پيداوار ۽ تجارت
(١٢٠) گيھھ، ٿر جي پراڻي پيداوار آھي. سڻائي ۽
سڪار جي زماني ۾، ڪڇ ۽ گجرات ڏانھن ججھي انداز ۾
موڪليو ويندو آھي، ڪجھھ ٿورو حصو سنڌ ڏانھن پڻ
موڪليو ويندو آھي. ھيءَ پيداوار گاه چاري تي مدار
رکي ٿي، جنھن جو واسطو وڏي وسڪاري ۽ اوھيڙن جي اوڪ
سان آھي. ھن موضوع تي وڌيڪ معلومات ضميمي ض R ۾
ڏسندا. گگر ۽ کئونر بھ ٿر ۽ پارڪر جي پيداوار آھن.
جن جو ججھو مقدار ڪڇ ۽ گجرات موڪليو وڃي ٿو. وڌيڪ
معلومات ضميمي ض R ۾ پڙھندا.
اتان جي ان، تِر، رائي، ڄانڀو ۽ ارنڊي، ڪڇ ۽ گجرات
ڏانھن موڪليا ويندا آھن.
(١٢١) ٿر ۽ پارڪر ڏانھن درآمد ٿيندڙ شين مان ڪپھھ،
ڪڇ ۽ گجرات مان ايندي آھي ۽ سنڌ جي مختلف شھرن ۾
ڪتب ايندي آھي. وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسندا ضميمو ق
S.
ٿر ۽ پارڪر لاءِ ڳڙ بھ ڪڇ ۽ گجرات مان گھرايو
ويندو آھي. ھن وکر جو کاپو فقط ھنن علائقن تائين
محدود آھي. ڳڙ سنڌ ڏانھن ڪونھ ويندو آھي. ڇاڪاڻ تھ
اتي ججھي انداز ۾ پيدا ٿئي ٿو.
(١٢٢) پڙھندڙن کي ضميمي ض R ۽ ق S اندر انگن اکرن
۾ لکيل معلومات پڙھي ڏاڍو تعجب ٿيندو، جنھن ۾ مون
٥٣- ١٨٥٢ع سال دوران درآمد ۽ برآمد ڪيل مکيھ شين
جو وچور ڏنو آھي. ان سان گڏ انھن شين جو انداز ۽
سندن قيمت پڻ ڏني وئي آھي. ٻيا تجارتي اسم جيڪي
دنگ اڪري ھتي پھتا آھن، تن جو بھ ذڪر ڪيو ويو آھي.
عام رواجي تجارتي وکر جي بھ مجموعي قيمت ٻڌي، ھڪ
سال جي مال جو اندازو لڳايو ويو آھي، تھ ڪل ڪيترو
مال درآمد ۽ برآمد ٿيو آھي.
(١٢٣) ٿر ۾ لوڻ جا ڪيترائي سن آھن، جن مان برآمد
ڪرڻ جھڙو بھترين لوڻ پيدا ٿيندو آھي. سنھ ٤٥-
١٨٤٤ع ۾ ٢١٠٤٧ ھندستاني مڻ لوڻ موکئي سن مان ڪڍي،
برآمد ڪيو ويو. ٻي موسم ۾ بند ٿيڻ واري رت تائين
يعني پھرين مئي ١٨٤٥ع کان ١٦ مارچ ١٨٤٦ع تائين،
٢٠٩٢٨ ھندوستاني مڻ لوڻ برآمد ڪيو ويو. مٿس محصول
تمام ٿورو اوڳاڙيو ويو، ١٠٠ ڏاندن جي لڏ جيتري مال
جا ڪل پوڻا ٢٦ روپيھ ٿيا ٿي، حساب ڪيوسين تھ، في
مڻ تي ٻھ آنا ٿي ڇٽا. ان کان پوءِ، مارواڙي جيڪي
لوڻ برآمد ڪندا ھئا، تن في ڏاند جي بار تي ھڪ
اڪوسي روپيو Ukosy Rupee ڏيڻ جي آڇ ڪئي. حساب موجب
اھو ست آنا في ھندستاني مڻ تي بيٺو ٿي. ھن سبب ڪري
سندن آڇ مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو، تھ اھو ٿر جو لوڻ
تمام سستي اگھھ تي وڪڻڻ، ٿر جي لوڻ جي ھڪ ھٽيءَ
واري محصول سان ھٿ چراند ٿيندي.
(١٢٤) ھن ڳالھھ ۾ ڪوبھ شڪ شبھو نھ آھي، تھ جيڪڏھن
موکئي سن جو لوڻ مارواڙي واپارين جي اگھھ تي وڪرو
ڪيو وڃي، ۽ ٤٦-١٨٤٥ع جي ڀيٽ ۾ ٿوري مقدار ۾ برآمد
ڪيو وڃي، تھ بھ گھڻو فائدو آھي.(1)
توڙي ان سال محصول بھ وڌيل ھو. انھن حالتن ڪري اھا
ڳالھھ اسان جي حڪمت عمليءَ جي بھ عين مطابق آھي،
تھ موکئي جي سن جي لوڻ کي ڪڍڻ نھ ڏيون. ان مان لوڻ
جي ھڪ ھٽيءَ مان ملندڙ محصول کي ھڪ قسم جو ٽيڪو
ملي ويندو، اسان ايتري رقم ٿر ۽ پارڪر جي کاتي ۾
جمع ڪرائينداسون، پر ادائگي التوا ۾ رکنداسون.
(١٢٥) سنڌ جي ڪمشنر سنڌ جي گورنر ڏانھن موڪليل
رپورٽ ۾ ھيٺيون خيال ظاھر ڪيو آھي:
ٿر ۽ پارڪر متعلق گورنر ڏانھن موڪليل رپورٽ
نمبر C- ٤٨ تاريخ ٢١ جنوري سال ١٨٥٦ع
”مون اصل جاءِ تي وڃي پڇا ڳاڇا ڪئي آھي ۽ ڪرنل
رابرٽس ۽ ليفٽيننٽ رئڪس جي خيال سان متفق آھيان،
تھ موکئي جي سن جي لوڻ کي گھٽيل محصول ڪونھ آھي،
تھ ٻين سنن جھڙوڪ: پاتري ۽ جوڻيجا وارا ۾ پيدا
ٿيندڙ لوڻ کي ڪو نقصان ڪونھ پھچندو ۽ ان ڪري لوڻ
جي محصول مان وڌيڪ اوپراسي جا امڪان آھن. جيڪڏھن
اسان، موکيءَ جي لوڻ جي برآمد تي پابندي ھڻنداسين،
تھ ويرا واه جي اولھھ – اتر وارن مارواڙي رياستن ۾
موجود لوڻ جي سنن جي مالڪن کي فائدو پوندو. مارواڙ
جا سن، انھن کي لوڻ ڏيندا آھن. ٿر جي اپت جو ھيءُ
وسيلو اسان پنھنجي ھٿان پاڻ ڇڏي ڏنو آھي، ۽ نھ وري
اسان گجرات جي محصول جو بچاءُ ڪري سگھيا آھيون.
ان ڪري منھنجي سفارش آھي، تھ موکئي جي سن مان
ملندڙ لوڻ کي گھٽ محصول جي شرح سان برآمد ڪرڻ جي
وري اجازت ڏني وڃي. ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽمس، ڪمشنر
ڪسٽمس سان لکپڙھھ ھلائي، آخري فقري ۾ بيان ڪيل
شرطن جو پورائو ڪندو.
مون کي پوري اميد آھي تھ، جيڪڏھن ھيءُ ڪم سچيتائي
سان ڪيو ويو، تھ جيڪو بھ ھن علائقي ۾ خرچ ڪيو ويو
آھي، سو نڪري ايندو.
انتظامي جوڙجڪ
(١٢٦) ٿر ۽ پارڪر جو علائقو، ڪڇ جي پوليٽيڪل ايجنٽ
ھيٺان آھي. جيئن سنڌ ۾ مئجسٽريٽ ڪم ڪندو آھي، تيئن
ھن علائقي جو مئجسٽريٽ آھي، جيڪو ڪڇ ۾ رھي ٿو.
ضلعي جي انتظاميھ ۽ حضور جون پگھارون ضميمي ر T ۾
ڏسي سگھجن ٿيون. ھنن علائقن کان سواءِ پوليس ۽
روينيو کاتي جي، ٻي ڪا بھ پگھار لاڳاپيل ڪانھ آھي.
مذڪوره علائقا ھيٺين ڪاردارين ۾ ورھايل آھن:
پھرين ڪارداري، ڏيپلي ۽ ٻلھياري تي مشتمل آھي.
ٻي ڪارداريءَ ۾ مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ سنگارو وارا
علائقا شامل آھن.
ٽين ڪارداريءَ ۾ ويرا واه علائقو اچي وڃي ٿو، جنھن
۾ ٿر ۽ پارڪر جون ايراضيون اچي وڃن ٿيون.
(١٢٧) موجوده دؤر ۾ ھر ڪارداريءَ اندر ھڪ ڪاردار ۽
ھڪ نائب ڪاردار مقرر آھي. سرڪاري آفيسر پنھنجي
متعلقھ حدن ۾ انتظامي، روينيو ۽ جڊيشنري جا ڪم
سنڀاليندا آھن.
(1)
(١٢٨) پوليس ۽ جڊيشنل انتظام تي ڳالھائڻ کان اڳ ۾،
مان ڪاردارن تي ڳالھائيندس، جيڪي روينيو کاتي ۾
پنھنجي فرضن جي ادائگي ڪندا رھندا آھن، اھي ٿر
وارن علائقن مان ھر سال مقرر ٿيل ڍل اوڳاڙيندا
آھن. ان سان گڏ پارڪر جي علائقي ۾ ڍل بندي ڪرڻ بھ
سندن ذميواريءَ ۾ شامل آھي. پارڪر ۾ ٿر جيان
آدمشماري ڇڊي پاڊي آھي. ڍل اوڳاڙڻ وارو طريقو ڪيڏو
بھ ترقي يافتھ ڇو نھ ھجي، تھ بھ منجھس گھڻيون ئي
ڏکيائون آھن. تنھن ڪري خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوي
ٿو. اھو ان ڪري آھي، جو زمين جا ھاري ھر سال بدلبا
رھن ٿا، ٻي وري اھا ڳالھھ تھ، ماڻھو اڻ پڙھيل آھن.
پر اھي تڪليفون ھن کان گھٽ آھن، جو ماڻھو ھر ڏينھن
وتي ڀٽن مان ٿر ٿيليندو ۽ رڻ ريليندو ۽ ڪوسيءَ
ٿڌيءَ، مھينن جا مھينا وتي نمبر شماري ڪندو. اچرج
جھڙي ڳالھھ اھا آھي، تھ ڪم دلچسپ ڪونھ آھي، تنھن
ڪري ان ۾ ڪوبھ دلچسپي ڪونھ ٿو وٺي. ان ۾ سڌاري آڻڻ
جي ضرورت آھي. اڳ ۾ بھ ڪي سڌارا آندا ويا ھئا. اھو
ڍل اوڳاڙڻ جو ھڪڙو طريقو جنھن ۾ حڪومت کي اپت ڪانھ
آھي، پر ورلي ورلي آباد ھارين جي مفادن جو بچاءُ
ٿي ويندو آھي. منھنجي خيال ۾، ٿر اندر ڍل اوڳاڙڻ
جو اھو اڪيلو ئي طريقو آھي ۽ مون کي ھن علائقي جي
انتظامي سربراھھ ھئڻ جي ناتي سان، ان علائقي ۾ ڍل
اوڳاڙڻ جي ڪم ۾ ھيٺين سبب ڪري ڪيتريون ئي خاميون ۽
اعتراض ڏسڻ ۾ آيا.
پھريون: ڪجھھ وقت اڳ اسان کي اھا ڄاڻ ڪا نھ ھوندي
ھئي، تھ آباد زمين جو انگ ڪيترو آھي ۽ زمين جي
پيداواري صلاحيت ڪيتري آھي. حقيقت کان گھڻو پري،
ڌڪن تي پيا ڪم ڪڍندا ھئاسين. جو ڪجھھ ھاري
ٻڌائيندو ھو، سو ئي پنھنجو حق سمجھندا ھئاسين. ان
جي وڌيڪ پيداوار تي نظر ڪانھ رکندا ھئاسين ۽ گھڻو
ڪري ھاري پنھنجي مرضيءَ جو مالڪ ھوندو ھو.
ٻيو: ھتي مختلف قبيلا ۽ برادريون آھن، جن جي پاڻ ۾
سدائين اڻبڻت لڳي پئي ھوندي آھي ۽ قبيلن جي سردارن
۾ بھ ٺاھھ ڪونھ ھوندو آھي. تنھن ڪري ڍل جي اوڳڙ
ڪڏھن ھڪڙي قبيلي جو سردار تھ ڪڏھن ٻئي قبيلي جو
سردار ڪندو آھي. ڪنھن اوپري ماڻھوءَ کي اھا
ذميواري ڏبي، تھ ان کي شڪ جي نظر سان ڏٺو ويندو ۽
ماڻھو کيس پسند ڪونھ ڪندا ۽ سندس ڪم ۾ رنڊڪون پيا
وجھندا. تاريخ ٻڌائي ٿي، تھ مشرق ۾ اھڙين ڳالھين
کي فطري طور سٺيءَ نظر سان ڪونھ ڏٺو ويندو آھي. ان
کان سواءِ، اھو ماڻھو ھارين کان، مقرر کان وڌيڪ ڍل
وصول ڪندو آھي. مطلب تھ ھو نھ ماڻھن کان واقف
ھوندو، نھ جوءِ جو ڄاڻو ھوندو، ۽ عام ماڻھو بھ
کانئس نفرت پيا ڪندا.
(١٢٩) ٿر جي علائقي ۾ ڍل پيدا ڪرڻ جو وڌ ۾ وڌ سٺو
طريقو اھو آھي، تھ مختلف ٿرن جون زمينون اتان جي
برادري جي پٽيلن ۽ قبيلن جي سردارن جي حوالي ڪيون
وڃن. پر ان معاشري ۾ ڪي برادريون ڏاڍيون آزاد طبع
آھن، زمينن جا دنگ ڪيل ڪونھ آھن، جيڪي ڍل جي ھن
طريقھءِ ڪار ۾ وڏي رنڊڪ جي حيثيت رکن ٿيون. جيڪڏھن
انھن سڀني ڳالھين تي ويچارجي ٿو، تھ دل ۾ شڪ اڀري
ٿو، تھ ٿر جي پراڻي معاشري ۾ ڍل جو ھيءُ نئون
طريقو ڪامياب ويندو يا نھ، يا جيڪڏھن روينيو جي
عملي کي ڍل اوڳاڙڻ جي پراڻي طريقي بابت باقاعدي
سکيا ڏبي، تھ ان جو نتيجو ڇا نڪرندو، قبيلن جي
سردارن ۽ ماڻھن جي سھڪار سان اسان ڍل جو نئون نظام
رائج ڪيو آھي، نھ تھ اھو سالن کان پوءِ بھ رائج
ڪونھ ٿي سگھي ھا. حقيقت ھيءَ آھي، تھ وڏي سکيا کان
پوءِ، جيڪڏھن اھا نواڻ آندي وڃي ھا، تھ ڪاميابيءَ
جو گھڻو يقين ھو. بحث طلب نقطو اھو بھ آھي، تھ
حڪومت جي ڍل گھٽ اڳڙڻ جو پھريون مرحلو ئي اھو آھي.
ان جي برخلاف اسان ماڻھن کي خوش ڪرڻ ۾ لڳا پيا
آھيون. اسان اھا ڪوشش ڪري رھيا آھيون، تھ ماڻھن جو
ھيٺيون ۽ مٿيون طبقو برطانيھ سرڪار کي انصاف پسند
۽ سٺو سمجھي. ان ڳالھھ کي نظر ۾ رکي، جيڪو بھ قدم
کنيو وڃي، يا جيڪو بھ انتظام ڪيو وڃي، ان مان اھڙي
تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، تھ برطانيھ سرڪار عام
ماڻھوءَ جي ڀلي جي خواھشمند آھي ۽ سندن بھتري ۽
بھبود لاءِ پاڻ پتوڙي رھي آھي. ان کان سواءِ اسان
وٽ، ڍل جي اوڳاڙي اڃا تائين پراڻي طريقي واري ٿئي
ٿي. ايستائين جو اھي سڀ ڳالھيون ڍل جو نئون طريقو
رائج ڪرڻ گھرن ٿيون. ڍل جي داخلا جو بھ طريقو اھڙو
آھي، جنھن لاءِ پڻ ١٨٥٥ع ۾ ڪمشنر جي منظوريءَ جي
ضرورت پئي ھئي.(1)
ھن ڪيتري ئي زمين جي ڍل جي مختلف طريقن متعلق ڌار
ڌار خيالن کي ملائي ٺيڪ ڪرڻ جي سھائتا ڪئي ھئي، جن
اڳتي ھلي مقرر ڍل جي صورت اختيار ڪئي ھئي.
(١٣٠) ان کان سواءِ ڍل جي ھن سڌي طريقي ڪري،
اختياريءَ وارا يورپي ماڻھو، عوام سان سڌي رابطي ۾
آيا آھن ۽ حاڪم ۽ محڪوم طبقي جو پاڻ ۾ سڌو سنئون
واسطو ٿيو آھي. اڳي اھو طريقو رائج ڪونھ ھو. ڍل اڻ
سڌي طرح قبيلن جي سردارن معرفت اوڳاڙي ويندي ھئي،
قبيلن اندر ٿورا ٿورا اختلاف بھ اھي پٽيل نبيري
ڇڏيندا ھئا. عوام کي سرڪار جي اثر رسوخ ۾ آڻڻ بھ
سندن ذميواري ھوندي ھئي. ھاڻوڪا حاڪم اڳين کان
وڌيڪ سگھھ ڀريا آھن. اسان ان ڳالھھ کان باخبر
آھيون، تھ شھرت ۽ ناموري ھڪ خيالي شيءِ آھي، ۽ نيم
مھذب وڳوڙي ۽ ڌار قوم کي مھذب ۽ پرامن بڻائڻ
لاءِ، ڪوششون ڪري، ان کي پنھنجو بڻائي سگھجي ٿو.
ٿرجي اڻ پڙھيل جھانگي ماڻھن سان جيڪڏھن يورپ جا
مھذب ۽ پڙھيل سڌريل لھھ وچڙ ۾ اچن، تھ کين انصاف،
وقار ۽ شان جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي، ڇو تھ ھو ھڪ وڏي
شھنشاھت جا نمائندا آھن. منجھن جيڪي ننڍڙا جھيڙا
جھڳڙا ٿين ٿا، تن کي نبيرڻ ڏانھن ڌيان ڏجي. صبر
سان سندن شڪايتون ٻڌجن ۽ دور ڪجن. ماڻھن جي وچ ۾
انصاف قائم ڪبو، تھ اڻ پڙھيل ماڻھو بھ سدائين پيو
ڳڻ ڳائيندو. ھن طريقي سان ڳوٺاڻو اٻوجھھ ماڻھو بھ
ويجھو اچڻ جي ڪوشش پيو ڪندو. منھنجو پنھنجو خيال
آھي، تھ حڪومت جي بالادستيءَ لاءِ ھنن مقامي ماڻھن
مٿان ڪنھن جو شخصي اثر ۽ پوليس ۽ فوجي اثر کان
وڌيڪ طاقت ڀريو آھي. حقيقت بھ اھا آھي، تھ ماڻھن
مٿان شخصي اثر رستي، انگريز سرڪار جي بالادستي
قائم ٿي آھي، جنھن ڪري مشرق ۾ ھڪ وڏي رياست جو
قيام عمل ۾ آيو آھي.
(١٣١) عدالتي پوليٽيڪل ايجنٽ، ڊپٽي ڪليڪٽر ۽
مئجسٽريٽ جي حيثيت ۾ ڪيس ھلائي، پوليٽيڪل ايجنٽ
ڏانھن رجوع ڪندو ھو. ان کان پوءِ، ڪرنل رابرٽس
جڏھن ڪڇ مان ھليو ويو، تھ ٿر ۽ پارڪر جا عدالتي
مامرا، مئجسٽريٽ نبيرڻ لڳا. شروع ۾ مئجسٽريٽ کي ھڪ
سال جيل جي سزا ڏيڻ جو اختيار ھو، پر بعد ۾ کين
ستن سالن تائين سزا ڏيڻ جا اختيار ڏنا ويا.(1)
خطرناڪ ڏوھن لاءِ، سنڌ جي ڪمشنر کان منظوري ورتي
ويندي ھئي.
(١٣٢) ١٨٥٥ع ۾ مئجسٽريٽ آڏو ٢٦ ماڻھن خلاف عدالتي
معاملا آندا ويا. جن مان ١٩ اٺن جي چورين جا ڪيس
ھئا، تھ چار چوريءَ جي ملڪيت رکڻ بابت ھئا. ٻھ ڪيس
چوريءَ ۾ جھٽ ھجڻ بابت ۽ ھڪ غير قانوني طور آفيم
وڪڻڻ جي ڏوھھ ۾ گرفتار ھو. ٢٦ ڏوھين مان ٢٠ ٿر ۽
پارڪر جا رھواسي ھئا، باقي ٻيا ڀروارن علائقن جا
رھندڙ ھئا. ھڪ سال ۾ عدالتي معاملن جو ٿرپارڪر ۾
ھيءُ گھٽ انگ ھڪ چڱي ڳالھھ آھي. خطرناڪ ڏوھھ ھتي
گھٽ ٿيندا آھن. پر جيڪڏھن ٿيندا آھن، تھ اھي لڄالٽ
وارا ھوندا آھن. ٻئي ملڪ جيان ٿر ۾ مرد ويچارو
ناڪام ۽ عورت ڪمزور آھي. ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ٿر ۽
پارڪر ۾ ھن قسم جو ڏوھھ بھ تمام گھٽ آھي.
(١٣٣) سنڌ جي ڀاڱن جي ڏوھن جي انگ جو پتو ڪونھ ٿو
پوي، تنھن ڪري اھو اندازو ڪرڻ ڏکيو آھي، تھ ٻين
علائقن جي ڀيٽ ۾ ٿر ۽ پارڪر ۾ ڏوھن جو تناسب ڇا
آھي. سنڌ جي ڪمشنر ڊسمبر ١٨٥٤ع ۽ جنوري ١٨٥٥ع ۾ ٿر
۽ پارڪر جو تفصيلي دورو ڪيو ھو ۽ ٿر جي عام حالتن،
خاص طور ڏوھن جي گھٽ ھجڻ ڪري، ڏاڍو خوش ٿيو ھو. ھن
حڪومت ڏانھن موڪليل لکپڙھھ ۾ ھن ريت پنھنجو ذاتي
رايو لکيو. ”ھن کان وڌيڪ خوشيءَ جھڙي ٻي ڳالھھ
ڪانھ آھي، تھ ٢٠ سالن اندر ھيڏي وڏي تبديلي آئي
آھي.“ امن آشتي واريون اھي حقيقتون ڪرنل رابرٽس جي
١٨٤٤ع ۾ رائج ڪيل نئين نظام جو نتيجو آھن.
(١٣٤) سنڌ ۾ عام طور رائج عدالتي طريقو ھيءُ ھيو
تھ، ڪاردار کي ھر عدالتي معاملي ھلائڻ جا اختيار
ھوندا ھئا. پر ٿرپارڪر ۾ اھڙو سرشتو موجود ڪونھ
ھو، تنھن جا سبب اوھان کي ھيٺين فقرن ۾ ملي ويندا،
جيڪي سنڌ جي ڪمشنر ڏانھن موڪليل رپورٽ جو اختصار
آھن:
”ڪاردار ھن وقت تائين ڍل جي معاملن ۾ مس پورا رھيا
آھن. ھاڻي ڊپ آھي، تھ نئين رائج ٿيندڙ عدالتي
سرشتي ۾ بھ، سندن عمل دخل رھندو. ھن وقت تائين
منھنجو ڌيان زمين جي وڌندڙ آباديءَ ۽ ٿر جي مختلف
قبيلن مان ڌاڙي ۽ ڦرلٽ جي عادت ڇڏائڻ ڏانھن ھو.
اھي ڪاردار اڳتي ھلي، مذڪوره ماڻھن جي چڱي ريت مدد
ڪري سگھندا.“
”ٿر جي علائقي ۾ مختلف قبيلن جا ھڪٻئي تي عدالتي
مامرا تمام گھٽ آھن. جڏھن اھڙا مامرا ٿيندا آھن، ۽
ڌرين ۾ ٺھراءُ ممڪن ڪونھ ھوندو آھي، تھ ٻنھي ڌرين
جا بيان ٻڌي، سندن معاملو ٽياڪڙي ڏانھن موڪليو
ويندو آھي. ٽياڪڙي يا امين اھڙن معاملن ۾ گھڻو ڪري
ڪامياب ويندو آھي. فيصلو، انصاف جي پراڻن طريقن
مطابق ڪيو ويندو آھي ۽ ٻئي ڌريون ان کي قبول ڪرڻ
لاءِ ٻڌل ھونديون آھن. جيڪڏھن ان معاملي جي جديد
قانوني نقطھءِ نظر ۽ باريڪ بينيءَ سان جاچ پڙتال
ڪرائبي، تھ فيصلو طئي ٿي ڪونھ سگھندو. اھڙا فيصلا
طئي ڪرڻ لاءِ پئنچائت ويھندي آھي. پئنچائت جا
ميمبر ان علائقي سان واسطو رکندا آھن، جن کي فيصلي
سان لاڳاپيل حقيقتن جي گھڻي ڄاڻ ھوندي آھي. سر
پئنچ ڊپٽي ڪليڪٽر ھوندو آھي، جيڪو انياءُ سمجھي
ويندو آھي. فيصلي ڪرڻ لاءِ ھن کان وڌيڪ ٻي تمنا
ڪونھ ڪندا آھن، تھ فيصلو سندن زير نظر ٿئي.“
”ٿر جي علائقن جو مفاصلو، مقامي آفيسرن مٿان
نظرداري، جن کي ٻين ذميدارين سان گڏ عدالتي ڪم بھ
سونپيا ويا آھن، انھن حالتن ۾ منھنجي نماڻي خيال
موجب، عدالتي سرشتي ۾ مذڪوره انتظام ھن قسم جي
معاشري بدران ڪنھن وڌيڪ مھذب معاشري لاءِ جڳائن
ٿا. کانئن ڪورٽ في ورتي وڃي ٿي. سندن فيصلو سندن
ئي چونڊيل پئنچائت ڪري ٿي. جن جي شراڪت کان سواءِ،
ٿر جا ماڻھو، ڪو بھ فيصلو قابل قبول ڪونھ سمجھندا
آھن.“
”اھڙين حالتن ۽ احساسن سبب اسان کي پورو ويساه
آھي، تھ ٿر جا ماڻھو تھذيب ۽ ثقافت جي ڏس ۾ ترقي
ڪري، ان معيار تي ڪونھ پھتا آھن، جو عدالت جي ترقي
يافتھ معاملن کي جاچي پرکي سگھن. ان سان گڏ دل ۾
ھڪ ٻي ڳالھھ جو پڻ کٽڪو رھي ٿو، تھ ڪاردارن کي
وڌيڪ عدالتي اختيار سونپيا ويا آھن. اھا بھ مشڪل
درپيش ايندي، تھ ڪاردارن جي عدالتي مشيرن لاءِ ٿر
جي ٽڙيل پکڙيل قبيلن مان ڪن ھوشيار پرين مڙسن جي
چونڊ ڪرڻي پوندي، جن کي عدالتي معاملن ھلائڻ جي سڌ
وغيره ڪانھ آھي. تنھن ڪري صحيح اھو سمجھان ٿو، تھ
سنڌ جي ٻين حصن ۾ جيڪو عدالتي طريقو رائج ڪري رھيا
آھيون، تنھن کي ھن ٿر واري علائقي ۾ ڪجھھ وقت لاءِ
مھمل رکيو وڃي.“
(١٣٥) ١٨٥٢ع ۾ سنڌ ۾ جي عدالتي سڌارا آندا ويا ھئا
۽ ٿر ۽ پارڪر لاءِ بھ ڪوشش ڪئي وئي ھئي، تھ اتي بھ
ساڳيا عدالتي سڌارا نافذ ڪيا وڃن. پر ڪن حالتن کان
مجبور ٿي، اھڙن سڌارن کي ٿر ۽ پارڪر وارن علائقن ۾
مھمل رکيو ويو. ان کان پوءِ، اتان جي ماڻھن کي
شعور ۽ سکيا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تھ جيئن اڳتي
ٿيندڙ عدالتي سرشتي جي ھڪجھڙائي ھتي بھ قائم ٿي
سگھي. ان ڏس ۾ جيڪي بھ قدم کنيا ويا، سي ١٨٥٣ع ۾
رپورٽ ڪيا ويا ھئا.
”عدالتي طريقي کي گھڻو ڪونھ سڌاريو ويو آھي. ٿر جي
معزز سردارن ۽ ٻين باشعور ماڻھن مان لاڀ پرائڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي آھي. اھي عدالتي معاملا جيڪي غور ڪرڻ
۽ فيصلي لاءِ رکيل آھن، تن ۾ کين مشير جي سکيا ڏني
ويندي. کين پوريءَ ريت سمجھايو ويو آھي، تھ علائقن
۾ ھلندڙ عدالتي معاملا ڪيئن نبيرجن ۽ انھن مامرن
کي اڪلائڻ وقت سندن ذميواري ڪھڙي ھوندي.“
”اڳئين ڀيري ٿر جي گشت مان اتان جي ڪاردارن کي
گھڻو ڪجھھ فائدو پيو ھو ۽ مان شخصي طور کين عدالت
جي موجوده سڌاريل طريقي جي مقصدن متعلق گھڻو
سمجھايو ھو. ھاڻي مون کين عدالت جي طريقھءِ ڪار جي
تفصيل سمجھڻ متعلق فارم پڻ ڏنا آھن، تھ جيئن ھو
ديواني ۽ فوجداري معاملن کي چڱيءَ ريت پروڙي سگھن.
انھن معاملن کي ھلائڻ لاءِ، سندن رھنمائيءَ واسطي،
مٿئين مثال جيان، اوھان جي ھدايتن تي چڱيءَ ريت
عمل ڪيو ويو آھي. ڪن خاص حالتن تحت مقامي عملدارن
جي ھدايتن لاءِ، رائج اصول کان ڪڏھن منھن موڙيو بھ
ويندو آھي. انھن خاص ڳالھين جو ذڪر ھيٺ ڪيو
ويندو.“
(١٣٦) ١٨٥٨ع ۾ ٿر ۽ پارڪر جي علائقن اندر عدالتي
سرشتي ۾ تبديلين جي ضرورت محسوس ڪئي وئي، ان متعلق
مٿي اطلاع پڻ ڏنا ويا. بعد ۾ اھي سڌارا منظور ڪيا
ويا.
”ٿر علائقي جي عدالتي معاملن ۾ ڪجھھ نئين تبديلي
آندي وئي آھي، جنھن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آھي. اڳ ۾
قاعدو اھو ھوندو ھو، تھ ديواني معاملن جي ڪورٽ في
ڪانھ ورتي ويندي ھئي ۽ جيوري جي ميمبرن کي بھ ڪو
معاوضو ڪونھ ملندو ھو. ان قاعدي ۾ ڪجھھ سڌارو آندو
ويو آھي. ڪاردارن کي ھدايت ڪئي وئي آھي، تھ ديواني
مقدمن تان في سيڪڙي ڪورٽ في وٺن ۽ واپاري طبقي جي
انھن ماڻھن کي ڏيڍ روپيھ ڏھاڙيءَ جي حساب سان ڏين،
جيڪي ديواني مقدمن ۾ جيوريءَ طور پنھنجو وقت
سيڙائن ٿا.“
قبيلن جا سردار ۽ پٽيل، جن کي سرڪار طرفان اڳيئي
رعايتون مليل آھن، سي انھن عدالتي معاملن ۾ پيش
ٿي، ھيءُ معاوضو وٺي احسان مند ڪونھ ٿيندا. مون کي
توقع آھي، تھ ديواني مقدمن تي وصول ٿيندڙ في سيڪڙي
وارو محصول مشاورت جي سڀني ميمبرن کي معاوضي طور
پورو پئي سگھندو.
”ديواني مقدمن جي طريقھءِ ڪار ۾ باقاعدگي ۽ وقت جي
پابنديءَ کي وڌيڪ اھميت ڏني ويندي. مون ڪاردارن کي
وقت سر نوٽيس ڪڍڻ جي ھدايت ڪئي آھي. متعلقھ نوٽيس
ھر مھيني جي ٢٠ تاريخ تي ڪڍيا وڃن ۽ لاڳاپيل
ديواني معاملا ان کان پوءِ، ايندڙ مھيني جي ٥ کان
پوءِ شنوائيءَ لاءِ رکيا وڃن.
(١٣٧) اھڙيءَ ريت في الحال، مشيرن جي مدد سان،
ڪاردارن، ٿر ۽ پارڪر جي علائقن ۾ ننڍڙا فوجداري
معاملا ھلائڻ شروع ڪيا آھن. ضروري ڪارروائي کان
پوءِ، فيصلي جي فتويٰ منظوريءَ لاءِ مئجسٽريٽ
ڏانھن موڪلي ويندي آھي. اھڙيءَ ريت ھلڪا ھلڪا
ديواني مقدما بھ مشيرن جي مدد سان ڪاردار طئي ڪن
ٿا. ۽ اھي فوجداري مقدمن جيان منظوريءَ لاءِ
مئسجٽريٽ ڏانھن موڪليا وڃن ٿا. جيتري قدر حالتون
راءِ جي اظھار جي اجازت ڏين ٿيون، تھ فقط ايترو ئي
چئي سگھجي ٿو، تھ ٿر جي ماڻھن جي سماجي حالتن ۽
موجوده ضرورتن مطابق، رائج عدالتي طريقو ڏاڍو
ڪامياب وڃي رھيو آھي. اھم ڳالھھ اھا بھ آھي، تھ
خود ھتان جا ماڻھو بھ ھن سرشتي مان خوش آھن.
(1) Consequent on the salt monopoly,
it is difficult to ascertain what value
should be attached to the Mokye Salt
Lake as a source capable of yielding
revenue; whence the cause of its being
spoken of as "considerable." The
monopoly gives a fictitious value to the
article in this as in all similar cases;
and it may therefore be argued that only
the amount of revenue derived therefrom,
supposing the monopoly to have ceased,
and the salt of the Thurr to be brought
into unrestricted competition with the
salt produced elsewhere, can be
considered as the value of this source
of revenue. On the other hand, large
quantities of salt were formerly
exported from the Thurr, yielding a
considerable revenue; now the export is
prohibited, with the view of protecting
and increasing the demand at out other
salt works. The increase therefore of
revenue, consequent on an increased
demand, if there be any, should at any
rate partially be attributed to the
closing of the Thurr salt lake, and a
liberal credit allowed to the Thurr for
having thus benefited indirectly the
general revenue from the salt monopoly.
If, however, there is not an increased
demand at our salt works, consequent on
the closing of the Thurr salt, it
becomes a question how far the working
of the Thurr salt lake would affect our
other works. All that I wish to maintain
is, that the closing of the Mokye Salt
Lake either benefits the general revenue
derived from the salt monopoly, or it
does not: in the former case, the Thurr
and Parkar Collectorate appears entitled
to credit on this account; in the
latter, the natural inference is that
the working of the Thurr salt lake would
not interfere with our salt works
generally, and go far to make up the
deficit in the Thurr and Parkar revenue.
(1) All the correspondence with the
Kardars, trials, accounts, c., is
carried on in the Guzeratee language;
the colloquial appears to be a mixture
of Kutchee and Sindhee, the Hindoos
adhering more to the former, and the
Mahomadans to the latter: Guzeratee,
however, is generally understood, and is
daily becoming more so.
(1) It should never be, hastily
concluded, because the country is
comparatively barren or tingly populated
that therefore such divisions are
uncertain or unknown. In the Thurr
districts, for instance, every one of
the widely scattered fields, and even
every sand hill has its name and owner;
and all are registered by the Guzeratee
accountants employed there with a degree
of system and accuracy unknown in any of
the more fertile districts in Sindh. It
is very probable that careful inquiry
will show that, in many similar
localities, where no names or divisions
are now known to us, they exist and are
well known to the inhabitants, however
scattered the latter may be.
(1) Prisoners sentenced to six
months imprisonment and less are
incarcerated in the hill fort of Bhooj
Jail, in charge of the military
authorities; otherwise they are
forwarded to Hyderabad to undergo their
sentence.
|