سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سمن جي سلطنت

باب: --

صفحو :3

 

  

سمن جي سلطنت

تاريخ سنڌ


 

 

پس منظر

 

سنڌ ۾ ايامن کان ڪري هيءَ ڪهاوت مشهور آهي ته:

 

”سنڌ سمون، ڪاڇي چنو، ڀٽي جيسلمير،

چوٿون ڀاءُ هو چغدو، جنهنجو اڱڻ مٿي پير.“

 

ان جو مطلب ته سنڌ ملڪ ۾ ”سمون“ قبيلو خاص اهميت وارو ڏسجي ٿو. اڳتي هلي جڏهن هي قبيلو وڌيو ۽ ٽڙيو پکڙيو، توڙي ان جي ذاتين ۽ قبيلن ۾ وڌيڪ تقسيم ٿي، تڏهن ان سان منسلڪ سڀني گروهن کي ”سماٽ“ جو گڏيل نالو ڏنو ويو. سمن جو قبيلو سنڌ ۾ ڪڏهن آباد ٿيو يا وري ڪهڙي طرف کان ڪوچ ڪري هتي پهتو؟ ان متعلق اسان کي تصديق جوڳو مواد نه ٿو ملي. تاهم انهن جي نج نسل سنڌي ڪٽنب هجڻ ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي.

سندن حسب نسب متعلق ڪجهه ڇڙوڇڙ حوالا ملن ٿا، پر انهن مان ڪوبه خاطر خواه نتيجو نه ٿو نڪري. هيٺ اسين موجود مواد جي آڌار تي هن قبيلي جي اصل نسل؛ سندن لقب ۽ تاريخي پس منظر جو سرسري ذڪر ڪري، بعد ۾ سندن سياسي اڀياس ڪنداسين.

سڀ کان اول مير علي شير قانع هن مسئلي تي بحث ڪيو هو. ان دور ۾ سمن بابت ٽي رايا موجود هئا: هڪ ته هو جمشيد بادشاه جو اولاد آهن، ٻيو ته سندن تعلق عرب جي قريش قبيلي سان آهي ۽ ٽيون ته پاڻ سام جو اولاد هجڻ ڪري حضرت نوح نبيءَ سان واسطو رکن ٿا.(1) ٽي صديون اڳ ڏنل هيءَ راءِ هاڻي ڪو خاص وزن نٿي رکي. موجوده دور ۾ ٻين عالمن کان علاوه ڊاڪٽر ليمبرڪ پڻ - سمن ۽ سومرن کي راجپوت نسل جو سڏي ٿو.(2) عربن جي حملي وقت ”سمن“ اسلام قبول ڪيو. البت ڪجهه گهرن نئون مذهب اختيار ڪرڻ بجاءِ، ڪپ ۽ ڪاٺياواڙ ڏي لڏ پلاڻ ڪئي ۽ آخرڪار اتي پنهنجا راڄ قائم ڪيائون.

سمن جي قبيلي چوڏهين صديءَ ۾ سياسي طاقت حاصل ڪرڻ سان پنهنجو لقب ”ڄام“ رکيو. ڄام اکر جي اصليت بابت پڻ عالمن ۾ اختلاف ڏسجي ٿو. مير علي شير ان جو واسطو به جمشيد بادشاه سان ڏيکاريو آهي، ليڪن ان جي برعڪس هڪ ٻئي عالم اسان کي ٻڌايو آهي ته:

”ڪاٺياواڙ جي راجا ڪرشن جي زال جاموتيءَ مان راجا سامبا ٿيو، جنهن سنڌ ۾ ميناننگر تي سماننگر نالو رکي، ان کي پنهنجو تختگاه مقرر ڪيو. هيءَ سلطنت ”سنڌ - سما“ سڏبي هئي. راجا سامبس سندس نسل مان هو. جاموتيءَ مان هجڻ ڪري ”ڄام“ سندن لقب هو.“(3)

مير علي شير جي ڀيٽ ۾ هيءَ راءِ ڪجهه زياده موزون ڏسجي ٿي. ٻئي طرف سنڌ جون قديم تاريخون ۽ تذڪرا ان حقيقت جي چٽائي ڪن ٿا ته هنن حاڪمن پاڻ هي لقب اختيار نه ڪيو، البته سمن ماڻهن گڏ ٿي، انڙ کي ”ڄام“ جو لقب ڏئي پنهنجو سردار چونڊيو هو.(4)

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”ڄام“ لقب متعلق هن ريت سمجهاڻي ڏني آهي:

”ڄام - سنڌ جي سمه بادشاهن جو لقب. امير، رئيس، سردار، وڏ گهراڻو، هڪ ذات جو نالو.“(5)

سمن جي پهرئين حاڪم ڄام فيروز الدين انڙ جو اولاد ڪافي وڌيو ۽ سنڌ ۾ ٽڙيو پکڙيو. سندس نالي جي نسبت سان پوءِ سنڌ ۾ ”انڙ“ قبيلو مشهور ٿيو. موجوده وقت ۾ هي قبيلو قديم لاکاٽ پرڳڻي (موجوده سڪرنڊ ۽ دولت پور صفن تعلقه) ۾ اڪثريت سان رهي ٿو. هن قبيلي جي دعويٰ آهي ته هو سموري ”سماٽ“ برداريءَ جو سردار گهر آهي. اڄ تائين هي خاندان ”ڄام“ لقب اختيار ڪيو اچي.

سمن جي اصليت ۽ قدامت بابت حقيقت ڇا به هجي، ليڪن ان ۾ شڪ جي گنجائش بلڪل ڪانهي ته هو سنڌ جا قديم رهاڪو آهن. تمام آڳاٽي وقت کان ڪري، هن قبيلي مادر وطن سنڌ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سن325 قبل مسيح ۾، جڏهن يوناني فاتح سڪندر اعظم سنڌ مان لانگهائو ٿيو هو، تڏهن هتان جي متعدد رياستن ۽ قبيلن کيس للڪاريو هو. اڄوڪي زماني جي دادو ۽ سيوهڻ علائقن تي ان دور ۾ راجا سامبس حڪم هلائيندو هو. وٽس هزارن جي تعداد ۾ سوار ۽ پيدل سپاهي هئا، جن کي هن سڪندر اعظم جي خلاف ميدان جنگ تي لاٿو هو. سندس مرڪز ”سيوهڻ“ هو، جنهن کي يونانين ”سنديمانا“ سڏيو آهي. بادشاه فاتحانه جوش ۾ اچي سامبس کي قتل ڪرايو، سندس رعيت کي غلام بنايو ۽ متعدد شهرن کي باه ڏئي ساڙي ويران ڪرايو. ان کان علاوه يوناني فاتح هن خطي ۾ قتل عام پڻ ڪرايو. عالمن جي راءِ آهي ته هي راجا سمن قبيلن مان هو ۽ پٽالا، ديبل توڙي ٻيا علائقه سندس ماتحت هئا.(6)

سنڌ جي تاريخ جي پوءِ جي هڪ هزار سالن جي زماني تي اونده جو پردو پيل آهي. ان ڪري سمن جي قبيلي متعلق پڻ اسان کي وڌيڪ ڄاڻ نه ٿي ملي. تاهم ”راءِ“ خاندان جنهن 550ع کان 652ع تائين سنڌ تي راڄ ڪيو، انهن کي پڻ هاڻي ”سمن“ جي قبيلي سان روشناس ڪيو ويو آهي.(7) راءِ گهراڻي جي بادشاهن جي سنڌ شناسي، عوام دوستي، سورهيائي ۽ بهادري عالم آشڪار آهي. سندن حڪومتي دور ۾ سنڌ جي بچاءَ لاءِ چؤطرف قلعا ۽ ڪوٽ اڏيا ويا. راءِ جي بادشاهن ملڪ جي جوڙجڪ جي نئين سر تنظيم ڪئي ته ان ۾ چار صوبا وجود ۾ آندا ويا. هڪ صوبي جو نالو ”برهمڻ آباد“ هو. هي صوبو سماٽ قبيلن جو مرڪز ڏسجي ٿو:

”هڪ برهمڻ آباد ۾، نيرون ڪوٽ کان وٺي ديبل، لوهاڻو يعني لاکه ۽ سمه ايراضين وارو علائقو سمنڊ تائين.“(8)

 ان مان اندازو آهي ته راءِ گهراڻي جي راڄ ۾ هنن قبيلن کي خاص اهميت حاصل هئي. هنن قبيلن جو واسطو ٻڌ ڌرم سان هو ۽ خود بادشاه به گوتم ٻڌ جا پوڄاري هئا. راءِ گهراڻي جي زوال بعد سنڌ تي برهمڻ گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي. راجا چچ جي سرڪار ۾ - چنن، لاکن، سهتن ۽ سمن تي ڪارا قانون مڙهجي ويا. سندن اٿي ويٺي عام لاڳاپن ۽ ملڪي معاملن ۾ دخل اندازيءَ کي گهٽايو ويو. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن عربن سنڌ تي حملو ڪيو، تڏهن هنن سڀني قبيلن حمله آور جي مدد ڪئي. البته جن فردن يا ڪٽنبن اسلام قبول نه ڪيو، انهن سنڌ کي ڇڏي ڀرپاسي جي ملڪن ڏي لڏ پلاڻ ڪئي ۽ اتي وڃي پنهنجون حڪومتون قائم ڪيائون.(9)

عربن سنڌ تي ٽن گهراڻن جي شڪل ۾، اٽڪل روءِ ٽي صديون (712ع-1010ع) حڪومت ڪئي. هن دور ۾ سمن جي ڪنهن خاص ڪردار جو پتو نه ٿو پوي. تاهم سنڌ جي اڪثر قبيلن اسلام قبول ڪيو ۽ ان سان گڏ عربن کان رعايتون وٺي، پنهنجي وجود کي برقرار رکيو. ان بعد سومرن ٽن صدين کان به وڌيڪ (1350ع) عرصو سنڌ تي حڪم هلايو. هن دور ۾ ”سمان“ قبيلي کي درٻار ۾ خاص درجو حاصل رهيو. هو حملي جي صورت ۾ سرزمين سنڌ جي دفاع واسطي سپاه ۽ لشڪر جو بندوبست ڪندا هئا.

سومرن جي سلطنت جي انتها پڻ سندن ابتدا جيان چٽي ڪانهي. چوڏهين صدي عيسوي شروع ٿيندي ئي سومرن جو سياسي زوال شروع ٿي ويو ۽ هتي جي قومي توڙي ملڪي معاملن تي سمن جو قبيلو اثر انداز ٿيڻ لڳو. سومرن جو آخري حاڪم ڪمزور هو. هو محمد تغلق جو ڏن ڀرو ڏسجي ٿو. سندس زماني ۾ بکر ۽ سيوهڻ تي مرڪزي گماشتا مقرر ٿيا ۽ لاهري بندر جي آمدني پڻ دهلي سرڪار جي ضابطي ۾ رهندي هئي.(10) ان دور ۾ آهستي آهستي سنڌ جي سياسي سوچ تبديل ٿي رهي هئي. ان ريت سومرن جي جاءِ تي سمن کي اسرڻ جو موقعو ملي رهيو هو. محمد تغلق جو دور هر قسم جي براين سان ڀريل ڏسجي ٿو. ڏڪار، خونريزي، بغاوتون، بيروزگاري ۽ بدامني- سندن دور جا اهم اهڃاڻ آهن. مشهور مؤرخ برني ان متعلق لکي ٿو ته:

”هند ۽ سنڌ ۾ قحط ۽ وبا، بغاوتن ۽ سرڪشين، بدامني ۽ سياسي ابتري سبب عوام سرڪار کان نفرت ڪندو هو. خاص ۽ عام، دانشمند ۽ درويش، ڪلرڪ ۽ منشي، رذيل ۽ شريف، سوداگر ۽ هاري، ڪمي ۽ ڪاسبي هر طرف پريشان هئا. هر طبقي ۽ گروه ۾ ابتري، پريشاني، تفرقو ۽ نفاق هو. ڪي ڏڪر سبب پي مئا ته ڪي وبا ۾. ڪي سياست سبب پي ڪٺا ته ڪي لڏ پلاڻ ۾ مصروف هئا. ڪي جهنگلن طرف ٿي ويا ته ڪن وري جبلن ڏي رخ رکيو هو.“(11)

اهڙي طرح هند – پاڪ جو سمورو علائقو سياسي طرح افراتفريءَ جو شڪار ڏسجي ٿو. ملتان، سنڌ، گجرات، ديبال پور، دهلي ۽ بنگال – مطلب ته پوري ننڍي کنڊ ۾ بغاوتن منهن ڪڍيو. ماڻهن بادشاه کي بلڪل پسند نه ٿي ڪيو. هر طرف لڏ پلاڻ سبب تباهي ۽ بربادي پي ڏٺي. محمد شاه تغلق عدل ۽ انصاف، سياست ۽ ڏاهپ توڙي عقل ۽ تدبر جي راه ڇڏي، ظلم، وحشت، بربريت ۽ خونريزي طرف لاڙو رکيو هو. هن پس منظر ۾ دهلي سلطنت جي ڏاڍاين ۽ دست اندازي سبب، پهرين منظم بغاوت سنڌ ۾ ٿي.

دهلي سلطنت سن 1323ع ۾ ملڪ رتن نالي هڪ غير مسلم کي سيوهڻ ۾ عملدار مقرر ڪيو. هو وڏو هوشيار ۽ علم حساب جو گهڻو ماهر هو. بادشاه کيس علم ۽ جاگير سان گڏ ٻين نعمتن سان پڻ نوازيو هو.(12) هن مقرريءَ سيوهڻ ۾ زبردست بي آرامي پيدا ڪئي. ان ڪري امير قيصر رومي ۽ ملڪ انڙ ارڙهن سؤ سوارن جو لشڪر وٺي ملڪ رتن تي حملو ڪيو. جنگ ۽ جدل ۾ رتن قتل ٿي ويو ۽ سندس مال متاع تي قبضو ڪيو ويو. هن سوڀ جي خوشيءَ ۾ عوام هڪ وڏو جشن ملهايو ۽ انڙ کي پنهنجو سردار تسليم ڪيو. سنڌ جي سياست ۾ سمن جي قبيلي جي هيءَ پهرين ڪاميابي هئي. هتان ئي کين سنڌ ۽ سلطنت ٺاهڻ جو موقعو مليو.

جيئن ئي ملڪ رتن جي قتل جي خبر ملتان پهتي، تيئن اتان عماد الملڪ سرتيز بغاوت کي ڪچلڻ لاءِ سيوهڻ تي مقرر ٿيو. فيروز انڙ صورتحال جي شدت ڏسي، ٺٽي ڏي نڪري آيو ۽ امير قيصر شاهي لشڪر کي منهن ڏنو. مقامي لشڪر ۽ شاهي فوج ۾ چاليهه ڏينهن جنگ جاري رهي. جڏهن سرتيز کي سوڀ جي ڪابه صورت نظر نه آئي، تڏهن امير قيصر طرف پاڻ صلح جو پيغام موڪليائين. امير قيصر صلح کي قبول ڪري هٿيار ڦٽا ڪيا. آخر ۾ سرتيز کيس گرفتار ڪري قتل ڪرائي ڇڏيو. ان بعد سيوهڻ ۾ عام قتل جو حڪم ڏنو ويو. ابن بطوطه مشهور آفريقي سياح پيدا ٿيل صورتحال بابت لکي ٿو ته:

”تڏهن ساڻن وعده خلافي ڪري، سندن مال ضبط ڪري، انهن جي قتل جو حڪم ڏنائين. پوءِ هر روز انهن مان چونڊ ڪري ڪن کي قتل ڪرائيندو هو ۽ ڪن جون کلون لهرائي، اهي کلون بهه سان ڀرائي قلعي جي ديوار تي لٽڪائيندو هو، جنهن ڪري قلعي جي اڪثر حصي تي اهي کلون لڙڪنديون هيون، جن کان ڏسندڙ دهلجي ويندا هئا. انهن جون سسيون وري وچ شهر ۾ گڏ ڪرايون هئائين، جيڪي هڪ ٽڪري وانگر پي لڳيون.......“(13)

ان ريت عماد الملڪ سرتيز سخت ترين قدم کڻي، سيوهڻ تي مرڪزي قبضو بحال ڪيو. ان هوندي به لاڙ تي فيروز انڙ ۽ همير سومرو حڪمراني ڪري رهيا هئا. چند سال پوءِ ملتان ۾ بغاوت ٿي. تڏهن سلطان محمد پنهنجي سر ان جي خاتمي لاءِ روانو ٿيو. ملتان ۾ شاهي لوڌي نالي هڪ امير، اتان جي نائب بهزاد کي قتل ڪيو ۽ قوام الملڪ کي تڙي ڪڍيو. ان ريت شاهو لوڌي ملتان جو حاڪم بنيو. بادشاه شاهو لوڌيءَ جو خاتمو ڪري، ٻين بغاوتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ملتان روانو ٿي ويو.

سلطنت هند ۾ سال1347ع ۾ هڪ اهم واقعو پيش آيو. هن واقعي بادشاه جي ته پڄاڻي ڪئي، ليڪن ان سنڌ جي سياست ۽ جيوت تي به گهرو اثر ڇڏيو. ان سال ”طغي“ نالي بادشاه جي هڪ غلام بغاوت ڪئي. بغاوت ڪرڻ سان باغي گجرات پهتو. بادشاه محمد تغلق کيس سيکت ڏيڻ لاءِ گجرات روانو ٿي ويو. سلطنت هند جو هي باغي آخرڪار کنڀات، ڀڙوچ، گرنار، لکپت، جاتي ۽ موجوده سجاول کان ٿيندو ننگر ٺٽي پهتو، جتي سومرن حاڪمن کيس پناه ڏني. رستي ۾ ڪڇ جي جاڙيجن سمن طغيءَ جي مدد ڪئي. بادشاه جهونا ڳڙه ۾ پنهنجي اميرن ۽ جنرلن جي هڪ اهم گڏجاڻي ڪئي. آخرڪار سلطنت هند جو ڪثير لشڪر سومرن ۽ باغيءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ سنڌ طرف روانو ٿيو. ان سان گڏ بادشاه جي حڪم موجب دهلي ۽ ملتان مان فوج ۽ ٻيڙن جو وڏو تعداد پڻ ٺٽي طرف موڪليو ويو. دهلي سلطنت، سنڌ جي ڪامياب مهم لاءِ وچ ايشيا جي منگولن کان پڻ فوجي مدد طلب ڪئي، محمد تغلق گرنار، ننگر پارڪر، ڏيپلو، مٺي، ڊگهڙي، ٺري ۽ ملان ڪاتيار کان سفر ڪندي سونڍا شهر وٽ اچي منزل انداز ٿيو. هن ڪڇ جي طرف کان اچڻ ۾ زبردست خوف محسوس ڪيو. سنڌ طرف هن قسم جي لشڪر ڪشي مايوسي پيدا ڪئي ۽ سمن قبيلن مان ڪجهه ڪٽنبن ڪڇ طرف لڏ پلاڻ جي تياري ڪئي. محمد تغلق ۽ منگول اڃا ٺٽي تي حملي جي تياري ڪري رهيا هئا. تڏهن 20 مارچ 1351ع برابر 21 محرم 751هه تي سونڍا وٽ بادشاه فوت ٿي ويو.

محمد تغلق جي اوچتي موت لاءِ جدا جدا رايا ڏنا ويا آهن. مصنفن جي هڪ راءِ موجب محمد تغلق جي وفات پڦلي جي خوراڪ سبب ٿي هئي.(15) جڏهن ته ٻي راءِ موجب سندس خاتمو هڪ ڳجهي سازش تحت ٿيو هو، جنهن ڪري کيس زهر ڏئي ماريو ويو هو.(16)

محمد تغلق جي اوچتي موت سبب صورتحال تبديل ٿي وئي. هندستاني لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو. سنڌ تي حملي لاءِ گهرايل منگولن جي فوج، هاڻي خود هندستانين کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. برني لکي ٿو ته:

”ٺٽي جا فسادي پٺيان خيمي تي ٽٽي پيا. لشڪر جا ماڻهو سوار ۽ پيادا توڙي مرد ۽ عورتون سڀ ڇڙوڇڙ ٿي ويا. ان ريت ڪوچ ڪندي، لشڪر تي مصيبت نازل ٿي. جيڪڏهن لشڪر اڳتي هليو ٿي ته کين مغلن ٿي لٽيو ۽ جي پوئتي ٿي هٽيو ته ٺٽي جي فسادين ٿي کين ڦريو.“(17)

ضياءُ الدين برني درٻاري مؤرخ هو، ان ڪري هن ٺٽي ننگر جي رهاڪن لاءِ فسادي اکر ڪتب آندو آهي. ابتدا کان ڪري درٻار جي مؤرخن هيڻن ۽ ڪمزورن لاءِ ڪڏهن به همدردي نه ڏيکاري آهي. ان ڪري برنيءَ تي به تعجب نه کائڻ گهرجي. محمد شاه جي موت بعد فيروز تغلق لاءِ شاهي سيج تيار ٿي. فيروز وڏي تڪليف ۽ پريشانيءَ ۾ سيوهڻ پهتو، جتي قلندر شهباز جي مزار جي ڀر ۾ فوت ٿي ويل بادشاه کي امانت طور دفنايو ويو. سنڌ ڇڏڻ کان اڳ فيروز ڪجهه نين مقررين جو اعلان ڪيو. مير علي شير موجب: ساڱره ڍنڍ تي امير نصر مقرر ٿيو، جنهن پوءِ نصرپور جو شهر اڏايو. هتي ملڪ بهرام فوجدار بنيو. سيوستان لاءِ ملڪ علي شير ۽ ملڪ تاج الدين ڪافور ۽ بکر لاءِ ملڪ رڪن الدين ۽ ملڪ عبدالعزيز مقرر ٿيا. ان سان گڏ بادشاه سموري سنڌ لاءِ ملڪ رڪن الدين کي خاص نائب مقرر ڪيو ۽ کيس ”اخلاص خان“ جو لقب پڻ مليو. (18) فيروز سيوهڻ ۾ ڪجهه ماڻهن کي وظيفا، انعام ۽ اڪرام ڏنا. ان کان علاوه فيروز تغلق سيوهڻ ۾ صوفي بزرگ لعل شهباز قلندر جي مزار تي روضي جي اڏاوت جو به حڪم ڏنو. ڪم جي نگراني ملڪ رڪن الدين کي سونپي وئي. هي مقبرو سن 1358ع ۾ ٺهي راس ٿيو. اندازو آهي ته اتر ۽ وچ سنڌ تي دهلي سلطنت جو اثر گهڻو وقت جاري رهيو، جڏهن ته لاڙ تي سومرن جي حڪمراني قائم رهي. فيروز تغلق دهليءَ طرف وڃي رهيو هو ته واٽ تي کيس باغي غلام طغيءَ جي قتل جي خبر ڏني وئي. فيروز تغلق جي هيءَ ناڪام مهم هئي. تاهم ايندڙ پروگرام ۾ سنڌ جي فتح کي اوليت حاصل رهي.

ٻئي طرف شاهي لشڪر جي ناڪامي ۽ واپسيءَ تي سومرن ۽ سمن سک جو ساه کنيو. هن واقعي کان ٿورو اڳ درياه سنڌ جي رستي تبديل ٿيڻ سان تختگاه ”محمد طور“ برباد ٿي چڪو هو ۽ ان ريت ”ننگر ٺٽو“ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بنجي ويو. درياهي ڦير گهير سبب سنڌ جو اوڀر واصو حصو ڪافي حد تائين برباد ٿي چڪو هو ۽ اولاهون حصو سرسبز ٿي ويو. هن زماني ۾ ننگر پارڪر ويران ٿيو ته هتان جا واپاري پهرين ڀوڏيسر ۽ پوءِ گجرات طرف لڏي ويا. هن تڪليف واري دور ۾ سومرن ۽ سمن ۾ مڪمل اتفاق ڏسجي ٿو. تمام جلد حالات تبديل ٿيا. ان ريت سومرن جو زوال شروع ٿي ويو ۽ سندن جاءِ سمن والارڻ شروع ڪئي. سومرن جي پڄاڻي ۽ سمن جي سلطنت برباد ٿيڻ بابت اسين ايندڙ صفحن ۾ بحث ڪنداسين.


 

 

 

 

حوالا ۽ حاشيا

 

(1)              مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ ترجمو مخدوم امير احمد ص121-122 سنڌي ادبي بورڊ 1976ع.

(2)             ايڇ – ٽي – ليمبرڪ ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ترجمو: سليم احمد ص38 سنڌي ادبي بورڊ 1982ع

(3)             مولائي شيدائي ”تاريخ تمدن سنڌ“ سنڌ يونيورسٽي پريس 1959ع ص103

(4)             مير علي شير قانع تحفة الڪرام (سنڌي) ص122-123

(5)              ”جامع سنڌي لغات“ جلد ٻيون ص942 سنڌي ادبي بورڊ 1981ع

(6)             ”تاريخ تمدن سنڌ“ ص103

(7)             ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ“ ص4 سال 1978ع

(8)             علي ڪوفي ”چچ نامہ“ فارسي طبع جديد ص10

(9)             ايم ايڇ پنهور ”سنڌ ڪڇ رليشنس“ ص8 سال 1980ع

(10)         ”ابن بطوطه جو سفر“ ص14 ترجمو محمد ابراهيم عباسي، سنڌي ادبي بورڊ 1976ع

(11)          ”تاريخ فيروز شاهي“ (اردو ترجمو) ص799-800

(12)         ”ابن بطوطه جو سفر“ (سنڌي ڇاپو) ص10

(13)         ”ابن بطوطه جو سفر“ ص11-12

(14)         ايم ايڇ پنهور ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص300-301

(15)          ”تاريخ فيروز شاهي“ (اردو ترجمو) ص741-742

(16)         ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ص304-305

(17)         ”تاريخ فيروز شاهي“ ص754

(18)         ”تحفة الڪرام“ سنڌي ڇاپو ص89-90

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org