ ”تون بيمار تھ ڏسڻ ۾ ڪو نھ
ٿو اچين“ مون جواب ڏنس تھ ”باطني بيماري اٿم“.
پڇيائين تھ ”ڪھڙي؟“ تنھن تي مون چيومانس تھ
”پنھنجي نائب شيخ السلام کي مون ڏانھن موڪلجو تھ
ان کي ٻڌائيدس“ . جڏھن ھو مون وٽ آيو تڏھن مون کيس
سڄو ھال کولي ٻڌايو. پوءِ ھن (صدر جھان) مون ڏانھن
ھڪ ھزار دينار موڪلي ڏنا، ھن جا ھڪ ھزار دينار اڳ
۾ بھ مون تي قرض ھئا. جڏھن خداوند زادي مون کان
باقي رقم جي گھر ڪئي، تڏ٠ھن سوچيم تھ صدر جھان
شاھوڪار ماڻھو آھي، اھو ئي ھن موقعي تي منھنجي مدد
ڪري سگھندو، سو مون ھن ڏانھن زين سوڌو گھوڙو، جنھن
جي قيمت سورنھن سئو دينار ھئي، ٻھ خچر جن جي قيمت
ٻارنھن سئو دينار ھئي، ھڪ چانديءَ جو ترڪش ۽ ٻھ
تلوارن جن جي ميانن تي چاندي چڙھيل ھئي، موڪلي ڏنا
۽ چوائي موڪليومانس تھ ھنن جي قيمت ڪٿي ، جيڪا رقم
ٿئي سا موڪلي ڏئي. ھن ڇا ڪيو جو ڪل ٽي ھزار دينار
قيمت ٺھرائي، پنھنجا مون تي جيڪي ٻھ ھزار دينار
قرض ھئا سي ڪاٽي، باقي ھڪ ھزار دينار موڪلي ڏنائين
ھي (رنگ) ڏسي، مون کي ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ انھيءَ ڳڻتي سبب
مون کي بخار چڙھي ويو ۽ دل ۾ چيم تھ جيڪڏھن وزير
سان ٿو اھا شڪايت ڪريان تھ پاڻ ڳالھھ وڌيڪ کلندي،
تنھن ڪري کڻي چپ ڪيم. پوءِ پنج گھوڙا، ٻھ ٻانھيون
۽ ٻھ غلام مغيث الدين محمد بن عماد الدين
سمنانيءَ ڏانھن موڪلي ڏنم. جنھن جوان اھي مون
ڏانھن واپس موڪلي ڏنا ۽ ٻھ سئو تنڪ بھ مون کي
موڪلي. مون تي وڏي مھرباني ڪيائين ۽ مون اھا رقم
خداوند زادي کي ادا ڪري پنھنجي جند آزاد ڪرائي.
بادشاھھ جو منزل ڏانھن وڃڻ
جڏھن بادشاھھ معبر جي ملڪ ڏانھن وڃي رھيو ھو ۽ تلنگانھ
جي ملڪ مان ٿي لنگھيو، تھ اتي اچي لشڪر ۾ وبا
پيئي، جنھن ڪري بادشاھھ دولت آباد موٽي آيو ۽ اتان
وري گنگا نديءَ جي ڪناري تي اچي ترسيو ۽ ماڻھن کي
حڪم ڏنائين تھ اتي پنھنجا گھر ٺاھين. مان بھ انھن
ڏينھين اتي ويس ۽ انھيءَ وقت ۾ عين الملڪ جي بغاوت
جو واقعو ٿيو ھو. مان بادشاھھ جي خدمت ۾ رھيس.
بادشاھھ پنھنجي خاص گھوڙن مان مون کي ھڪ گھوڙو عطا
ڪيو ۽ پنھنجي خاص ماڻھن ۾ شامل ڪرڻ فرمايو. پوءِ
بادشاھھ سان عين الملڪ جي لڙائيءَ ۾ شامل ٿيس ۽
گنگا ندي پار ڪيم. ان کان سواءِ سرو ندي پار ڪري
صالح البطل سالار مسعود جي قبر جي زيارت لاءِ ويس
۽ بادشاھھ جڏھن دارالخلافھ دھليءَ کان ٿي موٽيو تھ
مان ان سان گڏ ھوس.
بادشاھھ جي ناراضگي ۽ خدا جي فضل سان منھنجي جند آزاد ٿيڻ
ھڪ دفعي مان شيخ شھاب الدين ابن شيخ جام سان ملاقات
لاءِ سندس غار ۾، جيڪو دھليءَ کان ٻاھر ھو، ويو
ھوس. منھنجو مطلب فقط غار کي ڏسڻ جو ھو. پوءِ
جڏھن بادشاھھ ھن کي گرفتار ڪيو ۽ ھن جي پٽن کان
پڇيائين تھ توھان جي پيءُ سان ڪير ڪير ملڻ ايندا
ھئا، تھ ھنن ٻين سان گڏ منھنجو نالو بھ کنيو.
بادشاھھ يڪدم حڪم ڏنو تھ منھنجي ديوان خاني تي چئن
غلامن جو پھرو لڳايو وڃي، جڏھن بھ ائين ٿيندو آھي
، تڏھن ان ماڻھوءَ جو ، جنھن تي پھريو لڳايو ويندو
آھي، بچڻ مشڪل ٿيندو آھي. مون تي جمعي جي ڏينھن
کان پھرو بيھي ويو. مون” حسبنا الله و نعم
الوڪيل“ پڙھڻ شروع ڪيو ۽ انھي ڏينھن مون ٽيٽيھھ
ھزار ڀيرا اھو پڙھيو ، رات جو بھ ديوان خاني ۾ ئي
رھندو ھوس ۽ پنجن ڏينھن جو ھڪ روزو رکيم ۽ ھر روز
ڪلام پاڪ پورو ڪندو ھوس، اتي مان پاڻيءَ سان روزو
کوليندو ھوس ۽ پنجن ڏينھن کان پوءِ روزو کولي وري
چئن ڏينھن کان پوءِ روزو کولي وري چئن ڏينھن جو
روزو رکيم. آخر شيخ جي قتل کان پوءِ مون کي آزادي
ملي، والحمد الله تعاليٰ .
منھنجو نوڪري ڇڏي تارڪ الدينا ٿيڻ
پوءِ منھنجي دل نوڪريءَ مان کٽي ٿي پيئي، تنھن ڪي وڃي شيخ امام
عالم عابد زاھد خاشع فريد الدھر و جيداعصر شيخ
ڪمال الدين عبدالله عازيءَ جي خدمت ۾ رھيس. ھيءَ
بزرگ وڏو ولي الله شخص ھو، جنھن جون ڪرامتون مشھور
ھيون، جن جو مان اڳ ۾ بيان ڪري آيو آھيان. مان
دنيا ترڪ ڪري، پنھنجو سڀ مال فقيرن ۽ مسڪينن ۾
ورھائي ڏيئي، شيخ وٽ ھليو ويس. شيخ ڏھن ڏينھن جو
روزو رکندو ھو ۽ ڪڏھن تھ ويھن ڏينھن جا روزا بھ
رکندو ھو. منھنجي دل بھ چاھيو تھ مان بھ ائين
ڪريان، پر شيخ منع ڪندو ھو ۽ چوندو ھو تھ عبادت ۾
پنھنجي نفس تي سختي نھ ڪر ۽ دل سان توبھھ تائب ٿيڻ
واري لاءِ سفر ڪرڻ وقت پيادي ھلڻ جي ڪا ضرورت نھ
آھي. مون وٽ اڃا بھ ڪجھھ مال ھو، جنھن ڪري منھنجي
دل ۾ اڃا کٽڪو رھندو ھو، تنھن ڪري جيڪي بھ مون وٽ
ھو سو ڏيئي ڇڏيم، رڳو جان جا ڪپڙا بھ ھڪ گداگر کي
ڏيئي، سندس ڪپڙا وٺي پاڻ پاتم، ۽ پنجن مھينن تائين
ھن شيخ وٽ رھيس. انھن ڏينھن بادشاھھ سنڌ جي ملڪ ۾
ويل ھو.
بادشاھھ جو مون کي واپس نوڪريءَ لاءِ سڏڻ ۽
منھنجو انڪارڪري عبادت ۾ جھد ڪرڻ
جڏھن بادشاھ کي خبر پھتي تھ مان تارڪ الدنيا ٿي ويو آھيان،
تڏھن مون کي پاڻ وٽ گھرائي ورتائين، ان وقت بادشاھ
سيوستان ( سيوڻ ) ۾ ھو. مان فقيرن جي ڪپڙن ۾
بادشاھ جي سامھون حاضر ٿيس. مون سان بادشاھ تمام
نرميءَ سان ٿي ڳالھايو ۽ وري سندس نوڪري ڪرڻ لاءِ
مون کي زور ڪرڻ لڳو. پر مون صاف انڪار ڪيو ۽ کائنس
حجاز جي سفر لاءِ اجازت گھريم، جيڪا ھن منظور ڪئي.
پوءِ مان بادشاھ وٽان واپس ھليو آيس، ۽ ھڪ خانقاھھ
۾ جيڪا ملڪ شير جي نالي سان منسوب ھئي، ترسي پيس،
ھي جمادالثانيءَ جو آخري تاريخون ۽ سنھ ٧٤٢ ھجري
ھو. مان رجب وارو سڄو مھينو ۽ شعبان جي ڏھين تاريخ
تائين اتي عبادت ڪندو رھيس. ھت مون پنجن پنجن
ڏينھن جو روزو رکڻ شروع ڪيو ۽ پنجين ڏينھن ٿورا
چانور بنا ٻوڙ جي کائيندو ھوس، جنھن ڪري پيٽ تي
بار ٿي پوندو ھوم، ۽ جيستائين الٽي نھ ڪندو ھوس،
تيستائين آرام ڪين ايندو ھوم، اھڙيءَ طرح سان
چاليھھ ڏينھن پورا ڪيم.
بادشاھھ جو مون تي راضي ٿيڻ ۽ مون کي
چين جو سفير ڪري موڪلڻ
جڏھن چاليھھ ڏينھن پورا ٿيا، تڏھن بادشاھ مون ڏانھن ھڪ زين
گھوڙو، ٻانھيون، غلام، خرچ ۽ ڪپڙا موڪلي ڏنا، پوءِ
مون اھي ڪپڙا پھريا. مون وٽ ھڪ سوٽي نيري رنگ جو
استر پيل جبو ھو، جيڪو مان عبادت جي وقت پھريندو
ھوس؛ سو لاھي جڏھن شاھي ڪپڙا ڍڪيم تڏھن پاڻ کي
سڃاڻي ئي نھ پيو سگھان ۽ جڏھن ھن جبي ڏانھن پيو
ڏسان تھ پنھنجي اندر ۾ نور پيو ڏسان.
اھو جبو مون وٽ ان وقت تائين رھيو، جنھن وقت سمنڊ ۾ ھندن
اسان کي ڦريو ۽ ڪپڙا بھ لاھي ھليا ويا. جڏھن مان
بادشاھھ وٽ پھتس تڏھن ھن منھنجي اڳي کان بھ وڌيڪ
عزت افزائي ڪئي ۽ فرمائين تھ مان توکي چين جي
بادشاھھ وٽ پنھنجو سفير ڪري ٿو موڪليان، ڇو تھ مون
کي خبر آھي تھ توکي سفر ڪرڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ جو تمام
گھڻو شوق آھي. پوءِ بادشاھھ منھنجي سفر جو سامان
تيار ڪرايو ۽ مون سان گڏ ھلڻ لاءِ ماڻھو مقرر
ڪيائين، جن جو مان پوءِ بيان ڪندس.
چين جي بادشاھھ ڏانھن تحفا موڪلڻ
چين جي بادشاھھ، ھڪ سئو غلام ۽ ٻانھيون ، پنج سئو ٿان
ڪمخواب جا، جن مان ھڪ سئو ٿان زيتون جي شھر جا
ٺھيل ۽ ھڪ سئو ٿان خنسان جي شھر جا ھئا، پنج مڻ
مشڪ، پنج وڳا ڪپڙن جا جن تي جواھر لڳل ھئا، پنج
طلاڪار ترڪش، ۽ پنج تلوارون بادشاھھ ڏانھن، موڪلي
ھيون، ۽ اھو بھ لکي موڪليو ھئائين تھ کيس قراجيل
جبل ۾ ھڪ جڳھھ تي، جنھن کي سمھل چوندا ھئا، بتخاني
ٺھرائڻ جي وري اجازت ڏني وڃي. اتي چين جا ماڻھو
ياترا لاءِ ايندا آھن، ۽ جڏھن اتي اسلامي لشڪر
حملو ڪيو ھو، تڏھن ان شھر جي بتخاني کي ڀڃي ڀوري
تباھ ڪري ڇڏيو ھئائون.
ھينئر، جو بادشاھ چين اجازت لاءِ لکيو تنھن جي جواب ۾
بادشاھ جواب موڪليس تھ اسلامي ملڪ ۾ سواءِ ان
ماڻھوءَ جي جيڪو جزيھ ڀرڻ قبول ڪري، ٻئي ڪنھن کي
بھ بتخاني ٺاھڻ جي اجازت نٿي ملي سگھي، جيڪڏھن
بادشاھھ چين جزيھ ڏيڻ قبول ڪري تھ پوءِ اجازت ٿي
سگھي ٿي، ان سان گڏ بادشاھھ، جيڪي تحفا ھن ڏانھن
موڪليا، سي ھن جي تحفن کان تمام گھڻاھئا، جي ھئا: ھڪ سئو ھندو غلام ۽ ھڪ سئو ٻانھيون، جيڪي راڳ ۽ ناچ
ڄاڻينديون ھيون، ھڪ سئو بيرميھ ڪپڙي جا ٿان، جيڪي
ڪپھھ مان تيار ڪيل ھئا ۽ بينظير ھئا جو ھڪ ھڪ ٿان
جي قيمت سئو، سئو دينار آھي، ھڪ سئو ٿان ريشمي
ڪپڙي جا، جنھن کي جز ڪري چوندا آھن، ۽ پنجن رنگن
جو ريشم انھن ۾ استعمال ڪيو ويندو آھي، ھڪ سئو
چار ٿان صلاحيھ ڪپڙي جا، ھڪ سئو ٿان شبيرين باف
جا، پنج سئو ٿان مرغر ڪپڙي جا، جن مان ھڪ سئو ٿان
ڪاري رنگ جا، ھڪ سئو ٿان سفيد رنگ جا، ھڪ سئو ٿان
ڳاڙھي رنگ جا، ھڪ سئو ٿان سائي رنگ جا، ۽ ھڪ سئو
ٿان نيري رنگ جا ھئا، ھڪ سئو ٿان ڪتاني رومي جا،
ھڪ سئو صدربون نھايت قيمتي ڪپڙي جون، ھڪ وڏو تنبو
۽ ڇھھ ننڍا تنبو، چار شمعدان سون جا، ۽ ڇھھ
شمعدان چانديءَ جا، ۽ چار طشتريون سون جون، اھڙي
قسم جي ڪونئر سميت، ڇھھ طشتريون چانديءِ جون، ڏھھ
بادشاھھ جي لباس مان خلعتون جن تي زريءَ جو ڪم
ٿيل ھو، ڏھھ بادشاھھ جي پھرڻ جون شاشيھ ٽوپيون جن
مان ھڪ تي جواھر لڳل ھئا، ڏھھ طلاڪار ترڪش جن مان
ھڪ تي جواھر ات جو ڪم ٿيل ھو، ڏھھ تلوارون جن مان
ھڪ جي مياڻ تي جواھر لڳل ھئا، دست بان (دستانھ)جن
تي جواھر لڳل ھئا ۽ پندرنھن نوجوان غلام.
بادشاھھ اھي سب تحفا مون سان گڏ روانا ڪيا ۽ امير ظھيرالدين
زنجانيءَ کي مون سان گڏ سفر تي ھلڻ جو حڪم
ڪيائين. ھيءُ شخص ھڪ وڏو عالم ۽ فاضل ھوندو ھو. ھن
ھڪ جوان ڪافور شربدار نالي جي نگرانيءَ ۾ اھي تحفا
روانا ڪيا ۽ اسان کي سمنڊ تائين پھچائڻ لاءِ اسان
سان گڏ امير محمد ھرويءَ کي ھڪ ھزار سوارن سان
موڪليائين. ازانسواءِ بادشاھھ چين جي سفارت جا
پندرھن ماڻھو ھئا ۽ سندس وڏي عملدار (سفير) جو
نالو ”ترسي“ ھو ۽ ھن سان گڏ ھڪ وڏي جماعت ٿي پيئي.
بادشاھھ جو حڪم ھو تھ سفر ۾ سڄي رستي تي اسان جي
ضيافت جو انتظام ملڪ جي طرفان ڪيو وڃي.
اسان سنھ ٧٤٣ ھجري ۾ سفر مھيني جي سترھين تاريخ روانا
ٿياسين، ھن ملڪ ۾ گھڻو ڪري مھيني جي ٻي، ستين،
ٻارھين، سترھين، ٻاويھين يا ستاويھين تاريخ تي سفر
ڪندا آھن، اسان پھريائين ھڪ جاءِ تلپٽ(1)
نالي تي منزل ڪئي. ھي شھر داراخلافھ دھليءَ کان
ٻھ يا ٽي فرسخ پري آھي. اتان ھلي وري شھر آؤ(2)
۾ منزل ڪئيسين.
ھتان ھلي شھر ھيلو(3)
۾ منزل ڪري اتان روانا ٿي. اچي بيانا(1)
۾ منزل انداز ٿياسين.ھي شھر(بيانا) تمام وڏو ۽
سھڻو شھر آھي. ھن جي بازار ڏاڍي رونق واري آھي ۽
جامع مسجد بھ بي مثال ٺھيل اٿس، جنھن جون ديواريون
۽ ڇتيون پٿر جون ٺھيل آھن.
ھتي جو حاڪم بادشاھھ جي دايي جو پٽ مظفر نالي آھي، ھن
کان اڳي ھتي جو حاڪم ملڪ مجيد ابن ابي الرجاءِ ھو،
جيڪو وڏن اميرن مان ھڪ ھوندو ھو، جنھن جو بيان اڳ
۾ ڪري آيو آھيان تھ ھو پاڻ کي قريشي سڏائيندو ھو،
پر اول درجي جو بي رحم ۽ ظالم ھوندو ھو. ھن شھر جي
ڪيترن ماڻھن کي قتل ڪرائي ڇڏيو ھو ۽ گھڻن ئي
ماڻھن جا ھٿ پير ڪپائي ڇڏيا ھئائين.
مون ھن شھر ۾ ھڪ ماڻھو ڏٺو جيڪو ڏاڍو سھڻو ٿي لڳو ۽
پنھنجي گھر جي ڏيڍيءَ ۾ ويٺو ھو، پر سندس ھٿ ۽ پير
ڪپيل ھئا. ھڪ دفعي بادشاھھ ھن شھر وٽان اچي لنگھيو
ھو تھ ھتي جي پاشندن ملڪ مجيد جي اچي شڪايت ڪئي.
بادشاھھ يڪدم ھن جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو ۽ ھن جي
ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجھائي ڇڏيائين. پوءِ ھو ديوان (ڪورٽ )
۾ قاضيءَ جي سامھون اچي ويٺو، ۽ شھر جا ماڻھو اچي
سندس ظلم ۽ جبر، جيڪي ھن ماڻھن سان ڪيا ھئا، سي ھڪ
ھڪ ڪري لکائيندا ويا، بادشاھھ تنھن تي حڪم ڪيس تھ
انھن سڀني کي راضي ڪر. جڏھن ھن پنھنجو سمورو مال
ڏيئي، ماڻھن کي راضي ڪيو، تڏھن بادشاھھ کيس قتل
ڪرائي ڇڏيو.
شھر جي وڏن عالمن مان ھڪ عالم امام غزالدين زبيري ھو ۽ زبير
بناالتوام رضھ صحابيءَ جي اولاد مان ھو، ھن سان
منھنجي ملاقات گواليار ۾ ملڪ عزالدين بنتاني عرف
باعظم ملڪ وٽ ٿي ھئي.
پوءِ اسان بيانا مان ڪوچ ڪري اچي شھر ڪول ۾ لٿاسين. ھيءُ ھڪ
سھڻو شھر آھي ۽ منجھس باغ تمام گھڻا آھن. جن ۾
انبن جا وڻ زيادھ آھن. اسان ٻاھر ھڪ ميدان تي اچي
ترسياسين، جتي مون شيخ صالح عابد شمس الدين، جو
تاج العارفين جي لقب سان مشھور ھو، ان کان پوءِ
بادشاھھ ھن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو، جتي ھن وفات
ڪئي ھئي، اھو سڄو قصو مان اڳ ۾ بيان ڪري آيو
آھيان.
ڪول جي ڀرسان اسان جي ڪافرن سان لڙائي
جڏھن اسين ڪول(1)
جي شھر ۾ پھتاسين تڏھن خبر آئي تھ ھندن جلالي(٢)
جي شھر کي اچي گھيرو ڪيو آھي. ھي شھر ڪول کان ستن
ميلن جي مفاصلي تي ھو. پوءِ اسان اوڏانھن وڃڻ لاءِ
ارادو ڪيو. ان شھر جا باشندا ھندن سان لڙي رھيا
ھئا، ۽ ھندو ھنن کي قتل ڪري انھن جي شھر کي ڦري
برباد ڪري ڇڏين ھا. پر ھنن کي اسان جي اچڻ جي خبر
نھ ھئي، اسان ھنن تي وڃي حملو ڪيو. ھو ڪل ھڪ ھزار
سوار ۽ ٽي ھزار پيادا ھئا.جي سڀ اسان جي ھٿان
مارجي ويا، ۽ اسان ھنن جي گھرن ۽ ھٿيارن تي وڃي
قبضو ڪيو، اسان جا ٽيٽيھھ سوار ۽ پنجاھھ پيادا
مارجي ويا ۽ ڪافور ساقي يعني شربدار، جنھن جي
نگرانيءَ ھيٺ چين جا تحفا ھئا، بھ ھن لڙائيءَ ۾
شھيد ٿي ويو. اسان ھن جي شھادت جي خبر بادشاھھ کي
ڏياري موڪلي ۽ جواب جي انتظار ۾ انھيءَ شھر ۾ ترسي
پياسين. ھندو جبلن مان نڪري اچي جلالي شھر تي حملا
ڪندا ھئا، تنھن ڪري اسان جو امير ھر روز اسان کي
انھن جي مقابلي لاءِ وٺي ويندو ھو.
فصل ٽيون
منھنجو مصيبت ۾ پوڻ ۽ ھڪ ولي الله جي مدد سان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ
ھڪ ڏينھن مان پنھنجي ھڪ جماعت سان سوار ٿي ٻاھر ويس. اسان ھڪ
باغ ۾ لنگھي وياسين. گرميءَ جي موسم ھئي. اسان اتي
گوڙ ۽ شور جو آواز ٻڌي، ان جي ٽوھھ ۾ سوار ٿي، ھڪ
ڳوٺ ڏانھن وياسين، جنھن تي ھندو ڪاھي آيا ھئا،
اسان اچي انھن جي پٺيان پياسين. ھو ٽڙي پکڙي ويا.
تنھن ڪري منھنجا ساٿي انھن جي پٺ وٺندي، جدا جدا
طرفن ڏانھن ھليا ويا ۽ مون وٽ وڃي باقي پنج ماڻھو
بچيا، اوچتو اوچتو ھڪ جھڳٽي مان، ڪجھھ سوار ۽
پيادا نڪري ظاھر ٿيا، ۽ اچي اسان تي حملو ڪيائون،
اسان تعداد ۾ ھنن کان ٿورا ھئاسين، تنھن ڪري وٺي
ڀڳاسين.
انھن مان ڏھھ ڄڻا اسان جي پٺيان آيا، اسان باقي وڃي ٽي
ماڻھو بچيا ھئاسين. زمين ھئي پٿريلي، تنھن ڪري ڪو
بھ چارو نظر نٿي آيو. منھنجي گھوڙي جا اڳيان پير
پٿرن ۾گھڙي ڦاسي پيا ھئا، تنھن ڪري ھيٺ لھي، مون
ھن جا پير ڇڏايا ۽ وري ان تي سوار ٿيس، ان ملڪ ۾
ٻھ تلوارون رکندا آھن، جن مان ھڪ زين ۾ لٽڪندي
رھندي آھي، جنھن کي رڪابي ڪري چوندا آھن، ٻي ترڪش
۾ پيل ھوندي آھي. منھنجي رڪابي تلوار مياڻ مان
نڪري ھيٺ ڪري پئي. ان جو مٺيو سونو ھو. مان ان کي
کڻڻ لاءِ وري گھوڙي تان لٿس ۽ ان کي کڻي زين ۾
لڙڪائي سوار ٿي اڳتي وڌيس، دشمن بھ منھنجي پٺيان
اچي رھيا ھئا. مان ھڪ خندق جي ڪپر تي اچي پھتس ۽
ان ۾ گھڙي ھنن جي نظر کان غائب ٿي ويس.
انھيءَ خندق ۾ پاڻيءَ جو ھڪ رستو ھو، جنھن جي ٻنھي ڪپرن
تي گھاٽا وڻ ھئا، جنھن جي وچان اھو رستو ٿي ھليو.
مان بھ اھو رستو وٺي ھلندو رھيس پر خبر ڪا نھ ھيم
تھ ڪٿي پھچندس. اوچتو چاليھارو کن ماڻھو نظر آيا،
جن وٽ تير ھئا ۽ اچي مون کي گھيرو ڪيائون. مون
سوچيو تھ جيڪڏھن ڀڄندس، تھ انھن مان ڪو تير ھڻي
ماري نھ وجھيم، ڇو تھ ان وقت منھنجي بدن تي زرھھ
ڪان ھئي؛ تنھن ڪري زمين تي ليٽي پيس ۽ اشاري ۾
چيومان تھ مان توھان جو قيدي آھيان. جڏھن ڪو ماڻھو
ائين ئي ڪندو آھي تھ ان کي ھي ماڻھو قتل نھ ڪندا
آھن. پوءِ انھن اچي مون کي گرفتار ڪيو ۽ منھنجا
ڪپڙا لاھي، باقي بدن تي فقط ھڪ جبو، پاجامو ۽ قميص
ڇڏي ڏنائون.
ھو مون کي ھڪ جھڳٽي ۾ وٺي ويا، جتي ھو ھڪ حوض جي ڪناري
تي لٿل ھئا. اھو حوض وڻن جي وچ ۾ ھو. اتي پھچي ھنن
مون کي ماش جي ماني کائڻ لاءِ ڏني، جيڪا کائي مون
پاڻي پيتو. انھن سان گڏ ٻھ مسلمان بھ ھئا، جن مون
کان پارسيءَ ۾ پڇيو تھ مان ڪير آھيان؟ مون ھنن کي
پنھنجو حال ٻڌايو. پر اھو ڪو نھ ٻڌايومان تھ ڪو
مان بادشاھھ جو طرفدار آھيان. ھنن مون کي ٻڌايو تھ
اھي ماڻھو ضرور مون کي ماري ڇڏيندا ۽ ھڪ شخص ڏانھن
اشارو ڪري چيائون تھ ھي شخص ھنن جو سردار آھي. مون
انھن ٻنھي مسلمانن جي معرفت ھن سان گفتگو ڪئي ۽
تمام نرمائيءَ سان خوشامد جون ڳالھيون ڪيونمانس.
آخر ھن مون کي ٽن ماڻھن جي حوالي ڪيو، جن مان ھڪ پير
مرد ھو ۽ ٻيو ان جو پٽ ھو. باقي ٽيون ھڪ ڪارو
خبيث پئي لڳو، جنھن ھنن سان ڪجھھ ڳالھايو، جو مان
سمجھي نھ سگھيس، پر ھن ھنن کي منھنجي مارڻ جو حڪم
ڏنو ھو. پوءِ ھو مون کي ھڪ غار ڏانھن وٺي ويا ،
جتي ھن ڪاري ماڻھوءَ تي خدا ڏڪڻيءَ وارو بخار نازل
ڪيو ۽ ھن پنھنجا ٻئي پير کڻي منھنجي مٿان رکيا. ھو
پيرمرد ۽ سندس پٽ بھ ننڊ ۾ غافل ٿي ويا.
جڏھن صبح ٿيو تڏھن پاڻ ۾ ڳالھيون ڪرڻ لڳا ۽ اشاري سان
مون کي چيائون تھ حوض ڏانھن ھل. مان سمجھي ويس تھ
ھو مون کي اتي قتل ڪرڻ ٿا گھرن، تنھن ڪري مون ھن
پيرمرد کي ڏاڍيون منٿون ڪيون ۽ خوشامد ڪئيمانس ،
ھن کي بھ مون تي رحم اچي ويو. مون ڇا ڪيو جو
پنھنجي قميص جون ٻيئي ٻانھون ڦاري کڻي ھن کي ڏنيم،
تھ جيئن ھو پنھنجي ساٿين کي ڏيکاري چئي سگھي تھ
قيدي زبردستيءَ ڀڄي ويو آھي.
ظھر جو وقت ٿيو تھ حوض تي اسان ڪن ماڻھن جي ڳالھائڻ جو
آواز ٻڌو. پير مرد سمجھي ويو تھ سندس ساٿي اچي ويا
آھن، سو مون کي اشارو ڪيائين تھ مون سان ھليو آءُ.
جڏھن اسان حوض تي آياسين تڏھن اتي ڪيترن ئي ماڻھن
کي موجود ڏٺوسين. انھن پيرمرد کي چيو تھ اسان سان
گڏجي ھل. پر پير مرد ۽ ان جي ساٿين، ھنن سان وڃڻ
کان انڪار ڪيو، ۽ ٽيئي ڄڻا منھنجي سامھون ويھي
رھيا. پوءِ ھنن قنب جي ھڪ رسي، جا ھنن جي ھٿ ۾
ھئي، کڻي زمين تي رکي، مان ھنن کي ڏسي رھيو ھوس ۽
دل ۾ پئي چيم تھ شايد انھيءَ ئي رسيءَ سان مون کي
لڙڪائي ماريندا. پوءِ انھن مان ٽي ماڻھو، جن مون
کي گرفتار ڪيو ھو، ھن وٽ آيا ۽ مون اندازو لڳايو
تھ ھنن کانئن پڇيو تھ توھان ھن شخص(مون) کي ڇو اڃا
تائين ڪين ماريو آھي؟ تڏھن پيرمرد ھن ڪاري ماڻھوءَ
ڏانھن اشارو ڪندي ٻڌاين تھ ھي بيمار ٿي پيو ھو،
تنھن ڪري اڃا تائين ھن کي نھ ماريو اٿئون. انھن ٽن
ماڻھن مان ھڪ نوجوان شڪل ۾ سھڻو ٿي لڳو، تنھن مون
ڏانھن اشارو ڪري چيو تھ ”تون چاھين تھ مان توکي
ڇڏي ڏيان“ مون چيو تھ توھان جي وڏي نوازش ٿيندي.
ھن مون کي چيو تھ ھليو وڃ! مون ھن کي پنھنجو جبو ،
جيڪو مون کي ڍڪيل ھو، لاھي ڏنو ۽ ھن وري مون کي ڪا
شيءِ جيڪا ھن وٽ ھئي، ڏني. ھن مون کي اھو بھ ٻڌايو
تھ ھو رستو اٿئي، ان رستي تان ھليو وڃ.
مان اٿي ھليس ۽ ڊڄندو پئي ويس تھ مٿان ڪي ٻيا ماڻھو نھ
مون کي ڏسي وٺن. آخر اچي ھڪ بانس جي جھنگل ۾ داخل
ٿيس، جتي سج لھڻ تائين لڪو رھيس، ان کان پوءِ اتان
نڪري اچي، اھو رستو ورتم، جيڪو ھن نوجوان مون کي
ڏسيو ھو ۽ اچي ھڪ پاڻيءَ تي ھتس، جتان پاڻي پي وري
اٿي ھليس ، ۽ رات جو ٽيون حصو گذاري، اچي ھڪ جبل
تي پھتس، مان اتي سمھي پيس. صبح ٿيڻ سان وري اٿي
پنڌ پيس، ٻير جا وڻ ھئا، اتي مون ٻير کاڌا پر
منھنجا پير ڪنڊن ھڻي زخمي ڪري ڇڏيا، جنھن جا نشان
اڃا تائين بيٺا اٿم.
|