(٧٨) جڏھن پھرئين جھٽڪي جي لھر ھلي پوري ٿي، تھ ٿر
۽ پارڪر جي ماڻھن ڪڇ جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي ماتحت
رھڻ جي خواھش ڏيکاري. اھا ڪا اچرج جھڙي ڳالھھ بھ
ڪانھ ھئي. ڇاڪاڻ تھ ڪڇ جي رڻ، ٿر ۽ پارڪر جا
زميندار ۽ عام ماڻھو مسلمان آھن. اتان جي راجپوتن
پنھنجن حڪمرانن کان مھربانيون ۽ رحم گھٽ، پر ظلم ۽
ڏاڍ گھڻو سٺو ھو. جن جون رسمون، ريتيون، مذھب،
زبان ۽ احساس مختلف ھئا. ٿر ۽ خاص سنڌ جي رھاڪن ۾
ايترو واضح فرق موجود ڪونھ آھي، جيترو سنڌو ماٿري
۽ ٿر جي اچين ڀٽن جي طبعي ساخت ۾ موجود آھي. ان
کان سواءِ، ٿر ۽ پارڪر جي ماڻھن لاءِ ڪڇ ۾ ٻي ڪشش
بھ موجود آھي. ڪڇ ڪنھن زماني ۾ ڦرلٽ، دنگي، فساد ۽
وڳوڙ جي وستي ھو، ۽ ڪنھن ملڪ جو سياسي سرشتو تڏھن
ان بيماري جو شڪار ٿئي ٿو، جڏھن خود غرضي، عياشي ۽
ٻيا ڇڙواڳ جذبا سماج ۾ گھر ڪري ويندا آھن. اسان جي
اچڻ کان پوءِ ڪڇ، امن آشتي ۽ خوشين جو گھر بڻجي
پيو آھي.
(٧٩) مٿيون مطالبو ڪرنل رابرٽ معرفت پيش ڪيو ويو
ھو، جنھن کي ڪڇ جو ڪمانڊنٽ ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر
ڪيو ويو ھو. شخصي طور، ٿر ۽ پارڪر ۾ گھڻو وقت رھيو
ھو. گورنر بھ ھڪ مسئلو حل ڪرڻ لاءِ کيس سپرد ڪيو.
جنھن ٻلھياري، ڏيپلي، مٺي، اسلام ڪوٽ، سنگلا، ويرا
واه، پيٿاپور، ٻاکاسر ۽ پارڪر تي مشتمل ھڪ ضلعو
بنايو. باقي عمرڪوٽ چيلھار ۽ گڊڙي وارا علائقا
حيدرآباد ۾ رھڻ ڏنا.
(٨٠) رڪارڊ ۾ ھن ڳالھھ جو سبب موجود ڪونھ آھي، تھ
ٿر جي علائقن کي الڳ ڇو ڪيو ويو ھو. عمرڪوٽ، گڊڙو
۽ چليھار ٿر ۽ پارڪر سان بلڪل ھڪجھڙائي رکن ٿا.
رنگ، نسل، مذھب، ريتيون، رسمون ۽ حاڪمن جا ڏاڍ سڀ
ھڪجھڙا ھئا ۽ ايڪائي جي ھڪ سڳي ۾ پوتل ھئا، تھ
پوءِ ڪن علائقن کي ڪڇ سان ملائڻ جو ڪھڙو سبب ھو؟
ڪڇ ۾ موجود ھوندي، اسان جو ٿر ۽ پارڪر سان واسطو
رھيو ھو، جتان عمرڪوٽ وڌيڪ پري ۽ وڌيڪ ٿر واري
علائقي ۾ موجود ھو، تنھن ڪري اسان جي سڌي واسطي
کان ٻاھر رھيو. ٿر ۽ پارڪر جو ڪڇ سان اڳيئي واسطو
۽ رابطو ھو ۽ اتان جي رھواسين جي خواھش بھ فطري
طور ڪڇ جي ماتحت رھڻ جي ھئي. ٻيو تھ ڪرنل رابرٽ ٿر
۽ پارڪر جي ماڻھن سان پھريون واسطي ۾ رھيو ھو،
جڏھن اھو معاملو نبيرڻ لاءِ کيس ڏنو ويو، تھ کين
خوش ڪرڻ واسطي فيصلو سندن خواھش مطابق ڪيائين. اھا
توقع رکڻ مشڪل ھئي، تھ ھو عمرڪوٽ، گڊڙي ۽ چيلھار
وارو وسيع علائقو ان ڪري پنھنجي ماتحت رکي، جو ان
جي ٿر ۽ پارڪر واري علائقي سان ھڪجھڙائي ۽ ويجھائپ
ھئي. مذڪوره علائقي سان سندس ڄاڻ سڃاڻ بلڪل ڪانھ
ھئي ۽ ڪڇ کان ڏور ھجڻ ڪري ڀڄ
(1) ۾
ويھي ان علائقي جو انتظام بھ ڪونھ سنڀالي سگھي ھا.
ٻيو تھ عمرڪوٽ، ڀڄ کان ٢٥٠ ميلن جي مفاصلي تي آھي.
عمرڪوٽ جي علائقي ۾ ٿر ۽ پارڪر جون طبعي حالتون
بلڪل ھڪجھڙيون آھن. ماڻھن جي رھڻي ڪھڻي، ريتيون
رسمون، رنگ ۽ نسل بھ ساڳيو آھي. جيڪڏھن ٿر ۽ پارڪر
جي لاءِ ڪوبھ انتظامي قدم کڻجي ھا، تھ ھو ساڳئي
نموني عمرڪوٽ واري علائقي تي نافذ ٿي وڃي ھا ۽ ڌار
ڪنھن قانوني يا انتظامي مونجھاري ۽ مسئلي جو سوال
ئي پيدا ڪونھ ٿئي ھا.
(٨١) اھڙيءَ ريت ھن علائقي کي ڪڇ جي پوليٽيڪل
ايجنٽ جي ماتحت ڏنو ويو، جنھن جو ذڪر اسان اڳين
حصن ۾ ڪري آيا آھيون. ان وقت علائقي جي آدمشماري
تمام ٿوري ھئي. سڄي علائقي ۾ ٣٠،٠٠٠ ماڻھو مس ھئا.
ڌاڙا، ڦرون بھ عام جام ھيون. ماڻھو بھ سانگي طبيعت
جا آھن. سنڌ جي اميرن جي عملدارن جي حڪمت عملي ڏاڍ
واري رھي آھي. زمين بھ ٺيڪي تي ڏيڻ جو لاڙو وڌيڪ
رھيو. تنھنڪري ماڻھن جي زندگيءَ جو دارومدار
چوپائي مال تي آھي.
(٨٢) سردارن ڪڇ جي ماتحت رھڻ جي جيڪا درخواست ڪئي
ھئي، تنھن جي موٽ کين فائدي واري ملي. ڪڇ جي راءِ
يا ٻين جاڙيجن جا مٽي مائٽي ڪري ٿر ۽ پارڪر جي
ماڻھن سان رشتا ناتا ھئا، ان ڪري سندن اثر رسوخ
اڃا بھ وڌيڪ ٿيو. ان کان سواءِ، ڪرنل رابرٽ جا بھ
ٿر ۽ پارڪر وارن سان سٺا واسطا قائم ھئا.
ھزھاءِنيس ڪڇ جي راءِ ۽ ڪرنل رابرٽ جي وچ ۾ دلي
دوستي ھئي. ڪڇ جي راڻن ۽ سردارن جا بھ ڪرنل سان
لھھ لاڳاپا ھئا، انھن سڀني ڳالھين نئين علائقي جي
راڻن ۽ سردارن جي حقن ۽ رعايتن جي سوال کي چڱي
نموني سان حل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. موجوده صورتحال
مٿينءَ حقيقت جي پٺڀرائي ڪري ٿي.
(٨٣) پھريون مان ھن علائقي سان لاڳاپيل پوليس
انتظام ۽ قبيلن جي سردارن جو ذڪر ڪندس.
(٨٤) کوسن جي سردارن مان ھڪ ڪپري خان Kaprie Khan
کي کوسن جي گھراڻي پاڙي مان پنجاھھ ڄڻا ڏنا ويا.
ساڳئي قبيلي مان ٻين چئن ماڻھن کي بھ جمعدار مقرر
ڪري، ھرھڪ جي ماتحت ٦٠ کن ماڻھو ڏنا ويا. اھڙيءَ
ريت ڪل ٥ جمعدارن ۽ ١١٠ گھوڙيسوارن جو پوليس عملو
تيار ڪيوسون. انھن سڀني يونيفارم پائڻ ۽ ڊرل ڪرڻ
کان انڪار ڪيو. باقي پوليس نشان طور پٽو ۽ (Breast
Plate) بريسٽ پليٽ پھرڻ تي راضي ٿيا. جمعدارن جو
پٽو ريشمي ڳاڙھي رنگ جو ھو ۽ بريسٽ پليٽ چانديءَ
جي ھئي. گھوڙيسوار جو پٽو سوٽي ۽ بريسٽ پليٽ پتل
جي ھوندي ھئي.
(٨٥) شروعاتي ڏينھن ۾ ڪجھھ تڪليف ٿي. ڇاڪاڻ جو
پوليس اٽالي جي ڀرتي نئين عمل ۾ آئي ھئي ۽ منجھن
بي ضابطگي ھئي. اھا نھايت ضروري ڳالھھ بھ ھئي، تھ
کوسن کي ڪنھن ڪم ۾ رڌل رکجي. ڇاڪاڻ تھ ان قبيلي جا
ماڻھو ڪن پيڙھين کان وٺي ٿر ۾ ڄڻ موروثي ڌاڙيل
رھندا ٿي آيا. جيڪڏھن اسان انھن ۾ اعتماد بحال ڪرڻ
۽ فرض جي ادائگيءَ ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي
وياسين، تھ پوءِ، سندن ٿر واري علائقي جي طبعي
ڄاڻ، طاقت ۽ بھادريءَ سبب اھي ڀروسي جوڳا ثابت
ٿيندا. پر ان لاءِ ٿوري وقت جي ضرورت ھئي. ھو اسان
جي ڪم ۽ طريقھ ڪار کان بلڪل غير واقف ھئا. سندن
رھڻي ڪھڻي قديم زماني جي رھڻي ڪھڻيءَ جھڙي ھئي.
پنھنجي قبيلي جي سردارن کان فقط کين روايتي رھبري
ملندي ھئي. اھي کين ڪنھن مقرر اصول ھيٺ منظم رکي
ڪونھ سگھندا ھئا. اچرج جھڙي ڳالھھ اھا ھوندي ھئي،
جو قيدين کي ھٿ سان ڀڄائي ڇڏيندا ھئا ۽ موڪل کان
سواءِ پنھنجي گھرن ڏانھن ھليا ويندا ھئا. جڏھن بھ
قيدي آڻيندا يا نيندا ھئا، تھ پاڻ قيدين جي گھڻو
پوئتان پيا ايندا ھئا، يا قيدين وارو رستو مٽي،
پنھنجي خانگي ڪم جي پٺيان ھليا ويندا ھئا. قيدين
مٿان پھريدار يا سنتري ڪونھ بيھاريا ويندا ھئا.
قيدين کان پنھنجي ذاتي نوڪرن وارو ڪم وٺندا ھئا.
جيڪڏھن قيدي ڀڄي ويندا ھئا، تھ قانوني ڪارروائيءَ
۽ پڇا ڳاڇا کان بچڻ لاءِ، انھن ڀڳلن کي وري گرفتار
ڪرڻ واسطي ذاتي اثر رسوخ ۽ پنھنجي لياقت استعمال
ڪندا ھئا.
(٨٦) ھڪ دفعي جو قصو آھي، تھ ھڪ جمعدار ۽ سندس
ھيٺيون عملو ننگر جي پوليس چوڪيءَ جي چارج وٺڻ
لاءِ ويا. چوڪيءَ جي چارج وٺندڙ جمعدار، چارج
ڏيندڙ جمعدار کي چيو تھ، ”مان گھڻو سفر ڪري ٿڪجي
پيو آھيان، ڏينھن جي بھ پوياڙي آھي، تنھن ڪري
پوليس چوڪيءَ جي چارج ٻئي ڏينھن وٺندس.“ چارج
ڏيندڙ جمعدار کيس وراڻيو، ”جيئن تھ تون پھچي چڪو
آھين، تنھنڪري توکي ھن وقت ئي مون کان پوليس
چوڪيءَ جي چارج وٺڻ گھرجي. جيڪڏھن نھ ٿو وٺين، تھ
تنھنجي پنھنجي مرضي. باقي مان مقرر ٽائيم تي چوڪي
ڇڏي ھليو ويندس.“ اھو چئي، ھو پنھنجي اٽالي سميت
گھوڙن تي سوار ٿي ھليو ويو. پوليس چوڪيءَ تي بند
قيديءَ تي پھرو ڪونھ رھيو ۽ نتيجي ۾ اھو قيدي نڪري
ڀڄي ھليو ويو. اھڙيءَ بي ضابطگيءَ جو اعليٰ
عملدارن کي اطلاع ڏنو ويو. چارج وٺڻ واري جمعدار
کي حڪم ڏنو ويو، تھ ھو ڀڳل قيدي ھڪدم گرفتار ڪري
وٺي اچي. ڇاڪاڻ تھ ان جي موجودگيءَ دوران قيدي
چوڪيءَ تان ڀڄي ويو ھو. چارج ڏيندڙ جمعدار کي ڇنڊ
ڪڍي وئي، جنھن جي ڪوتاھيءَ سبب سڄو وايو منڊل خراب
ٿي ويو ھو. جمعدار ڀڳل قيديءَ کي ڳولڻ لاءِ روانو
ٿيو ۽ ھڪ سو ميل پري مارواڙ مان وڃي کيس گرفتار
ڪري واپس موٽي رھيو ھو، تھ وري سندس لاپرواھيءَ
سبب قيديءَ کي ڀڄي وڃڻ جو موقعو ملي ويو. ساڳي
جمعدار کي ساڳيو قيدي وري گرفتار ڪرڻ جو حڪم مليو
۽ ھو قيديءَ جي ڳولا ۾ نڪري پيو. ھن ڀيري کيس اھو
قيدي تھ ھٿ ڪونھ آيو، البت سندس پوڙھي پيءُ کي
گھلي وٺي آيو. جڏھن کيس آزاد ڪيو ويو، تھ ان ڪراڙي
کي تعجب ٿيو تھ پنھنجي پٽ جي جرمن جي ذميوار بڻائڻ
بدران کيس آزاد ڇو ڪيو ويو. شروعاتي دؤر ۾ اھڙيون
بي ضابطگيون تھ عام جام پيون ٿينديون ھيون.
بدانتظامي، وڏي عملدار جي ضابطي ھيٺ رھڻ کان
ڪيبائڻ، سندن ڪم ڪرڻ جي مرضي نھ ھوندي، تھ جمعدار
جو چوڻ نھ مڃيندا ھئا. اھي سڀ ڳالھيون سندن اڳين
ڇڙواڳ زندگيءَ جو حصو ھيون. اھا ھڪ اھڙي ڏکي
صورتحال ھئي، جنھن ڪري ھو سٺا پوليس اھلڪار بڻجي
ڪونھ ٿي سگھيا. اڻ ڄاڻ، پاڻ وھيڻا، ٽانڊيءَ تپڻا،
ٿورو چؤ تھ کڻي گھوڙي تي سنج رکي، ٿر ھليا ويندا ۽
گذاري لاءِ وري پنھنجي پراڻي ڪرت يعني ڌاڙي کي
لڳندا. پر منجھن سٺن پوليس اھلڪارن واريون ڪي
خوبيون ۽ خاصيتون پڻ موجود ھيون. ھو ٻالجتيءَ کان
وٺي ڏکن، سورن ۽ تڪليفن جا عادي ھئا. ٿر جي ڀٽن ۽
ھر پنڌ ۽ پيچري کان چڱيءَ ريت باخبر ھئا. ٿر جي
ھرھڪ ماڻھوءَ کي ڄاڻندا سڃاڻندا ھئا. گھڻي ڳالھھ
ٻولھھ کان پوءِ، کوسا قبيلي جي سردار ڀارو خان
Barra Khan کي انگريز سرڪار جي نوڪريءَ لاءِ مس
راضي ڪيو ويو ھو. سندس عمر ٦٠ سال کن ھئي. ھو
انگريز سرڪار جي فوجن سان گھڻو وڙھيو ۽ آخر ڪئپٽن
جيڪسن آڏو پيش پيو. مقابلن ۾ کيس گولين ۽ تلوارن
جا ڪيئي گھاؤ رسيل ھئا. انگريز جي نوڪريءَ ۾ اچڻ
لاءِ جڏھن کيس راضي ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وئي، تھ
ھن پنھنجو چولو مٿي ڪري پنھنجي گھاون جا وڻا
ڏيکاريندي چيو ”اوھان سان وڙھندي ۽ مقابلا ڪندي
مون اھڙا زخم کاڌا آھن، ھاڻي اوھان جو نيمڪ ڪيئن
کاوان،“ آخر ڪرنل رابرٽ ۽ ٻين سردارن جي چوڻ تي مس
وڃي، انگريز سرڪار
(1)
جي نوڪريءَ لاءِ ھائو ڪيائين. ھن پوليس جمعدار طور
نوڪري ڪئي. جڏھن سندس پٽ وڏو ٿيو، تھ کيس سندس
جاءِ تي رکيو ويو ۽ پاڻ پينشن تي لٿو.
(٨٧) جڏھن پوليس جو جھجھو انگ ڀرتي ٿي ويو، تھ کين
پنھنجن ٻنھي سردارن جي ماتحت ٿر ۽ پارڪر جي علائقن
۾ پوليس جا فرائض سرانجام ڏيڻ لاءِ روانو ڪيو ويو.
باقي، اسلام ڪوٽ، مٺي، ڏيپلي ۽ ٻلھياري جي علائقن
ڏانھن موڪليا ويا. ڪجھھ عرصي تائين ھو پنھنجي
سردارن جي حڪم ھيٺ ڪم ڪندا رھيا. ١٨٥٦ع ۾ سڀني
يونيفارم ۾ ڪوٽ پائڻ جي مرضي ڏيکاري ۽ ڊرل ڪرڻ تي
بھ راضي ٿيا.
(٨٨) ٿر جي قلعن، اسلام ڪوٽ، نئون ڪوٽ ۽ مٺيءَ ۽
سوڍا قلعدار طور رھندا ھئا ۽ ھر قلعي ۾ ١٢ فوجين
جي نفري رھندي ھئي. SINGALA سنگالا تباھھ ٿي ويو
ھو. تنھنڪري منجھس فوج ڪانھ رھندي ھئي. قلعن جي
ذڪر ختم ڪرڻ کان اڳ ۾ ھتي اھو ٻڌائڻ ضروري ٿو
سمجھان، تھ انھن قلعن جي سامان مان اسڪولن جون
جايون ٺھرايون وڃن ۽ کوه تعمير ڪرايا وڃن. منجھائن
جنگي ڪارج بدران امن آشتيءَ جو ڪم ورتو وڃي، جنھن
مقصد واسطي اسان گھڻو ناڻو خرچ ڪري چڪا آھيون.
(٨٩) اسلام ڪوٽ جو قلعو ١٧٩٥ع ۾ اڏايو ويو ھو. ماپ
٣٨٦ فوٽ ھمچورس اٿس. پڪين سرن ۽ گاري جو ٺھيل آھي.
رڳو ٻاھرئين پاسي کان چوني جي لنبائي ٿيل اٿس.
(٩٠) سنگالا جو قلعو، ماپ ۾ اسلام ڪوٽ جي قلعي
جيترو آھي. سندس اڏاوت جو وقت بھ ساڳيو آھي. مٺيءَ
جو قلعو
اسلام ڪوٽ جي قلعي کان ٿورو اڳ ۾ ٺھرايل آھي. ماپ
۾ ان کان ڪجھھ ننڍو ٿيندو، نئون ڪوٽ جو قلعو ١٨١٤ع
۾ ٺھرايو ويو. سندس ماپ ٦٤٠ x٦٠٠ فوٽ آھي. اندازو
آھي، تھ مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ سنگالا جي قلعن تي اٺ اٺ
لک روپيھ خرچ آيو. نئون ڪوٽ جيئن تھ سنڌ جي ڀرسان
آھي، ان ڪري ان تي خرچ ڪجھھ گھٽ آيو ھوندو.
(٩١) انھن قلعن ۾ سوڍن جي سردارن کي قلعدار ڪري
رکيو ويو، ڇاڪاڻ تھ اسان جو منجھن ويساھھ ھو. انھن
کي نوڪريون بھ مليون ۽ کين قانوني طور روزگار بھ
ملي ويو. سندن سماجي رتبو بھ وڌيو. نھ تھ اميرن جي
زوال پذير حڪومت سندن عملدارن جي ڪمزور اختيارن
کين ڪمزور ڪري ڇڏيو ھو.
(٩٢) ٿر ۽ پارڪر جي سوڍن جي حقن ۽ رعايتن کي،
چڱيءَ ريت ڌيان ۾ رکيو ويو ھو، جيڪو اوھان کي اڳتي
ھلي معلوم ٿيندو. مٺيءَ ۽ اسلام ڪوٽ جا سوڍا اھو
ڪڏھن بھ ثابت ڪري ڪونھ سگھندا، تھ اميرن جي
حڪمرانيءَ دوران کين وڌيڪ حق ۽ رعايتون مليل ھيون.
کين قلعن ۾ قلعدار ڪري مقرر ڪيو ويو ھو. سندن
ماتحت پيادن جو عملو رکيو ھو. آبادي لاءِ کين
زمينن جا ٽڪرا بھ ڏنا ويا ھئا، جن تي سرڪاري ڍل
معاف ھئي.
(٩٣) سوڍن جي موجوده حيثيت کي واضح ڪرڻ لاءِ ضروري
آھي، تھ سنڌ جي اميرن جي حڪمرانيءَ دوران سندن
حيثيت ۽ رتبي کي جاچي ڏسڻ کپي. اھا سڄي صورتحال
اسان جي ٿر ۽ پارڪر جي ھوريان ھوريان ۽ مڪمل والار
مان ظاھر آھي. ٿر ۽ پارڪر جي سوڍن سان انگريز
سرڪار ڪيئن پيش آئي ۽ کين ڪھڙيون رعايتون ڏنيون
ويون؟ سي ھيٺين فقرن مان معلوم ڪندا، جيڪي اسان
١٨٥٢ع جي سالياني رپورٽ مان مختصر نموني ورتا آھن.
(٩٤) ڏسڻ ۾ اچي ٿو، تھ سنڌ جي اميرن عام طور ٿر جي
ڏاکڻي حصي تي ۽ خاص طور مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ ١٧٩٥ع ۾
پنھنجو اختيار قائم ڪيو، ان کان پوءِ، ڏيپلي واري
علائقي ڏانھن پنھنجو سياسي اثر وڌايو. سوڍن راڻن
ڏاڍ جي مقابلي ۾ ملڪ ڇڏڻ کي ترجيح ڏني ۽ ھنن وڃي
ڪڇ ۾ پناھھ ورتي، ۽ راءِ سان مٽي مائٽي ڳنڍيائون.
سن ٣٢-١٨٣١ع ڌاران سنڌ جي اميرن کين سالياني پينشن
ڏيڻ منظور ڪئي، تنھن ڪري موٽي اچي ٿر ٿيا. ٿر ۾
١٨٣١ع کان ۽ پارڪر ۾ ١٨٣٤ع ڌاري اميرن پنھنجي
حڪمراني قائم ڪري ورتي. ان وقت کان وٺي پارڪر جي
زمين جي پيدائش مان ٥/١ ۽ مٺي ۽ ڏيپلي جي زمين جي
پيدائش جو ٥/٢ حصو ڏيپلي ۽ ٻلھياري جي زمين جي
پيدائش جو ٣/١ حصو ڍل طور وٺڻ ۾ اچڻ لڳو. ٻاکاسر
Bakasir جو چوھاڻ راڻو زمين جي ڍل عيوض ساليانو ھڪ
اٺ ڏيندو ھو.
سنڌ جي فتح تائين ڍل اھڙي طريقي سان ورتي ويندي
ھئي. ڍل جي ڌار ڌار انگن اکرن مان معلوم ٿيندو، تھ
مذڪوره علائقي جي اولھھ ۽ اوڀر ۾ وسندڙ راڻن جي وچ
۾ امتيازي سلوڪ ڪيو ويندو ھو. ٻلھياري، ڏيپلي، مٺي
۽ اسلام ڪوٽ جي علائقن ۾ محصول سان لاڳاپيل عملدار
گھمي ڦري زمينون ڏسي وائسي پوءِ ڍل ٻڌندو ھو. پر
پيٿاپور، ويراواه ۽ پارڪر وارن علائقن ۾، ڍل وارو
عملدار ۽ سوڍا گڏجي ويھي ڍل جو انگ مقرر ڪندا ھئا.
بعد ۾ عملدار سوڍي جي دخل اندازيءَ کان سواءِ ڍل
اوڳاڙيندو ھو. انھن حالتن مان ايئن معلوم ٿئي ٿو،
تھ اوڀر واري علائقي سان تعلق رکندڙ سوڍا اولاھين
علائقي جي سوڍن جيان اميرن جي مڪمل اثر ۾ اڃا ڪونھ
آيا ھئا. ڍل جي معاملي ۾ سنڌ جي اميرن جي دخل
اندازي ٻين معاملن جيان آھستي آھستي وڌي رھي ھئي.
سنڌ جا امير ٻين بھ ڪيترن ئي معاملن ۾ پنھنجي دخل
اندازي ۽ اثر ھوريان ھوريان وڌائي رھيا ھئا. جن جو
تفصيل ڏيڻ ضروري نھ آھي.
سنڌ فتح ٿيڻ وقت، حيدرآباد جي درٻار جي ماتحت
ڪيترن ئي علائقن جا سردار ھئا. پر سندن دربان
مختلف ھئا. ڪيترن سردارن اسان کي ھڪجھڙيءَ روش ۽
اصول رکڻ جي درخواست ڪئي. اھي ٿر جي اوڀارئين حصي
جي سردارن کي ڏنل وڌيڪ رعايتن کان پريشان ھئا، ۽
ھنن ھڪجھڙائي ٿي چاھي. وڌيڪ چٽائي خاطر ھيئن چوڻ
صحيح ٿيندو تھ، جن سردارن مٿان پوئين دؤر ۾ وڌيڪ
ضابطو رکيو ويو، ۽ پنھنجي مٿان اميرن جي اختيارن
کي بار سمجھڻ لڳا ھئا، تن اسان جي دؤر کي غنيمت
سمجھيو، ۽ اسان مان اڳئين دؤر واري پنھنجي آزاديءَ
جي اميد ٿي رکيائون. سندن اھا بھ آس ھئي، تھ کين
سندن زمينداري موٽي ملندي. يا ٿر جي اولاھين
علائقي وارا سردار، جيڪي گھڻي وقت کان ميرن ۽ سندن
عملدارن جي ڏاڍ ھيٺ ھئا ۽ ڪافي وقت کان وٺي سندن
حڪمرانيءَ کي ڪمزور ۽ زوال پذير سمجھي رھيا ھئا،
تن کي سنڌ فتح ٿيڻ ۽ حڪمرانن جي تبديليءَ سبب دلي
سڪون مليو ھو.
ايندڙ صفحن ۾ سنڌ جي فتح وقت مختلف علائقن جي جيڪا
صورتحال ھئي، تنھن جو مختصر جائزو پيش ڪيو ويندو ۽
مان علائقن جي سردارن ۽ قبيلن ۽ پرين مڙسن جو ٿورو
تفصيل سان ذڪر ڪندس، جن کي اميرن جي دؤر ۾ رعايتون
مليل ھيون يا اسان پنھنجي حڪمرانيءَ واري دؤر ۾
کين رعايتن ڏيڻ لاءِ غور لائق سمجھيو ھو. مان سڀ
کان پھرين ٻلھياري يا راحمڪي علائقي جو ذڪر ڪريان
ھو. ھن علائقي جي زمين راھمون قوم جي حوالي آھي.
ھتي راھمن جي سردار يا ارباب جي طاقت کي تسليم ڪيو
وڃي ٿو. ھن کي پنھنجي علائقي جي ڍل مان نالي ماتر
حصو ملندو ھو، جنھن جي سالياني پيداوار ١٧٥ روپيھ
ڏيکاري وئي ھئي ۽ ان جي شرح موجب کيس معاوضو ڏنو
ويو ھو.
(1) ان کان پوءِ، ڏيپلي جو علائقو اچي ٿو،
جنھن ۾ نوري ڪي ۽ سوڍي ڪي يعني نھڙين ۽ سوڍن جون
زمينون آھن. نھڙين جي ارباب صحيح نموني سان اسان
کي چڱيءَ ريت ثابت ڪري ڏيکاريو آھي، تھ ھو اسان جي
حڪمرانيءِ جي دؤر کان اڳ ۾ ڏيپلي جي علائقي مان
سنگ ۽ ڍل جو حصو وٺندو رھيو آھي. آمدنيءَ جي انھن
ذريعن مان ٥٠٠ روپيھ جيترو محصول اڳڙندو ھو ۽ ان
جي شرح مطابق کيس معاوضو ملندو ھو.
(2)
ڏيپلي جا سوڍا سردار اميرن جو ڍل جو ان ۽ نقد
اوڳاڙيندا ھئا، جن کي ٥١٥ روپيھ
(3)
ساليانو ملندو ھو. سنڌ جي فتح کان پوءِ، ڏيپلي جي
انھن سردارن کي مٿينءَ خدمت جي معاوضي ۾ مجموعي
طور ١٩٠٠ روپيھ ڏنا ويندا ھئا. ١٨٤٩ع کان وٺي کين
١٠ سانتيون Santees
(4)
زمين ڪاھڻ جي اجازت ڏني وئي ھئي، جنھن جي ڍل کين
معاف ھئي.
(٩٥) مٺيءَ ۽ اسلام ڪوٽ جي سوڍن کي نھ تھ نقد رقم
عنايت ٿيندي ھئي ۽ نھ ئي اتي کين ڪا زمين مليل
ھئي. جڏھن ڪاردار ايندو ھو، تھ ساڻس گڏجي فصل جي
داڻ بندي ڪرائيندا ھئا. معاوضي طور فصل جي ھر بکري
تي ھاريءَ طرفان کيس ھڪ ڪوڏي
(1)
ملندي ھئي. مذڪوره سردار علائقي جي ڌنارن کان ڪجھھ
سوکڙيون يا ٿورا گھڻا پئسا بھ وصول ڪندا ھئا، جنھن
کي پنچري چيو ويندو ھو. فتح کان اڳ، ڪاردار بھ
ڌنارن کان پنچري وصول ڪندا ھئا. جيڪا ھلڪي ڍل
ھوندي ھئي. گھڻو ڪري سوڍن کي ان مان ھڙ حاصل گھٽ
ٿيندي ھئي. ڇاڪاڻ تھ چيو ويندو آھي، تھ ڪاردارن جي
لم ۾ جيڪا مٿي آئي، سا ميڙيندا چونڊيندا گوڏي
ھيٺيان رکندا ويندا ھئا، ۽ سوڍن سردارن لاءِ پوئتي
پڙ ئي پالھا ھوندا ھئا.
(٩٦) سنڌ جي فتح کان ھڪدم پوءِ، مٺيءَ جي ٻن سوڍن
کي ١٥ روپيھ مھيني جي پگھار جي حساب سان مٺيءَ ۽
نئون ڪوٽ قلعن جي حفاظت لاءِ قلعدار مقرر ڪيو ويو.
ھرھڪ ھيٺان ٢٥ سپاھي رکيا ويا، جن جي پگھار في
سپاھي پنج روپيھ ھئي. ھر سردار کي چار سانتيون
(ھر) زمين ڪاھڻ لاءِ ڏني وئي، جن جي ڍل معاف ھئي.
اسلام ڪوٽ جو سوڍو بھ ساڳيءَ پگھار ۽ ٻارھن پيادن
سپاھين سان اسلام ڪوٽ جو قلعدار مقرر ڪيو ويو ھو.
ھن سوڍي ۽ سندس برادريءَ کي زمين جون ١٦ سانتيون
(2)
ڪاھڻ لاءِ ڏنيون ويون ھيون، جن جي ڍل ڪا نھ ورتي
ويندي ھئي.
(٩٧) اسلام ڪوٽ واري علائقي ۾ وسائي پوٽا(1)
۽ ميءُ Mays
(2)
ٻھ قبيلا آھن. پھرين قبيلي وٽ يارھن ۽ پوئين وٽ ١٩
تڙ آھن، جن تي سنگي معاف آھي. کين اجازت ڏني وئي
آھي، تھ پنھنجي والاريل علائقن ۾ ڪاٿي بھ تڙ بنائي
سگھن ٿا، جن جا شرط شروط اڳينءَ حڪومت وارا ھوندا.
(٩٨) مذڪوره منظور ٿيل زمين ۽ نقد رقم تي مختلف
حقدارن جا حق تسليم ڪندي، ١٨٤٤ع ۾ سنڌ جي گورنر جي
صحيح سان ستن سالن جي مختصر عرصي ۾ کين سندون
ڏنيون ويون. ھن موضوع جي لکپڙھھ جي نموني مان
معلوم ٿئي ٿو، تھ سندن جو انگ تمام ٿورو ھو.
حالتون بھ اھڙيون ھيون، جو اھي انعام اڪرام ڏيڻ
لازمي ھئا. مقصد اھو ھو تھ حڪومت کي ان لائق
بنائجي، جو حالتن جي تقاضا مطابق انھن انعامن
اڪرامن ۾ سڌارو ۽ واڌارو بھ آڻي سگھجي. جڏھن ستن
سالن وارو مقرر عرصو پورو ٿيو، تھ سنڌ جي ڪمشنر
سردار يا سنديافتھ ٻين ماڻھن کي اطلاع ڏنو، تھ
سندن ۾ ڪابھ تبديلي زير غور ڪانھ آھي ۽ کين ڏنل
رعايتون جيئن آھن، تيئن ئي رھنديون. پر سندن کي
نئين ڪرڻ لاءِ حڪومت ويچاري رھي آھي.
(٩٩) وسائي پوٽن ۽ مئيس Mays قبيلن کي ٣٠ ٿر ڏنل
ھئا، جن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيا آھيون. ٻنھي قبيلن کي
ھڪ ھڪ ٿر وڌيڪ ڏنو ويو. محصول جي گھاٽي واڌي جي
غلط فھميءَ کي دور ڪرڻ لاءِ ھنن حقيقتن کي نظر ۾
ضرور رکيو وڃي ۽ مالگذاري وارن ساليانن ڪاغذن ۾
مخصوص ڳوٺن جي مقدار کي داخل ڪيو وڃي، يا اھي ڳوٺ
نظر ۾ رکجن، جن جو لکپڙھھ ۾ ذڪر موجود آھي.
پھريون – اھي سندون جن ۾ قبيلن جي ڏنل رعايتن جو
ذڪر آھي. اھي سنديافتھ ماڻھو جن کي ڍل جي معافيءَ
۽ زمين جي وسيع ايراضي ڏني وئي آھي ۽ اھي کيتي
ڪندا ۽ لاڀ ماڻيندا رھن ٿا ۽ ٻيا قبيلا جيڪي
پنھنجي ٿرن جي ڀرسان موجود زمين آباد ڪن ٿا ۽ ٻين
علائقن جيان حڪومت کي مقرر حصو ڏين ٿا.
ٻيو – اھڙا وسندڙ ٿر جيڪي سالياني مالگذاريءَ جي
ڪاغذن ۾ داخل ۽ مخصوص آھن. خالي ۽ ڇڏيل تڙن جي
ڪابھ داخلا ڪانھ ٿيندي. گذريل سال (٥٢- ١٨٥١ع) جي
مالگذاريءَ وارن ڪاغذن ۾ ٣٠ مخصوص ڪيل ڳوٺ داخل
ڪيا ويا ھئا. باقي ٻيا تڙ فتح کان پوءِ خالي آھن،
ڇو تھ اتان جا رھواسي، اھي ماڳ مڪان مٽائي ويا
آھن.
(١٠٠) ھاڻي ويرا واه، پيٿاپور ۽ پارڪر جي سوڍن
سردارن جي آبادڪاريءَ جو ذڪر ڪجي ٿو. ٻاکاسر جو
ذڪر ڪرڻ ضروري آھي، ڇو تھ اھو سنڌ ۽ مارواڙ جي
سرحد تي آھي ۽ جوڌپور
(1)
جي حوالي ڪيو ويو آھي. ويرا واھھ ۽ پيٿاپور جي
معمولي علائقن جي سردارن جا فقط ٥ ڳوٺ آھن. پارڪر
جا سردار فتح کان اڳ راڻي سميت سندن تعداد ٢١ آھي.
مختلف علائقن جو سنگ ۽ شھر جي اڌ حصي جو محصول
کڻندا ھئا. بعد ۾ ملڪي سنگ کي ختم ڪيو ويو. ان جي
بدران دنگ وارو سنگ سندن حوالي ٿيو. نئين صورتحال
۾ شھر جو اڌ ۽ ٿر ۽ پارڪر جي اوڀارئين حصي جو دنگ
وارو سنگ، جيڪي سندن علائقن ۽ ڳوٺن تي مشتمل ھو،
سو کين ١٨٤٨ع تائين ملندو رھيو. ان کان پوءِ، شھرن
جو محصول کين ملڻ بند ٿيو. دنگ واري سنگ جي سرشتي
کي سنڌ جي ٻين علائقن جھڙو بنايو ويو. پارڪر، ويرا
واه، پيٿاپور ۽ ٻاکاسر جي زميندارن مان ھرھڪ کي
سنگ جي حصي بدران ساليانو ٥٤٦٣
(1)
روپيھ ڏنا ويا. ھاڻي کين ٣٤٥ روپيھ گھٽ ملن ٿا. ان
جو سبب اھو آھي، تھ ٻاکاسر جو علائقو سنڌ کان ڇني،
جوڌپور سان ملايو ويو آھي، ۽ اھو حصو ٻاکاسر جي
سوڍي کي ملندو آھي.
ويرا واه ۽ پيٿاپور جي سوڍن کي اڳي حڪومت طرفان ڪي
رعايتون مليل ڪونھ ھيون. سنڌ جي اميرن طرفان کين
پنھنجو پاڻ محصول اوڳاڙي، گذاري ڪرڻ لاءِ ڪي
رعايتون مليل ھيون ۽ سندن برادريءَ کي ڍل معاف
واري رعايت سان زمينن جا ڪي ٽڪرا مقرر ڪيل ھئا.
ڀٽ، چارڻ يا ٻيا اھڙا لاڳاپيل قبيلا پڻ ھئا، جن کي
بھ ڪي رعايتون مليل ھونديون ھيون. ويرا واه جي
سيدن سان بھ اھا رعايت ھوندي ھئي، تھ ڳوٺ جي ڀرسان
لوڻ وارين ڍنڍن تان پنھنجي لاءِ محصول اوڳاڙين.
ڳوٺ ۾ رھندڙ موچين، ڊکڻن، لوھرن ۽ ٻين ڪاريگرن کي
ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ يا نھ ڏيڻ يا انھن جي تيار
مال تي سنگ وٺڻ، کين مليل رعايتن ۾ شامل ھو. اھڙي
قسم جي ڳوٺاڻي پيدائش جو سارو محصول ۽ ان علائقي
جو حڪومت جي ڍل جو ٥/ ١ حصو ويرا واه جي سردار کي
ملندو ھو. ان جي مقابلي ۾ پيٿاپور جي سردار کي ڍل
معاف واري رياست سان زمين جا ڪي ٽڪرا (سانتيون)
ملنديون ھيون. ھن اھڙي رعايت وٺڻ کان انڪار ڪيو.
سنگ سرڪاري تحويل ۾ اچڻ کان پوءِ ھو ڪجھھ بھ ڪونھ
وٺندو آھي.
(١٠١) پارڪر جي راڻي سنڌ جي اميرن جون ڏنل سندون
(1)
پيش ڪيون، جن ۾ کيس ٻھ ڳوٺ گذاري لاءِ ڏنل ھئا، تن
کي گورنر جي صحيح سان بحال رکيو ويو. اھڙيءَ ريت
سندس ڪمدار اڪ مالديو
(2)
کي موگلي Mokleeah جو ننڍڙو ڳوٺ ڏنو ويو. سندس چوڻ
ھو، تھ اميرن طرفان اھو ساڳيو ڳوٺ کيس ڏنو ھو ۽
ڳوٺ جو محصول سرڪاري طور معاف ھوندو ھو. ٽنھي ڳوٺن
جي سند ستن سالن جي ٿوري وقت لاءِ کين ڏني وئي
آھي، جنھن عرصي جو ذڪر مٿي پڻ اچي چڪو آھي.
پارڪر جي علائقي ۾ ڀوڏيسر جو ننڍڙو ڳوٺ، راڻي جي
چاچي جڳوجيءَ کي ڏنو ويو ھو. ڪنھن زماني ۾ برٽش
سرڪار کيس ھڪ روپيھ ڏھاڙي خرچ لاءِ ڏيندي ھئي.
ھينئر اھو بند ڪري، ان جي بدران ڀوڏيسر جو ڳوٺ
سندس حوالي ڪيو ويو. ھاڻي ھو وفات ڪري ويو آھي.
تنھن ڪري ھن موضوع تي ڳالھائڻ مناسب ڪونھ آھي.
وڌيڪ تفصيل ٦٦ نمبر فقري ۾ ڏسندا.
ڏسڻ ۾ اچي ٿو تھ ويرا واه جي علائقي ۾ کوسا پنجن
تڙن جون زمينون ڪاھيندا ايندا ھئا، کانئن ڍل وٺڻ ۾
ڪانھ ايندي ھئي. ساڻن ساڳي رعايت برقرار رکي وئي
آھي. پر وٽن اھڙي رعايت جي دستاويزي سند ڪا نھ
آھي. جيئن تھ سندن اھو حق پراڻي زماني کان وٺي
ھلندو اچي ٿو، تنھنڪري کين اھڙي اجازت ڏني وئي
آھي. کين آباد ڪرڻ لاءِ زمين جا ١٥٠ ٽڪرا ڏنا ويا
آھن. زمين جا ٻيا ٽڪرا جيڪي کوسن کان سواءِ، ٻين
ذاتين وارا آباد ڪن ٿا، تن تان ڍل اوڳاڙي ويندي
آھي. گذريل ھڪ يا ٻن فصلن کان وٺي انھن سند يافتھ
کوسن جي وارثن يا قبضيدارن کي اھڙي رعايت جو وقت
وڌائي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آھي. منھنجو خيال آھي
تھ سندن رعايتن سان في الحال ھٿ چراند ڪرڻ جي
سفارش ڪرڻ غير ضروري آھي.
(١٠٢) مٿين ٽنھي فقرن ۾ ٿر جي سردارن کي ڏنل
رعايتن جو تت پيش ڪيو ويو آھي، جي مختصر طور ھن
ريت آھن؛ ويرا واه جي سردار کي ويرا واه جي زمين
تان ملندڙ ڍل جو مقرر حصو ملي ٿو. ڍل جي اوڳاڙي
سرڪاري ڪاردار ڪندو آھي ۽ کيس شھر ۽ دنگ جي سنگ
بدران ١٧٠٥ روپيھ روڪ ملندا آھن. پيٿاپور جي سردار
کي سنگ (ڪسٽم) جي بدران ١٠٧ روپيھ ملندا آھن.
پارڪر جي راڻي کي سورا چند ۽ رامپور جي ٻن ڳوٺن جي
محصول ۽ سنگ جي بدران ٢١٥٨ روپيھ روڪ ملندا آھن.
انھن ڳوٺن جو محصول ھو پاڻ اوڳاڙيندو آھي. راڻي جي
منشي يا ڪمدار اڪ مالديو کي موگلي Mokleeah ڳوٺ جو
محصول ملندو آھي. باقي ٻين ٺڪرن کي سنگ بدران
ھيٺئين وچور مطابق روڪ رقم ملندي آھي:
باروڻي جي سردار کي ٤٣٢ روپيھ |
مونڌري جي سردار کي ١٩٠ روپيھ |
آڌي گام جي سردار کي ١٣٦ روپيھ |
ڪاروديھ جي سردار کي ٦٥ روپيھ |
ڪاسبي جي سردار کي ٥٦ روپيھ |
سابوسم جي سردار کي ٣٦ روپيھ |
ڇوڙيا جي سردار کي ٣٦ رپيھ |
سکپور جي سردار کي ٢٧ روپيھ |
ڊينگاڻي جي سردار کي ٢٠ روپيھ |
ڌري جي سردار کي ١٦ روپيھ |
پارودري جي سردار کي ٩ رپيھ |
ڍيڍ ويرا جي سردار کي ٥ روپيھ |
آسالري جي سردار کي ٦ روپيھ |
ساڌلواس جي سردار کي ٢ روپيھ |
ڌني گام جي سردار کي ٢ روپيھ |
کاروڌي جي سردار کي ١٠ روپيھ |
(١٠٣) ڪن سردارن جي پنچري اوڳاڙڻ واري حق ڏانھن اڳ
۾ اشارو ڪيو ويو آھي. ھتي موضوع جي اھميت کي نظر ۾
رکي، جدا نموني ۾ تبصرو ڪرڻ چاھيان ٿو. جنھن مان
ھڪ تھ سردارن جي ان رعايت جي چڱي ريت سڌ پئجي
ويندي، تھ ٻئي طرف انھن لاڙن جي خبر پئجي ويندي،
جنھن سبب زمين غير آباد رھجي وڃي ٿي. ”اميرن جي
علائقي مان زمين جي ڍل اوڳاڙڻ کان سواءِ، ڪاردار
ڌنارن کان پنچري بھ اوڳاڙيندا ھئا. اھا سندن مٿين
ڪمائي ھوندي ھئي. زمينن جا مالڪ بھ تحفي طور کين
معمولي رقم پيش ڪندا ھئا. سنڌ جي فٽح کان پوءِ،
پنچري وٺڻ وارو رواج بند ڪيو ويو آھي. ١٨٤٤ع ۾
ٿوري گھڻي پنچري اوڳاڙي وئي ھئي، پر اھا بھ واپس
ڪئي وئي ھئي. مختلف سردارن پنھنجي ان حق کي مختلف
نمونن سان استعمال ڪيو آھي، جن جي ڪا خاص سرڪاري
حد مقرر ٿيل ڪانھ آھي. پر تنھن ھوندي بھ، انھن
متعلق ڪجھھ احوال ھن ھيٺ ڏجي ٿو. مٺيءَ ۽ ڏيپلي جي
علائقن ۾ جتي گاھھ ۽ چارو گھٽ آھي، اتي ٻين پاسن
کان ڌنار تمام گھٽ ايندا آھن. جيڪڏھن ڪو اڙيو ٿڙيو
ڌنار اتان لنگھندو آھي، يا اوسي پاسي اچي مال
چاريندو آھي، تھ سردارن کي نالي ماتر ڪا سوکڙي
پاکڙي ڏيندو آھي، نھ تھ مڙئي خير.
اسلام ڪوٽ جي سردار خلاف اھڙي ڪابھ شڪايت نھ آھي.
کيس ڌنار پنھوار جيڪا بھ ھلڪي سلڪي سوکڙي ڏيندا
آھن، سا ھو خوشيءَ سان قبول ڪري وٺندا آھن. ڪڏھن
ڪڏھن ھو اسان کي مدد جي گذارش ڪندو آھي، تھ جيئن
ڌنار کان باقاعدي پنچري وصول ڪري سگھجي. کيس ٻڌايو
ويندو آھي، تھ کيس اھڙي ڪا بھ امداد نھ ملندي ۽
ڀاڳين طرفان جيڪا بھ شيءِ خوشيءَ سان کيس ملي، ان
تي راضي رھي. ٻين علائقن جي ڀاڳين کي پارڪر جي حدن
۾ اچڻ کان روڪيو ويو آھي. ان مقصد لاءِ، تھ جيئن
اتان جي رھواسي ڀاڳين جي مال لاءِ چاري جو پورائو
ٿي سگھي. اڳي تھ پارڪر جي راڻي ۽ ٻين ٺاڪرن جي
لالچ جي ڪري، ٻين علائقن جي ڌنارن کان پنچري وٺي،
کين پارڪر جي جوءِ ۾ مال چارڻ جي اجازت ڏني وئي
ھئي. ويرا واه جي علائقي جي سردار جو پنچري جو ڏچو
موجود آھي. اتان ڀاڳيا يا ٻيا ماڻھو سندس اھو
موروثي حق سمجھي، کيس خوشيءَ سان پنچري ڏئي ڇڏيندا
آھن. پر مصيبت اھا آھي، تھ سردار جي ڪٽنب جو ھرھڪ
ڀاتي کانئن پنھنجي منھن پنچري وصول ڪندو آھي.
ھن حقيقت مان اھو ظاھر ٿئي ٿو، تھ سردار ھر ممڪن
طور ٻين علائقن جي ڀاڳين کي پنھنجي علائقي ۾ اچڻ
جي نينڍ ڏيندو آھي، تھ جئين ھو پنچريءَ مان وڌيڪ
پئسا ڪمائي سگھي. سڄيءَ پنچريءَ تي سندن ئي حق
ھوندو آھي. زمين جي آبادي ان ڪري روڪيندو رھندو
آھي، تھ متان چاري جي جوءِ ٿوري ٿئي. ھن محدود
آدمشماريءَ جي انگ لاءِ کيتيءَ جو ڌنڌو ان رولڙي
کان مناسب آھي، جو ماڻھو مال جي چاري ڪڍ ھڪ صوبو
ڇڏي، ٻئي جي علائقن ۾ وڃي پھچي. جتي گاھھ پاڻي جام
ھجي، علائقي جي زمين جي آباديءَ جي انگ ۾ واڌاري ۽
چوپائي مال جي انگ ۾ تناسب رکيو وڃي. پنچري گھٽائي
نالي ماتر ڪئي وئي آھي. ھاڻي تھ ان علائقن مان
پنچريءَ جي نالي ۾ ڪجھھ بھ محصول ڪونھ ٿو اوڳاڙيو
وڃي. آباديءَ جي انگ ۽ چوپائي مال جي عدد ڪري
ٻاھرين علائقن جو مال گھڙي ڪونھ ايندو.
زمين جي ٿوري ٽڪري کي آباد ڪرڻ جو خيال ڪرڻ ڪو
سولو نھ آھي. وين ۽ ولھارن جي ڀيٽ ۾ کيتي ھيٺ آباد
زمين جو بکرو ڪنھن حساب ۾ ئي ڪونھ ھوندو. پر
واريءَ جي ڀٽن تي ڇڙواڳ ۽ بنا ڌنار جي چرندڙ وڳن ۽
ولرن لاءِ اھنجائي جو باعث بنجي پوندو آھي ۽ مال
نيٺ وڃي بيٺل فصل جي ڀيل ڪندو آھي. ماڻھو وڃي
ڪيسن، ڪورٽن ۽ خرچن ۾ پوندا آھن. نتيجو اھو نڪرندو
آھي، تھ جيئن ھاڻي مال جي ڇڙواڳيءَ ڪري کيتي رڪي
پئي ھوندي آھي، تيئن وري انھن علائقن ڏانھن مال
اچڻ بند ٿي ويندو. مطلب تھ چوپايو مال ۽ فصل جي
ڀيل جو ڏچو اھو معاملو نظر ۾ رکڻو پوندو. ٿر واري
علائقي ۾ چوپائي مال کي شام جو ٽين وڳي ڌاري جھنگ
ڏانھن روانو ڪيو ويندو آھي ۽ ١٠٠ يا ١٥٠ ڪن جي ڪڍ
فقط ھڪ ڌنار ھوندو آھي. مال سڄي رات پيو جھنگ ۾
چرندو آھي. ۽ سج اڀرڻ کان ٿورو پوءِ، وسندين ڏانھن
واريندا آھن. ۽ ڏينھن جي گرميءِ وارو سارو وقت اتي
رھندو آھي.
مون وٽ اھڙي معلومات جو وسيلو موجود ڪونھ آھي،
جنھن مان خبر پئجي سگھي، تھ ويرا واه علائقي ۾
پنچريءَ جي شرح ڪھڙي آھي. پر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، تھ ھن
علائقي ۾ پنچريءَ جي اگھھ ۾ يڪسانيت ڪانھ آھي. ڪي
ڀاڳيا ڪجھھ ٿورا روپيھ ادا ڪندا آھن. ڪي وري حالتن
پٽاندر ڏاند، ڳئون يا اٺ ڏئي بار ھلڪو ڪندا آھن.
ھن وقت تائين سندن پنچريءَ واري حق کي تسليم ڪيو
ويو آھي. ڪاٿي بھ ان محصول جي وصف بيان ٿيل ڪانھ
آھي. نھ ڪنھن ماڻھوءَ وڌيڪ پنچريءَ ڀرڻ ڪري اسان
کي وچ ۾ پوڻ لاءِ سردارن خلاف دانھيو آھي. اڄ
ڏينھن تائين جنھن سردار جي خلاف دانھيو ويو آھي،
سو ويرا واه جو زميندار آھي، جيڪو پنھنجي علائقي ۾
محصول ڪجھھ وڌيڪ شرح سان اوڳاڙيندو آھي. سندس خلاف
شڪايتون سندس شخصي مخالفت ڪري ھونديون آھن. آخر
نتيجو اھو نڪرندو، تھ جيئن کيتيءَ جي انگ ۾ ٿوري
واڌ ايندي، تيئن پنچريءَ جو محصول بھ ھوريان
ھوريان گھٽبو ويندو. سڀني ڌرين ۾ امن آشتيءَ کي
برقرار رکڻ واسطي، ٿوري دخل اندازي ڪرڻي پوندي.
منھنجي نظر ۾ پنچريءَ جو محصول مٿين ڪمائيءَ طور
مڙھيو ويو ھو. جيڪڏھن پھريندي ئي ان جي ھمٿ افزائي
نھ ڪجي ھا، تھ شايد بھتر ھو. ان بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ
لاءِ گھڻو وقت گذري چڪو ھو. ھن وقت اسان کي مستقبل
بابت ويچارڻو پوندو. اسان ھن نالي ماتر محصول ڪري،
اھم مفادن کي ڇيھو رسايو آھي. عام طور تي ھيءُ
لاڏائو يا سانگي قبيلن کان ورتو ويندو آھي، جيڪي
اتي اچي ان علائقي جي مقرر آدمشماريءَ ۾ واڌارو
ڪندا آھن. ان محصول جي شرح مناسب ھئڻ گھرجي. ھيءُ
محصول مٿينءَ ڪمائي جي حيثيت رکي ٿو. پر ان کان
وڌيڪ ٻيا اھم مفاد آھن. آدمشماريءَ ۾ واڌارو بھ
ايڏو ھاڃيڪار نھ آھي. اھم ڳالھھ کيتيءَ جي ترقي
آھي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو، تھ ٿر ۾ سماجي تبديلي ٿي رھي
آھي. اڳئين دؤر سان لاڳاپيل وڳوڙ ۽ ويڙھانديون،
ھاڻي ختم ٿينديون پيون وڃن. فرمانبرداريءَ امن ۽
آشتيءَ جو دور ايندو ٿو وڃي. سردارن جي سوچ ۾ اڃا
اھڙو معيار پيدا ڪونھ ٿيو آھي، جو پنھنجن شخصي
مفادن کي ڇڏي، اجتماعي مفادن کي سمجھي سگھن. تنھن
ڪري معاشري جي بھتري ۽ ڀلائي انھيءَ ۾ آھي، تھ ماٺ
ميٺ ۾ انھيءَ مٿينءَ ڪمائي وارو محصول کي ھلڻ ڏجي.
جيڪڏھن ھن ۾ ٿوري دخل اندازي ڪئي وئي، تھ انھن
ماڻھن ۾ بي چيني پيدا ٿي پوندي، جن کي ڪجھھ وقت اڳ
ان محصول اوڳاڙڻ جي اجازت ڏني وئي ھئي. جيڪڏھن کين
محصول نھ ملڻ ڪري ڪجھھ نقصان ٿيو، تھ ان جي بدلي
ٻيءَ رعايت جي دعوا ڪندا. ھن کان اڳ ساڻن گھڻيون
رعايتون روا رکيون ويون ھيون. منھنجي خيال ۾ ائين
ڪرڻ مناسب نھ آھي.
سنگ - Customs Duties :
(١٠٤) ھڪ علائقي کان ٻئي علائقي ڏانھن ويندي،
سامان تي سنگ سنڌ ۾ فتح کان پوءِ ختم ڪيو ويو آھي.
پارڪر جي راڻي کي اھڙي آمدورفت جي سنگ مان اڌ
ملندو ھو. ھاڻي مال جي علاقائي آمدورفت تي سنگ
بدران دنگئي سنگ جو اڌ کيس ڏنو ويندو آھي. سن
١٨٤٤ع کان وٺي جڏھن ٿر ۽ پارڪر انتظامي طور ڪڇ جي
ماتحت ٿيو آھي، آگسٽ ١٨٤٨ع تائين شھر ۾ دنگ جو سنگ
حڪومت جو ڪاردار اچي اوڳاڙيندو آھي ۽ گڏيل محصول
جو اڌ سرڪار ۽ اڌ سردارن کي ملندو آھي. پھرين
آگسٽ ١٨٤٨ع تي منھنجيءَ گذارش تي، سنڌ ۾ ھلندڙ سنگ
جي شرح کي وڌائي، ٿر ۽ پارڪر جي علائقن تي بھ نافذ
ڪيو ويو آھي. ادائگيءَ جي موجوده شرح شھر ۽ دنگ جي
محصول واري شرح کان گھڻو وڌيڪ آھي. ٿر ۽ پارڪر جي
زميندار کي اطلاع ڏنو ويو، تھ مال جي علاقائي ۽
شھر جي سنگ جي عيوض کين دنگ ڏيڻ لاءِ ويچاريو پيو
وڃي.
”پارڪر جي، زميندارن کي ملندڙ ١٨٤٥، ١٨٤٦ ۽ ١٨٤٧ع
ٽن سالن جي سراسري آمدني ڪڍي وئي، جنھن مان سندن
حصي جو اندازو لڳايو ويو، تھ سندن ساليانو حساب
ڪتاب وڃي ٥٤٦٣ روپيھ
(1)
بيٺو. جيڪو شھر ۽ دنگ جي سنگ مان ساليانو کين
ملندو ھو. ان جي بدران کين مذڪوره نقد رقم ملڻ
لڳي.
(١٠٥) سن ١٨٤٨ع کان جيڪو سنگ جو ڳاٽي ڀڳو خرچ ھو،
سو ختم ڪيو ويو. جنھن جو نتيجو اھو ٿيو، جو واپار
۽ ڏيتيءَ ليتي ۾ ھڪدم واڌارو اچي ويو. سوڪھڙي جي
ڏينھن ۾ ٿر ۽ پارڪر جي رھواسين لاءِ سنگ جو خاتمو
اڻ سڌي ريت وڏي لعنت ثابت ٿيو. اتان جا ماڻھو
پنھنجا ڪٽنب پوئتي ڇڏي، ڀرواري ملڪ مان ان ۽ ٻيون
کاڌي جون شيون وڻجي بنا ڪنھن سنگ ڀرڻ جي پنھنجي
وطن ٿي پھتا، نھ تھ کين پنھنجن گھر ڀاتين سميت وطن
جا وڻ ڇڏڻا پون ھا ۽ ان جي قيمت ڀرڻ کان سواءِ سنگ
جا چار ڏوڪڙ پڻ ڏين ھا.
(١٠٦) ١٨٥٢ع ۾، ٻن ملڪن جي دنگ وارو خشڪيءَ رستي
وارو سنگ ختم ڪيو ويو. سرڪار جي ھن قدم مان ٿر ۽
پارڪر جي علائقن کي ساليانو ١٢٠٠٠ روپيھ ڇيھو
رسيو. پر سنڌ جي ڪچي ۽ تيار مال جي ٻين ملڪن سان
مال بدلي مال جي ڏيتي ليتي جام ھلي، جنھن مان
معلوم ٿئي ٿو، تھ اھو قدم مھلائتو ھو. ھن قدم سان
عملي نتيجو اھو نڪتو، جو ھن پراڻي طرز جي معاشري
جا ماڻھو تيزيءَ سان ترقيءَ طرف وڌڻ لڳا. ان جو
سبب اھو ھو، تھ منجھن شخصي ۽ ملڪيت جي تحفظ جو
احساس وڌي ويو ھو. اھا تبديلي اسان جي حڪومت جي
قيام سبب آئي، خاص طور نئين مفتوح ملڪ جي سڀني
ماڻھن کي ڏاڍي سولي ۽ سھنجي نموني سان تحفظ،
اعتماد ۽ انصاف فراھم ڪيو ويو. سنگ جي خاتمي ڪري،
اھو اثر ٿيو، جو ماڻھن جي سڀني طبقن وٽ دولت ڪٺي
ٿيڻ لڳي ۽ سڀني ۾ محنت ڪرڻ جو اتساھھ جاڳيو. اھي
اھڙيون ڳالھيون آھن، جيڪي ماڻھن ۾ تحفظ جي احساس
سان پيدا ٿي سگھن ٿيون. خشڪيءَ رستي آمدني ۽
روانگي مال تي سنگ جو خاتمو ٿيو، ان ڪري دنگ جي ڪن
خاص جاين تي مال جي آمدورفت ججھي ٿي. سنگ جي خاتمي
کي فقط مال جي ججھي آمدورفت جي ناتي سان نھ ڏسجي،
پر ان ۾ ٻيا بھ ڪيترا فائدا ٿيا. اھو قدم ڏاڍو گھڻ
پاسائون ھو. ان سڄي نتيجي کي ساري صوبي تي پيل اثر
سان پرکجي. جيستائين ٿر ۽ پارڪر جو تعلق آھي، تھ
مان ايئن ئي چوندس تھ انھن قدمن ڪري، شيون سستيون
۽ عام غريب ماڻھوءَ جي پھچ جوڳيون ٿي پيون آھن.
اڳي ساڳيون شيون عام ماڻھوءَ جي خواب خيال کان مٿي
ھيون. انھن شين جو کاپو بھ وڌي ويو آھي، جن جو
تعلق برطانيھ جي صنعت ۽ واپار سان ھو. اسان جي نظر
۾ انھن شين جي ضروريات زندگيءَ سان واسطو ھو. ٿي
سگھي ٿو تھ اھا ڪن لاءِ عياشي ھجي. ڇاڪاڻ تھ ھي
ماڻھو ڪنھن پراڻي معاشري سان تعلق رکن ٿا، جن جو
اڄ جي زماني سان واسطو گھٽ آھي. اھڙين شين جو غريب
طبقي ۾ (جنھن جو معاشري ۾ انگ ججھو آھي) روشناس
ڪرائڻ جو اھو مقصد آھي، تھ جيئن منجھن خريد ڪرڻ جي
خواھش وڌائي سگھون ۽ ھو پئسا گڏ ڪري، اھي شيون
خريد ڪن ۽ انھن شين کي ضروريات زندگي سمجھن.
جيڪڏھن ھن ترقي پذير معاشري ۾ مستقل نموني ايئن
ڪبو رھبو، تھ ماڻھو انھن کي خريد ڪرڻ جا ذريعا بھ
ڳولي وٺندا. اھي نيون ضرورتون مال درآمد ڪري
پوريون ڪري سگھجن ٿيون. سياسي – اقتصاديات جو ھڪ
اصطلاح آھي، تھ درآمدي شين کي ملڪ جي برآمدي شين
جي تابع رکو. ترقي يافتھ ملڪ مان ضروري شين درآمد
ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ماڻھن کي گھرجي، تھ سخت محنت ڪن،
سڌريل زراعت جي شروعات ڪن يا صنعتي اصولن کي ترقي
يافتھ بنائين، تھ جيئن سندن محنت وڌيڪ بااثر ٿي
سگھي. معاشري جا ٻئي طبقا، ملڪ جي آمدنيءَ جي
ذريعن کي وڌائڻ جا جتن ڪن ٿا ۽ ملڪ جي تھذيب ۽
ثقافت جي ترقي لاءِ ڪوشان آھن.
(1) If the whole of the Desert was
under Bhooj, the nearest point of the
district would be 80, and the furthest
about 250 miles from the European
officer's Head Quarters. The same
objection exists to the whole being
under Meerpoor, as the Omerkote district
now is; as in that case, the nearest
point would be 80, and the furthest
about 200 miles form the European
officer's Head Quarters; while, as at
present arranged, the distance of the
Thurr and Parkar- which, being doubtly
populous as compared with the remainder
of the Desert, is of the most
consequence, - is only on an average
about 110 or 120 miles distant from
Bhooj, and 50 or 60 from the sentre of
Wagur or eastern part of Kutch, where
the European officer generally resides
for some months in the district season.
(1) At the conquest of Sindh, all
the Khosa Chiefs came in and made their
salam: some to Major Brown, political
superintendent Pahlunpoor some to
captain Fulljames, Commanding Guzerat
Horse and some to colonel Roberts
Political Agent and Commanding in Kutch.
(1) Vide Appendix E being
translation of sunnud presented to the
Urbab.
(2) Vide Appendix F, being
translation of the Sunnud granted to
Urbab.
(3) Vide Appendix G, being the
translate of the Sunnud granted to Soda
Chief.
(4) Letter No. 470 of the March
1849, from the Commissioner in Sindh to
the political Agent in Kutch.
(1) The Current coin in Kutch valued
379 per 100, co s Rs.
(2) Vide Appendix H. being
translation of sunnud granted to Soda
Chief of Mithee.
(1) Vide Appendix J, being
translation of the Sunnad grant to Soda
of Islam Kote.
(1) Further allusions to the
transfer will be found in paragraph .221
(1) For details vide Appendix macked
M.
(1) Vide appendix marked O, being
translation of Sunnud granted to Rana.
(2) Vide appendix marked P, being
translation of Sunnud grants to Ukka mal
day.
(1) For details Vide Appendix - M.
|