سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سمن جي سلطنت

باب: --

صفحو :9

 

حوالا ۽ حاشيه

 

(1)              مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ (سنڌي) ص9

(2)             ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ ص149-156 سال 1980ع زيب ادبي مرڪز حيدرآباد

(3)             جنب گذاريم جن سين جلد2 ص495 سنڌي ادبي بورڊ، سال 1979ع

(4)             ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ جلد1 ص43

(5)              ڊاڪٽر غلام علي الانه: ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ ص55-66 سنڌ الاجي، سال 1979ع

(6)             ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ”روح رهاڻ“ ص55

(7)             ايم. ايڇ.پنهور ”سنڌ-ڪڇ رليشنس“ ص12-13

(8)             سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي ص16-46

(9)             هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ سال 1977ع ۾ ڇپيو آهي.

(10)         ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”ٻيلاين جا ٻول“ ص13، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد سال1970ع

(11)          سنڌ جي هندن جي تاريخ جلد1 ص44

(12)         ٻيلاين جا ٻول ص13-22

(13)         سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي ص114-115

(14)         رپورٽ روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي 6 مارچ 1987ع

(15)          سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي حاشيو ص114

- هي اقتباس ڄام غلام قادر جي هڪ تقرير جو آهي. هيءَ تقرير ڄام صاحب بلوچستان جي حاڪم اعليٰ جي حيثيت ۾ ڀٽي صاحب جي دور حڪومت ۾ ڪئي هئي.

(16)         ايم . ايڇ پنهور: ”سنڌ – ڪڇ رليشنس“ ص7


 

 

 

 

(6)

متفرقات

 

سمن جي سلطنت جو تفصيلي اڀياس گذريل صفحن ۾ اچي چڪو آهي. هت ڪجهه وڌيڪ عنوانن تي روشني وجهجي ٿي، جن جو هن دور جي تاريخ سان وڏو واسطو آهي.

فارسي ڪتبا

اچ جي علمي محفل اجڙڻ کان پوءِ وري تغلق گهراڻي سنڌ ۾ فارسي زبان کي سرڪاري هيثيت ۾ بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هتان مليل چار اوائلي فارسي ڪتبا، ان ڏس ۾ ٺوس مطالعو مهيا ڪن ٿا. هنن ڪتبن جي آڌار تي هي اندازو ڪيو ويو ته سمن جي دور ۾ فارسي هتان جي درٻاري ٻولي هئي. حقيقت ۾ هي ڪتبا فيروز تغلق جي عهد ۾ لڳا ۽ انهن جو سنڌ جي خودمختيار سمن ڄامن سان ڪوبه واسطو ڪونهي. دهلي سلطنت جي ڪمزور ٿيڻ بعد سنڌ جي سمن حاڪمن هڪ ڀيرو وري عربي زبان کي سرڪاري ۽ علمي ٻوليءَ طور قبول ڪيو.(1) انهن جي پنهنجي تعميرات ۾ نوي سيڪڙو ڪتبا عربي زبان ۾ هنيا ويا. بهرحال، سنڌ جي فارسي علم ۽ ادب توڙي سياسي تاريخ جي حوالي سان هنن اوائلي فارسي ڪتبن جي وڏي اهميت آهي. ان ڪري انهن کي هت ڏجي ٿو.

ڪتبو محمد تغلق: سنڌ تي حملي وقت محمد شاه تغلق، ٺٽي جي ڀرسان سونڍا وٽ فوت ٿيو. فيروز تغلق نئون بادشاه ٿيو ۽ هن حملي ڪرڻ بجاءِ دهليءَ طرف واپس رخ رکيو. فوت ٿيل بادشاه محمد تغلق کي عارضي طور قلندر شهباز جي مزار جي اولهه ۾ دفنايو ويو. سيوهڻ ۾ سندس عارضي مدفن تي جيڪي تعميرات ٿيا، عالمن اتان هڪ فارسي ڪتبو دريافت ڪيو آهي. هن ڪتبي جي آڌار تي تاريخ جي هڪ اهم مسئلي کي حل ڪيو ويو آهي. هي ڪتبو هن ريت آهي:

جهان مردم کش اي دل! مباش از جان وفادارش

که جزکين وجفا نامد ز بيدادي دگر کارش

تو از حال محمد شاه برگير اعتبار از وي

که چون اورنگ شاهي در ربود اين دور غدارش

شهنشاهست اين اي خواجه کش بيني بہ خاک اندر

که همچون بندگان بودند شاهان جهاندارش

اگرچه پيش ازين صدبار دربارش چنان ديدي

کنون چشم خرد بکشا، در اينجا بنگر اين بارش

جهان بکشاد از مردي وبخشيد از جوان مردي

بدهر از کوشش وبخشش فراوان بود کردارش

شد از ماه محرم بيست ويک کاندر شب شنبہ

گذشتہ هفصد وپنجاه دو شد عزم آن دارش

بعهد دولت فيروز شاه خسرو گيتي

که يزدان برسرير سلطنت بادا نگهدارش

بران سلطان دين پرور بر آمد اين چنين گنبد

که آمد پيش پائي گنبد گردون دوارش

بسال هفصد وپنجاه وچار از هجرت احمد

قبول بندهء درگاه او سرمست معمارش(2)

ڪتبو مرقد سيد علي: سيد علي سنڌ جو آڳاٽو درويش ٿي گذريو آهي. سندس مرقد تي لڳل ڪتبو پڻ فيروز تغلق جو يادگار آهي:

شد بناي گنبذ عالي بعهد شهريار

شاه فيروز آنکه بگرفته است زور گيتي قرار

مي سزد مر بندهء سرگاه شاه دهررا

گر کند در سرفرازي برسلاطين افتخار

برسر قبر ولي الله علاء الحق علي

بود از بغداد اندر صف پاکان شہ سوار

[بس] بزرگ وباکرامت بود اين مرد عزيز

هر زبان بادا بقبرش رحمت ايزد نثار

هفتم از ماه صفر مبني شد اين مرقد بہ سال

هفصد وپنجاه وهفت از هجرت احمد شمار

کرد بنيادش ملک سيرت ملک ارشد که او

هست اندر عدل وبذل وخلق واحسان نامدار

چونکه ذات او درين شهر سيوستان آمده

تازه از سرگشت آن بقعه بسان نوبهار(3)

ڪتبو مزار قلندر شهباز: مخدوم عثمان قلندر شهباز، سومرن جي دور ۾ سيوهڻ پهتو. سندس مزار تي فيروز تغلق مقبري جي اوائلي اڏاوت ڪرائي. هت ڏنل ڪتبي مان هيءَ حقيقت ظاهر ٿئي ٿي:

بعهد دولت فيروز شہ سلطان دين پرور

که خاک در گهش سازند شاهان جهان افسر

ازان گاهي که بر تخت شهنشاهي نشست آن شه

سراسر گشت گيتي از شعاع دولتش انور

عمارت شد مقام شيخ عثمان مرندي، کو

ولي الله باز اسفيد، مير بحر بود وبر

اگرچه اوليا اندر زمان شيخ بس بودند

ولاکن در کرامت بود او از همگنان برتر

چه زيبا بارگاهي شد بهفت طاق شش گنبد(کذا)

که رنگ نه فلک گشته زرشک بام او اخضر

بروز هفتم از ماه رجب مبني شد اين روضه

بسال هفصد وپنجاه وهفت از هجرت مهتر

بنايش کرد والي اختيارالدين ملک ارشد

امير عادل وباذل، تهمتن، ثاني اسکندر

که تابود است سيوستان نه بود است اين چنين والي

تقي ومشفق ومکرم، سخي وپاک دين ديگر

اميد آن ست مي يابد جزايء اين چنين خيري

هزاران قصر در جنت بفضل ايزد اکبر(4)

سنڌ جي هن قديم ۽ تاريخي درگاه تي پوءِ جدا جدا حاڪمن تعمير ڪرائي واڌارا ڪيا ۽ فارسي ڪتبن ذريعي اهڙن اضافن جي نشاندهي ٿيندي رهي. 25 جولاءِ 1994ع تي سخت بارشن کان پوءِ قديم درگاه جو گنبذ اچي پٽ تي پيو ۽ ويٺل زيارتين مان ست ماڻهو موقعي تي شهيد ٿي ويا. هن واقعي کان پوءِ محترمه بي نظير ڀٽو وزيراعظم پاڪستان جي هدايتن تحت سڄي مقبري جي نئين سر تعميرات جو ڪم شروع ڪيو ويو، جنهن جي نگراني سيد عبدالله شاه وزيراعليٰ سنڌ ڪري رهيو آهي. چئي نٿو سگهجي ته مقبري جي جديد اڏاوت وقت انهن تاريخي ڪتبن جو ڇا ٿيندو، جي جدا جدا دورن ۾ درگاه تي نصب ٿيندا رهيا؟

ڪتبو مزار شيخ ترابي: مير علي شير قانع سندس نالو شيخ ابوتراب عرف حاجي ترابي لکيو آهي. هي سنڌ ۾ عباسي خليفن جي دور ۾ ذميدار انتظامي آفيسر هو. هن کي شهادت ملڻ ۽ تبع تابع هجڻ سبب وڏي عزت حاصل ٿي. سن171هه/787ع ۾ سندس مزار تعمير ٿي.(5) شيخ ابوتراب جو مقبرو گجي جي ڀر ۾ آهي. فيروز تغلق جي دور ۾ جڏهن ڄام جوڻو، ٻيون ڀيرو سنڌ جو حڪمران هو، تڏهن هتي مقبرو ٺاهيو ويو. هت لڳل فارسي ڪتبي ۾ جوڻي جو نالو به ظاهر آهي ته فيروز تغلق جو اسم به نمايان آهي. اصلي ڪتبو هن وقت سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ محفوظ آهي.

بعهد شهر يار دهر سلطان داور [کذا]

شهه فيروز منصور ومظفر در صف شاهان

بامر سرفراز هند خاص حضرت عالي

که پائي قدر او اعلا زفر فرقد تابان

ستوده جام جم سيرت علاءالدين دريا دل

که از مهماني لطفش جهان شد جمله آبادان

برآمد اين چنين گنبد معلا کز صفا، گوئي

بسان بيت معمور آمد ست از بار اين ايوان

مقام شيخ هاجي بوترابي آن ولي الله

که بر درگاه او گردد روا، حاجات خلق آسان

بسال هفصد وهشتاد ودو از هجرت احمد

زعون ايزد ذوالمن والافضال والاحسان

بنا شد، ثالث ماه صفر، اين روضئه ميمون

بسعي کمترين بندگان موسيٰ بن شهجان(6)

عربي ڪتبا

سمن جي دور جي فارسي ڪتبن جي اڀياس کان پوءِ ضروري آهي ته هن دور جا عربي ڪتبا پڻ مطالعي هيٺ آڻجن. فيروز تغلق جي وفات (1388ع) کان پوءِ سمن ڄامن سنڌ تي نهايت آزادي ۽ وقار سان بادشاهي ڪئي. هن واقعي کان پوءِ شيخ حماد جماليءَ، ڄامن کي حڪم ڪيو ته آئنده پير پٺي جي بجاءِ مڪليءَ تي پنهنجو قبرستان مقرر ڪيو. ان ريت مڪليءَ جي اترئين ڇيڙي تي سمن جو قبرستان وجود ۾ آيو، جتي ڄامن جا مقبرا، قبرون، چوڪنڊون ۽ ٻيا تعميرات موجود آهن. هن وقت اڪثر تعميرات ڊهي ڍير ٿي ويا آهن. البته اڄ تائين جيڪي بچي ويا آهن، انهن تي بادشاهن جا نالا، لقب، تعميرات جون تاريخون ۽ ڪاريگرن جا نالا وغيره، سڀ جا سڀ عربي ڪتبن ذريعي نشانبر ڪيل آهن. ان ريت سمن ڄامن پاران ٻولين بابت اختيار ڪيل پاليسي متعين ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. قرآني آيتن ۽ حديثن کي ڇڏي، تاريخي نوعيت جا عربي ڪتبا هيٺ ڏجن ٿا:

قبو ڄام صلاح الدين: هي قبو دريا خان جي مدفن جي ويجهو آهي. ان جي اندرين ديوار تي هي ڪتبو آهي:

هٰذا المقام للراجي الي رحمة الله تعاليٰ جام صلاح الدين بن ملک انر بن ملک راهو بن ملک رائيدنه بن ملک راهو بن فيروز شاه سلطان 870هه.(7)

ڄام تغلق: سمن جي مقام ۾ هڪ قبو آهي. ڪتبو هي اٿس:

قبه مندرسه خشتي جام تغلق بنا کرده جام تماچي 821هه.(8)

ڄام نظام الدين جي ارد گرد هڪ مقبرو: هن ۾ اندر اولهه طرف کان محراب جي ساڄي پاسي واري ديوار ۾ پٿر جو هڪ ڪتبو سال 878هه جو لڳل آهي. عبارت هيءَ اٿس:

(1)  .........

(2) هٰذا المقام للراجي الي [رحمة الله] تعاليٰ تهميد العمارت باء مرتاج الدنيا و

(3) الدين ميان تاج الدين همشيره ميان فتح خان

(الف) بن سلطان نظام الدين شاه خلد

(ب) ملک وسلطانه في سنہ ثمان وسبعين وثمان مائة

(ج) در ماه ربيع الاول روز پنجشنبه(9)

ڄام نظام الدين جي ارد گرد هڪ ٻيو مقبرو: هن مقبري جي ڪتبن جو اڀياس هن ريت ٿي سگهيو آهي:

(1)              هٰذا المقام الراجي الي رحمة الله تعاليٰ ملک راج بال بن

(2)             ملڪ انر بن ملک راهو بن ملک رايدهن بن ملک راهو بن فيروز

(3)             شاه سلطان. اللّٰهم برد مصجعہ ونور قبره وانس وحشه.(10)

دريا خان جو مدفن: دولهه دريا خان جي قبر تي سيرانديءَ کان هي ڪتبو آهي:

يا الله

هٰذا مرقد المعطر

للخان الاعظم

شهيد مبارک خان

ابن سلطان نظام الدين(11)

هي ڪم سندس پٽ احمد جي نگرانيءَ ۾ ٿيو.

احمد بن دريا خان

غفرالله لہ(12)

سن 895هه ۾ دريا خان پنهنجي مقبري جو احاطو ٺهرائڻ شروع ڪيو. اوڀر واري دروازي کان ٻاهرين پيشانيءَ تي هي ڪتبو آهي، جنهن ۾ ٺهڻ جو سال آهي:

هٰذا المقام في زمان خان الاعظم ميان مبارک خان بن سلطان نظام الدين شاه سخي حبيب الله. آغاز بنياد من جمادي الاول سنه خمس وتسعين وثمان مائة.(13)

ڏکڻ واري دروازي جي ٻاهران پيشانيءَ تي هي ڪتبو آهي:

هٰذا المقام بامر خان الاعظم مبارک خان بن سلطان نظام الدين شاه بن صدر الدين شاه بن صلاح الدين شاه بن سلطان رڪن الدين شاه وهو المظفر علي مغلان الهري والقندهار کتبه قطب الدين بن محمود – احمد بن دريا خان غفر الله لہ.(14)

ڄام نظام الدين جو مقبرو: مقبري جي اترين ديوار جي بند ٿيل دروازي جي پيشانيءَ تي هي ڪتبو آهي:

هٰذا مرقدا ببناء القبة الرفيعة (المنيعة) السلطان الاعظم والخاقان الاعدل الاکرم، ناصر الحق والدنيا والدين، ابو الفتح السلطان فيروز شاه، علي مرقد ابينہ السلطان نظام الدين شاه بن السلطان صدر الدين شاه بن السلطان صلاح الدين شاه بن السلطان رڪن الدين شاه بن السلطان فيروز شاه خلد الله ملکہ – وروح وروح المدفونين فيها في تاريخ سنه خمس عشر وتسع ماتہ الهجري.(15)

جھام نظام الدين جي مقبري جي داخلي يا اولاهين دروازي جي سر در تي هي ڪتبو آهي:

·       احمد بن ابراهيم

·       آغاز بنياد اين مقام از هجرت نبوي عليہ السلام نهصد پانزده سال بوده.(16)

هن ڪتبي جي هيٺان هي ڪتبو ٻئي سر در تي لڳل آهي:

·       الٰهي مرصا بنا هٰذا المقام مزين جهان (؟) سلطان المغفور

·       والمرحوم سلطان نظام الدين شاه بن سلطان صدر الدين

·       بن سلطان صلاح الدين شاه بن سلطان رکن الدين شاه ابن السلطان فيروز شاه خلد سلطنة.(17)

خواجه شرف الدين شيرازي: هي بزرگ ايران کان ڪهڙي دور ۾ آيو؟ ان بابت معلوم نه ٿي سگهيو. سندس مزار ميرزا عيسيٰ ترخان جي ارد گرد هئي. پاڻ 911هه ۾ فوت ٿيو. ان وقت ڄام نندي جي حڪومت هئي. هن جي مزار تي ڪتبو هن ريت هو:

وفات مرحوم الواصل الي رحمة الله

خواجه شرف الدين شيرازي

في تاريخ شهر جمادي الاول سنه911هه(18)

خاطري آهي ته سمن جون تعميرات به گهڻيون هونديون ۽ انهن تي عربي ڪتبا به گهڻا لڳل هوندا. ليڪن سار سنڀال نه ٿيڻ سبب ۽ صدين گذرڻ ڪري اهي ضايع ٿي ويا آهن. موجوده باقيات تي ڪجهه ڪتبن جون پڙهڻيون به اڃا توجهه گهرن ٿيون. ان هوندي به جيڪو ڪجهه بچيو آهي، اهو درست تاريخي اڀياس ۾ مددگار ٿابت ٿيو آهي.

سنڌي گاڏڙ – سرائڪي ڪتبا

موجوده سنڌ جي حدن ۽ ان کان ٻاهر سابق رياست بهاول پور جي حدن مان ڪجهه سنڌي گاڏڙ سرائڪي ڪتبا مليا آهن. هي ڪتبا ڄام سڪندر جي دور سان تعلق رکن ٿا ۽ اهي گهڻو ڪري کوهن ۾ لڳل پڪين سرن تي ڏٺا ويا آهن. هت اهي ڪتبا ڏجن ٿا.

وڄڻوٽ (اٻاوڙو تعلقو): وڄڻوٽ جي کنڊرن مان 1873ع ۾ کوٽائين ڪندي هڪ سر ملي. ان تي هيءَ عبارت هئي:

سلطان سکندر بادشاه هي شان سيف اسم بالا

سرکار زهي سن سي باش 35513

کاريگر را قلم عدصر شد بس کار ابورا راطا

مطلب ته هيءَ سر سلطان سڪندر جي دور ۾ ٺپي وئي. آخري سٽ فارسي آهي ۽ اها هن ريت هوندي: کاريگر را قلم قاصر شد بس کار او تمام شد جڏهن ته پهرين سٽ سرائڪي آهي.(19)

سرواهي جا کنڊر: هي کنڊر ضلعي رحيم يار خان ۾ سنجرپور لڳ آهن. اتان ڪيڻ هڻندي هڪ کوه مان سر لڌي. ان تي هي ڪتبو هو:

سِلان سِلبند ٿپيان، ڦڳيا نام نصير

کوکنايا پتر گانمن دي اونڙ نام همير

وقت سڪندر بادشاه ملڪ ڌڻي پهلوان

رعيت راضي ايهه جِهي جو ٻڍانت جوان

هڪ لک سِلان لڳ چڪيان ٿيا کو تمام

تري سؤ ٻوٽي باغ دي راڌي اونڙ ڄام(20)

هن جو مطلب هي ٿيندو ته نصير ڦڳيي نالي همراه سرون جوڙيون. انڙ پٽ گامن (يا همير پٽ گامڻ) کوه کوٽايو. زمانو سڪندر بادشاه جو. رعيت اهڙي خوش جو پوڙهو به جوان هوندو هو. هڪ لک سرن سان کوه ٺهيو ۽ انڙ ڄام باغ ۾ ٽي سؤ ٻوٽا لڳايا.

روهڙي: شهر لڳ برٽش دور ۾ اڀرندي ناري جو نئون منهن کوٽيندي پنج گز هيٺ هڪ پڪي کوهي نڪتي. ان مان هڪ سر تي هي اکر لکيل هئا:

او ستو يارو ذات پوڪارو

سرهيه جو ٻل مانهه جو گارو

سڪندر جو وارو(21)

مقبرو ميان الياس: ميان جي قبرستان مان (لاڙڪاڻو ضلعو) هڪ قبر کوٽيندي زمين مان هڪ سر نڪتي. ان تي روايتن موجب هي اکر هئا:

ٿپڻ والي تپي سڪندر دي واري دي.(22)

شادي پلي: شادي پليءَ جي آس پاس هڪ ڀڙي تان هڪ چوڪس سر ملي. ان تي هي اکر هئا:

ڪوئي آکي سَلان ڪنہ پڪايان دلونان کهاري

ڄانڀي داٻل ٻلايا، شاه سڪندر واري.(23)

فارسي ۽ عربي ڪتبن کان علاوه هن دور ۾ سرائڪي ۽ سنڌي ڪتبن جو ملڻ (هڪ هندي ڪتبو به مليو آهي) اسان کي سمن ڄامن جي دور ۾ ٻولين بابت اختيار ڪيل پاليسيءَ طرف سنجيده مطالعي ۾ مدد ڪري ٿو. ائين ٿو لڳي ته تغلقن جي خاتمي کان پوءِ آزاد حڪمرانن، رياستي سطح تي عربي ٻوليءَ کي اختيار ڪيو. حاڪمن جي مقبرن ۽ چوڪنڊين تي لڳل ڪتبا، ڪتابن جو لکجڻ ۽ سڪن تي مليل لکت هن ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا. البت مقامي سطح تي حاڪمن، گورنرن يا مَلڪن سنڌي گاڏڙ سرائڪي ڪتبا نصب ڪرايا. ان جو مطلب ته سمن جو دور وڌيڪ جاري رهڻ جي صورت ۾ اڳتي هلي سنڌي ٻولي تحرير ۽ تصنيف ۾ وڌيڪ ڪتب اچي ها. ليڪن ارغونن جي قبضي کان پوءِ سڄي سنڌ جي صورتحال تبديل ٿي وئي ۽ فارسي سڄي ملڪ جي سرڪاري زبان بنجي وئي. البته سرائڪي ڪتبا جيڪي مٿي ڏنا ويا، اهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سواءِ هڪ اڌ جي اڪثر زباني روايتن ذريعي نقل ڪيا آهن. ان کان علاوه سڪندر ڪهڙو سمون بادشاه هو، جنهن جي نالي تي هي ڪتبا ملن ٿا؟ اهو سوال به اڃا حل طلب آهي. ان ڪري خود هن مسئلي تي اڃا وڌيڪ سوچ ويچار جي ضرورت آهي!

سمن بادشاهن جون مٽيون مائٽيون

سنڌ جي سمن حاڪمن جي مطالعي ۾ هنن حاڪمن جي گجرات ۽ خانديش طرف ڪيل سڱابندين کي اهميت حاصل آهي. اوائلي مصنفن ان جو سرسري ذڪر ڪيو آهي.(24) موجوده دور ۾ ٿيل تحقيق ان ڏس ۾ گهڻي معلومات ميسر ڪئي آهي. حقيقت ۾ سمن حاڪمن ۽ گجراتي بادشاهن جي سٺن لاڳاپن ۾ هنن مٽين مائٽين کي گهڻو عمل دخل آهي. ان ڪري ان قسم جو مطالعو خود سمن جي خارجه پاليسيءَ جو اهم عنصر آهي. گجرات ۽ خانديش طرف سمن جي سڱابندين بابت هند ۽ سنڌ ۾ جيڪا ڄاڻ موجود آهي، ان ۾ مصنفن ڪجهه سنگين غلطيون ڪيون آهن. اسين هيٺ ان متعلق درست ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين:

1.      ڄام فتح خان (نمبر:11) پهريون حاڪم آهي، جنهن گجرات طرف پنهنجي نياڻي ڄام زادي، جهانيه جهان گشت جي پوٽي قطب عالم (790-858هه) سان شادي ڪري ڏني. قطب عالم پنهنجي نڳي ڏاڏي راڄو جي قتال جي حڪم تي گجرات ويو، جتي سلطان مظفر شاه سندس آڌرڀاءُ ڪيو. هن شاديءَ مان قطب عالم کي ٻه نياڻيون بيبي فردوس ۽ بيبي مريم پيدا ٿيون.(25)

2.     ان بعد گجرات ۽ سنڌ جو هي تعلق به پيدا ٿيو. ڄام جوڻو (ثاني) نمبر:12) ڪنهن صورتحال ۾ پريشان ٿيو. تڏهن هن به گجراتين سان مائٽي ڪئي. جوڻي پنهنجيون ٻه نياڻيون اوڏي پرڻائي ڏنيون. بيبي مغلي بيحد حسين هئي. ان جو عقد سلطان محمد گجرات جي حاڪم (نمبر:3) سان ٿيو، جڏهن ته بيبي مرڪي شاه عالم (817-880هه) جي نڪاح ۾ آئي. سلطان محمد کي سن 849هه/1445ع ۾ هڪ پٽ ڄائو، جو بيبي مغليءَ مان هو. سندس نالو فتح خان هو ۽ پاڻ گجرات جي تاريخ ۾ سلطان محمود بيگڙي جي نالي سان مشهور آهي. بيگڙي ڪافي موقعن تي سنڌ جي مدد ڪئي هئي. شاه عالم کي مرڪيءَ مان بي بي امان، بي بي وچين ۽ بيگ محمد عرف شاه ڀيڪن اولاد ٿيو. سلطان محمد سال 1451ع ۾ فوت ٿيو. ان بعد قطب الدين گجرات جو والي (نمبر:4) بنيو. هن ننڍڙي فتح خان کي مارائڻ جو ارادو ڪيو. ان ڪري مغلي پٽ کي کڻي اچي شاه عالم وٽ پناه ورتي. ٽي سال پوءِ مرڪي فوت ٿي. ان بعد مغلي ۽ شاه عالم جو نڪاح ٿيو. ڄام جوڻو سنڌ ۾ فوت ٿيو. سندس لاش گجرات ۾ دفن ٿيو.(26) اهي ٻئي شهزاديون وفات بعد احمد آباد جي لڳ پنهنجي والد ڄام جوڻي جي مقبري ۾ دفن ٿيون. اهو مقبرو پراڻيءَ اساول ۾ سابرمتي نديءَ جي ڪناري تي قطب پور جي قريب آهي. ٻنهي شهزادين جون قبرون اڃا تائين موجود آهن. بيبي مغليءَ جي قبر سفيد سنگ مرمر جي آهي ۽ بيبي مرڪيءَ جو مرقد سياه سنگ مرمر جو آهي.(27)

3.     گجرات جو ستون بادشاه سلطان مظفر ثاني (917-932هه) ٿي گذريو. ڄام سنجرجي پوٽي بي بي راڻيءَ سان سندس شادي ٿي. بي بي راڻي بيحد حسين هئي. بادشاه جي ساڻس ڏاڍي محبت هئي. ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز سندس سوٽ هئا. مظفر شاه ۽ بيبي راڻي سن 1511ع کان اڳ نڪاح ڪيو. هن رشتي جي ڪري مظفر، صلاح الدين کي لشڪر ڏئي، ڄام فيروز تي حملو ڪرايو. سيد حسام الدين راشدي هڪ هنڌ بيبي راڻيءَ کي ڄام سنجر جي نياڻي ڏيکاري ٿو.(28) جڏهن ته ٻي جاءِ تي کيس ڄام سنجر جي پوٽي ٻڌائي ٿو.(29) ساڳي حالت پنهور صاحب جي آهي.(30) مظفر شاه کي هن گهر مان ٽي ٻار ڄاوا. سڪندر جيڪو گجرات جو اٺون حاڪم بنيو، عائشه جيڪا فتح خان بن ڄام فيروز جي زال بني ۽ رقيه، فاروقي سلاطين ۾ داخل ٿي.(31) رقيه ۽ عادل خان ثالث (عالم خان) جو پاڻ ۾ نڪاح ٿيو. ياد رهي ته عادل خان (914-926هه) خانديش جو ڏهون حڪمران بنيو.(32)

4.     ڄام نندي (نظام الدين) جي هڪ ڌيءُ (نالو معلوم ڪونهي) جي شادي فاروقي شهزادي قيصر خان سان ٿي. قيصر خان جي ڏاڏي افتخار الملڪ حسن خان، خانديش مان ڀڄي اچي گجرات ۾ پناه ورتي هئي. ڄام نندي جي محمود بيگڙي ڪنهن ڪٺن مرحلي تي مدد ڪئي هئي.(33) ائين ٿو نظر اچي ته قيصر خان جڏهن سنڌي شهزادي پرڻيو، تڏهن هو پڪي عمر جو هو.

5.     سلطان مظفر ثاني گجراتي ٽي شاديون ڪيون. ڪنهن زال مان کيس هڪ نياڻي ٿي. ان جي شادي هيبت خان پٽ ڄام صلاح الدين سان ٿي. شايد هيءَ شادي ڏي وٺ جي اصول تي ٿي هئي. ياد رهي ته مظفر پاڻ صلاح الدين جي سوٽ بيبي راڻي پرڻيو هو.

6.     بهرام خان تميم سنڌي شهزادو هو. ان جي هڪ نياڻيءَ جو نڪاح مظفر ثاني گجراتيءَ جي هڪ پٽ لطيف خان (هن نالي سان ٽي شهزادا هئا، پر هڪ به حاڪم نه ٿي سگهيو) سان ٿي.

7.     ڄام فيروز آخري ڏينهن گجرات ۾ گهاريا. هن پنهنجي نياڻي سلطان بهادر (932-942هه) کي شادي ڪري ڏني. بهادر گجرات جو ڏهون بادشاه هو. ان ريت سمن، گجراتين ۽ خانديشي فاروقين جي مٽين مائٽين بابت تاريخن ۾ احوال محفوظ آهي.

دولهه دريا خان

گذريل صفحن ۾ سنڌ جي هن امير ڪبير بابت گهڻو ذڪر ٿيو آهي. دريا خان سنڌي شهيدن جي تاريخ ۾ نمايان اهميت رکي ٿو. ان کان علاوه سياست، ڊپلوميسي توڙي فوجي مهارت سبب کيس اسان جي تاريخ ۾ نهايت وڏو رتبو حاصل آهي. دودي جي شهادت سان سومرن جي پڄاڻي ٿي. شاه بهارو، ديوان گدومل ۽ نواب ولي محمد لغاري جيسين زنده هئا، ايسين ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حڪمران محفوظ هئا. ليڪن سندن قتل يا وفات کان پوءِ هنن حڪمرانن جي ڪمزوري شروع ٿي. ان ريت جيسين دريا خان جو مرتبو بحال هو ۽ سندس ڳالهه کي وزن حاصل رهيو. تيسين سمن جي سلطنت به سلامت هئي. ڄام فيروز جي دور ۾ سندس راءِ کي اهميت نه ملي ۽ آهستي آهستي سمن جو زوال شروع ٿي ويو. آخرڪار ساموئيءَ جي ميدان تي 11 محرم 927هه (22 ڊسمبر 1520ع) تي ارغونن سان لڙندي سنڌ جو هي سچو فرزند شهيد ٿي ويو.(34)

دولهه دريا خان جي حسب نسب توڙي ابتدائي دور بابت تاريخن ۾ گهٽ مواد ملي ٿو. سيد طاهر محمد کيس سيد زادو سڏيو هو.(35) رچرڊ برٽن ڏيڍ صدي اڳ ۾ کيس ريڍار جو ٻار سڏيو، جڏهن ته حسب نسب بابت پاڻ خاموش ڏسجي ٿو.(36) وچئين دور جا سڀ مؤرخ هن مسئلي بابت خاموش آهن. همعصر دور جي نامور اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، دريا خان کي لاشاري بلوچ سڏيو آهي.(37) ڊاڪٽر صاحب مختلف روايتن، رند – لاشار جنگ جي پس منظر، نالي ۾ ”خان“ لفظ ۽ ڪجهه ٻين گمانن جي آڌار تي هيءَ راءِ قائم ڪئي آهي. جيڪڏهن سنڌ جو هي وطن دوست سپاهي لاشاري هو ته پوءِ آڳاٽا مصنف به پڪ سان ائين لکندي نه ڪيٻائين ها. مير معصوم جو ڪتاب ”تاريخ معصومي“ هن دور تي پهريون دستاويزي ماخذ آهي. ان موجب دريا خان سمن جي قبيلي يا سماٽ گروهن سان لاڳاپو رکندڙ هو. اهڙو گمان تڏهن نڪري ٿو، جڏهن پاڻ دريا خان جي پٽ کي ڄام سارنگ ڪري لکي ٿو.(38) رند-لاشار جنگ جي حوالي سان ڪو ٻاهريون ماڻهو، سنڌ ۾ پناه گزين ٿي اچي ۽ پوءِ ايڏي وڏي رتبي تي پهچي، سو بعيد از قياس ڏسجي ٿو. سمن ڄامن ۾ ٻه بادشاھ اهڙا ٿي گذريا آهن، جن جي نالن ۾ ”خان“ لفظ موجود آهي. هڪ جو نالو فتح خان ۽ ٻئي جو نالو مبارڪ خان هو. پوءِ ائين چئجي ته اهي بادشاھ به بلوچ هئا. سو ڪيترو درست ٿي سگهي ٿو؟ حقيقت ۾ ڪنهن به فرد جو حسب نسب متعين ڪرڻ، سو به صرف روايتن جي آڌار تي مناسب نه ٿو ڏسجي.

اصل ۾ درياخان جي باري ۾ ”تاريخ طاهري“ واري درست راءِ ڏيندي ڏيندي ڌوڪو کاڌو آهي. هن ڏس ۾ پاڻ سيدزادو، قبوليو، دريا خان ۽ مبارڪ خان جهڙا لفظ لکي مسئلي کي منجهائي به ويو آهي ته ڳالهه کي سلجهائڻ لاءِ به رهنمائي ڪري ٿو. سيد طاهر محمد ٺٽي ۾ ويهي ڪتاب لکيو. جيڪڏهن پاڻ سيوهڻ ۽ ڳاها وڃي تحقيق ڪري ها ته هن مونجهاري جو ڪوبه امڪان نه رهي ها. ائين به ممڪن آهي ته سيد طاهر محمد ڳالهه درست لکي، ليڪن پوءِ جي ڪاتبن قصي کي منجهائي ڇڏيو.

طاهر محمد جي تحرير ذريعي خبر پوي ٿي ته هن سپهه سالار جو نالو دريا خان ۽ لقب مبارڪ خان هو. قبوليو (قبولہ) اصل ۾ سندس قبيلو هو. هي قبيلو سماٽ ۾ اچي ٿو ۽ اڄ سوڌو دادو ضلعي ۾ آباد آهي. خود درياخان جي جاگير (ڳاها) به هن ضلعي ۾ هئي.(39) هن ضلعي جي معتبر راوين جي راويت به اها ئي آهي ته دريا خان ذات جو قبوليو هو.(40) هن قبيلي جا اڪثر ڳوٺ اڄ به دادو ضلعي ۾ موجود آهن.

امڪاني طرح به اندازو آهي ته سمن ڄامن سنڌ جي ماڻهن ۽ خاص ڪري سماٽ قبيلن مان مکيه مکيه انتظامي عهدن تي عملدار مقرر ڪيا هوندا. ڄام نظام الدين کي ابتدا ۾ پٽاڻو اولاد نه هو، ان ڪري هن دريا خان کي گود جو پٽ ڪري نپايو. پهريان هو ديوان لکدير (لکمير) جو غلام هو، جتان ڄام نندي کيس حاصل ڪيو. اڳتي هلي درياخان سياست ۽ فوجي معاملن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪري ورتي، ان ڪري کيس سپھ سالار، وزيراعظم ۽ امير الامرا مقرر ڪري ”مبارڪ خان“ جو لقب ڏنو ويو. سندس متعلق پهريون مستند حوالو سن 895ھ/1490ع جو آهي، جڏهن پاڻ اتر طرف سنڌ ۾ جنگ ڪري ارغونن کي شڪست ڏنائين. ان سال مڪليءَ تي پنهنجي مقبري جي چوديواري پڻ تعمير ڪرايائين.(41) هن جنگ ۾ کيس اتر سنڌ جي چانڊين فوجي مدد ڪئي هئي. سوڀ حاصل ڪرڻ بعد دريا خان، موجوده لاڙڪاڻي ضلعي واري ايراضي، چانڊين جي سردار کي جاگير طور ڏني. ان بعد هن خطي تي ”چانڊڪه“ نالو پئجي ويو.(42) روايتن موجب چانڊيي سردار جو نالو ”سريمڻ خان“ هو. ڄام نندي جي زماني ۾ پاڻ ڪجهه واه کوٽائي، سنڌ جي زراعت ۾ واڌارو آندائين. ڄام جي وفات کان پوءِ به هي پنهنجي عهدي تي برقرار رهيو.

ڄام نندي جي دور ۾ غالبن موجوده تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ چانگ قبيلي فساد برپا ڪيو هو. ان کي پڻ درياخان منهن ڏنو. سن جي بزرگ سيد حيدر جو ڏاڏو سخي ابراهيم شاھ، ڄام نندي جو دوست ۽ رفيق هو. ابراهيم شاھ هن مسئلي تي درياخان جي مدد ڪئي. فسادين کي سختيءَ سان چيڀاٽيو ويو. البت ابراهيم شاھ هنن معرڪن ۾ شهيد ٿي ويو. هن جي مزار خانوٺ جي ڀرسان آهي.(43) اڳتي هلي درياخان جو تعلق سيد حيدر سنائي ۽ سيد عبدالرزاق لڪياريءَ سان پيدا ٿيو، جن مخدوم بلال جي صلاح مصلحت سان سيد محمد جونپوريءَ کي سنڌ مان تڙي ڪڍيو.(44) هن ياري دوسري واري تعلق سبب درياخان، اڳوڻيءَ گوپانگ اسٽيشن جي ڀرسان پنهنجي رهائش لاءِ هڪ قبائين جاءِ ٺهرائي هئي، جا اڄ سوڌو موجود چئي وڃي ٿي.

ڄام فيروز ننڍي عمر ۾ سنڌ جو حڪمران بنيو. هن درياخان جي مرتبي ۽ عزت جو ڪوبه خيال نه ڪيو، ان ڪري پاڻ احتجاج طور استعفا ڏئي اچي پنهنجي جاگير تي رهيو. ڄام صلاح الدين ٺٽي تي قبضو ڪيو. ان وقت فيروز کيس منٿ ميڙ ڪري وري حڪومت ۾ شامل ڪيو. هن حيلي حرفت سان صلاح الدين کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ وري فيروز سنڌ جو حاڪم بنجي ويٺو. هن ڀيري به درياخان کي جائز مرتبو نه مليو. آخر ۾ فيروز جي ماءُ ارغونن کي حملي جي دعوت ڏني ۽ درياخان جي خاتمي لاءِ مدد طلب ڪئي. سنڌ جي هن سپوت ۽ ارغونن ۾ 11 محرم 927هه (22 ڊسمبر 1520ع) تي سخت مقابلو ٿيو. مؤرخن درياخان جي سورهيائيءَ ۽ جنگ جي وڏي واکاڻ ڪئي آهي. ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته کيس صلح جي ڳالهين لاءِ گهرائي شهيد ڪيو ويو.(45) سندس مزار اڄ به مڪليءَ تي موجود آهي.

درياخان جي ذاتي سوانح بابت ڇڙوڇڙ حوالا موجود آهن. مٿي سندس اوطاق جو ذڪر آيو آهي، جا گوپانگ اسٽيشن جي ڀر ۾ دادو ضلعي ۾ آهي. هن جي حويلي ۽ ڪوٽ مڪليءَ جي عيدگاھ جي اوڀر واري ايراضي ۾ هئا. هن وقت عيدگاھ ڏي ويندڙ پيچرو، درياخان جي ڊٺل ڪوٽ جي اتر کان وڃي ٿو. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي آڳاٽو هن ڪوٽ جو ذڪر ڪيو هو.(46) روايتن موجب دريا خان، راٺوڙن جي هڪ حسين ڇوڪري ”همون“ سان شادي ڪئي هئي.(47)

راشدي صاهب جي تحقيق موجب کيس ڄام سارنگ، علاؤ الدين، محمود خان، احمد ۽ موٽڻ خان نالن سان پنج پٽ هئا.(48) اهي سڀ سورهيه ۽ دلير توڙي وطن دوست انسان هئا. سنڌ جو هي سچار انسان جيسين زنده هو، ايسين سمن جي سلطنت قائم رهي. سندس شهادت کان پوءِ سمان ڄام به رلي ويا ته سنڌ جو ملڪ به ٻن صدين تائين ڌارين جي راڄ ۾ جڪڙجي ويو!

 

حوالا ۽ حاشيه

 

(1)              ان متعلق مون پنهنجي آرٽيڪل: ”سمه دور کي علمي اور سرکاري زبان“ ڇپيل سه ماهي اردو 2/1981ع ۾ تفصيلي بحث ڪيو آهي.

(2)             مير محمد معصوم بکري: ”تاريخ معصومي“ اردو حاشيا ص417-419

(3)             ساڳيو حوالو، حاشيا ص416-417

_ سيد علي قلندر شهباز جي ساٿين مان هڪ بزرگ هو. هي ڪتبو مولانا وفائي به ڏنو آهي، ليڪن اهو اڻ پورو ڏسجي ٿو. (تذڪره مشاهير سنڌ جلد ٻيون ص19-20)

(4)             تاريخ مظهر شاهجهاني تعلق لعل شهباز قلندر

(5)              مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ سنڌي ص612-622

(6)             سيد حسام الدين راشدي ”مڪلي نامہ“ حاشيا ص106-107

هن ڪتبي جون ابتدائي سٽون ڪجهه ڪتابن ۾ هن ريت به ڏنل آهن:

بعهد شهريار دهر سلطان داور دوران

شه فيروز منصور ومظفر در صف ميدان

(7)             مڪلي نامه ص272

(8)             مڪلي نامه ص272

(9)             مڪلي نامه ص128

راشدي صاحب جو خيال آهي ته..... جاين تي عربي تحرير آهي. ب ۽ ج جون عبارتون صاف نه آهن. ڏنل پڙهڻي قديم آثارن واري کاتي جي آهي.

(10)         مڪلي نامہ ص130

پڙهڻي قديم آثارن واري کاتي جي آهي.

(11)          مڪلي نامہ ص102

(12)         مڪلي نامہ ص202

(13)         مڪلي نامہ ص111

(14)         مڪلي نامہ ص111

(15)          مڪلي نامہ ص122

(16)         مڪلي نامہ ص724

(17)         مڪلي نامہ ص724

(18)         مڪلي نامہ ص550

(19)         ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ ص158 زيب ادبي مرڪز حيدرآباد سال 1980ع

(20)        سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ ص158

(21)         ساڳيو ڪتاب ص160

(22)        ساڳيو ڪتاب ص160

(23)        ساڳيو ڪتاب ص161

نوٽ: ڊاڪٽر بلوچ صاحب دلوراءِ (سومرن جو دور) جي دور جو هڪ سرائڪي ڪتبو به ڏنو آهي:

سل ٿپي تپڻهاري صابونان کوهاري

دلوراءِ دي واري سل پڪي ڄانڀي تي

(ص160)

ان کان علاوه سمن جي دور ۾ سن 1491ع (1548 سنبت) جو هڪ هندي ڪتبو به ملي ٿو. هي ڪتبو ملڪ ڄام سومري مروٽ (بهاول پور) جي ڪچي قلعي جي دروازي تي مرمت دوران لڳايو هو. ڄام سومرو ان وقت سمن پاران اتي حاڪم هو. ڪتبو هن ريت آهي:

سنبت 1548 برکي په سُدي مروٽ ٿيا

مَلڪ ڄام سومرا، ڪوٽ پاڪي کيل ڦرائي

(سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ ص82 حيدرآباد 1962ع)

(24)        تاريخ معصومي سنڌي ص118

(25)         مڪلي نامہ ص127-128

(26)        مڪلي نامہ ص119-126

(27)        سيد حسام الدين راشدي جو مقالو رسالو مهراڻ ص92 نمبر 4 سال 1968ع

(28)        مڪلي نامہ شجرو – الف

(29)        مڪلي نامہ شجرو – ب

(30)        ايم ايڇ پنهور: ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص353 ۽ ص367

(31)         مڪلي نامہ ص116-119

(32)        سمن گجراتين ۽ فاروقين جي مٽين مائٽين تي مصنف پنهنجي هڪ پيپر ۾ زياده روشني وڌي آهي. (اڻ ڇپيل)

(33)        ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا جلد ٽيون ص306-307

(34)        ايم ايڇ صديقي: ”هسٽري آف دي ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ ص23 حاشيو2

(35)         تاريخ طاهري فارسي متن ص54-56

(36)        رچرڊ برٽن ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون“ ص122 سنڌي ترجمو از محمد حنيف صديقي

(37)        سپھ سالار درياخان جو حسب نسب، مقالو، رسالو مهراڻ 2-1/1980ع

(38)        تاريخ معصومي سنڌي ص156

- ڊاڪٽر بلوچ ڄام سارنگ کي دريا خان جو ڀاءُ لکيو آهي. (حوالو نمبر:37) جڏهن ته راشدي صاهب هن کي درياخان جو پٽ سڏيو آهي. (مڪلي نامہ:ص103)

(39)        ڪاهان، گاهان، ڳاها سيوهڻ کان اتر الهندي طرف 21 ميلن تي هڪ ڳوٺ آهي. (تاريخ معصومي سنڌي ص336)

(40)        روايت: محمد ابراهيم جويو. سڄي دادو ضلعي ۾ ويندي ڪوٽڙيءَ تائين اڄ به قبولين جا گهڻا ڳوٺ موجود آهن.

(41)         مڪلي نامہ ص102

(42)        علامه غلام مصطفيٰ قاسمي: نواب غيبي خان چانڊيي جي گهرو فساد بابت واقعاتي بيت، ماهنامه الرحيم ص37 جون 1972ع

(43)        جي ايم سيد ”جنب گذاريم جن سين“ جلد2 ص497، سنڌي ادبي بورڊ سال 1979ع ۽ پڻ ڏسجي ”پيعام لطيف“ ص5 از جي ايم سيد، نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي سال 1974ع

(44)        جنب گذاريم جن سين جلد2 ص498

(45)         مڪلي نامہ ص ص89-90

(46)        سنڌ جو سيلاني ص68-69 سال 1923ع

_ ڊاڪٽر بلوچ هن مسئلي تي وڌيڪ روشني وڌي آهي. (ڏسجي ٺٽي جو اسلامي فن تعمير انگريزي ضميمو ص201-202)

(47)        ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مشهور سنڌي قصا، سنڌ جا عشقيه داستان-1، مقدمو ص25-26 سنڌي ادبي بورڊ سال 1964ع

(48)        مڪلي نامہ ص حاشيو ص101-102

نوٽ: دريا خان جي هڪ پٽ جو نالو مخدوم امير احمد واري ترجمي (تاريخ معصومي ص153 ۽ ص156) ۾ متن خان آيو آهي، جڏهن ته ديوان ننديرام جي ترجمي ۾ ص170 تي متن خان ۽ ص175 تي موٽڻ خان آهي. سنڌ جي عام روايتن موجب ”موٽڻ خان“ وڌيڪ درست لڳي ٿو.


 

7- ضميما

 

ڪتاب مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪجهه نئون مواد نظر مان نڪتو ۽ ڪن نقطن بابت وضاحت ضروري سمجهي وئي. ان ريت ضميمن جي صورت ۾ ڪجهه اهم واڌارا پيش ڪجن ٿا.

ضميمو-الف: ڄام نندي متعلق وڌيڪ معلومات

ڪتاب ۾ ڄام نندي جو ذڪر بار بار ٿيو آهي. ڪجهه وڌيڪ معلومات هت ڏجي ٿي. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي طاحب ”ظفر الوالہ بمظفر وآلہ“ جي حوالي سان روايت ڪئي ته جڏهن ڄام نندو حج تي ويو هو، تڏهن عربستان جي شيخ الاسلام مڪي کان ٻاهر اچي سندس استقبال ڪيو. عالمن شيخ جي اهڙي عمل تي اعتراض ڪيو. تڏهن پاڻ چيائين ته: ”آئون هڪ بادشاه بجاءِ هند ۽ سنڌ جي هڪ وڏي ۾ وڏي عالم جي استقبال تي ويو هئس.“ ان مان ڄام جي علمي ۽ ديني عظمت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

ڄام جو دور گهڻو ڪري پرامن رهيو. ايڪڙ ٻيڪڙ فسادين جو ذڪر تذڪرن ۾ ملي ٿو. غالبا موجوده ڪوٽڙي تعلقي ۾ چانگ قبيلي فساد ڪيو. ان وقت هن علائقي ۾ سخي ابراهيم شاه جو وڏو اثر هو، جيڪو ڄام نندي جو دوست هو. سخي صاحب هن تعلق سبب فسادين کي ڪچلڻ ۾ درياخان جي وڏي مدد ڪئي. ابراهيم شاھ انهن معرڪن ۾ شهيد ٿي ويو. سندس مزار خانوٺ جي ڀر ۾ آهي. (پيغام لطيف ص5) ابراهيم شاھ جو پوٽو سيد حيدر سن وارو دريا خان جو دوست هو. هن لاڳاپي سبب پوءِ دريا خان گوپانگ اسٽيشن جي ڀرسان هڪ قبائين جاءِ ٺهرائي، جتي اڪثر اچي رهندو هو. (جنب گذاريم جن سين جلد2 ص497)

دريا خان، مخدوم بلال ۽ سيد حيدر سن وارو-مهدي جونپوريءَ جي خلاف سرگرم هئا. هن خطي ۾ مهدي مخالف اڳواڻن ۾ سيد عبدالرزاق لڪياري به وڏي اهميت رکي ٿو، جو شاه صدر الدين جي اولاد مان هو. (جنب گذاريم جن سين جلد2 ص498)

ڄام نندي جي دور ۾ سبيءَ ۾ هڪ تاريخي دنگل ٿيو. هي واقعو 1490ع ۾ پيش آيو. مير علي شير قانع هن ڏس ۾ لکيو هو ته:

”ڄام نندي جي دور جي آخر ۾ شاه بيگ جي لشڪر قنڌار مان اچي سنڌ جي مختلف علائقن تي حملو ڪري بربادي ڪئي. درياخان حملي آور سان مُنهن مقابل ٿيو. سبيءَ وٽ معرڪو ٿيو، جنهن ۾ شاه بيگ جو ڀاءُ ابو محمد مرزا مارجي ويو. ڄام جي دور ۾ ارغونن وري سنڌ تي حملو نه ڪيو.“ (تحفة الڪرام ص170-171، اردو ڇاپو)

روايتن موجب هن جنگ ۾ چانڊين درياخان جي گهڻي مدد ڪئي. بعد ۾ سنڌ جي هن سورهيه سپھ سالار موجوده لاڙڪاڻي ضلعي واري ايراضي چانڊين جي اڳواڻ کي جاگير طور ڏني. ان ريت هن خطي تي ”چانڊڪه“ نالو پئجي ويو. ان جو مطلب ته ”چانڊڪه“ لفظ به ڄام نندي جي دور جو يادگار آهي.

ڄام نندي جي مقبري جي فن تعمير جي لحاظ سان وڏي واکاڻ آهي. هن مقبري جي باري ۾ ڊاڪٽر سدارنگاڻي راءِ ڏني ته:

“He is buried on Makli hill in a stately tomb which is supposed to possess the peculiar marit of fulfilling the desires of the people who circumbulate is seven times.” (Persian poets of sind, p12)

ليڪن ڊاڪٽر داني هن خيال سان اتفاق نه ٿو ڪري. پاڻ لکي ٿو ته:

“The entire height of the walls, from outside gives the appearance of an apparent cube and produces the false impression on the popular imagination of the visitors that the design derived its inspiration from the cubical building around the holy ka’ba  at Makkah. This is a wrong analogy in the mind of the fond believers. Actually the present building is a logical consequence of the earlier brick tombs that had shown the way to this type.” (Thatta: Islamic Architecture, p.68)

ضميمو-ب: سمن جي دور ۾ فارسي ادب

گذريل صفحن ۾ هن عنوان تي مختصر طرح سان روشني وڌي وئي آهي. هت ڪن ضروري نقطن جي اپٽار ڪجي ٿي:

سمن جو دور 751هه ۾ شروع ٿي 927ھ تي ختم ٿيو. ڪن لکندڙن ”انشاي ماهرو“ کي به سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ شمار ڪيو آهي. ان جو لکندڙ عين الدين عين الملڪ ماهرو، ملتان جو گورنر ۽ سنڌ جي معاملن جو نگران هو. ڪتاب ۾ آيل ڪجهه خطن ذريعي سنڌ ۽ هند جي ڇڪتاڻ تي روشني وڌل آهي. هي خط ”انشاي ماهرو“ جي نالي سان پروفيسر عبدالرشيد لاهور مان ڇپيا آهن.

ڊاڪٽر سدارنگاڻي پنهنجي ڪتاب (پرشين پوئٽس آف سنڌ ص10) ۾ ڄام جوڻي کي به شاعر طور متعارف ڪرايو آهي.

شاه بخشنده توئي بنده شرمنده منم!

سيد حسام الدين راشدي ويهھ سال پوءِ هن تحقيق کي رد ڪيو ۽ لکيو ته هيءَ سٽ اصل ۾ هندستان جي شاعر امير حسن سجزي (وفات:738ھ) جي هڪ غزل مان کنيل آهي. (مهراڻ 4/1968ع) گذريل ڪجهه سالن ۾ سنڌ ۽ فارسي شاعريءَ جي حوالي سان جيڪو ڪم ٿيو آهي، ان ۾ سدارنگاڻي صاحب جي هيءَ غلطي بار بار دهرائي وئي آهي. امير حسن جو غزل هت مڪمل طور تي ڏجي ٿو ته جيئن مستقبل ۾ عنوان تي ڪم ڪندي غلطيءَ کان بچي سگهجي.

بازمين آيم وسر در قدمت ميفگنم

”مير بخشنده توئي! بنده شرمنده منم“

رفتني رفت، بيخشاي که باز آمده ام

گر تو دستم ندهي دست بپاي که زنم

بوي رحمت ز غبار قدمت مي يام

رخت اميد به کشف کرمت مي فگنم

خويشتن را بسر کوي تو، افگندم باز

زانکه تابي تو همين باشم بي خويشتنم

دوستيء در تو مايهء ايمان منست

ميکشدهم بسر گوي تو حب وطنم

هيچ اندوه نبود، در دل گورم والله!

تاز اندوه تو پيوند بود برکفنم

چہ شد آخر؟ که خداوندي خود کم کردي

جان من! من نه همان بنده مسکين حَسنم!

تذڪرن ۾ شيخ حماد جماليءَ جو شعر به ملي ٿو:

دو گزک بوريا و پوستکي      دلکي پرز درد دوستکي

ايـتـقـدريـس بود جمالي را      عـاشـق رنـد ولا ابالي را

(مڪلي نامہ ص83)

راشدي صاحب هن ڏس ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته هي شعر جمالي دهلويءَ ڏي به منسوب آهي. (مقدمو سير العارفين اردو ترجمو)

ان بعد تذڪرن ۾ شيخ عيسيٰ لنگوٽي جو نالو اچي ٿو، جو سمن جي آخري زماني ۾ برهان پور کان آيو ۽ مڪليءَ تي اچي مقيم ٿيو. هن جو نالو پڻ هن دور جي فارسي شاعر طور سامهون آيو آهي. سندس شعر هي آهي:

قيد باشد حکيم! در ره دوست

دو گزک بوريا وپوستکي

گر تو آزاده بس است ترا

دلکي پرز درد دوستگي

(مقالات الشعرا ص457)

شهيد مخدوم بلاول سمون به فارسي سخن جي حوالي سان روشناس ٿيو آهي. سندس شعر مير قانع (مقالات الشعرا ص92) ڏنو آهي:

در راه خدا از سر قدم بايد ساخت

سرمايه اختيار خود ميبايد باخت

کفرست بخود نمائي بردن بجهان

از خويش برون شده سويش ميبايد تاخت

ڄام نندي جي هڪ رباعي به تذڪرن ۾ (مقالات الشعرا ص816) ملي آهي:

اي انکه ترا نظام دين ميخوانند

تو مفتخري که مرا چنين ميخوانند

گر در ره دين از تو خطائي افتد

شک نيست که کافر لعين ميخوانند

جيتوڻيڪ هيءَ رباعي ڪنهن ٻئي شاعر جي نالي ۾ منسوب ڪانهي، ليڪن فخري هروي ٺٽي ۾ 958ھ ۾ لکيل ”روضة السلاطين“ نالي تذڪري ۾ ڄام نندي جو هڪ شاعر طور تعارف نه ڏنو آهي. ياد رهي ته هي تزڪرو اهڙن بادشاهن، اميرن، حاڪمن ۽ وزيرن لاءِ لکيل آهن، جن ڪڏهن ڪڏهن شعر جي واديءَ ۾ به قدم رکيو هو. حالانڪه فخري هروي ملتان جي شهزادي ابوالحسن لنگاه جو به هڪ شاعر طور ذڪر ڪيو آهي.

ڄام فيروز جي دور ۾ سن 918ھه ۾ هرات مان مخدوم عبدالعزيز ۽ سندس ٻه پٽ اثير الدين ابهري ۽ مولانا محمد ”ڳاها“ آيا هئا. عبدالعزيز ۽ اثير الدين ڳاها ۾ فوت ٿيا. اثير الدين جو ڄام فيروز لاءِ چيل قصيدو هن ڪتاب ۾ اڳ ئي ڏنو ويو آهي. مخدوم عبدالعزيز جي لکيل ”شرح مشڪواة“ مشهور هئي. هرات مان نڪرندي بار بار سندس چپن تي هي شعر ايندو رهيو:

آنجا که بناي دين بگردد برهم

باشي تودني اگر کني مکشي کم

اينک راه راست پيش روي عالم

کافر نشوي ملک خدا نبود کم

(مقالات الشعرا ص422)

مولانا محمد جنهن کي مولانا ياري ۽ مولانا يار محمد به سڏيندا هئا، سو پوءِ به گهڻو وقت زنده هو. (مقالات ص10، 422 7 876) اڳتي هلي سلطان محمود بکريءَ جي ايلچيءَ طور همايون جي درٻار ۾ ويو، ليڪن کيس ڪاميابي حاصل نه ٿي. ان ڪري سنڌ ڏي اچڻ بجاءِ (سيتپور) گجرات هليو ويو ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو. ڪتابن ۾ هن جو چيل هڪ شعر آيو آهي، جو گجرات جي زماني ۾ چيائين:

گجرات خوش دياري اما بشرط ياري

بي يار چون توان بد در اين چنين دياري

(معصومي سنڌي ص283)

سمن جي دور ۾ لکيل ڪنهن به فارسي ڪتاب جو اڃا تائين ڪو ڏس پتو نه پيو آهي. البت ڄام نندي جي دور ۾ سن 910ھ جو ڪتابت ڪيل قرآن مجيد جو فارسي ترجمو مليو آهي. ان جو ڪاتب ٺٽي جو رهواسي عبدالرهيم هو. نسخي ۾ ڪل 482 ورق آهن. پڄاڻي هن ريت اٿس: تمت تمام شد کارم من نظام ترجمه مصحف روز پنجشنبه بتاريخ سن910 هجري کاتب الفقير حقير عبدالرحيم غفر لہ ذنبہ. هن ترجمي جو مترجم ڪير آهي؟ ان بابت معلوم نه ٿي سگهيو آهي. هي نسخو ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب جي ذاتي ڪتبخاني ۾ ڪراچيءَ ۾ آهي.

 (وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org