باب اٺون
فصل پھريون
اسان جي سمنڊ رستي سفر جو بيان
اسان ناخدا ابراھيم جي جھاز ” جاگير“(1)نالي
تي چڙھياسين ۽ تحفي جي گھوڙن مان ستر گھوڙا بھ
اسان ان تي چاڙھيا. تحفي جا ٻيا رھيل گھوڙا ۽ نوڪر
چاڪر، ابراھيم جي ڀاءُ جي جھاز تي، جنھن جو نالو
”منورت“ ھو، سوار ٿيا. راءِ جالينسي اسان کي ھڪ
ٻيو جھاز ڏنو، جنھن ۾ ظھير الدين جا گھوڙا، سنبل ۽
ان جا نوڪر چاڪر چڙھيا، جالينسي اسان جي لاءِ
پاڻي، زاد راھھ ۽ گھوڙن جي چاري جو پڻ بندوبست ڪيو
۽ پنھنجي پٽ کي ”عڪيري“ نالي جھاز ۾ چاڙھي اسان
سان گڏ موڪليائين. اھو جھاز غوراب جي شڪل جھڙو ھو،
پر ان کان گھڻو ڪشادو ھو. ان ۾ مضبوط ٿنڀا ھئا.
لڙائيءَ جي وقت ان تي ڇت چاڙھي ڇڏيندا ھئا تھ
انھيءَ ٿنڀائينءَ ڇت کي تير يا پٿر لڳي نھ سگھندا
ھئا.
جھاز جاگير جنھن ۾ اسان چڙھيا ھئاسين، تنھن ۾ پنجاھھ
تير انداز ۽ پنجاھھ جنگي حبشي ھئا، جيڪي ھن سمنڊ
جا امير ليکيا ويندا آھن، ۽ جيڪڏھن انھن مان رڳو
ھڪ بھ ڪنھن جھاز تي سوار ھوندو آھي، تھ ھندو چور ۽
باغي ان کي ڪجھھ بھ نھ چوندا آھن. ان سان ٻن ڏينھن
جي سفر کان پوءِ ھڪ بيرم(1)
نالي ٻيٽ تي اچي لٿاسين. ھيءُ ٻيٽ بلڪل خالي لڳو
پيو ھو، ۽ خشڪيءَ کان پوءِ صرف چار ميل پري ھو.
اسان اتي ترسي حوض مان پاڻي کنيو.
ان جي غيرآباد ھجڻ جو سبب اھو ٿو چيو وڃي تھ مسلمانن
ھتي جي ھندن تي حملو ڪيو ھو. ان وقت کان پوءِ وري
ھندن وڃي ان کي آباد نھ ڪيو. ملڪ التجار، جنھن جو
بيان ڪري آيا آھيون، ھن کي آباد ڪرڻ جو ارادو ڪيو
ھو ۽ ان کي شھر پناھھ ڏياري، ان جي مٿان منجينقون
رکائي، مسلمانن کي ان ۾ آباد ڪيو ھئائين. پوءِ
اسان اتان ھلي، ٻئي ڏينھن اچي قوقھ(1)
(گھوگھا)۾ پھتاسين، ھيءُ ھڪ وڏو عاليشان شھر آھي،
جنھن ۾ تمام وڏيون بازاريون آھن.اسان شھر کان چار
ميل پري اچي لنگر انداز ٿيا ھئاسين، ڇو تھ اھو جزر
جو وقت ھو؛ تنھنڪري، پاڻي لھي ويو ھو.
پوءِ اسان نڍين ٻيڙين ۾ چڙھي شھر ڏانھن وياسين، جڏھن
شھر کان اڃا ھڪ ميل پري ھئاسين تھ ٻيڙيون پاڻيءَ
جي نھ ھئڻ سبب گپ ۾ گپي پيون. مان پنھنجي ٻن ماڻھن
جي مدد سان شھر ڏانھن روانو ٿيس. ماڻھو ڊپ ڏياري
رھيا ھئا تھ جيڪڏھن پاڻي چڙھي ويو تھ ڌاڍا مشڪل ۾
پوندو ۽ مان تھ تري بھ ڪو نھ ڄاڻندو ھوس. آخر اچي
شھر ۾ پھتس ۽ بازاريون گھمي، ھڪ مسجد ۾ ، جيڪا
حضرت خضر ۽ حضرت الياس ڏانھن منسوب ھئي، وڃي مغرب
جي نماز پڙھيم. ان مسجد ۾ مون حيدري فقيرن جي ھڪ
جماعت ڏٺي، جن جو شيخ بھ ھنن سان گڏ ھو. پوءِ مان
جھاز ڏانھن واپس ھليو آيس.
ھتي جو راجا
ھتي جو راجا جو نالو دنڪول آھي، ۽ رڳو نالي ۾ بادشاھھ
جو مطيع آھي، پر حقيقت ۾ ھو نافرمان آھي. پوءِ بھ
اسان ھن شھر مان ھلي، ٽن ڏينھن کان پوءِ اچي
سنداپور(1)
جي ٻيٽ ۾ پھتاسين. ھن ٻيٽ ۾ ڇٽيھھ ڳوٺ آھن، ھن جي
ارد گرد سمنڊ جي ھڪ کاري آھي، جنھن ۾ پاڻيءَ جي
لاھھ وقت تھ پاڻي مٺو ھوندو آھي، پر چاڙھھ وقت لوڻ
جھڙو کارو ھوندو آھي. ھن ٻيٽ جي وچ ۾ ٻھ شھر
آھن،جن مان ھڪ تمام پراڻو ھندن جو آباد ڪيل آھي، ۽
ٻيو مسلمانن انھيءَ وقت آباد ڪيو ھو، جڏھن ھنن ھن
ٻيٽ کي پھريون دفعو فتح ڪيو ھو. ان ۾ ھڪ جامع
مسجد، بغداد جي مسجدن جي نموني تي، ٺھيل آھي، جيڪا
ناخذا حسن سلطان جمال الدين محمد ھنوريءَ جي والد
ٺھرائي ھئي. ھن ٻيٽ کي ٻئي دفعي فتح ڪرڻ جي موقعي
تي مان بھ موجود ھوس، جنھن جو اڳتي بيان ڪندس. ھن
ٻيٽ مان ھلي، اسان ھڪ ننڍڙي ٻيٽ تي اچي لٿاسين،
جيڪو خشڪيءَ جي بلڪل ويجھو ھو. ان ۾ ھڪ مندر، ھڪ
باغ ۽ ھڪ حوض ھو، اتي مون ھڪ جوڳي ڏٺو ھو.
ان جوڳيءَ جي ڳالھھ
جڏھن اسن ھيٺ ٻيٽ تي اچي لٿاسين، تڏھن اسان ھڪ جوڳيءَ
کي ڏٺو، جيڪو ھڪ بتخاني ۾ ٻن بتن جي وچ ۾ پنھنجي
آسڻ تي ويٺو ھو. ان جي منھن مان معلوم پئي ٿيو تھ
ھن ڏاڍي رياضت ۽ جفا ڪشي ڪئي آھي. اسان ھن سان
ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھن ڪوبھ جواب ڪو نھ ڏنو.
اسان جاچ ڪئي تھ ھن وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ بھ ڪجھھ آھي
يا نھ، پر اسان کي ڪجھھ بھ نظر نھ آيو. ان وقت ھن
يڪدم وٺي دانھن ڪئي، تھ ھڪدم ھڪ ناريل وڻ مان ڇڄي
اچي ھن جي سامھون ڪريو. ھن اھو ناريل کڻي اسان
کي ڏنو، اسان کي ڏاڍو عجيب لڳو ۽ ھن کي دينار ۽
درھم ڏيڻ لڳاسين، جي ھن نھ ورتا. پوءِ ھن کاڌي جون
شيون آڇيوسين، پر ھن اھي بھ نھ ورتيون.
ھن جي سامھون ھڪ اٺ جي ڏاس جو چوغو پيو ھو، جيڪو مون کڻي
اٿلائي ڏٺو، تھ ھن اھو مون کي ڏيئي ڇڏيو، مون وٽ
زيلع جي ھڪ تسبيح ھئي، جيڪا ھن غور سان پئي ڏٺي.
مون اھا تسبيح ھن کي ڏيئي ڇڏي، جنھن کي ھن ھٿ ۾
وٺي سنگھيو، ۽ پوءِ پاڻ وٽ رکي، آسمان ڏانھن اشارو
ڪيائين. پوءِ وري قبلي ڏانھن اشارو ڪيائين.
منھنجا ساٿي ڪجھھ بھ سمجھي نھ سگھيا تھ ھن ڇا ٿي
چاھيو، پر مان سمجھي ويس تھ ھو مسلمان آھي ۽ ھن
ٻيٽ جي رھاڪن جي سبب کان پنھنجي مذھب کي مخفي رکيو
ٿو اچي ۽ ناريل کائي پنھنجو گذران ڪندو ٿو رھي.
جڏھن اسان ھن کان موڪلايو ٿي، تڏھن مون سندس ھٿ تي چمي
ڏني، جنھن ڪري منھنجا دوست ناراض ٿيڻ لڳا. يڪدم
ھو سمجھي ويو ۽ منھنجو بھ ھٿ وٺي چميائين. پوءِ
مشڪي اسان کي وڃڻ جو اشارو ڪيائين. ويندي وقت مان
سڀني جي پٺيان ھوس. ھن منھنجي ڪپڙي کان جھلي ٿورو
ڇڪيو. مون مڙي پٺيان ڏٺو، تھ ھن مون کي ڏھھ دينار
ڏنا.
جڏھن اسان ٻاھر آياسين، تڏھن منھنجي ساٿين مون کان پڇيو
تھ ھن جوڳيءَ تنھنجي ڪپڙن کان ڇو پئي ڇڪيو! تنھن
تي مون ٻڌايو مان تھ ھن مون کي ڏھھ دينار ڏنا آھن.
انھن دينارن مان ٽي دينار مون ظھير الدين کي ڏنا ۽
ٽي دينار سنبل کي ڏنم. ۽ ان قت ٻڌايو مان تھ
اھوشخص (جوڳي) مسلمان آھي ڇو تھ جڏھن ھن آسمان
ڏانھن آڱر کنئي، تنھن مان سندس مطلب ھو تھ مان خدا
تعاليٰ تي ايمان رکان ٿو ۽ جڏھن قبلي ڏانھن اشارو
ڪيائين تھ ان مان سندس پيغمبر تي ايمان رکڻ جو
مطلب ھو. ازنسواءِ ھن جو مون کان تسبيح وٺڻ ھن
ڳالھھ جي تصديق آھي. جڏھن مون ھنن کي اھو ٻڌايو،
تڏھن ھو ٻيئي واپس موٽي ويا تھ اتي جوڳيءَ کي ڪو
نھ ڏٺائون.
پوءِ اسان انھيءَ وقت اٿي روانا ٿياسين ۽ ٻئي ڏينھن صبح
جو اچي ھنور(1)
۾ پھتاسين. ھيءُ شھر سمنڊ جي ھڪ وڏيءَ کاريءَ تي،
جنھن ۾ جھاز وڃي سگھن ٿا، ٻڌل آھي، ۽ سمنڊ ڏاڍو
چڙھندو آھي، ۽ ان ۾ طوفان ايندو آھي. ان وقت چئن
مھينن تائين مڇيءَ جي شڪار ڪندڙ کان سواءِ ٻيو ڪو
بھ شخص سمنڊ ڏانھن ڪو نھ ويندو آھي.
جڏھن اسان ھنور ۾ پھتاسين، تڏھن ھڪ جوڳي اسان وٽ آيو ۽
اچي مون کي ڇھھ دينار ڏيئي چيائين تھ” جنھن برھمڻ
کي تو تسبيح ڏني ھئي، تنھن ھي ڇھھ دينار موڪليا
اٿئي“ مون ھن کان اھي دينار ورتا ۽ انھن مان ھن
کي ھڪ دينار ڏيڻ لڳس، پر ھن وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽
ھليو ويو. مون پنھنجي سائين سان اھا ڳالھھ ڪئي ۽
چيو مان تھ جي چاھيو تھ پنھنجو حصو وٺي سگھو ٿا،
پر ھنن چيو تھ ”نھ“ ۽ ان وقت مون کي ٻڌايائون تھ
جيڪي ڇھھ دينار تو اسان کي ڏنا ھئا، انھن ۾ ڇھھ
دينار پنھنجي کيسي مان ملائي، جنھن جاءِ تي جوڳي
ويٺو ھو، اتي رکي آيا ھئاسين. اھو ٻڌي مون کي اڃا
بھ وڌيڪ حيرت ٿي ۽ اھي دينار مون پاڻ وٽ احتياط
سان رکي ڇڏيا.
ھنور شھر جا باشندا شافعي مذھب جا آھن ۽ ديندار، نيڪبخت
۽ بحري طاقت کان مشھور آھن، پر سنداپور. (گوا) جي
فتح ٿيڻ کان پوءِ، زماني ھنن کي پست ڪري ڇڏيو، ان
جو اڳتي بيان ڪندس.
شيخ محمد ناگوري ھن شھر جي عابدن مان ھڪ آھي، جنھن
پنھنجي خانقاھھ ۾ اسان جي دعوت ڪئي ھئي. ھو پنھنجي
ماني پاڻ پچائيندو ھو، جيئن غلامن ۽ ٻانھين جا
ناپاڪ ھٿ ان کي نھ لڳن. فقير اسماعيل جيڪو
پڙھائيندو آھي ۽ ھن شھر جو رھاڪو آھي، سو ڏاڍو
پرھيز، خوش خلق ۽ فياض آھي. ھن شھر جي قاضي
نورالدين علي آھي، ۽ خطيب جو نالو مون کي ھينئر
ياد نھ رھيو آھيو آھي.
ھن شھر ۽ سڄي ساحل جون عورتون سبيل ڪپڙو ڪو نھ ڍڪينديون
آھن، بلڪ اڻ سبيل ڪپڙو پھرينديون آھن. ڇاڪنديون
آھن جو چادر جي ھڪ پلاند سان سڄو بدن ڍڪي، ٻئي
پلاند سان ڇاتي ۽ مٿو ڍڪي ڇڏينديون آھن. ھي عورتون
سھڻيون ۽ پارسا ٿينديون آھن ۽ نڪ ۾ سون جون نٿون
پائينديون آھن.
انھن جي خاصيت اھا آھي، جو انھن مان ھر ھڪ عورت حافظ قرآن
آھي. ھن شھرن ۾ تيرھن ڇوڪرين جا ۽ تيرھن ڇوڪرن جا
مڪتب آھن. ھن شھر کانسواءِ اھا ڳالھھ مون ٻئي ھنڌ
ڪٿي بھ ڪا نھ ڏٺي. ھتئي جا ماڻھو رڳو سمنڊ جي
واپار تي گذران ڪندا آھن ۽ کيتي ڪو نھ ڪندا آھن.
مليار (مليار) جا ماڻھو ھتي جي بادشاھھ جمال الدين
کي سال ۾ ڪجھھ مقرر ڍل ڏيندا آھن، ڇاڪاڻ تھ ھن وٽ
زبردست بحري طاقت ۽ ڇھھ ھزار پيادل ۽ سوارن جو
لشڪر آھي، جنھن کان ھو ڊڄندا آھن.
ھنور جي بادشاھھ جو بيان
ھتي جي بادشاھھ جو نالو جماالدين محمد بن حسن آھي، ۽
ڏاڍو نيڪ بخت انسان ۽ طاقتور آھي. ھو ھڪ ھندو راجا
جي ماتحت آھي، جنھن جو نالو آھي ھريب، ان جو بيان
مان انشاالله تعاليٰ اڳتي ڪندس. ھي سلطان جمال
الدين ھميشھ جماعت سان نماز پڙھندو ھو. ھن جي
عادت ھئي تھ صبح ٿيڻ کان اڳ ۾ مسجد ڏانھن ھليو
ويندو ھو، پوءِ فجر جي نماز پڙھي، شھر کان نڪري
ويندو ھو ۽ نيرن مھل واپس مسجد ۾ اچي ٻھ رڪعتون
نماز پڙھي، پوءِ پنھنجي محل ڏانھن ھليو ويندو ھو.
ھو ايام بيض ۾ روزانو بھ رکندو ھو.
جڏھن مان ھن وٽ وڃي رھيو ھوس، تڏھن ھو مون کي افطار جي
وقت گھرائيندو ھو، فقيھ علي ۽ فقيھ اسماعيل اڳيئي
اتي موجود ھوندا ھئا، پوءِ زمين تي چار ننڍيون
ڪرسيون رکيون وينديون ھيون، جن مان ھڪ تي ھو
ويھندو ھو ۽ باقي ڪرسين تي اسان مان ھر ھڪ ويھندو.
هن جي
کاڌي جو نمونو
ھن جي کاڌي جو طريقو ھي ھو تھ پھريائين ٽامي جو ھڪ دستر
خوان جنھن کي خومچو چوندا آھن، آڻيندا آھن، جنھن
تي ھڪ ٽامي جي طباق آڻي رکندا آھن. ان طباق کي
”طالم“ ڪري چوندا آھن، ان کان پوءِ خوبصورت ٻانھي
ريشمي ڪپڙا پھري، پاڻ سان کاڌي جون ديڳڙيون ۽ ٽامي
جا وڏا وڏا چمچا آڻيندي آھي ۽ چانور جو ھڪ ھڪ چمچو
ڪري طباق ۾ وجھندي ويندي آھي. پوءِ ان جي مٿان
گيھھ وجھي، انھيءَ طباق ۾ ٻئي پاسي کان مرچن،
ادرڪ، ليمي ۽ انب جا آچار رکندي آھي، جن کي ھر ھڪ
لقمي کان پوءِ کائيندا آھن. جڏھن اھي چانور ختم ٿي
ويندا آھن، تڏھن وري ٻيو چمچو چانورن مان ڀري طباق
۾ وجھي، ان جي مٿان سرڪي ۾ رڌل مرغيءَ جو گوشت
رکندي آھي، جنھن سان چانور کاڌا ويندا آھن.
ھنن چانورن جي ختم ٿيڻ تي وري ٽيون چمچو ڀري وجھندي
آھي، ۽ ان جي مٿان وري ٻيءَ طرح رڌل مرغيءَ جو
گوشت رکندي آھي، ۽ ان کان پوءِ ھر ھڪ چمچي سان گڏ
نموني نموني جي رڌل مڇي وجھندي ويندي آھي، پوءِ
گيھھ ۾ رڌل سائي ڀاڄي آڻيندي آھي، جا بھ چانور سان
کاڌي ويندي آھي.
جڏھن اھي سڀ کاڌا پورا ٿي ويندا آھن، تڏھن ڪوشان(1)
ايندو آھي، جنھن تي کاڌو ختم ٿيندو آھي. جڏھن ھيءَ
لسي ايندي آھي، تڏھن سمجھبو آھي تھ ھاڻي سڀ طعام
ختم ٿي ويا. ان کان پوءِ گرم پاڻي پيئندا آھن، ڇو
تھ برسات جي موسم ۾ ٿڌو پاڻي نقصانڪار ٿيندو آھي.
ھن بادشاھھ وٽ مان ٻيو دفعو يارھن مھينا وڃي رھيو ھوس
تھ ايترن ڏينھن ۾ ڪڏھن بھ مون ڪڻڪ جي ماني ڪا نھ
کاڌي، ڇو تھ ھتي جي ماڻھن جو کاڌو رڳو چانور آھن،
اھڙيءَ طرح سان جڏھن مان مالديپ، سيلان، ملبار ۽
معبر جي ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ ٽن سالن تائين وڃي رھيو
ھوس، تھ اتي بھ چانور کان سواءِ ٻيو مون ڪجھھ بھ
ڪونھ کاڌو، ايتري قدر جو اھي چانور مون کي نڙيءَ ۾
ڦاسي پوندا ھئا، ۽ پاڻيءَ سان انھن کي ڳھندو رھندو
ھوس.
ھي بادشاھھ ريشمي باريڪ ڪنان جا ڪپڙا پائيندو آھي. ۽
چيلھھ تي چادر ڍڪي، ٻھ لحاف ھڪ ٻئي جي مٿان ڪري
ڍڪيندو آھي. ھو وارن کي ويڙھي، مٿان پٽڪو ٻڌي
ڇڏيندو آھي ۽ جڏھن سوار ٿي نڪرندو آھي. تڏھن قباءُ
(وڏي دستار) پھري ، ان جي مٿان لحاف بھ وجھي
ڇڏيندو آھي. ان جي اڳيان ماڻھو نغارا ۽ طبل
وڄائيندا ھلندا آھن. ھن دفعي اسان ھنور ۾ ٽي ڏينھن
ترسياسين ۽ ويندي وقت ھن اسان جي سفر جو سامان
وغيره بھ ڏنو، اتان ھلي ٽن ڏينھن کان پوءِ اچي
مليبار (مليار) جي حد ۾ پھتاسين. ھيءُ اھو ملڪ آھي
جتي ڪارا مرچ پيدا ٿيندا آھن. ان جي ڊيگھھ ٻن
مھينن جو رستو آھي، جيڪو درياءَ جو ڪنارو ئي ڪنارو
ڏيئي سنداپور (گوا) کان ڪولم تائين ھليو ٿو وڃي.
ھن رستي جي ٻنھي طرف وڻ آھن ۽ ھر ھڪ اڌ ميل کان پوءِ ھڪ
ڪاٺ جي ٺھيل جاءِ آھي، جنھن ۾ دڪان ۽ چبوترا ٺھيل
آھن، جتي ھر ڪو ھندو يا مسلمان مسافر آرام ڪندو
آھي. ھر ڪنھن جاءِ جي ڀرسان وري ھڪ کوھھ ھوندو
آھي، جتي ھڪ ھندو پاڻي پياريندو رھندو آھي. ھو
ھندن کي برتن ۾ پاڻي پياريندو آھي ۽ مسلمانن کي ٻڪ
۾، جيڪو ھو پنھنجي ٻنھي ھٿن سان وات تي جھلي
بيھندا آھن ۽ اھو ھندو ان ۾ پاڻي وجھندو رھندو
آھي، جڏھن بند ڪرڻ جو ارشاد ملندو اٿس، تڏھن پاڻي
وجھڻ بند ڪندو آھي.
ملبار ۾ اھو رواج آھي تھ مسلمانن کي گھر ۾ اچڻ ڪو نھ
ڏيندا آھن ۽ نھ ئي وري انھن کي پنھنجي ڪنھن برتن ۾
کاڌو ڏيندا آھن. پر اتفاق سان جيڪڏھن ڪنھن کي کاڌو
ڏين بھ کڻي، تھ پوءِ ان کي ڀڃي ڇڏيندا آھن، يا
ڪنھن مسلمان کي ڏيئي ڇڏيندا آھن، ۽ جنھن جاءِ تي
ڪو مسلمان ڪو نھ رھندو آھي، اتي ھو مسلمان لاءِ
کاڌو تيار ڪري، اھو ڪيوڙي جي پن تي رکي، ٻوڙ بھ ان
۾ وجھي، کيس ڏيندا آھن ۽ جيڪي بچندو آھي، سو ڪتن ۽
پکين کي وجھي ڇڏيندا آھن.
ھن رستي جي سڀني منزلن تي مسلمانن جا گھر آھن، جن وٽ
مسلمان مسافر وڃي ترسندا آھن، ۽ ھر ھڪ شي خريد ڪري
انھن لاءِ کاڌو تيار ڪندا آھن. جيڪڏھن مسلمانن جا
گھر نھ ھجن ھا تھ جيڪر مسلمانن لاءِ ھن ملڪ ۾ سفر
ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوي ھا. ھن ٻن مھينن جي رستي ۾
ھڪ چپي جيتري زمين بھ اھڙي ڪا نھ آھي، جيڪا آباد
نھ آھي، ھت ھر ھڪ ماڻھو جو گھر الڳ الڳ آھي، جنھن
جي چوڌاري باغ رکيل ھوندو آھي ۽ ان جي چوطرف ڪاٺ
جي ڀت ڏنل ھوندي آھي، اھڙي طرح سان اھو سڄو رستو
ھنن باغن جي وچ مان لنگھي ٿو، جڏھن ھڪ باغ پورو
ٿيندو آھي، تڏھن ان جي ڀت تي ڪاٺ جي ڏاڪڻ رکيل
ھوندي آھي، جنھن تان چڙھي ٻئي باغ ۾ پھچبو آھي.
اھڙيءَ طرح سان ٻن مھينن جو سفر آھي.
ھن ملڪ ۾ بادشاھھ کان ٻيو ڪو بھ ماڻھو گھوڙي يا ڪنھن
ٻئي جانور تي سواري ڪو نھ ڪندو آھي. گھڻو ڪري
ماڻھو ڏوليءَ تي چڙھندا آھن، جنھن کي مزدور يا
غلام کڻي ھلندا آھن، نھ تھ ھر شخص پنڌ سفر ڪندو
آھي، جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ وٽ واپار جو سامان وغيره
يا ٻيو ڪو مال متاع وڌيڪ ھوندو آھي ، تھ ان کي
مزدور ڀاڙي تي ڪرڻا پوندا آھن، جيڪي اھو سامان
پٺيءَ تي کڻي ھلندا آھن، ڪي سوداگر اھڙا بھ ڏسڻ ۾
ايندا آھن، جن سان سامان کڻن وارا سو سو ماڻھو بھ
ھوندا آھن، ھر ھڪ مزدور کي ھٿ ۾ ھڪ ٿلھي لٺ ٿيندي
آھي، جنھن جي ھيٺئين پاسي لوھھ جي ھڪ ڪلي ۽ مٿئين
پاسي ھڪ لوھھ جو انگڙو ٿيندو آھي. جڏھن ھو ٿڪجي
پوندو آھي ۽ ترسڻ لاءِ ويجھو ڪو بھ دڪان وغيره ڪو
نھ ھوندو اٿس، تڏھن اھا لٺ زمين ۾ کوڙي، ان تي
سامان جي ڀري لڙڪائي ڇڏيندو آھي ۽ ساھي پٽي ، اھو
سامان کڻي وري اٿي پنڌ پوندو آھي.
مون ھن رستي جھڙو امن ۽ امان ٻئي ڪنھن بھ رستي تي ڪو نھ
ڏٺو. ھن ملڪ ۾ رڳو ھڪ ناريل جي چوريءَ تي انھيءَ
چور کي ماري ڇڏيندا آھن. جيڪڏھن ڪو بھ ميوو زمين
تي ڪري پوندو آھي تھ ان کي ڪو بھ ھٿ ڪو نھ
لڳائيندو آھي. ۽ آخر ان جو مالڪ اچي اھو کڻي ويندو
آھي. چون ٿا تھ ھڪ ھندوءَ ھڪ ناريل کڻي ورتو ھو،
تھ حاڪم کي خبر پئجي وئي، جنھن ھڪ ڪاٺ جي ٿنڀي کي
زمين ۾ کوڙائي، ان جي مٿان جيڪا لوھھ جي چھنبدار
سيخ ھئي، تنھن مان ھڪ تختو لنگھائي، ان تي کڻي ھن
کي اونڌو ليٽايائين، تھ اھا شيخ ھن جي پيٽ مان آر
پار لنگھي، وڃي سندس پٺيءَ کان نڪتي، پوءِ ٻين
ماڻھن کي سبق سيکارڻ لاءِ ھن کي اتي ئي اھڙي طرح
ٽنگيل ڇڏي ڏنائين.
اھڙي قسم جا ٿنڀا رستي ۾ گھڻن ئي ھنڌن تي کتل آھن. جيئن
مسافرن کي ان جو مطلب سمجھھ م اچي سگھي. رات جي
وقت اسان کي ڪيترائي ھندو رستي تي ملندا ھئا ۽
اسان جي لنگھي وڃڻ کان پوءِ ھلڻ شروع ڪندا ھئا، ھن
ملڪ ۾ مسلمانن جي تمام گھڻي عزت ڪئي ويندي آھي، پر
ايترو ضرور ٿيندو آھي، جو نھ ھنن سان گڏ کاڌو
ويندو آھي ۽ نھ ھنن کي گھر ۾ اچڻ ڏنو ويندو آھي.
ملبار جي ملڪ ۾ ڪل ٻارھن راجا آھن، جن مان سڀني کان وڏي
راجا جو لشڪر پندرھن ھزار آھي ۽ سڀ کان ننڍي راجا
وٽ ٽي ھزار لشڪر آھي. انھن جي وچ ۾ ڪڏھن بھ تڪرار
ڪو نھ ٿيندو آھي ۽ نھ وري ڪو ڏاڍو راجا پاڻ کي
ضعيف راجا جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ چاھيندو آھي. جڏھن
ھڪ راجا جو علائقو پورو ٿيندو آھي ۽ ٻئي راجا جو
علائقو شروع ٿيندو آھي ، تڏھن انھيءَ جاءِ تي ھڪ
ڪاٺ جو دروازو ٺھيل ھوندو آھي، جنھن تي اڳيان
ايندڙ علائقي جي راجا جو نالو لکيل ھوندو آھي،
جنھن جو جو مطلب آھي تھ اھو فلاڻي راجا جي امان يا
پناھھ جو دروازو آھي. جيڪڏھن ڪو بھ ھندو يا مسلمان
ڪنھن علائقي ۾ ڪو ڏوھھ ڪري ٻئي راجا جي دروازي ۾
داخل ٿي ويندو آھي، تھ ان کي ڪنھن بھ قسم جو ڊپ نھ
رھندو آھي. پوءِ جيتوڻيڪ اھو راجا کڻي ڏاڍو يا وڏي
لشڪر وارو سلطان ھجي. تھ بھ ان ضعيف راجا کي اچي
مجبور ڪري نٿو سگھي تھ ڏوھي سندس حوالي ڪيو وڃي.
ھنن راجائن جي تخت جا وارث پٽ ڪو نھ ٿي سگھندا آھن، پر
سندن ڀاڻيجا تخت جا وارث ٿيندا آھن، ھن ملڪ جو
دستور ، الثلم سوڊان ملڪ جي مسوفھ قوم کان سواءِ،
ٻئي ھنڌ مون ڪٿي بھ ڪو نھ ڏٺو. ھن جو بيان مان
اڳتي ڪندس. جيڪڏھن ملبار جي ڪنھن راجا کي ڪنھن بھ
دڪاندار جي خريد و فروخت بند ڪرڻي ھوندي آھي، تھ
سندس غلام وڻن جون ٽاريون آڻي ان دڪان تي ٽنگي
ڇڏيندا آھن، پوءِ جيستائين اھي ٽاريون اتي ھونديون
آھن، ان وقت تائين ڪو بھ ان دڪان تي خريد فروخت
ڪري نھ سگھندو آھي.
ڪارن مرچن جو بيان
ڪارن مرچن جو ٻوٽو انگور جي ول جي شڪل جھڙو ٿيندو آھي، جنھن کي
ناريل جي وڻ جي ڀرسان پوکي ڇڏيندا آھن، پوءِ اھو
ٻوٽو ناريل جي وڻ تي ول وانگر چڙھي ويندو آھي، ان
کي شاخون ڪو نھ ٿينديون آھن، جيئن انگور کي
ٿينديون آھن ۽ ان جا پن گھوڙي جي ڪنن جي شڪل جھڙا
ٿيندا آھن، ڪن جا پن عليق(ھڪ قسم جي گاھھ) جي پنن
جھڙا ٿيندا آھن. ان جو ميوو ننڍن ننڍن ڇڳن ۾ لڳندو
آھي. جنھن کي خريف جي موسم ۾ ڇني، زمين تي ڳوڻين ۾
اس تي سڪائيندا آھن، جيئن ڪشمش ٺاھڻ لاءِ انگورن
کي سڪايو ويندو آھي. ان کي وقت بھ وقت اٿلائيندا
پٿلائيندا رھندا آھن ۽ جڏھن صفا خشڪ ٿي ويندا آھن
۽ رنگ ڪارو ٿي ويندو اٿن، تڏھن سوداگرن کي وڪڻي
ڇڏيندا آھن.
اسان جي ملڪ جي ماڻھن جو خيال آھي تھ انھن کي باھھ تي
پچائيندا آھن، تڏھن انھن ۾ سختي پيدا ٿيندي آھي،
پر اھو غلط آھي. ان ۾ سختي اس ۾ سڪڻ جي ڪري پيدا
ٿيندي آھي. قالقوط (ڪئليڪٽ) جي شھر ۾ مون ڏٺو تھ
انھن کي ماپي سان مئي رھيا ھئا، جيئن اسان جي ملڪ
۾ جوئر مئيندا آھن، ملبار جو سڀ کان پھريون شھر
جنھن ۾ اسين داخل ٿياسين سو ھو ابي سرور(1)
ھي ھڪ ننڍڙو شھر آھي، جيڪو ھڪ وڏي سمنڊ جي کاريءَ
جي ڪناري تي ٻڌل آھي، ھت ناريل جا وڻ تمام گھڻا
آھن، ھت مسلمانن ۾ سڀ کان وڏو ماڻھو شيخ جمعو ڏاڍو
سخي آھي ۽ پنھنجو سڀ ڪجھھ فقيرن ۽ مسڪينن تي خرچ
ڪري ڇڏيو اٿائين.
اتان ٻن ڏينھن جي سفر کان پوءِ اچي فاڪنور(2)
جي شھر ۾ پھتاسين. ھيءُ شھر بھ ھڪ کاريءَ تي ٻڌل
آھي. ھت ڪمند جي پوک تمام گھڻي عمدي ٿيندي آھي.
جنھن جو مثال ھن ملڪ جي ڪنھن بھ ٻئي ھنڌ ملي نٿو
سگھي. ھن شھر ۾ ڪيترائي مسلمان موجود آھن، جن مان
سڀني کان وڏو حسين سلاط ليکيو ويندو آھي، جنھن ھتي
ھڪ جامع مسجد بھ ٺھرائي آھي. ھت قاضي ۽ خطيب بھ
رھندا آھن.
ھتي جي راجا جو بيان
ھن شھر جي ھندو راجا جو نالو باسديو آھي، جنھن وٽ ٽيھھ جنگي
جھاز آھن ۽ انھن سڀني جو وڏو عملدار بولا نالي ھڪ
مسلمان آھي. ھو پھريائين سامونڊي لٽيرو ھوندو ھو،
۽ سوداگرن کي ڦريندو رھندو ھو، جڏھن اسان ھن شھر
جي ڀرسان اچي لنگر انداز ٿياسين، تڏھن راجا اسان
ڏانھن پنھنجي پٽ کي موڪليو، جيڪو اسان وٽ جھاز ۾
بطور رھينھ(1)
گروي اچي رھيو ھو. ان کان پوءِ اسين شھر ۾ وياسين
جتي راجا ٽن ڏينھن تائين اسان جي مھماني ڪئي، ھي
مھماني ھندستان جي بادشاھھ جي عزت افزائي، پنھنجي
مھمانوازي ۽ اسان جي جھازن سان خريد فروخت جي
فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي ويئي ھئي.
ھن شھر جو دستور آھي تھ جيڪو بھ جھاز ھتي پھچندو آھي، تنھن کي
اتي ترسي، راجا کي ڪجھھ تحفي طور ڏيڻو پوندو آھي،
جنھن کي حق بندر چوندا آھن، پر جيڪڏھن ڪو جھاز
ائين نھ ڪندو آھي، تنھن کي راجا جا جھاز بردستيءَ
بندر تي وٺي ايندا آھن ۽ جيستائين ھو اھو حق ادا
نھ ڪندا آھن، تيستائين ان کي وڃڻ نھ ڏيندا آھن.
پوءِ اتان ٽن ڏينھن جي سفر کان پوءِ اچي، مجرور(1)
(منگلور) جي شھر ۾ پھتاسين. ھي شھر تمام وڏو آھي ۽
ھڪ کاريءَ تي، جنھن کي دنب ڪري چوندا آھن. ٻڌل
آھي. ملبار جي ملڪ ۾ ھيءَ کاري وڏي ۾ وڏي آھي. ھن
شھر ۾ ”فارس“ ۽ ”يمن“ جا وڏا وڏا واپاري ايندا
آھن. ھتي سنڍ ۽ ڪارا مرچ تمام گھڻي انداز ۾ پيدا
ٿيندا آھن.
ھتي جي بادشاھھ جو بيان
ھتي جو راجا ھن ملڪ ۾ وڏي ۾ وڏو راجا آھي، ۽ سندس نالو رامديو
آھي. ھن شھر ۾ اٽڪل چار ھزار کن مسلمان رھندا ،
جيڪي شھر کان ٻاھر رھندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن انھن
مسلمانن ۽ شھر وارن جي وچ ۾ لڙائي لڳندي آھي، تھ
راجا وچ۾ پيئي صلح ڪرائي ڇڏيندو آھي، ڇاڪاڻ تھ ھو
واپارين جو ھميشھ محتاج رھندو آھي. ھن شھر ۾ ھڪ
شافعي قاضي رھندوآھي، جنھن جو نالو بدرالدين معبري
آھي،جيڪو تعليم بھ ڏيندو آھي.
اھو قاضي اسان جي جھاز ۾ آيو ۽ اسان کي اچي چيائين تھ اسان جي
شھر ۾ ھلي رھو. اسان چيس تھ جيستائين راجا پنھنجو
پٽ بطور ضمانت اسان وٽ نھ موڪليندو، جيئن فاڪنور
جي راجا موڪليو ھو، تيستئاين اسان جھاز تان نھ
لھنداسون. تنھن تي ھن جواب ڏنو تھ فاڪنور ۾ مسلمان
تمام ٿورا آھن، ۽ اتي جي مسلمانن جو ايترو زور بھ
ڪونھي، پر ھن شھر جو راجا خود اسان کان ڊڄندو آھي،
تنھنڪري ضمانت جي ڪا بھ ضرورت ڪانھي. اسان سندس
ڳالھھ نھ مڃي، پوءِ آخر راجا پنھنجي پٽ کي اسان جي
جھاز تي موڪلي ڏنو، تڏھن اسان جھاز تان لھي شھر ڏي
وياسين. ھنن اسان جي تمام گھڻي عزت ڪئي ۽ اسان ٽي
ڏينھن ان شھر ۾ ترسي پياسين.
ان کان پوءِ اسان ”ھيلي“(1)ڏانھن
وياسين. ۽ ٻن ڏينھن جي سفر کان پوءِ اتي پھتاسين.
ھي ھڪ وڏو شھر آھي، جنھن ۾ عمديون عمارتون ٺھيل
آھن. ھيءُ شھر ھڪ وڏي کاريءَ تي ٻڌل آھي، جنھن ۾
وڏا وڏا جھاز اچي سگھن ٿا. ھن شھر تائين چين جا
جھاز ايندا آھن، جيڪي قالقوط (ڪئليڪٽ)، ”ڪولم“ ۽
”ھيلي“ کان سواءِ ٻئي ھنڌ ڪٿي بھ ڪو نھ ترسندا
آھن. ھن شھر کي ھندو توڙي مسلمان متبرڪ ڪري
سمجھندا آھن، ڇو تھ ھتي ھڪ جامع مسجد آھي، جيڪا
ڏاڍي برڪت واري آھي. جھازن تي چڙھڻ وارا خير و
عافيت سان واپس ورڻ لاءِ ھن جامع مسجد جون باسون
باسيندا آھن ۽ وڏيون وڏيون رقمون نذر ڪندا آھن.
خطيب حسين جي، جيڪو ھتي جي سڀني مسلمانن کان وڏو
آھي، نگرانيءَ ۾ ھن مسجد جو خزانو رھندو آھي. ھن
مسجد ۾ طالب عالمن کي تعليم بھ ڏني ويندي آھي، ۽
انھن کي خرچ بھ مسجد جي مال مان ڏنو ويندو آھي ،
ازانسواءِ ھن مسجد ۾ ھڪ بورچيخانو بھ آھي، جنھن
مان مسافرن، مسڪينن ۽ مسلمانن فقيرن کي کاڌو ڏنو
ويندو آھي.
ھن مسجد ۾ منھنجي ملاقات ھڪ نيڪ انسان فقيھھ سان ٿي،
جنھن جو نالو سعيد ھو ۽ ”مقدشو“ جو رھاڪو ھو. ھو
ڏاڍو نيڪ سيرت ۽ خوش خلق ماڻھو ھو، ۽ ھميشھ روزا
رکندو ھو. ھو چوندو ھو تھ مان چوڏھن سال مڪي معظم
۽ ايترا ئي سال مديني منور ۾ رھيو آھيان، ۽ مڪي
معظم ۾ امير بانمي ۽ مديني منور ۾ منصور بن جماز
سان مليو آھيان، ان کان سواءِ ھندستان ۽ چين جو
سفر پن ڪري آيو آھيان، پوءِ اسان ”ھيلي“ مان ھلي
اچي ”جرفتن“(1)۾
پھتاسين، جيڪو ھيلي کان صرف ٽي فرسخ پري آھي. اتي
ھڪ فقيھھ سان مليس، جيڪو بغداد جو رھاڪو ھو. ۽
”صرصري“ ڪري سڏبو ھو. صرصري بغداد ۽ ڪوفي جي رستي
تي، بغداد کان ڏھن ملين جي مفاصلي تي ھڪ شھر آھي.
ھن شھر ۾ ھن جو ھڪ ڀاءُ رھندو ھو، جو ڏاڍو مالدار
ھو، ۽ صغير اولاد ڇڏي مري ويو ھو، جڏھن مان اتان
روانو ٿيس، تڏھن ھو بھ انھن کي وٺي بغداد وڃي رھيو
ھو.
ھندستان جي ماڻھن جو بھ سوڊان جي ملڪ وارو ساڳيو
دستور آھي، تھ جڏھن ڪو مسافر مري ويندو آھي، تڏھن
چاھي سندس ھزارن جو مال ھجي، اھو ڪنھن مسلمان وٽ
امانت طور ھوندو آھي ۽ جيستائين ڪو شرعي وارث نھ
اچي، تيستائين ڪو بھ ان مان ڪجھھ صرف ڪري نھ
سگھندو آھي.
|