ڄام مبارڪ
ابتدا ۾ هي ڄام جوڻي جو وزير هو. ڪجهه مؤرخن کيس
غاصب سڏيو آهي. هن کي اقتدار جي مسند ماڻڻ جو صرف
ٽي ڏينهن موقعو مليو. ٽن ڏينهن کان پوءِ کيس تخت ۽
تاج کان الڳ ڪيو ويو. شاهي خاندان سان سندس تعلق
چٽو ڪونهي. تاهم خاطري آهي ته هو حڪمران گهراڻي جو
هڪ فرد هو. تاريخ معصوم کيس دربان سڏيو آهي. هن جو
نالو مبارڪ خان هو. اقتدار تي ويهڻ شرط پاڻ کي ڄام
مبارڪ سڏائڻ لڳو. مبارڪ خان ٽن ڏينهن بعد معزول
ڪيو ويو.
ڄام سڪندر شاهه
(ثاني)
هن کي ڄام محمد عرف ڄام انڙ به سڏيو ويو آهي. ڄام
سڪندر ثاني ڏيڍ سال سنڌ تي حڪومت ڪئي. جڏهن اقتدار
جي مسند تي ويٺو، تڏهن اڃا ننڍي عمر جو هو. ان ڪري
بکر ۽ سيوستان جي مقامي حاڪمن سندس خلاف بغاوت
ڪئي. هي اطلاع ملندي ڄام سڪندر ڪثير لشڪر سان بکر
طرف روانو ٿيو. اڃا مس نصرپور پهتو ته پٺيان کيس
مبارڪ خان جي شورش جو اطلاع پهتو، جنهن صورت ۾
تختگاه جا امير ۽ عوام، ڄام سڪندر سان ڳانڍاپيل
هئا، ان ڪري ٽن ڏينهن بعد مبارڪ خان کي اقتدار تان
هٽايو ويو. بهرحال، ٺٽي جي غير يقيني صورتحال سبب
ڄام سڪندر – بکر ۽ سيوهڻ جي عملدارن سان صلح
ڪيو.(13)
ڄام سڪندر جي حڪم تي مئنگلور ڪاٺياواڙ جي عالم
مولانا علاؤالدين هڪ عربي درسي ڪتاب ”شمہ في
الميزان“ جي آسان شرح ”الزبدة“ جي نالي سان تيار
ڪئي ۽ ان کي ڄام جي نالي منسوب ڪيائين. هي انتساب
هن ريت هو: مون کي اهڙي هڪ هستي چيو، جنهن جي
انڪار جي مون کي طاقت ناهي – جنهن جي فضيلت جا
موافق توڙي مخالف قائل آهن ۽ جو به سندس کماحقه
مدح جو خيال ڪري، تنهن کي جڳائي ته سندس حاسدن ۽
دشمنن جي ڪدورت کان ڪناره ڪشي ڪري، تاڪه ٻين لاءِ
حقيقت واضح ٿئي ۽ اهو آهي وڏو حاڪم، علم ۽ حلم،
سخا ۽ ڪرم جو صاحب محمد عرف انڙ پٽ فتح خان پٽ
صدرالدين پٽ توڳاچي پٽ ڄام [جوڻو]. شال سدائين
سندس ذاتي خوبين سان توفيق حال هجي ۽ (ڌڻي جي) مدد
سهارو هجي.(14) هي ڪتاب پوءِ گهڻي عرصي تائين سنڌ
۽ گجرات جي نصاب ۾ شامل رهيو. هن ڄام جي دور ۾
تعمير ٿيل ڪجهه کوهن تان پڪيون سرون مليون آهن، جن
تي سنڌي گاڏڙ سرائڪي ڪتبا مليا آهن. انهن جو ذڪر
اڳتي ايندو.
ڄام سنجر عرف راءَ ڏنو
ڄام سڪندر کان پوءِ ڄام سنجر سنڌ جو سلطان بنيو.
مير علي شير ۽ مير محمد معصوم ڄام سنجر ۽ راءِ ڏني
کي الڳ الڳ ذڪر هيٺ آندو آهي، ليڪن نئين کوجنا
موجب سمن جي سلسلي جو هي هڪ ئي بادشاه هو، جنهن کي
سلطان صدر الدين شاه جي نالي سان به سڏيو ويو آهي.
محترم محمد حسين پنهور، راء ڏني جي جاءِ تي سندس
نالو ”راڌڻ“ تجويز ڪيو آهي.(15) اصل صورتحال ڇا به
هجي، ليڪن راڌڻ نالو اڄ به سماٽ قبيلن ۾ رکيو وڃي
ٿو.
ڄام سنجر گهڻو وقت ڪڇ ۾ مقيم هو. جڏهن کيس ڄام
سڪندر جي وفات جو اطلاع مليو، تڏهن هڪدم ننگر ٺٽي
پهتو. اميرن سندس حڪومت تي اتفاق ڪيو ۽ هو سنڌ جو
نئون بادشاه بنجي ويو. گمان آهي ته سڪندر جي مختصر
دور حڪومت ۾ مقامي عملدارن خود سري ڪئي هئي ۽ هر
طرف بدامني ۽ پريشاني پکڙجي وئي هئي. ڄام سنجر
صورتحال جي سڌاري لاءِ ترت فيصلا ڪيا. مير معصوم
لکي ٿو:
”هن ڏيڍ سال جي عرصي ۾ ساري سنڌ ولايت سمنڊ کان
وٺي ماٿيلي ۽ اٻاوڙي جي سرحد گاجريلي ۽ ڪنڌي تائين
پنهنجي قبضي ۾ آندي.“
مؤرخن ڄام سنجر جي دور ۽ شخصيت جي وڏي واکاڻ ڪئي
آهي. هي ڄام بيحد خوبصورت ۽ سهڻو هو. سوين سندس
عاشق هئا ۽ بنا اجوري جي هن جي درٻار ۾ ڪم ڪندا
هئا. هڪ فقير مٿس فدا هو ۽ هر وقت سندس بادشاهي
ماڻڻ لاءِ دعاگو رهندو هو. هڪ ڀيري ڄام کي هڪ
قاضيءَ جي رشوت وٺڻ جي شڪايت پهتي. ڄام ملازمن جي
پگهارن وڌائڻ جو اعلان ڪري، رشوت جهڙي مرض جي
خاتمي جي ڪوشش ڪئي. سندس زماني ۾ سنڌ جا ڪڇ ۽
گجرات سان بهتر لاڳاپا برقرار رهيا. هن دور ۾ سنڌ
جي دفاع خاطر، ڪڇ ملڪ ۽ جوڌپور جي سرحدن تي چوڪيون
قائم ڪيون ويون. هنن سرحدن تي سوڍن ۽ سومرن ماڻهن
کي آباد ڪيو ويو.
ڄام سنجر جي موت بابت جدا جدا رايا ملن ٿا. هڪ
راءِ آهي ته کيس زهر جو پيالو پياري ختم ڪيو ويو.
ٻي راءِ موجب هو طبعي موت مئو هو. ان ريت سندس
اقتدار کان الڳ ٿيڻ بابت به ٻه خيال ملن ٿا. هڪ
تحرير موجب سندس وفات کان پوءِ ڄام نظام الدين
نالي سندس پٽ سنڌ جو بادشاه بنيو، جڏهن ته پنهور
صاحب جو دليل آهي ته ڄام نظام الدين کي اقتدار جي
واڳ سونپي، ڄام سنجر پنهنجن ٻين ٻن پٽن سميت گجرات
ڏي نڪري ويو. ان صورت ۾ سندس وفات به اتي ٿي
هوندي. تاريخن ۾ ڄام جي هنن پٽن جا نالا محفوظ نه
رهيا آهن. تاهم انهن مان هڪ جي پٽ ڄام صلاح الدين
(ڄام سنجر جو پوٽو)، ڄام نظام الدين کان پوءِ سنڌ
جي تخت ۽ تاج جي دعويٰ ڪئي هئي. ويجهڙائي ۾ هن ڄام
جو سڪو پڻ مليو آهي.
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو
ڄام سنجر کان پوءِ ڄام نظام الدين سنڌ جو بادشاه
بنيو. هي واقعو سن1461ع (866هه) ۾ ٿي گذريو. هي
سلطان سنڌي ماڻهن ۾ ڄام نندي جي نالي سان مشهور
آهي. سندس ٻن ڀائرن جو ذڪر مٿي ٿيو. انهن جا نالا
مولائي شيدائي – ابراهيم ۽ بايزيد – لکيا آهن.(16)
حقيقت ۾ هي سنڌ جي درٻار جا ٻه امير هئا، ۽ سندن
شاهي خاندان سان ڪوبه واسطو نه هو.(17) ياد رهي ته
هي امير ڪنهن ڳالهه تي ڄام نندي کان ناراض ٿي،
لانگاهن جي ملتاني درٻار ۾ وڃي رهيا هئا.
سلطان ڄام نظام الدين انتهائي بخت واري وقت سنڌ جو
تخت ڌڻي بنيو. چوءطرف صلح سانت هو. چئني پاسن ۾
سندس جهڙا معتبر سياستڪار حڪم هلائي رهيا هئا.
انهن بادشاهن کي اندروني استحڪام حاصل هو. نه ته
کين پنهنجي بغاوت سان منهن ڏيڻو هو ۽ نه وري ڪو
پاڙيسري قومن تي حملو ڪري ڦرلٽ جو خواهشمند هو.
هندي ننڍي کنڊ ۾ تاريخ اهڙي خوش بخت يڪسوئي مشڪل
سان پيدا ڪئي هوندي. جنهن سمي سلطان ڄام نظام
الدين سنڌ تي حڪومت ڪري رهيو هو، ان وقت سندس ملڪ
جي آس پاس هن ريت حڪمراني ۽ حڪومت جو سلسلو موجود
هو: اوڀر ۾ گجرات تي محمود بيگڙو (1458-1511ع)،
اتر ۾ ملتان تي حسين لانگاه (1460-1502ع)، دهلي
سلطنت تي بهلول لوڌي (1451-1489ع)، ڪشمير تي سلطان
زين العابدين (1420-1470ع) ۽ ماروار جوڌپور تي
راجا جوڌ (1438-1488ع) – آزادي، اطمينان، خودسري ۽
وقار سان حڪومت ڪري رهيا هئا. ننڍي کنڊ کان ٻاهر
ڪابل، قنڌار ۽ هرات تي سلطان حسين مرزا بايقرا
(1458-1506ع) پوري آب تاب ۽ حشمت سان بادشاهي ڪري
رهيو هو. ڄام نندي جي دور ۾ حسين مرزا سنڌ تي حملو
ڪرايو، جنهن کي ڄامن زبردست شڪست ڏني.
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو، سنڌي اتساه جو مثالي
بادشاه ۽ حاڪم ٿي گذريو آهي. هن پورا اٺيتاليهه
سال سنڌ ۽ سنڌين جي دلين تي راڄ ڪيو. مير معصوم
سندس تخت نشيني بابت لکي ٿو:
”هن جي ويهارڻ تي سڀ ماڻهو، عالم، صالح، رعيت ۽
سپاهي متفق هئا. هن خودمختيار ٿي سربلنديءَ جو
جهنڊو بلند ڪيو.“
ڄام نندو بادشاه بنجڻ کان اڳ، اڪثر وقت خانقاهن ۽
مدرسن ۾ گذاريندو هو. پاڻ نهايت وڻندڙ صفتن ۽ سهڻن
اخلاقن جو مالڪ هو. حد درجي جو زاهد ۽ عابد هو.
سندس دور کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. هن
سنڌ جو حاڪم بنجڻ شرط امن امان کي مستحڪم ڪرڻ ۽
سرحدن کي مضبوط ڪرڻ جا فيصلا ڪيا. ڄام هڪ وڏي لشڪر
سان بکر پهتو. اتان جي بدنظمي ختم ڪري دلشاد کي
مقامي عملدار مقرر ڪري، پاڻ ننگر ٺٽي واپس موٽيو.
سندس دور ۾ رعيت خوش ۽ ماڻهو خوشحال هئا. عالم،
صالح، فقير، سپاهي ۽ امير مطلب ته هر قسم جا ماڻهو
ڄام نندي جي دور ۾ مطمئن هئا. مير معصوم سندس امن
پسند طبيعت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”هو هر هفتي پنهنجي طبيلي ۾ ويندو هو ۽ گهوڙن جي
پيشاني تي هٿ ڦيري چوندو هو ته اي بختاورؤ! جهاد
بغير اوهان تي سواري نه ڪندس، ڇو ته چئني سرحدن تي
اسلامي حاڪم آهن. دعا ڪريو ته شرعي سبب کانسواءِ
ڪٿي به نه وڃان ۽ نه وري ٻيو ڪو هتي اچي. متان
مسلمانن جو خون بنا ڏوه جي وهي ۽ الله سبحانہ
وتعاليٰ وٽ شرمندو ٿيان.“
سندس دور ۾ اسلام جي اشاعت ۽ نبوي سنت جي تمام
گهڻي پيروي ٿي. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو ته سندس
زماني ۾ چارئي پاسا دوست رياستون موجود هيون، ان
ڪري سنڌ کي مثالي سياسي استحڪام نصيب ٿيو. ان پس
منظر ۾ عوامي زندگيءَ ۾ اطمينان هو ۽ هاري توڙي
پورهيت ملڪي معيشت جي واڌاري لاءِ ڪوشان هئا.
زراعت ۾ بهتري آئي ۽ وڻج واپار ۾ وسعت پيدا ٿي. هن
ڄام جي زماني ۾ متعدد واه به کوٽيا ويا.(18) ان
ريت سموري سنڌ سرسبز ۽ خوشحال بنجي وئي.
ڄام نندي سن1495ع (900هه) ۾ ننگر ٺٽي کي نئين سر
اڏايو. سندس دور ۾ هي شهر تهذيب ۽ تمدن جو بين
الاقوامي مرڪز بنجي ويو. هتي ڪيئي خانقاهون، مڪتب
۽ مدرسا تعمير ڪيا ويا. مختلف قسمن ۽ درجن جي
ماڻهن لاءِ جدا جدا پاڙا ۽ محلا تعمير ڪري، ننگر
ٺٽي کي هڪ نئون روپ ڏنو ويو. ڄام جي سعيي ۽ ڪوشش
سان سنڌ جو هي تختگاه بغداد ۽ دمشق جي سطح تي پهچي
ويو. هڪ طرف مڪليءَ تي محفلون هيون ۽ ٻئي طرف
ساموئي پڻ صوفين جو اهم مرڪز ڏسجي ٿو. جنهن دور ۾
سنڌ ۾ ”ٺٽو“ ننگر اوج تي هو، ان زماني ۾ گجرات ۾
”احمد آباد“ مرڪزي ايشيا ۾ ”هرات“، اتر ۾ ”ملتان“
۽ هند ۾ ”دهلي“ پڻ اهم شهر ڏسجن ٿا.
ڄام نظام الدين حڪومت جي انتظام ۾ مناسب سڌارا
آندا ۽ چند لائق وزيرن ۽ اميرن کي پنهنجي حڪومت ۾
شامل ڪيو. اهڙن ناليرن اميرن ۾ دريا خان جو نالو
عالم آشڪار آهي. سنڌ جون مقامي تاريخون ۽ تذڪرا
ڄام نندي جي دور ۾ ڪنهن به لڙائي ۽ جنگ جو اطلاع
ڏيڻ کان قاصر آهن، تاهم سنڌ کان ٻاهر لکيل ڪتابن
هن دور ۾ ڪجهه ڇڪتاڻ جي نشاندهي ڪئي آهي. سلطان
محمود بيگڙو گجرات جو بادشاهه سال 1471ع ۾ چمپانير
ويندي پارڪر پهتو. کيس هتان جي مسلم ۽ هندو قبيلن
۾ ٽڪراءَ جو اطلاع ڏنو ويو. سلطان محمود کي پارڪر
۾ چوويهه هزارن جي لشڪر سان منهن ڏيڻو پيو. مقامي
لشڪر ۾ ڪلهوڙا، سومرا ۽ سوڍا شامل هئا. محمود
بيگڙي هر طرح سان ويڙهه کان پاسو ڪيو ۽ آخرڪار
ٻنهي ڌرين ۾ ٺاه ٿيو. سلطان کي هي معلوم ڪري تعجب
ٿيو ته ٿر ۽ پارڪر جا ماڻهو مسلمان هوندي به
اسلامي ريتن ۽ رسمن کان اڻ واقف هئا. بادشاهه جي
آڇ تي هتان جي اڪثر قبيلن، گجرات جي شهر سورٺ تي
لڏپلاڻ ڪئي، جتي سندن تعليم ۽ تربيت جو مناسب
بندوبست ڪيو ويو.(19)
ڪڇ جي ڪناري سان سال 1472ع ۾ سنڌي قبيلن جي هڪ
بغاوت جو اطلاع ملي ٿو، جنهن ۾ چاليهه هزار فردن
حصو ورتو هو. ان وقت گجرات جو سلطان محمود بيگڙو
ڪڇ ۾ موجود هو. کيس جڏهن سنڌ ۾ ان شورش جي خبر
پهتي، تڏهن پاڻ هڪ وڏو لشڪر ڄام جي مدد لاءِ
موڪليائين. سنڌي ۽ گجراتي فوج بگڙيل صورتحال کي
ضابطي ۾ آندو. ڄام نندي اهڙي مدد لاءِ بيگڙي جا
ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي نياڻي گجرات موڪلي ڏني، جنهن
جو نڪاح خانديش جي شهزادي قيصر خان سان ٿيو.(20)
هندي ذخيرن موجب محمود بيگڙو سنڌي حاڪم ڄام نندي
جو ڏوهٽو هو. ان ڪري ان صاحب هر موقعي تي سنڌين جي
مدد ڪئي. اصل ۾ هي بادشاه ڄام تغلق (نمبر12) جو
ڏوهٽو هو.
ڄام نندي جي دور ۾ هرات تي سلطان حسين بايقرا جو
حڪم هلندو هو. سلطان حسين جي فوج سنڌ جي سرحدي شهر
”سبي“ تي ڪاه ڪئي. هن شهر تي امير بهادر ڄام جو
نائب هو. منگولن جي موت مار حملي ۾ سنڌي فوج شڪست
کاڌي ۽ شهر تي هراتين قبضو ڪيو. هي واقعو سن1485ع
۾ ٿي گذريو. هتي محمد ارغون (ڀاءُ شاه بيگ ارغون)
کي عملدار مقرر ڪيو ويو. سوڀ جي نشي ۽ طاقت جي
غرور ۾ منگولن هن واقعي بابت هڪ اعلان جاري ڪيو،
جنهن ۾ حملي کي جائز قرار ڏيڻ ۽ پنهنجي فتح جو
اظهار هن ريت ڪرڻ کي ترجيح ڏنائون:
”صبح تائين ٻئي فوجون منهن مقابل اچي ٿيون. اسلامي
فوج انهن بدبخت هندن جي لاشن جا ڍير لڳائي ڇڏيا.
خدا تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان فتح عظيم حاصل
ٿي.“(21)
منگولن عارضي سوڀ جي نشي ۾ پنهنجي پڌرنامي ۾
مسلمانن (سنڌين) کي به هندو سڏيو. هوڏي ڄام نندي
هميشه مسلمانن تي ڪاهه ڪرڻ کان پاسو ڪيو، ليڪن
جڏهن هيءَ صورتحال پيدا ٿي، تڏهن دريا خان ڪثير
لشڪر سان سنڌ جي اترين سرحد ڏي روانو ٿيو. سال
1490ع ۾ ارغونن ۽ دريا خان ۾ معرڪا ٿيا، جن ۾
سلطان محمد مارجي ويو. ان ريت سنڌ جو وڃايل علائقو
واپس ورتو ويو. اهل سنڌ جي هن فتح جي نشاندهي مڪلي
ٽڪر تي دريا خان جي مزار تي لڳل ڪتبن ذريعي ٿي
آهي. جيسين ڄام نندو زنده هو، منگولن سندس ملڪ تي
وري حملو نه ڪيو.(22)
سن1500ع ۾ ميران محمد جونپوري ننگر ٺٽي ۾ داخل
ٿيو. هن ڏيڍ سال جو عرصو هت رهي پنهنجي خيالن جي
تبليغ ڪئي. ٻين بزرگن کان علاوه دريا خان ۽ قاضي
قادن به سندس حلقي ۾ داخل ٿيا. بعد ۾ ڄام جي
هدايتن تي کيس ملڪ بدر ڪيو ويو. سن1505ع ۾ سلطان
محمود بيگڙو ننگر پارڪر ۾ ڏسجي ٿو. هتي سوڍن قبيلن
ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪئي هئي، جنهن کي بيگڙي
حرفت ۽ حيلي سان ضابطي ۾ آندو. روايتن موجب هن دور
۾ ڀوڏيسر ۾ هڪ مسجد تعمير ٿي، جنهن لاءِ گجراتي
سلطان رقم مهيا ڪئي هئي.
سمن جي سلطنت سورهين صديءَ جي ابتدا ۾ پنهنجي اوج
کي پهتي. جيتوڻيڪ ڄام نندو اڃا زنده هو. تاهم هندي
سمنڊ کان ڪري هرات، سمرقند ۽ ايران تائين تبديلين
۽ انقلابن جا اهڃاڻ ظاهر ٿي رهيا هئا. گجرات جي
سامونڊي ڪنارن تي پورچوگيز پهچي چڪا هئا. انهن کي
ڪمزور ڪرڻ لاءِ گجراتين، مصرين ۽ ترڪين گڏجي محاذ
آرائي ڪئي. ليڪن هزارين مسلم سپاهي، چند سؤ يورپي
ملاحن هٿان شڪست کائي ويا. امڪان آهي ته سنڌي فوج
پڻ انهن لڙائين ۾ حصو ورتو هوندو. روايتن موجب
بلوچستان ۾ هن دور ۾ ئي لاشارين ۽ رندن جي ٽيهه
ساله گهرو لڙائي شروع ٿي. هن ويڙهه ۾ وڏي خونريزي
ٿي ۽ آخرڪار لاشارين سنڌ ۾ اچي پناه ورتي. هڪ راءِ
هيءَ به آهي ته ڄام نندي هن خانه جنگيءَ ۾ لاشارين
جي مدد ڪئي هئي. جڏهن ته ارغونن وري رندن جي مدد
ڪئي هئي.(23) اولهه ۽ وچ ايشيا ۾ مختلف منگول
قبيلا پاڻ ۾ لڙندا رهيا، جنهن سبب سمرقند، هرات،
ڪابل ۽ قنڌار ۾ بي آرامي ۽ بربريت جاري رهي.
جيئن ته ڄام نندي اڌ صدي سنڌ تي پوري عزم ۽
استقلال سان حڪومت ڪئي هئي، ان ڪري سندس دور ۾ سمن
جي سلطنت پنهنجي وسعت جي انتها کي پهتي. ڪڇ کان
سبي ۽ بندر لاهريءَ کان اچ تائين سندس حڪم هلندو
هو. هن دور ۾ سنڌ جو سياسي ۽ معاشي توڙي ۽ فني اوج
ڏسجي ٿي. ڄام نندي جي پنهنجي سڪي ملڻ سان هن دور
جي مثالي هجڻ ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش باقي نه رهي
آهي. ليڪن جيئن جيئن پوڙهي ڄام نظام الدين جي عمر
جو سج لهي رهيو هو، تيئن تيئن تاريخ جي يڪسوئي ۽
خوشگوار پلڪ پوري ٿي رهي هئي. سڀ کان اول ڪشمير جو
سلطان زين العابدين فوت ٿيو. (1470ع) ان بعد راجا
جوڌا (مرتيو:1488ع) ۽ بهلول لوڌي (وفات:1489ع)
چالاڻو ڪيو. سلطان حسين لانگاه (وفات:1502ع) ۽
حسين بايقر مرزا (موت:1506ع) بعد ۾ فوت ٿيا.
سال1502ع ۾ شاه اسماعيل ايران ۾ ”صفوي“ بادشاهت جو
بنياد رکيو. هن واقعي مرڪزي ايشيا ۽ ايران توڙي
سنڌ تائين پنهنجا اثرات ڇڏيا. هڪ سال پوءِ سن
1508ع ۾ ڄام نظام الدين به هن جهان کي ڇڏيو. جڏهن
سياست توڙي سفارتڪاري ۽ ملڪي معاملن جي ڇيڙي
نبيريءَ جا اهي مثال اهڃاڻ، چند سالن جي گهيري ۾
هڪ ٻئي پٺيان هي جهان ڇڏيندا ويا، تڏهن تاريخ ۾
معتبر سياستڪارن ۽ ڏاهن جو هڪ زبردست خال پيدا
ٿيو. ان ريت مختلف ملڪن جي معاملن ۾ ابتري شروع
ٿي، جنهن ۾ سمن جي حاڪميت جا بنياد پڻ ڊهڻ شروع ٿي
ويا. جيتوڻيڪ اتهاس جو هڪ خوش قسمت بادشاه محمود
بيگڙو اڃا زنده هو، ليڪن هڪ طرف کيس پورچوگيزن
پريشان ڪيو هو ۽ ٻئي طرف جهڙس جهڙا لائق ۽ سندس
صحبتي سلاطين هن جهان مان اڳ ۾ ئي لاڏاڻو ڪري چڪا
هئا. ان پس منظر ۾ هن مڙئي پي گاڏي کي گهليو. ڄام
نظام الدين جي وفات 1508ع (914هه) ۾ ٿي. سندس
مقبرو مڪلي ٽڪريءَ تي موجود آهي.
ڄام فيروز (پهريون ڀيرو)
ڄام نندي جي وفات وقت ڄام فيروز اڃا ننڍي عمر جو
هو، ان ڪري نندي جي هدايتن موجب سلطنت جا سڀ
معاملا دريا خان جي حوالي ٿيا. ٺٽي جي شهرين دريا
خان ۽ ڄام سارنگ جي فيصلي موجب، ڪم عمر فيروز کي
سنڌ جو جائز حڪمران تسليم ڪيو. ٽن سالن جي مختصر
مدت ۾ سنڌ جي سياسي فضا ڪافي تبديل ٿي وئي. هر طرف
بدامني، بي آرامي ۽ افراتفري پکڙجي وئي. سلطنت جا
امير جائز مرتبي نه ملڻ سبب، نراس ۽ مايوس ٿيڻ
لڳا. شريف جي جاءِ رذيل والاري، عالم جي جاءِ جاهل
ورتي، ڏاهن جي جاءِ تي نادان پهتا، اميرن جي ڀيٽ ۾
مسخرن کي ترجيح ملي. مير محمد معصوم ان متعلق لکي
ٿو:
”ڄام فيروز ابتدا جوانيءَ ۾ تخت تي ويٺو هو، تنهن
ڪري عيش کي لڳي ويو ۽ گهڻو ڪري اندر حرم ۾ رهڻ
لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر ايندو هو ته مخنث ۽ مسخرا
سندس مجلس ۾ هوندا هئا ۽ رازداري ۽ مسخري پيا ڪندا
هئا. سندس وقت ۾ سما ۽ خاصخيلي شهر جي ماڻهن تي
ڏاڍا ظلم ڪندا هئا. دريا خان روڪيندو هون ته
انهيءَ جي بي عزتي ڪندا هئا، جنهن ڪري دريا خان
موڪل وٺي اچي پنهنجي جاگير تي ڳاهن ۾ رهيو.“(24)
هڪ طرف فيروز ملڪ جي اندروني معاملن ۾ غلط پاليسي
اختيار ڪئي، جنهن سبب دريا خان ۽ ٻيا مکيه صلاحڪار
کانئس الڳ ٿي ويا ۽ ٻئي طرف ڪڇ ۽ گجرات سان پڻ
سندس سلوڪ اطمينان جوڳو برقرار نه رهيو. ان ريت
سلطان مظفر گجراتي جي مدد سان ڄام صلاح الدين ننگر
ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. مارچ 1512ع (محرم 918هه) ۾ سنڌ
جي اميرن ۽ گجراتي لشڪرن جي مدد سان هن سنڌ جي
حاڪميت تي قبضو ڪيو. ڄام فيروز ڪنهن جنگ کان سواءِ
تختگاه کي خالي ڪري ويو. ان دور ۾ دريا خان جو شهر
”ڳاها“ علمي سطح تي وڏي رتبي کي پهتو. محدث
عبدالعزيز ابهري ۽ سندس ٻه پٽ دريا خان جي آڇ تي
”ڳاها“ پهتا ۽ اتي مدرسو ۽ مڪتب کولي ڊگهي عرصي
تائين درس ۽ تدريس جاري رکيائون.
ڄام صلاح الدين
صلاح الدين صرف اٺ مهينا (مارچ کان آڪٽوبر 1512ع)
سنڌ جو حڪمران رهيو. سندس دور ۾ ڪڇ ۽ گجرات سان
سنڌ جا سڄا لاڳاپا وري قائم ٿيا. ڄام صلاح الدين
جي حڪومت ڪيئن رهي؟ ان متعلق مير معصوم لکي ٿو:
”ڄام صلاح الدين ٺٽي جي شهر ۾ بادشاهيءَ جي تخت تي
ويٺو ۽ ڄام فيروز جي ماڻهن تي وٺ پڪڙ ۽ چٽيون وجهي
مال طلب ڪرڻ لڳو.“
سنڌ جو هي شهزادو غلط ڪارڪردگي ۽ دريا خان جي حڪمت
عمليءَ سان صرف اٺ مهينه حڪمراني ڪري سگهيو. ياد
رهي ته ڄام صلاح الدين سمن جي مشهور بادشاه ڄام
سنجر جو پوٽو هو.(25)
ڄام فيروز (ٻيو ڀيرو)
ڄام صلاح الدين جي ٺٽي تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ فيروز
کي دريا خان جي اهميت جو اندازو ٿيو. آخرڪار سنڌ
جو هي بدبخت شهزادو پنهنجي ماءُ کي ساڻ ڪري ڳاها
پهتو. دريا خان سندس منٿ ميڙ کي وزن ڏنو ۽ بکر
توڙي سيوهڻ مان لشڪر گڏ ڪري ٺٽي تي حملو ڪيائين.
هن جنگ ۾ صلاح الدين سوڀارو ٿيو، ليڪن اٽڪل ۽ حرفت
سان دريا خان ناڪاميءَ کي فتح ۾ تبديل ڪيو. ان ريت
صلاح الدين ٺٽي مان نڪتو ۽ گجرات هليو ويو. دريا
خان شهر تي قبضو ڪيو ۽ ڄام فيروز عيد جي ڏينهن
پهرين شوال 918هه برابر 12 آڪٽوبر 1512ع تي
فاتحانه انداز ۾ ٺٽي ۾ داخل ٿيو. هن ڪاميابي ۽
حاصلات جي خوشيءَ ۾ هڪ جشن ملهايو ويو. ان نسبت
سان اثير الدين ابهري، ڄام فيروز جي شان ۾ هڪ
قصيدو چيو:
از آن آسمانست فيروزه رنگ
که نقش نگين تو داده بيجنگ
شب و روز گردد بفيروزيت
تو فيروز شاهي و بهروزيت
همي خواهد از کردگار جليل
که باشي تواندرجهان بيعديل(26)
فيروز جي شان ۾ هي قصيدو، دريا خان جي حڪم تي چيو
ويو هوندو. تاهم فيروز نه ته ساراه جي لائق هو ۽
نه وري تعريف جو حقدار هو. شاعر ته سندس بخت ۽ ڀاڳ
توڙي تخت ۽ تاج جي حق ۾ دعائون گهريون، ليڪن نڀاڳ
جنهن جو مقدر بنجي چڪو هجي ۽ بدبختي سندس مستقبل
ٿي چڪو هجي، اهو ماڻهو ڪٿي ٿو ملڪ کي ايندڙ خطرن
کان محفوظ رکي سگهي. هن ڀيري به ڄام فيروز مملڪت
جي پراڻن خادمن سان سٺو سلوڪ نه ڪيو ۽ نه وري دريا
خان کي حڪومت جي معاملن ۾ شريڪ ڪيو ويو. ان جي ڀيٽ
۾ سنڌ جي درٻار تي ڪم ظرف ۽ ڀاڄوڪڙ ماڻهو اهم
مرتبي جا مالڪ بنجي ويٺا. ان کان علاوه بيروني سطح
تي پڻ هي ملڪ هر طرف کان خطرن ۾ گهيرجي ويو، جنهن
سبب سمن جي سلطنت زوال طرف تڪڙي وک کنئي.
جيتوڻيڪ فيروز جو دور سياسي لحاظ کان ساراه جوڳو
ڪونهي، ان هوندي به ملڪ اندر معاشي بهتري ڏسجي ٿي.
اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجو سڪو جاري ڪيو. فيروز
جي آخري دور ۾ هرات جو شهزادو مرزا بديع الزمان،
شاه بيگ هٿان بيدخل ٿي ننگر ٺٽي پهتو، جتي ڄام
سندس سٺو آڌرڀاءُ ڪيو. ايم.ايڇ.پنهور جو رايو آهي
ته هن دور ۾ پورچوگيزن لاهري بندر تي قبضو ڪري،
اتي پنهنجي واپاري ڪوٺي قائم ڪئي هوندي.(27) سنڌ ۾
فيروز جو خاتمو ڪيئن ٿيو ۽ ارغونن ڪيئن هتي پنهنجو
قبضو قائم ڪيو؟ ان متعلق ايندڙ صفحن ۾ تفصيلي بحث
ڪيو ويندو.
(وڌيڪ پڙهو) |