سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ٿر ۽ پارڪر جو احوال

باب؛ --

صفحو ؛ 7

ڏاند:

(١٥٤) ٿر ۾ ڏاندن جو وڏو انگ پاليو ويندو آھي. ھر سال وڪري لاءِ گجرات نيا ويندا آھن. اھي ڪڇ ۽ گجرات جي سٺي نسل جي ڏاندن کان قد ۾ ڪجھھ لاٺيرا ھوندا آھن. ڏاند خريدڻ لاءِ واپاري ٿر ويندا آھن ۽ اتان ڏاند وٺي وڪري لاءِ گجرات ڪاھي ويندا آھن. اھڙو واپار ھتي عام جام پيو ھلندو آھي. اھي جڏھن ٻڙاندا ۽ چؤڳا ٿيندا آھن، تھ واپارڻ لائق ٿيندا آھن. لائي لسي ڏاند جي بھا ١٥ کان ٢٠ روپيا ھوندي آھي ۽ ھر سال پنج ھزار ڏاند ٿر مان واپاريا ويندا آھن.

اٺ:

(١٥٥) ٿر ۽ پارڪر ۾ اٺ تمام گھڻا پاليا ويندا آھن. ھن علائقي ۾ لڏ جو ڪم ھن جانور کان ورتو وڃي ٿو. ٿر ۽ پارڪر ۾ ڦيٿائي اچ وچ ڪانھي. موجوده دؤر ۾ ٿر ۽ پارڪر ۾ اٺن جو انگ ڏھھ ھزار کن ٿيندو.

(١٥٦) ھي ڪتاب تيستائين اڻ پورو رھندو، جيستائين ھن علائقي سان لاڳاپيل ڪجھھ سالن جو محصول ۽ خرچ وغيره درج نھ ڪيو ويو آھي، ۽ ھتان جي ماڻھن تي مڙھيل سنگ ۽ ڍل جا انگ اکر نھ ٿا ڏنا وڃن. ھيٺ ڏنل انگ اکر ساليانو نقصان ڏيکارين ٿا. پيدائش ٿوري آھي، جنھن جو ڏيکاريل نقصان مان ئي پتو پئجي ويندو. انگ اکر امٽ سچائي ھوندا آھن. چارٽ الف ۾ گذريل ستن سالن جو محصول ڏجي ٿو.

((١٥٧) اھڙيءَ طرح روينيو ۽ پوليس کاتي جي خرچ ۽ قبيلن جي سردارن کي ڏنل معاوضا چارٽ ”ب“ ۾ ڏجن ٿا.

(١٥٨) ڪورٽ جي ٿوري پئدائش کان سواءِ، ٻيو پيداواري ذريعو زمين آھي. جنھن تي تازو رائج ڪيل ڍل مان ٿر کي ١٦٠٠٠ ۽ پارڪر کي ١٠٠٠٠ روپيھ جي آمدني ٿيندي، جن جو ڪل جوڙ ٢٦٠٠٠ روپيھ ٿئي ٿو. پارڪر واري علائقي ۾ مقرر ڍل Fixed revenue وارو اصول مڙھيو ڪونھ ويو آھي. تنھن ڪري يقين سان چئي ڪونھ ٿو سگھجي، تھ ھن علائقي جي مستقبل ۾ ڪيتري ڍل بيھندي. پر اندازو ١٠٠٠٠ کان ١٨٠٠٠ روپين تائين ڪري سگھجي ٿو. جيڪڏھن صحيح معنيٰ ۾ سوچجي تھ ڍل جو گھڻو ڪري ١٠،٠٠٠ روپيھ انگ ٺيڪ وڃي بيھندو. سوڪھڙي ۽ ڏڪار واري سال ڍل جي ڪجھھ بھ اوڳاڙي ڪانھ ٿيندي آھي. سڪار جي ڍل اسان ٢٦،٠٠٠ روپيھ ٻڌون ٿا. ھر ڇھين سال ڏڪار پوندو آھي. ان صورت ۾ ٿر ۽ پارڪر جي سراسري ڍل وڃي ٢١٦٦٦ روپيھ ٿيندي. اسان ڍل جي ھن انگ وڌيل آباديءَ جو معاوضو ڪونھ ڪاٽيو آھي. ان کان سواءِ، موکئي جي لوڻ جي سن جي سالياني پيداوار ١٠،٠٠٠ روپيھ آھي. ان کان پوءِ ساليانو گھاٽو ١٠،٠٠٠ روپيھ بيھي ٿو. ٢٠٠ اريگيولر ھارس جي خرچ کان آزاد آھيون. ڇو تھ فتح کان اڳ، ڌاڙيلن کي روڪڻ لاءِ ان کي ڪڇ موڪليو ويو آھي. پارڪر ۾ رھندڙ فوج جو خرچ بھ ھن علائقي مٿان ڪونھ آھي. اريگيولر ھارس جو ساليانو خرچ ٥٠،٠٠٠روپيھ کان مٿي ٿيندو. پارڪر ۾ رھندڙ فوج جي خرچ جو مون کي پتو ڪونھ آھي.

(١٥٩) سرڪار جي اريگيولر ٢٠٠ ھارس فوج پونا ايگزيلري ھارس سان تعلق رکي ٿي، جنھن کي ١٨٢٦ع ۾ ڪڇ موڪليو ويو ھو. ١٨٤٣ع ۾ ان کي سنڌ بدلي ڪيو ويو ھو. ١٨٤٤ع کان وٺي، ٿر ۽ پارڪر ۾ ڪابھ فوج رکيل ڪانھ آھي. انھن حالتن مان ائين معلوم ٿئي ٿو تھ، ٿر ۽ پارڪر جي علائقن مان سرڪار کي نقصان نھ، پر فائدو ٿيو آھي، توڙي جو ھن علائقي جو اوڳاڙيل محصول خرچ جو پورائو نھ بھ ڪري ٿو. ايندڙ ٻھ ٽي سال کڻي ايئن گذرن، پر مون کي پورو ويساه آھي، تھ صورت حال سڌري وڃڻ جا امڪان روشن آھن. مٿيان ڏيکاريل انگ اکر تھ اھو ٻڌائين ٿا، تھ سرڪار گھاٽي ۾ آھي، پر اھو غلط آھي. ھوءَ سراسري فائدي ۾ آھي. اريگيولر ھارس ھتان کان ڪڇ موڪلي وئي آھي. ٻي اھم ڳالھھ اھا آھي، تھ موکئي جي لوڻ جا سن بھ موجود آھن، جن جي سالياني ڪمائي ويھن کان ٽيھن ھزارن روپين تائين ٿي سگھي ٿي. ان کان سواءِ، مون پوليس جي انگ گھٽائڻ جي بھ سفارش ڪئي آھي.

(١٦٠) جيڪڏھن ھن سوال تي ناڻي جي نقطئھ نگاه کان سوچجي، تھ نتيجو ڏاڍو اميد افزا آھي. جيڪڏھن گھري نظر سان ڏٺو وڃي، تھ ھن ۾ ٻيڻا فائدا آھن. اتر ڪاٺياواڙ جا لٽيل ڦريل علائقا، ڪڇ جا ويران پٽ ۽ پاسا، جتان جا ماڻھو ڌاڙيلن جي ڀو کان لڏي ويا، چوراڙ جا ھپاڻل ۽ ھيسايل ڳوٺ، اوڀر ڪڇ جا ڏھڪايل ۽ ڪنبايل وٿاڻ ۽ وستيون، سڀ اڳئين زماني جي ڌاڙيلن جون شاھديون ڏين ٿيون. جيتوڻيڪ دھشت ۽ ڏاڍ جي ڏيک جا ڪردار ھاڻي ھوريان ھوريان ختم ٿيندا پيا وڃن، پر پوءِ بھ اڃا گھڻا حال حيات آھن. پراڻي طرز جي معاشري ۾ رھندڙ ماڻھو پنھنجن ڪڌن ڪرتوتن کي ايترو سولو ۽ جلدي ڪونھ ڇڏيندا، جيترو جلدي ۽ سولو مھذب معاشري جا ماڻھو بڇڙاين کي ڇڏيندا آھن. اسان جيترو سھڻي نموني سوچيو ھو، اوترو سوڀارا ٿيا آھيون. ڏوھھ گھڻي قدر گھٽجي ويا آھن. علائقي جي جن پاسن ڪنڊن ۾ جتي ماڻھو ڪجھھ پوئتي پيل آھن، تھ اتي ڏوھھ اڃا بھ ٿين پيا. پر عام طور علائقي ۾ ھر جاءِ امن ۽ آشتي آھي. ماڻھن کي پنھنجي حياتي ۽ ملڪيت جي تحفظ جو يقين آھي. کيتي جو انگ بھ پاڻو ڄاڻؤن وڌندو پيو وڃي. ماڻھن جا احساس ۽ عمل سماج جي اوسر جا چٽا شاھد آھن. اھو ھاڻي ھوريان ھوريان سڌاري جي سڳر جو پانڌي ٿيندو پيو وڃي. ناڻي سان لاڳاپيل نتيجا کڻي ايترا اميد افزا ڪونھ آھن، پر حالتون ڪافي سڌري ويون آھن. ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي ماڻھن سک جو ساه کنيو آھي. سندن زندگين ۽ ملڪيتن کي تحفظ مليو آھي.

برطانيھ سرڪار اڳئين کان گھٽ خرچ تي سندن تحفظ ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آھي. ٿر ۽ پارڪر جي پرامن علائقن ۾ ڪڏھن تھ ڌاڙيلن ٻارڻ ٻاري ڇڏيو ھو، پر اڄ اھي خاموش آھن. سندن سماجي مرتبي کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش اڃا تائين ڪانھ ڪئي وئي آھي. ڪنھن زماني ۾ ڀارو خان ۽ شادي خان ڌاڙيلن جا سردار ھوندا ھئا. ٿر ۽ پارڪر جا رھاڪو سندن دھشت کان ھاڻي ھپاڻل ڪونھ آھن. سندن پويان پوليس جا سٺا اھلڪار ۽ پرامن رعايا آھي. ھيءُ ائين آھي، جيئن تھذيب وحشانيت مٿان سوڀ حاصل ڪئي ھجي. اھو برطانيھ سرڪار جي آزاد ۽ دانشمندانھ حڪمت عمليءَ جو نتيجو آھي، جو گمراه ۽ وڳوڙي، انصاف، مھرباني ۽ استقلال جي روش سان سئين رستي تي آندا ويا آھن، نھ تھ ساڻن ورتڻ ڏاڍو ڏکيو ھو. پورو ويساه آھي، تھ برطانيھ سرڪار کليءَ دل واري ساڳي حڪمت عملي اختيار ڪندي، جنھن سان وقت جي وڏن دلير ڌاڙيلن کي سڌاري، ماڻھو بڻايو ويو آھي ۽ گھڻي وقت جي لڳاتار ڪوششن کان پوءِ، منجھن شرافت پيدا ڪئي وئي آھي. ھڪ ننڍڙو ابھم ٻارڙو ڪيترن وڏن خطرن ۾ وڪوڙيل ھو، اھو ڄڻ ڪنھن ملڪ جو وجود ھو. سندس ننڍڙو وجود وڳوڙي حالتن مان سرجي نڪتو ۽ اھو ننڍڙو وجود، اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو، نيٺ اچي جوان ٿيو آھي، ۽ اھو ٿر وارو علائقو، جنھن ۾ مقرر ڍل جو اصول قائم ڪيو ويو آھي، ان کان علاوه عدالتي سرشتو ۽ پوليس کاتي جو انتظام پڻ ڪيو ويو آھي. اسڪول کولي، منجھس تعليم جي شروعات ڪئي وئي آھي، سو اڄ امن امان واري اھڙي ايراضي آھي، جنھن مان ھميشھ چڱاين جي توقع ڪري سگھجي ٿي.

نتيجو:

(١٦١) انگريز سرڪار جو شروعاتي مداخلت وارو قدم صحيح ھيو يا نھ، سو منھنجي بحث جي دائري کان ٻاھر آھي. دوست ملڪ جي رعايا جا ماڻھو انگريزن ۾ اھڙيءَ توقع ڪرڻ ۾ حق بجانب ھئا يا نھ. برطانيھ سرڪار سندن حقن جي بچاءَ خاطر ٿر ۽ پارڪر جي علائقن ۾ مداخلت ڪئي، يا جيڪي قدم کنيا ويا ھئا، سي حالتن مطابق صحيح ھئا يا نھ. مختصر طور ائين چئي سگھجي ٿو، تھ انگريزن کي پنھنجي علائقن کي بچائڻ ۾ دوست ملڪ رعايا جي حقن کي تحفظ ڏيڻ خاطر اھا مداخلت بلڪل ضروري ھئي. يا ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي، تھ جڏھن ملڪ لاءِ ائين ڪرڻ بلڪل لازمي ٿي پيو، تھ ائين ڪرڻو پيو ۽ ان عمل ۾ ملڪي توسيع جو مقصد ڪارفرما ڪونھ ھو. بھرحال ھنن قدمن جي ڪاميابيءَ لاءِ، ان ڌر کي واڌايون ڏجن، جن مداخلت جي شروعات ڪئي. اھا ڌر بھ واڌاين جي مستحق آھي، جنھن فوجي نقل ۽ حرڪت ۾ عملي حصو ورتو.

(١٦٢) مان سمجھان ٿو، تھ ڪي ٿورا ماڻھو ٿر ۽ پارڪر جي انگريزي مداخلت جي ضرورت کي شڪ جي نظرن سان ڏسندا ھوندا. پر ھن ڪتاب جي مطالعي ۽ مداخلت کان پوءِ، جيڪي ماڻھن کي فائدا ۽ سھوليتون مليون، تن کي نظر ۾ رکڻ بعد يا ھيءَ حقيقت تھ ھن مداخلت کان جلدي پوءِ، سنڌ جي فتح جو واقعو ٿيو، سمجھي وڃبو تھ برطانيھ سرڪار جي ٿر ۽ پارڪر ۾ مداخلت ڪا اجائي ڪانھ ھئي. اھو تصور نھ ڪيو وڃي، تھ اسان جي مداخلت کان اڳي ٿر، پارڪر ۽ ڪڇ جون خراب حالتون وڌائي پيش ڪيون ويون آھن، يا ٿر ۽ پارڪر جي ڌاڙيلن جي طاقت کي افسانوي رنگ ڏئي ماڻھن آڏو آندو ويو آھي. جي ائين سمجھو ٿا تھ پوءِ، مان اوھان کي حڪومت جي تڏھوڪي رڪارڊ ڏسڻ جي گذارش ڪندس. يا جيڪڏھن اھو خيال ڪيو وڃي، تھ ٿر ۽ پارڪر جي موجوده سياسي صورتحال يا اسان جي مداخلت کان اڳ واري سماجي حالت کي متضاد ڪري پيش ڪيو ويو آھي، تھ مھرباني ڪري ١٨٥٦ع واري سنڌ جي ڪمشنر جي رپورٽ (1) جو مطالعو ڪندا ۽ ساڳئي اعليٰ عملدار طرفان ڏانھن خط جو ڏنل اختصار (1) پڙھي ڏسندا، جنھن کي ھيٺ حاشيھ ۾ بھ ڏنو ويو آھي. ڏوھن ۾  گھٽتائي يا ان دؤر سان لاڳاپيل ٻيون بھ ڪيتريون ئي شيون آھن، جيڪي سرڪاري دفترخاني جي رڪارڊ ۾ موجود آھن. قانوني بالادستيءَ معرفت قتل ۽ رھزنيءَ جھڙن اگرن ڏوھن کي پاڙئون پٽيو ويو آھي. ڪنھن بھ ڌاڙيل جو خوف خطرو موجود ڪونھ آھي، تنھن ڪري شخصي ۽ ملڪيتي تحفظ جو احساس وڌيو آھي. رڳو شڪ جي بنياد تي عورت جو قتل ڪري، فطري قانون جي بي حرمتي ڪئي ويندي ھئي، پر ان جاءِ تي حڪمران جي طرفان رائج ڪيل قانون ۽ عدالت جو احترام ڪيو وڃي ٿو. مختصر تھ جاتي اڳ ۾ دنگا فساد ۽ وڳوڙ ھوندو ھو، اتي اڄ امن ۽ آشتي آھي ۽ اتان جا ماڻھو اوڙي پاڙي ۾ ڌاڙن ھڻڻ بدران تجارت، کيتي يا ٻيا قانوني ڌنڌا اختيار ڪري، پنھنجي حلال روزي ڪمائڻ کي لڳي ويا آھن.

(١٦٣) ھتان جي عام ماڻھوءَ جو خيال آھي تھ حڪومت علائقن جي حالتن کي نظر ۾ رکي، ڪن چونڊ سردارن کي رعايتون ۽ سھوليتون ڏنيون آھن ۽ عام ماڻھو اھڙين سھوليتن کان وانجھيل آھي ۽ انگريز سرڪار کين اھميت گھٽ ڏئي ٿي. ان لاءِ منھنجو مشورو آھي، تھ عام ماڻھوءَ جي سھوليتن کي بھ نظر ۾ رکيو وڃي، تھ جيئن اھڙا خيال دماغ ۾ آڻڻ ڇڏي ڏئي. سنڌ جي ڪمشنر ٥٥- ١٨٥٤ع ۾ ھن علائقن جو دورو ڪيو ھو. عام ماڻھن ساڻس انگريز سرڪار جي درياه دلي ۽ انصاف پسنديءَ جي ڏاڍي ساراه ڪئي ھئي ۽ انگريزن سان وفادار رھڻ جو کين يقين ڏياريو ھو.

(١٦٤) اھو بھ ڏسڻ گھرجي، تھ جڏھن سنڌين کي ھٿياربند ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي، تھ انھن ۾ ڪيترو اعتماد ۽ عزت نفس اچي وڃي ٿي. ھٿيار بند ڪرڻ ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ قبيلن جي سردارن کي ترجيح ڏني وئي آھي. ھونءَ تھ اھا ننڍڙي شيءِ آھي، پر قبيلن جا سردار ان کي ڏاڍي اھميت ڏين ٿا.

(١٦٥) ڪتاب کي ختم ڪرڻ کان اڳ ۾، ھن ڳالھھ ڏانھن ڌيان ڌرڻ بھ لازمي آھي، تھ ٿر ۽ پارڪر جي علائقن ۾ جبري پورھئي جو رواج ئي ڪونھ آھي. جيڪڏھن ڪنھن موقعي تي مرد يا عورت کي ٿوري گھڻي مزدوريءَ عيوض ملڪ واسطي ڪم ڪرڻ لاءِ ورجائي چئبو، تھ مخالفت ڪرڻ شروع ڪندا.

(١٦٦) آخر ۾ مان، ھن اميد جو اظھار ڪندس، تھ ٿر ۽ پارڪر جي ماڻھن کي جيڪي انعام، رعايتون ۽ سھوليتون ڏنيون ويون آھن ۽ انھن رعايتن لاءِ انھن پاڻ کي لائق بھ ثابت ڪيو آھي، سي کين ھميشھ لاءِ ڏنيون وڃن. پوءِ ڀلي انھن رعايتن ۾ وقت سر تبديليون، سڌارا ۽ واڌارا آندا وڃن.

 

                                                                      ايس  -  اين  -  رئڪس

                                                                      مئجسٽريٽ: ٿر ۽ پارڪر.


 

 


 

(1) The report is published in selection from the Records of the Mombay Government N XL, and is dated 21st January 1856.

(1) Extract from letter No. 151 of the April 1855 from the Commissioner Sindh to the Right Honourable Lord Elphin Stone, Governor and in President in Council. I look upon his (Lieutenant Raikes) Management of Thurr Districts as a perfect model of administration of very delicate and difficult charge an opinion in which I trust Government will concur, when the present heavy press of current duty allows of my completing my long promised report on the Thurr and Parkar.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

ڇپائيندڙ پاران؛ سيڪريٽري س ا ب     ٻه اکر؛ ڊاڪٽر نواز علي شوق    مصنف پاران ؛ ايس اين رئڪس

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org