سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ٿر ۽ پارڪر جو احوال

ضيمو ب - ع

صفحو ؛ 9

ب – B

پارس ناٿ جو پتلو، جنھن کي گوڙيچا سڏيو وڃي ٿو ۽ مارواڙ ۾ لڳندڙ جين ڌرم وارن جو ميلو

١٨ ڊسمبر ١٨٥٤ع

گوڙيچا (پارس ناٿ) جين ڌرم جو ديوتا آھي. ھن ديوتا جو ڏيڍ فوٽ ڊگھو سنگ مرمر جو ھڪ پتلو ھوندو ھو. اھو پتلو گوڙي مندر ۾ پيو ھوندو ھو. تنھن ڪري پارڪر جي ماڻھن، پارس ناٿ کي گوڙيچا (گوڙيجو) نالو ڏنو. سنھ ١٦١٧ع ۾ ويرا واه جو ھڪ سوڍو ستوجي اھو پتلو اتان کڻائي ويو. ستوجي موجوده سردار جي چوٿين پيڙھيءَ  جو وڏو ھو. جنھن جو نالو لڌاجي ھو، جيڪو ٻاکاسر جو ويٺل ھو. ۽ مارواڙ (اڳوڻو ويرا واه) جي ماتحت ھو. ستوجي ٻاکاسر نالي ھڪ قلعو ٺھرايو ھو ۽ ھو اھو پتلو اوڏانھن کڻائي ويو، تھ جيئن پوڄاري اتي ان جي پوڄا ڪندا رھن. ھن اھو پتلو نم جي ھڪ وڻ ھيٺان پوري ڇڏيو.

ستوجي سندس پٽ وجرجي، ان جو پٽ مورجي، ان جو پٽ مورجي، ان جو پٽ مورجي ۽ ان جو پٽ لڌوجي، موجوده سردار. پوءِ خاص موقعن تي اھو پتلو کوٽي ٻاھر ڪڍندو ھو، تھ جيئن پوڄاري ان جو درشن ڪري سگھن. ھڪ ڀيري نؤ لکي نالي ھڪ واياڻي ان پتلي جي درشن لاءِ سورت کان ٻاکاسر آئي. پر ستوجي لالچ ڪئي ۽ بنان پئسي کيس درشن ڪرڻ جي اجازت نھ ٿي ڏني. ھن درشن جي عيوض کانئس نو لک روپيا گھريا. واياڻي پري کان ٺاڪر جي درشن لاءِ آئي ھئي، تنھن ڪري ھن ستوجي کي نو ھزار روپيا ڏنا. اھڙيءَ ريت انھيءَ ميلي جي موقعي تي ستوجي وڏي دولت ڪمائي. پوءِ ستوجي اھو پتلو آڻي ويرا واه جي ھڪ فوجي قلعي ۾ رکيو. جڏھن ڏسندو ھو، تھ درشن ڪرڻ وارا گھڻائي گڏ ٿي ويا آھن ۽ چڱا پئسا ڏيڻ لاءِ تيار آھن، تھ پوءِ ميلو ھڻائيندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن اھو ميلو پالنپور رياست جي مورواڙ شھر ۾ ھڻائيندو ھو. ڇرڇاٽ جي پرڳڻي ۾ (ويرا واه کان ٣٢ ڪوھھ پري) تھ جيئن اتان جا واڻيان واپاري) سفر جي تڪليف کان ڇٽي پون ۽ سولائيءَ سان اتي پھچي وڃن. انھيءَ عيوض پوڄاري کيس تمام گھڻي دولت ڏيندا ھئا. ڇاڪاڻ تھ ھو ويرا واه واري سٽاڻي سفر کان ڇٽي پوندا ھئا. جڏھن اھو پتلو مورواڙ نيندو ھو، تھ ان جي سنڀال واسطي ھڪ سؤ سوار پاڻ سان کڻندو ھو. انھيءَ موقعي تي لکين ماڻھو اچي گڏ ٿيندا ھئا ۽ ڪيترا جوڳي پڻ ڏاڍي اڪير مان اتي اچي ٺاڪر جو درشن ڪندا ھئا. اھڙيءَ طرح مورواڙ ۾ ڪيترائي ميلا لڳا. پھريون ميلو سوئيگام، ٿر ۾ سنھ ١٧٦٤ع ۾ لڳو، ۽ مورواڙ ۾ ١٧٨٨، ١٧٩٦، ١٨١٠ ۽ ١٨٢٢ع ۾ وڏا ميلا لڳا. ١٨٢٢ع وارو مورواڙ جو پويون ميلو ھو. ان کان پوءِ سنھ ١٨٢٤ع ۾ ويرا واه ۾ ميلو لڳو. سنھ ١٨٣٢ع ۾ سنڌ جي ميرن جي ھڪ ماڻھو پونجا کي گرفتار ڪيو، ان وقت اھو پتلو ان جي قبضي ۾ ھو، ھو سگھو ئي مري ويو. ان کان پوءِ وري ميڙو نھ لڳو، چون ٿا تھ اھو پتلو گم ٿي ويو. تنھن ڪري اڄ تائين ڪنھن کي بھ خبر ناھي، تھ اھو پتلو ڪٿي آھي؟ ان مان ظاھر ٿئي ٿو، تھ پونجا مرندو مري ويو، پر اھو راز ظاھر نھ ڪيائين. چون ٿا تھ، پورڻ جي اھو پتلو ڪنھن ھنڌ پوري ڇڏيندو ھو. پوءِ ديوتا کيس خواب ۾ ايندو ھو ۽ ٻڌائيندو ھوس تھ پتلو ڪٿي پوريل آھي. ڇو تھ ڪڏھن ڪڏھن اھو پتلو پوريل ھنڌ بجاءِ ٻئي ھنڌان ملندو ھو.

ھن پتلي بابت روايت آھي تھ: ھڪ ترڪ مسلمان وٽ ٽي پتلا ھئا. جن مان ھڪ مينگھي واڻئي کانئس ڀوڏيسر مان ھڪ سؤ روپين ۾ خريد ڪري اچي گوڙي واري مندر ۾ رکيو ھو. اھا سنھ ١٣٦٧ع جي ڳالھھ آھي.

چيو وڃي ٿو تھ، ان پتلي جي نرڙ تي قيمتي ھيري جي ڪڻي لڳل ھئي ۽ ٻنھي ببن تي پڻ ھيري جون ڪڻيون لڳل ھيون. چون ٿا تھ نرڙ تي ھيري جي ڪڻي سورت جي ھڪ واپاريءَ لڳرائي ھئي.

مٿيون ڳالھيون مقامي روايتن تان ورتيون ويون آھن. ڪي ڳالھيون ماڻھن وٽان معلوم ٿيون، جن مورواڙ ۽ ننگر پارڪر وارا آخري ميلا اکين سان ڏٺا. خاص طور ويرا واه جي نينسي ۽ سورجي مھتن جي لکتن مان معلوم ٿيون، جيڪي ھينئر ان ھنڌ جي سردار جي نوڪريءَ ۾ آھن.

پارڪر – ١٨٨٤ع

 

ضميمو – ج – C

پاري ننگر بابت يادداشت

پاري ننگر جي شھر تي پرمار درني جا پٽ ھاسو ۽ ڀوڏو حڪومت ڪندا ھئا. جن آبوگڊ ڇڏي اچي ھتي ديرو دمايو ھو. ان وقت ھن شھر جي آدمشماري ھن ريت ھئي. ٥٢٠٠ گھر واڻين جا، ٩٠٠ گھر لوھارن جا، ٧٠٠ گھر راجپوتن جا، ١٢٠٠ گھر ٻين مختلف ھنرن وارن ۽ ١٣٠٠ گھر لوھاڻن جا ھوندا ھئا. ھاسي کي گوبند ۽ ڀيم نالي ٻھ پٽ ھئا. جن مان گوبند پاري ننگر جو حاڪم بڻيو. گوبند کي چار پٽ ٿيا. چندن، وير سنگھھ، ويٺلداس ۽ ڀيم. جن مان وڏو پٽ چندن گاديءَ تي ويٺو، چندن وڏو سخي مرد ھو. ھو ھر روز ڏندڻ پاڻي کان اڳ صبح جو سوير اڻ ميو ڌن دان ڪندو ھو. اھڙيءَ ريت ھو لڳاتار ٢٤ ورھيھ خيرات ڪندو رھيو. کيس سائر ۽ نير نالي ٻھ پٽ ھئا، جيڪي ڇڙواڳ ٿي، ڌاڙيل بڻجي ويا. تنھن ڪري حڪومت ڀيم جي ھٿ آئي، جيڪو ھاسي جو ٻيو نمبر پٽ ھو. ڀيم نالي پٺيان پنھنجي خرچ تي ڀئپو نالي ھڪ وڏو تلاءُ کوٽرايو ۽ ١٤٠ کوھھ کڻايائين. ھو مرڻ گھڙيءَ تائين حاڪم رھيو. سندس چالاڻي کان پوءِ، ھاسي جي پيڙھي ختم ٿي وئي.

مٿي ذڪر ڪيل ڀوڏائي باشندن ڀوڏيسر جي نالي ھڪ شھر ٻڌايو ۽ سندس نالي پٺيان ھڪ وڏو تلاءُ پڻ کوٽرايو. پر جيئن تھ تلاءُ ۾ پاڻي ڪونھ بيھندو ھو. تنھن ڪري ھن گھڻي جل خاطر پنھنجي پٽ نورڻ داس کي ٻل چاڙھيو، تھ جيئن ان تلاءَ جو پاڻي کٽي نھ وڃي. ان کان پوءِ، ڌوڻي براھھ جي ٽئين پٽ جي اولاد پرمار ۽ مھيپال جي پنجن پٽن راجسنگھھ، راجيشور، منڊلڪ، ملھار ۽ رامچندر پاري ننگر تي ڪاميابيءَ سان راڄ ڪيو. راجيشور ٽي تلاءُ کوٽرايا، ھڪ ڀيٽو جي ڀرسان، ۽ ٻيا ٻھ وڏھلي ڳوٺ ويجھو کوٽرايائين. انھن کان پوءِ، راجيشور جو پٽ ڀوڄ سنگھھ والي بڻيو. کانئس پوءِ، سندس ڀاءُ ڀوڄراج حڪومت جون واڳون سنڀاليون. ان کان پوءِ، پرمار مالا جو پٽ اڏيسنگھھ تخت تي ويٺو. جنھن کان پوءِ، حڪومت ڀيم جي ننڍي پٽ گوبند جي ھٿ آئي. کانئس پوءِ سندس پٽ کنھگار والي بڻيو. ان کان پوءِ کنگھار جو ڀاءُ ڏيپو حڪومت ڪرڻ لڳو، بعد ۾ (سندس ڀائٽيو، ڏيپي جو پٽ) ڇوڙو تخت تي ويٺو. کانئس پوءِ سندس سوٽ (ڏيپي جو پٽ) ھر ڀيم حڪومت جو وارث بڻيو. ان ئي دؤر ۾ دھلي کان ھڪ ڪٽڪ ڪاھي آيو، جنھن پاري ننگر تي حملو ڪري وڏي تباھي آندي. نتيجي ۾ اھو وسندڙ شھر ويران ٿي ويو. پارڪر واري ڀاڱي ۾ ان ڏانھن اشارو ڪيل آھي.

 

ضميمو – د – D

ٻڌيسر جي گرو جي ڪنٽوجاجي رکيل قلمي ڪتابن وٽ مان چونڊ ٽڪرا:

سنھ ١١٠٣ع ۾ جڏھن ٽي پتلا پٽڻ ۾ ارپن ڪيا ويا، تن جا نالا ھئا: نارائڻ گوڙجي، نورن گوڙجي ۽ گوڙيڇوڙ جي. پويون پتلو يعني گوڙيڇو جي ساميگا پارڪر آندو ھو. ڀوڏيسر اٽڪل ٻھ ھزار ٽي سؤ اٺھٺ ورھيھ اڳ اٽڪل (٥١٢ ھھ) ۾ آباد ٿيو ھو. پارڪر ھڪ وڻندڙ ۽ فرحت بخش ملڪ آھي. سندس آسپاس وارا ضلعا پڻ خوبصورت آھن. اھي ائين آھن، ڄڻ ڪنھن خوبصورت عورت جا ڳھڻا ۽ تائٿ ھجن. ائين جيئن گيتا (ھندو شاسترن) ۾ سڀني کان پوتر ڪتاب آھي، جيئن سيتا (رامچند جي گھر واري) سڀني عورتن کان مھانڊي ۽ مان واري آھي، جيئن ڀير ٻين سازن کان وڌيڪ مانائتو ۽ مشھور ساز آھي، ۽ جيئن مارو پھاڙي ٽاور ٻين سڀني کان مٿاھون آھي. آخر ۾ اھو چوڻ صحيح ٿيندو، تھ جيئن اندر سڀني ديوتائن ۾ مشھور آھي ۽ جيئن چنڊ سڀني سيارن ۾ وڌيڪ وڻندڙ آھي، تھڙيءَ ريت پارڪر دنيا جي ٣٥ ھزار ملڪن ۾ اڳ ئي مشھور ھو. ٻڌيسر اھو شھر آھي، جتي امن ۽ آشتي سونھن ۽ سرھائي آھي. ھتي پرمار کينگھر جو راڄ آھي ، جتي گھڻو ئي واپار وڙو ھلندو رھي ٿو. ھتان جون عورتون ايڏيون تھ سھڻيون آھن، جھڙيون پريون، جيڪي تمام ھوشيار ۽ چالاڪ آھن. ان وقت واڻين جا ٻھ ھزار ڪٽنب ڏياريءَ جي موقعي تي راڻي جي سلام تي ويندا ھئا. پر ھو کين اڳي وانگر عزت ڪانھ ڏيندو ھو، تنھن ڪري ھنن پاڻ ۾ صلاح ڪئي، تھ ٻي ڏياري کان اڳ پارڪر ڇڏڻ گھرجي. نيٺ ھنن لڏپلاڻ ڪئي، جن مان ڪي سنڌ جي ڪڇ ھالار ۽ مارواڙ وغيره ڏانھن لڏي ويا. ڪجھھ وقت کان پوءِ، اھي جيڪي سنڌ لڏي ويا ھئا، سي بھ ڪڇ ھليا ويا. انھن ڏينھن کان پوءِ، کين ڪڇ اوسواڙا سڏيو وڃي ٿو. ان زماني سنڌ تي سومرن جي حڪومت ھئي. اھڙيءَ ريت پارڪر ڀڙڀانگ ٿي ويو.

 

ضميمو – ھھ –  E

فارسي سندن جو ترجمو

ھن سند جي مالڪن، دلير ۽ بھادر

راھمان قبيلي جي اساريا اربابن کي معلوم ھجي، تھ سنڌ جي اميرن (ٽالپرن) جي حڪومت ۾ راھمان جي اربابن کي ڏيپلي جي پيداوار مان جيڪي لوازما ملندا ھئا. برٽش حڪومت جي دؤر ۾ سندن اھي لوازما جاري نھ رھندا، پر ان جي عيوض سنڌ جي گورنر سرچارلس نيئپير جي – سي – بي اوھان ۽ اوھان جي پوين لاءِ ساليانو ١٧٥ روپيا منظور ڪرڻ فرمايا آھن.

ھيءَ سند ستن سالن تائين يعني اڄوڪي تاريخ ١٥ آڪٽوبر ١٨٤٤ع کان ١٤ آڪٽوبر سنھ ١٨٥١ع تائين بحال رھندي. ھن مدي کان پوءِ، سرڪار ھن سند ۾ ضرورت آھر ڦير ڦار ڪري سگھي ٿي. توھان جي حق ۾ سرڪار سڳوريءَ جي خواھش آھي، تھ توھان سرڪار جي نوڪريءَ ۾ ڪوشش ۽ محنت ڪندا رھو.

آڪٽوبر جي ١٥ تاريخ سنھ ١٨٤٤ع ۾ لکي وئي ۽ شوال مھيني جي ٣ تايخ سنھ ١٢٦٠ ھھ ۾ لکپڙھھ ڪئي وئي.

 

ضميمو – و – F

نھڙي قبيلي جي ارباب توڳاچيءَ لاءِ سند، ساليانو پنج سؤ روپيا الائونس، جيئن مٿي لکيو ويو.

 

ضميمو – ز – G

ڏيپلي جي سوڍن سردارن لاءِ سند ٥١٥ روپيا ساليانو الائونس مٿين سند مطابق لکيو ويو.

 

 

 

 

ضميمو – ح – H

مٺيءَ جي سوڍي سردار لاءِ سند. جنھن ۾ کيس چار سنتيون ڍل جي ڇوٽ ڏنل آھي. چار سنتيون= ايتري زمين جيڪا چئن ھرن سان آباد ڪري سگھجي.

ضميمو – ط – I

اسلام ڪوٽ جي سوڍن لاءِ سند. جنھن ۾ ١٦ سنتيون زمين جي پيداوار تان ڍل جي معافي ڏنل آھي.

 

ضميمو – ڪ – J

بھادرن ۽ ھمت وارن قبضيدارن، چانڊيا (يا وسائي پوٽا) رحم – علي – لاءِ پڌرو ٿو ڪجي تھ: ضلع اسلام ڪوٽ جي ھيٺ ڄاڻايل ١١ تڙن يا پاڻيءَ وارن ھنڌن بابت: ڍنيڪاريو سينھار، موڙاڻي، ڍو علي چانگ، ڳجھاڍي، ڌرڻ مودي، وڏا سامي، ڇٽو ڍورو، گلو واءِ، ٽوڪرھار ۽ ڳجھي ھار.

۽ انھن تڙن جي ڀرواري آباد زمين بابت، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو، تھ سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت جي دؤر ۾ اوھان کي انھن ١١ تڙن ۽ ٻي آباد زمين جي ڍل معاف ھئي. تنھن ڪري سنڌ جي گورنر ميجر جنرل سرچارلس نيپيئر جي – سي – بي، مھرباني ڪري، اوھان کي ھيءَ سند ڏيڻ فرمائي آھي. جنھن موجب اوھان تان انھن ١١ تڙن ۽ ٻي ڀرواري آباد زمين جي ڍل معاف ڪئي وئي آھي.

ھيءَ سند اڄوڪي تاريخ ١٥ آڪٽوبر ١٨٤٤ع کان ١٤ آڪٽوبر ١٨٥١ع تائين ستن سالن لاءِ بحال رھندي.

اھو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ، سرڪار جي مرضيءَ تي ڇڏيل ھوندو، تھ جيڪڏھن ضروري ٿيو تھ ان ۾ ڦير ڦار ڪري سگھندي.

چندرا قبيلي کان سواءِ ٻيو ڪوبھ شخص، مٿي ذڪر ڪيل ٿرن تي آباد ھوندو، تھ ان کي قاعدي مطابق ڍل ڏيڻي پوندي.

توھان جي حق ۾ سرڪار سڳوريءَ جي خواھش آھي، تھ توھان سرڪار جي نوڪريءَ ۾ ڪوشش ۽ محنت ڪندا رھو. جيڪڏھن توھان جي تر ۾ چوريون ٿين، تھ انھن چورن کي جھلڻ اوھان جي ذميداري ھوندي.

١٥ آڪٽوبر ١٨٤٤ع تي لکي وئي. ٣ شوال ١٢٦٠ ھھ ۾ لکپڙھھ ڪئي وئي.

 

ضميمو – ي – J

ڪنڊي تماچي ميڻاھھ کي ١٩ ٿرن يا پاڻيءَ وارن ھنڌن تان ڍل جي معافي جي سند ڏني وڃي ٿي.

 

ضميمو – ڪ – K

بھادرن ۽ ھمت وارن قبضيدارن، چندرا (يا وسائي پوڻا) رحم علي لاءِ پڌرو ٿو ڪجي. ضلع اسلام ڪوٽ جي ھيٺ ڄاڻايل ١١ ٿرن يا پاڻيءَ وارن ھنڌن بابت:

ڍڪارا، سينھڙي، موراڻي، ڍو-علي چانگ، ڳجھانڙي، ڌرڻ مودي، وڏا سامي،  ڇٽو ڍورو، گلو واءِ، ٺوڪرھار، ڳجھي ھار ۽ انھن ٿرن جي ڀرواري آباد زمين بابت، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو، تھ سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت جي دؤر ۾ اوھان کي انھن ١١ ٿرن ۽ ٻي آباد زمين جي ڍل معاف ھئي. تنھن ڪري سنڌ جي گورنر ميجر جنرل سرچارلس نيپيئر جي – سي – بي، مھرباني ڪري، اوھان کي ھيءَ سند ڏيڻ فرمائي آھي. جنھن موجب اوھان کي انھن ١١ تڙن ۽ ٻي ڀرواري آباد زمين جي ڍل معاف ڪئي وئي آھي.

ھيءَ سند اڄوڪي تاريخ ١٥ آڪٽوبر ١٨٤٤ع کان ١٤ آڪٽوبر ١٨٥١ع تائين ستن سالن لاءِ بحال رھندي.

اھو مدو پورو ٿيڻ کان پوءِ، سرڪار جي مرضيءَ تي ڇڏيل ھوندو تھ جيڪڏھن ضروري ٿيو، تھ ان ۾ ڦير ڦار ڪري سگھندي.

چانڊيا قبيلي کان سواءِ ٻيو ڪوبھ شخص، مٿي ذڪر ڪيل تڙن تي آباد ھوندو، تھ ان کي قاعدي مطابق ڍل ڏيڻي پوندي.

توھان جي حق ۾ سرڪار سڳوريءَ جي خواھش آھي، تھ توھان سرڪار جي نوڪريءَ ۾ ڪوشش ۽ محنت ڪندا رھو. جيڪڏھن توھان جي تر ۾ چوريون ٿين، تھ انھن چورن کي جھلڻ اوھان جي ذميداري ھوندي.

١٥ آڪٽوبر ١٨٤٤ع تي لکي وئي. ٣ شوال ١٢٦٠ ھھ ۾ لکپڙھھ ڪئي وئي.

 

 

ضميمو – ل – L

ڪنڍي تماچي مياڻيءَ کي ١٩ تڙن يا پاڻيءَ وارن ھنڌن تان ڍل جي معافي جي سند ڏني وڃي ٿي.

 

ضميمو – م – M

پارڪر جي زميندارن جي ١٨٥٦ع واري ھرجاڻي واري رقم جو وچور

سردار جو نالو

ضلعو يا ڳوٺ

ڪل ھرجاڻو جيڪو

ھينئر منظور ٿيو

راڻوڪرن جي

ننگر ضلعو

٠٠-٢،١٥٧

سوڍو لڌوجي

ويرا واه ضلعو

٠٠-١،٨٠٥

سوڍو لڪڌرجي

ٻاراڻو

٠٠-٤٣٢

سوڍو امرجي

موندرو

٠٠-١٩٠

سوڍو سورج سنگھھ

پيٿاپور ضلعو

٠٠-١٠٧

راڻو ڪرن جي ۽ سوڍو راءُ جي

اڌيگام

٠٠-١٣٦

سوڍو دادوجي

کارڌرو

٠٠-٦٥

سوڍو پتوجي

ڪاسبو

٠٠-٥٠

سنڌل ڀيم

سابوشن

٠٠-٣٦

سوڍو مولوجي

ڇوڙيا

٠٠-٣٦

سوڍو نارڻ جي

ڌڱاڻو

٠٠-٢٠

مالديو ماڻو

ڌري

٠٠-١٦

مالديو رھاوت

کاروڌرو

٠٠-١٠

سوڍي ديوجي جي بيوھھ

پاردرو

٠٠-٩

مال ديو رڻ مل

ڍيڍ ويرا

٠٠-٥

راڙ منگھو

آسلري

٠٠-٦

سوڍو پٻ جي

ساڌول وا

٠٠-٢

مالديو ڊولو

ڌنيگام

٠٠-٢

 

٠٠-٥،٠٩١

ٻاکاسر جي سردار جو وڌيڪ الائونس، جيڪو پئراگراف ١٠٦ موجب مارواڙ منتقل ڪيو ويو.

٠٠-٣٤٦

سک پور جي سردار جو وڌيڪ الائونس، جيڪو پئراگراف ١١١ موجب سنھ ١٨٥٣ع ۾ بگڙجي ويو ھو.

٠٠-٢٧

٠٠-٥،٤٦٣

 

 

ضميمو – ن – N

سوڍي لڌيجي پٽ پورڻ جي، سوڍي پورڻ جي پٽ مھرجي ۽ سوڍي نارائڻ جي پٽ مھرجي لاءِ ميجر جنرل سر چارلس نيپيئر G.C.B گورنر سنڌ پاران منظور ڪيل سند.

سوڍي لڌي جي جي ڪرنل رابرٽ پوليٽيڪل ايجنٽ ڪڇ جي معرفت ھڪ عريضي ھن سال جون پھرين تاريخ تي پھتي. جنھن ۾ ھن موکئي واري سن بابت گذارشون ڪيون آھن:

پھريون: ويرا واه شھر جي سموري ڍل.

ٻيو: ويرا واه جي سمورن ڳوٺن جي ڍل جي سرڪاري حصي جي چوٿين پتي.

ٽيون: ويرا واه ضلع جي رھاڪن کي اجازت ڏني وڃي، تھ اھي رقم ڏيڻ کان سواءِ، پنھنجي ضرورت آھر موکي سن مان لوڻ کڻندا رھن. اوھان جي ٽن گذارشن واري عريضي منظور ڪئي وئي آھي. تنھنڪري آءٌ اوھان کي برٽش سرڪار پاران ھيءَ سند ڏيئي رھيو آھيان. جيڪا پھرين مئي ١٨٤٧ع کان عمل ۾ ايندي.

تنھنجي پھرين جولاءِ ١٨٤٧ع واري ٻي عريضي، جيڪا پڻ اسان کي ڪڇ جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي معرفت پھتل آھي، جنھن ۾ ويرا واه شھر جي ڍل جي ورھاست لاءِ عرض ڪيل آھي. ٻين ڳوٺن جي ڍل جي چوٿين پتي اڌ ڪسٽم جو، ۽ پن چري جو محصول جيڪو مڪمل طور ملي رھيو آھي. ان کان علاوه ٻي پيداوار جيڪا پنجن حصن ۾ آھي. جھڙوڪ:

ٻھ حصا سوڍي لڌي جي جا

ٻھ حصا سوڍي واگھھ جي

۽ جڳت سنگھھ جا

ھڪ حصو سوڍي نارائڻ جي جو

مٿي ذڪر ڪيل آمدني، اوھان پنھنجي مرضيءَ موجب پاڻ ۾ ورھائي کڻو ۽ سرڪار جي سھڻي نموني خدمت ڪندا رھو. پر اوھان کي ويرا واه واري زمين جو تخمينو سرڪاري حڪمن خلاف نھ لڳائيندا. ان سان گڏ سرڪار اوھان جي ماڻھن کي اجازت ڏئي ٿي، تھ اوھان سڀ موکئي سن مان پنھنجي ضرورت آھر لوڻ کڻندا رھو. پر اوھان کي لوڻ جي وڪري ڪرڻ جي اجازت نھ آھي.

 

ضميمو – س – O

ننگر پارڪر جي قبضيدار بھادر راڻي ڪرن جي جي سڌ لاءِ پڌرو ٿو ڪجي تھ:

١-سنڌ ملڪ ۽ ننگر پارڪر ضلع جيڪو سنڌ حڪومت جي تابع آھي، سو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي قبضي ھيٺ آھي. جيئن تھ تون ڪڇ جي پوليٽيڪل ايجنٽ ليفٽيننٽ ڪرنل رابرٽ جي معرفت عرض ڪيو آھي. موجوده صورتحال ۾، تنھن جي خواھش جي مدنظر ۽ تنھن جي نيڪ نيتي ۽ وفاداريءَ کان سرڪار سڳوري واقف آھي. تنھنڪري ميجر جنرل سر چارلس نيپيئر جي – سي – بي گورنر سنڌ مھرباني ڪري، توکي ھيءَ سند ڏني آھي. جنھن موجب توتان رن پور ۽ سوراشن جي ڳوٺن جون ڍلون ۽ ذميداريون معاف ڪيون ويون آھن.

٢- ھيءَ سند ستن سالن لاءِ بحال رھندي. يعني اڄوڪي تاريخ ١٥ آڪٽوبر ١٨٤٤ع کان، آڪٽوبر ١٨٥١ع تائين. اھو مدو گذرڻ کان پوءِ، اھو سرڪار جي مرضيءَ تي ڇڏيل ھوندو، تھ ان ۾ ضرورت مطابق ڦيرڦار ڪري سگھي.

٣- جيتريقدر ضلع ننگر پارڪر جي ٻين ڊويزنن جو تعلق آھي، تھ برٽش سرڪار اتان جي سموري ڍل ان ريت اڳاڙيندي، جيڪا رعايا توڙي سرڪار لاءِ لاڀائتي ھوندي.

٤- ننگر پارڪر جي رھواسين ۽ تنھنجن مٽن مائٽن تان ڍل معاف ڪئي وئي آھي. تنھن لاءِ سند جاري ڪئي وئي آھي.

٥- اھي ماڻھو جن کي سند ڪانھ ڏني وئي آھي، سي ڍل ادا ڪندا رھندا.

٦- جيئن تھ سرڪار سڳوري اوھان تي مھربان آھي، تنھن ڪري اوھان جو بھ فرض آھي، تھ ھر طرح سرڪار جي خدمت ڪندا رھو.

١٥ آڪٽوبر ١٨٤٤ع تي لکي وئي. شوال جي ٣ تاريخ ١٢٦٠ ھھ ۾ لکپڙھھ ڪئي وئي.

 

ضميمو – ع – P

ننگر جي راڻي جي منشي ۽ نائب اکي مالدي لاءِ سند جنھن موجب کيس موڳلي ڳوٺ جي ڍل معاف ڪئي وڃي ٿي.

 

 

  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

ڇپائيندڙ پاران؛ سيڪريٽري س ا ب     ٻه اکر؛ ڊاڪٽر نواز علي شوق    مصنف پاران ؛ ايس اين رئڪس

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org