سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 2

ابن بطوطه جو سفر

مرتب:عمر حسين الخشاب، مترجم:محمد ابراهيم عباسي

ديباچو

       

خدا وند ڪريم جا لک شڪرانا، جو اڄ منھنجي دل جي ھڪ مراد پوري ٿي آھي، جنھن لاءِ مون کي عرصي دراز کان انتظار ھو. اصل ۾ مون کي ائڊوينچر ((Adventure يا حقيقت تي بنياد رکندڙ  پر  خطر ڪھاڻيون، قصا يا آپ بيتيون ننڍي عمر کان وڻنديون آھن. مون کي ياد آھي تھ مان جڏھن پڙھڻ لائق ٿيو ھوس، تڏھن مون کي الف ليليٰ جي قصن مان قصو، چار درويش ، حاتم طائي ۽ ان جا ڏاکڙا، سنڌ باد سيلانيءَ جا جڙيل سنڌي قصا ڏاڍا پسند ايندا ھئا ۽ انھن جي سفرن ۽ ان ۾ ڏنل ڳالھيون ڏاڍيءَ دلچسپيءِ سان رات جو دير تائين پڙھندو رھندو ھوس، ۽ ائين محسوس ٿيندو ھوم، ڄڻ تھ مان خود بھ ھنن سان گڏ خيالي دنيا ۾ گڏ ھلندو ٿي رھيس،  جيتوڻيڪ مٿيان سڀ قصا فرضي ھئا ۽ جلد پڙھي ختم ڪيم، تڏھن بھ انھن جي ڀيٽ ۾ مون کي ٻيا ديون ۽ پرين جا  قصا اصل ڪين وڻندا ھئا. ان کانپوءِ ھڪ اھڙو بھ دور  آيو، جو انگريزي جاسوسي ناولن تان ترجمون  ٿيل، سنڌي جاسوسي ناول پڙھڻ شروع ڪيم، ۽ پنجين يا چوٿين درجي تائين پڙھي ختم ڪري ڇڏيم. پوءِ وري ٻئي قسم جي ادب ڏانھن ڌيان ڇڪجي ويم، تان جو جڏھن بي اي جو امتحان، عربي سبجيڪٽ سان، پاس ڪيم، تڏھن ھڪ استاد کان مصر ۾ ڇپيل ”ابن بطوطھ ۽ ان جا صفر“ رنگين  با تصوير رسالو وٺي پڙھيم، ان  مون کي ايترو تھ لطف ڏنو، جو اڳيون سڀ ياديون تازيون ٿيڻ لڳيون   ۽ ھڪ دفعو وري ائڊوينچر ((Adventure قسم جي ناولن پڙهڻ تي شوق جاڳيو، ائين ابن بطوطھ جا ٻيئي قصا ڏاڍي شوق سان پڙھي پورا ڪيو، ۽ خيال ڪيم تھ ھن عربي ڪتاب تان سنڌيءَ ۾ ترجمون ڪري ڇپرائجي ، پر ان وقت ڪنھن خاص سبب جي ڪري ڪجھھ بھ لکي ڪين سگھيس، ۽ وقت گذرندو رھيو، آخر اھو وقت اچي ويو ، جو سنڌ ۾ ايم اي پريويس پاس ڪرڻ کانپوءِ ايم اي فائينل لاءِ  ڪو ائڊوينچر ((Adventure قسم جي ڪتابن سان خاص انس ھو، تنھن ڪري ڪتاب پڻ اھي ئي يونيورسٽيءَ اختياريءَ وارن صاحبن کي پيش  ڪيم، اھي ڪل ٽي ڪتاب ھئا،  جن ۾ ٻھ انگريزيءَ ۾ ۽ ٽيون ابن بطوطھ جو سفر، سنڌ ۽ ھندستان متعلق، (عربي ۾) ھو. خوش قسمتيءَ سان يونيورسٽي اختياريءَ وارن جي قابل داد چونڊ سبب مون کي ابن بطوطا جا سفر حصو ٻيو (جنھن ۾ سندس سنڌ ۽ ھندستان جو مڪمل سفر اچي ٿي ويو)ترجمي لاءِ مليو. مان ھن ڪم کي شوق سان لڳي ويس، پر  ھيءُ ڪم مون جھڙو سمجھيو ھو،  تھڙو ئي مون لاءِ  مشڪل ثابت ٿيو. بھرحال ٻن سالن جي مسلسل محنت کانپوءِ  آخر ان ڏکئي ڪم کي ختم ڪيم. ھن ڪم ۾ پنھنجي محترم استاد ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي مشفقانھ رھبريءَ ۽ ھمت افزائيءَ جو بھ گھڻي قدر ھٿ آھي، ڇاڪاڻ تھ سندن ئي صلاح سان مان ڪراچي يونيورسٽي جي عريبڪ ڊپارٽمينٽ جي ھيڊ مسٽر عبدالعزيز ميمڻ سان ملڻ ويس، جنھن صاحب ڪمال مھربانيءَ فرمائي، مون کي  ابن بطوطھ جي سفرن متعلق مناسب ڇاپي حاصل ڪرڻ ۽  ان مان ترجمي ڪرڻ لاءِ صحيح رھبري ڏيڻ ۾ ڪا بھ  ڪسر ڪا نھ ڇڏي، ۽ پوءِ  موٽي اچي پنھنجي ڪم کي لڳس.

        ترجمي جي دوران مون کي جيڪي مشڪلاتون پيش آيون، تن مان ڪي ھيٺ ڏجن ٿيون:

-1 ڇاڪاڻ تھ  ابن بطوطھ، تقريبن سڄيءَ دنيا جو سفر ڪيو آھي، تنھن ڪري ھن ھر ملڪ جا لفط ھر ھنڌ استعمال  پئي ڪيا آھن، نتيجو اھو ٿو نڪري، جو پڙھڻ وارو انھن جي ڳولا عربي ڊڪشنرين ۾ ڪندو ٿو رھي، پر اھي لفط ملي ڪين ٿا سگھس. انھيءَ خاص تڪليف لاءِ مون کي جناب مولانا عبدالعزيز عرب جي مدد وٺڻي پيئي، جنھن ھر وقت مون کي مفيد مشورو ڏيئي، منھنجي ھن ڪم ۾ تمام گھڻي مدد ڪئي.

-2 ڪيترن شھرن جا نالا ھن وقت گھڻو ڪري بدلجي ويا آھن ۽ ڪي شھر  اصل بلڪ نابود ٿي ويا آھن، جن جو  ڪٿي نشان بھ نٿو ملي سگھي. پر تنھن ھوندي بھ انڊين امپيريل گزيٽيئر، ابو الفضل جو آئين اڪبري، تاريخ  معصومي، چچ  نامو، تاريخ رشتھ  ۽ تحفة الڪرام جھڙين تاريخن ۾ڪننگھام جي  رپورٽن، جيڪي ھن آثار قديم متعلق لکيون آھن ۽ ٻين ڪن سندس ھمعصر مورخن ۽  سياحن جا ڪتاب ھٿ ڪري، انھن مان انھن شھرن جا نشان ۽ پتا ھٿ ڪيم، پر جيڪڏھن  اڃا بھ ڪجھھ رھجي ويا ھجن  تھ پڙھندڙ  حضرات انھن بابت مون کي ڪا معلومات ڏيندا تھ سندن نوازش ۽ پنھنجي ھمت افزائي سمجھندس.

-3 ابن بطوطھ جو اصل لکيل سفر جو  احوال تھ سندس  بيان مطابق  کانئس  دريائي  ڊاڪن  ڦري ورتو،  تنھنڪري جيڪي  ڪجھھ بھ لکيو اٿم، سو  رڳو  پنھنجي  يادگيريءَ  ۽ ذھن مان  لکيو اٿس، ان لاءِ بھ ڪوشش ڪري، ھن جي ڪن ڳالھين کي فوٽ  نوٽن  وسيلي ڪجھھ درست ڪيو  ويو آھي.

        -4 ابن  بطوطا  ڪيترن ھندستاني لفطن  کي عربي جيءَ  اچارن موجب لکي ويو آھي ۽ وري عربي ڪاتبن تھ اصل انھن جي صورت ئي  بدلائي ڇڏي آھي،  مثلن گواليار کي ڪاليور (ڪيالير)، گجرات کي الجورات ڪري لکيو  ويو  آھي، تنھن لاءِ  پڻ ڪٿي ڪٿي اصل متن وارو  لفظ لکي ، اتي ئي ڏنگين ۾ صحيح  لفط  لکيو ويو  آھي.

        مطلب تھ ھن ڪتاب  جي دقيق محاورن کي سلجھائڻ  ۽  سوليءَ ۽ با محاوره سنڌي ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ ٻھ سال ڪافي  نھ ھئا،  پر  مون  محنت ڪري، سنڌيءَ جي علم ادب جي خدمت ڪرڻ خاطر، ھن ڪتاب  ۾ پنھنجي  حتي المقدور ڪوشش صرف ڪئي  آھي. اميد تھ ھيءُ ڪتاب تاريخي ذوق رکندڙ حضرات ۽ سنڌي  علم ادب جي شائق  سڄڻن  لاءِ ڪافي دلچسپ ثابت ٿيندو.

و  آخر دعوانا ان  الحمدالله رب العالمين.

محمد ابراھيم عباسي

بي اي ، بي ٽي ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد سنڌ

19 اپريل 1959ع


 

 

ابن بطوطھ جي سوانح حيات

 

        ابن بطوطھ جي حياتيءَ متعلق وڌيڪ ڄاڻ ڪا نھ آھي ، پر رڳو ايترو ئي معلوم آھي، جيڪو ھو خود پنھنجي زباني، پنھنجي سفرن جي دوران ٻڌائي ٿو.

        ابن جزي، جيڪو سندس سفرن جو اصل موقف ۽ مدير آھي،  تنھن جي لکڻ موجب ھو طنجير(Tangier)  جي شھر  ۾ ٢٤ فيبروري سن ١٣٠٤ع ۾ ڄائو ھو، ۽ سندس سفرن جي تفصيل وار بيان موجب، معلوم ٿو ٿئي تھ ھن جي موراڪو موٽڻ کان پوءِ ھن کي اتي موراڪي جي ھڪ شھر ۾ قاضيءَ جو   عھدو ڏنو ويو ھو، جتي ھو سن ١٣٦٨ع يا ١٣٦٩ع ۾ وفات ڪري ويو، ھن جو اصل نالو محمد بن عبدالله ھو، ابن بطوطھ سندس خانداني لقب ھو، اھو خاندان اڃا بھ موراڪو ۾ موجود آھي. سندس حياتيءَ جو وڌيڪ احوال سندس سفرن مان خود سندس زباني ھن ڪتاب ۾ موجود آھي، پر تنھن ھوندي بھ اسان سندس سڀني سفرن جو مختصر بيان ھيٺ ڏيون ٿا، تھ ڪيئن ھن کي پھريائين سفر جو شوق ٿيو ۽ ڪيئن ھو ھندستان ۾ آيو.

        زير نظر ڪتاب ۾ رڳو سندس انھيءَ سفر بابت احوال آھي، جيڪو ھن سنڌ، ھندستان ۽ آسپاس جي ڪن مختلف ٻيٽن ۾ ڪيو ھو.

ابن بطوطھ جي سفر جو اختصار

        ابن بطوطھ جي سفر پڙھڻ وقت معلوم ٿيندو تھ  ھن اٺين صدي ھجريءَ ڌاري، ان وقت جي دنيا جي تقريبن سڀني آباد ملڪن جو سفر ڪيو ھو، ھڪ طرح سان ڏٺو وڃي تھ ان وقت رڳو ھن ھڪ ئي شخص اھڙو سفر ڪين ڪيو ھو، بلڪھ ھن وانگر ٻيا بھ ڪيترائي سياح ھئا، پر ٻين سياحن جي  گھڻي خبر ڪا نھ ٿي پئجي سگھي، ڇو تھ ھنن ”ابن بطوطھ“ وانگر ڪو بھ ڪتاب ڪو نھ لکيو  ھو.

        ٻارنھن سالن جي عمر ۾ ابن بطوطھ سفر تي نڪتو ھو، جنھن جي  شروعات ھن ھيئن ڪئي، جو ھو پنھنجي ملڪ طنجير مان حج ڪرڻ  جي ارادي سان روانو ٿيو ھو، ۽ آفريقا جي سڀني خاص خاص شھرن جو سير ڪندو، مصر ۾ پھتو، اتان عيداب جي بندر تائين اچي پھتو، جتان سندس ارادو مڪي معظمھ ڏانھن وڃڻ جو ھو، اھو بندر عدن کان ٿورو ئي پري آھي پر انھن ڏينھين اتي جو بادشاھھ منگولن سان لڙائي ڪري رھيو ھو، تنھن ڪري  جھاز ملي ڪين نھ سگھيس ۽ ابن بطوطھ واپس مصر ھليو ويو،  جتان سنھ ٧٢٦ ھجريءَ جي  شعبان  مھيني ۾ شام ڏانھن ھليو ويو، جتي دمشق وڃي، وقت جي ڪن مشھور عالمن کان علم حديث ۽ فيض حاصل ڪيائين، اتان ساڳئي سال شوال جي مھيني ۾ حاجين جي ھڪ قافلي سان مديني شريف ۽ اتان مڪي معظمھ ۾ پھتو. اتي حج ڪرڻ کانپوءِ عجمين جي ھڪ قافلي سان گڏجي، ھو عراق ۾ پھتو، جتان نجف اشرف جي زيارت ڪري، ھو بغداد ھليو ويو، اتان واسطھ ۽ اتان وري رواق ۾ پھچي،  سيد احمد رفاعيءَ جي قبر جي زيارت ڪري، اتان بصري  ۾ پھتو، جتان اچي ايران کان نڪتو، ڪجھھ ڏينھن  وشوستر ۾ رھي، اصفھان کان ٿيندو، ھو وڃي شيراز کان نڪتو، جتي قاضي مجيد  الدين شيرازي سان ملاقات ۽ شيخ ابو عبدالله خفيف ۽ شيخ سعدي عليھ الرحمت جي قبرن جي زيارت ڪيائين، اتان  وري گازرون جي بندر تي پھتو، جتان وري عراق ويو  ۽ ڪوفي کان ٿيندو وڃي بغداد  پھتو، ان وقت بغداد ويران ٿي ويو ھو، پر تڏھن بھ ڪافي وڏو شھر ھو، ھو اتان  موصل ۽ ماروين کان ٿيندو، وري ٻئي حج لاءِ  سنھ ٧٢٨ ھجريءَ ۾ مڪي معظمھ ڏانھن ھليو ويو. ھڪ سال اتي ترسي، پوءِ جدي ويو، جتان جھاز ۾ چڙھي ، آفريقا جو سير ڪندو، وڃي يمن ۾ پھتو، وري عدن مان ھڪ جھاز رستي ھو مقدشو ڏانھن ھليو ويو، جيڪو آفريقا جي اڀرندي ڪناري تي  آھي. اتن زڻزيبار ۽ ممباسا جي ٻيٽن مان گھمندو ، جھاز ۾ چڙھي، عربستان جي ڏاکڻين ڪناري تي حضرموت جي ظفار شھر ۾ پھتو، اتان وري عمان  کان ٿيندو، ھرموز جي شھر ۾ پھتو، جتان ھو اتي جي سخي بادشاھھ تھمتن سان ملاقات ڪري اناطول ڏانھن ويو، اتي ھر ھنڌ فساد لڳا پيا ھئا ۽ اڃا تازو  اتي عثمانيھ خاندان جو بنياد پيو ھو، اتان جي بروصھ شھر کان ڪاري سمنڊ جي ڪناري وارا شھر گھمندو ، وڃي قبچاچ کان نڪتو، جتان ڇھن مھينن  جو رستو لتاڙي ڪريميا ۾ پھتو، جتي ان وقت سلطان ازبق، ھڪ مسلمان بادشاھھ حڪمران ھو، ھو چنگيز خان جي اولاد سان ھو ۽ روس جو ڳچ ملڪ سندس حڪومت ۾ داخل ھو ۽ رولگا ندي تي سراءِ نالي شھر سندس تخت گاھھ ھو. اتان ھو بلغار ڏانھن ھليو ويو. اھو رمضان جو مھينو ھو ۽ وڏن ڏينھن ٿيڻ جي موسم پڻ ھئي،  تنھن ڪري مغرب ۽ عشا جي  نماز ئي پرھجي مس پوري ٿيندي ھئي تھ صبح  ٿي ويندو ھو، اتان ھن جو ڪنھن  ٻئي پاسي وڃڻ جو ارادو ھو، پر عيد جي ڏينھن اتفاق سان ھو بادشاھھ وٽ آيو، تڏھن ان وقت بادشاھھ جي ھڪ ملڪھ جيڪا ڪنھن نصراني بادشاھھ جي ڌيءُ ھئي، قسطنطنيھ وڃڻ  جي بادشاھھ کان اجازت گھري، پوءِ ابن بطوطھ ھن ملڪھ سان گڏجي قسطنطنيھ ويو، جتان واپس سراءِ جي شھر ۾ ويو، اتان ھو دشت جي رستي خوارزم ويو، جتان بخارا  ڏانھن ھليو ويو، اتي ڪجھھ وقت ھو سلطان علاو الدين طرم شيرين، ترڪستان جي بادشاھھ جي درٻار ۾ رھيو، اھو بادشاھھ چنگيز خان جي اولاد مان ھو، اتان ھو سمرقند ويو، جتان بلخ ۽ ھرات مان ٿيندو جام، مشھد شريف، نيشاپور ڏسندو، قندار جي رستي ھندوڪش  کان ٿيندو، الوراب ۽ پنج  سين جي رستي پشائي ۽ پروان مان گھمندو، عزنيءَ، تنھن کان پوءِ وري ڪابل کان ھلي اچي سنڌ ۾ پھتو، ان  کان پوءِ سندس ھيءُ سفر شروع ٿئي ٿو، جنھن جا سڀ احوال ھن ڪتاب ۾ سڌا سنوان تفصيل وار ڏنل آھن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ