سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سمن جي سلطنت

باب: --

صفحو :6

 

حوالا ۽ حاشيه

 

(1)              مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ ترجمو مخدوم امير احمد، ص99، 122 ۽ 123.

(2)             ”ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا.“ جلد ٽيون ص187 سال 1958ع

(3)             ”مڪلي نامه“ ص106

(4)             ايم . ايڇ . پنهور ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص319 انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سال 1983ع

(5)              روايت حاجي ولي محمد ڪنڀار.

-       حاجي صاحب کي شاهه لطيف جي شعر ۽ سنڌي سماج تي سٺي ڄاڻ آهي. ساڻس سال 86-1985ع دوران عمرڪوٽ ۾ رهاڻيون ٿيون.

(6)             ان متعلق سنڌ جي برک اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مقالي ”سنڌ جو آخري سومرو بادشاه ۽ سندس ڀائر“ ڇپيل رسالو ”مهراڻ“ نمبر3، سال 1981ع ۾ روشني وڌي آهي. نئين مواد جي آڌار تي ڊاڪٽر صاحب دودي جي پٽن بابت هن طرح رهنمائي ڪري ٿو:

(7)             ”مڪلي نامہ“ ص104-105

(8)             سيد حسام الدين راشدي: ”سنڌ جي تاريخ جا چند واقعا ص90 رسالو ”مهراڻ“ نمبر4 سال 1968ع.

(9)             ”تاريخ معصومي“ ترجمو مخدوم امير احمد ص101

(10)         ”تاريخ معصومي“ ص104

(11)          ”تاريخ معصومي“ ص104

(12)         ”مڪلي نامہ“ ص120-121

(13)         ”تاريخ معصومي“ ص109

(14)         ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ڪتاب: ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ص84-85 سال 1962ع

(15)          ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ص353

(16)         ”جنت السنڌ“ ص360 سال 1958ع

(17)         ”تاريخ فرشته“ اردو جلد ٻيون ص918 لاهور

(18)         ان متعلق تفصيلي ذڪر ايندڙ صفحن ۾ ڏنو ويندو.

(19)         ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف انڊين پيپل“ جلد ڇهون ص163-164 سال 1967ع

(20)        ”ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا“ جلد ٽيون ص306-307

(21)         مڪلي نامہ ص183

(22)        ”تاريخ معصومي“ ص113-114

هن حملي متعلق هندي مؤرخن گهڻو ڪري ڌوڪيبازي ڪئي آهي. ايم . ايم . ايڇ پنهور اهڙن مصنفن کي رد ڏنو آهي. (ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ: ص355-357)

(23)        ايم . ايڇ . صديقي ”هسٽري آف ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ“ ص215 انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سال1972ع

(24)        ”تاريخ معصومي“ ص114-115

(25)         ”تحفة الڪرام“ (سنڌي“ ص137

ڄام صلاح الدين کي هڪ ٻئي ذخيري، ڄام سنجر جو ڏوهٽو سڏيو آهي. (تاريخ معصومي ص114) هي ترجمي جي غلطي ڏسجي ٿي.

(26)        مير علي شير قانع ”مقالات الشعرا“ مرتب سيد حسام الدين راشدي ص11 سنڌي ادبي بورڊ سال1957ع

(27)        ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ص366


 

 

 

 

(3)

ارغوني يلغار ۽ سنڌ جي فتح

 

سلطان حسين مرزا بايقرا جي ڪرندڙ ساک ۽ ڪمزور سلطنت کي ارغونن سهارو ۽ سگهه ڏئي مضبوط ڪيو. خراسان جي هن مثالي بادشاه کي جڏهن هزاره ۽ تڪدري جي ماڻهن تنگ ڪيو، تڏهن حسين مرزا پنهنجي طرفان امير ذوالنون ارغون کي غور ۽ داور جي علائقن تي مقرر ڪيو. ذوالنون چئن سالن جي ڪشت وخونريزي بعد باغي قبيلن کي مطيع ڪيو ۽ انهن حسين مرزا جي اطاعت قبول ڪئي. مير محمد معصوم، ذوالنون جي مهم جوئي ۽ حاصلات کي هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:

”مير ذوالنون جي حسن خدمتيءَ، قبوليت جو شرف حاصل ڪيو ۽ فتهمند خاقان سلطان حسين مرزا، قنڌار، فراه ۽ غور ملڪن جي ساري ڪاروبار جي واڳ سندس هٿ ۾ ڏني. مير ذوالنون انهيءَ ملڪ ۾ استقلال حاصل ڪري شال، مستونگ ۽ انهن جي پسگردائي تي پڻ قبضو ڪري ورتو.“(1)

اندازو آهي ته هي ارغون امير هرات جي طرف کان قنڌار جو والي سن 1478ع (880هه) ڌاري مقرر ٿيو هو. ارغون هڪ طرف حسين مرزا سان وفادار رهيا ۽ ٻئي طرف هنن پنهنجي مستقبل جي رٿابندي ڪندي، موجوده بلوچستان جي شال، مستونگ ۽ سبيءَ طرف پيش قدمي جاري رکي. سن1485ع (890هه) ۾ ڪجهه واپارين جي شڪايت جي آڙ وٺي، قنڌاري لشڪر سنڌ جي اهم شهر ”سبي“ تي حملو ڪيو. ڄام نظام الدين پنهنجي علائقن جي واپسيءَ لاءِ دريا خان کي ڪثير لشڪر سان اترين پرڳڻن ڏي روانو ڪيو. سن1490ع (985هه) ۾ خونريز لڙاين بعد سبيءَ جي ارغوني ناظم سلطان محمد کي قتل ڪري، دريا خان هي شهر واپس پنهنجي قبضي ۾ ورتو. سلطان محمد، ارغون امير ذوالنون جو پٽ ۽ شاهه بيگ ارغون جو ڀاءُ هو. ارغونن ۽ قنڌارين جي هن شڪست جو تاريخدانن هن ريت اظهار ڪيو آهي:

”سندس بادشاهيءَ جي پوين ڏينهن ۾ ”شاهه بيگ“ جي لشڪر قنڌار کان اچي، اڪڙي، چانڊوڪي، سنديچه ۽ ڪوٽ ماڇيءَ جي ڳوٺن کي ڦريو. سندس پويان دريا خان سيويءَ تائين ويو ۽ سخت لڙائي ڪري، شاه بيگ جي ڀاءُ ابو محمد مرزا کي ڪهي، فتح سان موٽي آيو. هن جي ڏينهن ۾ شاه بيگ وري سنڌ تي لشڪر نه موڪليو.(2)

شاه بيگ هن حملي جي قيادت امير ذوالنون جي حڪم هيٺ ڪئي هئي ۽ هو اڃا پاڻ قنڌار جو والي نه بنيو هو. مٿئين حوالي مان صاف ظاهر آهي ته ارغونن، ڄام نندي جي دور ۾ وري سندس ملڪ تي حملو نه ڪيو.

ارغون جيئن ته مستقل طرح مرڪزي ايشيا جي وڏين طاقتن جي سياسي ۽ فوجي دٻاءَ تحت رهندا هئا، ان ڪري کين ابتدا کان ڪري ڪنهن اهڙي ملڪ جي تلاش هئي، جتي هو آزادي ۽ اطمينان سان پنهنجو حڪم هلائي سگهن. سنڌ طرف سندن هي حملو ان نيت ۽ ارادي جي تڪميل طرف هڪ بنيادي قدم هو. سبيءَ ۾ هن تاريخي شڪست ۽ سلطان محمد جي مارجڻ سان ارغونن سنڌ جي فتح ۽ پنهنجي پلاند وٺڻ جو پڪو فيصلو ۽ ارادو ڪيو. ليڪن سنڌ جو طاقتور بادشاه ڄام نظام الدين اڃا زنده هو، ان ڪري هنن سنڌ طرف وڌيڪ حملا ڪرڻ بند ڪيا. ان کان علاوه قنڌار جي سرزمين به اڃا ارغونن لاءِ ايتري تنگ نه ٿي هئي. ان پس منظر ۾ ارغونن معاملي کي ايندڙ وقت لاءِ ڇڏي حالتن جو انتظار ڪيو!

ڄام نندي جي وفات کان پوءِ سن1508ع ۾ سندس ننڍي عمر جو پٽ ڄام فيروز سنڌ جو بادشاه بنيو. هو سلطنت جي مامرن ۽ معاملن کي سهڻي نموني سان منهن نه ڏئي سگهيو. پراڻا امير، وزير ۽ درٻاري تنگ ٿي آهستي آهستي درٻار ڇڏيندا ويا. آخرڪار نندي جو پيارو امير ۽ پٽيو، دريا خان به ننگر ٺٽو ڇڏي، اچي پنهنجي جاگير تي رهيو. ان ريت سمن جي سلطنت ڪمزوري ۽ ڀڃ ڊاه جي مرحلي ۾ داخل ٿي. جڏهن صلاح الدين ٺٽي تي قبضو ڪري، فيروز کي بيدخل ڪيو، تڏهن وري به دريا خان حرفت ۽ حيلي سان کيس (فيروز کي) سنڌ جو ملڪ واپس وٺي ڏنو. ليڪن پوءِ به دريا خان سان سٺو سلوڪ نه ڪيو ويو. فيروز جي هن طور طريقي تي مير علي شيخ قانع هن ريت ڏک جو اظهار ڪيو آهي:

”هيءُ هن دفعي پڻ دريا خان سان چڱيءَ طرح نه هليو، بلڪه دولت شاهي ۽ نور گاهي مغلن جي ٽولي ۽ ڪيبڪ ارغون کي – جي سندس وقت ۾ شاه بيگ کان ڇڄي ٺٽي آيا هئا، هن اميد تي ته هو کيس ڪم ايندا ۽ دريا خان جي چنبي مان هن کي ڇوٽڪارو ڏياريندا، پاڻ وٽ نوڪر رکي، کين ٺٽي جي مغلواڙي محلي ۾ رهايائين؛ پر بيوقوف اهو نه ڄاتو ته اهي ماڻهو سندس مٿان ڪهڙو ڏکيو ڏينهن آڻيندا.“(3)

 درٻاري ابتري ۽ گهرو ڪمزوريءَ کان علاوه ڄام فيروز ڪڇ ۽ گجرات سان پڻ سمن جي سلطنت جي قائم ڪيل بهترين لاڳاپن کي برقرار نه رکي سگهيو. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ارغونن سنڌ تي ڪاه ڪئي، تڏهن درياخان کان علاوه ڪوبه فيروز جي مدد لاءِ اڳتي نه آيو. ٻارنهن سالن جي مختصر مدت ۾ سنڌ جي هن بدبخت شهزادي وڏين مشڪلاتن ۽ قربانين سان پنهنجن بزرگن جي قائم ڪيل سلطنت کي به برباد ڪيو ۽ خود به دربدر ٿي ختم ٿي ويو.

مرڪزي ايشيا ۾ تبديليون

سورهين صدي عيسوي شروع ٿيندي ئي مرڪزي ايشيا ۾ تبديلين جو عمل شروع ٿي ويو. سن 1501ع ۾ ايران ۽ صفوين پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي. محمد خان شيباني هن دور ۾ طاقتور ازبڪ اڳواڻ طور نمودار ٿيو. سن 1504ع ۾ بابر ڪابل تي قبضو ڪيو ۽ پوءِ هن هرات جي بادشاه حسين مرزا جي مدد سان ازبڪن خلاف فوجي رٿابندي ڪئي، ليڪن سن1506ع ۾ حسين مرزا جي فوت ٿيڻ سان بابر جي هيءَ اميد پوري نه ٿي سگهي. حسين بايقرا جي پٽن ۾ گهرو لڙائي شروع ٿيڻ سان هرات جو شيرازو منتشر ٿي ويو، جنهن سبب بابر کي سخت مايوسي ٿي. ان صورٽحال ۾ ازبڪن هرات تي قبضو ڪيو. امير ذوالنون اڪيلو انسان هو، جنهن هرات کي ڇڏائڻ لاءِ ازبڪن سان جنگ ڇيڙي. هو وڏي همٿ سان ميدان جنگ تي لڙندي سن 1507ع ۾ مارجي ويو. شاه بيگ جيئن ئي قنڌار جو والي بنيو، تيئن ئي هي شهر بابر جي نرغي ۾ اچي ويو. ارغونن قنڌار جي واپسيءَ لاءِ ازبڪن کان مدد ورتي ۽ ان ۾ ڪامياب ٿيا. سن1510ع ۾ محمد خان شيباني (ازبڪ) مرو جي ميدان تي لڙائي ڪندي، صفوين جي هٿان مارجي ويو. هاڻي مرڪزي ايشيا ۾ بابر ۽ صفوي – ٻن اهم طاقتن طور نمودار ٿيا. طالع آزما شاه بيگ وڏي فڪر ۽ آزمائش ۾ اچي ويو. ڪافي سوچ ويچار کان بعد هن صفوي درٻار ڏي رخ رکيو، جتي کيس قيد ڪيو ويو. ٻن سالن جي قيد بعد وڏي مشڪل سان هو اتان ڀڄي نڪتو ۽ اچي قنڌار تي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪيائين. ايرانين ابتدا ۾ قنڌار کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن بعد ۾ اهو ارادو ترڪ ڪري، ارغونن کي مطيع بنايائون. ٻئي طرف بابر پڻ قنڌار مان ارغونن کي بيدخل ڪرڻ لاءِ فوجي دٻاءُ جاري رکيو. هن سن1517ع ۾ قنڌار طرف ناڪام پيش قدمي ڪئي.(4) ان پس منظر ۾ ارغون ٻن اهم طاقتن جي وچ ۾ پيڙجي رهيا هئا. سرزمين قنڌار هنن لاءِ ڏينهنوڏينهن تنگ ٿي رهي هئي. هاڻي وقت اچي ويو هو جو هو ڪنهن نئين ملڪ جي ڳولا تيز ڪن. ان مقصد لاءِ هنن ”سنڌ“ ملڪ کي منتخب ڪيو. ارغونن وڏي رٿابندي ۽ مهارت سان سنڌ جي فتح کي هٿ ۾ کنيو.

ارغونن جي سنڌ طرف پيش قدمي

شاه بيگ ارغون جنهن وقت بابر ۽ صفوي بادشاهن جي فوجي ۽ سياسي غلبي سبب سخت پريشان هو، تڏهن کيس سنڌ جي فتح لاءِ مختلف قوتن ۽ واقعن تيار ڪيو. اندازو آهي ته سن 1509ع ۾ ڄام نندي جي وفات کان پوءِ ارغونن ”سبي“ تي قبضو ڪري، اتي پنهنجي طاقت ۽ قوت کي توسيع ڏني. سنڌ تي ارغوني حملي ۽ جارحيت کي هيٺين طرح سان بنياد ۽ ميدان مهيا ٿيو:

(1)              صفوين جي ڪامياب حڪمراني ۽ بابر جي قنڌار وٺڻ جي خواهش – شاه بيگ ارغون کي ازحد پريشان ڪيو. تاريخن ۾ اچي ٿو:

”.....خاقان عاليشان شاه اسماعيل، خراسان جي ولايت پنهنجي قبضي هيٺ آندي ۽ حضرت بابر بادشاه ڪابل ۾ تشريف فرما آهي. ٻنهي طرفن کان لڙائيءَ جا دروازا کلي چڪا آهن، تنهن ڪري اسان کي پنهنجي عاقبت جو فڪر ڪرڻ گهرجي.“(5)

(2)             ڄام فيروز هر قيمت تي دريا خان مان ڇوٽڪارو چاهيو ٿي. دريا خان جي چرچ تي سندس ماءُ ”مدينه“ سن 1516ع ۾ قنڌار وڃي شاه بيگ کي سنڌ تي حملي جي دعوت ڏني.(6)

(3)             شاه بيگ ارغون جو مهدي جونپوريءَ سان عقيدت وارو رستو ڏسجي ٿو.(7) ان دور ۾ سنڌ جي مهدوين ۽ بلاولي تحريڪ جي اڳواڻن ۾ زبردست ڇڪتاڻ ڏسجي ٿي. سنڌ جي مهدوين پڻ ارغونن جي حملي ۽ هن ملڪ جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

(4)             شاه بيگ سبي، شال ۽ مستونگ تي پنهنجو قبضو مستحڪم ڪري، سنڌ جي فتح لاءِ لشڪر ڀرتي ڪندي رندن جي قبيلي ۽ سندس حمايتي گروهن کي اهميت ڏني. ياد رهي ته بلوچن جي هن دور ۾ هلندڙ گهرو لڙائيءَ ۾ سنڌ جي سمن، لاشارين کي رندن جي خلاف مدد مهيا ڪئي هئي.(8)

(5)              نورگاهي ۽ دولت شاهي ماڻهن، جن کي فيروز جيءَ ۾ جايون ڏنيون هيون، انهن سن 1518ع ۾ سنڌ جي خراب حالتن جي رپورٽ شاه بيگ کي موڪلي. هن رپورٽ ملڻ شرط ارغونن سنڌ اندر پهرين ڪاه ڪئي ۽ گهڻي ڦرلٽ ڪيائون:

”سو ڇا ڪيائون جو سياري جي ابتدار ۾ هزار سوار تيار ڪري سبيءَ کان سنڌ موڪليائون. ان ٽولي اچي ڳاهن جي ڳوٺ ۾ باغبان تي حملو ڪيو. هن حملي ۾ مغل هڪ هزار اٺ ڪاهي ويا، جي رات جو باغن ۾ ڪم ڪندا هئا. ٻين شين جو يا ان ملڪ جي آباديءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته لشڪر آس پاس ۾ هفتو رهي موٽي ويو.“(9)

هن حملي کان پوءِ بابر کي سفير موڪلي، شاهه بيگ ارغون مڪمل بغاوت ڏني.

 

 

سنڌ جي فتح ۽ سمان دور جي پڄاڻي

هنن ابتدائي حملن ۽ آزمائشن بعد سن1520ع (926هه) جي آخر ۾ ارغونن سنڌ تي حملو ڪري ڏنو. شال، مستونگ ۽ ٻين شهرن جو جوڳو بندوبست ڪري، مير فاضل ڪوڪلتاش جي قيادت ۾ اڍائي سؤ چونڊ بهادرن جو لشڪر سنڌ ڏي موڪليو ويو. سموري لشڪر جي نگراني شاه بيگ خود ٿي ڪئي. ارغونن پهرين ڦرلٽ ڪوٽ ماڇي ۽ چانڊڪا ۾ ڪئي. ارغوني لشڪر باغبان وٽان گذريو. ان وقت دريا خان جي پٽن کيس للڪاريو، ليڪن فاتحن رستو تبديل ڪري ٺٽي طرف پيش قدمي ڪئي. باغبان ۾ مختصر قيام وقت هتان جي زميندارن شاه بيگ سان نيازمنديءَ جو اظهار ڪيو.

ارغونن ”ساموئي“ جي ميدان تي 22 ڊسمبر 1520ع (11 محرم 927هه) تي جنگ جو ميدان سينگاريو. هن موقعي تي فيروز تختگاه ڇڏي، ڀرپاسي جي علائقن ۾ وڃي پناه ورتي. دريا خان پنهنجي لشڪر سان ارغونن کي منهن ڏنو. مؤرخن جنگ جو احوال ڏيندي لکيو آهي ته:

”ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اهڙي سخت لڙائي لڳي، جنهن جي شرح کان قلم جي زبان قاصر آهي. نيٺ امير شاه بيگ فتحمند ٿيو. ڄام فيروز درياه ٽپي ڀڄي ويو ۽ دريا خان هڪڙي تنگربردي قبتاش نالي ارغون جي، جنهن کي قبتاش جي لقب سان سڏيندا هئا، هٿ چڙهيو ۽ ٻين سمن سپاهين سان گڏ قتل ٿي ويو. مغل 20 محرم تائين ٺٽي جي شهر کي ڦريندا ۽ لٽيندا ۽ ان جي رهاڪن کي ذليل ڪندا رهيا.“(10)

ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته ارغونن درياخان کي صلح جي ڳالهين تي گهرايو ۽ بعد ۾ کيس قتل ڪرائي ڇڏيائون. اصل حقيقت ڪيئن به هجي، ليڪن سنڌ جو هي فرزند ابتدا کان آخر تائين پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندو رهيو ۽ آخرڪار لڙندي وڙهندي مارجي ويو.

درياخان جي شهادت کان پوءِ سنڌ جو تختگاه ”ٺٽو“ ڏهن سالن تائين آڳ ۽ خون ۾ سڙندو ۽ لت پت ٿيندو رهيو. ڏهن ڏينهن جي هن تباهي، شهر جي رونق ۽ چهچٽو ختم ڪري ڇڏيو. سوين گهر اجڙيا ۽ هزارين مانهو شهيد ٿيا. ان تباه ڪن حالت ۾ نه شريف جي عزت محفوظ رهي ۽ نه وري عالم جو علم ۽ ڪتاب بچي سگهيا. ان تباهي ۽ برباديءَ کان پوءِ ڄام فيروز خوار خراب ٿي شاه بيگ جي آڏو پيش ٿيو. سنڌ کي ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري هيٺيون حصو فيروز کي ڏنو ويو ۽ سيوهڻ کان مٿي وارو علائقو ارغونن سنڀاليو. هاڻي شاه بيگ سيوهڻ پهتو. قاضي قادن ساڻس گڏ هو. مير عليڪ ارغون، سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان کي سيوهڻ تي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته بکر جي قلعي تي سلطان محمد ڪوڪلتاش کي مقرر ڪيو ويو. ان وچ ۾ خبر پهتي ته ”ٽلٽي“ ۾ دريا خان جا پٽ ۽ مخدوم بلال جنگ جي تياري پيا ڪن. شاه بيگ انهن جي سمجهاڻي واسطي قاضي قادن کي موڪليو. هن موٽي اچي اطلاع ڏنو ته: ميان محمود، موٽڻ، ڄام سارنگ ۽ رنمل سوڍو اچڻ لاءِ تيار هئا، ليڪن مخدوم بلال کين روڪي ڇڏيو. هن جنگ ۾ سوڍن ڄمي لڙائي ڪئي ۽ رنمل سوڍو مارجي ويو. ارغونن غلبي حاصل ڪرڻ بعد هتان جي ماڻهن تي زبردست تباهي آندي ۽ شهر کي ويران ڪري ڇڏيائون. شاه بيگ هتان جي انتظام جي خاطري ڪري پاڻ شال طرف موٽي ويو.(11)

ارغوني فتح ۽ سمن جي ڪمزوريءَ جي خبر گجرات پهتي ته ڄام صلاح الدين ڏهن هزارن جو لشڪر تيار ڪري ٺٽي تي حملو ڪيو. هن لشڪر ۾ سمان، ڪڇي، جاڙيجا ۽ سوڍا شامل هئا. فيروز هي اطلاع ملندي ئي سيوهڻ هليو ويو. شاه حسن ارغون کي شامل ڪري، فيروز وري حڪومت وٺڻ چاهي ٿي. صلاح الدين هن حملي جو اطلاع ملندي بدين طرف جنگ جو ميدان سينگاريو. ڄام صلاح الدين سان سندس پٽ هيبت خان ۽ فيروز جو پٽ فتح خان به شامل رهيا. ٻنهي ڌرين ۾ سخت لڙائي ٿي. ابتدا ۾ هيبت خان مارجي ويو. ان بعد ڄام صلاح الدين خوب لڙائي ڪري خود به ميدان جنگ تي شهيد ٿي ويو. فتح خان گرفتار ٿيو، جنهن کي فيروز جي منٿ ميڙ تي معاف ڪيو ويو. هن لڙائيءَ ۾ ٻنهي ڌرين جو سخت جاني نقصان ٿيو. ڄام فيروز وري ننگر ٺٽي تي حڪمران بنجي ويو، جڌهن ته شاه حسن ارغون ”باغبان“ جي ماڇين تي اچي ڪڙڪيو. ماڇين جا تمام گهڻا ماڻهو قتل ڪيا ويا. هنن جا مال ۽ ڍور ڍڳا ڦري لٽي، گهر تڙ ۽ قلعون زمين برابر ڪري ڇڏيائون.(12)

هنن ڪارواين بعد ارغونن اتر سنڌ ۾ فوجي مهم جاري رکي. شاه بيگ باغبان مان دلجاءِ ڪري، سيوهڻ جي قلعي جو معائنو ڪيو. هن اتي قلعي کي مضبوط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ان بعد پاڻ بکر طرف روانو ٿيو. بکر ۾ ارغونن سخت قدم کنيا. ٻروچن جا ٻائيتاليهه ڳوٺ ناس ڪيا ويا ۽ ستيتاليهه ڌاريجا سردارن کي ختم ڪيو ويو. مير معصوم جو اطلاع آهي ته هي فيصلا قاضي قادن جي مشوري سان ڪيا ويا. هو لکي ٿو:

”قاضيءَ عرض ڪيو ته هيءُ ملڪ سيلابي آهي ۽ هن زمين ۾ ڪنڊا گهڻا ڄمندا آهن، تنهن ڪري چنجور هميشه هٿ ۾ رکڻ گهرجي. شاه بيگ هن سخن ٻڌڻ ‏شرط انهن ماڻهن جي قتل جو حڪم فرمايو. سلطان محمود خان هڪدم شهر ۾ پهتو ۽ راتو رات انهن ماڻهن کي قتل ڪرائي، انهيءَ برج کي هيٺ ڦٽو ڪرايو جو خوني برج جي نالي سان مشهور آهي.“(12)

شاهه بيگ ارغون کي جڏهن سنڌ جي قبضي جو يقين ٿيو، تڏهن هن 5 سيپٽمبر 1522ع (13 شوال 928هه) تي قنڌار جي قلعي جون ڪنجيون بابر بادشاه جي حوالي ڪيون. هڪ سال پوءِ سن 1523ع (929هه) ۾ ارغونن محب وطن سنڌي عالم مخدوم بلال کي شهيد ڪري ڇڏيو. هاڻي ارغونن گجرات جي فتح جي تياري ڪئي. بابر جي خوشاب پهچڻ ۽ هندستان جي فتح جي ارادي جي خبر جڏهن شاه بيگ کي پهتي، تڏهن سخت مايوس ٿيو. پاڻ هن اطلاع تي هي تبصرو ڪيائين:

”حاضرين مجلس کي چيائين ته بادشاه سنڌ ۾ اسان کي پنهنجي حال تي نه ڇڏيندو ۽ اڳي پوءِ نيٺ هي ملڪ اسان کان ۽ اسان جي اولاد کان کسي وٺندو، تنهن ڪري اسان تي لازم آهي ته ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن ڀڄون.“(14)

هزارين ميل لتاڙي اچڻ ۽ قنڌار کي ڇڏي سنڌ کي فتح ڪرڻ بعد به ارغونن کي پنهنجو مستقبل محفوظ ڏسڻ ۾ نه آيو. شاه بيگ ٻئي ملڪ طور ”گجرات“ کي منتخب ڪيو. گجرات طرف ويندي شاه بيگ ”اگهاماڻي“ ۾ قيام ڪيو، جتي 26 جون 1524ع (22 شعبان 930) تي فوت ٿيو.(15) ٽن سالن بعد سندس تابوت مڪي موڪليو ويو.

شاه بيگ جي مرڻ بعد شاه حسن ارغون ”نصرپور“ ۾ تخت نشين ٿيو. ان موقعي تي ڄام فيروز مبارڪباد موڪلي، پنهنجي تابعداريءَ جو اعلان ڪيو. ليڪن شاه ارغون ٺٽي طرف پيش قدمي ڪئي. هن لشڪر ڪشيءَ جو اطلاع ملڻ شرط ڄام فيروز شهر ڇڏي ڀڄي ويو. ماڻڪ وزير ۽ فيروز جي ناٺيءَ شيخ ابراهيم ارغونن سان بحري جنگ ڪئي، پر کين ناڪامي ٿي. فيروز ڪڇ طرف نڪري ويو. مرزا شاه حسن ننگر ٺٽي ۾ زبردست خونريزي ڪرائي. هن واقعي کان اثر انداز ٿي هڪ مؤرخ لکي ٿو ته:

”خدا تعاليٰ شال مؤمن يا ڪافر کي به اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري.“

ڄام فيروز پنجاه هزارن جو لشڪر گڏ ڪري سن 1525ع ۾ چاچڪن ۽ راهمن جي آس پاس ۾ ظاهر ٿيو. ارغونن ڊگهي بحث مباحثي بعد فيروز سان جنگ جو فيصلو ڪيو. هن جنگ ۾ ٻنهي ڌرين جا اٽڪل روءِ ويهه هزار ماڻهو مارجي ويا. ڄام فيروز پريشانيءَ ۽ پشيمانيءَ جي حالت ۾ گجرات ڏي هليو ويو. شاه حسن هيٺين سنڌ ۾ انتظام ٺيڪ ٺاڪ ڪري اتر ڏي راهي ٿيو، جتي ماٿيلي، اٻاوڙي، ڀٽي (ڀٽا واهڻ؟) واهڻ ۽ ملتان تائين مختلف واهڻ، شهر، ڳوٺ ۽ قبيلا سندس ظلم ۽ بربريت جو نشانو بنيا. ان ڪري هتان جي سوين عالمن، صوفين ۽ ڪاريگرن – گجرات ۽ حجاز مقدس ڏي لڏ پلاڻ ڪئي. بلالي (بلاولي) تحريڪ جي مکيه اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي خاتمي بعد قاضي قادن بکر جي قضا جو عهد وٺي خاموش ٿي ويو. زندگيءَ جي آخر ۾ قاضي قادن پڻ پنهنجي عهدي تان استغفا ڏئي حجاز مقدس ٿي هليو ويو. سن 1535ع ۾ همايون گجرات تي حملو ڪيو. ان موقعي تي ڄام فيروز گرفتار ٿيو ۽ پوءِ کيس همايون جي حڪم تي قتل ڪيو ويو. ان ريت سنڌ ۾ سمن جي سلطنت جي پڄاڻي ٿي. ان بعد هي خطو ٻن صدين تائين وري ڏيهي راڄ نه ڏسي سگهيو!

 

 (وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org