پوليس انتظام:
(١٣٨) ٿر ۽ پارڪر سان لاڳاپيل پوليس جو نظام تفصيل
سان ھيٺ ڏسندا. ھي سرڪار طرفان منظور ٿيل انتظاميھ
جو کاتو آھي. سندس موجوده انگ ۾ جيڪڏھن رٿ ڏنل
گھٽتائي آندي وئي، تھ سرڪار کي ساليانو ٢٤٠، ٩
روپين جو فائدو پوندو. خالي جايون بھ گھڻي وقت کان
وٺي ڪونھ ڀريون ويون آھن ۽ ڏنل انگن اکرن کان ١٤
آساميون گھٽ آھن.
٥ جمعدار
٠٠-١٥٠ روپيھ
پگھار
١١٠ سوار
٠٠-٢٢٠٠ روپيھ پگھار
١ کوسو پوليس مھتا ٠٠-٢٠
روپيھ پگھار
٣ قلعدار
٠٠-٤٥ روپيھ پگھار
٣٦ پيادا
٠٠-١٨٠ روپيھ
پگھار
٠٠-٢٥٩٥ روپيھ ڪل جوڙ
(١٣٩) ٥ جمعدار ۽ ٩٦ سوار ھيٺينءَ ريت مقرر ٿيل
آھن:
ھڪ جمعدار
١٤ سوار ننگر ۾
٤ سوار بارڻي ۾
٢ سوار جلالي ۾
٢ سوار ڍينگاسرو ۾
٢ سوار ڪاسوام
٢٤ ڪل
ھڪ جمعدار ۽ ٤ سوار ويرا واه ۾
ھڪ جمعدار
٥ سوار ھالا ۾
٢ سوار تاريانھ ۾
٢ سوار ٽگوسر ۾
٢ سوار چوٽل ۾
٢ سوار ورنور
٢ سوار ڏتو ۾
١٥ ڪل
ھڪ جمعدار
١٠ سوار مٺي
٨ سوار اسلام ڪوٽ
٨ سوار نئون ڪوٽ
٢ سوار سنگالا
٢ سوار ٻاورلا
٢ جاڳوڙا
٢٦ ڪل
ھڪ جمعدار
١١ سوار ڏيپلو
٨ سوار ٻلھياري
٢ سوار ونگر
٤ سوار ڏروڀاڻا
٢ سوار ونگي
٢٧ ڪل
(١٤٠) پوليس عملدارن کي ڪي عدالتي اختيار ڪونھ آھن.
اھي پنھنجي چوڪيءَ جي حدن اندر گشت ڪندا رھن ٿا ۽
مشڪوڪ ماڻھن کي گرفتار ڪن ٿا، حد جي ڪاردار جي حڪم
تي عمل ڪندا آھن. ڪاردارن جو کين مليل ھر حڪم
ڊائرين ۾ لکيل ھوندو آھي، جيڪو ھر ھفتي مون ڏانھن
موڪليو ويندو آھي. سڀني کان سخت ڪم مارواڙ جي نيڙ
Neyur ۽ ٿر ۽ پارڪر جي جي دنگ تي مقرر ڪيل پوليس
اھلڪارن جو آھي. ڇاڪاڻ تھ دنگ گھڻي پنڌ تي پکڙيل
آھي. ھن معاملي ۾ جوڌپور ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ
ڏاڍي دلچسپي وٺي رھيو آھي، جنھن لاءِ مان سندس
ٿورائتو آھيان. نيڙ ۽ اوسي پاسي جي ڌاڙيلن
پھريائين ڪاوڙ ۾ ڏاڍا ڇوه ڇنڊيا، پر ھاڻي اھي
ھمراه بھ ڪجھھ ٿڌا ٿيا آھن. ان ڪري اسان کوسا
قبيلي جي پوليس وارن کي يونيفارم ڏيڻ تي ويچار ڪيو
۽ منجھن ھوريان ھوريان تربيت ۽ ضابطو پڻ رائج ڪندا
وياسون. پر مستقبل قريب ۾، انھن علائقن جي انتظام
سڌرڻ جو امڪان گھٽ آھي، تنھن ڪري اڃا خاص فائدو
ڪونھ ٿيو آھي.
(١٤١) فتح کان پوءِ، نئون ڪوٽ، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي
قلعن ۾ سوڍن کي قلعدار مقرر ڪيو ويو آھي. ھرھڪ
قلعي ۾ ١٢ پيادا آھن. قلعدار مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي
سوڍن سردارن مان چونڊيا ويا آھن، جن جو ذڪر اڳ ۾
بھ ڪري آيا آھيون. کين قلعن جي نگھبانيءَ لاءِ
مقرر ڪيو ويو آھي.
(1)
ان مان اسان جو مقصد کين روزگار ڏيڻ ۽ سندن اعتماد
بحال ڪرڻ آھي ۽ کانئن پوليس وارو ڪم وٺڻ اسان جو
ڪو ارادو ڪونھي. اھي سڀ قلعا ھاڻي تباه ۽ برباد
ٿيڻ وارا آھن ۽ سندن سامان ڪن ٻين عمارتن جي تعمير
۾ استعمال ڪيو ويندو. اتي جيڪي قلعدار ۽ پيادا
رکيا ويا آھن، تن جي پگھارن وارو خرچ اجايو حڪومت
ڀري رھي آھي. ان سان گڏ اھا بھ اھم ڳالھھ آھي، تھ
ھنن علائقن جي اصلي باشندن ھئڻ جي ناتي سان کانئن
سياسي امداد بھ وٺڻي آھي. ان ڪري کين پگھارن کان
سواءِ سياسي وظيفا پڻ سرڪار طرفان ملندا رھندا آھن.
جڏھن ٿر ۽ پارڪر ۾ پوليس سڌارا اچي رھيا آھن، تھ
مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي سوڍن کي انگريزن طرفان ١٥
روپيھ ماھوار سياسي پينشن ملندي رھي ٿي.
(١٤٢) ھاڻي ٻاکاسر علائقي جو ذڪر ڪرڻ بھ ضروري آھي،
Vide Map جيڪو ٿر ۽ مارواڙ جي نيڙ علائقي سان
دنگئي آھي. فتح کان اڳ ۾ ھيءُ علائقو، اميرن جي
حڪومت ۾ سنڌ سان شامل ھو. اتان جو سوڍو راڻو، سنڌ
جي اميرن کي ڏن طور ڪجھھ نھ ڪجھھ سوکڙيون ڏيندو
رھندو ھو. جوڌپور جي مھاراجا جي ھن علائقي تي دعويٰ
ھئي. سنڌ ۽ جوڌپور جي دنگ مقرر ڪرڻ لاءِ ١٨٥٠ع ۽
١٨٤٩ع ۾ بائونڊري ڪميشن ٺاھي وئي ھئي.
(١٤٣) پھريائين تھ ٻاکاسر جو ھڪ وڏو علائقو ھوندو
ھو، پر ھاڻي منجھس فقط ساٺيڪو کن ڪکن جا چئونرا
ملندا ۽ ڪي ٽيھھ يا چاليھھ (تڙن تي ) ننڍڙا ڳوٺ
آھن. اتان جو سردار چوھاڻ راجپوت سوراچند جي
گھراڻي سان تعلق رکي ٿو، اڳي مارواڙ جي ماتحت ھو،
ھاڻي پالن پور جي ماتحت آھي. ٿر ۽ پارڪر جا علائقا
١٨٤٤ع کان وٺي ڪڇ جي ماتحت آھن. انھن علائقن جو
ڊپٽي ڪاردار ۽ پوليس چوڪي ٻاکاسر ۾ موجود آھي. ان
جو سبب اھو آھي، تھ اڳ ۾ اھي علائقا اميرن جي
حڪومت ۾ شامل ھئا. اتان جو ساليانو ڏن، سنگ ۽
سوکڙيون سنڌ جي اميرن وٽ حيدرآباد وينديون ھيون.
(١٤٤) فتح کان اڳ نھ جوڌپور جي ۽ نھ وري سنڌ جي
طرفان ڪا پوليس چوڪي اتي قائم ڪئي وئي ھئي. اھو
ماڳ ھڪ ڪنڊائتو ۽ پاسيرو آھي، ۽ ٿر جو ڪوبھ رستو
اتان ڪونھ گذرندو آھي. اھو جوڌپور سنڌ ۽ پالن پور
جي گڏيل دنگ تي موجود آھي. ھتان جي راءِ جون مٽيون
مائٽيون پالن پور جي سوڍن سان آھن.
(1)
ھن علائقي جي راڻي، ڪنھن زماني (١٨٢٥ع) ۾ واه Wow
سان شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ھو، ۽ ١٨٤٤ع ۾ سنڌ سان
ملڻ جو ارادو ڏيکاريو. ڪجھھ وقت گذرڻ کان پوءِ، ھن
ويرا واه جي سوڍن سان پنھنجو ڏاڏنگي رشتو پڌرو ڪيو.
(١٤٥) حقيقت اھا آھي، تھ اوسي پاسي وارا ملڪ
ٻاکاسر جي راڻي ۽ سندس جھٽن جي ڦرلٽ وارين
ڪاررواين کي ٻنجي ڏيڻ ۾ ڪامياب ڪونھ ويا ھئا.
گذريل صديءَ ۾ جوڌپور جي راجا جي فوجن ٻاکاسر تي
ٻھ ٽي ڀيرا حملا ڪري، ان کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيو.
انتقام وٺڻ لاءِ، ٻھ ڀيرا سنڌي فوجن بھ مٿس چڙھائي
ڪئي. آخري ڀيرو ١٨٢٥ع ۾ سنڌي فوجن مٿس ھلان ڪئي ۽
اجاڙي ناس ڪري ڇڏيائونس. ماڻھو بھ ڪاڏھون جو ڪاڏي
لڏي ھليا ويا، پر ان کان پوءِ، اھو وري آباد ٿي
ويو.
(١٤٦) جوڌپور جو راجا باڪاسار مان ڏن اوڳاڙي ڪونھ
سگھندو ھو. ان جو سبب اھو ھو، تھ راڻو سرڪش ۽
ڌاڙيل ھو، سندس مضبوط قلعو ھو ۽ علاقائي طبعي صورت
حال ڏکي ھئي.
مٿيان تفصيل بائونڊري ڪمشنرس ١٨٥٠ع جي رپورٽ تان
ورتل آھن، جنھن ٿرپارڪر ۾ مارواڙ جي دنگ جو فيصلو
ڪري، ٻاکاسر جا ڳوٺ ۽ علائقو جوڌپور جي حوالي ڪيو،
ان کان پوءِ اھو ٿر ۽ پارڪر جو ڀاڱو ۽ برٽش سنڌ جو
حصو نھ رھيو.
تعليم:
(١٤٧) سن ١٨٥٥ع ۾، سنڌ جي ڪمشنر، ٿر ۽ پارڪر جي
علائقن ۾ ٽي اسڪول منظور ڪيا ھئا، جيڪي ننگر،
اسلام ڪوٽ ۽ مٺيءَ ۾ قائم ڪيا ويا ھئا. اسڪولن جا
استاد احمد آباد مان آندا ويا. ٻئي سال ھرھڪ جاءِ
تي اسڪول جي مناسب ڪمرن جوڙڻ جو بندوبست ڪيو ويو.
اسڪول ۾ داخل ڇوڪرن جو انگ ھن ريت آھي.
ننگر ۾
١٠١ ڇوڪرا
اسلام ڪوٽ ۾
٣٤ ڇوڪرا
مٺيءَ ۾
٣٥ ڇوڪرا.
اڃا تائين ڇوڪرن جي مائٽن کان ڪجھھ بھ ڪونھ ورتو
ويو آھي. فيصلو اھو ڪيو ويو آھي، تھ اڳتي ھلي ھر
ٻار جي مائٽ کان ھر مھيني نالي ماتر ڪجھھ پئسا
ورتا ويندا. اھڙن علائقن ۾ جتي علم جو نالو نشان
بھ نھ ھو، اتي اھڙا قدم ضروري ھئا. ھتي فقط واپاري
طبقو پڙھي لکي ڄاڻندو ھو ۽ ڏيتي ليتيءَ جو ڪاروبار
تصويري خط Hieroglyphics اڌ اکري ڪتب آڻيندا ھئا،
جن جي شڪل صورت گجراتي زبان جي حرفن سان ڪجھھ
ملندڙ جلندڙ ھئي ۽ اھا اڌ اکري لکت فقط اھي لکڻ
وارا ئي پڙھي سگھندا ھئا. اسان شروعات ھوريان
ھوريان اڳتي وڌڻ سان ڪئي، ان ڪري جو متان اھي
تعليمي ادارا ناڪام ٿين. ڇاڪاڻ تھ ھتي بھ علائقن
جيان معاشرو پراڻيءَ سوچ سان واڳيل ھو ۽ ماڻھو صفا
اڻ پڙھيل ھئا، کين علم جي فائدن جي ڄاڻ ڪانھ ھئي.
ھاڻي بھ حال اھو آھي، تھ ڇوڪرا پڙھڻ ۾ پرائڻ لاءِ
ڏاڍا اتاولا آھن. پر جڏھن اسان سندن مائٽن کان
اسڪول جي فيءَ طور ڪجھھ ورتو، تھ ڇوڪرا اسڪول
ڏانھن ڪونھ موڪليندا ۽ معمولي خرچ عيوض سندن بھتر
مستقبل لاءِ ڪونھ سوچيندا.
(١٤٨) تعليم تي ١٥ روپيھ ماھوار خرچ آھي، جيڪو
ھيٺينءَ ريت آھي:
ننگر جو اسڪول ماستر
٣٥ روپيھ
مٺيءَ جو اسڪول ماستر
٣٥ روپيھ
اسلام ڪوٽ جو اسڪول ماستر ٣٠ روپيھ
ننڍو خرچ
١٥ روپيھ
١٥٥ روپيھ ڪل خرچ
اسڪول تمام دير سان قائم ڪيا ويا آھن، تنھن ڪري
تفصيل ۾ وڃڻ، وقت کان اڳ جي ڳالھھ ٿيندي. منھنجو
اندازو آھي، تھ تمام ٿورڙن ماڻھن کي علم جي لاڀ جو
پتو آھي ۽ ڪيترن ماڻھن جا ھن اڀرندڙ پيڙھيءَ جي
تعليم متعلق متضاد رايا آھن. پر ھي سوال ثانوي
تعليم سان واسطو رکي ٿو. ٿر ۽ پارڪر جي اسڪول جو
درجو اڃا ابتدائي ۽ ديسي زبان سان تعلق رکي ٿو،
جيڪو ھتان جي ماڻھن جي عين ضرورت مطابق آھي. زبان
گجراتي سيکاري وڃي ٿي ۽ ھتان جي ماڻھن بھ يڪراءِ
ان زبان ۾ تعليم وٺڻ جي مرضي ڏيکاري آھي.
آبھوا:
(١٤٩) ٿر ۽ پارڪر جي آبھوا، ڪڇ کان گھڻو مختلف
ڪانھ آھي. ھيءُ علائقو ڪڇ جي اتر ۾ آھي، تنھن ڪري
ڏکڻ – اولھھ واري چوماسي جو اثر ھتي گھٽ ڏسڻ ۾
ايندو آھي. ھتي ڪڇ کان وڌيڪ سردي ۽ گرمي ٿيندي آھي.
خاص طور تي آرھڙ ۾ جڏھن واري تپندي آھي، تڏھن ٿر
تپي ٽانڊا ٿي پوندو آھي. ٿرين جا چونرا گھڻو ڪري
ڀٽن جي چوٽين تي ٺاھيل ھوندا آھن، جيڪي گرميءَ ۾
گھٽ گرم ۽ سرديءَ ۾ گھٽ ٿڌيون ھونديون آھن. ڀٽن جي
چوٽين تي ھوا جام ھوندي آھي ۽ سج جا ڪرڻا وري وڌيڪ
تيز ھوندا آھن. ھيٺ تراين ۾ مينھن جو پاڻي گڏ
ٿيندو آھي، جيڪو چوماسي جي وسڪاري ڪري تلاون جي
صورت ۾ بيٺو ھوندو آھي. انھن تراين ۾ سياري جا سيءَ
ڏاڍا ڏکيا معلوم ٿيندا آھن.
(١٥٠) تپاولي ۽ سنڌن جو سور ھنن علائقن جون عام
بيماريون آھن. ڪڏھن وري ماتا جي بيماري پوندي آھي،
جنھن ڪري ٻارن جو وڏو تعداد ھن موذي مرض جو شڪار
ٿي مري ويندو آھي. جن علائقن ۾ گرمي ۽ سردي جام
ٿيندي آھي، اتي ماڻھو گھڻو وقت ٻاھر سيءَ ۽ گرميءَ
۾ گذاريندا آھن. گھرن نھ ھجڻ ڪري، عمر جو گھڻو وقت
بيمار رھندا آھن ۽ وقت کان گھڻو اڳي ڪراڙا ٿي
ويندا آھن. ڏيپلي ۾ ١٢٢، مٺيءَ ۾ ٢٦٦ ۽ اسلام ڪوٽ
۾ ٥٠ گھر پڪا آھن. باقي ٿر جا سڀئي گھر ڪچا، ننڍڙا
۽ سوڙھا آھن. ٿورا پڃر رکي، جھنگ – جھاتر ڏئي مٿان
لوھيڙن جا سر ۽ ڪانا سٿيندا آھن. اھڙي قسم جا گھر
ٻن ٽن ڏينھن ۾ جڙي راس ٿين. گھرن ٺاھڻ ۾ ڪتب ايندڙ
ھر شيءِ ڀرسان ڍيرن مھن ملي سگھندي آھي. پارڪر جي
پاسي خاص طور ويرا واه ۽ ننگر ۾ سٺن گھرن ٺاھڻ جي
لاءِ ھر چيز ججھي ملي وڃي ٿي. اتان جا رھاڪو
پنھنجي رھڻ لاءِ سٺا گھر جوڙي وٺندا آھن، ڇاڪاڻ تھ
اتي پڪيون سرون، پٿر، گارو ۽ ڪاشيءَ جون سرون جھجي
انداز ۾ ملي وينديون آھن انھن ماڳن تي اڳ ۾ ئي پڪا
۽ ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل ٥٠ کن گھر موجود آھن.
(١٥١) حڪومت ھاڻي ٿر ۽ پارڪر لاءِ ھاسپيٽل اسسٽنٽ
منظور ڪيو آھي. سندس صدر مقام ننگر ھوندو، اتي ھڪ
ڊسپينسري قائم ڪئي ويندي. ھيءَ اسپتال خيراتي ڪم
ڪندي. مان سمجھان ٿو تھ سرڪار جو ھيءُ ڪم سڀني
ماڻھن کي پسند ايندو.
عوامي ڀلاين جا ڪم:
(١٥٢) سن ١٨٥٥ع کان اڳ، ٿر ۽ پارڪر ۾ ڪوبھ انساني
ڀلائيءَ وارو ڪم ڪونھ ڪيو ويو ھو. ان سال جي
شروعات ۾ سنڌ جي ڪمشنر ھيٺين ڪمن لاءِ سفارش ڪئي ۽
منظور ڪيا:
(١) راحمڪي بازار کان ھڪ رستو صاف ڪري بنايو ويو
ھو، جيڪو رڻ جي وٽ ڏئي پارڪر کي پار ڪري، گجرات جي
سوگام ٿي پھتو. سندس فاصلو ١٩٣ ميل ھو. مٿس خرچ
٩٠٦٥ روپيھ آيو.
(٢) پٿرن جا نشان ھڻي، رڻ مان ھڪ رستو بڻايو ويو
ھو، جيڪو ڪوڙا ٻلھياري ۽ پارڪر کان نارا ٻيٽ ٿي
ويو ۽ ٿر مان ٻلھياريءَ کان ويرا واه تائين رستو
بنايو ويو. ١٠٠٠ روپيھ خرچ آيو.
(٣) ساڳين رستن کي پارڪر رستي ڪڇ سان ڳنڍيو ويو.
خرچ ٤٠٠ روپيا آيو.
(٤) ننگر، ڏيپلي ۽ مٺيءَ جي ڪاردارن جا ديرا (آفيسون)
ٺھرايا ويا. ٢١٠٠ روپيھ.
(٥) ٻلھياري، اسلام ڪوٽ ۽ ويرا واه جي ڊپٽي
ڪاردارن جا ديرا (آفيسون) ٺھرايا ويا. رقم ١٢٠٠
روپيھ.
(٦) ننگر ۽ مٺيءَ ۾ ٻن اسڪولن جا ڪمرا ٺھرايا ويا.
٢٠٠ روپيھ.
(٧) اسلام ڪوٽ ۾ اسڪول جو ھڪ ڪمرو ٤٠٠ روپيھ.
(٨) ننگر ۽ مٺيءَ ۾ منڊيءَ لاءِ ٻھ جايون ٩٠٠
روپيھ.
(٩) باران، ڪاسوا، ويرا واه، نرا ٻيٽ (رڻ ۾ گجرات
۽ پارڪر جي وچ تي) ڏيپلي مٺي، اسلام ڪوٽ، ڪڙيا ۽
گھوڙي نو ڌرمشالا ٺھرايون ويون. ٢٨٠٠ روپيھ.
(١٠) ناليا سر، بارانا، راماسر، سنلو، ٻاڻ سر،
پارڪر، مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلي ۾ پاڻيءَ جا اٺ
تلاءَ صاف ڪرايا ويا. ٥٥٠٠ روپيھ.
انھن مان رٿا نمبر – ١ پوري ٿيڻ واري آھي. ٽن
ڌرمشالائن، پارڪر کان ڪڇ ويندڙ رستي تي پٿرن جا
نشان ھڻڻ، ھڪ ڊپٽي ڪاردار جي ديري کان سواءِ، ٻيو
سڀ ٺھي تيار ٿي چڪو آھي يا تيار ٿيڻ تي آھي.
پوليس جي رھائش لاءِ ڪي جايون ٺھيل ڪونھ آھن. باقي
ڪاردارن جي ديرن ڀرسان باندين لاءِ ھڪ چاوڙي ٺھيل
آھي.
گھوڙا:
(١٥٣) ٻين علائقن کان ٿر جا گھوڙا قد ۾ ڪجھھ
لاٺيرا آھن، پر ڏکن ڏاکڙان تي ھريل ۽ سگھارا آھن.
اڳيون ڄنگھون ڏاڍيون مضبوط اٿن. ھن خاصيت ۾ ملڪ جا
گھوڙا تھ ڇا، پر دنيا جا گھوڙا بھ ھنن سان پڄي
ڪونھ سگھندا. ھيءُ علائقو گھوڙن پالڻ لاءِ گھڻو
سنھائي ٿو. ھن علائقي جو گاه بھ ٻين علائقن جي ڀيٽ
۾ ڏاڍو ڏپ وارو آھي. زمين جي وارياسي مٿاڇري ھئڻ
ڪري، سندن ٽنگون سگھاريون ٿينديون آھن. منھنجي
خيال ۾ اھو ئي سبب آھي، جو ھتان جا گھوڙا ٻين جي
ڀيٽ ۾ ڏاڍا سگھارا ٿيندا آھن. خير، اھو لي ڪيئن بھ
ھجي، پر ھنن جھڙا ھڏ ڪاٺ ۾ سگھارا گھوڙا ڪڇ ۾ ڪونھ
ٿيندا آھن. ڪڇ جي گھوڙن جون اڳيون ڄنگھون ۽ پنڊو
ايڏو مضبوط ڪونھ ٿيندو آھي. انھن جي ڀيٽ ۾ ٿر جي
گھوڙن جون ٽنگون سگھاريون ۽ بَج کان لسيون ۽
ٺاھوڪيون ھونديون آھن. ٿر ۽ پارڪر ۾ سندن انگ
چوڏھن سؤ کن ٿيندو.
(1) Vide paragraph 8 and 9 of letter
No: 111, of 4th April 1848, from
political agent Kutch, to Secretary to
Government of Sindh. Vide Map.
(1) Vide Boundary Commissioners
report 1850.
|